ادب ۽ زندگي
[ادب لطيف]
آسڪروائلد جا شاهڪار لفظ
[عام طرح سان چئبو اهي ته ’فلاڻي درياءَ کي ڪوزي ۾
بند ڪيو آهي.‘ اها چوڻي عام آهي، پر آهي گهڻو ڪري
شاعرانه. مختصر جملن ۾ زندگيءَ جي پيچيده ۽ مشڪل
مسئلن کي بيان ڪرڻ کي چست بياني يا ايجازنگاري چيو
وڃي ٿو، ۽ ان صنف کي علم انشاء ۽ معانيءَ ۾ قدر جي
نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ ان کي ايپي
گرام چيو وڃي ٿو. بيان ۽ تحرير جو اهو اعجاز
هروڀرو ناممڪن به ناهي، پر ان سان گڏ اهڙو آسان به
ناهي.
جڳ-مشهور اديب آسڪروائلد جي دعويٰ آهي ته ”مون
هستيءَ ۽ زندگيءَ جي سڀني مسئلن کي چند فقرن ۾
بيان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيڏي ساري ڪائنات کي ايجاز جي
دائري ۾ اندل چند لفظن ۾ نظربند ڪري ڇڏيو اٿم.“
بيشڪ زندگيءَ ۽ ان جي دقيق مسئلن کي اختصار ۽
ايجاز سان بيان ڪرڻ وڏو ڪمال آهي.
آسڪروائلڊ جا ڪتاب اهڙن برجسته ۽ برمحل شاهڪار
جملن سان ڀريا پيا آهن، جن کي هوند گڏ ڪجي ته دفتر
تيار ٿي وڃن. هت سندس چند فقرا نقل ڪجن ٿا، جيئن
حيات جي ترجماني ڪندڙ اديب، فن جي ڪمال کي ڏسن، ۽
ان طرح سوچڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪن.
[غ. م. گ]
آسڪروائلڊ چوي ٿو:
ڪنهن نتيجي کي ’حقيقت‘ چئي کيس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪرڻ جادوگر جو کيل آهي. ان ۾ جيتري شدت پيدا
ٿيندي، اوتري اها ’براءِ نام حقيقت‘ وڌيڪ دلفريب
نظر ايندي.
هن سماج ۾ اندر توڙي ٻاهر مڪر ۽ فريب، دغا ۽ دولاب
سمايل آهي. ان ڪري، اگر ڪو چاهي ته عافيت سان
زندگي گذاري سگهي ته پوءِ هو پنهنجي معصوميت ۽
حقيقت پسنديءَ جي خول مان ائين نڪري ٻاهر ٿئي،
جيئن نانگ پنهنجي کل کي لاهي آزادي ٿيندو آهي. ان
کان پوءِ جيتريقدر ٿي سگهي، اصل ۽ حقيقت کي ڇڏي،
تصنع ۽ تڪلف، بناوٽ ۽ کوٽ سان اڳتي وڌي. بس اها
ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي، باقي ٻيو فريضو ڪهڙو اهي؟
اهو اڄ تائين ڪنهن به معلوم ڪيو آهي.
ماڻهو اهڙين چيزن ڏيندي فياض ۽ سخي ٿا بنجن، جن جي
اصل ۾ کين ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. مفيد شئي ڏيڻ
جي بدران پنهنجو گوشت ڪوري ڏئي سگهن ٿا، ڪو تجربو
ڪري ڏسي!
ماڻهو هر شئي جي قيمت ڪَٿي سگهن ٿا، پر ان جو قدر
نٿا ڄاڻن!
جذبات مان نتيجو اهو ٿو نڪري جو اسان گمراهه ٿي ٿا
وڃون، ۽ سائنس جو نتيجو اهو آهي جو اسان جذبات کان
محروم رهجي ويا آهيون.
صداقت، صداقت نٿي رهي، جڏهن مٿس حد کان زياده يقين
پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
پوڙها هر شئي بناسوچڻ جي مڃين ٿا، اڌڙوت، ٻُڏ-تَر
۾ حيران رهجي وڃن ۽ نوجوان هميشہ شڪ ۾ مبتلا رهن
ٿا.
اها ٻاراڻي وَهي، جا ڳالهه جي پيچ کي جهٽ پٽ سمجهي سگهي، ان کي
’زود رس‘ چئجي. آخر اهو جوان ئي ڪهڙو جنهنجي نگاهه
دور ر نه هجي!
عشق جي ابتدا به خودفريبي، ان جي انتها آشنافريبي.
اها آهي کليل حقيقت، جنهن کي جديد لغت ۾ ’رومان‘
ٿا سڏين.
’امتحان‘
هڪ قسم جي ٺڳي آهي، ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته ڪو
پڙهيل ماڻهو علم ۽ ڄاڻ جي قئي ڪري سگهيو هجي!
انسان هميشہ حماقتون ڪري ٿو، پر نيت سندس نيڪ
هوندي آهي.
ائين نه چوڻ گهرجي ته زندگيءَ ۾ ڪو ساءُ ۽ سوادئي
نه رهيو آهي. ائين چوڻ سان اهو اقرار ٿو ڪجي ته
چوندڙ جي زندگي ختم ٿي چڪي آهي.
عورتون، مردن جي خامين ۽ ڪمزورين سان عشق ڪن ٿيون.
جيستائين اسان جون خاميون سلامت آهن، تيستائين
سڀڪجهه نظر انداز ڪنديون اينديو، ويندي اسان جي
نيڪين تائين!
انسان خوش آهي ته پوءِ سدائين نيڪ پيو ڏسبو، پر جي
نيڪ آهي ته پوءِ خوش نٿو رهي سگهي.
روح ۽ جسم، جسم ۽ روح، قدرت پاران ڳجهارتون آهن.
جي ماڻهو انهن ۾ فرق ٿا پيدا ڪن، سي حقيقت ۾ مرده
آهن، منهنجن نه جسم آهي ۽ نه روح!
سچ ڳالهائڻ تڪيف پهچائيندر چيز آهي، پر ڪوڙ
ڳالهائڻ تي مجبور ٿيڻ، اڃا به وڌيڪ تڪليف رسائيندڙ
حقيقت آهي.
عمل، زندگيءَ جو الم انگيز حصو آهي ۽ لفظ ان کان
وڌيڪ الم انگيز.
اشتراڪيت مان وڏو فائدو هي ٿيندو، جو محض ٻين جي
خاطر بدمزگيءَ سان زندگي بسر ڪرڻ کان نجات ملي
سگهندي.
اڪثر شڪايت ڪئي وڃي ٿي ته غريب ماڻهو، سخاوت جي
احسان مندي گهٽ ٿا مڃين، ۽ اڪثر بغاوت شعار ٿين
ٿا. آخر ڇو نه؟ آخر اهي شڪرگذاري ڪيئن ڪن، جڏهن
کين ڪڏهن ڪڏهن ڌنوان جي اوبر نصيب ٿي ٿئي؟ نه ته
هميشہ بکن ۽ فاقن ۾ ڳرندا ٿا رهن.
ڪنهن هاريءَ ۽ پورهيت کي ڪفايت شعاريءَ جي سبق
ڏيڻ، بيوقوفي ۽ بداخلاقي آهي. سمجهو ٿا ڇو؟ اوهان
سڀڪجهه سمجهو ٿا!
’فن‘
مبالغي جوئي هڪڙو روپ آهي، ۽ ’انتخاب‘ جو فن جي
جان آهي، اهو تاڪيد جي شدت مان پيدا ٿيل مبالغه
آميز ڪارب آهي ۽ بس.
’فن‘
جو عمل تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي، ڇو ته ’فن‘ عمل جي
قوتن کي سلب ڪري ڇڏي ٿو. ’فن‘ جي وڏي خوبي آهي،
بربادي ۽ بي ثمري، بُک ۽ سچائي.
فن ۽ ان جي تخليق جي ساري لذت، رڳو سندس ذات سان
وابستہ آهي. ٻيو ته محض ان لذت ي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا
تخليق جي ساري لذت، رڳو سندس ذات سان وابستہ آهي.
ٻيو ته محض ان لذت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا تخليق ڪرڻي
پوي ٿي. مان ان لاءِ لکان ٿو، ڇا لاءِ ته لکڻ سان
مون کي انتهائي فنڪارانه لذت حاصل ٿي ٿئي.
فنڪار چون ٿا ته ’فن‘ اسان کي فطرت آشنا ڪري ٿو ۽
ان سان گڏ پوشيده اسرارن کي، اسان تي کولي ٿو ڇڏي،
ليڪن منهنجو تجربو هي آهي ته فن جو مطالعو جيترو
گهڻو ۽ گَهرو هوندو، اوترو فطرت جا راز سطحي ۽ ڪم
مايه نظر ايندا!
زندگي جڏهن فن تي چانئجي ٿي وڃي، تڏهن ’فن‘ ڪنهن
ويراني ۾ وڃي ٿو منهن لڪائي. حقيقي زوال اهوئي
آهي. اڄ جا فنڪار ان زوال جو شڪار آهن.
ڪي سطح بين ماڻهو ڪن وقتن تي چوندا آهن ته ’حسن‘
هڪ سطحي چيز آهي، مان چوان ٿو ته حسن ايترو ته
سطحي ناهي، جيترو بي روح سجدو ۽ سلام. |