•
ڪهاڻيڪار: ڪرسن چندر
سنڌيڪار: محمد دائود بلوچ
ڏهين جو نوٽ
مان 8-نومبر 1946ع ۾ ناسڪ شهر ۾ پيدا ٿيس، ليڪن
مونکي اتي رهڻ جو موقعو تمام گهٽ مليو. مان هڪ
آواره سيلاني آهيان، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ گهمندو
رهيو آهيان. ۽ سدائين چڪر ۾ آهيان. جتي وڃان ٿو
ماڻهو مون کي هٿون هٿ کڻي ٿا وٺن، ۽ مرڪندڙ چهري
سان منهنجو استقبال ڪندا آهن. هن دنيا ۾ منهنجو
ڪوبه دشمن نه آهي، سڀ دوست آهن. سڀئي مون کي
چاهين ٿا. مون پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه
ڏٺو، سکيو ۽ وڃايو. ليڪن پنهنجي زندگيءَ جي
بيشمار تجربن جي باوجود هڪ ڳالهه بنان کٽڪي جي
چئي سگهان ٿو. ته پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ مون جيڪا
شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي؛ سا تمام ٿورن کي نصيب
ٿي. اڄ تائين ڪنهن وڏي سياسي ليڊر يا فلم اسٽار
کي به ايتري مقبوليت نه ملي، جا مون کي ملي آهي.
ٻچو ٻچو مون کي سڃاڻي ٿو ۽ مون سان محبت ڪري ٿو:
”مان
ڏيهن جو نوٽ آهيان.“
ڪيترن مهينن تائين مان مشهور فلم اسٽار شهزاديءَ
جي ڊرائنگ روم فقير بابا جي فريم ۾ رکيل تصوير
مٿان پيل هار ۾ ٽنگيل هوس. شهزادي، فقير بابا کي
تمام گهڻو مڃيندي هئي. هن ڏهين رپين جو نوٽن سان
پنجن سَون رپين جو هار فقير بابا جي فريم ٿيل
تصوير تي وڌو. شهزاديءَ جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ
(جو دراصل هن جو ڀاءُ نه پر پٽ هو.)
گهر جو لاڏلو هو، گهر جا ڀاتي هن کي پيار مان مُنو چوندا هئا.
ائين ته مُنوءَ کي سندس ماءُ ۽ شهزادي کيسي جي
خرچي ڏينديون هيون؛ ليڪن مُنو دادلن ٻارن جيان
تمام گهڻو خرچائو هو. هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان
سواءِ، فقير بابا کان به پئسن وٺڻ جو طريقو
ايجاد ڪري ورتو. هو بلڪل ذهين ڇوڪر هو. جڏهن
ماڻس ۽ ڀيڻس کيس کيسي جي خرچي نه ڏينديون هيون،
يا سندس خرچي ختم ٿي ويندي هئي، تڏهن هو سڀني
کان لڪي هڪ ڪرسيءَ تي اسٽول رکي فقير بابا جي
تصوير تائين پهچي ويندو هو. ۽ هٿ جوڙ ڪري چوندو
هو: ”فقير بابا! اڄ پوُري کائڻ تي دل ٿي آهي.
جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته تنهنجي هار مان هڪ رپيو
کڻان.“
”کڻان
نه؟“
”بس،
هڪ رپيو کڻندس صرف هڪ رپيو، وري ڪڏهن به ڪونه
کڻندس.“ ان کان پوءِ مُنو کي ائين محسوس ٿيندو
هو، ته فقير بابا تصوير مان گهوري کيس نهاري
رهيو آهي ۽ کيس رپيي ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي رهيو
آهي. ان کان پوءِ هو تصوير کي چمي ڏيئي هار مان
نوٽ ڪڍي هليو ويندو هو.
ڪافي عرصي تائين ائين ٿيندو رهيو. ڪڏهن پورين
لاءِ، ڪڏهن آئسڪريم لاءِ، ڪڏهن ڦوڪڻن لاءِ، ڪڏهن
دوستن کي قرض ڏيڻ لاءِ هار مان نوٽ نڪرندا رهيا.
شروع شروع ۾ ته خبر ڪانه ٿي پيئي. آهستي آهستي
هار خالي ٿيندو رهيو، وچ وچ مان گنجو ٿيڻ لڳو.
هڪ ڏينهن عين انهيءَ وقت هو پڪڙيو ويو، جنهن وقت
ڪرسيءَ تي اسٽول رکي هو مون کي هار مان ڪڍي رهيو
هو. شهزاديءَ کي ان کان اڳ نوڪرن تي شڪ هو. جڏهن
هڪڙو نوڪر شهزاديءَ کي سڏي آيو. تڏهن شهزادي نوٽ
هٿن مان ڦري پنهنجي پرس ۾ وڌو، پر سڄو هار لاهي
هن پرس ۾ رکيو،
۽ مُنو کي ٻه-ٽي چماٽون هڻي ڪڍيائين. مُنو شهزاديءَ جي گود ۾
ڦٿڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، ته
شهزادي هن کي وري مارڻ لڳي، تنهن تي ماڻس دوڙندي
ڊرائنگ روم لنگهي آئي، مُنوءَ کي کڻندي غضبناڪ
آواز ۾ چيو:
”اي،
هي ڇا ٿي ڪرين. پنهنجي جگر ۾ ٽڪر تي ايترو ظلم
ٿي ڪرين. صرف ڏهن رپين جي ڪري پنهنجي پٽ تي ائين
هٿ لائيندي توکي شرم نٿو اچي!“
چوڻ لاءِ ته ماڻس غصي ۾ چئي ويئي. مگر
ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن پنهنجي غلطي محسوس
ڪئي. ماڻس ڏندين آڱريون ڏيئي ۽ شهزادي وات تي هٿ
ڏيئي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳيون. اتفاق سان ان
وقت ڊرائنگ روم ۾ ماءُ، ڌيءَ ۽ پٽ کان سواءِ ٻيو
ڪوبه موجود ڪونه هو. شهزاديءَ جي بدن ۾ ساهه
پيو، ماڻس شرمندي ٿي. مُنو هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن
هنيو پيو هو، ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو
مُنو مٿو مٿي کڻي شهزاديءَ طرف ڏٺو ۽ سڏڪا
ڀريندي چيو:
”مون
کي ڏهه رپيا ڏي، نه ته مان سڀني کي ٻڌائيندس ته
آءٌ امان جو پٽ نه آهيان، بلڪ شهزاديءَ جو پٽ
آهيان.“
پنهنجي ماءُ کان ڏهه رپيا وٺڻ کان پوءِ هن ۾
نئين تازگي اچي ويئي. هو پنهنجي ناني جي گود مان
اُٿيو ۽ ٻاهر آئسڪريم کائڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
مان هن جي زندگيءَ ۾ پهريون بليڪ ميل ٿيو هوس ته
ڇا ٿيو، اڃا ته هن جي عمر ست سال آهي.
آئسڪريم ۽ مِلڪ بار جي ڪائونٽر کان پوءِ مان
فيروز ۽ خانم وت پهتس، جيڪي ملڪ بار مان آئسڪريم
کائي نڪتا هئا. دڪان کان نڪرڻ شرط خانم کي
يادگيري آئي ته هنن جي ڳوٺ ۾ گيهه به بليڪ ۾
هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هن ڀرواري واڻيي جي دڪان تان گيهه جو
هڪڙو دَٻو خريد ڪيو هو. مون کي مسز ايڊال جي
حوالي ڪيو ويو، مسز ايڊال مون کي هڪڙي دڪاندار
جي حوالي ڪيو، جنهن کان هن پنهنجي نئين ڊرائنگ
روم لاءِ پردن جو ڪپڙو خريد ڪيو هو. انهيءَ دڪان
تي منظور ڪلارڪ پنهنجي زال بتول سان بيٺو، گهر ۾
ننڍڙي ٻار جي پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ضروري
ڪپڙو خريد ڪري رهيو هو. هن ٻار جي پوتڙن، فراڪن،
چڍين ۽ ننڍين ننڍين رنگدار ٽوپين لاءِ ڪپڙو خريد
ڪيو. انهن سان، مان شربت واري جي دڪان تي آيس،
ڇاڪاڻ ته بتول کي اُڃ لڳي هئي. پوءِ شربت واري
مونکي هڪڙي اڌروت عمر واري جي حوالي ڪيو، جنهن
هڪٻئي جي پٺيان شربت جا چار گلاس پيتا هئا.
انهيءَ اڌڙوت عمر واري ٻاهر اچي هڪڙي اسٽور واري
کان مٿي جي سور جي گورين جو يڪو دٻو خريد ڪيو.
انهيءَ کي ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو، ته هن کي
سدائين مٿي جو سور رهندو آهي. پر هو خود به دنيا
لاءِ مٿي جو سور هو. گورين خريد ڪرڻ کان پوءِ،
هُو هڪ ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿيو، پنهنجي گهر پهچي هن
مون کي ٽئڪسيءَ واري جي حوالي ڪيو. جنهن وري
پيٽرول پمپ واري کي ڏنو، پيٽرول پمپ واري وري هڪ
اهڙي جوڙي کي ڏنو، جن تازو موٽر خريد ڪئي هئي ۽
ان ۾ چڙهي فلم ڏسڻ پئي ويا. فلم ڏسي مان هنن سان
موٽي رهيو هوس ته وري هڪ ٻئي پيٽرول پمپ تي پهچي
ويس. جتان مان غلام علي موٽر مڪينڪ جي کيسي ۾
پهتس. غلام علي مون کي کڻي حمام واري جي حوالي
ڪيو، حمام واري وري حجام جي حوالي ڪيو، جنهن وري
ڪباب واري جي حوالي ڪيو. ڪباب واري مون کي مسواڙ
۾ ڪيفي دلپسند جي مالڪ جي حوالي ڪيو، جنهن جي
هوٽل جي ٻاهران هو ڪباب وڪڻندو هو. ڪيفي دلپسند
وٽان وري هڪ درزيءَ جي حوالي ڪيو ويس. جنهن بئي
ڏينهن مون کي سيٺ منگهارام جي حوالي ڪيو. جنهن درزيءَ کان هڪ
سوٽ سبرايو هو. منگهارام جي ڪلب ۾ هڪ دڪان هو،
جتان امير ماڻهو ۽ غير ملڪي سياح اچي عمديون ۽
ناياب شيون خريد ڪندا هئا. هانگ ڪانگ کان وٺي
نيويارڪ تائين هن جي مال جي گهرج هئي. شهر کان
ٻاهر ڪيترين ئي جاين تي هن ننڍيون ننڍيون
فئڪٽريون قائم ڪيون هيون. جتي تمام رازداريءَ
سان پراڻي طرز جو مال تيار ٿيندو هو. هڪڙي
فئڪٽري ۾ ستين صدي عيسويءَ جي ’ٻڌ‘ جا بت تيار
ٿيندا هئا. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ ٻه صديون قبل مسيح،
جي ’شيو مهاراج‘ جا بُتَ ٺاهيا ويندا هئا. هڪڙي
فئڪٽريءَ ۾ صرف اهو مال تيار ٿيندو هو، جيڪو
’موهن جي دڙي‘ ۽ ’هڙاپا‘ جي کوٽائيءَ مان نڪتو
هو. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ ’مغلن‘ جي زماني جون شيون
تيار ٿينديون هيون. مثلاً: نورجهان جو عطر، بابر
جي تلوار، جهانگير جو خنجر، جوڏاٻائيءَ جي پوڄا
واري ٿالهي، اڪبر جي منڊي، اورنگزيب جو ٿڪدان، ۽
ممتاز محل جو پاندان، سڀئي شيون سيٺ منگهارام
وٽان ملنديون هيون.
هڪڙي فئڪٽري وري پراڻي ڪاٺ جو تاريخي سامان تيار
ڪندي هئي. اشوڪ جي خوابگاهه جو دراوازو، چندر
گپت جي پلنگ جا پاوا، مهاراٺي پدمڻيءَ جي آرسيءَ
جو فريم وغيره.
هڪ دفعي سيٺ منگهارام جو هڪ سيلزمين، هڪ يورپي
سياح کي ’چنڪيا رشيءَ‘ جي عينڪ ٻارنهن سؤ رپين ۾
وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ۽ سيٺ منگهارام پنهنجي
ملازم جي ڪارڪردگيءَ تي خوش ٿي کيس هڪ سؤ روپيا
انعام ڏنو.
ڪالهه رات سيٺ دڪان مان ڪجهه رقم کنئي، حساب
پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو ٻٽون کوليو، رقم برابر
ڪري هن مون کي به نوٽن سان ملائي سموري رقم هڪڙي
ملازم کي ڏني ته بئنڪ ۾ جمع ڪرائي
اچي. سيٺ جي نوڪر رقم کڻي احتياط سان ڳڻڻ شروع ڪيو ۽ مون کي ڏسي
وائڙو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مان هڪڙن وٽان ٻين وٽ،
ٻين کان ٽين وٽ، ايترو ته ميرو، لڳڙو ۽ ڦاٽل ٿيو
هوس، جو سڀني جي نگاهن ۾ چڀڻ لڳو هوس. ملازم مون
کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي اهوئي ملازم هو جيڪو
گورچانڪيا جو چشمو وڪڻي چڪو هو. ڏسڻ ۾ آءٌ ايترو
ته پراڻو ٿي ويو هوس، جو جيڪڏهن مون تي لکيل
انگريزيءَ وارا لفظ نه هجن ها ته اهو ملازم مون
کي ’محمد تغلق‘ جي زماني جو نوت سمجهي وڪڻڻ لاءِ
تيار ٿي وڇي ها. پوءِ به هو مون کي اٿلائي
پٿلائي ڏسندو رهيو. مان سمجهي نه سگهيس ته آخر
مون ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو مون کي ايترو
گهوري گهوري ڏسي رهيو آهي. فقط ڏهين جو نوٽ
آهيان، نيٺ اهو ملازم مون کي کڻي سيٺ وٽ پهتو.
مون کي سيٺ جي اڳيان رکي هن چيو:
”سيٺ
صاحب! ٿورو غور سان ڏسو.“
سيٺ مون تي سرسري نظر وجهي چيو:
”ڇا
ڏسان، ڏهين جو نوٽ آهي. ڇا توکي سؤ جو نوٽ لڳي
رهيو آهي؟“
سيٺ ملازم ڏانهن ٽوڪ واري انداز سان نهاريندي
چيو.
”ڪجهه
غور سان ڏسو، انڊيا جي ڊي ابتي ڇپجي ويئي آهي.“
سيٺ ڇرڪ ڀري ڏٺو: واقعي منهنجي مٿي تي جتي:
Reserve Bank of India
لکيل هو اتي انڊيا جو لفظ هئين ڇپيل هو INDIA
واقعي
D
جي جاءِ تي D
يعني ابتي ڊي هئي. پوءِ ملازم مون کي سيٺ جي
اڳيان سرڪائيندي چيو: ڏسو، جتي
I Promis to pay bearer on demand
جي اي
(E)
غائب آهي.
”واقعي“
سيٺ مون کي غور سان ڏسندي چيو: ”هي ته…هي ته، هڪ
ناياب نوٽ آهي.“ منگهارام جي دل خوشيءَ مان ڌڙڪڻ
لڳي.
”هن
جي ’ڊي“ ابتي آهي. ۽ ’اِي‘ بلڪل غائب آهي“
اوچتو سيٺ جي دل ۾ هڪ خيال آيو، هن ملازم جي طرف
نهاريندي چيو:
”جعلي
ته نه آهي.“
ملازم خاموش رهيو، سيٺ سوچ بعد چيو:
”تون
هي نوٽ هتي ڇڏي وڃ، مان سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ
چاهيان ٿو.“
منهنجي جاءِ تي هن ملازم کي ڏهين جو ٻيو نوٽ
ڏيئي بئنڪ روانو ڪيو، ۽ پاڻ ڪرنسي آفيس ۾ فون
ڪري. مون کي پنهنجي کيسي ۾ رکي هليو يو. آءٌ
پنجَ، ڇهه ڏينهن سيٺ منگهارام وٽ هيس. هو مون کي
بلڪل حفاظت سان تجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکندو هو. پڇا
ڳاڇا ڪرڻ بعد جڏهن سيٺ کي اطمينان ٿيو. تڏهن هن
منهنجي لاءِ چانديءَ جو هڪ فريم ٺهرايو، مون کي
ان ۾ رکي ملازم کي چيو.
”مون
سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي، هي نوٽ بلڪل اصلي آهي.
ناسڪ مان جاري ٿيو آهي. مگر اکر غلطيءَ کان ڇپجي
ويا آهن. سيريل نمبر جا سڀ نوٽ غلط ڇپجڻ ڪري ناس
ڪيا ويا هئا. مگر ڪنهن ڪارڪن جي غلطيءَ کان هي
نوٽ ڪرنسيءَ ۾ اچي ويو. هي پنهنجي طرز جو واحد
نوٽ آهي. هي سڄي هندستان ۾ بلڪل ناياب نوٽ آهي.
مان اخبارن ۾ هن جو اشتهار ڏيان ٿو ۽ ايندر
مهيني جي نيلام ۾ هن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندس. هن جي جيڪا قيمت وصول ٿي، ان جو پنج سيڪڙو
توکي ڏيندس، ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين هن نوٽ کي تو
سڃاتو آهي.
ملازم هٻڪندي شڪريو ادا ڪيو. ايتري ۾ سيٺ جي
نئين اسٽينو چند ڪاغذ ٽائيپ ڪري حاضر ٿي. سيٺ
منگهارام پهريون خط پڙهندي ئي غصي ۾ لال ٿي ويو.
ٽائيپ جون ايترون غلطيون!
هن طرح لکيو وينديو آهي؟
Promise
جي اِي غائب آهي. ۽ ڊالر جي اي ڪيڏانهن ويئي. گهران ناشتو ڪري
نه ايندي آهين ڇا؟ جو هتي اکر کائڻ لڳي آهين.
اسان جي فرم نيويارڪ تائين بزنس ڪري ٿي، اهڙيون
هِجي جون غلطيون هتي هلي نه سگهنديون. اڪائوٽنٽ
کان پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃ. سيٺ نئين اسٽينو
جي ڏڪندڙ هٿن ۾ ٽائيپ ٿيل ليٽر بنان صحيح جي
ڏيندي چيو.
انهيءَ ڏينهن نيلام ۾ تمام رش هئي. جنهن ڏينهن
منهنجي ٻولي لڳائي ويئي هئي. پري پري کان نادر
شيون خريد ڪرڻ وارا آيا. تمام حيرت، ۽ ڪجهه شڪ ۽
شوق سان مون کي ڏسي رهيا هئا. ليڪن سيٺ منگهارام
شڪ جي ڪابه گنجائش نه ڇڏي هئي. مان چانديءَ جي
چمڪندڙ فريم ۾ سڀني جي اڳيان موجود هوس. چانديءَ
جي فريم هيٺان ناسڪ پرنٽريءَ جو هڪ سرڪاري ڪاغذ
هوا ۾ جهومي رهيو هو؛ جنهن تي اکرن ۾ لکيل هو.
”مان
ڪو جعلي نوٽ نه آهيان، اصلي نوٽ آهيان.“ منهنجي
تاريخ اشاعت به درج ٿيل هئي. سڪ جو ڪوبه سبب
ڪونه هو.
سيٺ منگهارام رڙ ڪري چيو:
”ڏهين
جي نوٽ جي قيمت هڪ هزار رپيا!“
”ٻه
هزار رپيا.“
”ٽي
هزار رپيائيا.“
”ٽي
هزار، پنج سؤ.“
”ٽي
هزار ست سؤ.“
”ٽي
هزار ست سؤ. ٽي هزار ست سؤ.“
”ساڍا
چار هزار.“
”پنج
هزار.“
منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڪهڙي نه عجيب و غريب دنيا
آهي. ڪالهه تائين آءٌ محض ڏهن رپين جو نوٽ هوس.
اڄ منهنجي قيمت پنج هزار رپيا آهي. مون کي اهي
هزارين اکيون ياد آيون جن مون کي ڏٺو هو ۽
منهنجي مٿي تي لکيل لفظن
I promis to pay the bearer on demand the sum
of rupees ten at any office of issue
تي ڀروسو ڪيو.
”ڇهه
هزار رپيا.“
”ست
هزار رپيا.“
”ست
هزار اٺ سؤ روپيا.“
”ست
هزار اٺ سؤ، ست هزار اٺ سؤ…هڪ.“
”اٺ
هزار“، ”نوَ هزار“، ”ڏهه هزار.“
”ڏهه
هزار“ مان حيرت مان ڇرڪي ويس، ڇا منهنجي قيمت
واقعي ڏهه هزار آهي ڪالهه تائين مان فقط ڏهن
رپين جو نوٽ هوس، اڄ قيمت ڏهه هزار ڪيئن ٿي.
اهوئي ساڳيو ڪاغذ جو ٽڪر آهيان. اهو ڪيئن ٿيو!
”تيرهن
هزار، ڇهه سؤ رپيا.“
”تيرهن
هزار، نوَ سؤ رپيا.“
”چوڏهن
هزار.“
”ارڙهن
هزار رپيا.“
هڪڙي چشمي واري سنهڙي نوجوان چيو.
ارڙهن هزار…! هڪ زرد چهري، نٻل جسم، واري مون
طرف ڏٺو. هاڻي منهنجي قيمت ارڙهن هزار رپيا آهي.
ڪالهه تائين مان بناسپتي يهه
جو هڪڙو دٻو به خريد ڪري نٿي سگهيس ۽ اڄ هڪ موٽر
خريد ڪري سگهان ٿو.
”ارڙهن
هزار…ارڙهن هزار…“ سيٺ منگهارام نوجوان کي ڏسي
زور سان چيو. هو هن کي سڃاڻندو هو، اهو زرد چهري
وارو نوجوان ملڪ جي مشهور ڪروڙپتي سيٺ چمن لال
جو پٽ مگن لال هو. مگن لال کي ناياب شين گڏ ڪرڻ
جو بيحد شوق هوندو هو. ۽ هن پنهنجي عاليشان محل
۾ هڪ ’عجائب گهر، بنايو هو، جنهن ۾ هن دنيا جون
ناياب شيون گڏ ڪيون هيون.
هينئر سڀئي ماڻهو پوئتي هٽي ويا هئا، مگن لال جو
مقابلو هڪ آمريڪي سياح سان هو. چارلس ڊولٽل
نيويارڪ ۾ پئريسٽر هو – دنيا جي عظيم تر شاهوڪار
ملڪ جي شهري هو. هو پوئتي نه هٽندو…!
”ويهه
هزار رپيا.“
”ٻاويهه
هزار رپيا.“
”ٻاويهه
هزار رپيا.“ مگن لال چيو.
”پنجويهه
هزار!“ ڊولٽل سگريت دکائيندي بيپرواهيءَ سان چيو.
”ستاويهه
هزار،“ مگن لال پنهنجي سنهڙي آواز ۾ ايترو زور
سان چيو. جو مجموعي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
”ٽيهه
هزار رپيا.“
منهنجها هوش و حواس جواب ڏيڻ لڳا، آخر مون ڇا
ڪيو هو، ڪهڙي تلوار هنئي هئي. ڪهڙي محنت ڪئي
هئي، ۽ ڪنهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينهن-رات ڪم ڪيم.
جنهن جي انعام ۾ منهنجي قيمت ايتري وڌي ويئي،
مگر هي هڪ عجيب ۽ عريب نامعلوم سماج آهي. هتي هر
خوبي خامي آهي. جيڪڏهن اوهان هتي سڌا، سچار ۽
کهرا آهيو ته اوهان جي قيمت ڏهين جي نوٽ کان
وڌيڪ ٿي نٿي سگهي. جيڪڏهن اوهان جي ’ڊي‘ ابتي آهي، ’اي‘ غائب آهي ته اوهان جي قيمت ٽيهه
هزار به ٿي سگهي ٿي. نوٽ جي اسپيل (هِجي،) غلط
هجي ته اهو سڀ کان قيمتي آهي. ماڻهو جي هِجي غلط
هوندي ته آفيس کان ٻاهر ڪڍيو ويندو.
”ٻٽيهه
هزار“ مگن لال غصي مان چيو.
چارلس مرڪيو، هن جو مقابلو هڪ چريي سان هو.
اوچتو ئي اوچتو، انهيءَ نيلام مان هن جي دلچسپي
غائب ٿي ويئي. هو مڙي هڪڙو پراڻو بت ڏسڻ لڳو.
چند منٽن تائين سيٺ منگهارام هن کي متوجه ڪرڻ
لاءِ زور زور سان واڪ ڏيڻ لڳو. ۽ منهنجو خوبيون
وڌائي وڌائي بيان ڪرڻ لڳو. مگر هن آمريڪي سياح
تي ذرو به اٿر نه ٿيو. آخر هن مون کي ٻٽيهه هزار
رپين جي عيوض مگن لال جي حوالي ڪري ڇڏيو.
… … …
سيٺ چمن لال جو ڪانپور ۾ هڪڙو وڏو ڪارخانو هو،
هاڻي هو گواليار ۾ هڪ ٻئي وڏي ڪارخاني کولڻ ۾
مصروف هو. هن کي هڪڙو ئي غم هو. هن جي پٽ مگن
لال کي ڪوبه اولاد ڪونه هو؛ مگن لال اڃا تائين
بي اولاد هو، ۽ هو سيٺ چمن لال جو اڪيلو پٽ هو.
مگن لال اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل نه هو، هو نامرد
هو. هن جا جذبا ته مردن جهڙا هئا، مگر هن جي جسم
جي عضون هن جو ساٿ نٿي ڏنو. هن محسوس ٿي ڪيو ته
تخليق جو شعلو هن جي روح ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. مگر
هن جي روح ۽ هن جي احساسات جي چوڌاري جسم برف
جيان سرد هو. ۽ اها ٿڌاڻ هن جي خوبصورت جذبات کي
ناڪام بنائي ڇڏيندي هئي. هو هڪ زخمي جانور جيان
تڙپندو رهندو هو. هن جي مرداني جسم سان گڏ سرد
روح هجي ها ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. مگر هو پاڻ ته زنده دل هو، مگر هن جي جسم جي چؤطرف ڄڻ قدرت برف جو تهه
چاڙهي ڇڏيو هو. اها هن سان سراسر بي انصافي هئي.
ڇاڪاڻ ته مگن لال جي حسن پرستي انتها تي پهچي
چڪي هئي. ڪا خوبصورت عورت ڏسي هن جو ذهني ردعمل
اهو ئي ٿيندو هو، جيڪو ڪنهن مڪمل مرد جو هوندو
آهي. هن کي عورت جي جسماني خودخال، عورت جي
نهارڻي، جسماني چرپر. اهڙوئي متاٿر ڪندا هئا
جهڙي طرح ڪو صحتمند ۽ تندرست مرد متاثر ٿيندو
آهي. مگر جڏهن هو ڪنهن عورت جي قريب وينديو هو ۽
ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته نه صرف عورت کي
بلڪ خود هن کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو ڄڻ
اهي آڱريون ڪنهن مرد جون نه آهن. جيڪي عورت کي
ڇهي رهيون آهن. بلڪ برف جا قلم آهن جن جي ڇهاءُ
سان عورت جي جسم ۾ بيزاري ۽ نفرت جون لهرون ڊوڙي
رهيون آهن. ۽ پوءِ هو ڊڄي هٽي ويندو هو. ديوارن
سان ٽڪر لڳائيندو هو. ٻه دفعا ته هن خودڪشي ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
هڪٻئي پٺيان ناڪامين بعد هن پنهنجي روح کي
ريجهائڻ لاءِ ٻيو طريقو استعمال ڪيو. هن پنهنجي
شديد جنسي حس کي هڪ شديد جمالياتي حس ۾ تبديل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عورت جو جسم هن جو ٿي نٿي
سگهيو. مگر خوبصورت تصويرون ته هن جون ٿي سگهيون
ٿي. ۽ سنگ مرمر جا پراڻا بت جن تي وينس جو شڪ
پيدا ٿيندو هو. اهي شمعدان، جي مغلن جي حرم ۾
حسن ۽ عشق کي تيز ڪندا هئا. ۽ اهڙين ٻين شين کي
قبضي ۾ آڻي سگهيو ٿي، جيڪي هن جي سرد آڱرين جي
ڇهاءُ ڪري بيزار نٿي ٿيون. هو هڪ ڪروڙپتي جو پٽ
هو ۽ هن جي سموري جائيداد جو اڪيلو وارث هو.
هينئر جيڪڏهن هو خوبصورت عورتن جو حرم سينگاري
نٿي سگهيو، ته به خوبصورت شين جو هڪ عجائب گهر ٺاهي سگهيو ٿي، هن ائين ڪيو. هن پنهنجي محل نما
گهر جو گهڻو حصو اهڙين شين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو
هو. جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خريد ڪري گڏ ڪندو
هو. هينئر به هن جي روح ۾ ساڳئي بيقراري هئي.
مگر ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن هن جي زخم تي
پهو رکي ڇڏيو هجي.
هن جو پيءُ هڪ عملي ماڻهو هو. هن لاءِ ايترو
ڪافي نه هو، هن جي پٽ جي مرڻ بعد هن جي ڪروڙن جي
ملڪيت ٻين ماڻهن ۾ ورهابي. اهو خيال ئي هن لاءِ
وڏو عذاب هو. هن پنهنجي پٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ طرح
طرح جا جتن ڪيا، طرح طرح جا علاج ڪيا. چار دفعا
پٽ کي يورپ وٺي ويو. جديد کان جديد طريقن سان
علاج ڪرائيندي هن لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا. انهن
مان هڪڙو طريقو هي به هو ته مگن لال جي شادي
ڪنهن حسين ڇوڪريءَ سان ڪرائي وڃي. مگن لال جي
بار بار منع ڪرڻ جي، چمن لال پنهنجي پٽ جي شادي
هڪ غريب گهراڻي جي انتهائي خوبصورت ڇوڪريءَ سان
ڪرائي.
رسنا هن جو نالو هو. شباب جو رس، هن جي رڳن مان
ڦاٽي رهيو هو. هن جي جسم ۾ سمنڊ جهڙي موج ۽ مستي
هئي، هن جي نگاهن ۾ بجلي هئي. آڱرين ۾ باهه جا
شعلا هئا. مگن لال هن کي ڏسي ديوانو ٿي ويو. هن
کي يقين هو ته هو رسنا سان شادي ڪري مڪمل مرد
بنجي ويندو.
پوءِ هو وسامي ويو، رسنا ڪجهه مهينا ته پنهنجي
جذبات ۾ ٻڏندي ترندي رهي. پوءِ اوچتو هو پاڳل
بنجي پيئي ٻه سال پاڳل رهي. جڏهن ٺيڪ ٿي ته هوءَ
به وسامي ويئي. هن جي شهري هن جي محل نما گهر ۾
هن لاءِ هڪ مندر ٺهرائي ڏنو، جتي هو اڪثر ڪري
تنهائيءَ ۾ پوڄا ڪري پنهنجي دل وندرائيندي هئي.
هن جي آواز ۾ عجيب سوز
ڀرئي سنگيت جو رس ڀرجي آيو، ڪلاڪن تائين هوءَ راڌاڪرشن جي
مورتين جي اڳيان ويهي پنهنجي ننڍڙي مندر ۾ ڀڄن
ڳائيندي هئي. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي.
مگر هن کي هتي زندگيءَ جي هر آرائش ميسر هئي. ٻه
عورتون هن کي بهترين تعليم ڏيڻ ۽ مغربي تهذيب
سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون. تنهن کان سواءِ
نوڪر چاڪر جيڪي هروقت سندس حڪم جي انتظار ۾ حاضر
رهندا هئا. ان هوندي به ڪيترائي دفعا رسنا جي دل
هتان ڀڄي وڃڻ لاءِ بيتاب هئي. پر سون جون
زنجيرون خوبصورت هيون.
رسنا کي گهڻو پيار ڪرڻ جي باوجود، مگن لال هن
کان پري پري رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته گڏ رهڻ ڪري هن کي
انتهائي ڪوفت محسوس ٿيندي هئي. ائين لڳندو هو ته
ڄڻ سندس جسم ۽ جان ڦاٽي پرزا پرزا ٿيڻ تي آهن.
هو پنهنجو وقت اڪثر ڪري ’عجائب گهر‘ جي انهن شين
تي صرف ڪندو هو. انهن سان هن جو ميل ميلاپ ايترو
ته وڌي ويو، جو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ انهن سان
ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو. هن کي ائين محسوس ٿيندو
هو ته تصويرون به ڳالهائين ٿيون ۽ سنگ مرمر جا
يوناني مجسما به هن سان ڳالهائي سگهن ٿا. هينئر
هو محل جي انهيءَ حصي ۾ بلڪل گهٽ ويندو هو. جتي
رسنا رهندي هئي. صرف ٻنپهرن ۽ رات جي مانيءَ تي
هو پاڻ ۾ ملندا هئا.
جنهن ڏينهن مگن لال مون کي خريد ڪيو هو، هو
پنهنجي غير متوقع ڪاميابيءَ تي ايترو خوش هو، جو
اها خبر رسنا کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.
مون کي نئين ڄاول ٻار جيان پنهنجن هٿن ۾ کڻي
رسنا جي بيڊ روم ۾ ويو. ان وقت رسنا پنهنجن
واسينگ جهڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ ۾ مصروف هئي. سندس
وار ورکائيندا سندس ڪمر تائين پئي پهتا.
سنا هن کي ائين اوچتو ايندو ڏسي ڇرڪي ويئي، مگن
لال بيحد خوش ٿيندي هن کي چيو:
”ڏس
ڏس! مون ڇا خريد ڪيو آهي…؟“ هن ٻارن جيان خوش
ٿيندي چيو.
”هي
ته ڏهين جو نوٽ آهي.“ رسنا مون کي ڏسندي چيو.
”ها،
آهي ته برابر ڏهين جو نوٽ، مگر مون هي ٻٽيهه
هزار رپين ۾ خريد ڪيو آهي.“
”اهڙيون
چريائيءَ واريون ڳالهيون تون هميشہ ڪندو آهين.“
”هي
چريائي نه آهي. هي ڪو معمولي عام ڏهين جو بازاري
نوٽ نه آهي. هي هڪ خاص نوٽ آهي، ناياب نوٽ آهي.
اڄ ٻنپهرن جو مون نيويارڪ ۾ هڪ ڊيلر کي ٽيليفون
تي ٻڌايو. هو نوٽ جي عيوض هڪ لک ڊالر ڏيڻ لاءِ
تيار آهي.“
”آخر
هن نوٽ ۾ ڇا آهي.“ رسنا ڏاڍي بيزاريءَ سان
چانديءَ جو فريم ڏسڻ لڳي. ۽ ڪائي تي هٿ ڦيريندي
مون تي هڪ سرسري نظر وڌي. پوءِ منهن مٿي ڪري مڙس
ڏي سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي.
”ٿورو
غور سان ڏس. انڊيا جي ’ڊي‘ ابتي ڇپجي ويئي آهي.
۽ هن جي ’اِي‘ غائب آهي.“ مگن لال هن کي ٻڌايو.
هينئر رسنا غور سان ڏسڻ لڳي. پوءِ پنهنجي مڙس
ڏانهن ڏسندي چيو:
”جيڪڏهن
نوٽ جي ڊي ابتي آهي ۽ اِي غائب آهي ته ڇا ٿيو؟“
هن جون نگاهون چئي رهيون هيون. ته تنهنجي جسم جي
اِي غائب آهي. ۽ ڊي اپتي آهي، پوءِ مان ڇا ڪريان.
”هي
ڏهين جو نوٽ، جنهن کي مون ٻٽيهه هزار رپين ۾
خريد ڪيو. اڄ هن جا هڪ لک ڊالر ملي رهيا آهن. هي
دنيا جو سڀ کان
قيمتي نوٽ آهي. جيئن ته اڄ تنهنجي سالگرهه آهي ۽ هن موقعي تي
مان هي نوٽ توکي تحفي طور ڏيان ٿو.“
رسنا مون کي ڏٺو، سينگار ميز جي آدم قد آئيني ۾
پنهنجا وار ڏٺا، جيڪي چهبڪ جهڙي چيلهه تائين
لهرائيندا رهيا. ڪمري جي وچ ۾ خوبصورت ريشمي
چادرن سان سينگاريل ڊبل بيڊ ڏانهن ڏٺو. پوءِ
سندس سڙيل دل جي هڪ آه، سيني کي جلائيندي نڪتي ۽
اها باهه هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي ۽ هن مون کي کڻي
فرش تي سٽيو. چانديءَ جو فريم ته ڪونه ڀڳو ليڪن
ڪائي جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويا.
هوءَ ٻرندڙ اکين سان مگن لال کي ڏسندي رهي، هن
جي نگاهن جي نفرت جو تير مگن لال جي سيني ۾ کپي
ويو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڪاوڙ آئي، پر پوءِ هن
آهستي آهستي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. گوڏا کوڙي چانديءَ
جو فريم ۽ مون کي کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
رسنا دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن پنهنجا سڀ
ڪپڙا ڇڪي ڦاڙي ڇڏيا. هو ماهي بي آب جيان ڦٿڪڻ
لڳي. هن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڇڪي ڦاڙي ڇڏيا. هو ماهي
بي آب جيان ڦٿڪڻ لڳي. هن جو سڄو جسم پڄرڻ لڳو.
رکي رکي هن جي چپن مان چيخون نڪرڻ لڳيون اهي
چيخون هن جي اڻ ڇهيل جسم جون آهون هيون. پوءِ هن
سينگار ميز تان يو ڊي ڪلون جي هڪ بوتل کنئي
جنهنجي منهن تي ريشمي ڏورين سان بند رٻڙ جو
ڦوهارو لڳل هو. رٻڙ کي زور ڏيئي هوءَ يو ڊي ڪلون
جو ڦوهارو پنهنجي منهن تي ڳچيءَ تي، ڇاتي تي، ۽
جسم جي ٻين عضون تي هڻڻ لڳي. جتي جتي يو ڊي ڪلون
جو ڦوهارو لڳو، اتي جسم ٺرڻ لڳو، ۽ ٿڌاڻ محسوس
ٿيڻ لڳي.
انهن ڏينهن ۾ هڪ انگريز ڊاڪٽر وليم رشر شهر ۾
آيل هو. هو نفسياتي طريقي سان علاج ڪندو هو. سڄي
يورپ ۾ هن جي علاج جي
جديد طريقي جي پچار هئي. هو هتي ٽن مهينن لاءِ آيو هو. چمن لال
کيس پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي علاج لاءِ چيو. وليم
رشر وت ڊاڪٽري جي ڪابه رسمي ڊگري ڪانه هئي. هن
جي علاج جو طريقو پڻ نئون ۽ عجيب و غريب هو.
ليڪن هن جي علاج سان ڪيترائي پراڻا مريض حيرت
انگيز طريقي سان ٺيڪ ٿيا. هو صرف وڏن لکاپتي
گهراڻن جو علاج ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي پهرين
في به پنجاهه هزار رپيا هئي. يقين آهي ته ايتري
وڏي رقم اسان ۽ اوهان جهڙا ته ادا ڪري ڪونه
سگهندا.
مگن لال ۽ رسنا جي طبي معائني کان پوءِ سيٺ چمن
لال ۽ وليم رشر جون ڪافي دير تائين ڳالهيون
ٿينديون رهيون. ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. اها خبر
ڪنهن کي به نه هئي. ڳالهين بعد وليم رشر وري مگن
لال جي عجائب گهر ۾ ويو، ۽ عجائب گهر ڏسڻ جي
فرمائش ڪئي. دير تائين مگن لال هن کي عجائب گهر
جون شيون ڏيکاريندو رهيو. ڪويت جي کوٽائيءَ مان
دستياب ٿيل نامعلوم بت تراش جا ٺهيل عجيب مجسما،
زهره جو مجسمو، اهرام، مصر مان چورايل فرعون جي
زماني جون مميون ۽ انهن جا زيور. وغيره ۽
چانديءَ جي فريم ۾ جڙيل هڪ ’نوٽ‘، جنهن جي قيمت
هڪ لک ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي… مگن لال جو
خيال هو ته ڊاڪٽر رشر کي اهڙن شين جي ڪابه خبر
ڪانه هوندي. مگر قداور چست مضبوط ۽ بي داغ جسم
واري ڊاڪٽر جي معلومات تمام وسيع هئي. ائين پئي
معلوم ٿيو ته ڄڻ آثار قديمه بابت هو ڪيترائي سال
تحقيقت ڪندو رهيو. مگن لال کي هن جي معلومات تي
حيرت لڳي. ڪلاڪ ڏيڍ عجائب گهر ۾ گهمڻ بعد مگن
لال ٿڪجي پيو، هو جلدئي ٿڪجي پوندو هو. ٻين
موقعن تي هو اهڙن ڪمن لاءِ ٻن ڦيٿن واري ڪرسي
استعمال ڪندو هو. مگر اڄ هن مغربي
ڊاڪٽر جي اڳيان اهڙي ڪرسيءَ تي ويهي هن کي عجائب گهر ڏيکارڻ
مناسب نه سمجهيو.
عجائب گهر ڏسڻ بعد ٻيئي هڪ ڪنڊ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ،
ڪئين ۾ آيا، جيڪو مضبوط ڪاٺ جو ٺهيل هو. جنهن جي
هڪ ديوار تي مان چانديءَ جي فريم ۾ ٽنگيل هوس.
هي ڪئبن مگن لال جي آفيس به هئي، هن جي سوچ
ويچار جو ڪمرو به اهو هو. جتي هو ليٽي آرام به
ڪندو هو. هن ڪمري ۾ پهچي هن سگريٽ دکايو، ۽
ڊاڪٽر پنهنجي سگار دکايو. ۽ چند گهڙين لاءِ
خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽر چيو:
”منهنجو
خيال آهي ته توکي ڪابه بيماري ڪانه آهي.“
”هان…!“
مگن لال ڇرڪ ڀري ذري گهٽ اٿي بيٺو.
”ويهه،
ويهه…“ وليم رشر جي نيرين اکين ۾ همدرديءَ جي هڪ
جهلڪ نمودار ٿي.
”مگر…!“
ايترو چئي مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي طرف ڏسي
سوچڻ لڳو. مگر ڇا؟
هي ڊاڪٽر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اڄ تائين دنيا
جي ڪنهن به ڊاڪٽر کيس ائين نه چيو. هرڪو ڊاڪٽر
کيس ذميوار ٺهرائيندو هو…مگر هي ڪيئن ٿي سگهي
ٿو. مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي چهري طرف گهوري
رهيو هو.
ڊاڪٽر رشر مسڪرائيندي چيو: (هن جي مسڪراهٽ
ڪيتريقدر نه صحتمند ۽ دل آويز هئي. ڄڻ خوشي هن
جي اندر مان جهاتيون پائي رهي آهي. سندس عمر به
پنجٽيهه-ڇٽيهه ورهن کان مٿي نه هوندي، مگن لال
هن کي ڏسندي اندازو لڳايو.) ”مگن! منهنجو خيال
آهي ته تنهنجي جسم ۾ ڪوبه نقص ڪونه آهي. نقص
رسنا جي جسم ۾ آهي.“
”رسنا
۾!؟“ هن جو آواز اوچتوئي اوچتو بلند ٿيو.
”ها،
ها…! رسنا ۾، رڙيون نه ڪر. اطمينان سان منهنجي
ڳالهه ٻُڌ. مان ٽيڪنيڪل تفصيلات ۾ وڃڻ نٿو
چاهيان، ائين تون سمجهي نه سگهندين. بهرحال،
توکي مختصير سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. تنهنجو
اعصابي نظام بيحد ذڪي الحس آهي. توکي اهڙي عورت
جي ضرورت نه آهي جيڪا گرم مزاج جي هجي. اهڙي
عورت جو ٽيمپريچر تنهنجي اعصابي نظام کي پگهاري
ڇڏيندو. بدقسمتيءَ سان رسنا جي عمر جهڙين نوجوان
عورتن جو ٽيمپريچر اهڙوئي هوندو آهي. انهيءَ
کانسواءِ جسم ۾ اندرين حصن ۾ مرد ۽ عورتن درميان
اليڪٽرڪ چارج گذرندا رهن ٿا ۽ اهي مرد ۽ عورت جي
وچ ۾ هڪ مخصوص جنسي توازن برقرار رکن ٿا. جيڪڏهن
اها اليڪٽرڪ چارج هڪ طرف مٿي ٻئي طرف هيٺ يا هڪ
طرف وڌ ۽ ٻئي طرف گهٽ هوندي ته توازن صحيح نه
بيهندو. تنهنجو حساس اعصابي نظام ٻئي طرف کان
ايندڙ بجلي برداشت ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ ائين ئي
ٿيندو آهي.“
”مگر
ٻيون عورتون…؟“ مگن لال جملو اڌ ۾ ڇڏيندي چيو.
”بدقسمتيءَ
سان توکي جيڪي به عورتون مليون اهي هاءِ وولٽيج
واريون هيون، ورنه تنهنجي جسم ۾ ڪابه خرابي نه
آهي ۽ اهو هڪ حساس ۽ ذهين اعصابي نظام جو مڪمل
نمونو آهي. مان تنهنجي اعصابي نظام ۾ ڪابه
تبديلي ڪرڻ پسند نه ڪندس. مگر مان رسنا جو علاج
ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هن جي جسماني گرميءَ جو درجو
بدلڻ چاهيان ٿو. هن جي نفسيات جو مطالعو ڪري هن
جي اندرين عضون جي تيزي گهٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. مگر
اهو سڀ ڪجهه تنهنجي اجازت ۽ تنهنجي تحريري اجازت
کانسواءِ ٿي نه سگهندو.“
مگن لال جي دل خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي، هن تمام
مشڪل سان چيو: ”ڊاڪٽر! توکي واقعي يقين آهي ته
مون ۾ ڪوبه نقص نه آهي؟“
”بلڪل
يقين آهي.“
”۽
رسنا تنهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي.“
”مون
کي اميد نه پر يقين آهي ته رسنا منهنجي علاج سان
ٺيڪ ٿيندي – ليڪن انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽
ڪجهه دوائون به ڪم ۾ اينديون. پر مان توکي يقين
سان چوان ٿو ته مان رسنا جي اعصابي نظام جو
توازن کي درست ڪندس.“
مگن لال پرجوش نموني سان ڊاڪٽر وليم رشر سان هٿ
ملايو. ڏڪندڙ ۽ پُراُميد آواز ۾ چيو:
”ڊاڪٽر،
تون علاج شروع ڪري سگهين ٿو.“
وليم رشر رسنا کي ڪيترائي دفعا فلم تي وٺي ويو.
هن جو اندازو بلڪل صحيح نڪتو. رسنا رومانوي
تصويرون بلڪل پسند نه ڪندي هئي. هوءَ اهڙيون
تصويرون پسند ڪندي هئي؛ جن ۾ مجنونانه مارڌاڙ
هجي يا پراسرار هيبتناڪ ماحول هجي، يا خوفناڪ
جسماني عذاب جا نظارا هجن. اهڙين تصويرن مان هن
جي عجيب قسم جو ذهني سڪون ملندو هو. وليم رشر
ڪيترائي دفعا هن کي سمنڊ جي ڪناري تي گهُمائڻ
وٺي ويو. پوءِ هن جو اندازو صحيح نڪتو، رسنا کي
خاموش ۽ ماٺيڻو سمنڊ پسند نه هو. بلڪ سمنڊ جو
طوفان، ڇوليون ۽ موج کيس پسند هئي.
”دل
چوي ٿي، ڊوڙي انهن ڇولين ۾ ٽپو ڏيان.“ رسنا ڊاڪٽر
طرف
نهاريندي چيو. هو ٻيئي ان وقت سمنڊ جي هڪ سنسان
جاءِ تي بيٺل هئا. پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر
نٿي آيو.
”ته
ڏي ڇلانگ…“ ڊاڪٽر چيو.
”مون
کي ترڻ نٿو اچي.“
”ڪو
به ڊپ نه ڪر، چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ وڃي وهنج. اڳتي
نه وڃجانءِ.“
”مان
ٻڏي وينديس.“ رسنا ڊپ مان چيو.
سڀ ڪپڙا لاهي، پلڻي ۾ گهڙي پئو. مون کي ترڻ اچي
ٿو. مان توکي بچائي وٺندس.“
”هاءِ…!“
هوءَ هڪدم ڊپ گاڏڙ خوشيءَ مان چوڻ لڳي: ”مون وت ته
وهنجڻ جي ڊريس به ڪانهي…!“
”پرواهه
نه ڪر، مان ٻئي طرف ڏسان ٿو…تون ڪپڙا لاهي سمنڊ ۾
گهڙي پئو، ۽ پوءِ سڏ ڪجانءِ.“
”نه…نه…!“
رسنا شرمائيندي چيو: هن جي ڳِلن جو رنگ سرخ ٿي ويو
۽ تيز هوا جي ڪري سندس وار ٽِڙي پکڙي سندس چهري تي
پُجي رهيا هئا.
وليم رشر، هن جي ڪلهي تي هٿ رکي تمام نرمي مگر
مضبوط ارادي سان چيو:
”جيئن
مان چوان ٿو. تيئن ڪر.“
”ته
تون پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪر.“
”چڱو،
آءُ ٻئي طرف نهاريان ٿو.“
آهستي آهستي ڊڄندي ڊڄندي رسنا پنهنجا سڀئي ڪپڙا
لاهي ڇڏيا. صرف هڪ چڊي ۽ باڊي سان سمنڊ ۾ گهڙي
پيئي، پاڻي ۾ گهڙي هوءَ لهرن سان کيڏڻ لڳي. اوچتو
کلندي کلندي هن ٻارن جيان چنچل آواز ۾ چيو:
”تون
به اچ، پاڻي تمام مزيدار آهي.“
پاڻي رسنا جي جسم ۾ ڪتڪتائي ڪري رهيو هو. گجي ۽
ڇوليون هن جي جسم کي چمي رهيون هيون. چوطرف پاڻي
ئي پاڻي جون ٻانهون کيس گلي لڳائي رهيون هيون.
هوءَ اڃا به اندر ويئي.
”هلي
اچ، سمنڊ ۾ ڏاڍو مزو آهي.“
”اڳتي
نه وڃجان”، رشر کيس روڪندي چيو.
مان ته وينديس. رسنا ٻارن جيان نخرو ۽ ضد ڪندي
چيو. هوءَ اڃا به ٻه قدم اڳتي ويئي، سمند جي هڪ
وڏي ڇولي سندس جسم سان ٽڪرائجي ٽٽي ويئي. پاڻي
وهندر جذبن جيان هن جي جسم مان گذري رهيو هو. گجي
۽ ڇوليون هن جي جسم تي رقص ڪري رهيون هيون. رسنا
خوشي مان مرڪڻ لڳي.
کليل آسمان، رشر جي اکين جيان صاف ۽ بي داغ هو.
پري پري ناريل جا وڻ رشر جي جوان ۽ مضبوط جسم جيان
اڪيلا هئا. سمنڊ ۾ شور سنگيت جيان لڳي رهيو هو. ۽
لهرون ٻانهون ڦهلائي رسنا کي پنهنجي آغوش ۾ وڪوڙي
رهيون هيون. رسنا اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، هينئر
هوءَ ڳچي جيڏي پاڻيءَ ۾ بيٺي هئي.
”اڳتي
نه وڃ.“ رشر کيس مشڪندي چيو، رسنا هن کي ڪپڙا
لاهنيدي ڏسي رهي هئي. رشر قميص لاٿي، هن جي سيني
جا پورا وار هوا ۾ رقص ڪرڻ لڳا: ”پنهنجون اکيون
بند ڪر“ رشر چيو.
رسنا زور سان کلڻ لڳي ۽ هن پنهنجو اکيون بند ڪيون.
اوچتو هڪ ڇولي رسنا جي مٿان هلي ويئي، جڏهن ڇولي
گذري ويئي. تڏهن رسنا جو ڪٿي وجود به نه هو. صرف
ڇولين جي اندر ٿاڦوڙا لڳي رهيا هئا. چند گهڙين بعد
رسنا جو جسم، رشر کي نزديڪ پاڻي ۾ نظر آيو هو اُڇل
ڏيئي وٽس پهتو.
”مان
ٻڏي رهي آهيان……“ رسنا هڪ دفعو زور سان رڙ ڪري گم
ٿي ويئي. وري ٻئي دفعي ظاهر ٿي ته رشر جي ٻانهن
هڪدم کيس کڻي بچائي ورتو. ۽ هينئر هو رسنا کي
ٻانهن تي کڻي ڪناري طرف اچي رهيو هو.
رسنا خوف ۽ ڊپ مان رشر کي سوڙهي پوندي، چنڀڙندي ۽
سندس ٻانهن ۾ جڪڙي ويئي. کيس بچڻ جي خوشي هئي. رشر
جون ٻانهون نهايت آرام ڏيندر هيون، تنهنڪري کيس
ڪجهه شرم محسوس ٿيڻ لڳو. رشر هن کي آڻي الڳ ليٽايو.
اٽ واز…اٽ واز…ٽچ…ائنڊ گو…“ رسنا انگريزي ۾ چيو.
”شيور“
رشر مضبوط لهجي ۾ جواب ڏنو. تون منهنجي نزديڪ
هئينءَ تنهنڪري مون توکي ايترو پري وڃڻ جي اجازت
ڏني.
”جيڪڏهن
مان ٻڏي وڃان ها ته تون ڇا ڪرين ها؟“
”مان
سمنڊ کي سڏ ڪريان ها ۽ تنهنجو جسم وينس جيان اُڀري
اچي ها.“
”ڊاڪٽر!“
رسنا چيو.
”مون
کي وِل چئو.“
”ول؟“
”ها.“
”ڄاڻين
ٿو ته اڄ تو منهنجي جان بچائي آهي.“
مگر ول ٿوري دير خاموش رهيو. هن پنهنجا هٿ پنهنجي
ويڪري ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيا هئا، ۽ اکيون پوري ڇڏيون
هيون. رسنا وري نه ڳالهايو صرف سمنڊ جي ڇولين جو
شور هو. اڌ مني ڪلاڪ بعد جڏهن اُس هنن جو جسم خشڪ
ڪري ڇڏيو. رسنا ڇرڪ ڀري ڊاڪٽر کي ٻانهن کان
جنهنجهوڙيندي چيو:
”اُٿ،
گهر نه هلبو ڇا؟
ڪپڙا پائي هو ٻيئي گاڏيءَ طرف روانا ٿيا. اوچتو
گاڏيءَ ۾ ويهڻ شرط رسنا پنهنجي ڪن کي هٿ لائي چيو.
”منهنجي
ڪنن جو هڪڙو جهومڪ پاڻي ۾ ڪِري پيو.“
”قيمتي
هو.“
”هيرن
جو هو.“
”پرواهه
نه آهي، ڪا مڇي انهيءَ کي ڳِڙڪائي ويندي. ڪو
ميربحر هن کي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندو. ڪنهن دڪان تان
ڪا غريب عورت اها مڇي خريد ڪري وٺندي ۽ جڏهن هن کي
چيريندي ته هيري وارو جهومڪ معجزي جيان ظاهر ٿيندو.“
رسنا کلي چوڻ لڳي:
”ول!
تون به ڪيتريون نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪرين ٿو.
اهڙيون ڳالهيون منهنجي مڙس اڄ تائين مون سان نه
ڪيون.“
”مڙس
اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن.“ هن بٽڻ دٻائي گاڏي
اسٽارٽ ڪئي. جڏهن گاڏي اسٽارت ٿي رواني ٿي، تڏهن
پري پهاڙين جي اوٽ ۾ لڪل مگن لال دير تائين مُڙي،
ڦرندڙ گاڏي ڏسندو رهيو. پوءِ جڏهن گاڏي نظرن کان
غائب ٿي ويئي ته هن پنهنجون نظرون سمنڊ طرف کپائي
ڇڏيون، جتي هن جي مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڏور پيئي
هئي. ڪافي دير تائين ڏور کي هلائڻ کان سواءِ هو
سمنڊ کي تڪيندو رهيو.
ڪافي رات گذرڻ تائين مگن لال پنهنجي عجائب گهر ۾
ڦرندو رهيو. اڄ هن شديد مصروفيت جو بهانو بنايو هو
۽ رات جو مانيءَ تي به نه آيو، پنهنجي ماني هن
عجائب گهر ۾ گهرائي ورتي. ماني کائڻ کان پوءِ هن
ٻه جام پيتا ۽ پوءِ ’شيني‘ جو مجسمو هن جي پيتي
مان ڪڍڻ لڳو. اُها پيتي هوائي جهاز جي رستي آئي
هئي. باڪس ۾ شينيءَ جو مشهور
مجسمو بند ٿيل هو، هن مجسمي جو نالو هو ’انگڙائي‘.
هڪ عورت ڪر موڙي رهي هئي. مگن لال ڏاڍي بيقراريءَ
سان مجسمو پيتيءَ مان ڪڍڻ لڳو.
رات جو ماني کائڻ بعد ڪافي دير تائين رسنا ۽ وليم
ڳالهيون ڪندا رهيا، پهرين کاڌي واري ڪمري ۾ پوءِ،
ڊاڪٽر جي ڪمري ۾، جو رسنا جي ڪمري سان گڏ هو. ول
جي هٿن سان پهريون دفعو رسنا پيگ پيتو، هوءَ
پيئندي نه هئي. مگر ول کيس مجبور ڪيو ته اهو به
علاج ۾ شامل آهي. ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄي
رهيو هو. رسنا جي اکين ۾ کيپ چڙهڻ لڳا، نيم مستيءَ
۾ هن چيو:
”مون
کي ننڊ ٿي اچي.“
”تون
پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، مان اچان ٿو.“
”تون
ڇو ايندين؟“ رسنا ڇرڪ ڀري چيو.
”تنهنجي
جسم تي مالش ڪندس.“
رسنا پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي، شينيءَ جو سياهه
عورت جو مجسمو قيامت خيز انگڙائيءَ جي پوز ۾ هو.
مگن هن کي هڪ ڪنڊ ۾ بيهاي هن کي چوطرف غور سان
ڏٺو: بلڪل بي عيب، بي نقص، حد درجي جي هيجان
انگيز. هو هڪ بخمل جي ٽڪر سان سياهه بت جا عضوا
چمڪائڻ لڳو، ۽ ان سان گڏ هن هڪ اُداس روماني ڌن جو
رڪارڊ چاڙهيو. پٿر جي بت تي ٻُردار (بخمل) ڪپڙي
لڳڻ ڪري سندس پالش خراب ٿيڻ لڳي. مگن لال ڪپڙو ڇڏي
ڏنو، ۽ پنهنجو هٿ هن جي ٻانهن تي ڦيرڻ لڳو:
”هن
جو ۽ منهنجو ٽيمپريچر ڪيترو نه ملي ٿو. هي پٿر جو
آهي ۽ مان برف جو آهيان، گرمي نه هن ۾ آهي، نه مون
۾ آهي.“
ڊاڪٽر رشر رسنا جي بيڊ روم ٻه ايئرڪنڊيشنر لڳرايا
هئا. ان وقت هن، هن جو ٽيمپريچر درس ڪيو هو. بتيون
بلڪل ڌيمي روشنيءَ واريون لڳايون ۽ هينئر هو
انتهائي سنجيدگيءَ سان پنهنجي قميص جون ٻانهون
کُنجي رسنا جي پٺيءَ تي بادامي رنگ جي هڪ مرهم سان
مالش ڪندو رهيو. هن جا هٿ پيرن کان رانن تائين،
رانن کان چيلهه جي خم تائين ڦرندا رهيا. رشر رسنا
کي ٻڌايو ته هن مالش جو اثر جلدئي اندرين عضون
تائين پهچي، رسنا جو اعصابي نظام ٺيڪ ڪري ڇڏينديو.
ڊاڪٽر رشر ڪمر کان ڪلهن تائين پهتو. هاڻي هو ڊبل
بيڊ جي ڪناري رسنا جي مٿان جهڪي هن جي ڪنڌ، ڳچي ۽
ڪلهن تي مالش ڪري رهيو هو. رسنا جي اعصابي نظام ۾
ٿڌاڻ جي بجاءِ بجلي جي ڪرنث هلي رهي هئي، پيرن کان
ڪلهن تائين مالش ڪندو رهيو. رسنا پنهنجي جسم ۾
بجلي ڊوڙندي محسوس ڪري رهي هئي. پوءِ هوءَ ڏند
ڀڪوڙي ساهه روڪي پئجي رهي.
اي ڀڳوان! هي ڏاڍو مشڪل آهي…تمام مشڪل…هوءَ هڪدم
وارن جي هڪ چڳ پنهنجي چڪ ۾ جهلي ويٺي. هن جو ساهه
زور زور سان کڄي رهيو هو، رسنا پنهنجو منهن ٻنهي
هٿن سان لڪائي ڇڏيو هو:
”سڀاڻي
هويءَ اها مالش نه ڪرائيندي، صاف صاف انڪار ڪندي.“ |