• الهداد ٻوهيو
شعر جي اڀياس جا نوان طريقا
(قسط – 2)
ڀٽائيءَ جو فن
عڪس
(Image):
(1)
وليم
(William)
۽ اسٽين من
(Stein mann)
پنهنجي ڪتاب ”لکڻ لاءِ ادب“ (Literature for writing)
جي صفحي 675 تي عڪس جي معنيٰ هيءَ ٿا ڏين: ”عڪس
هڪ صنعت آهي، جنهن کي گهڻو ڪري ٽروپ چئبو آهي.“
ٻئي هنڌ ساڳيا ئي صاحب لکن ٿا ته ”عڪس هڪ اهڙو
اظهار آهي، جنهن سان پڙهندر جي دل ۾ هڪ ذهني
خاڪو پيدا ڪري ٿو سگهجي.“
(2)
مسٽر آئيسڪ
(Isacs)
پنهنجي ڪتاب ”هاڻوڪي شاعريءَ جو پس منظر“ (The back ground of modern poetry)
جي صفحي 34 تي هيئن ٿو لکي ”عڪس اُها شئي آهي جا
ذهني ۽ جذباتي
(Intellectual and emotional)
احساس
(Complex)
کي ڪنهن خاص ۽ مقرر ڪيل وقت ۾ پيش ڪري.“
ساڳيو ئي صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 39 تي لکي ٿو
”عڪسيت
(Imagery)
عڪسن جي آسان ۽ ٺهيل ٺڪيل ادائيگيءَ کي نه چئبو
آهي. حقيقت ۾ عڪسيت پختي، صاف ۽ وڻندڙ اظهار کي
چئبو آهي پوءِ اُهو اظهار استعاري جي مدد سان
ٿئي يا نه ٿئي“. اڳتي لکي ٿو: ”عڪس اهڙن لفظن ۾
ڏجي جيڪي چونڊيل ۽ بلڪل موزون هجن“. لفظ ڪهڙا
موزون آهن ۽ ڪهڙا موزون نه آهن، هن سوال جو جواب
مسٽر
آلڊنگٽن
(Aldinagton)
ڏنو آهي. چو ٿو ”موزون لفط هروڀرو آهي لفظ نه آهن، جيڪي ڪنهن
شئي جو هوبهو ۽ سچو پچو اظهار ڪن يا ان کي بيان
ڪن. موزون لفظ آهي لفظ آهن، جيڪي ڪنهن شئي جو
سچو پچو اظهار ڪن يا ان کي بيان ڪن. موزون لفظ
آهي لفظ آهن، جيڪي ڪنهن شئي جو سچو پچو تاثر پيش
ڪن؛ يعني اُهو تاثر ڏين، جيڪو خود شاعر ان وقت
پاڻ محسوس ڪيو هو، جنهن وقت هو نظم لکي رهيو هو.“
(3)
عڪس جي باري ۾ مشهور شاعر ازراپائونڊ جو خيال هي
آهي ته ”عڪس هڪ اهڙي لفظي سرشتي جو نالو آهي،
جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي
ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري.“
پائونڊ جو خيال آهي ته ”اسان جو ويساهه آهي ته
شعر جو ڪم ڪل کي نه پر جز کي هوبهو بيان ڪرڻ
وارو آهي، توڙي جو ڪل تمام وڏي حيثيت ۽ چٽي
حقيقت جيان چٽو چپاٽو وجود رکي ٿو ۽ بيان ڪرڻ ۾
وڌيڪ آسان آهي.“
(4)
پر اليٽ، جو هڪ برک پارکو ۽ جڳ مشهور اديب آهي،
اُهو سو انهيءَ ڳالهه جو اقرار ٿو ڪري ته ”عڪس
ڪلياتي حقيقتن جو اظهار به ڪن ٿا.“ هن صاحب
مشهور شاعر ملٽن جي شعر مان مثال ڏئي اهو ثابت
ڪيو آهي ته ڌنار، هاري ۽ ڀاڳياڻي
(Milk maid)،
جن جو ذڪر ملٽن پنهنجي نظمن ۾ ڪيو آهي، سي سڀ
ڇڙوڇڙ ۽ جدا جدا حقيقتون نه پر ڪلياتي حقيقتون
اهن.
(5)
پو
(Poe)،
جو هڪ مشهور آمريڪي نقاد ۽ اديب آهي، تنهن جي
خيال ۾ ”عڪس نالو آهي خصوصيتن (Properties)
جي هڪ سٽا
(System arrangement)
جو“ هن خيال برونٽي به ٽيڪو ڏنو آهي.
(6)
مانائتو شپلي
(J. T. Shipley)
پنهنجي ڪتاب ”ادبي اصطلاحن جو ڪوش“ ۾ عڪس کي هن طرح ٿو سمجهائي:
-
عڪس هڪ ادبي صنعت آهي.
-
هن صنعت جو دارومدار گهڻو ڪري ڏسڻ جي وسيلي سان
حاصل ڪيل تجربي تي آهي:
-
عڪس اظهار جو هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن ۾ ڪنهن
شئي جي حسي تاثر
(Sensual Appeal)
کي شمال ڪيو ويندو آهي.
-
عڪس جو ڪم آهي ڪنهن شئي جي اظهار کي مائر، موزون
۽ مختصر بڻائڻ جو.
شپليءَ جي اُڌار تي چئي ٿو سگهجي ته: ”عڪس ڪنهن
شئي جي ٻاهرين مشاهدي
(Sensual experience)
کي اصل ذهني ڪيفيت
(sign)
يا لفظ جي باطن جي ويجهو وٺي ٿو وڃي.“
عڪس ٻن قسمن جا هوندا آهن:
الف: معنوي
(Figuative).
ب: ظاهري يا لفظي
(Director literal).
هن سڀني راين ۽ خيالن کي گڏي رکڻ کان پوءِ عڪس
جي باري ۾ جو ڪجهه به چئي ٿو سگهجي، اُهو هي آهي:
(1)
عڪس هڪ لفظي سرشتو آهي. (2) هي سرشتو بهتر،
موزون، مختصر ۽ مائر اظهار جي لاءِ ڪم اچي ٿو.
(3) هي اظهار ڪنهن مقرر شئي جي باري ۾ ڪنهن خاص
۽ مقرر وقت تي ڪوي ٿو وڃي.
(عڪس
۽ عڪسيت جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ هي ٻه
ڪتاب پڙهڻ گهرجن:
1. F.E. Spurgeon-Shakespeare’s imagery.
2. Hornstein – Anaylis of imagery.
ادب ۽ عڪسيت
ادبي لحاظ کان عڪسيت برطانوي ۽ آمريڪي شاعرن جو
ادبي طريقو آهي. پاڻ هنن گهڻو ڪري بصري عڪس
(Visual imageris)
جو استعمال ڪيو آهي. هن تحريڪ جو ذهني ۽ عقلي بنياد هلمي (T. H. Hulme)
وڌو هو، جنهن جا نظر عڪسيت جا سٺا ۽ چٽا مثال
آهن.
(عڪس جي قسمن ۽ انهن جي تفصيلن لاءِ وڌيڪ ڏسجي
ڪتاب
:(History of Experimental psvchology by E.G.
boring
هاڻوڪن ادب جي پارکن مان رچرڊس (Richards)
به عڪس جي معملي تي راءِ ڏني آهي. چو ٿو ”عڪس جي
حواسياتي خصوصيت جي طرف حد کان وڌيڪ ڌيان ڏنو
ويو آهي، جا شئي عڪس کي اثرائتو ڪري ٿي، اُها
آهي عڪس جي ذهني حيثيت ۽ نه عڪس جي عڪسي حيثيت،
توڙي جو عڪسي حيثيت سان به ذهن جو واسطو آهي.“
مانائتي رچرڊس جي خيال ۾ عڪس هڪ اظهار آهي، جنهن
جو بڻياد آهي حسي تجربو. هن ظاهر ڪيو آهي ته
”عڪس حسي تجربي
(Sensual experience)
جو هڪ اهم وسيلو آهي.”
عڪس ۽ شاعريءَ جو اڀياس:
(1)
شاعريءَ ۾ سوچڻ جو مطلب آهي عڪس پيدا ڪرڻ.
(2)
عڪس ئي آهي وسيلا آهن، جيڪي شاعراڻي معنيٰ کي
سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
(3) عڪس هڪ ذهني صورت يا خاڪي جو نالو آهي. اُها صورت لفظن جو روپ
وٺي نروار ٿئي ٿي، پر ان جو اصل خاڪو لفظن جي
پويان ذهني ڪيفيت ۾ لڪل ٿو رهي.
(4)
بهتر شعر اُهو آهي، جنهن ۾ تجربو عڪسن جي صورت ۾
ظاهر ٿئي.
(5)
ڇاڪاڻ ته چٽا ۽ پختا عڪس رڳو واندڪائيءَ جي وقت
۾ سوچڻ سان ٺهن ٿا، انڪري شاعريءَ لاءِ وقت ۽
فرصت جي ضرورت ٿئي ٿي.!
(6)
ڇاڪاڻ ته عڪس جي نوعيت انسان جي سوچ تي مدار رکي
ٿي، انڪري اسان ڪنهن شاعر جي شاعريءَ مان ان جي
سوچ جو طريقو ۽ ان جون ذهني ڪيفتيون معلوم ڪري
ٿا سگهون.
(7)
ڪنهن به نظم، بيت ۽ غزل جو سچو اڀياس رڳو تڏهن
ڪري سگهبو. جڏهن اهو معلوم ٿي ويندو ته شاعر
پنهنجي اکين کان سواءِ ٻين ڪهڙن حواسن کي ڪم
آندو آهي. هيءَ ڳالهه جدا جدا عڪس ڳولڻ سان
معلوم ڪري سگهبي، ڇو ته جدا جدا عڪسن جي ٺاهڻ
لاءِ جدا جدا حواسياتي مشاهدي جي ضرورت آهي.
هن تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو علمبردار ازرا پائونڊ هو.
هن کان پوءِ تحريڪ جي اڳواڻي ائمي لوول
(Amy Lowell)
ڪئي. هن تحريڪ وڏو نالو فلنٽ
(F.S. Flint)
جو پڻ اچي ٿو. فلنٽ پنهنجي ڪتاب شعر
(Poetry)
۾ عڪسيت جا ٽي قسم ڏنا آهن.
عڪسيت جي نفسياتي حيثيت:
نفسيات جي خيال کان خود سوچ سمجهه جا سڀ وسيلا،
جن ۾ حواس به شامل آهن، سوچڻ واري جي لاءِ ويجهي
۾ ويجها عڪس آهن.
هن جو مطلب اهو آهي ته عڪسيت جو واسطو ماڻهوءَ جي انهيءَ عمل
سان آهي، جنهن سان هو پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا پاڻ
ئي محسوس ڪري ٿو. مانوارو ڊاشيل صاحب (Dashiel)
هن حقيقت کي هن طرح ٿو
سمجهائي: ”ماڻهو چرچ ۾ عبادت ڪندي به گرين لينڊ جا برفاني پهاڙ
۽ هندستان جا ڏنگا ڦڏا پيچرا ڏسي ٿو سگهي. ماڻهو
ٽائيپ ڪندي خود پنهنجا هٿ، آڱريون ۽ پٺا محسوس
ڪري ٿو سگهي. هن طرح جو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ اسان جي
روزمره جي زندگيءَ ۾ عام اهي.“ (Fundamentals of Sen: Psychology Page 581)
عڪس جي نفسياتي حيثيت تي وڌيڪ بحث گالٽن کان
سواءِ فورس من ۽ فلائڊ
(Forse man and Floyed)
پنهنجي ڪتاب ”زندگي ۽ من وديا“ جي صفحي 211 تي
ڪيو آهي).
ادب ۽ عڪسي مشاهدو:
عڪسي تجربي جو سوال جديد شاعريءَ جو هڪ اهم سوال
آهي. بنيادي طور تي عڪسي تجربو نفسيات جو سوال
هو، پر جڏهن نفسيات ۽ ادب پاڻ ۾ گڏجي ويا، تڏهن
ٻنهي اهو معلوم ڪري ورتو ته ادب نفسيات جي مدد
کان سواءِ سمجهي نه سگهبو ۽ نفسيات به ادب کان
پري رهي اهميت اختيار ڪري نه سگهندي. هن دؤر ۾
هرڪا ادبي تحرير نفسيات جي هڪ حقيقت بڻجي چڪي
آهي ۽ دنيا جا گهڻو ڪري سڀ وڏا پارکو تنقيد ۾
نفسيات جي اصولن جو لحاظ رکن ٿا.
عڪسي مشاهدي جون جيڪي عام صورتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون.
(1)
بصري مشاهدو
Visual imagery
(2)
غير متحرڪ مشاهدو
Static imagery
(3)
متحرڪ مشاهدو
Kinetic imagery
(4)
رنگين عڪسي مشاهدو
Colour imagery
(5)
انتقالي مشاهدو
Synaesthetic imagery
(6)
ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس
Audlitory imagery
هن پڄاڻان آءٌ سنڌي شاعريءَ مان جدا جدا عڪس ڏئي
انهن جي نوعيت، افاديت ۽ ادبي حيثيت کي سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪندس.
هيٺ ڏنل سٽن ۾ ڪاما جي اندر آيل جوڙ لفظن جا عڪس
آهن:
شاهه لطيف:
I (1) ”آگميو آهي لڳهَه پس“ لطيف چوي.
(2)
پلر جي پالوٽ سين ”پٽن جهليا پاه“.
(3)
واحد وڏائي ڪيا ”مٿي گسن گاه“.
(4) ”اُٻون ڪڪر ڪڍڙيون“ اُتر ڏي آهين.
(5)
اڄ پڻ اُتر پار ڏي ”ڪڪر ٿو ڪري“.
(6) ”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا“.
(7)
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“
II (8)
اڄ پڻ اُتر پار ڏي ”ڪڪر ڪي چوٽي“.
(9)
وڄون وسڻ آئيون ؟ڪري لال لبيس“.
III (10) ”پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا“
(11) ”سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون“.
(12) ”جهڙ نيڻو نه لهي ڪڪر هون نه هون“.
(13) ”ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون“.
(14) ”سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين“.
(15) ”اڱڻ تازي“، ”ٻاهر ڪنڍيون“، ”پکا پت سهن“.
(16) ”سرهي سيج“، ”پاسي پرين“، ”مر پيا مينهن وسن“.
(17) ”آريون آبر آسري“، تاڙا تنوارين“.
(18) ”سارنگ کي سعيو“، ”توکي سعيو نه ٿئي“.
(19) ”گڙي ٿو گمان ۾ آيو ڪي آيو“.
(20) ”سارنگ سائي سٽ“، ”جهڙي لالي لاک جي“.
(21)
اي سي اُٻونِ انگيا، جئن سي چنيءَ چٽ.
(22) ”ملڪاڻيءَ تا موٽيو“، ”ڪري پٻ پاسو“.
(23) ”
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين“.
(24) ”مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي“.
(25) ”بادل ٿي بيهان جي“ آگم اچڻ جا ڪرين.
(26) ”تنگ ڀڄن“، ”ترڪش پس“، ”سڄڻ چت پون“.
V (27) ”ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪئو“، ”جهڙ پو جهڻڪن“.
(28) ”سڻيو رڙ رعد جي ڪليون ٿيون ڪنبن“.
(29) ”مند ٿي“، ”منڊل منڊيا“، ”ڪي اوهيڙن اوڪ“.
(30) ”چاچر ٿي ڇنن ۾“، ”مينهون چرن موڪ“.
(31) ”اچن آب اکين ڪيو وڄون اُتر واءِ“.
VI (32) ”ڪانڌ تنهنجي ڇاندريءَ سيءَ مران سڀ رات“.
(33) ”ڪامل ڪپاهن ۾ پيئي ٺار ٺران“.
(34) ”سڄو صاف نه اڀري سرلي وٺان سڄ“.
(35) ”سڄو صاف نه اڀري سرلي وٺان سڄ“.
(36) ”منهن چڙهيو ماڻهن کي ڏئي واڌائي وڄ“.
(37) ”ڍٽ ڍري/پٽ پيون/پاسي پاڪر“.
مٿيان سڀئي عڪس مون شاهه لطيف جي رڳو هڪ سُرَ
مان ڏنا آهن. ڪي ڪي سِٽون اهڙيون آهن، جن ۾ هڪ
کان وڌيڪ عڪس آهن، پر سڀ عڪس هڪ يڪو عڪس به ٺاهڻ
ٿا. ههڙي عڪس کي گهڻ پارو
(Complex Impage)
چئبو. (ڏسو 15، 16، 17، 18 ۽ 27).
مٿي آيل عڪسن کي جدا جدا هيڊن ۾ ورهائي ٿو سگهجي.
مثال طور:
1.
ڏسڻ جي وسيلي مشاهدي ڪرڻ جا عڪس،
(sight imagery)
هي هيٺيان آهن آگميو آهي، لڳهه پس، اٻون ڪڪرن
ڪِڍڙيون، ڪڪر ٿو ڪري، اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا
ويس ڪيا، ڪڪر ڪي چپٽي، مند ٿي، منڊل منڊيا، ڪي
اوهيڙن اوڪ.
2.
رنگين عڪسي مشاهدي وارا عڪس:
(Colour imagery).
مثال طور: سارنگ سائي سِٽَ، جهڙي لالي لاک جي، ايءُ سي اُٻُنِ انگيا جئن سي
چُنيءَ چٽ، اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين،
وڄون وسڻ آئيون ڪري لال لبيس، ڪارا ڪڪر ڪيس.
3.
غير متحرڪ مشاهدي وارا عڪس
(Static imagery).
مثال طور: پٽن جهليا پاه، مٿي گسن گاهه، سرهي سيج، پاسي پرين، آڙيون ابر
آسري، تنگ ڀڄن، ترڪش پس، سڄن چت پون.
4.
متحرڪ مشاهدي وارا عڪس:
(Kinetic imagery).
ساريو سپرين کي لڙڪ ڳلن تي پون، سي مر رويو رون جن مسافر سپرين، سارنگ کي
سعيو، اچن آب اکين ڪيو وڄون اتر واءِ، منهن
چڙهيو ماڻهن کي ڏئي واڌائي وڄ.
5.
انتقالي مشاهدي وارا عڪس
(Synaesthetic imagery):
پرين جي پرديس مون کي مينهن ميڙيا، سانوڻ پسي
سرتيون سڄن ساريو مون،
جهڙ نيڻون نه لهي ڪڪر هون نه هون، ساريون سپرين کي لڙڪ ڳلن تي
پون،
مينهان ۽ نيهان ٻئي اکر هيڪڙي، ڍٽَ ڍري پٽ پيون
پاسي پارڪر.
6.
ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس. مثال طور: تاڙا تنوارين، گڙي ٿو
گمان ۾ آيو ڪي آيو، ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪئو جهڙ پسيو
جهڄن، سڻي رڙ رعد جي ڪليون ٿيون ڪبنن.
7.
حرارت واري مشاهدي جا عڪس
(Thermal imagery):
ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ سيءَ مران سڀ رات، ڪامل ڪپاهن ۾ پيئي ٺارِ ٺران.
8.
حواسن کي لطف ڏيڻ وارا عڪس
(Sustatory imagery):
مينهان ۽ نيهان ٻئي اکر هيڪڙي، جهڙ نيڻون نه لهي ڪڪر هون نه
هون، بادل ٿي بيهان جي آگم اچڻ جا ڪرين.
هنن عڪسن کان سواءِ ڪي اهڙا عڪس به آهن، جن ۾
ڪنهن به حواس کان مدد نه ورتي ويئي آهي. هنن
عڪسن جو واسطو تصور ۽ سوچ سان آهي. مثال طور:
”سارنگ کي سعيو، توکي سعيو نه ٿيو.“ ”گڙي ٿو
گمان ۾ آيو ڪي آيو.“ ڏسجي ٿو ته هنن عڪسن جو
واسطو دل جي ڪيفيتن سان آهي. ”ساريو سپرين کي،
لڙڪ ڳلن تي
پون“ دل جي اڌمي جو اظهار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ”سيئي مر رويو
رون، جن مسافر سپرين“ به دل جي حالت ۽ غم ۽ اندوه
جو تصور ظاهر ڪري ٿو.
هنن مثالن جي آڌار تي شاهه جي ڪلام کي وڌيڪ سمجهڻ
جي خيال کان اسان وڌيڪ ڪم ۽ محبت ڪرڻ لاءِ ڪي نوان
نڪتا به مقرر ڪري سگهون ٿا. مثال طور:
(1)
شاهه گهڻي ۾ گهڻا عڪس سر سارنگ ۾ ڇو ٿو ڏئي؟
(2)
سارنگ ۾ ڪم آيل عڪسن مان گهڻا ڪهڙي نموني جا آهن ۽ انهن
مان توهان شاهه لاءِ ڇا ٿا سوچيو.
(3)
شاهه جي قلبي مشاهدي ۽ بصري مشاهدي جي ڀيٽ ڪريو.
(4)
شاهه جا اُهي عڪس ڏيو، جن ۾ بَصري ۽ قلبي مشاهدا هڪڙي ئي
هنڌ آهي. (مثال طور: اچن آب اکيئين ڪيو وڄون اتر
واءِ. هن عڪس ۾ ”آب اکئين ڪيو“ قلبي ڪيفيت لاءِ
آيو آهي ۽ ”اچن وڄون اتر واءِ“ بصري مشاهدي لاءِ
آيو آهي). ٻئي مشاهدا هڪڙي هنڌ ملي هڪ نرالو يعني
انتقالي مشاهدو ٺاهن ٿا.
رسالو منهنجي اڳيان رکيو آهي. انسان جي من جي
ڪهاڻي منهنجي اڳيان آهستي آهستي پاڻ کي کوليندي ٿي
وڃي ۽ مان ان کي ڏسندو لکندو ٿو وڃان. ڀٽائيءَ جي
عظمت مون جهڙي هڪ سنڌي پڙهيل ماڻهوءَ کان ڪجهه
گهري ٿي. آءٌ سمجهان ٿو ته عقيدت ۽ عزت ٻئي اسان
کي للڪاري رهيون آهن. اسان اڃا تائين پنهنجي ورثي
کي پاڻ به سمجهي نه سگهيا آهيون ته ٻين کي ڪهڙيءَ
ريت ۽ ڪڏهن سمجهائي سگهنداسون. آهي ڪو جو لوڪ سُتي
اُٿي ويهي ۽ پرينءَ جي پچار ڪري ۽ انهيءَ ڳالهه جي
پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ته ماڻهو منهنجو لکيو پڙهندو
ئي ڪونه، هو رڳو لکندو رهي!
***** |