(ب) بهادري ۽ همت: مهاڻا ڏاڍا همٿ
وارا ۽ بهادر ٿيندا آهن. درياءَ جي دهشت يا سمنڊ
جي خطرناڪ طوفاني لهرن سان سدائين سندن مقابلو
رهندو آهي. شاهه لطيف سر گهاتوءَ ۾ مهاڻن جي همٿ ۽
بهادري جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
گهورندي گهور پئا، اگهور گهوريائون،
ميڪر ماريائون، ملاحن مُہ سنرا.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
جان گهڙندا گهاتوئا، تان رڇن ڏيو رڱ،
سڳائيون ۽ سڱ، ڪلاچيءَ ڪيرُ ڪري؟
سچ سرمست، مهاڻن کي ’گنيرا‘ يعني گڻن وارا ٿو سڏ.
سانوڻ جي موسم ۾، درياءَ تان لنگهندي، درياء جي دهشت ڏسندي،
لنگهندڙن جون دليون دهلجي وينديون آهن، پر هي همٿ
وارا ماڻهو، وچ درياءَ ۾، درياءَ جي سيرَ تي،
ٻيڙين کي ونجھ سان ائين بيهاريو بيٺا هوندا آهن جو
ائين پيو لڳندو آهي ته ڄڻ ٻيڙين کي بريڪ
(Brake)
لڳائي ڇڏي اٿن.
سنڌ جي سامونڊين جي ونين ۽ وَهن وانگر، مهاڻيون به پنهنجن وَرَن
جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪنديون آهن، جيڪي ٻيڙيون
هاڪاري، اونهي اوڙاهه سمنڊ ۾، مڇي مارڻ لاءِ ويل
هوندا آهن. اُنهن جي موٽي اچڻ ۾ وير ٿي وڃڻ ڪري ۽
گهڻا ڏينهن گذري وڃڻ ڪري، اُنهن جون وَهون هيئن
ٿيون ورلاپ ڪن:
مون اُڌارئا مڇڙا، الله گهاتو آڻ،
ميان مُدارن سين، مُنکي قادر وجهه مَ ڪاڻ،
هَٺَ مُهجي هاڻ، قدر لڌو جن ري.
لطيف سائينءَ، ’سر گهاتوءَ‘ ۾، مهاڻين کي اوسيئڙو ۽ انتظار
ڪندي، هيئن پيش ڪيو آهي:
اُڀي اوسڙان اُس ۾، جهليو ڪُن ڪنار،
گهاتو گهر نه آئيا، وڏي لڳين وارَ،
هُيس جني هارَ، سي موڙي چڙهيا مڪڙا.
(ت) تارن ۽ گرهن جي چڪرن ۽ ڦيرن جا ڄاڻو: ”ماهي
ثقافت“ وارا ماڻهو يعني مهاڻا، ميربحر ۽ جت، لاڙ
جي هارين نارين وانگر، تارن ۽ گرهن جي مطالعي جي
مدد سان، سامونڊي سفر تي اُسهندا آهن. هو آسمان ۾
رونما ٿيندڙ تارن ۽ گرهن جي ڦيرن جا نشان، اُهڃاڻ
۽ چَڪَر، آسانيءَ سان سهي طرح سڃاڻي وٺندا آهن، ۽
اُنهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگهندا آهن. هو سيارن ۽
نکٽن جي اڀياس جي مدد سان هوائن ۽ طوفانن، برساتن
۽ آسماني آفتن جو اندازو، اڳواٽ لڳائي وٺندا آهن.
انهيءَ ڪري هو جڏهن اونهي مهاساگر ڏانهن، مڇيءَ جي
شڪار جي سلسلي ۾ اُسهندا آهن، تڏهن موسم جي ابري ۾
کين پوري ڄاڻ هوندي آهي. ”ماهي ثقافت“ ۾ هن علم ۽
اڀياس کي وڏي اهميت حاصل آهي.
(ث) ماهي ثقافت جي رهڻي ڪهڻي: مهاڻا اڪثر درياء، ڍنڍن ڍورن ۽
واهن جي ڪنڌين تي رهن. موجوده وقت به مهاڻن جون
اڪثر ذاتيون ۽ پاڙا، سنڌو درياء ۽ منڇر ڍنڍ تي
پنهنجون ٻيڙيون رهائشي گهرن طور ڪم آڻين. انهن
ٻيڙين ۾ هو گهرو استعمال جو سڀ سامان جهڙوڪ: ٽِن
جا برتن، هنڌ بسترا، کٽون ۽ ٻيو سامان ساڻ کڻن.
ماهرن جي رپورٽن مان موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيب
۽ تمدن مان اهڙ ابه ثبوت مليا آهن، جن مان ثابت
ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب جا رهاڪو، اُن زماني ۾ به
ٻيڙين تي رهندا هئا. گويا ٻيڙيون سندن (مهاڻن جون)
’ترندڙ- گهر‘
(Floating Houses) هونديون هيون.(53)
اڄ به سنڌو درياءَ تي رهندڙ مهاڻا، ميانواليءَ کان وٺي هيٺ سنڌو
درياءَ جي دو- آبي تائين، اهڙين گهرن نما ٻيڙين تي
رهندا آهن. اِهي ٻيڙيون جيئن مٿي چيو ويو آهي ته
سندن ’ترندڙ گهر‘
(Floating Houses) آهن. انهن گهرن ۾ سندن سارو مال متاع هو پاڻ سان گڏ کڻي درياءَ
تي گذاريندا آهن. اُن مال متاع ۾ سندن ٿانو ٿپا،
هنڌ بسترا، کٽون، ڪپڙا لٽا، تڏا تئونريون، پئسو
پنجڙ، زيور زٽ، پکي ۽ پسون وغيره شامل هوندا آهن.
اِها ئي سندن ملڪيت آهي، ۽ اهو ئي سندن زندگيءَ جو
سرمايو آهي. هو رهن ٻيڙين تي؛ سندن شاديون مراديون
به ٻيڙين تي ٿين؛ ٻار ٻچا به ٻيڙين تي ڄڻين؛ اُنهن
کي ٻيڙين تي ئي نپائين ۽ اهڙيءَ طرح اهي ٻار وڏا
به ٻيڙين تي ئي ٿين.
اِن سلسلي ۾ ڊاڪٽر هيريماٿ لکي ٿو ته:
”اسان کي ’ناؤنگر‘
(Boat dwellings) جا به حوالا ملن ٿا. اِهي ڳوٺ يا بستيون، يا اِهي ’ناؤنگر‘،
ٻيڙين تي ٺهيل گهرن تي مشتمل هوندا هئا. هن مان
اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ٻيڙين تي مشتمل گهرن يعني
ٻيڙين- نما گهرن تي مشتمل ڳوٺن يا ناؤنگرن ۾ رهندڙ
ماڻهو، هوشيار مهاڻا، ناکوئا ۽ ملاح هوندا هئا،
جيڪي انهين ٻيڙين کي پنهنجي روزگار لاءِ به ڪم
آڻيندا هئا. ناؤنگرن يا ٻيڙين وارين بستين ۾ مهاڻن
جي وڏي آبادي رهندي هئي. سندن چڱي مڙس يا سردار جو
لقب ’شمبوَ‘
(Shambhave)
هوندو هو. هن (شمڀو) جا ڪيترائي قلعا، ڪوٽ ۽ ٻيڙين
تي وڏيون بستيون ۽ وڏا وڏا ڳوٽ هوندا هئا.“(54)
ناؤنگرن کان سواءِ مهاڻن جا درياءَ، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪنڌين ۽
ڪپرن تي به ڪکاوان جهوپڙا، گهر ۽ ڳوٺ هوندا آهن.
هو سڄو ڏينهن ٻيڙين تي پاڻيءَ ۾ تڙڳن، پر شام جو
اُنهن جهوپڙين ۾ موٽي اچن. سامونڊي گهاتو ته هفتن
جا هفتا سمنڊ تي پنهنجن ٻيڙين تي گهارين ۽ مڇيءَ
جو شڪار ڪن.
مهاڻن جا ڳوٺ سندن ئي ڪٽنب قبيلي جي ماڻهن تي مشتمل هوندا آهن.
ڪنهن به ڌارئي کي هو پنهنجي ڳوٺ ۾ گهر اڏڻ ڪونه
ڏين. سندن ڪکاوان جهوپڙا يا گهر مٿانهن هنڌن، ڀٽن
۽ واهن جي ڪنڌين تي هوندا آهن. ڪن جا گهر بانٺ جا
به ٺهگيل هوندا آهن. ٻن ٿوڻين تي جهوپڙو اڏي، اُن
جون ڀتيون ۽ ڇت به ڪکن جي ٺاهين، البت بانٺ جا گهر
مضبوط ۽ ديرپا هوندا آهن.(55)
مهاڻن جي جهوپڙين وٽان لنگهبو ته مڇيءَ جي کِکَ جي ککي ڇت پيئي
ايندي. مڇي بازار وٽ ته مڇيءَ جي کِکَ جي ڇٽ کان
ماڻهو بيهي به نه سگهندو آهي. اها بوءِ يا ڇَٽ
مهاڻن کي ئي سيبندي آهي. لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڄَ،
سمي سيئي سيڻ ڪيا، هيڻا جني جا هڏ.
پر جڏهن مهاڻا پنهنجا اُهي ماڳ ۽ مڪان، مياڻيون ۽ مڏيون ڇڏي،
ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويندا آهن، تڏهن اُهي ٺاڻا ۽
ٺڪاڻا ويران ٿي ويندا آهن. پوءِ اُتي نڪا ڇلرن جي
ڇٽ هوندي آهي، نڪا ککيءَ جي بوءِ! اهڙي منظر کي
لطيف سرڪار هيئن ٿو بيان ڪري:
نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلرن ڇَٽَ،
سي پِڙ پسئو پٽ، ماڙهو وڃن موٽئا.
سچل سرمست به مهاڻن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي باري ۾ منظر ڪشي ڪئي آهي.
سچل به پنهنجي ڪلام ۾ ماهي ثقافت ۽ مهاڻن واري
معاشري جو منظر چٽيو آهي. سچل به هنن لاءِ
اگلاسگلا، مڇيءَ هاڻا، ڇڇيءَ ڇَٽَ جهڙا لفظ ۽ فقرا
ڪم آڻي، مهاڻن جي سماجي زندگي ۽ ”ماهي ثقافت“ جو
ذڪر ڪيو آهي. سچل فرمائي ٿو:
ڇڇيءَ جي هُئي ڇَٽَ، ٿي آئي عام خلق کي.
مهاڻا رات ڏينهن مڇي مارڻ واري ڪرت ڪن ۽ پنهنجي روزگار لاءِ سڄو
ڏينهن اُگهاڙين پٺين سان ٻيڙين تي گذارين. البت
سياري ۾ قميص يا صدري پائين. دُن کان هيٺ سياري
توڙي اونهاري گوڏن تائين گوڏ ٻڌن يا لانگ ڍڪين،
جنهن جو پلاند هڪ طرف وڌائي ڇڏين. ڪڏهن ڪڏهن پلاند
جو اهو ڇيڙو، لانگ هيٺان لنگهائي، پٺيان چيلهه تي
ٻڌل وَرَ ۾ هڻي ڇڏين، بلڪل ائين جيئن ملبار جي
ڪناري وارا ماڻهو ڪندا آهن. اهي ماڻهو (لاڙ جا
ماڻهو) ڪرناٽڪا ۽ تامل ناڊ جي ڏاکڻئين حصي ۾ رهندڙ
ماڻهن جهڙا لڳندا آهن. مون تامل ناڊو جي اَنملائي
نگر واري علاقي ۾ ڳوٺن رهندڙ ماڻهن کي ڏسي ائين
محسوس ڪيو ته هنن جو لباس، بلڪل لاڙ ۾ رهندڙ مهاڻن
جي لباس جهڙو آهي.
جيئن ته هنن (مهاڻن) جو گذر ۽ واهپو آهي پاڻيءَ سان، تنهنڪري
مُهاڻا جُتي به ورلي پائين. اها به تڏهن پائين
جڏهن ڪنهن ميلي يا ملاکڙي تي ويندا آهن، يا درياء
جي پير جي جاٽ لاءِ يا پير جي سکا پاکا لاهڻ لاءِ
وڃن.
مهاڻن جون زائفائون عام طور چولو پائين ۽ سُٿڻيونڍڪين. مٿي تي
پوتي پائين، جيڪا مٿي کان، پٺيءَ تي ڌاري ڇڏين.
جسم جي اڳئين حصي ۽ سيني کي پوتيءَ سان ڪونه ڍڪين؛
البت ماڃر واري خطي جون گندريون ۽ ونگريون ڳڪپڙي
لٽي پائڻ جون شوقين آهن.
(ج) سندن مال ملڪيت: اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪندي اهو چيو ويو آهي
ته مهاڻن کي ڌنڌي مان ڪجھ به هڙ حاصل نٿو ٿئي. هو
سدائين مسڪينيءَ واري حالت ۾ رهندا آهن. وٽن ڪابه
ملڪيت، ڪوبه مال متاع ۽ ڪابه رقم بچت ۾ ڪانه هوندي
آهي. رهڻي ڪهڻيءَ واري حصي ۾ سندن مڏيءَ جو تفصيل
به ڏنو ويو آهي. سندن ملڪيت، سندن ٻيڙيون، ڄارا ۽
کارا هوندا آهن. سندن اها حالت هزارن سالن کان
آهي. شاهه لطيف جي زماني ۾ به سندن ملڪيت ۽ سندن
حالت اهڙي ئي هوندي هئي. لطيف سائين سندن حالت جن
لفظن ۾ بيان ڪئي اهي، اُهي ملاحظه ڪريو:
ڄار ۽ کارا، مال جن جو مڪڙيون،
يا
کاڄ جني جو ککيون، مال جني جا مڏ،
يا
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڄَ.
(ح) شڪل شبيهه، مهانڊا ۽ آرکاڻا: مهاڻا عام طور شڪل شبيہ جا
ڪارا ۽ ڪوجھا ٿيندا آهن. سڄو ڏينهن سج جي تپش ۽
ڪاڙهي ۾ رهڻ جي ڪري ۽ پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ جي ڪري سندن
چمڙيءَ جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي. شاهه لطيف، سندن
زائفائن جي شڪل شبيہ جو بيان هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
ڪاريون، ڪوجهيون ڪُوڙَيون، مُنهن نه موچاريون.
سچل سرمست به مهاڻن کي منهن ميرا، مُنهن بڇڙا، اگلا سگلا ۽
مهاڻين کي ڪوجھيون، رنگ ڪاريون ۽ مُنهن نه
موچاريون سڏيو آهي. هو فرمائي ٿو:
ڪوجهيون رنگ ڪاريون، مُنهن نه موچاريون،
سي ڪڍيو ڪالورَن جيون، سر کڻن کاريون.
ان هوندي به لاڙ واري حصي ۾ سامونڊي ساحل تي رهندڙ مهاڻن ۾
گندرا، ونگرا ۽ ڪن ٻين ذاتين وارا مهاڻا، جوانيءَ
۾ شڪل شبيهه جا ٺاهوڪا ٿيندا آهن، پر ٻيا مهاڻا
عام طور رنگ جا ڪارا ٿيندا آهن. سندن چهرا ۽
مهانڊا سنڌ جي ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندا
آهن. انهن ۾ جهٻير ۽ ڊاگهوري ته بلڪل ڪوجها ٿيندا
آهن.
مهاڻن جو زائفائون به عام طور رنگ جون ڪاريون هونديون آهن، پر
گندرن ۽ ونگرن جون زائفائون ته ڏاڍيو دلڪش ۽
مهانڊن يا آرکاڻن ۾ ڏاڍيون وڻندڙ هونديون آهن. هنن
جي چهرن جو رنگ سانورو يا ڪجھ ڪڻڪ رنگو به هوندو
آهي. هو ڏاڍيون زيبائتيون ۽ دلڪش هونديون آهن.
جيئن ته هنن جو وهنوار به اُس ۾ پاڻيءَ سان هوندو
آهي، ۽ سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۽ اُس ۾ گذارين ۽ پورهيو
ڪن، تنهن ڪري سندن سونهن ۽ دلڪشي، سندن جوانيءَ
سان گڏ ختم ٿي ويندي آهي ۽ رنگ به ڪارو ٿي ويندو
اٿن، پر تنهن هوندي به سندن آرکاڻا دل کي وڻندڙ
هوندا آهن.
لاڙ جي ماڃر واري خطي ۾ رهندڙ مهاڻيون، ڏاڍيون من موهيندر ۽
دلڪش ٿينديون آهن. اُنهن ۾ گندريون، ونگريون ۽
ماڇياڻيون ڏاڍيون ملوڪ هونديون آهن. سندن دلڪش
مهانڊا، پورا پنا قد، ننڍڙا پير، ڊولائتا ۽ سڊول
جسم، اُڀريل اُرهه، ويڪرن چولن ۽ پهراڻن ۽ جهولدار
گربيءَ جي شلوارن ۾ ڏاڍا زيبائتا لڳندا آهن. شل نه
ڪو وڏيرو يا زميندار سندن ور چڙهي. هو سندن پيار
جي پيچ ۾ ڦاسي پوندو آهي. پوءِ ته سر جا سودا ٿي
ويندا آهن. شاهه لطيف نوري نماڻيءَ جي سونهن جو
ذڪر ڪندي، سندن سونهن جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:
هٿين پيرين آرکڻين، مور نه مُهاڻي.
اهڙيءَ طرح درياءَ جي ڪنڌين، ڍنڍن ڍورن ۽ کاري طرف رهندڙ گندرن
۽ ونگرن جي زائفائن جا مهانڊا، آرکاڻا ۽ شڪل شبيهه
زيبائتي، ڊولائتي ۽ دلڪش هوندي آهي.
(خ) کاڌي خوراڪ طور مڇي: مڇي سڄي دنيا جي عام انسانن جي خوراڪ
آهي. مڇي طاقتور غذا آهي. مڇيءَ جو ماس انسانن،
پکين ۽ جانورن لاءِ به قوت واري خوراڪ آهي. اُن
مان ڪيترائي طعام تيار ڪبا آهن.
مهاڻن جي خوراڪ ته آهي ئي مڇي ۽ پکي. لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
کاڄ جني جو ککيون، مال جني جا مَڏ.
(د) سندن اخلاق ۽ عادتون: مٿي چيو ويو آهي ته مهاڻا گيرب ۽ گاءَ
وارا، صبر وارا، گڻوان، ماٺيڻا، نياز ۽ نوڙت وارا
ٿيندا آهن، پر تنهن هوندي به خبر نه آهي ته هنن
(مهاڻن) لاءِ سنڌ ۾ هي پهاڪو ڪيئن ٺهيو ۽ ڇو ٺهيو؟
مي نه ماڻهو، مرون نه مال.
(الف) مهاڻا ڏاڍا مهمان نواز ٿيندا آهن. هو آهن ته غريب، ’آڻين
۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ پهاڪي ۾ ڪيل ذڪر وانگر
مهاڻا اڪثر غريب ۽ مسڪين ٿيندا آهن، پر قسمت سان
جيڪڏهن وٽن ڪو مهمان اچي سهڙيو ته ڏاڍا خوش ٿيندا
آهن. مجال جو مُنهن ۾ ڪو سر وجهن! مهمان جي پنهنجي
پهچ آهر، هر طرح خدمت چاڪري ڪندا. جيڪڏهن ٻيو ڪجھ
وٽن هڪيو نه هوندو ته مڇي ته وٽن هر وقت حاضر
هوندي آهي. عورتون مڇيءَ جو ڪو نه ڪو طعام تيار
ڪري وٺنديون آهن.
مهمان کي بکيو سمهاري ڇڏڻ يا ٻاهران ئي ٽاري ڇڏڻ کي هو بدسؤڻ
سمجھن. اهڙي عمل کي بداخلاقي به سمجھن. مهمان جي
آجيان ڪرڻ جي بدران، اُن کي رُکو منهن ڏيڻ واري
روش کي هو پنهنجي آيل روزيءَ ۽ رزق کي لت هڻڻ جي
برابر سمجھن.
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مهاڻا گيرب ۽ گاء وارا، صبر ۽ شڪر ڪندڙ،
هٺ، وڏائي، ڪيني ۽ ڪلفت کان پاسو ڪندڙ آهن. هو رب
جي رضا تي هميشه راضي رهندا آهن.
مهاڻي جي من ۾ نه گيرب نه گاء.
(ب) وڏي سڏ ڳالهائڻ، نياڻين سياڻين جي سامهون ڪچي ٻولي ڪم آڻڻ،
گارگند ڪرڻ ۽ عام گفتگو ۾ گُٿا لفظ ڪم آڻڻ، ”ماهي
ثقافت“ يعني مهاڻن جي تهذيب ۾ عيب ڪونهي. انهيءَ
ڪري جيڪڏهن ڪنهن محفل يا ڪچهريءَ ۾، ڪٿي ڪنهن
برادري يا اوڙي پاڙي ۾، ڪو ماڻهو گُٿي زبان ڪم
آڻيندو يا گارگند ڪندو ته اُن لاءِ چوندا ته ”هي
ته ڪو مي آهي“، يا چوندا ته ”هي ته ڪو مهاڻو آهي“،
يا چوندا ته ”هي ته ڪنهن مهاڻي جي تخم مان آهي.“
(ج) مهاڻيون به مرداني وات گاريون ڏين. انهن ۾ منڇر جي مهاڻين
جو ڇا ذڪر ڪجي! منڇر جون مهاڻيون گارگند ڪرڻ ۽
گاريون ڏيڻ ۾ مشهور آهن. اُهي جڏهن پاڻ ۾ وڙهنديون
اهن تڏهن هڪٻئي کي ڪچيون گاريون به ڏينديون آهن ۽
تاڙيون به وڄائينديون آهن. سندن وڙهڻ، گاريون ڏيڻ
۽ تاڙيون وڄائڻ واري انهيءَ انداز کي منڇر جا
مهاڻا ”تاڙي هڻڻ“ سڏين ٿا.
مهاڻن جي گارين ۽ گارين واري ٻوليءَ جي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ چون ٿا
ته سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جڏهن شاهه لطيف جو
رسالو مرتب پئي ڪيو، ۽ سر ڪاموڏ ۽ سر گهاتوءَ جي
تفصيل لکندي، گهاتوئن جي تهذيب ۽ تمدن جي مطالعي
لاءِ مواد گڏ ڪرڻ لڳو هو، تڏهن ٽنڊي ولي محمد
(حيدرآباد) ۾ هڪ مشهور گاريال ساٽياڻيءَ (چون ٿا:
مائي ڀانَ) جي گهر جي ڀر واري گهر ۾، ڪجھ ڏينهن
گذارڻ لاءِ وڃي رهيو ۽ مائيءَ جون گاريون لکندو
ويو.
(د) مهاڻا ڪنهن ميلي ملاکڙي يا سوڌي پاڌي يا ڪپڙي لٽي جي
خريداريءَ لاءِ جڏهن شهر وڃن ته پنهنجون زالون به
پاڻ سان وٺي وڃن. ڳوٺ کان ٻاهر ويندي يا ڪٿان
موٽندي، پيدل هلڻ وقت، سندن زالون، سندن مردن جي
پٺيان پڍيان، سپاٽن کي گسائينديون يا زيپٽ زيپٽ
ڪنديون هلنديون آهن. عورتن جو مردن سان گڏجي هلڻ
يا ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ، هنن جي تهذيب يا
”ماهي ثقافت“ ۾ عيب سمجھيو ويندو آهي.
(v)
ڪرياڪرم:
سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري لاڙ ۾ مڇي، ڪن درگاهنس تي ڪرياڪرم جي پوئواريءَ
لاءِ سکا پاکا طور به کڻي وڃٻي آهي. شايد درياءَ
پير جو مڇيءَ تي چڙهي پاڻيءَ ۾ سواري ڪرڻ، يعني
پاڻيءَ تي حڪمراني ڪرڻ، اُن تي ترڻ واري علامت جي
ڪري، مڇيءَ جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، سنڌ جي ڪن
درگاهن سان واهپو رهندو اچي. مثال طور:
(الف) مڪليءَ تي مخدوم آدم نقشبندي جهڙي برگزيده عالم ۽ بزرگ جي
’ڏهاڙي‘ (عرس) جي موقعي تي، سڀني حاضرين ۾ مڇي ۽
ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي پڪل ماني تبرڪ طور ورهائي
ويندي آهي.
(ب) جاتيءَ ۾ مغل ڀين (مگر ڀين) درويش جي درگاهه تي، بيشمار
ٻليون هميشه موجود رهنديون آهن. درگاهه تي فقيرن،
خدمتگارن ۽ حاضر مريدن ۽ ماڻهن توڙي جاتي شهر جي
رهاڪن طرفان، روزانه نذر ۽ نياز طور، انهن ٻلين کي
تازي مڇي يا مڇيءَ جو ڪو نه ڪو طعام کائڻ لاءِ
ڏيندآ آهن. جاتي شهر جا رهاڪو، درگاهه تي نياز طور
مڇي نه موڪلڻ کي بدسؤڻ سمجھندا آهن.
(ت) حيدرآباد ۾ مدفون سنڌ جي حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
مزار تي، مڃيل سکا پاکا جي پوري ڪرڻ لاءِ، مزار جي
آسپاس رهندڙ ماڻهو يا پري پري کان ايندڙ درگاهه جا
مريد عقيدتمند، هن مزار تي تبرڪ طور مڇي ۽ ماني
ورهائيندا آهن.
(ث) ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته موجوده
ضلعي ٺٽي جو شاهه بندر تعلقي ۾، سنڌونديءَ جي هڪ
ڇاڙ کي ’پوپٽ‘ نالي سان سڏيندا هئا. هن ڇاڙ تي
’پوپٽ‘ نالو ان ڪري پيو جو اُن طرف جا ميربحر،
پاڻيءَ ۾ گهڙڻ مهل، پنهنجي پير جي لاءِ پوپٽ يعني
طوطي جي قرباني ڏيندا هئا.(56)
(ث) حيدرآباد جي ويجهو، ڪوٽڙي شهر وٽ، يا منڇر ڍنڍ تي يا درياءَ
تي ٻين هنڌ رهندڙ ماڻهو جڏهن ڪا نئين ٻيڙي ٺهرائي
درياءَ ۾ لاهيندا آهن، تڏهن ٻيڙي ڇوڙڻ مهل، خاص
آلاپ سان هونگارون ڏيندا آهن. اهڙي موقعي تي مهاڻا
مٺن چانورن جون ديڳيون لهرائيندا ۽ خير خيرات ڪندا
آهن.
(ج) منڇر ڍنڍ جا مهاڻا، ڍنڍ ۾ جڏهن پنهنجي نئين ٻيڙي لاهيندا
آهن، تڏهن درياءَ پير جي نالي گهورون گهوريندا
آهن، ۽ سکيل باسون لاهيندا آهن؛ درياءَ پير جي
ڪُني ڪندا آهن. راڳ رنگ جون محفلون مچائيندا آهن.
اهڙين محفلن ۾ گهور ۾ مليل رقم، ٻيڙيءَ جي ٺاهيندڙ
واڍي ۽ ڪاريگر کي انعام طور ڏيندا آهن.
(ح) مانگر مڇ جي پوڄا: سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ مانگر مڇ جي پوڄا به
ڪئي ويندي هئي. سنڌ ۾ ٻه مقام، انهيءَ پوڄا جي ڪري
مشهور هوندا هئا. اُنهن ۾ منگهي پير جي درگاهه ۽
مغل ڀين (مگر ڀين) جي درگاهه وٽ مانگر مڇ جي پوڄا
ڪئي ويندي هئي. منگهي پير جي تاريخ لکندڙ لکن ٿا
ته ڪنهن زماني ۾، ڪراچي ۽ آسپاس جا قديم رهاڪو، لس
ٻيلي ۽ مڪران جا ماڻهو، خاص ڪري مڪراني ۽ شيدي،
منگهي پير وٽ موجود مانگر مڇن (واڳوئن) جي سکائن
پاکائن لاهڻ يا ڪرياڪرم طور، ننڍيون ننڍيون مڇيون،
کاڌو ۽ ٻيو سامان واڳوئن کي پيش ڪندا هئا. انهن
ماڻهن جي سمجھ موجب منگهي پير درويش جو، ڪنهن نه
ڪنهن وسيلي سان، درگاهه جي ڀر ۾ موجود واڳوئن سن
واسطو رهيو آهي. اڄ به هن درگاهه تي حاضري ڏيندڙ
زيارتي، درگاهه وٽ موجود واڳوئن جو گهڻو احترام
ڪندا آهن، ۽ جهوني ۽ پوڙهي واڳوءَ کي عزت وچان
’مور‘ جي لقب سان سڏيندا آهن.
منگھي پير تي، هر سال، هتي جا قديم رهاڪو شيدي ۽ مڪراني وڏو
ميلو لڳائيندا آهن. هن ميلي کي ’شيدين جو ميلو‘ به
سڏيندا آهن. هن ميلي تي ايندڙ زيارتي به واڳوئن جو
احترام ڪندا آهن ۽ اُنهن کي مڇيون ۽ ٻيون شيون
خوراڪ طور ڏيندا آهن.
(ت) اهڙيءَ طرح مانگر مڇ جي پوڄا جو ٻيو هنڌ، مغل ڀين (مگر ڀين)
درويش جي درگاهه کان هيٺ، گونگڙي درياءَ تي ڪپ تي
هوندو هو. ورهاڱي کان اڳ، هن ماڳ تي هندو ياتري گڏ
ٿيندا هئا، ۽ مانگر مڇ جي پوڄا طور، درياءَ ۾ اکا
وجهندا هئا. هن طرف جي غير مسلم پراڻن رهاڪن جو
اِهو عقيدو هوندو هو ته مغل ڀين درويش جي مزار،
دراصل مانگر مڇ جي پوڄا لاءِ هڪ آستان هوندي هئي.
هنن جو چوڻ هو ته مغل ڀين نالو دراصل ’مگرڀين‘
هوندو هو، جو پوءِ بدلجي ’مغل ڀين‘ ٿيو.
(vii)
ڪرت ۽ ڌنڌا ۽ هنر:
(الف) مڇي مارڻ کان سواءِ مهاڻن جو عام ڌنڌو پکي، واڳو، ڍينڍ ۽
ڪڇون مارڻ به آهي. انهن پورهين ۾ هنن جا مختلف
پاڙا، رات ڏينهن رڌل رهندا آهن. ڪاڪو ڀيرومل لکي
ٿو ته:
”منڇر ڍنڍ جي مهاڻن جو پاٻوڙا ٻڌي، جيئرا پکي جهلڻ، ڪن مهاڻن جو
مُڏن تيرن سان آڙين ۽ ٻين پکين کي چٽي ساڻو ڪرڻ
عام ڌنڌو آهي.“(57)
مطلب ته درياءَ ۽ ڍنڍن تي مڇي مارڻ ۽ پکين جي شڪار ڪرڻ جي طريقي
۾ به وڏو فرق آهي. منڇر ڍنڍ جا مهاڻا پکي مارڻ
لاءِ ڪيترائي روايتي ۽ پراڻا طريقا ڪم آڻيندا ٿا
اچن. اُنهن طريقن مان هڪ طريقي کي هو ’دُلبو‘
سڏيندا آهن، جنهن کي ڪاڪي ڀيرومل ’پاٻوڙا ٻڌڻ‘
وارو طريقو سڏيو آهي. دُلبي ذريعي پکي ڦاسائڻ واري
طريقي کي شاهه لطيف سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾ بيان
ڪيو آهي(58)؛ مثال طور:
پکي پسي آئيا، دُلبو منجھ درياءَ،
ويچارا ويساهه، آڻي اُت اڙائيا.
(ڪاموڏ)
يا
دُلبو منجھ درياءَ، پکي پسي آئيا،
ويچارا ويساهه، آڻي اوت اَڙائيا.
(ڪارايل)
وانداڪائيءَ جي وقت هو (مهاڻا)، رڇ، ڄار، ڄاريون، ڪُڙهيون ۽
ڀَنَ به پاڻ ٺاهين. انهيءَ ڪرت ۾ سندن زائفائون به
سندن هٿ ونڊائين.
مهاڻا پنهنجون ٻيڙيون به پاڻ ٺاهين. هنن جو خاص هنر ٻيڙيون ٺاهڻ
۽ اُنهن تي نقش ڪڍڻ به آهي. شيخ خورشيد لکي ٿو ته:
”مهاڻن جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي تفصيلي اڀياس لاءِ ، ٻيڙين تي
ڪيل سندن روايتي نقش نگاري
(Traditionsal Designs) گهرن- نما سندن ٻيڙين کي سينگارڻ لاءِ، ٻيڙين جي اندرئين ۽
ٻاهرئين حصي ۾ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، ۽ ڪڍيل چٽ ۽
گُل، سنڌو- تهذيب جي قديم دور واري مصوري، نقش
نگاريءَ واري هنر ۽ فن سان هڪجهڙائي ثابت ڪن
ٿا.“(59)
هن وقت به سنڌو درياءَ، منڇر ڍنڍ ۽ سمنڊ تي هلندڙ اهڙيون ٻيڙيون
۽ واهڻ به موجود آهن، جن جي اندرئين ۽ ٻاهرئين حصي
۽ پاسن تي اُڪر جو سهڻو ڪم ٿيل هوندو آهي. اُنهن
تي چٽ، گل ۽ شڪليون اُڪريل هونديون آهن. اهڙي ئي
قسم جي هڪ ٻيڙي هڙپاجي کوٽائيءَ مان به هٿ آئي
هئي. ٻيڙيون ٺاهيندڙ مهاڻا، مڇي مارڻ لاءِ ڪونه
پهرن. هو گهاتوءَ جي ڪرت ڪونه ڪن.
(ب) هنر: مهاڻا ڄاريون ٺاهڻ کان سواءِ ٽوڪرا، کاريون ۽ تڏا
وغيره به ٺاهين.
(ت) مهاڻن جو زائفائون جڏهن درياءَ ۾، ٻيڙين تي، مردن سان گڏ
هونديون آهن، تڏهن اُهي کاڌي پچائڻ کان سواءِ ونجھ
به هڻنديون آهن. وڏيءَ عمر واريون عورتون، مڇيءَ
جون کاريون مٿي تي کڻي، شهرن يا رستين ۾ مڇي بازار
۾ مڇي وڪڻڻ وڃن. سندن اها ڪرت، شاهه لطيف جي زماني
۾ به هوندي هئي، اڄ به اُهي اهو ڌنڌو جاري رکيو
اچن. انهن کي ساٽياڻيون به چوندا آهن. عورتن جي
مڇي وڪڻڻ واريءَ ڪرت کي شاهه لطيف هن طرح بيان ڪيو
آهي:
ڪاريون ڪوجھيون ڪُوَڙيون، مُور نه موچاريون،
وٺي ويٺييون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون.
(viii)
مڇيءَ جا طعام: اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مڇي صحت لاءِ
طاقتور خوراڪ آهي. اُن مان ڪيترن ئي قسمن جا طعام
تيار ڪيا ويندا آهن. درياءَ جي ڪنڌين ۽ کاري واري
خطي ۾ رهندڙ ونگرن، گندرن، جتن ۽ ٻين قومن جو
زائفائون مڇيءَ جا ڏاڍا سوادي طعام پچائينديون
آهن. اُنهن جي تيار ڪيل طعامن مان پري کان خوشبوء
پيئي ايندي آهي.
(الف) ڍنڍن جي مڇي هونئن ته ڏاڍي سُرهي ٿيندي آهي ڇو ته ڍنڍن ۾
پيدا ٿيندڙ گاهه، ڪک ۽ پن، مڇيءَ جي دلپسند خوراڪ
هوندي آهي. ڍنڍن جا مالڪ، ڍنڍن ۾ پٻڻ جو ٻج به
ڇٽيندا آهن. پٻڻ جا پن مڇي چاهه سان کائيندي آهي،
ان ڪري مڇيءَ جي ماس ۾ سُرهاڻ ۽ سواد وڌيڪ ٿيندو
آهي.
(ب) لاڙ جا ماڻهو، خاص ڪري مٽيارين کان وڍي هيٺ ٺٽي ضلعي وارا،
پلي جي مختلف طعامن پچائڻ ۾ ماهر ٿيندا آهن. پلو
”ماهي ثقافت“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيئن مٿي
چيو ويو آهي. پلي جي ساراهه ته پرڏيهي ماهرن ۽
سياحن به ڪئي آهي. پلي جو پيٽارو خاص طور ايتري
قدر ته لذيذ ۽ سوادي ٿيندو آهي، جو جنهن هڪ دفعو
اُهو کاڌو سو گويا پيار جي پيوند ۾ ڦاسجي پيو.
انهيءَ ڪري هيءَ چوڻيءَ مشهور آهي ته:
جني کاڌا پلن جا پيٽارا، تتي جا ٿيا هينئڙا ويچارا.
(ج) چون ٿا ته دهليءَ جو حاڪم، محمد شاهه تغلق، پلي جي سواد تي
موهجي، ايترو ته پلو کاڌو جو پيٽ خراب ٿي پيس ۽
سنڌ ۾ ئي وفات ڪيائين.
(د) سنڌ ۾ لڏي آيل پنجابي آبادگارن لاءِ آزاديءَ کان اڳ چوندا
هئا ته جيڪو پنجابي آبادگارن سنڌ ۾ لڏي آيو، اهو
خوشحال ٿي ويو، ۽ واپس پنجاب وڃڻ جو اصل ارادو ئي
ڪونه ڪندو هو. اُنهن لاءِ هيءَ چوڻي عام ٿي وَئي
ته: ”پلا مڇي کاوڻا، سنڌ ڇوڙ ڪي نه جاوڻا.“
(ت) مڇيءَ مان تيار ٿيندڙ هيٺيان طعام خاص طور مشهور آهن:
سيهيل مڇي، تريل مڇي، پڪل مڇي ۽ مڇيءَ جو ڪٽيهر، مڇيءَ جو ٻوڙ،
ٺڪر جي ڪُنيءَ ۾ تازن مصالحن واري لاس، سيڪيل مڇي
۽ مڇيءَ جو پيلو ڀت (پلاءُ).
(ث) لاڙ ۾ ڳاڙها چانور به جام ٿيندا آهن، بلڪ ڳاڙها چانور ٿين
ئي لاڙ ۾ ٿا. (لاڙ جا ماڻهو، ڳارهن چانورن جي
مانيءَ ۾ سيهيل مڇيءَ وارو مصالحو ملائي، اُن کي
مڇيءَ جي مٿان رکي، ڍڪڻ سان قابو بند ڪري، مڇيءَ
سان گڏ سيهيندا آهن. اهڙي سيهيل مانيءَ کي هو
’ڍوڪري‘ سڏين. اها (ڍوڪري) کائڻ ۾ ڏاڍي سوادي
لڳندي آهي. اُن سان گڏ ننڍا ننڍا ’مُٺيا‘ به
سيهيندا آهن، جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار لڳندا آهن.
هيءُ طعام ڏاڍو سوادي هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن اُن سان
گڏ انبن جو آچار هجي ته واهه واهه!
(ح) اِن کان سواءِ لاڙ جا ماڻهو، سياري جي موسم ۾، ٺڪر جي
ڪُنيءَ ۾ مڇيءَ جو ٻوڙ رڌيندا آهن. اُن ۾ سائو
مصالحو يعني تازا ڌاڻا، تازي ٿوم، ساوا مرچ، سوئا
يا ميٿي به وجھن. هن ٻوڙ جو شوروو تازن مصالحن جي
ڪري ڏاڍو سوادي ٿيندو آهي. لاڙ جا ماڻهو ٿڌ ۽ زڪام
جي ٽؤنڪار لاءِ، پيالن ۾ گرم لاس جو سُرڪون ڀريندا
آهن. زڪام ۽ ٿڌ لاءِ هي ٻوڙ دوا جهڙو ڪم ڏيندو
آهي.
(خ) کاري طرف رهندڙ ماڻهو دوٿر ۽ لوجهريون شوق سان کائين.
لوجهري پچائي به کائين، ته وري اُن جو ٻوڙ به
رڌين. دوٿر مان مختلف طعام ٺاهيندا آهن.
(ت) اِن کان سواءِ جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته مڇي هڪ طاقتور غذا
آهي. لاڙ ۾ دائيون ۽ گهرن جون وڏڙيون، ڪنهن تازي
ويائل عورت کپي پڪل مڇي کائڻ جي هدايت ڪنديون اهن،
ڇاڪاڻ ته اها خوراڪ اُن عورت جي ٿڃ ۾ واڌارو ڪندي
آهي، ۽ ساڳئي وقت ٿڃ ۾ سگھ به وڌائيندي آهي.
اهڙيءَ طرح جسماني قوت لاءِ به مڇي طاقتور غذا طور
کائبي آهي. اُن ۾ پلو، پلي جي آني، ڄرڪو، مُنڊي ۽
ڦاٻڻو بهترين مڇيون آهن.
(ix)
ماهي ثقافت ۾ رائج ٻولي:
(الف) ماهرن مان هن وقت تائين فقط شيخ خورشيد حسن صاحب هن نقطي
تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن جي راءِ
موجب منڇر ڍنڍ ۽ سنڌو درياءَ تي، گهرن- نما ترندڙ
ٻيڙين ۾ رهندڙ مهاڻن جي ٻوليءَ جو اڀياس، موهن جي
دڙي جي ٻوليءَ جي مطالعي ۾ مدد ڏئي ٿو. شيخ صاحب
جي خيال ۾ موهن جي دڙي وارين مُهرن جي پڙهڻ لاءِ،
اُنهن مهرڻ ۾ اُڪريل تصويرن ۽ شڪلين لاءِ جيڪي
’مُلھ‘
(Values)
مقرر ڪجن، تن جي سلسلي ۾، مهاڻن جي ٻوليءَ جي مدد
سان، مهرن تي ڪڍيل چِٽن، گلن ۽ نشانين جي مُلهن
سَلڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته دراوڙي
ٻولين مان لفظ کڻي، موهن جي دڙي وارين مهرن تي
نڪتل نشانن جا مُلھ مقرر ڪرڻ کان بهتر ٿيندو ته
سنڌو- تهذيب جي موجوده وقت قديم رهاڪن جهڙوڪ:
مهاڻن، اوڏن، باگڙين، شڪارين، ڪارين، ماڇين، مياڻن
۽ ٻين قديم قومن جي ٻولين جي مطالعي جي مدد سان
مذڪوره مهرن ۾ ڪڍيل شڪلين جا مُلھ مقرر ڪري، انهن
تصويرن ۽ نشانين لاءِ لفظ مقرر ڪجن. هن سلسلي ۾
اميريڪي ماهر، ’ڊاڪٽر فيئر سروس‘
(Dr. Fair Servis)، پنهنجيءَ تازي تحقيق ۾، دراوڙي ٻولين جا لظ، موهن جي دڙي
وارين مهرن ۾ ڏنل شڪلين ۽ نشانين لاءِ مُلهن طور
ڏنا آهن. اُنهن چِٽن ۽ شڪلين لاءِ مُلھ دراصل سنڌي
ٻوليءَ جي لغوي خزاني مان ڳولهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته
اڄ به اُنهن مان ڪيترائي لفظ ”سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري“ جي جرنل، ”سنڌي ٻوليءَ“ جي اپريل،
مئي، جون 1994ع واري شماري ۾ ”سنڌو تهذيب جي سنڌو
لکت جي ڀاڃ“ عنوان هيٺ ڇپيل آهي.
(ب) شيخ خورشيد حسن مهاڻن جي ٻوليءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”مهاڻا، سنڌي ٻوليءَ جو اُهو لهجو ڳالهائيندا آهن، جيڪو سندن
خطي ۾، سندن ئي قوم ۾ رائج آهي، يعني ته اُهو
لهجو، هن قوم ۾ ئي قديم زماني کان ڪم ايندو رهيو
آهي. چون ٿا ته اُنهن (مهاڻن) جي لهجي ۾ اهڙا اهڙا
انوکا لفظ، محاورا، اصطلاح ۽ ڪجھ ثقافتي لفظ موجود
آهن، جيڪي هنن (مهاڻن) کي، ٻين ڏيهي ۽ ڳوٺاڻي
آباديءَ جي تهذيب کان الڳ آبادي يا جاتي/نسل طور
شمار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.“
شيخ خورشيد حسن صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”مهاڻن جي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ۽ رائج پراڻن لفظن، اصطلاحن ۽
محاورن جي گهري تاريخي ۽ لسانياتي (فلالاجيءَ)
اڀياس جي مدد سان، واديءِ سنڌ ۾ رائج قديم ٻوليءَ
جو مطالعو، اُن قديم ٻوليءَ جي اهڃاڻن، نشانن،
پارن ۽ ڏس پتي جي سلسلي ۾ ڪافي مدد ملي سگهي
ٿي.“(61)
حاصل مطلب ته مهاڻن جو پنهنجو پنهنجو مقامي لهجو آهي، جنهن جي
مطالعي جي ضرورت آهي. منڇر ڍنڍ جا مهاڻا، سندن
لهجي کي ’منڇري ٻولي‘ يعني ’منڇري لهجو‘ سڏيندا
آهن. ميانواليءَ وارا ناکوئا ’سنڌي ۽ ميانواليء‘
وارو گڏيل لهجو ڳالهائين. ماڃر وارا مهاڻا ’ماڃري
لهجو‘ ڪم آڻين ته کاري طرف رهندڙ مهاڻا ’کارائي
لهجو‘ استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح بدين طرف ’ولهاري
لهجو‘، ’مانڌري لهجو‘ وغيره لهجا، تحقيق طلب آهن.
(ت) ”ماهي تهذيب“ ۾ ڪم ايندڙ خاص خاص لفظ، فقرا ۽ محاورا، هن
تهذيب ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا.
هن سلسلي ۾ سنڌي لوڪ ادب ۾ وڏو سرمايو موجود آهي.
هن کان اڳ ”ماهي تهذيب“ ۾ مستعمل ڪيترائي لفظ ۽ فقرا ڏنا ويا
آهن، جن مان ٻوليءَ جي وياڪرڻي ۽ لسانياتي ساخت ۽
ڪارج جي خبر پوي ٿي. اهڙن لفظن ۽ فقرن مان ڪي هي
آهن: مُنهن ميرا، منهن بڇڙا، گنيرا، گاندر،
ڪڙهيون، مياڻيون، مي، ميئڪي، ميئي، اگلا سگلا،
سمو، ملاح، مهاڻا، ڇڇي، ککي، ڇَٽَ، ڇڇيءَ هاڻا،
ڇڇيءَ هاڻي، ڇڇي ڇَٽَ، کِکيءَ هاڻا، ڪوجهيون،
ڪاريون، ڪُوَڙيون، مَڏَ، مڏيون، کاريون، ڄاريون،
ڀَن، گهائو، مَڇوئا، مَڪڙا، ٻيڙيون، گهاتو، بتيلو
۽ ليڪ وغيره. هن سلسلي ۾ شاهه لطيف جي رسالي جا
سُر ڪاموڏ، گهاتو، ڪارايل، سامونڊي ۽ سري رات،
ماهي تهذيب ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي لغوي خزاني
سان ڀريل نظر اچن ٿا. مثال طور ڪجھ بيت اڳ ۾ ڏنل
آهن.
اهڙيءَ طرح سچل سرمست جي ڪلام ۾ هن موضوع تي تمام گهڻو مواد ملي
ٿو. مثلاً:
ڇڇيءَ جي هُئي ڇَٽَ، ٿي آئي عام خلق کي،
وَهه وڃائي وَههَ ۾، ميئي مڃائي نه مَٽَ.
ٻيو بيد ڏسو:
ڪوجهيون ڪاريون، مُنهن نه موچاريون،
سي ڪڍيو ڪالورن جيون، سر کڻن کاريون.
اهڙي طرح همعصر ادب ۾ هن تهذيب سان واسطو رکندڙ لفظ، فقرا،
اصطلاح ۽ پهاڪا مطالعو ڪري سگهجن ٿا.
(ث) هن کان اڳ ”ماهي ثقافت“ ۾ درياءَ جي اهميت جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. مهاڻا درياءَ جي ڪنڌين، ڪپرن ۽ وچ واري حصي
۾، رياءَ جي وهڪرن لاءِ ڌار ڌار لفظ ڪم آڻيندا
آهن. لفظن جي اها ڪلاسبندي به ٻوليءَ جي مطالعي ۾
مدد ڪري ٿي؛ مثال طور:
(الف) درياءَ جي ڪنڌيءَ وارن ماڳن جا نالا. مياڻ، مَڏي، ڇاڻ يا
ڪونهري، وَڪڙي، ٻنڌ/بن، ڪيٽ/ڪيٽي ۽ ڪَس.
(ب) درياءَ جي وهڪرن لاءِ ڪم ايندڙ لفظ: پَلٽ، نارو، ڇينار،
ڍورو، ڇنڊڻ، واهه، ڦاٽ، شاخ، نالي، اوڀان ۽ ڪڙيو.
(ج) درياءَ جي ڪناري وارا وهڪرا: تکو، ماٺو، اوڀارو، ڪنڌيءَ جي
ڳنڍ.
(د) درياء جي وچ وارا وهڪرا: ميڙ/ٻيڇَل، ڇيل/سنهي ٻيڇَل، نِنگَ،
سيِرَ.
(ح) لوڪ ادب ۾ ماهي تهذيب جا اهڃاڻ ۽ نشان: سنڌ جي لوڪ ادب ۾ به
ماهي تهذيب ۾ ڪم ايندڙ بيشمار لفظ استعمال ٿين ٿا؛
مثال طور:
پهاڪا: لوڙهيءَ ڏورو، سارين کرو
لوڪ گيت: ”لاڙ جي مڇي هينگو...!“
هن لوڪ گيت ۾ ”ماهي ثقافت“ جي سماجي زندگيءَ جو عڪس پيش ٿيل
آهي. ٻيو هڪ لوڪ گيت ملاحظه فرمايو:
گندڻ گندئيءَ مان رات ڪُتو کڻي ويو،
ڏير ڙي ڏير، تنهنجو اصل کان آهي وير،
تون ته آنڊڻ جو ڍير، گندڻ..........
سس ڙي سس، تون ته ديڳڙيءَ جي سس،
تون ته ڪرين ٿي بس، گندڻ..........
سهرا ڙي سهرا، تنهنجيءَ ڏاڙهيءَ ۾ ڏؤنرا،
تنهنجي مٿي ۾ ماڪوڙا، گندڻ..........
اهڙيءَ طرح ”ماهي ثقافت“ ۾ ماڻهن ۽ مڇين جي بيمارين لاءِ ڪم
اينڊر لغوي خزانو هٿ ڪرڻ گهرجي.
مطلب ته ماهي ”ثقافت“ جو مطالعو ايترو ته وسيع آهي ۽ ايترو ته
گهڻ- پهلو آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ
جا مختلف خطا، ڍنڍون ڍورا، مياڻيون ۽ مَڏيون، ماڳ
۽ مڪان، سامونڊي ساحل، درياءَ جا ڇوڙ، سمنڊ جون
کاريون، دو- آبي واري خطي کان سواءِ، منڇر ڍنڍ،
اُڀرندي ناري، اُلهندي ناري، اَڇڙي ٿر، سانگهڙ جي
ڍانڍي علائقي، هيليا، ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ ۽
ٻين ماڳن تي وڃي مواد گڏ ڪرڻو پوندو. هيءُ هڪ وڏو
ڪم آهي جنهن لاءِ اڪيلو ماڻهو نه، پر مختلف مضمونن
جي ماهرن جي هڪ جٿي کي همٿ ٻڌي ڪم ڪرڻو پوندو.
لهاذا شيخ خورشيد حسن صاحب بلڪل درست فرمايو آهي ته ”مهاڻن جي
تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ سنڌو تهذيب جي
Ethnological
يا
Ethnoarchaeological
تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.“ هي موضوع انهيءَ علم
جي ئي شاخ آهي.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
Carter, V. Good, Dictionary of Education, McGraw Hill, INC,
MacMillan Company, New York, 1930. p 350.
Harold Rugg & William Withers, Social Foundations of
Education, Second Edition, Prentice- Hall INC,
U.S.A.
Balouch, N. A., Dr., An article: Traditional Cultures in West
Pakistan, Sindh University Journal of Education,
Vol: VIII. January, 1963, p. 3
ممڪن آهي ته ڪي صاحب ائين چون ته دريائي ثقافت، دو- آبي ثقافت،
ڍانڍي ثقافت، ماهي ثقافت، کارائي/سامونڊي ساحل
واري ثقافت ۽ منڇري ثقافت ساڳي ڳالهه آهي، پر
اُنهن دوستن جي خدمت ۾ آءٌ اهو عرض ڪندس ته اِنهن
ثقافتن مان مون فقط ”ماهي ثقافت“
(Fish Culture)
يعين مڇي ۽ اُن سان واسطو رکندڙ نقطن کي کنيو آهي،
جڏهن ته ٻين ثقافتي پهلوئن ۾ ڪيترائي ڌار ڌار نڪتا
نظر اچن ٿا، جن تي به گهڻو ئي ڪجھ لکي سگهجي ٿو.
پانيا يعني ’پڻي‘
(Pani).
’پڻين‘ کي ’فني‘
(Fani)
يا ’فنيقي‘
(Phoenicians)
به سڏيو ويو آهي. ’پڻين‘ کي ڊاڪٽر هيريماٿ واديءِ
سنڌ جا قديم رهاڪو ’فني‘ ٿو ڪوٺي
. ڏسو
Hiremath. R.C, Dr. Ref: 13, P.53.
هن جي خيال موجب هيءَ وڻج واپار ڪندڙ قوم هئي، جيڪا ”فنيقي“ جي
نالي سان مشهور ٿي. پر هن قوم (پڻيءَ/پڻين) جي
باري ۾ محترم تاج محمد صحرائيءَ جو ڇپيل مقالو وڏي
اهميت سان ڀريل آهي. هن مقالي ۾ صحرائي صاحب اِها
دعوا ڪئي آهي ته ’فنيقي‘ قوم، دراصل سنڌو- تهذيب
جا قديم رهاڪو ’پڻي‘ آهن، جن کي پوءِ ’واڻيا‘ سڏيو
ويو. هيءَ (پڻي)، سنڌو- ماٿر جي قديم واپاري قوم
آهي. هيءَ قوم ان زماني ۾، واپار سانگي، اولھ طرف
(موجوده لبنان ۾) به رهندي هئي، جتي ”فنيقي“ جي
نالي سان مشهور ٿي.
ڏسو: تاج محمد صحرائي: ”پڻي لوڪ- رگ ويد جي دور جا سنڌ وڻجارا-
ناکئا“، حيدرآباد سنڌ، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، 1996ع،
ص ص 3-، 30.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌ جا قبيلا ۽ سنڌ جا نسب ناما، مقالو:
سماهي ”مهراڻ“، نمبر 1-2/1992ع، ص 174.
Aitken, E. H., Gazetteer of the Province of Sindh; Vol: ‘A’,
American Mission Press, Karachi, 1907, p. 177.
Also see: Sorley, H. T., Dr., Gazetteer of West Pakistan,
Sindh Region, Lahore Government of West
Pakistan, 1968, p. 252.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: جامع لغات سنڌي، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ، ص 2416.
شاهه جو رسالو، مرتب: غلام محمد شهواڻي.
Allana, Ghulam Ali, Dr., Sindhi Culture, Indus Publications,
Karachi, 1986, p. 6.
Shaikh Khurshid Hassan: Ethnoarchaeology as an aid to
interprete Indus Civilization, and article
published in Pakistan Archaeology, Karachi,
Department of Archaeology and Museums, Ministry
of Culture & Tourism, Government of Pakistan,
1991, pp. 110 & 111.
Caldwell, R., Dr., A Comparativer Grammer of the Dravidian
or South-Indian Families of Languages, Vol: I,
London, Trubner & Com: Ludgates Hill, 1875,
Introduction, pp. 58-59
Hiremath R, C., Dr., Genesis & Growth of Dravidian,
Dravidian Linguistics Association, Trivandrum,
1984, pp. 82 & 83.
Ibid., p. 82.
ادريس
صديقي: سنڌو ماٿر جي سڀيتا، مترجم مسز شمس سرڪي،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 116.
Shaikh Khurshid Hassan, ref: 11, p. 110
Ibid. p. 111
Ibid, p. 111
Ibid, p. 112
Ibid, p. 84.
لئمبرڪ، ايڇ. ٽي: سنڌ، سلسلو تاريخ سنڌ، مترجم
سليم احمد، جلد پهريون، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي
بورڊ، 1982ع، ص 329
ايضاً
See ref: 7, Sorley, H. T., p. 252.
حيدرآباد (سنڌ) کان 7 ميلن جي مفاصلي تي، مياڻيءَ
جي ڳوٺ وٽ، ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾، 17 فيبروري
1843ع تي جنگ لڳي هئي، جيڪا مياڻيءَ جي جنگ جي
نالي سان مشهور آهي.
هن حوالي لاءِ ڏسو:
Sorley, H.T, Ref: No: 7, P. 252.
ايضاً، ص 252.
حوالو نمبر 21، ص 369.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: حوالو نمبر 9 ۽ پڻ ڏسو:
الف- ب وار شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، مرتب: عبدالغفار
’گوهر‘ دائودپوٽو، ڪراچي، سنڌيڪا، 1994ع.
چچنامي ۾ ’سنڊو بندر‘ لکيو ويو آهي، جيڪو درست
ڪري ’سنڊو لکڻ‘ گهرجي. اهڙيءَ طرح ’ددها واهه‘،
’ڏاڏ واهه‘ آهي، ۽ ’جنهانيءَ‘ جو قديم شهر به
سنڌوءَ جي ڪناري تي هو. ڇا ’جنهاني‘ آثارن جا ماڳ
’جنهاڻ سومرو‘ واري بستيءَ ۾ تبديل ٿين ته نه آهن؟
اِهي ڪوڙيون به آهن، درياءَ جو پاڻي اُنهن ۾ وڃي
ٿو ڇڻي، يعني ڪري.
سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته پلو سنڌو درياءَ
۾ مرندو آهي ۽ پلو لڳ به سنڌو درياءَ يعني مٺي
پاڻيءَ ۾ ڪندو آهي، ۽ آني به مٺي پاڻيءَ ۾ هاريندو
آهي. پلي جي هڪ هڪ آنيءَ ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ داڻا
ٿيندا آهن، جيڪي درياءَ جي وهڪري سان گڏ وهي، سمنڊ
۾ وڃي پوندا آهن. انهيءَ هر هڪ داڻي مان پوءِ،
کاري (سمنڊ) ۾ هڪ هڪ پلو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو وڏو
ٿي سمنڊ مان وري مٿي، درياءَ جي ڇوڙن مان، اوڀارو،
مٺي پاڻيءَ ۾ چڙهندو آهي، جتي (مٺي پاڻيءَ ۾)
مهانا، ڀنن، ڄارن، ڄارين، گهائو ۽ ٻين سنڊن ۽
وسيلن ذريعي اُنهن کي ماريندا (جهليندا) آهن.
سنڌو درياءَ ۾، روهڙيءَ کان وٺي مٿي گڊوءَ تايئن
واري حصي ’ٻُلهڻ‘
(Blind Dophin)
به موجود رهندي آهي. ’ٻُلهڻ‘ لاءِ هن تر ۾ ڪيتريون
ئي ڏند ڪٿائون مشهور آهن. ’ٻُلهڻ‘ کي عام طور
مڇيءَ جو هڪ قسم سمجھيو ويندو آهي، پر مهاڻا هن کي
’دريائي جانور‘ سمجھندا آهن، ڇاڪاڻ ته ’ٻُلهڻ‘ عام
مڇي وانگر ’آني‘ لاهڻ جي بدران جانورن وانگر ٻچا
ڄڻيندي آهي. مهاڻا چوندا آهن ته هن جو منهن مڇيءَ
جهڙو آهي، پر هن جي جسم جو هيٺيون حصو عورت جي جسم
وانگر ٿيندو آهي.
ادري
صديقي: حوالو 15، ص 100 ۽ 101.
Hiremath, R.C. Dr, ref: 13, p. 82.
Ibid., p. 84.
غلام
محمد شهواڻي: ڏسو حوالو 9.
الانا،
غلام علي، ڊاڪٽر: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“،
ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1987، ص 31.
Sorley. H. T., ref: 7.
Also see Sorley. H.T., Dr., Shah Abdul Latif of Bhit,
Hamphrey Milford, London, 1940. p. 99
Ibid.
Ibid.
Ref: 7, p. 71
Ibid.
Ibid., p. 252
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: اڻڇپيل مالو، ”جل پوڄا“، ۽ پڻ ڏسو
مقالو: ”سنڌ جي ڪن درگاهن جون رسمون ۽ اُنهن جو
مٿالاجيءَ
(Mythology)
جي روشنيءَ ۾ مطالعو“، ٽماهي ”مهراڻ“، نمبر 4،
1989ع، ص 56.
Asko Parpola, Sepo Koskenniemi, Simo Parpola and Pentti Aalto,
Decipherment of the Proto-Dravidian Inscriptions
of the Undus Civilization, Copenhagen, The
Scandinavian Institure of Asian Studies, 1970,
p. 35.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد“، زيب ادبي
مرڪز حيدرآباد، 1974ع، ص 120.
ايضاً.
Haig, M. R., Indus Delta Country, London, 1894, p. 31
See ref: 7, p. 252
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جو سيلاني“ نئين سنڌ لائبرري،
ڀارتواسي پريس، 1923ع، ص 63.
Thakur, U. T., Dr., Sindhi Culture, Bombay, Bombay University
Publications, Sociology Series No: 9, 1959, pp.
19 & 20.
هڪ هاريءَ ۾ پلا ٿيندا آهن، يعني پلن جو جوڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾
هڪ آنيارو پلو ۽ هڪ کيرو پلو (يعني نر ۽ مادي جن ۾
کيرو نر ۽ آنيارو مادي) ٿيندو آهي.
See ref: 13, p. 84.
Ibid., p. 83.
See ref: 10, p. 25
ڀيرومل آڏواڻي: ”قديم سنڌ“، حيدرآباد سنڌ سنڌي ادبي بورڊ،
1957ع، ص 51 ۽ 58-62.
ايضاً
ڏسو حوالو 14، ۽ ”گوهر“ دائود پوٽي جي مرتب ڪيل رسالي جا صفحا
62 ۽ 96.
See ref: 11, p. 112.
Ibid., p. 111
Ibid., pp. 111 & 112. |