سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :20

شيخ اياز جي تربت جي تعمير ۽ سندس چوٿينءَ ورسيءَ جو ڏهاڙو

 

سنڌ جي نامياري شاعر، شيخ اياز، 28- ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي هئي. اُن تاريخ تي، سندس ياد ۾، شيخ اياز فائونڊيشن جلسو ڪندو رهيو آهي. پر، گذريل سال اِهو جلسو سندس وفات جي تاريخ بدران سندس ولادت جي تاريخ (2- مارچ) تي ڪيو ويو هو. شيخ اياز فائونڊيشن هن سال به اها روايت قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو۽ ميٽنگ ۾ اِهو طئي ڪيو ته سندس وفات جي تاريخ تي سندس مزار تي حاضري ڏبي، گلن جون چادرون چارهيون ۽ فاتح پڙهبي.

يادگيريءَ لاءِ هت ايترو عرض ڪرڻ مناسب ٿيندو ته شيخ اياز جي وفات کان پوءِ سندس قريبي دوستن سنڌ سرڪار کان، شاهه ڀٽائيءَ جي سايي ۾، سندس مٽيءَ پنوڙي ٺاهڻ جي موڪل گهُري هئي. تهوڪي سيڪريٽري ڪلچر، مسٽر عبدالحميد آخوند ٻڌايو ته ”ڀٽائي جي رضي جي ٻاهران، قبرستان ۾ ته ڪنهن مزار لاءِ جاءِ ڪانه بچي آهي.“ هن چيو ته، ”پر، مرحوم شيخ صاحب جي خاڪي جسم کي ڪلچرل سينٽر وٽ رکڻ جو ارادو هجي، ته مان هر ممڪن مدد ڪندس.“

انهيءَ پس منظر ۾، تنوير عباسي، ظفر ڪاظمي، تاج جويو ۽ ٻيا دوست بروقت ڀٽ شاهه ويا هئا ۽ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي شيخ اياز جي ابدي آرامگاهه لاءِ موزون هنڌ پسند ڪيائون، جتي شيخ اياز جو حسد خاڪي دفن ٿيو. فائونڊيشن في الحال ڪچي قبر جوڙائي. شيخ اياز جي شايان شان سُهڻي مزار ۽ مٿس ڪو سائبان تعمير ڪرڻ لاءِ مختلف نقشا ٺهرايا ۽ سنڌ سرڪار کان منظوري گهري. پر، سرڪاري فقط مزار کي سهڻو ڪري تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ چيو ته شاهه سائينءَ جي روضي جي احترام ۾ اُتي ٻيو ڪوبه سائبانُ، ڪا ڇٽي، ڪو گنبذ وغيره ٺهي نٿو سگهي.

فائونڊيشن، هن صورتحال ۾، مزار کي سهڻي کان سهڻو تعمير ڪرڻ لاءِ پروگرام رٿيو، عوام ۽ خواص کي مالي مدد ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ اپيل ڇپائي. پر، ڪٿان به ڪا مالي مدد ڪانه ملي.

اُن کان اڳ، سنڌ سرڪار جي تهوڪي صلاحڪار، جناب شاهه محمد شاهه ۽ فائونڊيشن جي ميمبر، مسٽر مدد علي سنڌيءَ جي ڪوششن سان شيخ اياز جي ياد ۾ ڀٽ شاهه ۾ هڪ جلسي جو اهتمام ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جو تڏهوڪو گورنر، رٽائرڊ جنرل معين الدين حيدر، سنڌ جو تڏهوڪو وزير اعليٰ جناب لياقت علي جتوئي ۽ تڏهوڪو وفاقي وزير اطلاعات جناب سيد مشاهد حسين شريڪ ٿيا. جناب معين الدين حيدر شيخ اياز جو هڪ ڪتاب گورنر هائوس طرفان ڇپائڻ جو اعلان ڪيو. جناب مشاهد حسين فائونڊيشن کي هڪ لک رپيا مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ۽ وزيراعليٰ سن، لياقت علي جتوئيءَ مزار جي شايان شان تعمير ۽ اياز جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ فائونڊيشن کي ڏهن لکن رپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

فائونڊيشن جي ميمبر مسٽر غلام رباني آگري، جناب معين الدين سان ملاقات ڪئي، ۽ اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جو آخرين جلد ڇپائڻ لاءِ پيش ڪيو. گورنر اِها تجويز قبول ڪئي ۽ فائونڊيشن کي پنجاهه هزار رپين جو چيڪ ڏنو. اهڙيءَ ريت، شيخ اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جو چوٿون جلد ڇپجي ويو، ۽ اُن جون ڪجهه ڪاپيون جناب معين الدين حيدر کي موڪليون ويون.

جناب مشاهد حسين پنهنجي وعدي موجب فائونڊيشن کي هڪ لک رپيا موڪلي ڏنا.

جناب لياقت علي جتوئيءَ، سنڌ جي شاعر جي قدرشناسي ڪري، ڏهن لکن رپين جي امداد جو جيڪو اعلان ڪيو، تنهن تي جلسي ۾ ماڻهن ڏاڍيون تاڙيون وڄايون هيون. جتوئي صاحب تاڙين جي گونج ۾، خبر سان جيئن جلسه گاهه مان ٻاهر نڪتو، ته وري پنهنجي اعلان جي يادگيري ڪانه پيس. سو، جن دوستن ۽ احبابن جي صلاح سان، هُن اِهو اعلان ڪيو هو، تن کيس يادگيري ڏياري. پر، پاڻ تڙ تڪڙ ۾ هو، سو خير سان غيرمُلڪي سفر تي نڪتو. هڪڙا اطلاع ته اِهي آهن ته پاڻ اڃا سفر تي آهن، پر ٻيا اخباري اطلاع هي آهن، ته پاڻ واپس وطن اچي ويا آهن، ۽ في الحال ڪجهه ڏينهن پنجاب ۾ پنهنجن دوستن جا مهمان ٿي رهندا. فائونڊيشن جا ميمبر دعاگو آهن ته پاڻ وري وزيراعليٰ سنڌ ٿين. کين اميد آهي ته لياقت جتوئي صاحب هن ڀيري ضرور پنهنجو واعدو پاڙيندو.

تربت جي تعمير بابت هيءَ ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ گهرجي ته اردو زبان جو محاورو آهي ته اديب ۽ صحافيءَ جو پاڻ ۾ چولي- دامن جو تعلق آهي، ڇو ته ٻيئي هم-قلم ساٿي آهن. سو، توقع هئي ته سنڌي اخبارون، اياز جي تُربت جي تعمير لاءِ ڪا مدد ڏينديون ۽ همدرديءَ جو آواز اُٿارينديون. پر ٿيو ائين، ته ڪن سنڌي اخبارن، شيخ اياز جي تربت کي کل، مسخريءَ ۽ ٽوڪ جو نشانو بنايو. خبرون ڇاپيون ته ”شيخ اياز جي ڪچيءَ قبر ۾ ڏارون پئجي ويون!“... ”قبر تي جيڪو مجاور ويٺو آهي، تنهن اڄ هي خواب ڏٺو آهي.“ .... وغيره، وغيره. هڪڙيءَ اخبار ته اِها به همتڪئي، جو پنهنجو فوٽو گرافر شيخ اياز جي قبر تي موڪلي، خبر ناهي ته ڪٿان ڪنهن گڏهه کي سائو گاهه ڏيکاري، آترائي، آڻي قبر جي ڀرسان بيهاريائين. پوءِ فوٽو وٺي، پنهنجيءَ اخبار ۾ لکيائين ته ”فائونڊيشن جو ڪم ته ڏسو. اياز جي قبر تي گڏهه بيٺو آهي!“

اُنهيءَ کان به اڳ ڪن سنڌي اخبارن جو ڌنڌو اِهو هو ته اياز جي ٻنهي گهرن وارن سان رابطو ڪري، ڏانهن اُونڌا اُبتا بيان ڇاپي، کين پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. ڀُر ڀُر ڇيڻا!.... رنگ مچاءِ.“ - هن دور جي ’ڪن سنڌي اخبارن‘ پنهنجي دؤر جي عظيم سنڌي شاعر کي مُئي پڄاڻان کيس خراج عقيدت ڏيڻ لاءِ ساڻس اِهو سلوڪ ڪيو!

هي حقيقت تلخ ضرور آهي، پر موجوده دؤر ۾ سنڌي صحافت ۾، هڪ خاص رنگ جو اڻمٽ يادگار آهي. وقت گذريويو،پر، مستقبل جي تاريخنوس لاءِ پنهنجا نشان ڇڏي ويو.

شيخ اياز جي مداحن ۽ فائونڊيشن جي ميمبرن خدا جي فضل و ڪرم سان مزار جي تعمير جي پهرئين مرحلي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾، ڀٽ شاهه ۽ هالا جي سڄڻن، خاص طرح نوابشاهه جي پيرزادن صاحبن پنهنجا ڀال ڀلايا آهن. فائونڊيشن جي هڪ سينئر ميمبر، حميد سنڌيءَ،ڳالهه کي هيڪاري سهڻو بڻايو آهي. هن جي روايتي انداز سان تربت کي ڪاشيءَ سان سينگارڻ جو اهتمام ڪيو.

شيخ اياز جي خاندان پڻ مزار کي ديده زيب بنائڻ لاءِ هٿ ونڊايو. سو، مزار جي چوڌاري فرش ۽ چوديواريءَ جو ڪم ڏاڍو سهڻو ٿي ويو، هاڻي، ڪچيءَ قبر جي جاءِ تي، شيخ اياز جي مزار پري کان ڏسي، اکين ۽ روح کي فرحت اچي ٿي.

دنيا ۾، ڪنهن به ننڍي يا وڏي ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڳالهه انسان جي نيڪ نِيتَ آهي. پر، انهيءَ لاءِ به وسيلن جي ضرورت ٿئي ٿي. مالي ذريعن جي ڪميءَ جي ڪري، شيخ اياز فائونڊيشن جون سرگرميون، شيخ اياز تي ڪتاب ۽ رسالا ڇپائڻ ۽ سندس ياد ۾ ساليانا جلسا ڪوٺائڻ تائين محدود رهيون آهن. سو، سندس سهڻي مزار تعمير ڪرڻ جي ڪم ۾ وقت لڳو.

پر، ٻئي طرف هيءَ حقيقت به ڌيان ۾ رکجي، ته سنڌ ويجهيءَ ڇڪ ۾ وڏا وڏا نامور تعليمدان، دانشور، عالم، شاعر، قومي رهبر، مخير ۽ سياستدان پيدا ڪيا، مثلاً، شهيد الله بخش سومرو، مولانا عبيدالله سنڌي، آنربل غلام محمد ڀرڳڙي، حسن علي آفندي، نورمحمد وڪيل، ٽنڊي باگي وارو مير غلام محمد ٽالپر، آنربل الهه آندو شاهه، علامہ آءِ. آءِ. قاضي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير حسام الدين راشدي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ميران محمد شاهه، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڏيارام گدومل، ڪشنچند بيوس، حيدربخش جتوئي، پير علي محمد راشدي، ۽ ٻيا. (قاعداعظم محمد علي جناح، پير سائين سُورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه راشدي، سائين جي. ايم. سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو زمرو اڃا به اعليٰ ۽ علحده آهي.) پر، اُنهن مشاهيرن مان گهڻن جي ساليانيءَ ورسيءَ يا سالگرهه جي موقعي تي، لاڳيتو سال بسال يادگار جلسا ٿين ٿا، يا مٿن ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر نڪرن ٿا. يا سندن ابدي آرامگاهه تي ورسيءَ جي موقعي تي ماڻهو حاضري ڏين ٿا، ۽ گلن جون چادرون چاڙهين ٿا، سو به هر ڪنهن جي اکين اڳيان آهي!

شيخ اياز اِنهيءَ معنيٰ ۾ خوشنصيب آهي، ته سندس مٽيءَ پنوڙو سندس دوستن جي ئي ڪوشش سان، شاهه سائينءَ جي زير سايه ٺهيو. هر سال مٿس گلن جون چادرون چاڙهيون وڃن ٿيون، سندس ياد ۾ مٿس ڪتاب ۽ رسالا نڪرن ٿا. سندس ياد ۾ فائونڊيشن ٺهيو، ۽ لطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ ”چئر“ قائم ٿي. اِهي سڀ ڳالهيون پاڻ مرادو ته ڪونه ٿيون ٿين. ڪي نه ڪي ماڻهو اُنهن ۾ هٿ وجهن ٿا. هيءَ دنيا ”عالمِ اسباب“ آهي.

 گذريل ڊسمبر جي اٺاويهينءَ تاريخ، وٿينءَ ورسيءَ جي موقعي تي، سندس مزار تي صبح جو سوير سڀ کان اول شيخ اياز فائونڊيشن جي وفد حاضري ڏني. دراصل، فائونڊيشن جي ميمبرن کي پنهنجي چيئرمين جويي صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ حاضري ڏيڻي هئي، پر هُو اوچتو ڪجهه عليل ٿي پيو سو وفد جا ميمبر الڳ الڳ ۽ ٽولين جي صورت ۾، ڀٽ شاهه پهتا. هنن اول سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضري ڏني. سندس مزار مبارڪ تي گل پاشي ڪئي ۽ دعا گهري. بعد ۾ هنن سندن والد شاهه حبيب جي مزار تي ساڳيءَ ريت حاضري ڏني. جمعي جو ڏينهن هو، روضي ۾ اُن مهل فقير راڳ ڳائي رهيا هئا. وفد جا ميمبر اُن کان محظوظ ٿيا.

هو، ان کان پوءِ، گلن جا انبار کڻي، اياز جي ابدي آرامگاهه تي پهتا. سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر مسٽر شوڪت حسين شورو پڻ پنهنجي اداري جي طرفان گلن جي چادر کڻي پهچي ويو هو. هن ۽ اياز فائونڊيشن جي ميمبرن گڏجي، اياز جي مزار تي گل پاشي ڪئي. اهڙيءَ ريت، گلاب جي گلن جي هڳاءُ ۾، فائونڊيشن جي ميمبرن ۽ اياز جي عقيدتمندن سنڌ جي شاعر جي روح کي ختمو ڏنو ۽ بعد ۾، ڪاشيءَ سان سينگاريل سندس سهڻيءَ مزار وٽ يادگار تصويرون ڪڍايون.

ان موقعي تي سنڌ جي سڀ کان مستعد ادبي تنظيم، ”سنڌي ادبي سنگت“ جو سيڪريٽري جنرل، محترم ادل سومرو، پڻ پنهنجي رٿيل پروگرام موجب پهچي ويو هو ۽ جلسي جي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويو هو. اياز فائونڊيشن جا ميمبر ساڻس مليا ۽ جلسي جي نيڪ ڪم لاءِ کس مبارڪ ڏنائون ۽ پنهنجي اڳ رٿيل پروگرام موجب، مارچ ۾ ڪراچيءَ ۾ شيخ اياز جي شايان شان جنم ڏينهن تي مجوزه جلسي لاءِ مختلف شخصن سان ملڻ لاءِ سڌا ڪراچيءَ روانا ٿيا.

”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تقريب:

سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 28- ڊسمبر 2001 تي، ’سنڌ صحافي سنگت‘ جي سهڪار سان، ڀٽ شاهه تي شيخ اياز جي مزار وٽ سندس چوٿين ورسي ملهائي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ادب دوستنجي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي. تقريب جي صدارت جناب عبدالواحد آريسر ڪئي، ۽ خاص مهمان جناب مدد علي سنڌي هو. پروگرامجي ڪاروائي جناب نصير مرزا هلائي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل، ادل سومري ۽ سنڌ صحافي سنگت جي نُور سنڌيءَ کي مهمانن سان گڏ ميزبان طور ويهاريو ويو. سنڌي ادبي سنگت جا ٻيا مرڪزي عهديدار گُل ڪونڌر، آزاد انور ڪانڌڙو ۽ اسد سولنگي به موجود هئا. تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ سُريلي فنڪار علي خان چانڊيي شيخ اياز جون وايون ڳائي ٻڌايون. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ، پاران اسد سولنگيءَ ۽ سنڌ صحافي سنگت پاران طارق محمود مهمانن جي آجيان ڪئي.

شيخ اياز مزار ڪميٽيءَ جيعهديدار، ذوالقرنين شاهه چيو ته شيخ اياز وڏو شاعر هو ۽ ڀٽ شاهه تي سندس تدفين، ڀٽائي جي رضامنديءَ کان سواءِ ممڪن نه هئي، ڇو ته هو شاهه لطيف جو عقيدتمند به هو.

نصير مرزا چيو ته شيخ اياز ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. هن اڄ جي سڀني شاعرن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. اِها اسان جي خش نصيبي آهي، جو اسان هن کي ڏٺو ۽ ساڻس ملاقاتون ڪيون  سندس محبتون حاصل ڪيون.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، شيخ اياز جي سموري تخليقي سرمايي کي هڪ هنڌ محفوظ ڪرڻ واري راءِ ڏيندي چيو ته اياز جي ٻن گم ٿيل ڪتابن ”چانڊوڪي چمپا جي“ ۽ ”ڪف گل فروش“ کي پڻ ڳولي شايع ڪرايو وڃي.

انعام شيخ، اياز جي فڪر کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،  چيو ته ان ڏس ۾ ڪو اطمينان جوڳو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. هن شيخ اياز فائونڊيشن کي ان لاءِ ذميوار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ادريس جتوئيءَ چيو ته شيخ اياز کي تڪراري بڻائڻ وارن خيالن کي ڦهلايو نه وڃي. هن شيخ اياز جي شاعريءَ سان محبت جو اظهار ڪندي چيو ته اياز جي شاعريءَ جي وسعت ايتري آهي جو ان بابت صدين تائين خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي. هن تجويز ڏني ته ورسيءَ جي موقعي تي فيض ميلي وانگر اياز ميلي جو اهتمام ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر هدايت پريم، شيخ اياز جي شاعراڻي مقام کي واکاڻيندي چيو ته اياز جي ٻولي نج شڪارپوري لهجي واري ئي ۽ هن ٻوليءَ جي استعمال جي سلسلي ۾ تمام منفرد تجربا ڪيا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙي وسعت ڏني، جيڪا صدين تائين قائم رهندي ۽ سندس تجربن مان ايندڙ دؤرن جا شاعر پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهندا. هن شيخ ايازجي ڪلام تي تحقيق ڪرڻ بابت صلاحون ڏيندي ٻڌايو هن وقت شاه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ به ريسرچ اسڪالر شيخ اياز تي پي. ايڇ. ڊي. ڪري رهيا آهن.

تاج جويي، اياز سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي چيو ته شاهه، سچل، ۽ ساميءَ کان پوءِ شيخ اياز سنڌي شاعري کي بلنديءَ تي رسايو ۽ اسان سندس شعر تي بجاطور فخر ڪري سگهون ٿا.

سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽريءَ ۽ جلسي جي روح روان، جناب ادل سومري، شيخ اياز سان نهنجي وابستگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هُو تمام مصروف ماڻهو هو ۽ پنهنجو وقت ٽائيم ٽيبل مطابق گذاريندو هو، جنهنڪري پنهنجن مداحدن سان گهٽ ملندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌي ادب کي تمام گهڻا ڪتاب ڏيئي سگهيو.

ادل سومري چيو ته مان سندس محبت ۽ شفقت حاصل ڪرڻ لاءِ سندس لکڻ واري ڪم ۾ معاون بڻيس. هُن منهنجي شاعريءَ ۾ به رهنمائي ڪئي. مون کي پنهنجو دوست سمجهندو هو.

ادل سومري جلسي ۾ آيل سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا.

تقريب جي خاص مهمان، جناب مددعلي سنڌيءَ چيو ته شيخ اياز جي شاعري ڀٽائي جي شاعريءَ جو تسلسل آهي ۽ سندس فڪر ۾ گهرائي ۽ نواڻ آهي، جيڪا ايندڙ دؤر ۾ به رهڻي آهي، ڇو ته هر وڏي شاعر جو اثر صدين تائين رهندو آهي.

هن انعام شيخ کي ذهن نشين ڪرايو ته شيخ اياز فائونڊيشن، شيخ اياز جا ڪتاب ڇپايا آهن، جلساڪيا آهن، ۽ اياز جي مزار کي سهڻي نموني ۾ تعمير ڪرايو آهي. فائونڊيشن هاڻي به تعميري ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ائينده لاءِ به گهڻو ڪجهه پروگرام اُن جي اڳيان آهي.

پر ٻئي ڪنهن کي ڪوبه تعميري ڪم ڪرڻ کان منع ڪانهي. جنهن ۾ همت ۽ حوصلو هجي، تنهن لاءِ وڏو ۽ وسيع ميدان آهي.

تقريب جي صدر، محترم عبدالواحد آريسر، پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته شيخ اياز ننڍي کنڊ جو اُهو وڏو شاعر هو، جنهن جي فڪر جي ڇاپَ صدين تائين قائم رهندي ۽ سماجي حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندي رهندي. هُو امن جو پيروڪار ۽ انسان دوست شاعر هو، جنهن کي جنگ کان نفرت هئي. هن چيو ته مان شيخ اياز جي شاعريءَ جو مداح آهيان ۽ مون لاءِ اِها فخر جي ڳالهه آهي جو مان شاهه لطيف جي روضي جي سامهون ۽ شيخ اياز جي تربت جي ڀرسان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهيان. هن آخر ۾ پروگرام ڪوٺائيندڙ دوستن جا ٿورا پڻ مڃيا.

تقريرن کان پوءِ پنجين وڳي ڌاريمانيءَ جو وقفو ڪيو ويو. مانيءَ کان پوءِ راڳ رهاڻ جي محفل ٿي. مقامي راڳ ڳائيندڙن ۽ بيدل مسرور ۽ صادق فقير شيخ اياز جا ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڏيو. تقريب ۾، چئن سون کان مٿي اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي.

سوزهالائي، ولي محمد دانش، مدهوش پيرزادي، غلام قادر راهو، صدا ۽ ٻين شاعرن شيخ اياز کي منظوم خراج عقيدت پيش ڪيو.

ڪيترن ئي نامور اديبن ۽ شاعرن ورسيءَ جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ”سنڌ صحافي سنگت“ پاران نصير مرزا، بيدل مسرور، صادق فقير، مونس اياز، ديوان گاگن داس ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن کي ”شيخ اياز يادگار ايوارڊ“ ڏنا ويا.

سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون. پروگرام واري پنڊال کي شيخ اياز جي شعرن ۽ آجياڻي بينرن سان سينگاريو ويو هو.

”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي هن شاندار تقريب کان علاوه، سنڌ جي مختلف شهرن ۾، ٻين هنڌن تي پڻ شيخ اياز جي ياد ۾ ننڍا وڏا جلسا ٿيا، جن جون خبرون اخبارن ۾ ڇپيون آهن.

(اسد سولنگيءَ جي شڪريي سان- ادارو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com