تبصرا
”نُور توحيد“ (ناول)
سنڌ جي برک اديب، صحافي ۽ ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
اسلامي تاريخ مضوع تي لکيل هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
منفرد ۽ شاهڪار ناول آهي. هن ناول ۾ اسلام ۽ اسلام
جي باني حضرت محمدﷺ جن جي ولادت باسعادت کان وٺي
سندن وصال تائين جي سموري تاريخ نهايت وڻندڙ
پيرايي ۾ بيان ڪئي ويئي آهي. هن مبارڪ موضوع کي
”ناول“ جي روپ ۾ نباهڻ صرف ڏيپلائي صاحب جو ئي
ڪمال آهي، جنهن کي هڪ صلاحيتمند ليکڪ ۽ ناول نگار
جي حيثيت ۾، سنڌي ادب ۾ مانائتي مڃتا حاصل آهي.
ڏيپلائي صاحب هن ناول ۾ اسلام ۽ بانيءَ اسلام جي بنيادي ڪارنامن
۾ ٻن اهم نقطن کي اهميت سان بيان ڪيو آهي.
هڪڙو ڪارنامو عرب ۾ عورتون جي جيئري پورڻ جي رسم کي ختم ڪرڻ ۽
ٻيو اولياء پرستيءَ جي خاتمي ڪرڻ جو؛ جيتوڻيڪ عدل
۽ انصاف جي قيام توڙي عام ڀلائي ۽ خيرخواهيءَ جي
عملن ۽ اسلام جي ٻين خوبين جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس.
حضورﷺ جن جي مهر ۽ ٻاجھ توڙي رحمت ۽ شفقت جو ذڪر
به جابجا ورجايو اٿائين، پر جيڪي مقصد بنيادي
اهميت جي طور اولين ڪارنامن جي حيثيت ۾ ڳڻايا اٿس،
سي بهرحال مٿيان ٻه آهن. اِهي ٻيئي مقصد ۽ مضمون
حقيقت ۾ آهن ضمني مقصد، پر ڏيپلائي صاحب انهن کي
بنيادي مقصد ڪري پيش ڪيو آهي. اسلام وحدت خالق کان
پوءِ مخلوق جي وحدت، نظري ۽ فڪري ايڪي کي قائم ڪرڻ
جي مقصد کي پنهنجو مک مقصد بنايو آهي. اسلام ج ومک
مقصد هو انسانن جي وچ ۾ پيدا ٿيل اوچ نيچ جي فرقن
توڙي طبقاتي، نسلي ۽ خود غرض مفدن جي وڇوٽين کي
ختم ڪري سڄي انسانيت کي اُمت واحده بنائڻ. ان
بنيادي مقصد ۾ ڪيترائي ٻيا به اها مقصد اچي ٿا
وڃن، جهڙا اِهي ٻه مقصد ڏيپلائي صاحب بيان ڪيا
آهن.
ڏيپلائي صاحب جي قلم کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، جڏهن
پاڻ هڪ صغير نياڻيءَ جي معصوميت جو منظر چٽين ٿا.
ٻئي پاسي هڪ وحشي پيءُ جي درندگي ڏيکارين ٿا. مصنف
جڏهن معصوم ڌيءُ کي اجتماعي طور درنده صفت پيءُ جي
هٿان قبر ۾ پورڻ جو منظر چٽي ٿو، نياڻيءَ جي واتان
نڪرندڙ هيان نپوڙيندڙ ”ابا! ابا! ابا! هيءُ ڇا ٿو
ڪرين؟ مون مٿان هيءُ تتل واري ڇو ٿو وارين؟ هيءَ
ڏاڍي گرم آهي، مون کي ڪوسي ٿي لڳي“ جا لفظ نڪرن
ٿا، ۽ درنده صفت ماڻهن طرفان انهن لفظن تي ٽهڪن
مٿان ٽهڪ اُٿن ٿا ۽ وڃن ٿا مٿس واري ورائيندا، تان
جو نياڻيءَ جو دانهون بند ٿي وڃن ٿيون. ٽهڪ ڏئي
ظالمن جي ٽوليءَ جي واپس وڃڻ کان پوءِ سيني سڙيل
ماءُ جڏهن منهن مٿو پٽيندي رڙيون ۽ دانهون ڪندي
اچي پنهنجي جگر جي ٽڪري جي پوريل وجود کي ڳولي ٿي
۽ دانهون ۽ واڪا ڪندي جڏهن الله کان پنهنجي نياڻي
زندهه گهري ٿي، تڏهن پڙهندڙ جو اندر به اڌ ٿي وڃي
ٿو، ته ههڙن ظالمن ۽ قهارن ۾ اهڙو ڪو واهرو،
وسيلو، غريبن ۽ مسڪينن جو آڌار، هيڻن ۽ ڪمزورن جو
هڏڏوکي ڇو نٿو اُٿي، جيڪو ههڙيءَ دل جليءَ عورت جو
ڀرجهلو ٿئي ۽ جيئرين جاڳندڙ نياڻين کي جيئندان
ڏيئي سگهي.
ان طرح لائق مصنف پڙهندڙ جي دل کي هڪ اهڙي واهروءَ ۽ آڌار ٿي
ايندڙ جي تڙپ ڏيئي، انهن جي اڳيان جڏهن ٻنهي جهانن
جي سردارن جي رونق افروزيءَ جي ڪهاڻي شروع ٿو ڪري
ته هن ناول کي ڄڻ چار چنڊ لڳي ٿا وڄن. پڙهندڙ جي
دل نهايت بي چينيءَ سان حضورﷺ جن جي زندگيءَ جي هر
پهلوءَ کي وڏيءَ دلچسپيءَ سان پڙهڻ شروع ٿي ڪري ته
هاڻي ڏسون ته ڪڏهن ٿي بدنصيب ماءُ کي سندس وڇڙيل
ڌيءُ ملي! ڪيئن ٿي ’قيس‘ جي زندگيءَر کي مات اچي،
ڪڏهن ٿي ’سلميٰ‘ سوڀاري ٿئي. نياڻيءَ جي معصوميت
مٿان ٽهڪ ڏيندڙ ظالمن جو انجام ڪڏهن ٿو سامهون
اچي.
جيئري پورجي ويل سلميٰ ۽ سندس مڱيندو اڪرم هن ناول جا مُک ڪردار
آهن. سلميٰ جي پورجي وڃڻ سان هنن ٻنهي جو وڇوڙو
ٿئي ٿو، ۽ ان وڇوڙي جو داستان اسلام ۽ بانيءَ
اسلام جي ڪهاڻيءَ سان فتح مڪه سان اسلام سوڀاري
ٿيڻ تائين لاڳيتو جاري رهي ٿو ۽ ان ڏينهن ناول جي
هنن ٻنهي ڪردارن کي پڻ سوڀ ٿي ملي. هڪ وحشي رسم کي
شڪست ٿي اچي. اڳتي لاءِ ڪا به نياڻي جيئري نه پوري
ويندي، ڪابه عورت ڏاڍائيءَ جي شڪار نه ٿيندي. اڄ
کان پوءِ بي زبان ٿي ويل عورتن کي زبان ٿي ملي.
انهن کي معاشري ۾ مقام ۽ مرتبو حاصل ٿو ٿئي. انهن
جا حق متعين ڪيا وڃن ٿا.
ان ڏينهن ٻيو هڪ اهم واقعو ڪعبة الله منجھان ٽي سو سٺ بُتن کي
ڊاهي پٽ ڪرڻ جو ٿئي ٿو. ناول ۾ خدا وحده لا شريڪ
لہ جيئري پورجي ويل سلميٰ ۽ ان جي دل جليءَ ماءُ
جي پاسي آهي. سلميٰ جي ماءُ پنهنجي مٿان ايل مصيبت
دوران کيس ئي سڏي ٿي ۽ کائنس ئي واهر جي گهر ٿي
ڪري. ٻئي پاسي نياڻيءَ کي دفن ڪري ايندڙ قريش
سردار وڃي ٿا ڪعبي ۾ پيل بُتن تي نياز نوڙتون ڪن ۽
جشن ملهائين. ڏيپلائي صاحب ڪمال تڏهن ٿو ڪري جڏهن
بُتن کي ظالم سردارن جي پاسي ٿو ڏيکاري، ۽ پڙهندرن
جي اندر کي انهن جي خلاف نفرت سان ڀري ٿو ڇڏي.
ڏيپلائي صاحب جي هن ناول جو ٻيو اهم نقطو اهو به اهي ته پاڻ ”بت
پرستيءَ“ جي لفظ بجاءِ ”اولياء پرستيءَ“ جو لفظ
ڪتب آڻي ناول کي موجوده مشرڪاڻي صورتحال تي چسپان
ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾ بت پرستيءَ
جو رواج هو ۽ اڄوڪي زماني ۾ قبر پرستيءَ جو رواج
آهي. پر انهن ٻنهي الڳ الڳ ڳالهين ۾ قدر مشترڪ
جيڪا شيءِ آهي سا آهي ’اولياء پرستي‘. اڄ به
اوليائن کي پوڄيو ٿو وڃي، تنهن زماني ۾ ائين ئي
ڪيو ويندو هو. فرق صرف ايترو آهي ته ان زماني ۾
اوليائن جا بُت ڍاهي انهن کان مرادون گهريون
وينديون هيون ۽ هاني اوليائن جي قبرن کان مرادون
گهريون ٿيون وڃن!
ڏيپلائي صاحب جي ٻولي ڏاڍي دلڪش، سولي ۽ پڙهندڙ جي دل تي اثر
ڇڏيندڙ آهي. پاڻ وڏو ڪمال اُتي ٿو ڪري جڏهن ناول ۾
آندل قرآن شريف جي آيتن جو سليس ۽ سهڻي ٻوليءَ ۾
باڪمال ترجمو ٿو ڪري، جنهن منجھان معلوم ٿئي ٿو ته
نه رڳو کيس عربيءَ تي عبور حاصل هو، پر اُن سان گڏ
پراڻيءَ ٻوليءَ جي نرالن تصورن ۽ اوپرن اسلوبن کي
پنهنجي ٻولي ۾ کڻي، انهن کي بهترين اسلوب ڏئي سهڻي
انداز سان پيش ڪرڻ جي فن ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل
هئي.
”نور توحيد“ ناول ۾ ڏيپلائي صاحب متعدد واقعن کي موجوده معاشري
جي اوڻاين مٿان تنقيد ۾ به خوب استعمال ڪيو آهي.
کوڙ ڀيرا سنڌ جي وڏيرڪين روايتن تي ڦٽڪار ڪئي
اٿائين. گڏوگڏ منافقن جي تذڪرن ۾ سياستدانن جي
منافقيءَ تي به خوب ڇوهه ڇنڊيا اٿائين.
تاريخي حوالن سان تحقيقي ڪسوٽيءَ تي تاريخ جي واقعن کي جاچڻ ڪري
ڪجھ اهڙيون روايتون به بيان ٿيون آهن، جيڪي محققن
وٽ تنقيد جوڳيون ٿي سگهن ٿيون، پر ”ناول“ جو حوالو
ان جي اثر کي زائل ڪري ٿو.
– محمد اَنس راچپر
بوستان
شيخ شرف الدين مصلح ”سعدي“ شيرازي اسلامي دنيا ۾، فارسي علم ۽
ادب جو هڪ بلند مرتبه عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريو
آهي. هن نه صرف علامه ابن جوزيءَ جهڙي تفسير، حديث
۽ تاريخ جي امام کان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو شرف
حاصل ڪيو، پر اُن سان گڏ ڪائنات جي وسيع مطالعي جي
سلسلي ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي عرصو سير و سياحت
۾ صرف ڪيائين. ان دوران ترڪستان کان ويندي
هندستان، آفريڪا ۽ عربستان تائين دنيا جي مختلف
قومن ۽ قبيلن جي رهڻي ڪهڻي، رسم و رواج ۽ تهذيب و
تمدن جو ڳوڙهو مشاهدو پڻ ڪيائين. سياحت کان پوءِ
شيخ سعدي جڏهن پنهنجي آبائي شهر شيراز واپس موٽڻ
جو ارادو ڪيو ته کيس دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته پنهنجي
ننڍپڻ جي دوستن ۽ احبابن لاءِ ڪهڙي سوکڙي وٺيو
وڃان. ان دوران کيس اهو خيال آيو ته دنيا جي وسيع
مطالعي جي آڌار تي علم و ادب، تهذيب و تمدن، اخلاق
و اخلاص سان واسطو رکندڙ جيڪي عجيب و غريب ڳالهيون
منهنجي مشاهدي هيٺ آيون اهن، تن کي ڇو نه ڪاغذ تي
اتاري، دوستن جي خدمت ۾ هڪ سوکڙي طور پيش ڪريان.
اهو خيال ڪري شيخ سعدي ”بوستان“ جي نالي سان فارسي
مثنويءَ جي صورت ۾ هڪ علمي شاهڪار تصنيف ڪيو.
فارسي زبان ۾ مثنويءَ جي صورت ۾ جن عالمن جي تصنيفن کي تمام
گهڻي شهرت حاصل ٿي، تن ۾ شيخ سعديءَ جو ”بوستان“
سرفهرست آهي. سمورو ڪتاب ”اخلاقيات“ سان تعلق
رکندڙ مضمونن سان ڀرپور نظر اچي ٿو. فارسي علم ۽
ادب جي مطالعي مان اهو صاف طرح سان واضح ٿئي ٿو ته
اخلاقيات جي موضوع تي نظم توڙي نثر ۾ فارسيءَ جي
ڪيترن ئي بلند مرتبي وارن عالمن ۽ شاعرن طبع
آزمائي ڪئي آهي، ليڪن علمي ۽ تحقيقي لحاظ کان انهن
جو پاڻ ۾ موازنو ڪجي ٿو ته اهو صاف طرح سان معلوم
ٿئي ٿو ته ”بوستان“ ۾ استعمال ٿيندڙ نظم ۾ شيخ
سعديءَ، جنهن انداز ۽ ڪمال لفظن، ترڪيبن ۽ تشبيهن
جو استعمال ڪيو آهي، سي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. منجھن
حقيقت پسندي، خيالن جي نواڻ، جوش جذبي ۽ نئين
انداز ۾ پيش ڪرڻ جو خوب انداز اختيار ڪيو ويو آهي،
اهو ئي سبب آهي جو ”بوستان“ کي فارسيءَ جي ٻين
اخلاقي ۽ ناصحانه ڪتابن جي ڀيٽ ۾ عوام خواه خواص ۾
تمام گهڻي مقبوليت حاصل رهي آهي. سمورو ڪتاب ڏهن
بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ عدل ۽ انصاف، احسان،
حقيقي عشق، تواضع، الله جي ياد، قناعت، تعليم و
تربيت، شڪر، توبهه ۽ دعا جهڙن موضوعن تي شيخ سعدي
پنهنجي علم ۽ مطالعي جي آڌار تي، دل تي اثر ڪندڙ
انداز ۾ روشني وڌي آهي.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”بوستان“ جو بامحاوره ۽ معياري سنڌي ترجمو،
سنڌ جي نامياري عالم مولانا محمد قاسم سومري جو
ڪيل آهي. هن کان اڳ ۾ مولانا صاحب جا تصنيف ۽
ترجمو ڪيل ڪتاب سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏي
مڃتا حاصل ڪلري چڪا آهن. مولانا صاحب جو تعلق سنڌ
جي ”ساهتي پرڳڻي“ سان آهي. جيئن ته ساهتي ٻوليءَ
جو لهجو ’معياري لهجو‘ تسليم ڪيل آهي، ان ڪري
مولنا صاحب جي ڪيل ترجمي ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي
ويئي آهي، سا سولي، سادي، سوادي ۽ ميٺاج واري آهي.
جيئن ته اصل ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي، ان ڪري سعدي
پنهنجي ملڪ جي ريتن، رسمن، ڪهاوتن، پهاڪن ۽ تشبيهن
کي جابجا استعمال ڪيو آهي. مولانا سومري صاحب
پنهنجي وسيع علم ۽ تحقيق جي آڌار تي نه صرف شيخ
سعديءَ جي فارسي نظر واري سٽاءُ کي سنڌ جي نثر جي
بامحاوره روپ ۾ تبديل ڪيو آهي، بلڪ ڪتاب ۾ ڪتب
آندل فارسي ڪهاوتن ۽ پهاڪن کي سنڌ جي ريتن ۽ رسمن
مطابق تبديل ڪري، اهڙو ته دلڪش انداز اختيار ڪيو
آهي، جو جڏهن ان جو مطالعو ڪجي ٿو ته هن ڪتاب جو
اصل مصنف فارسي جو نه بلڪ سٻاجھي ’سنڌ جو باشندو‘
محسوس ٿئي ٿو. لائق عالم مولانا محمد قاسم سومري
صاحب جي فرزند مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس السندي
(صدر المدرسين جامعه انوار العلوم ڪنڊيارو)
”سعديءَ جي سوانح“ جي عنوان سان هڪ جامع تحقيقي
مضمون لکيو آهي، جو ان ڪتاب جي مُهڙ ۾ آيل آهي،
جنهن سان ڪتاب جي معيار ۾ واڌارو پيدا ٿيو آهي.
سنڌ جي مشهور اشاعتي اداري ”روشني پبليڪيشن“ هيءُ ڪتاب شايع
ڪري، وڏي علمي ۽ ادبي خدمت سرانجام ڏني اهي. سهڻي
۽ ديده زيب سرورز سان، ڊيمي سائيز جي سفيد ۽
معياري ڪاغذ تي شايع ڪيل هن ڪتاب جي قيمت 150
روپيا موزون آهي. سنڌ جي سمورن ڪتب فروشن وٽان ملي
سگهي ٿو.
– ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو.
“THAR” (LAND, History, People)
ٿر، سنڌ جي پنجن طبعي حصن مان هڪ مکيه حصو آهي. اُن جي تاريخ،
باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ ڪافي نرالي به آهي. اتهاس جي
ڊگهي سفر ۾ ٿر ڪڏهن سنڌ جو حصو رهيو آهي، ته ڪڏهن
وري اُن نيم خودمختيار حيثيت پئي ماڻي آهي. هڪ وقت
۾ ته ٿر جو پرڳڻو راجستان جي راجائن جي به قبضي ۾
رهيو. چوڻي آهي ته ”وُٺو ته ٿر،نه ته بر“. برسات
پيئي ته ٿر ڪشمير کان به وڌيڪ پيو ڏيک ڏيندو، ورنه
ته سُڃ پيئي ماڻهن ۽ ماڳن کي کائيندي. ان پسمنظر ۾
سنڌ جي شروع وارين تاريخن ۾ ٿر بابت مواد اٽي ۾
لوڻ برابر ملي ٿو.
ٿي جي باري ۾ پهريون باقاعده ڪتاب، ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس
لکيو. هيءُ ڪتاب
“Memories on the Thar and Parkar Districts of Sind”
جي نالي سان 1859ع ۾ بمبئي مان ڇپيو هو. بعد ۾ وري
ڊگهي عرصي تائين ٿر بابت ڪوبه ڪتاب ڪونه لکيو ويو.
سال 1919ع ۾ جي. ڊبيلو. سمٿ جو ضلع وار گزيٽيئر
سلسلو شايع ٿيو. ان رٿا هيٺ ٿرپارڪر بابت پڻ هڪ
جدا گزيٽيئر ڇپجي پڌرو ٿيو. سمٿ جو هيءُ ڪتاب ريڪس
جو تسلسل ڏسجي ٿو. ان طرح ’ٿر‘ يا ’ٿرپارڪر‘ بابت
ڪتابن لکڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. 1924ع ۾ ڀيرو مل
مهرچند آڏواڻي جو ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو
راڄ“ ۽ سال 1934ع ۾ تيج سنگهه سولنڪي
جو ”امرڪوٽ اتهاس“ ڇپيا، جي ٿر جي هڪ علائقي
عمرڪوٽ جي پس منظر ۾ لکيل هئا.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پو ٿر جي مطالعي جو نئون دور شروع ٿيو.
1951ع ۾ محمد اسمايل عُرساڻي جو ڪتاب ”سير
ريگستان“ شايع ٿيو. ٿر جي روزمره جي زندگي ۽ مختلف
پهلوئن تي مشتمل اِن وڻندڙ ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڏي
مڃتا حاصل ڪئي.
ٿر جي نامور محقق ۽ عالم، استاد رائچند راٺوڙ جي تحقيق جو
شاهڪار ”تاريخ ريگستان“ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪيو ته سنڌ جي سمورن علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾
اُن معياري ڪتاب کي وڏي پذيرائي حاصل ٿي، جو لائق
مصنف جي ورهين جي تحقيقي ڪشالي جو ثمر هو. ان طرح
”تاريخ ريگستان“ جو ٻيو ڀاڱو، بورڊ 1957ع ڌاري
شايع ڪيو. ٻنهي ڀاڱن جا متعدد ايڊيشن شايع ٿي چڪا
آهن. استاد رائچند جي ”تاريخ ريگستان“ کي ٿر جي
تحقيق جي حوالي سان هڪ ’ڪلاسڪ‘ جي حيثيت حاصل آهي
۽ علمي دنيا ان کي ٿر جي ”اينسائيڪلوپيڊيا“ قرار
ڏنو آهي. ان طرح ٿرپارڪر بابت 1957ع ڌاري ڇپيل هڪ
علمي ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“ کي به تحقيقي حلقن ۾
مقبوليت حاصل ٿي، جنهن جي اشاعت اُن وقت جي علم
دوست ڊپٽي ڪمشنر مسٽر نوراحمد شاهه جي دلچسپي جو
نتيجو هئي.
سال 1992ع ڌاري، ٿرپارڪر جي اُن وقت جي ادب نواز ڊپٽي ڪمشنر
محترم عبدالقادر منگي مٺي ۾ ٿر بابت هڪ سنجيده
سيمينار منعقد ڪرايو. انهي سيمينار ۾ پڙهيل مقالن
تي مشتمل ڪتاب ”ٿر“ جي نالي سان نهايت علمي نوع ۾
ترتيب ڏيئي ورندڙ سال پڌرو ڪيو ويو. منگي صاحب
طرفان سليقي سان سهيڙيل هيءُ معياري ڪتاب مواد جي
لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب
“THAR”،
مشهور آرڪيالاجسٽ جناب احسان. ايڇ. نديم جي محنت
جو هڪ حسين گلدستو آهي، جنهن ۾ ٿر پنهنجي تمام
رنگينين ۽ رعنائين سان، ڪشمير وانگر ٻهڪندڙ نظر
اچي ٿو. نديم صاحب، قديم آثارن واري کاتي جو آفيسر
رهيو ۽ حيدرآباد ۾ ڊئريڪٽر آرڪيالاجي طور رٽائر ٿي
تازو لاهور ۾ رهائش پذير ٿيو آهي. سنڌ بابت فاضل
مصنف جا انگريزي ۾ ڪجهه ڪتاب ”موهن جو دڙو“ ۽
”مڪلي“ ۽ متعدد تحقيقي مقالا اڳ م ئي شايع ٿي علمي
حلقن کان داد حاصل ڪري چڪا آهن. کاتي ۾ ڪم ڪندي،
مصنف محترم، عمرڪوٽ ۾ ميوزيم جي قيام ۽ تعمير ۾ به
اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.
انگريزي ۾ محترم احسان. ايڇ. نديم جو جاذب نظر ۽ معياري ڪتاب:
”ٿر- لئنڊ، هسٽري، پيپل“ مختلف بابن ۾ ورڇيل آهي.
ابتدا ۾ مهاڳ ۽ تمهيد اچن ٿا. اُن کان پو ”ٿر“
نالي جي اصليت تي بحث ڪيو ويو آهي. دنيا جا بيابان
(صحرا) ايندڙ عنوان آهي. ان کان پو
ٿر جي وجود ۾ اچڻ تي بحث ڪيو ويو آهي. ورندڙ عنوان
۾ پارڪر جي ايراضي جو احوال اچي ٿو جي مختلف طبعي
ڀاڱن کي اجاگر ڪيو آهي. ان کان پو قومن ۽ قبيلن
بابت لکيو ويو آهي. ايندڙ ٻه باب نباتات
(Fauna)
۽ حيوانات
(Flora)
جي مطالعي لا
وقف ڪيا ويا آهن. ان کان پو ٿر جي ثقافتي ورثي جو
اڀياس ڪيو ويو آهي. آخري ليڪن اهم باب ”قديم
آثارن“ جي حوالي سان لکيو ويو آهي، جو هن ڪتاب جي
تحقيقي پهلو کي نمايان طرح سان اجاگر ڪري ٿو. بعد
۾ خاتمو ۽ پڇاڙي
۾ ببليوگرافي شامل ڪري ڪتاب کي راس ڪيو ويو آهي.
ٿر بابت انگريزي ۾ لکيل انهي نهايت جامع ۽ معياري ڪتاب کي فاضل
محقق احسان نديم هر طرح سان مستند بنائڻ جي ڀرپور
ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو مٿي ڏنل عنوانن مان به
اندازو ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اسان هِت احسان صاحب
پاران عر جي تاريخ ۽ قديم آثارن بابت ڪيل اڀياس تي
مختصر گفتگو ڪنداسين. باوجود ڪوشش جي، ٿر جي
”تاريخ“ وارو باب سير حاصل انداز سان مڪمل ٿي نه
سگهيو آهي، خاص طرح سان ٿر ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي
تعلق تي لکندي، سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي اهم پهلو
تسنه محسوس ٿين ٿا. هن ڏس ۾ اڪبر اعظم جي جنم ڀومي
۽ قديم عمرڪوٽ تي لکندي، مصنف البته تازه کوجنا کي
سامهون رکي نتيجن اخذ ڪرڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آهي.
ٿر جي تاريخ ۾ شروع کان وٺي هي بحث هلندو ٿو اچي
ته اڪبر قلعي ۾ ڄائو هو يا قلعي کان ٻاهر هن جو
جنم ٿيو هو؟ ٻيو ته ڪجهه مصنفن جو رايو آهي ته
اصلي قلعو، موجوده قلعي کان ڪجهه فرلانگ پري اُتر
طرف هو، جنهن کي ميان نورمحمد ڪلهوڙي ڊهرائي نئون
قلعو تعمير ڪرايو هو. هن موضوع تي 15 کن سال اڳ ۾
رسالي ”مهراڻ“ ۾، ڊاڪٽر، غلام محمد لاکي جي هڪ
جامع اسٽڊي شايع ٿي هئي، جنهن ۾ دليلن سان ثابت
ڪيو ويو هو ته پراڻو قلعو اِتي ئي هو، جتي موجوده
قلعو موجود آهي ۽ اڪبر جو جنم پڻ قلعي ۾ اندر ئي
ٿيو هو. مصنف، ٿر جي تاريخ تي لکندي، ”مهراڻ“
(1986ع) ۾ ڇپيل هن مطالعي مان استفادو ڪندي، لاکي
صاحب جي ڪڍيل نتيجن کي قبول ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ قديم آثارن وارو باب صحيح معنيٰ ۾ ”جاندار باب“ آهي،
ڇو ته انهي
موضوع تي هڪ تجربيڪار ۽ صلاحيتمند ”آرڪيالاجسٽ قلم
کنيو آهي. هن باب کي ٻن ڀاڱن- يعني ته مذهبي
تعميرات ۽ فوجي اڏاوتون- تحت قلمبند ڪيو ويو آهي ۽
موضع کي خوب نباهيو ويو آهي.
محترم احسان. ايڇ. نديم، هن ڪتاب
“THAR-Land, History” ۾ ٿر جي تاريخي جاين ۽ روزمره جي زندگي جي تقريباً سمورن
پهلوئن جي عڪاسي ڪندڙ منظرن جي تصويرن، مناسب نقشن
۽ موزون چارٽن جو وڏو تعداد درج ڪري، ڪتاب کي
معياري ۽ پُربهار بڻايو آهي. اها سموري محنت، فاضل
محقق جي ذاتي جاکوڙ جو دلپذير نتيجو آهي. اهڙي
بهترين علمي جدوجهد تي، سچ ته ٿر واسي ۽ سنڌ جا
سمورا علمي حلقا مصنف جا شڪرگذار آهن.
انگريزي زبان ۾ ”ٿر“ بابت واقعي هي پهرينمڪمل تحقيقي جاکوڙ آهن،
جنهن لا
فاضل مصنف کيرون لهڻي.
”سنگ ميل پبلشرس“ لاهور، هيءُ ڪتاب گليزڊ پيپر تي وڏي اهتمام
سان شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ 268 صفحا آهن. ڊبل
ڪرائون سائيز، ڪتاب جي زيب زينت ۾ واڌارو آندو
آهي. ڊيلڪس بائينڊنگ سان ”ٿر- لئنڊ، هسٽري، پيپل“
جي قيمت ٻارنهن سؤ رپيا آهي.
- نفيس احمد شيخ
جيءُ منهنجو جن سين
هيءُ ڪتاب تازو تازو شايع ٿيو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ خطن جي ڪتابن ۾،
خاطرخواه واڌارو اهي. ڪتاب جو سهيڙيندڙ حڪيم خليفو
عبدالحميد چانڊيو آهي، جو سنڌ جي علمي حقلن ۾ ان
ريت پڻ متعارف آهي، ته سندس ڪتاب ”سنڌ جو اُتر
ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو“ سُهڻي ادبي مڃتا ماڻي چڪو
آهي ۽ هن وقت پاڻ سنڌ جي مشهور شخصيت نواب غيبي
خان چانڊيي جي مستند سوانح عمري لکي رهيو آهي.
زير نظر ڪتاب ”جيءُ منهنجو جن سين“ جي غرض ۽ غايت بيان ڪندي،
لائق مصنف جي فائق فرزند حڪيم اعجاز حسين پنهنجي
’مهاڳ‘ ۾ لکيو اٿس ته:
”هي علمي، ادبي مشاهيرن جي خطن جو مختصر مجموعو آهي. منهنجي وڏي
خوش نصيبي آهي جو ڪتاب جو مرتب استاد محترم
(منهنجو والد) اهڙن مشاهيرن جي صحبت ۾ رهيو آهي ۽
کيس اها سعادت نصيب ٿي، جو پاڻ ڏانهن لکيل اُنهن
مشاهيرن جي خطن کي سانڍي ڪتابي صورت ۾ آندو
اٿائين.
ههڙا ڪي ٿورا ڪتاب هوندا. خط ته وري رهيو، پر سنڌ جي مشاهيرن جي
سوانحي تذڪرين تي ئي محدود ڪتاب لکيل آهن، بلڪ
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، مثلاً: مولوي دين محمد
وفائي جو ”تذڪره مشاهير سنڌ“، پير علي محمد راشدي
جو ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“، سائين جي. ايم. سيد
جو ”جنب گذاريم جن سين“، سيد حسام الدين راشدي جو
”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ محترم غلام رباني آگري صاحب
جو ”جهڙا گل گلاب جا.“
ٻيا به چند ڪتاب اهن، پر هنن ڪتابن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام
حاصل آهي، جي سوانحي تڪرن ۾ صف اول تي اچن ٿا.
ڇپايل به سنڌ جي وڏي ادبي اداري ’سنڌي ادبي بورڊ‘
جا آهن. پر، انهن ڪتابن تي به ڪجهه اديبن، علم
پرورن ۽ ڪجهه پڙهندڙن کي اعتراض آهن: ڪن جو چوڻ
آهي ته ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ سيد صاحب قدري
مبالغي کان ڪم ڪرتو آهي. ڪي چون ٿا ته ’مشاهير
سنڌ‘ ۾ مولوي صاحب بغير ڪنهن ٺوس حوالي جي ڪتاب
نقل ڪرڻ جي انتها ڪري ڇڏي آهي (جيئن ڀٽائي سائين
بابت لکيل ڪتاب ’لطف اللطيف‘ ۾ مير عبدالحسين خان
سانگي جي ’لطائف لطيفي‘ تان هوبهو مواد نقل ڪيو
اٿس). ڪي صاحب چون ٿا ’هو ڏوٿي، هو ڏينهن‘ ۾ ڪافي
اعتراض جوڳو مواد شامل آهي ۽ هن ڪتاب تي ته
مشاهيرن جي سوانح حيات جو الزام آهي. پير صاحب هي
ڪتاب محض ذاتي يادگيرين بابت لکيو آهي. ’اهي
ڏينهن، اهي شينهن‘ جي مخالفت ۾ ته هڪ صاحب ڪتابن
لکيو آهي ’سيڻ مٽائن سون تي‘.
هن خطن جي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر علي نواز بلوچ مرحوم، پنهنجي خط ۾ ڪيڏي
نه سچي ڳالهه لکي آهي: ’اوهان ڪيڏيون به جفاڪشيون
ڪيو، سنڌي قوم ڪانه مڃيندي. رهندو نقطه چينيون
ٿينديون.“
پير علي راشدي
جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ ۾ اهو سوال پيو گهمندو هو،
ته ڇا پير علي محمد راشدي
جهڙي
رواني
سان سهڻي سنڌي لکڻ وارو ٻيو ڪو ٿيندو؟
ان جو جواب تڏهن مليو، جڏهن رباني صاحب جو ’جهڙا گل گلاب جا‘
پڙهيم. سڄي ڪتاب ۾ رباني صاحب ائين پيو ٿو چوي ته:
تا تازهء و تر زنم رقم را
در باده کشيده قلم را.
اڄ جڏهن ڪن اديبن سنڌي لکڻ ڇڏي ڏني آهي ۽ گهڻا سنڌي ليکڪ هندي
فلمن ۽ هندي چينلن تان هندي لفظ ٻڌي، زوري سنڌي ۾
ٽنبين ٿا، ته افسوس ٿو ٿئي، ته ڇا اسان جي ٻولي
ايتري تلخ يا سَکڻي آهي جو ان ۾ ڌاريا لفظ ڪتب
آڻجن.
سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌ جي هڪڙي شاعر (جنهن کي
اڄ جا ڪي نوجوان وڏو شاعر ٿا سمجهن) بابا سائين
ڏانهن هڪڙو خط لکي موڪليو. خط پڙهڻ وٽان آهي:
شري حڪيم صاحب ”سکي“ هجو
ادبي ”کيتر“ ۾ هن وقت اوهان جو نالو ”مهان“ بڻجي ويو آهي، جو
اوهان پنهنجي ”ماتر ڀومي“ تي هيڏو وڏو ڪتاب لکيو
آهي........... ڌرتي ”ماتا“ اوهان تي ”گرو“ ٿي
ڪري......... ”آشا“ آهي ته هڪ ڪاپڇي مون کي ”ارپڻ“
ڪندا.......... جلد ئي اچي اوهان جا ”چرن“ چمندس.
اوهان جو
”شڀ چنتڪ“............
چوندا آهن ته شاعر الله تعاليٰ جون زبانون آهن، پر هن صاحب فقط
’السلام عليڪم‘ به ڪونه لکيو هو! افسوس جو مقام
آهي. اسان ته آهيون سنڌي ٻولي جي اڃا سيکڙاٽن ۾ شمار، پر سنڌي زبان جي عالمن کي اهڙن
لکندڙن خلاف قدم کڻڻ گهرجي. اهڙا ماڻهو ته اسان جي
ٻولي جي ڀينگ ڪندا. اهڙن لکندڙن جي ناقابل معافي
غفلت اسان جي ٻولي
کي وڏو نقصان پهچائيندي. ڪٿي ايندڙ نسل پنهنجي
ٻولي جي صحيح صورت کي بلڪل وساري نه ويهي.
سو رباني صاحب جهڙا سنڌي ليکڪ اڃا آهن، جن جي لکڻي مان خالص
سنڌي جو ساءُ اچي ٿو.
”جهڙا گل گلاب جا“ پنهنجي
جا
تي سهڻي
سنڌي
جو هڪ مثالي ڪتاب آهي. هن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ
سان لاڳاپيل مشاهيرن جو تذڪرو ڪوٺجي، ته بجا
ٿيندو. هن ڪتاب لا
مذڪوره ڪتابن وانگر مون ڪا دانهن ڪانه ٻڌي آهي.
اِهو ان ڪري نٿو چوان، ته اهو ڪتاب مون کي ذاتي
طرح پسند آهي، پر مان ذاتي طور نهايت احترام سان
رباني صاحب کي ان ڪتاب متعلق هڪ گذارش ڪندس، ته
سوانحي خاڪن جي ايڏي عاليشان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو خلاصو ذڪي نه ڪيو اٿن. جي ڪجهه ذڪر
ڪيو به اٿن، ته ٻيڙي فقير جي تذڪري هيٺ.
ٻيڙي فقير جي تذڪري ۾ رباني صاحب لکيو آهي ته:
”عيسوي ويهين
صدي
جي پوئين اڌ جي علمي ۽ ادبي مشاهيرن جو جيڪو تذڪرو
لکبو، سو تيسين نامڪمل رهندو جيسين ان ۾ ٻيڙي فقير
جو ذڪر نه ايندو.“
ڀلا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ذڪر کان سوا اهو تذڪرو مڪمل هوندو؟ ٻيڙي
فقير کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ واري
شخصيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو ادبي ۽
علمي مقام ٻيڙي فقير کان اتم ۽ اعليٰ آهي. اهڙي
ڪتاب ۾ اول ڊاڪٽر بلوچ جو ذڪر اچڻ کپندو هو، پو
ٻيڙو فقير ۽ ٻيا. افسوس جو ’جهڙا گل گلاب جا‘ جهڙي
بهترين تصنيف ۾ رباني صاحب کان ڊاڪٽر بلوچ جو
تذڪرو هڪ الڳ، خلاصي مصمون هيٺ ڪرڻ کان رهجي ويو.
هاڻي، تازو رباني صاحب ان ڪمي
جو ازالو ڪيو آهي. ”نئين زندگي
جي ’ڊاڪٽر بلوچ نمبر‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب تي هڪ ٺاهوڪو
مضمون لکيو اٿس. ’نئين زندگي‘ جو اُن ’ڊاڪٽر بلوچ
نمبر‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب تي لکيل سڀني مضمونن ۾ رباني
صاحب وارو مضمن ائين ڪَرَ کنيون بيٺو آ، جيئن تارن
۾ چنڊ. ادبي حلقن ۾ اهو مضمون ڏاڍو پسند ڪيو ويو.
ٻيهر ساڳيو مضمون ماهوار ’سوجهرو‘ جي ڏات ۽ حيات
سلسلي ۾ ڇپيو. ان مضمون ۾ هڪ هنڌ رباني صاحب ڪيڏي
نه معنيٰ خيز ڳالهه لکي آهي:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب علمي ۽ ادبي لحاظ کان سونهاري سنڌ جو هڪ اهڙو
سدا بهار وڻ آهي، جنهن جي سرسبز پنن، گلن ۽ ڦلن ۾
الائي ته ڪيترا ڳيرا، پٽ ڳيريون ۽ ڪبوتر قرار پذير
آهن.“
۽ ان سدا بهار وڻ جي ڇانو ۾ ڪيئي سُڪا، ساوا ٿيا آهن ۽ ڪي نوان
سلا ڦٽن ٿا. دعا آهي ته ان وڻ جي ڇانو ۾ اسان جو
سنڌي ادب هميسه سرسبز رهي.
ڊاڪٽر صاحب کي شمس العلماء وارو لقب ڏيڻ ۽ کيس خراج تحسين پيش
ڪرڻ ۾ اڃا گهڻو گهٽ آهي. پاڻ ته عالمن جو سج آهي
ته چنڊ به. ان ڳالهه جو احساس سڀاڻي ٿيندو. لڳي ٿو
ته اصل کان وٺي اسان جي قوم وٽ اهڙن محسنن جو قدر
ڪونهي نه ته ڇو لطيف سرڪار پنهنجي ڪلام کي پاڻي ۾
اڇلائي ها! ڇو علامه. آ.
آ.
قاضي کي دريا اسان کان جهٽي وڃي ها! شايد درياهه
چيس:
آ هلي سڄڻ توکي آ سڃاتو مون،
ڇڏي اُهي ماڻهو، مون ڏي آ منهنجا پرين.
اسان کان وڌيڪ علم جي سمنڊ جو قدر درياهه کي هو. دادن فقير
اجايو ڪونه چيو آهي:
ڇا ٻڌايان حال دل جو مان چٽو،
جيڪي ٿيو ڏاڍو ٿيو مون پئي سٺو،
قوم اهڙي سان ٿو رهجي دادن،
ڪربلا ۾ پيرُ جن پنهنجو ڪُٺو.
اهڙي
طرح، اسان جا افعال ڏسي حڪيم بصرالدين سيوهاڻي
درازي عمر وارو اهو نسخو ڦاڙي ڇڏيو هو، جيڪو طبي
دنيا ۾ تهلڪو مچائي ها. بهرحال، گهڻائي محسن اسان
جي ناقدرداني جو شڪار ٿيا آهن. سچ پڇو، ته اسان کي
هاڻي اک پٽڻ گهرجي، ائين نه ته سڀاڻي اجايو چوندا
رهون:
حيف صد که ما دير خبردار شديم
هت اهو ذڪر به ضروري اهي ته علمي ادبي دائري ۾ شخصيت پرستي ۽
قوم پرستي وڏيون بيماريون آهن:
سر اين فتنه زجائيست که من مي دانم
انهن بيمارين واري بيمار کي اهو هوش نه رهندو آهي ۽ نه ئي اهو
ڏسي سگهندو آهي ته ڪهڙو ڪهڙي پايي جو شخص آهي ۽ ان
علم ادب جي ڪهڙي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي. اُهو مريض
ڏسندو آهي فقط ذات ۽ قوم. ڪم تي سندس نگاهه نه
پوندي آهي. هن ڪتاب ۾ حڪيم محمد سعيد جا خط نه
آڻجن، ڇو جو مهاجر هو! آفتاب قرشي جو ذڪر نه ڪجي،
ڇا جي ڪري جو هو پنجابي هو!
عالمن، شاعرن، حڪيمن ۽ اديبن ۾ ذات پات جو سنڌو ڪرڻ عجب جهڙي
ڳالهه آهي. هو ته سڀ ڪنهن کي يڪسان فيض پهچائن
ٿا.“
مهاڳ کان پو
”پنهنجي پاران“ عنوان هيٺ حڪيم عبدالحميد صاحب جي
تحرير به دل کي ڇُهندڙ آهي. متن ۾ 57 شخصيتن جي
خطن کي سهيڙيو ويو آهي.
”جيءُ منهنجو جن سين“ 134 صفحن تي مشتمل هڪ وڻندڙ ڪتاب آهي، جو
خليفي صاحب پنهنجي ڳوٺ ماڏو (تعلقه خيرپور ناٿن
شاهه، ضلع دادو) مان شايع ڪيو آهي. ان جي قيمت ڏيڍ
سؤ روپيا موزون آهي.)
- نفيس احمد شيخ
جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون)
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي زبان جي جامع سنڌي لغات، پنجن جلدن ۾ شايع
ڪئي آهي. هن کان اڳ، ڪنهن ه ادبي يا تعليمي اداري
اهڙو عظيم ڪارنامو سرانجام ڪونه ڏنو آهي.
سنه 1951ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ٺهيو، ته سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي
ڏيارڻ لا
جيڪي پهريون پهريون اسڪيمون ڍاهيائين، تن ۾ ”جامع
سنڌي لغات جي اسڪيم“ سرفهرست هئي. بورڊ، انهي
اسڪيم جي ڊئريڪٽر جي عهدي لا
سنڌ جي ممتاز عالم ۽ پنهنجي معزز ميمبر، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جو انتخاب ڪيو ۽ انهي اسڪيم کان
علاوه، کيس ٻين ادبي ڪتابن، خاص طرح سنڌ جي ڪن
تاريخن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم
سونپيائين. کيس سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جو ڊئريڪٽر پڻ
مقرر ڪيائين. (بورڊ انهن اهم ذميوارين لا محترم ڊاڪٽر صاحب لا مناسب آهي، ته پاڪستان جي سمورن مقامي زبانن جي ادبي
ادارن ۾، ڪنهن به ايڏي وڏي لغات، توڙي لوڪ ادب جمع
ڪرڻ ۽ ڇاپڻ جو ڪم ڪونه ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب، جامع سنڌي لغات جو ڪم، سرجوشي سان شروع ڪيو. اسڪيم جي رٿابندي کان پو،
سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ ان جي مرڪزي آفيس قائم
ڪيائين ۽ ضروري اسٽاف مقرر ڪيائين. پر، وڏي ڳالهه
تي کيس جامع سنڌي لغات لا
سڄي سنڌ مان، مختلف ذاتين، زميندارن، ڪاشتڪارن،
ڪمين، ڪاسبين، سندن هنرن، ڪاريگرين، ڌنڌن، ۽
اوزارن جا نالا- ائين کڻي چئجي، ته سنڌ ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ روزانو ڪم ايندڙ سوين هزارين لکين لفظ
گڏ ڪرڻا پيا، جيڪو انگريزي محاوري ۾
(Himalian Task) هو. پر، موصوف وڏي
همت ۽ حوصلي کان ڪم ورتو. جڏهن مواد گڏ ٿيو، ته
ابتدائي مسودو تيار ٿيو. پر، جڏهن اهو مسودو ايڊٽ
ٿيو، تڏهن ڇپائي
جو ڪم شروع ٿيو، جنهن ۾ ورهيه لڳي ويا.
بورڊ لغت جي ڪم ۾ حتي المقدور ڪنهن به غلطي جي امڪان کي رد ڪرڻ لا سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ پنهنجي معزز ميمبر، شمس العلماء
ڊاڪٽر دائودپوٽي کي نظرثاني
۽ اصطلاح جو ڪم سونپيو. مرحوم ڊاڪٽر صاحب ڪيترن
لفظن ۽ محاورن تي اعتراض ڪيا. سو، لغات جي ڪم
پيچيدگي اختيار ڪئي. آخر نوبت اِتي پهتي، جو ڊاڪٽر
بلوچ صاحب لغات جي ڪم مان هٿ ڪڍي ورتو، ۽ لوڪ ادب
جي اسڪيم تي توجه مرڪوز ڪيو. نتيجي طور، لوڪ ادب
جي ڪم زور ورتو. پر، لغات جي ڇپائيءَ جو ڪم پوئتي
پئجي ويو. هوڏانهن، بورڊ جا ميمبر به ويا مٽبا،
تان جو اڳتي هلي، ڪنهن مرحلي تي، سنڌ جو ممتاز
ديني عالم، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب بورڊ جو
چيئرمين مقرر ٿيو. موصوف لغات جي ڪم ڏي توجهه ڏنو
۽ ڇپائيءَ لاءِ پريس ۾ موڪلڻ واري مسودي تي
نظرثاني ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ۽ لغات جي
پائي ذاتي نگرانيءَ هيٺ شروع ڪرئي. بورڊ وٽان،
دستور موجب، کيس به مناسب ’محنتاڻو‘ ملندو رهيو.
’جامع سنڌي لغات‘ جو زير تبصره جلد نمبر ٽيون،
اهڙيءَ ريت، مولانا قاسمي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ
سنه 1974ع ۾ شايع ٿيو.
سالن کن ٿيو، ته ٽنڊي جان محمد مان ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري صاحب
بورڊ کي خط لکي موڪليو، ته مذڪوره جلد ۾، ’ڏاهري
قوم‘ لاءِ نامناسب لفظ ڇپيا اهن. بورڊ جي آفيس کيس
حقيقت کان گش گار ڪيو، ۽ چيو ته ڀل چڪ انسانن کان
ئي ٿيندي اهي. بورڊ کي سنڌ جي سمورين قومن ۽ قبيلن
وانگر ڏاهري قوم لاءِ به وڏو احترام آهي. سو،
اوهان جي ٻڌايل غلطيءَ جي درستي ڪندو.
چنانچه، مذڪوره جلد جي رهيل سمورين ڪاپين جي جلد بندي ٽوڙائي
وئي، ڇپائيءَ ۾ درستي ڪئي وئي، نئين سر جلد بندي
ڪرائي وئي ۽ درست ٿيل ’ٽيون جلد‘ محترم محمد بخش
ڏاهريءَ کي ملاحظي لاءِ موڪليو ويو. ان ۾ ڪجهه
ٽائيم ته لڳو، پر هاڻي بورڊ جي بوڪ اسٽال تان وڪرو
ٿي رهيو آهي. محترم محمد بخش صاحب خوش ٿيو، ۽ قرب
ڀريو خط لکي موڪليائين ته:
محترمي، اسلام عليڪم: بورڊ جي جامع سنڌي لغات جو درست ٿيل جلد
ٽيون پهتو، ڏاڍي خوشي ٿي.آگرا صاحب، توهان سوچيو
هوندو، ته ”ڪٿان اچي ڏچي ۾ ڦاٿو آهيان! ناڪرده
گناهه ۾.“ پر، سنڌي زبان ۾ چوڻي آهي ته ”سڄو وزن
سڌيءَ ڪاٺي تي هوندو آهي.“ منهنجيءَ نظر ۾ اها
ڪاٺي توهان ثابت ٿيا، جو هيڏو وڏو ڏچو بورڊ تان
ٽاريو اٿَوَ. ”ڪري ڪير، ڀري ڪير؟“—وارو مثال آهي.
توهان کي جس ڏيان ٿو، جو توهان اسان جي مسئلي کي
پنهنجو مسئلو سَمُجهِي، ڏاڍي سٺي انداز ۾ نڀايو.
هونئن، نه ته گذريل سال کان وٺي، مان ۽ ٻيا ڪيترا
دوست، سخت ذهني ڪوفت ۾ هئاسين.
الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو، ته توهان کي ۽ بورڊ جي اوهان جي
مڙني ساٿين کي جن هن نيڪ ڪم ۾ حصو ورتو آهي، ڪوسي
واءُ کان محفوظ رکي. ڪم ظرف ماڻهن ۽ حاسدن جي
حَسَدَ کان پناهه ڏئي ۽ وڏي حياتي ڏئي، ته پنهنجي
قوم جي خدمت ڪندا رهو.
ادا سائين، ڪنهن به قوم قبيلي جي ته ڇا، ڪنهن به انسان جي دل
آزاري نه ٿيڻ گهرجي، چوندا آهن ته بندو خوش آهي،
ته رب پاڪ خوش آهي. اوهان خير جو ڪم ڪيو آهي.
آگرا صاحب، مان هڪ دفعو ٻيهر توهان جو تهدل شڪر گذاري آهيان.
مون توهان کي ڪافي تڪليف ڏني هوندي. سال کن جي
عرصي ۾، ڪيترا تلخ مرحلا به آيا هئا، پر، توهان
فراخ دليءَ کان ڪم ورتو، ۽ خاموشيءَ سان پنهنجو
فرض ادا ڪري، ڪاميابي ڪئي. توهان جي ذات گراميءَ
کي منهنجي طرفان جيڪا تڪليف پهتي هجي، ان لاءِ
اوهان کان معافي وٺان ٿو. انشاء الله زندگي رهي ته
روبرو اچي ملاقات ڪبي. ۽ مبارڪباد به پيش ڪندس.
ٽنڊو جان محمد
19-10-2001ع ڊاڪٽر محمد بخش
ڏاهري
* * * * *
محترمي، السلام عليڪم: بندو، سال 1964 کان وٺي اڄ تائين، سنڌي
ادبي بورڊ جو مستقل ۽ ريگيولر خريدار رهندو اچي
ٿو. ماه جولاءِ 2001ع ۾، ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ
بورڊ جي بڪ اسٽال تي وڃڻ ٿيو. ٻين ڪتابن سان گڏ
”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب پڻ خريد ڪيم. ڳوٺ اچي
پڙهيم. اوهان جا ڪتابَ ڏاڍا وڻيم.
سائين، انهن بابت ڪجهه عرض به ڪرڻو اٿم. ٻنهي جلدن ۾ سنڌي بيت
مثال طور ڏنا اٿو. اهو ته ڏاڍو سٺو. پر، ڪٿي ڪٿي
فارسي ۽ انگريزي جملا ۽ بيت به ڏنا اٿو، جن جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏيو ها، ته بهتر ٿئي ها. ڪن جاين
تي ’دقيق‘ لفظ ڏنا اٿو، جن جي معنيٰ ٿورو پڙهيل
ڪونه سمجهي سگهندو. بهرحال، ڪتاب لاجواب آهي. دل
ٿي چوي، ته وري وري پيو پڙهجي.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ هڪ غلطي ڏسڻ ۾ آئي. صفحي 672 ۽ 673 تي
مولانا قاسمي صاحب جو احوال ’ڊبل‘ پجي ويو آهي.
ٻيو ته ڊاڪٽر يو. ايم. دائود پوٽي جي احوال ۾ لکيو
اٿو، ته ”ٽلٽيءَ جي پاسي جو ويٺل هو.“ اهو غلط
آهي. ڊاڪٽر صاحب هئوئي ٽلٽيءَ جو ويٺل. خاص عرض
اهو آهي ته سنڌي ادبي بورڊ ٻين قومن جون تاريخون
شايع ڪيون آهن. سمن ۽ سومرن جون به ڪرڻ گهرجن،
اميد ته توهان جهڙو قابل ۽ سڄاڻ ماڻهو ان طرف
فوراً توجهه ڏيندو.
منهنجو خيال آهي ته ڪتاب ۾ ٻين مشاهيرن سان گڏ، پنهنجي والد
گرامي، سائين مرحوم عبداللطيف آگري جي تصوير به
ڏيو ها، ته سٺو ٿئي ها. بهرحال، ڪتاب مان ايڏو ته
متاثر ٿيو آهيان، جو حيدرآباد آيس، ته اوهان سان
ضرور ملڻ ايندس.
- محمد پنهل، سمون، ڪرمپورائي
(ادا سائين، بورڊ جي سنڌ جي تاريخ جي اسڪيم موجب، سنڌ تي جن جن
قومن حڪومت ڪئي آهي، تن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ
۾ جملي نَوَ جلد ڇپڻ جي رٿ جوڙيل آهي. مسلمانن جي
فتح کان اڳ جا ٻه جلد شايع ٿي ويا آهن. ۽ سنڌيءَ ۾
ترجمو ٿي ويا آهن. عربن جي حڪومت وارو جلد پڻ
انگريزي ۾ ڇپجي ويو آهي. ترجمو اڃا ڪونه ٿيو آهي.
سمن جو جلد انگريزيءَ ۾ ڇپجي رهيو آهي، پوءِ
سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ترجموٿيندو. ارغونن، ترخانن ۽
مغلن جي دور حڪومت سان وابسته بنيادي ماخذ
(Source Material) جا ڪتاب ڪجهه پير سائين حسام الدين شاهه راشديءَ ۽ ڪجهه ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيا، جيڪي بورڊ پائي ڇڏيا
آهن. ڪلهوڙن جي تاريخ ٻن جلدن ۾ اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾
ڇپيل آهي. انگريزيءَ ترجمو رهيل آهي. ٽالپر دور پڻ
انگريزيءَ ۾ ڇپجي رهيو آهي. سنڌي ۽ اردو ترجما بعد
۾ ٿيندا.
سما ۽ سومرا دور سنڌ جي تاريخ جو سونهري دور هو. اهو عشق ۽
عقيدت سان ڇاپڻو آهي. اوهان جون دعائون ۽ نيڪ
تمنائون گهرجن- ادارو)
محترمي، گذريل ٻن هفتن ۾، پنهنجي ڀيڻ حميده جي چوڻ ۽ تعريف ڪرڻ
تي، توهان جا ٽي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا اٿم. ”سنڌ جا
بر بحر ۽ پهاڙ“ ۽ ٻه جلد ”جهڙا گل گلاب جا“. –
هونئن به شخصيتن بابت ڪتابَ پڙهڻ منهنجي وندر آهي.
توهان جي لکڻ ۾ ڪمال جي ڪوشش آهي. تحرير ۾ روانيءَ ۽ سادگيءَ
کان سواءِ، پنهنجائپ ۽ نماڻائي جي قوت پڻ. ڪا ڪا
سٽ ته اهڙو اڌمو ٿي ڏئي، جو دل ڀرجي ٿي اچي. لکڻ ۾
ايتري ته ڪيفياتي شڪتي محسوس ٿئي ٿي، جو پڙهندڙ
کي پر ڪيف ڪريو ڇڏي.
اجازت ڏيو، ته هڪ خيال ظاهر ڪريان. – وقت جون ايڏيون ادبي ۽
علمي شخصيتون روايتي دٻليءَ ۾ بند رهيون. جيڪڏهن
هنن جي زندگيءَ جي نفسياتي ۽ سماجي لاڙن کي پرکجي
۽ کولجي ها، ته ’گُلاب جا گُل‘ وڌيڪ ٽيل ۽ وڻندڙَ
لڳن ها.
جيستائين ماڻهوءَ جو اندر ڪنهن ٻئي جي اندر جي تضاد، يا پيار جي
حوالي سان نٿو کلي، تيستائين ڄڻ ته قصو اڌورو
رهجيو وڃي. ائين ئي سڀ شخصيتون هڪ فريم ورڪ تي
پرکيون ويون. سندن اندر، سندن ئي ذهن ۾ بند رهيو.
”جهڙا گل گلاب جا“ جي ٽئين جلد جو انتظار آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ
پنجن عورتن جو لائيف اسڪيچ، ڪجهه سچ سچيتي،
گهرائيءَ ۽ محنت سان ملندو. توهان کي قدرت اهڙو ڳڻ
ڏنو آهي. اهو سڀڪجههڪري سگهو ٿا. ائين ڪرڻ سان
توهان جي ٻيڙا پار ٿيندا.
- ٽئين جلد جو ٻيڙو وچ سير ۾ نه ڇڏجو! - زبيد ميتلو
”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پَهَاَڙَ“ ڪتاب مان هڪ اقتباس
روشن خيالَ انسانَ لاءِ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته حضرت عيسيٰ ۽
منصور حلاج جهڙا حساس انسان، جن کي قدرت جي حد و
حساب خوبيون عطا ڪري هن جهان ۾ موڪلي ٿي، سي
ايڏيون سور ۽ سختيون ڇو ڏسن ٿا؟
سچل سائينءَ ائين ڇو چيو هو ته: ”عاشقن کي سور سختيون، محب
مهمانيون مڪيون.“
ڀلاري ڀٽائيءَ ائين ڇو فرمايو هو ته: ”ڀينر! هن ڀنڀور ۾، دوزخ
جو دونهون.“
ائين ڇو آهي، ته پيغمبر جو ڏوهٽو پاڻيءَ جي هڪڙي ڍڪ لاءِ سڪِي
سڪِي، اڃيو، ماندو شهيد ٿئي ٿو ۽ يزيد انگوري شراب
جو جام مٿان جام پيئندو رهي ٿو!
حافظ شيرازيءَ پنهنجي شعر جو ديوانُ، يزيد جي مصرع سان ڇو شروع
ڪيو هو؟
الا يا ايها الساقي، ادرکاساً و ناولها
که عشق آسان نمود اول، ولي افتاد مشکلها
حضرت عيسيٰ ائين ڇو چيو هو ته، ”گهر ڇا کي چونداآهن؟ هن دنيا ۾
منهنجو گهر ڪاٿي آهي؟“
هڪ دفعي ڪنهن بر پَٽَ مان پئي ويو ته اوچتو طوفان آيو ڳَڙُو
وسڻ لڳو. هڪ غار ۾ وڃي لڪو، اندر ۾ آواز آيس ته
”ٻاهر نِڪرُ، جو ڪاري خرگوش جو ٻچو انهيءَ غار ۾
لڪي وهندو آهي، سو، تنهنجي ڊپ کان اندر غار ۾ نٿو
گهڙي.“ ٻاهر نڪري، آسمان ڏي نهاري، ڳوڙهن ڀريل
اکين سان چيائين ته ”مالڪ سائين، ڪاري خرگوش جي
ٻچي لاءِ پناهه جي جاءِ آهي. مريم جي ٻچڙي لاءِ
ايتري به جاءِ پناهه ڪانهي؟“
قلندر لعل شهباز جهڙا اعليٰ ۽ ارفع انسانَ، دنيا ۾ هوندي به
دنيا کان بي نياز ڇو رهندا هئا؟
|