• ابن الياس سومرو
منهنجي لئبرري
پريت جا گيت
سنڌي زبان جي خدمت، جهڙي سندرساهتيه منڊل، سنڌي
مسلم ادبي سوسائٽيءَ ۽ رتن ساهتيه ڪراچيءَ ڪئي،
ان جو مثال همعصر ادارن وٽ ڪونه ٿو ملي. بيشڪ
ٻيون به ڪيتريون ادبهي انجمنون ۽ ساهتيه منڊليون
وجود ۾ آيون، مگر اهڙو بامقصد ادب ڪنهن به پيش
نه ڪيو.
هي ڪتاب جيڪو هن وقت منهجي هٿ ۾ آهي، سو مسٽر
منگهارام ملڪاڻيءَ جو لکيل نالي ”پريت جا گيت“
آهي، جو 1940ع ۾ حيدرآباد مان خريد ڪيو هئم.
ڪتاب ڀائيبند پريس شاهي بازار حيدراباد ۾
پيتامبرداس ڇپيو ۽ رتن ساهتيه منڊل جي منتري
چوهڙمل هندوجا ڇپايو.
ڪتاب ٻياسي صفحن جو آهي. ڇپائي ۽ ترتيب جي لحاظ
کان واقعي سانڍي رکڻ جهڙو آهي. منجهس آرٽ جون
چار عمديون تصويرون پڻ آهن ۽ ان وقت جي ناميارن
چترڪارن واسواڻي، رام گوپال ۽ ستيندر جي موقلم
جو نتيجو آهن.
تصويرون سامهون لکيل مضمون جو ڄڻ ته تت آهن.
تصويرون پنهنجي ڊول جي لحاظ کان اهڙيون ته سليس
آهن، جو آرٽ کان ناواقف ماڻهو به جيڪر حظ حاصل
ڪري سگهي ٿو. اها خوبي اڄڪلهه جي سنڌي ڪتابن ۾
گهڻي ڀاڱي اڻلڀ آهي.
’پريت
جا گيت‘ ڪتاب اصل ۾ بنگالي زبان جي مشهور شاعر
ربيندرناٿ ٽئگور جي انگريزي ڪتاب ”گارڊنر“ مان
سنڌي ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي مسٽر منگهارام
ملڪاڻيءَ واندڪائيءَ ۾ ويهي لکيو آهي. ان وقت
ملڪاڻيءَ جي جواني هئي، هو واندڪائيءَ ۾ پنهنجين
ٻنين تي وڃي تنهائيءَ ۾ وهندو هو. دل ۾ امنگ هئس
۽ زمانو اهو هو، جڏهن دماغ آسپاس جي حالتن کان
اثر نه وٺندو آهي. اهو زمانو لڳ ڀڳ
1930ع
ڌاري جو هو، پر ڪتاب ڇپجڻ جو سال 1940ع آهي.
يعني ليکڪ جڏهن عمر ۾ موٽ کاڌي هئي، جيئن سڀڪو
جوڀن جا ڏينهن ياد ڪندو آهي، تيئن ملڪاڻي صاحب
به عمر جي وهين ۽ کاتن کي جانچي رتن ساهتيه کي
ڪتاب ڇپائڻ جي موڪل ڏئي.
انهيءَ عرصي اندر مسٽر لالچند امرڏني مل جو ڪتاب
پڻ ميدان تي نروار ٿي چڪو هو، مگر ان جي ترجمي ۽
ملڪاڻيءَ جي ترجمي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
مون ٻنهي صاحبن کي ڏٺو هو. ملڪاڻي صاحب بسنت هال
جي نوجوان اديبن لاءِ هڪ آزمودگار اديب جي حيثيت
۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس بت تي ڪاري شيرواني تمام
ٺهندي هئي. چهري جي خاموشيءَ ۽ زياده سنجيدگيءَ
مان آءُ ان وقت سمجهندو هوس ته ڪا مجاز جي چڻنگ
لڳل اٿس، جا ڳالهه پوءِ هن جي لکيتن مان ظاهر ٿي.
ان وقت جي سنڌي ادب جي پارکن مان مون کي ملڪاڻي
هڪ اهڙو اديب نظر آيو، جو سنڌيءَ کي هروڀرو
سنسڪرت ڏانهن ڪين گهليندو هو، پر مناسب هنڌن تي
پنهنجين لکيتن توڙي سنڌي ڳالهه ٻولهه ۾ عربي
فارسي لفظ فراخدليءَ سان استعمال ڪندو هو. اهوئي
سبب هو جو اسين نوجوان مسلمان اديب، صوفي ڄيٺمل
پرسرام گلراجاڻيءَ ۽ ملڪاڻي صاحب جي ليڪچرن تي
گهڻو توجه ڏيندا هئاسين. اهي صاحبان هاسيڪار ۽
ڄاڻي ٻجهي سنسڪرت ۽ هنديءَ جا ڳاٽي ڀڳا لفظ ڪم
ڪين آڻيندا هئا.
ملڪاڻي صاحب جو پنهنجي استاد ۽ مشهور اديب
ڀيرومل مهرچند تي پورو ڀروسو هو ۽ مٿس ان جي
لکيتن جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. ”پريت جا گيت“
ڪتاب کي مهاڳ لکڻ لاءِ ڪاڪي ڀيرو مل کي پيش
ڪيائين. ڀيرومل مهاڳ ۾ ملڪاڻيءَ جي تعريف ڪندي
خاص طور اصل خيال جي ترجمانيءَ بابت هيئن لکيو
آهي:
”مسٽر
ملڪاڻيءَ کي انهيءَ ڪري جس آهي، جو اصلوڪا خيال
قائم رکيا اٿس ۽ منهنجس مروت سروٽ ڪئي اٿس. ٻولي
جيڪا ڪم آندي اٿس سا به وري بابوءَ جي شاعراڻي
نموني جي آهي.“
( 1 )
لڄ جي ماري
منهنجي بستري جي ڀروارو ڏيو جڏهن اجهامي ويو،
تڏهن پرڀات جي پکين سان گڏ مان به جاڳيس،
پنهنجي کليل کڙڪيءَ تي اچي بيٺيس.
منهنجي ڇڙيل وارن ۾ هڪ تازو هار پيو هو.
هو نوجوان مسافر، اسر جي گلابي ملڪ ۾ رستي تان
پي آيو.
ڳچيءَ ۾ موتين جي مالها پيئي هيس.
۽ سورج جا تروارا سندس ڇت تي پئي چمڪيا.
منهنجي در آڏو اچي بيٺو.
۽ سِڪ ڀرئي سڏ سان پڇيائين: هو ڪٿي آهي؟
لڄ جي ماري، مون کان ائين نه اڪلي ته:
’اها
آءٌ آهيان، نوجوان مسافر، اها آءٌ آهيان!‘
( 2 )
منهن اونداهي هئي، ڏيئي تي وٽ ڪانه چڙهي هئي.
مون بي خيالو ويٺي پنهنجهي چوٽي ڪئي.
هو نوجوان مسافر، لهندر سج جي سوجهري ۾ رٿ تي
سوار ٿي آيو.
سندس گهوڙن جي وات مان ڦيڻ پئي ڳڙِي،
۽ سندس وستر ڌڌڙ ۾ ڀريا پيا هئا.
منهنجي در وٽ اچي نٿو.
۽ جهيڻي آواز ۾ پڇيائين: ’هوءَ ڪٿي آهي؟“
’اها
آءٌ آهيان، ماندا مسافر، اها آءٌ آهيان!‘
( 3 )
چيٽ جي رات آهي، منهنجي ڪوٺيءَ “ ڏيئو پيو ٻري؛
ڏاکڻي هوا ماڻي ماٺي پيئي لڳي.
بڪبڪيو طوطو پڃري ۾ ستو پيو آهي.
مورَ ڳچيءَ جي رنگ جهڙي چولي پيل اٿم.
۽ چهچ گاهه جهڙي گهگهري پهريل اٿم.
پنهنجي دريءَ اڳيان پٽ تي ويٺي آهيان،
۽ ڀڙڀانگ گهٽيءَ ۾ پيئي واٽ نهاريان.
ساري اونداهي رات پيئي اهيئي اکر چاريان:
’اها
آءُ آهيان، نااميد مسافر، اها آءُ آهيان!‘
نه ڄاڻان ٿو
پاڻيءَ جي پاسي ۾ جا جهوپڙي آهي،