سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :9

غلام رباني آگرو

 

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي

اسان جي تاريخ جو هڪ اهم وَرَقُ

 

(1)

غالباً 1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي.

الياس عشقي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اعليٰ عملدار هو. تنوير ۽ مون سان دوستي هئس، هڪ ڏينهن وٽس ويٺا هئاسين، ته چيائين ته ”سڀاڻي شام واندا هجو، ته ’رٽز هوٽل‘ ۾ اچجو. اسان ’روٽري ڪلب‘ طرفان راشدي صاحب جو ليڪچر رکيو آهي.“

رٽز هوٽل، تن ڏينهن ۾، حيدرآباد ۾ سٺي ۾ سٺي هوٽل هوندي هئي. اورينٽ هوٽل ٺهڻ کان اڳ، سنڌ جو عالمُ، پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ يا پنهنجي ڪنهن ڪم ڪار سان ڪراچيءَ مان ايندو هو، ته به رٽز هوٽل ۾ اچي ٽڪندو هو. اديبن جون ڪچهريون به ساڻس اتي ئي رٽز هوٽل جي اڳيان ’ڪنڊي پارڪ‘ ۾ ٿينديون هيون، جن ۾ جويو صاحب، شيخ علي محمد، نياز همايوني، تنوير عباسي، مان، حميد سنڌي، ٻيڙو فقير، مولانا قاسمي، مولانا گرامي، اسد الله شاهه حسيني ۽ نفيس احمد ناشاد اڪثر شريڪ ٿيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻيو دوست به اچي شامل ٿيندو هو.

پير صاحب جو وڏو ڀاءُ، پير علي محمد راشدي، ڪراچيءَ مان حيدرآباد ايندو هو، ته اول حافظ مبارڪ علي شاهه وٽ ’موتي محل‘ ۾ ٽڪندو هو. پوءِ وري ڪو عرصو محمد حسين پنهور وٽ ٽنڊي ڄام هليو ويندو هو. ان کان پوءِ ڪجھ عرصو ڪوهنور سئنيما جي ’گيسٽ هائوس‘ ۾ غلام نبي ميمڻ وٽ ٽڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انڊس هوٽل ۾ به رات رهندو هو. پوءِ، هوٽل جي ماني ڪونه کائيندو هو. سو، مان گهران ماني ٺهرائي کيس پهچائي ايندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ مان فئمليءَ سان ايندو هو، ته مون وٽ ڏپهرو ڪري، ڏينهن ٺاري، شام جو دادوءَ ۾ هليو ويندو هو.

ٻئي ڏينهن تنوير ۽ مان مقرر ٽائيم تي رٽز هوٽل ۾ پهتاسين. ميزبان ۽ خاص مهمانُ پهچي چڪا هئا: دعوتين ۾ به ادراڪ اچي چڪا هئا: ٻيا رهيا هئا. عشقي صاحب جو هڪ دوست هوندو هو، جو اکين جو مشهور ڊاڪٽر هو. (شايد رجن ڊاڪٽر رضوي ڪوٺيندا هئس.) تنهن راشدي صاحب کان پڇيو ته ”ليڪچر ڪهڙي موضوع تي ۽ ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ ڏيڻ گهرو ٿا؟“

راشدي صاحب آرام سان چيس ته ”جنهن به موضوع تي چئو ۽ جنهن به ٻوليءَ ۾ اوهان جي مرضي هجي.“- آخرڪار، پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري، فيصلو ڪيائون، ته ليڪچر انگريزيءَ ۾ رکجي، ۽ موضوع هجي: ”سنڌ جي بامبي پريزيڊنسيءَ کان جدائي“ جيڪا هاڻي آزاد پاڪستان ڏانهن پهريون قدم ثابت ٿي چڪي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ دليل هي پئي ڏنائون:

1- سنه 1936ع ۾ سنڌ آزاد صوبو ٿي. انهيءَ کان ٻه سال پوءِ، سن 1938ع ۾، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، پر سائين جي. ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير علي محمد راشدي اڳيان اڳيان هئا. ڪانفرنس جو روح روان، بهرحال، سر عبدالله هارون هو.

2- سائين جي. ايم. سيد تڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو نائب صدر هوندو هو. سو، ٻڌائيندو هو ته ”قائداعظم جو بجنسي دهل دمامن ۽ نغارن سان استقبال ڪيو ويو، کيس هڪ شاهي جلوس ۾ شهر ۾ آنبدو ويو، جنهن ۾ ماڻهن جا انبوهه ته هڪ طرف هئا، پر، سينگاريل اُٺ ۽ گهوڙيسوار به شامل هئا. ڪراچيءَ ۾ نه اهڙو نظارو اڳي ڏٺو هو ۽ نه وري پوءِ ڪڏهن ڏسندي.“

3- ڪانفرنس ۾ خاص ڳالهه اها ٿي، ته قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ، تاريخ ۾ ”پهريون ڀيرو“، هندستان کي ٻه حصا ڪري، هندن ۽ مسلمانن ۾ ورهائڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيو.*

پير علي محمد راشديءَ، ’اُهي ڏينهن، اُهي شينهن‘ ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ لکيو آهي ته” اهو ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو ۽ پيش ڪيو هو.“

سائين جي. ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ لکيو آهي ته ’ڪراچي ڪانفرنس شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحريڪ سان ٿي هئي ۽ ان ۾ ٺهراءُ به شيخ صاحب پيش ڪيو هو.‘

سنه 1940ع ۾، ٻه سال پوءِ، ساڳيو ٺهراءُ لاهور ۾ وڌيڪ چٽن اکرن ۾ منظور ٿيو، جنهن کي، هاڻي، ”1940ع واري قرارداد پاڪستان“ (Pakistan Resolution of 1940) سڏن ٿا.

مٿئين پس منظر ۾، سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ علم دوستن کي سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ جي ’غير معمولي اهميت‘ معلوم ٿيندي. اعجاز قريشيءَ، تازو، سنڌ جي تاريخ تي ٻه ٽي سٺا ڪتاب سايع ڪيا آهن. نوالدين سرڪيءَ، جمال رند، اعجاز قريشيءَ، شوڪت شوري، عبدالقادر جوڻيجي، نياز همايونيءَ، حسن ڀٽي، حميد سنڌيءَ، ادل سومري ۽ ٻين اهڙن سِنڌُ- دوستن، کي گهرجي، ته هو سنڌ جي ’بامبي پريزيڊنسي کان جدائي‘ ۽ ’ون يونٽ‘ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ بابت مستند معلومات رڪارڊ تي آڻن، جو پاڻ سنڌ جي تاريخ جي انهيءَ باب جا اکين ڏٺا، معتبر شاهِدَ آهن.

****

راشدي صاحب رٽز هوٽل ۾ بوسڪيءَ جو پهريَاڻُ ۽ سفيد شلوار پائي آيو هو. هڪ صوفا تي نيم دراز هو ۽ پائيپ ڇڪي رهيو هو. عشقي صاحب جي ’مرحبائي اکرن‘ کانپوءِ اٿيو ۽ ليڪچر شروع ڪيائين. پر، انگريزي اسان جي مادري ٻولي ڪانهي. سو، هو اتفاق سان ڳالهائيندي ائين چئي ويٺو ته:

“When the plane came down”

اهو ٻڌي، سرجن ڊاڪٽر رضويءَ دانهن ڪئي: “When the plane came down!”

راشدي صاحب چڪ درست ڪندي چيو ته: “I mean, when the plane landed”


راشدي صاحب جي ليڪچر جا مکيه نڪتا هي هئا:

1- 1930ع واري ڏهاڪي ۾، برصغير جي ٻين علائقن وانگر، سنڌ ۾ به ’هندو-مسلم‘ ڇڪتاڻ هئي. سنڌ جي مسلمانن جو ڀلو انهيءَ ڳالهه ۾ هو، ته سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان جدا ڪري، آزاد صوبو بنايو وڃي. پر، سنڌي هندو ان ڳالهه ۾ خوشه ڪونه هئا. اُهي بامبي پريزيڊنسيءَ ۾، ٻين هندن سان گڏجي، اڪثريت ٺاهي، اسيمبليءَ ۾، پنهنجي مرضيءَ جا قانون پاس ڪرائي ٿي سگهيا. سي، جدا سنڌ صوبي ۾ اقليت ٿي وڃن ها، انڪري بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ جا مخالف هئا.

2- انگريز سرڪار ٻنهي ڌرين جو ضد ڏسي چيو، ته هي جو پاڻ ۾ اجايو وڙهي، ڊَهِي، ڍانگها ٿين، تنهن کان ته چڱو آهي ته لنڊن ۾ ”گول ميز ڪانفرنس“ ڪوٺائجي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا عيوضي شريڪ ٿين ۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ راءِ جي پٺڀرائي ۾ دليل ڏين ته فيصلو ڪجي.

3- ٻنهي ڌرين اهو ٻڌي ”واه واه“ ڪئي ۽ چيو ته ”اهو فيصلو قبول آهي.“

4- راشدي صاحب چيو ته هندن پنهنجو ڪيس تيار ڪرڻ جو حڪم ڇٻلاڻيءَ کي سونپيو، جو معاشي مسئلن جو وڏو ماهر هو. مسلمانن وري اِهو ڪم مون کي سونپيو، ڇو ته ڪيس ٺاهڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻا هئا ۽ مضبوط دليل دلائل ڏيڻا هئا، جيڪو تمام ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم هو. پر، مون ڪيس ٺاهڻ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي. رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيم.

5- آخرڪار، ڪيسُ تيار ڪري، خانبهادر کهڙي کي ڏنم، ڇو ته سنڌ جي مسلمانن اهو به فيصلو ڪيو، ته ڪيس ته راشدي صاحب ٺاهي، پر، گولي ميز ڪانفرنس ۾ خانبهادر کهڙو پيش ڪري، جو اُن وقت جو تمام وڏو جوشيلو جوان ۽ سنڌي مسلمانن جو مڃيل اڳواڻ هو.‘

6- اسان ڪراچيءَ مان خانبهادر کهڙي کي لنڊن رخصت ڪيو. تن ڏينهن ۾ جهاز هوندا هئا، پر، اهڙا جو ماڻهو منجهس چڙهي وهندو هو، ته پري کان پيو نظر ايندو هو. هوائي جهاز خير سان اُڏاڻو ته سهي، پر، رستي ۾ منزلون ڪرڻيون هيس. اوچتو خبر آئي، ته هڪ برپٽ ۾ ڪري پيو آهي، اِهو ٻڌي اسان جا هيانءَ ٻُڏي ويا. پر، ستت ٻي خبر اچي ملي، ته خانبهادر کهڙو، برپٽ ۾ چاليهارو ميل پيادل سفر ڪري، وڃي ٻئي ايئرپورٽ تائين پهتو ۽ گول ميز ڪانفرنس جي مقرر تاريخ کان اڳ لنڊن پهچي ويو.- اهو ٻڌي اسان سڀ وري سرها ٿياسين.

7- راشدي صاحب چيو ته گول ميز ڪانفرنس ۾، هندن ۽ مسلمانن جي عصوضين پنهنجا پنهنجا دليل دلائل ڏنا. لٺيون ۽ ڌُڪا سو ڪونه کنيائون، پر، بحث مباحثُ وڏو ٿيو. آخرڪار، سڀ دليل دلائل ٻڌڻ کانپوءِ، انگريز سرڪار، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ کي ”بامبي پريزيڊنسي‘ کان جدا ڪري، جدا صوبو ٺاهيو وڃي.

8- سنڌ جي هندن گهڻئي منهن مٿو پٽيو. پر، ورين ڪجھ ڪونه. سو، روئي پٽي، ماٺڙي ڪري، ويهي رهيا. اسان مسلمانن شرنايون ۽ دهل وڄائي، ٿڌا کير پيتا.

راشدي صاحب جو ليڪچر، هڪ ته تمام اهم موضوع تي هو، ۽ ٻيو ته سندس شخصيت ۽ ذهانت جو عام اثر ويٺل هو، سو، اسان به سندس ليڪچر ٻڌي ڏاڍا متاثر ٿياسين. هاڻي ان ڳالهه کي ورهين جا ورهيه وري ويا آهن، پر رٽز هوٽل جو ماحول ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ راشدي صاحب جي ليڪچر ڏيڻ وارو اهو منظر ڄڻ ته اڄ به منهنجين اکين اڳيان آهي. مان ڪو زمانو سوچيندو رهندو هئس ته:

ڪنهن به وڏيءَ ڪاميابي ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي راشدي صاحب وانگر ڪيڏي نه دماغ سوزي ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي!

(2)

راشدي صاحب جن ڏينهن ۾ ”سنڌ جي بامبي پريزيڊنسيءَ کان جدائي“ بابت ليڪچر ڏنو، انهيءَ زماني ۾، سنڌ کي اولهه پاڪستان جي ٻين ننڍن صوبن وانگر، ماڻهن جي مرضيءَ جي برخلاف، ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ڪيو ويو هو. اهو عمل بامبي پريزيڊنسيءَ کان به بڇڙو هو، ڇو ته بامبي پريزيڊنسيءَ ۾ سنڌ کي ”جدا تشخصُ“ ته هو.—مٿس هڪ جدا انگريز ڪمشنر مقرر ٿيل هوندو هو.

”ون يونٽ“ ۾ سنڌ جو جدا تشخُصُ ته ڇا، ڪو وجود ئي ڪونه هو. سرڪار جي ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪري عام ماڻهن کي چتاءُ ڏنو هو ته رڳو خطن جي ايڊريسن ۾ ڪنهن شخص ”سنڌ“ لفظ لکيو، ته اهو به ڏوهه ڪيائين. اهڙيءَ ’ٻَڪَرَ-ٻُوساٽَ‘ جو ردعمل به اهڙوئي ٿيندو. سو، سنڌ ۾ ”ونيونٽ“ جي خلاف تمام ڏاڍي نفرت هئي.

ان صورت حال ۾، جنهن به شخص راشدي صاحب جو ليڪچر ٻڌو، تنهن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، ته جيئن اڳي سنڌ کي ”بامبي پريزيڊنسيءَ“ جي پنجوڙن من آزاد ڪرايو ويو هو، هاڻي ”ون يونٽ“ مان به ائين ئي آجو ڪرائجي. انهيءَ رٿ تي عمل ڪرڻ لاءَ رهبريءَ واسطي نگاهون خودبخود انهن شخصن ڏانهن کڄي ٿي ويون، جن سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم بهرو ورتو هو. راشدي صاحب جي ليڪچر مان معلوم ٿيو، ته انهيءَ تحريڪ ۾ مکيه شخصَ پاڻ ۽ خانبهادر کهڙو هئا. پر، بدقسمتيءَ سان، ”ون يونٽ“ ٺاهڻ ۾ به پاڻ ٻئي ڄڻا سرِ فهرست هئا.

اهو ڏسي، ون يونٽ جو مخالفُ، سنڌ جو نوجوانُ ۽ پڙهيلُ ڪڙهيلُ طبقو، وڃي سائين جي. ايم. سيد جو پوئلڳ ٿيو، جو شروع کان ون يونٽ جو ايڏو مخالف هو، جو سنڌ سرڪار سنڌي وڏيرن جي نَڪَ ۾ ناڪيلي وجھي، کين اُٺَ وانگر ڪاهي. اسيمبليءَ ۾ جهڪائي، ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ته ورتو، ليڪن، انهيءَ کان اڳ، جي. ايم. سيد کي جيل ۾ وجھڻ ضروري سمجھيائين. جڏهن جيل مان آزاد ٿيو، ته وري گهر ۾ نظربند ڪيائونس ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين آزاد نه ڪيائونس. پر، هو نظربنديءَ ۾ به ون يونٽ جي مخالفت ۽ سنڌ جي حقن جي گُهرَ ڪندو رهيو. هِنَ پس منظر ۾، پهريائين ”بزم صوفيائي سنڌ“ ٺهي ۽ پوءِ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ زور ورتو.

****

(3)

”سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ“ ۾ منهنجي دلچسپي ڪجھ راشدي صاحب جي انهيءَ ليڪچر جي ڪري، ۽ ڪجھ سائين ميران محمد شاهه جي ڪري وڌي. هو سنه 1963ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر- سيڪريٽري (اعزازي) هو. مون سان سدائين ”سنڌ جي بامبي پريزيڊنسيءَ کان جدائي“ جون ڳالهيون ڪندو رهندو هو، جن مان ڀانيم ته پاڻ به ان ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو هئائين. پر راشدي صاحب پنهنجي ليڪچر ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه ڪئي هئي.

بهرحال، اهو مسئلو حل ٿي ويو. مون ننڍپڻ ۾ پرائمري تعليم جي زماني ۾، بابا سائينءَ جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ ”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ ڏٺو هو. انهيءَ ۾ اسان ٻارن جي دلچسپي رڳو منجھس ڇپيل تصويرن جي ڪري هئي. جيڪي سڀ جون سڀ آرٽ پيپر تي ڇپيل هيون. اسان ڪئنچيءَ سان ڪتري، پنهنجي ڪتابن تي چنبڙايون هيون.- ائين اهو ”نمبر“ سڄو خراب ڪري ڇڏيوسون. پر، اهو اڃا ياد اٿم، ته منجهس سنڌ جي جدائيءَ تي ٻه ٽي سٺا مضمون ڇپيل هئا ۽ سکر براج جون تمام سٺيون تصويرون هيون. پر، ان ڳالهه کي ورهيه وري ويا. هاڻي، سوچڻ لڳس ته، ”اهو نمبر اچي ڪٿان؟“

هڪ دوست قرب ڪيو جو ”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ جو اصلوڪو ايڊيشن آڻي ڏنائين. پڙهيم، ته واقعي منجھس انگريزي مضمون سان گڏ سائين ميران محمد شاهه ۽ خانبهادر کهڙي جا سنڌي مضمون ڏٺم، جي غور سان پڙهيم. سائين ميران محمد شاهه جي مضمون جا مکيه نڪتا هي آهن:

1- سنه 1843ع ۾، انگريزن جي فتح کانپوءِ، سر چارلس نيپئر، ڇهه سال کن، سنڌ جو گورنر ٿي رهيو. سندس روانگيءَ کان پوءِ سنڌ بامبي پريزيڊنسيءَ سان ملايو ويو، مٿس حڪومت ڪرڻ لاءِ هڪ انگريز ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.

2- سنه 1900ع تائين ساندهه ستونجاهه سالن جو جيڪو عرصو گذريو، تنهن ۾ پريزيڊنسيءَ جي گاديءَ جي هنڌ، بمبئيءَ کان پري هئڻ ڪري، سرڪاري ڪمن ڪارين جي اُڪلاءَ ۾ دقت ٿيڻ سببان، سنڌ جا عام ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. ڪمشنر جي روش هڪ ڊڪٽيٽر واري هئي.

3- سڀ کان اول، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، سنه 1913ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ۾، سنڌ جي ماڻهن سان اهنج جون دانهون ڪيون ۽ بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جو آواز اُٿاريو.

4- ٻيو نمبر شخص شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جنهن، سنه 1924ع، اخبارن وسيلي، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو سوال کنيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنه 1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي عليڳڙهه واري اجلاس ۾، سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو. اهو ٺهراءُ به شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪوشش سان پاس ٿيو. 1926ع ۾، آل انڊيا مسلم ليگ دوباره اهو ٺهراءُ پاس ڪيو.

5- سنه 1927ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ به ان سوال کي کڻن لاءِ ڪانگريس کي سفارش ڪئي، جنهن تي سنڌ جي هندن ۾ ناراضپو پيدا ٿيو.

6- سنه 1927ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس به سنڌ کي جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو.

7- سنه 1928ع ۾ نهرو ڪاميٽيءَ پڻ سنڌ جي هندن جي مخالف ت هوندي، سنڌ کي بامبي پريزيڊنسيءَ کان جدا ڪري آزاد صوبو بنائڻ جو مطالبو قبول ڪيو.

8- سنه 1928ع ۾ انگريز سرڪار هندستان ۾ سڌارن لاءِ ”سائمن ڪميشن“ مقرر ڪئي. اُن موقعي تي ”بمبئي ڪميٽي“ مقرر ٿي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن مان سر شاهنواز ڀٽو ۽ سيد ميران محمد شاهه ميمبر هئا. بمبئي ڪميٽيءَ جي سمورن ميمبرن سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. انهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو به شامل هو. پر، اڪيلي سيد ميران محمد شاهه سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جي وڪالت ڪئي. کيس انهيءَ موقف وٺڻ لاءِ سر ابراهيم رحمت الله ۽ قائداعظم محمد علي جناح همٿايو. ائين پهريون ڀيرو سرڪاري رڪارڊ تي سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ لاءِ ”سيد ميران محمد شاهه جو نوٽ“ رڪارڊ تي آيو، جنهن جي لکڻ ۾، جمشيد مهتا جي انهيءَ موضوع تي اڳيئي لکيل. ڪتابڙي مان کيس وڏي مدد ملي هئي.

9- هزهائينيس سر آغا خان جي صدارت هيٺ، آل پارٽيز مسلم ڪانفرنس، سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جو مطالبو پيش ڪيو. بَيَڪِ وقت، سائمن ڪميشن جي سينٽرل ڪاميٽيءَ به اهڙي سفارش ڪئي.

10- نومبر 1930ع کان جنوري 1931ع تائين لنڊن ۾ ”گول ميز ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله شريڪ ٿيا. سنڌ جي مسلمانن کي اچي ڳڻتيءَ ورتو. ڇو ته سر شاهنواز ڀٽي اڳي ”بمبئي ڪميٽي“ ۾ سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جي مخالفت ڪئي هئي. پر، هن ڀيري ٻنهي ڄڻن سنڌ کي جدا صوبو ڪرڻ جي حمايت ڪئي.

11- ستت، ارل رسيل جي صدارت هيٺ ”سنڌ سب ڪميٽي“ مقرر ٿي، جنهن جا ميمبر هئا:

(1) سر سلطان محمد آغا خان (2) قائداعظم محمد علي جناح (3) سر محمد شفيع. ڪاميٽيءَ سفارش ڪئي، ته سنڌ کي جدا صوبو بنايو وڃي، ليڪن، مالي صورتحال جي جاچ ڪجي.

12- پروفيسر ڇٻلاڻي معاشيات جو وڏو ماهر هو. سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جي سخت مخالفت بلڪ پروپئگنڊا ڪئي هئائين ۽ ڪتاب به لکيو. مسلمانن SUFFERINGS OF SINDH نالي هڪ جوابي ڪتابڙو لکيو ۽ اخبارن ۾ مضمون ڇپايا.*

13- ”سنڌ ڪاميٽيءَ جي فيصلي موجب مالي معاملن جي جاچ جوچ ٿي، ته خانبهادر کهڙي، خانبهادر الله بخش، سيد ميران محمد شاهه ۽ سر حاجي عبدالله هارون سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ لاءِ ڪاميٽيءَ اڳيان وڪالت ڪئي. هندن مان پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ۽ ٻين مخالفت ڪئي.

14- سيپٽمبر 1931ع ۾ لنڊن ۾، ٻي گول ميز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مالي مسئلن جو جائزو ورتو ويو. مسلمانن جو ڪيس خانبهادر کهڙي ۽ هندن جو ڪيس پروفيسر ڇٻلاڻيءَ پيش ڪيو.

15- تاريخ 16 سيپٽمبر تي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ”آزاد سنڌ ڏينهن“ وڏي زور شور سان ملهايو ويو. فيصلو سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ڪيو ويو. پر، درحقيقت، انهيءَ کان اڳيئي انهيءَ جي تحريڪ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي هئي.

16- سنڌ ۾ هندو- مسلم ڇڪتاڻ زور تي پهچي وئي هئي. الهه آباد ۾، شيخ عبدالمجيد ”يونٽي ڪانفرنس“ ۾ هندن کي سنڌ جدا صوبو بنائڻ تي آماده ڪيو. پر، سنڌ جي هندن ان ڳالهه کي ڪونه مڃيو.

17- هندو- مسلم ڇڪتاڻ جي ڪري، پير علي محمد راشديءَ کي ’پروپئگنڊا آفيسر‘ مقرر ڪيو ويو، ته هندن جي مخالفت جا جواب ڏيندو رهي. هو ”ستاره سنڌ“ اخبار ۽ ”سنڌ زميندار“ وسيلي اڳيئي اهو ڪم ڪري رهيو هو.

18- مارچ 1933ع ۾، انگلستان جي پارليامينٽ جي فيصلي موجب، سنڌ مان مسلمانن جي هڪ نمائندي کي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. خانبهادر کهڙو هوائي جهاز رستي روانو ٿيو، جهاز ايران ۾ ڪنهن برپٽ ۾ ڪري پيو. پر، خابهادر کهڙو ۽ سندسن ساٿين، همٿ ڪري لنڊن پهچڻ جو بندوبست ڪري ورتو ۽ جائنٽ پارليامينٽريءَ ڪميٽيءَ اڳيان سنڌ جي مسلمانن جو ڪيس پيش ڪيو. پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ۽ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگهه هندن جو ڪيس پيش ڪيو.


*  هونئن، عام طرح ائين مشهور آهي ته سنه 1930ع ۾ الہ آباد واريءَ آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ علامہ اقبال پنهنجي صدارتي خطاب ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي.

*  مون اهو ڪتابڙو پڙهيو آهي. ڇپيو خانبهادر کهڙي جي نالي ۾ هو، پر لکيو پير علي محمد راشديءَ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com