•
نقاش
وري نه اچج ويڄ، دردونديءَ جي در تـٖي،
سُور سڄڻ جي ساٿ جا، ڀانيم سک جي سيج،
اکڙين کي آرام لئي، ڏنم ريٽو ريج؛
آسڻ ڪِيم اچيج، جو دارون مليم درد مان.
دارون مليم درد مان، سُک ڦٽايم سُک،
ڦڪين سين فراق جي، ويتر وڌيم بُکَ،.
تيئن تيئن تراوت مِلي، جيئن جيئن لُکَ،
ڏاهپ ڏنا ڏُکَ؛ پر ٖي ڪيائين پرينءَ کان.
ويڄن جي ورونهن؛ ڌکند ٖي کي ڏاڍو ڪري،
تَن طبيبن وس ٿيو، اندر دکن دونهن؛
سار ٖي سُورن سونهن؛ ساڙيان ويٺي سهنج کي.
ساڙي سهنج هليون جــٖي، ســٖي ڪَهِي رسيون ڪيچ؛
پنهل سند ٖي پيچ؛ ڏاريو ڏونگر ڏاڍ جو.
وَر ري ويڄ نه ڪوءِ، ورو پٺتي واهرو!
واري اِنهيءَ واٿ جي، مَ لِڱ مُئيءَ جا لوءِ؛
ڪڏهن ٻُجهندوؤ ڪين ڪي، واتان وائِي ووءِ؛
پُنهل پَسان پوءِ؛ پهرين ڌاريان ڏاڍ کي.
ڏاريان پهرين ڏاڍ کي، هيڻا هڏ هڻِي،
ڌونگر جــٖي ڏهڪار کي، ڪريان پير پئي،
ڇڏيان هيڪر ڇپر جا، ڪنڌا مان ته کڻي،
پوءِ جيئن هوت وڻي، سائِي منهنجي من ۾.
هڪل سين هاڙهـٖي جا، پاڻي، پهڻ ٿين،
رَت رُليــٖي هِن روهه جو، مِرون مر پِيَن،
جُڳُ جُڳُ پوءِ جيئن؛ ڪوڙيئــٖين ڪيچين ماريون.
•
راشد مورائي
اڻڀي اڻڀي زندگي، سڻڀي سڻڀي سوچ
هيڻا ٻيڻا هڏڙا، ڌوڙي چوڙي لوچ،
ڪوهياري جــٖي ڪوچ، مادر مون کي ماريو.
سيني کڻي سوچ ۽ ڳالهين جي ڳڻ ڳوت،
مون کي منهنجي هوت، مرڻا اڳي ماريو.
نهري نهري نينهن جو، گهَرو گهَرو گهاءُ،
اُڀريو سور سرير ۾، سوچن جو سوداءُ،
مون کي منهنجي ماءُ، مقصد پويان مرڻ ڏي.
ڀِٽون ڀَلائون رڳو، ڀَٽون ساري ڀُون،
واچوڙنِ جي ويس ۾، نانگن جون ڦوڪون،
مادر مٿان مون، آيا ڏينهن ڏهاڳ جا.
ٻوسٽ ٻوسٽ ساهه کي، اوريان ئي هيءَ اُڃَ،
ساٿي سونهون ناهه ڪو، سُجهــٖي پيئي سُڃُ،
مادر مون کي مُڃَ، محبت آ ماري ڪيو.
ٻاهر لِڱُ ٻرن پيا، اندر ڏڪڻي ٿَڌِ،
چَري ڪيئن چــٖي چاهه ۾، ويران ويران وَڌِ،
آيل! اڃان اَڌِ آهي ڪُني عشق جي.
وايون
•
سَروُپچند ”شاد“
دل ۾ درد سهيڙي، من تارن کي ڇيڙي، ڳايان
ٿو مان گيت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
اکر اکر ۾ پيار سَمايَل، سِٽ سِٽ ۾
سنگِيت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
ڌرتِي مُنهنجِي سَرتِي آهي، ماڻهو
ماڻهو، مِيت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
سَوين سرڳ ڌرتيءَ تان گهوريان، پَلجي ٿي
جِت پريت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
گهُورون گهائِن، ڏُک ٻهڪائِن، اِها
نرالِي رِيت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
باقي سڀ جي هار آ، هَيا، پريت جي آهي
جيت،
ڀَلوڙ ٖي ڳايان ٿو مان
گيت!
ڳايان ٿو مان گيت!
ڳايان ٿو مان گيت!
•
خاڪي جويو
*
پانڌين پنڌ پڇان ٿو،
ويهي وري ڪيئن رهان ٿو.
پڇي پنڌ پهاڙ جا، لوچي لَڪَ لهان ٿو.
ووڙي وڻ وڻڪار جا، وٺيو وات وڃان ٿو.
ڏوري وڻ وڻڪار جا، وٺيو وات وڃان ٿو.
ڏري ڏونگر ڏاڍ جو، ڪيچين ڏانهن ڪهان ٿو.
ساٿ سڃاڻي سنڌ جو، ڏوري ڏک ڏسان ٿو.
مذهب منهنجو ماڻهپو، پٽيون روز پڙهان ٿو.
انسانيت جي عشق ۾، مذهب آءٌ مٽيان ٿو.
کاهوڙين جي گير مان، ”خاڪي“ خيال کڻان ٿو.
*
•
”عاجز“ اڄڻ
•
ادل سومرو
*
اج
وري آ، رڻ ڏانهن راهي، لاهوتين جي لڏَ، الوميان
لاهوتين جي لڏَ.
روهَه وٺڻ جا، سوڙهه سهڻ جا، هيرو تن جا هڏَ،
الوميان لاهوتين جي لڏَ.
لالَ لنگوٽيون، ڪارا ڪِستا، جوڳئڙن جي مڏَ،
الوميان لاهوتين جي لڏَ.
آڌيءَ ويلي سوريءَ پاسي، سامين ٿيڙا سڏَ،
الوميان لاهوتين جي لڏَ.
•
نصير ”شاد“ مرزا
*
ڪافيون
•
حافظ احسن چنا
*
هَي هَي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات
راڻو نه آيو رات، تاري جنهنجي تات.
لکٽ سڀ نَئين ويا، پره ڦُٽي پرڀات،
هي هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات.
ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جو، اچي سَولي لَوندو لات.
هي
هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات.
مَٽ نه ڀانيان مينڌري، سوڍو اوچي ذات،
هي هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات.
ڪاڪ مون لئي ڪڙي ٿي، مور نه وڻي محلات،
هي هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات.
من ۾ آهي مينڌرو، وائي جنهن جي وات،
هي هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو وات.
ڪامل ايندو ڪاڪ تي، ٿيندي ’احسن‘ عرفات.
هي هي جيڏيون ويل ٽري وئي، راڻو نه آيو رات.
•
حسين بخش ’خادم‘
*
توکي رمز ۾ يار ريجهائيندس،
حاڪم سائين، حال جا محروم.
پيارل سائين، پلپل توکي پيار ڪري پرچائيندس،
انشاءالله توسان نرمل ناتو پهنجو نڀائيندس،
جيسين دنيا ۾ جيَرو آهيان دم.
هٿڙا ٻڌي ۽ پانڌڙا پائي ڪامل قرب ڪمائيندس،
جيڪي تومون ويهي ونڊيو ٻي کي ڪين ٻڌائيندس
محب متان ڪرين دل ۾ وهم غم.
بي
دردا ڀل ڇا به چون پر واتان ڪين وڃائيندس،
تنهنجي خاطر طعنا مهڻان سر تي پنهنجي وسائيندس.
ڪُوڙا ٿيندا درهم برهم.
تو
ري پنهنجي دلڙي پيارا ڪهڙيءَ طرح پرڀائيندس،
ڦٽ فراق جا ڪير ڇڏائي سور نه ٻئي کي سڻائيندس،
درد جا دارون دل جا مرهم.
اکين ۾ مان توکي ويهاري لوڪان يار لڪائيندس،
پاڻ ٻئي هڪ ٿي وينداسين ”خادم“ پوءِ به
سڏائيندس،
قُربن وارن جا قاروني ڪم.
•
رحيم بخش ”قمر“
*
تو
لاءِ لُڇان ٿي، تنهنجون واٽون پُڇان ٿي،
اُو ڪيچ ڌڻي ڪوهيار مٺا.
رُئندي رڻ ۾ راتيون ڪاٽيان،
لُڙڪ اُگهان تي، تنهنجو واٽون پڇان ٿي،
؟ڇَپر“ ”ڇَمر“ ”پَٻَ“ پـــــــٖٻَ“ پـــٖر ڇِني
ٿو،
ڪين ڪُڇان ٿي، تنهنجون واٽون پڇان ٿي،
درد فراق جا وڻ ٽڻ ٻوٽا،
محبوب مُڇان ٿي، تنهنجو واٽون پڇان ٿي،
تو
رئ مون کي ”قمر“ ڀنڀور ۾،
رهڻ بُڇان ٿي، تنهنجون واٽون پڇان ٿي،
•
”انور“ هالائي
*
ڪري وئين ويڳاڻو ٿي پل پل پڪاريان،
ڏري ڏيل منهنجو هنجون روز هاريان.
ڪيئه قول جيڪي مرڻ ۽ جيڻ جا،
قضا پاريا سي ته صدمن سهڻ جا،
وڇوڙي وڌا وَڍَ عمر ڀر رئڻ جا،
برهه جون مان
باهيون اندر ۾ ٿي ٻاريان.
ڀري ڇِرڪَ اَڌيءَ اچانڪ اُٿان ٿي،
ڀريو ڀاڻُ خالي ڏسي مان رُئان ٿي،
ٿيو روح زخمي اندر ۾ جلان ٿي،
کنيو نيڻ جانب ٿي ٿو لئي
نهاريان.
اڪيلو ڇڏي وئين ڪري بي وسيلي،
ته اوهي نه واهي نه جيڏي سهيلي،
اُداسي پياسي اڪيلي اڪيلي،
الا!
هر گهڙي ٿي غمن سان نهاريان.
ڪري ياد پنهنجون ڪَچايون ڦڪاريون،
مون کي رت رُئاڙن اوهان جون سچايون،
ڪيون درگذر تو سندم سَوَ مدايون،
وفائن تان تنهنجي ٿي جند جان
واريان.
نشانيون اوهان جون مان ڇاتيءَ لڳايان،
سندُءِ ساءُ خوشبو انهن مان ٿي پايان،
رُئان پنهنجي پَرِ ۾ انهن کي کلايان،
انهيءَ ريت توسان ڪيل قول
پارياڻ.
سکن ساٿ ڇڏيو ٿيا ڏک سلامي،
جدائي هي جانب پلئه پئي مدامي،
ٿيان شال جلدي اوهان سان مقامي،
انهيءَ آس ”انور“ جڏو جيءُ جياريان.
انهيءَ آس ”انور“ جڏو جيءُ
جياريان.
•
پير رسول بخش شاهه جيلانيڍ
*
•
محمد عثمان سولنگي
*
وينديس هيڪلي مان، الا منهنجو پنڌ پري.
جانب ري جيڏيون، نٿي ساعت هڪ سري،
الا منهنجو پنڌ پري.
هلنديس هوت پنهنونءَ ڏي، پيادي پير ڀري،
الا منهنجو پنڌ پري.
آهه اميد ”عثمان“ کي هر دم، پرين پنهنجو ڪري،
الا منهنجو پنڌ پري.
گيت
•غلام ابڙو
آءٌ ته سليان سُورُ او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
مٺڙا مون کي تو آ وساريو،
مان ته سڄڻ ٿي توکي ساريان،
تو بن سهڻا سائين هِتڙي،
گوندر ۾ ٿِي گهڙيون گذاريون،
گهڻو تو گهاريو ڏور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
سانوڻ آيو ٿيون برساتيون،
آءٌ ته مِٺڙا ملي ملهايان،
اهڙيون مِٺڙيون مِٺڙيون راتيون،
ڏور رهي ڇو مفت وڃايون،
هِي نه ٺهي دستور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
طعنا تُنڪا جيڏيون ڏِينَم،
ماٺ ڪري پيا سر تي سَهڻا،
تون به رُسي وئين منهنجا ساجن،
تڏهن سهان ٿي مُنهَن تي مهڻا،
ڇو ته آهيان مجبور، او ساجن.
آءٌ ته سليان سُور.
جيئن جئين ڪريان ڦڪيون ڦيڻا،
تيئن تيئن دل جا چاڪ چِڪن ٿا،
جيئن جيئن دل پرڀايان ساجن،
تيئن تيئن دل جا دُودَ دُکن ٿا،
چاڪن ڪئي دل چُور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
تو
بن مون لئي سهڻا سائين،
راتيون ڪاريون صبح به ڪارا،
تو بن اونداها ٿي ڀانيان،
روشن روشن سورج تارا،
چاندوڪيون بي نُور، او ساجن.
آءٌ ته سليان سُور.
دُور رهين تون دل گهٻرائي،
ويجهو اچين ٿو اک شرمائي،
تون ئي چئو پو منهنجا ساجن،
الفت ڪيئن مان سگهان مڃائي،
محبَ رهين مغرور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
دل
۾ آهن درد هزارين
لوڪان لڪائي پاڻ پچايان،
دل ٿي چاهي پَرِ ۾ پيهي،
ساجن
توکي سڏي سڻايان،
دردن جو مذڪور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
هرڪا
سرتي مون تي کلي ٿي،
مان ته کڻيو ٿي ڪنڌ جهڪايان،
ڪنهن کي ڪنهن کي منٿون ڪريان“
ڪنهن کي ڪنهن کر ماٺ ڪريايان،
ملڪ مڙئي منصور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور.
ڏس
ته ”غلاما“ ڪنهن جي خاطر،
بار بَديون سڀ سِرَ تي چايم،
ڪنهن جي آخر پيار جي خاطر،
سڀ جي آڏو نيچ نمايم،
ته به نه ٿِيَسِ منظور، او ساجن،
آءٌ ته سليان سُور. |