ارنيسٽ هيمنگوي
سنڌيڪار: رفيق سومرو
قاتل
هينريءَ جي لنچ روم جو دروازو کُليو ۽ ٻه ماڻهو اندر لنگهي آيا.
اُهي ڪائونٽر وٽ ٺهي ويٺا.
جاجر کانئن پڇيو: ”اوهان جو ڪهڙو آرڊر آهي؟“
”مون کي خبر ناهي“، اُنهن مان هڪ همراهه چيو: ”تون ڇا ٿو کائڻ
چاهين آل؟“
”مونکي خبر ناهي“، آل چيو ”آءٌ نٿو ڄاڻان ته مان ڇا ٿو کائڻ
چاهيان.“
ٻاهر اوندهه ڇانئجي رهي هئي. گهٽيءَ ۾ ٻرندڙ بتيءَ مان روشني
دريءَ مان اندر اچي رهي هئي. ڪائونٽر وٽ بيٺل ٻيئي
همراهه کاڌي جو مينو (تفصيل) پڙهڻ لڳا. ڪائونٽر جي
ٻئي پاسي کان نڪ ايڊمس کين تڪڻ لڳو. هڪ ان وقت
جارج سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن وقت هو ٻيئي
همراهه ڪيفي ۾ داخل ٿيا.
”آءٌ ايپل ساس ۽ چٿيل پٽاٽن سان گڏ روسٽ پورڪ ٽينڊرلائن (آمريڪي
کاڌي جو قسم) کائيندس“. پهرين ماڻهو چيو.
”اهو ته اڃا تيار ڪونهي.“
”پوءِ ڪهڙي جهنم ڪارڻ توهان اُهو هن مينوڪارڊ ۾ وڌو آهي؟“
”اُهو رات جي مانيءَ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي“، جارج وضاحت ڪندي
چيو: ”توهان کي اِهو کاڌو ڇهين وڳي شام جو ملي
سگهي ٿو.“
جارج ڪائونٽر پويان ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن ڏسندي چيو: ”هاڻي
شام جا پنج ٿيا آهن.“
”پر گهڙيال ته پڇنج وڄي وهه منٽ ٻڌائي رهيو آهي.“ ٻئي ماڻهوءَ
چيو.
”اِهو ويهه منٽ اڳتي آهي.“
”اوه! اهو گهڙيال وڃي کڏ ۾ پوءِ“، پهرين همراهه چيو: ”توهان وٽ
هن وقت کائڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ آهي؟“
”مان توهن کي هر قسم جا سينڊوچ پيش ڪري سگهان ٿو“، جارج چيو:
”توهان کي هيم- ايگ (آنا گوشت)، بيڪن ايگ (آمريڪي
کاڌي جو قسم) جيرا، بڪيون، ڪباب ۽ ٻڪريءَ جي سيڪيل
ران ملي سگهي ٿي.“
”هينئن ڪر، تون مون لاءِ ڪڪڙجو ٻوڙ، مٽر ۽ چٿيل پٽاٽا ۽ مٿان
ڪريم ساس رکيل کڻي آءُ.“
”اِها ته رات جي ماني آهي.“
”اسان جيڪا به شيءِ گهرون ٿا ته چؤ ٿا ته اُها رات جي ماني
آهي... هون!.... توهان ائين هوٽل هلائيندا
آهيو....؟“
”مان توهان کي گوشت- آنا، آنا ڀُڳل، جيرا....“
”مان آنا-گوشت کائيندس“، اُن شخص، جنهن کي آل جي نالي سان سڏيو
ٿي ويو، تنهن چيو. هن کي ڊربي ٽوپلو ۽ ڇاتيءَ تي
ڪراس وانگر وڏا بٽڻ لڳل ڪارو اوورڪوٽ پاتل هو. هن
جو منهن ننڍو ۽ رنگ جو اڇو هو ۽ چپ پاڻ ۾ چپيل
هئا. هن کي سِلڪ جو مفلر اوڍيل هو ۽ هٿن ۾ دستانا
پاتل هئس.
”مون کي بيضن جو ٻوڙ ڏي“، ٻئي همراهه چيو. قد ڪاٺ ۾ هو بلڪل آل
وانگر هو، ٻنهي جا نقش مختلف هئا، پر هنن جي لباس
مان ائين ٿي لڳو ڄڻ ته جاڙا ڀائر هجن. ٻنهي کي تنگ
اوورڪوٽ پاتل هئا. هو ٻيئي ڪائونتر تي جهڪيل ويٺا
هئا. سندن ٺونٺيون ڪائونٽر جي تختي تي ٽيڪيل هيون.
”پيئن لاءِ ڪا شيءِ آهي؟“ آل پڇيو.
”سلو بيئر، بيوو، جنجر آيل“، جارج وراڻيو.
”منهنجو مطلب آهي ته توهان وٽ پيئڻ لا ءِڪا شيءِ آهي؟“
”اِهيئي، جيڪي مون هينئر ٻڌايون.“
”هي تمام گرم شهر آهي“، ٻئي همراهه چيو: ”هن کي ڪهڙي نالي سان
سڏينداآهن؟“
”صدر.“
”ڪڏهن اُن جي باري ۾ ٻُڌو اٿيئي؟“ آل پڇيو.
”نه“، سندس دوست چيو.
”راتين جو تون هتي ڇا ڪرڻ ايندو آهين؟“ آل پڇيو.
”هو رات جي ماني کائڻ ايندا آهن“، سندس دوست چيو.
”هو سڀ هتي ايندا آهن ۽ رات جي زبردست ماني کائيندا آهن.“
”اها ڳالهه صحيح آهي“، جارج چيو.
”سو تون سمجھين ٿو ته اِها ڳالهه صحيح آهي“، آل جارج کان پڇيو.
”بلڪل درست.“
تون ڏاڍو هوشيار ڇوڪرو آهين....... آهين نه؟“
”برابر“، جارج جواب ڏنو.
”ٺيڪ آ، تون ناهين،“ ننڍي قد واري ٻئي همراهه چيو: ”آل ڇاهي،
هوشيار ڇوڪرو آهي؟“
”هي گونگو آ“، آل چيو ۽ پوءِ نِڪ ڏانهن مُڙندي چيائين: ”تنهنجو
نالو ڇاهي؟“
”ايڊمس.“
”هڪ ٻيو هوشيار ڇوڪرو“، آل چيو ”ميڪس، ڇا هي روشن خيال ڇوڪرو
ناهي؟“
”هي شهر ته هوشيارن ڇوڪرن سان ڀريو پيو آ.“ ميڪس چيو.
جارج ڪائونٽر تي ٻنهي جا آرڊر ڏنل طعام آڻي کريا. هن فرائيڊ
پٽاٽن جا ٻه ٻيا ڊش ٻه اُتي رکيا ۽ رنڌڻي ڏانهن
ويندڙ در بند ڪري ڇڏيو.
”توهان جو ڪهڙو آهي؟“ هن آل کان پڇيو.
”توکي ياد ناهي ڇا؟“
”گوشت ۽ آنا.“
”بلڪل هوشيار ڇوڪرو“، ميڪس چيو. هو اڳتي جهڪيو ۽ گوشت ۽ آنن جي
پل.يٽ کڻي ورتائين. هو دستانا پاتل هٿن سان ماني
کائڻ لڳا. جارج کين ماني کائيندي ڏسڻ لڳو.
”ڏسين ڇا پيو؟“ ميڪس جارج کي ڌوڏا ڦاڙي ڏٺو.
”ڪجھ به نه.“
”جهنمي! تون ڏسي رهيو هئين، تون مون کي ڏسي رهيو هئين.“
”ٿي سگهي ٿو ته ڇوڪرو مذاق ۾ ڏسي رهيو هجي، ميڪس“، آل چيو.
جارج کلي ويٺو.
”کلڻ جي ڪا ضرورت ناهي“، ميڪن هن کي چيو: ”توکي هرگز کلڻو ناهي،
ٻڌئي؟“
”ٺيڪ آهي“، جارج چيو.
”سو هي سمجھي ٿو ته ٺيڪ آهي“ ميڪس آل ڏانهن مڙيو: ”هي سمجھي ٿو
اهو ٺيڪ آ، اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.“
”اوهه! هي ته ڪو فلاسافر آهي“، آل چيو. هو کائيندا رهيا.
”ڪائونٽر جي هيٺڀرو ويٺل روسن خيال ڇوڪري جو نالو ڇاهي؟“ آل
ميڪس کان پڇيو.
”اڙي، هوشيار ڇوڪرو.....!“ ميڪس نِڪ کي چيو، ”تون ڪائونٽر جي
ٻئي پايس پنهنجي يار ڏانهن هليو وڃ.“
”توهان جي ڇا مرضي آهي؟“ نِڪ ڇڇيو.
”خيال، مرضي ڪجھ ڪونهي.“
”تون اوڏنهن هليو وڃ، روشن خيال ڇوڪرا“، آل حڪم واري انداز ۾
چيو. نِڪ ڪائونٽر پويان هليو ويو.
”ڳالهه ڇاهي“، جارج پڇيو.
”وچ ۾ نه ڳالهاءِ. تنهنجو ڪو ڪم نه وڃي موڳا.“ آل چيو ۽ پڇيائين
”رنڌڻي ۾ ٻاهر ڪير آ.“
”شيدي.“
”حبشيءَ مان تنهنجي مراد ڇاهي؟“
”شيدي- مطلب ته بورچي.“
”هن کي چئه ته اندر هليو اچي.“
”توهان جو مطلب ڇاهي؟“
”هن کي اندر سڏ ڪر.“
”توهان ڇا ٿا سمجھو ته توهان ڪٿي آهيو؟“
”اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته اسان ڪٿي آهيون.“ همراهه جنهن کي
ميڪس جي نالي سان سڏيو ٿي ويو، تنهن چيو.
”ڇا اسين توکي مورک ۽ احمق ٿا لڳون؟“
”تنهنجو ڳالهائڻ ڇَسو آهي“، آل هن کي چيو: ”تون ڪهڙي جهنم ڪارڻ
هڪ ڇوڪري سان سوال جواب پڇيو ڪرين؟ ڳالهه ٻڌ...“،
هن جارج کي چيو ”نينگرو ڇوڪري کي چؤ ته هيڏانهن
ٻاهر هليو اچي.“
”توهين هن کي ڇا ڪندا؟“
”ڪجھ به نه، تون ٿورو پنهنجي دماغ کي استعمال ڪر؛ ٻهڪندڙ ڇوڪرا.
اسان حبشيءَ کي ڇا ڪنداسين.“ جارج رنڌڻي ڏانهن
پويان کُلندڙ در کي وٿي ڪئي.
”سام“، هن سڏ ڪيو: ”هڪ منٽ هيڏانهن اندر ته اچ.“ رنڌڻي جو
دروازو کُليو ۽ شيدي اندر هليو آيو.
”ڇا ڳالهه هئي“، هن پڇيو. ڪائونتر وٽ ويٺل ٻنهي همراهن هن جو
جائزو ورتو.
”ٺيڪ آ، شيدي باشا! تون اِتيئي رهه“، آل چيو.
شيدي سام، جنهن کي ائپرن پاتل هو، بيٺي بيٺي دخل جي طرسان ويٺل
هنن ٻنهي همراهن ڏانهن ڏٺو.
”جي سائين“، هن چيو. آل اسٽول تان هيٺ لٿو.
”مان هن شيدي ۽ ٻهڪندڙ ڇوڪري سان رنڌڻي ۾ واپس وڃي رهيو آهيان“
هن چيو.
”شيدي، تون رنڌڻي ڏانهن واپس وڃ. ٻهڪندڙ ڇوڪرا، تون هن سان گڏ
وڃ.“
ننڍڙي قد وارو همراه نِڪ ۽ سام بورچيءَ جي پويان رنڌڻي ڏانهن
وڃڻ لڳو. سندن اندر داخل ٿيڻ شرط رنڌڻي جو دروازو
بند ٿي ويو. ميڪس نالي همراهه جارج جي آڏو ڪائونٽر
وٽ ويٺو رهيو. هن جارج ڏانهن ڪونه ٿي ڏٺو، پر دخل
جي پويان لڳل آئيني ۾ پئي ڏٺو. هينري سيلون جي
چارج ڇڏي لنچ ڪائونٽر ڏانهن هليو آيو.
”ها، ٻهڪندڙ ڇوڪرا.“ ميڪس آئيني مان ڏسندي چيو.
”تون ته ڪجھ به ڳالهائين ڪونه ٿو؟“
”اهو سڀ ڪجھ ڇا لاءِ آهي؟“
”او آل“ ميڪس سڏ ڪيو. ”ٻهڪندڙ ڇوڪرو ڄاڻن ٿو چاهي ته اِهو سڀ
ڪجھ ڇا لاءِ آهي.“
”تون کيس ڇو نٿو ٻُڌائين؟“ رنڌڻي مان آل جو آواز آيو.
”تون ڇا ٿو سمجھين ته اِهو سڀ ڪجهه ڇا لاءِ آهي؟“
”مون کي خبر ناهي.“
”تون ڇا ٿو سمجھين.“
ڳالهين دوران ميڪس سڄو وقت آرسيءَ ۾ ڏسندو رهيو.
”مان ڪجھ نه چوندس.“
”اڙي آل، ٻهڪندڙ ڇوڪرو چئي پيو ته هي نه ٻڌائيندو ته اُهو سڄو
معاملو ڇا لاءِ آهي.“
”مان تنهنجو آواز ٻڌان پيو، ٺيڪ آ“، آل رنڌڻي مان جواب ڏنو. هن
اها وٿيءَ واري جاءِ کولي ڇڏي، جتان رنڌڻي مان
بوتلن سوڌو ڊش وغيره هيڏانهن هال ڏانهن لنگهائي
ٽپايائون ٿي.
”ٻڌ، ٻهڪندڙ ڇوڪرا“، هن رنڌڻي مان جارج کي چيو. ”ٿورڙو اڳڀرو
سُري بار جي ڀرسان ٿي بيهه. ميڪس! تون ٿورو کاٻي
پاسي سُري وڃ. هو ڪنهن فوٽو گرافر وانگر کين
هدايتون ڏيندو رهيو.
”مون سان ڳالهاءِ، هوشيار ڇوڪرا“، ميڪس چيو: ”تون ڇا پيو
سمجهين ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.“
جارج صفا ماٺ ڪئي، اصل ڪجھ به نه ڳالهايائين.
”توکي مان ٻڌائيندس“، ميڪس چيو: ”اسان هڪ سوڊاني شخص کي قتل
ڪنداسين. ڇا تون هن متاري سوڊاني کي جنهن جو نالو
اول اينڊرسن آهي، سڃاڻين؟“
”ها.“
”هو روزانو رات جو ماني کائڻ هتي ايندو آهي، ڇا هو نه ايندو
آهي؟“
”ڪڏهن ڪڏهن هو هتي ايندو آهي.“
”هو هتي ٺيڪ ڇهين وڳي ايندو آهي، ايندو آ نه؟“
”جڏهن ايندو آهي ته برابر انهيءَ ٽائيم تي ايندو آهي.“
”اسان اهو سڀ ڄاڻون ٿا، ٻهڪندڙ ڇوڪرا“، ميڪس چيو: ”ڪا ٻي ڳالهه
ڪر. ڇا ڪڏهن فلم تي ويندو آهين؟“
”ڪڏهن ڪڏهن ڇٺي ڇماهي.“
”توکي وڌيڪ فلمون ڏسڻ گهرجن. تو جهڙي ٻهڪندڙ ۽ روشن دماغ ڇوڪري
لاءِ فلمون سٺي شيءِ آهن.“
”توهان اول اينڊرسن کي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مارڻ ٿا چاهيو؟ هن
توهان و ڇا بگاڙيو آهي؟“
”هن کي اسان جو ڪجھ بگاڙڻ جو موقعو ئي ڪڏهن مليو آ. هن ته اسان
کي ڪڏهن ڏٺو به ڪونهي.“
۽ هو رڳو اسان کي هڪڙو ڀيرو ئي ڏسي سگهندو“، آل رنڌڻي مان چيو.
”پوءِ توهان هن کي ڇا جي لاءِ مارڻ ٿا چاهيو؟“ جارج پڇيو.
”اسين پنهنجي هڪ دوست جي چوڻ تي هن کي مارڻ ٿا چاهيون. رڳو هڪ
دوست تي ٿورو ڪرڻ لاءِ، ٻهڪندڙ ڇوڪرا.“
”بڪواس بند ڪر. آل رنڌڻي مان چيو، ”تون حد کان وڌيڪ پيو
ڳالهائين.“
”هائو، مان هن ٻهڪندڙ ڇوڪري کي وندرائي رهيو آهيان. ڇا مان توکي
نه پيو وندرايان ٻهڪندڙ ڇوڪرا.“
”تون حد کان وڌيڪ بڪواس پيو ڪرين“، آل چيو.
”منهنجو ٻهڪندڙ ڇوڪرو ۽ شيدي ته پاڻيهي وندريا پيا آهن. مون ته
هنن کي ڪنهن ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻن ساهيڙين
وانگر ٻڌي ڇڏيو آهي.“
”ائين ٿو لڳي ڄڻ ته تون ڪنهن ڪانوينٽ ۾ هجين.“
”انسان کي ڪا خبر ناهي.“
”تون هڪ ڪوشر ڪانوينٽ ۾ هئين. اهوئي ڪانوينٽ آهي جتي تون هئين.“
جارج گهڙيال کي ڏٺو.
”جيڪڏهن ڪو اندر اچي ته ٻڌائجانس ته بورچي موڪل تي آهي. جيڪڏهن
زور ڀري ته چئجان ته چڱو مان ٿو پچائي اچان. ڳالهه
سمجھ ۾ آئي، ٻهڪندڙ ڇوڪرا؟“
”ٺيڪ آ“، جارج چيو: ”پوءِ توهان اسان سان ڪهڙي ڪار ڪندا؟“
”اهو ته سڀ وقت ٻڌائيندو“، ميڪس چيو، ”اِهي ته اُها ڳالهيون آهن
جنهن جي ڪنهن کي به خبر ناهي، اهو ته وقت
ٻڌائيندو.“
جارج وري گهڙيال ڏانهن ڏٺو، هاڻي سوا ڇهه ٿيا هئا.
ڪيفي جي گهٽيءَ وارو در کليو، هڪ ڪار وارو شخص اندر آيو.
”هلو جارج“، هن چيو: ”مون کي شام جي ماني ملندي؟“
”سام ته ٻاهر هليو ويو آهي“، جارج چيو.
”اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن ۾ اچي ويندو.“
”چڱو، آءٌ گهٽيءَ جي مٿئين پاسي ڏانهن ٿو وڃان“، ڪار واري
همراهه چيو. جارج وري گهڙيال ڏانهن ڏٺو، هاڻي ڇهه
لڳي ويهه منٽ ٿيا هئا.
”ڏاڍو ٺاهوڪو جواب ڏنئي، سياڻا ڇوڪرا“، ميڪس چيو: ”تون ته ڪو
پڪو ننڍڙو نيڪدل آهين.“
”هن ڄاتو ٿي ته آءٌ سندس مٿو ڀڃي وجهندس“، آل
رنڌڻي مان چيو.
”نه“، ميڪس چيو: ”هي اهڙ و ناهي، ٻهڪندڙ ڇوڪرو ڏاڍو سٺو آهي.
ڏاڍو چڱو ڇوڪرو آهي. آءٌ کيس پسند ڪيان ٿو.“
ڇهه وڄي پنجونجاهه منٽن تي جارج چيو: ”هو ڪونه پيو اچي.“
لنچ روم ۾ ٻه ٻيا ماڻهو ويٺا هئا. هڪ ڀيرو جارج رنڌڻي ۾ ويو هو
۽ گوشت ۽ بيضن جا سئنڊوچ ٺاهڻ لڳو، جيڪي هڪ ماڻهو
کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻا هئا.
رنڌڻي اندر هن آل کي ڏٺو. دريءَ ڀرسان اسٽول تي ويٺل سندس ڊربي
ٽوپلو سندس ڪنڌ طرف جهڪيل، ۽ شاٽ گن جو منهن ريڪ
تي ليٽيل. نِڪ ۽ بورچي ڪنڊ ۾ هئا. سندس پٺيون
رسيءَ سا ٻڌل هيون ۽ ٻنهي جي وات ۾ ٽوال ٽنبيل
هئا.
جارج سنئنڊوچ ٺاهيا. انهن کي سڻڀي ڪاغذ ۾ ويڙهي ٿيلهيءَ ۾ وڌو.
ٿيلهي اندر کڻي آيو ۽ همراهه کيس پئسا ڏنا ۽ ٿيلهي
وٺي هليو ويو.
”ٻهڪندڙ ڇوڪرو سڀ ڪم ڪري سگهي ٿو“، ميڪس چيو: ”هو ماني پچائي
سگهي ٿو ر ڪم ڪري سگهي ٿو. تون زال سان به ڏاڍو
سٺو هلندين، سياڻا ڇوڪرا.“
”هائو“، جارج چيو: ”توهان جو دوست اول اينڊرسن اڄا ڪونه پيو
اچي.“
”اسين کيس ڏهه منٽ پيا ڏسنداسين“، ميڪس چيو.
ميڪس آرسيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ گهڙيال ڏانهن. گهڙيال جي ڪانٽن ست
وڄايا، ۽ پوءِ وڏي سُئيءَ سري ست وڄي پنج منٽ ڪيا.
”هلي آءٌ آل“، ميڪس چيو: ”اسان کي هلڻ گهرجي، هو نه ايندو.“
”اڃا پنج منٽ ٻيا ٿا ڏيونس“، آل رنڌڻي مان چيو.
پنجن منٽن کان پوءِ هڪ ٻي ماڻهو اندر آيو ۽ جارج کيس ٻڌايو ته
بورچي بيمار هو.
”ان جهنميءَ کي ڇڏي ڪو ٻيو بورچي ڇو ڪونه ٿا رکو؟“ همراهه پڇيو،
”ريسٽوران ٿا هلايو يا مشڪري ٿا ڪيو؟“ هو ائين
چوندي ٻاهر نڪري ويو.
”هليو آ آل“، ميڪس چيو.
”شيدي ۽ ٻن ٻهڪندڙ ڇوڪرن جو ڇا ٿيو؟“
”اُهي ٺيڪ آهن.“
”تون ائين سمجھين ٿو.“
”بلڪل. هو گڏ ته رهيا آهن.“
”مون کي اها ڳالھ نٿي وڻي“، آل چيو: ”اهو ٺيڪ ناهي، تون بنا
سوچي سمجھي گهڻو ٿو ڳالهائين.“
”اوهه، کڏ م وجهيس ان کي“، ميڪس چيو: ڇا ائين نه ڪرڻو هو.“
”تون گهڻو ڳالهائي اجايو گند ٿو ڪرين. ساڳيو رينگٽ جاري ٿو
رکين.“ آل چيو. هو رنڌڻي مان ٻاهر نڪري آيو. سندس
ٽائيٽ ۽ تنگ اوور ڪوٽ اندران پيل واڪوٽي وٽان شاٽ
گن جو بيرل نظر ٿي آيو، جنهن ڪري سندس پيٽ ڪجھ
ٻاهر نڪتل ٿي لڳو. دستانا پهريل هٿن سان هن پنهنجي
ڪوٽ جا گهنج سڌا ڪيا.
”الله واهي! ٻهڪندڙ ڇوڪرا“، هن جارج کي چيو: ”توهان جا ڀاڳ ڏاڍا
چڱا آهن.“
”اهو ته سچ آ“، ميڪس چيو: ”توهان کي ته گهوڙن جي ريس، گهوڙن تي
شرط هڻڻ گهرجي، ذهين ڇوڪرا.“
پوءِ ٻيئي همراهه ٻاهر نڪري ويا. جارج کين دريءَ مان ٻاهر
ويندي، اسٽريٽ لائيٽ وٽان لنگهندي، گهٽي ٽپندي
ڏٺو. سوڙهن ۽ تنگ اوورڪوٽن ۽ ڊربي ٽوپلن سان هو
ڪنهن اسٽيج شو جا ڳائڻا ٿي لڳا.
جارج اڳتي پوئتي ٿيندڙ در مان لنگهي اندر رنڌڻي ۾ ويو ۽ نِڪ ۽
بورچيءَ جون رسيون کولي کين آزاد ڪيو.
”مون کان هاڻي وڌيڪ اهڙي تعدي هرگز برداشت نٿي ٿئي“، سام
بورچيءَ چيو: ”هاڻي اهڙي جٺ بنهه برداشت نه ڪندس.“
نِڪ اُٿي بيٺو. ساڻن اهڙي ويڌن اڳ ڪڏهن به ڪانه ٿي
هئي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سندس وات ۾ ڪپڙو ڪونه
ٽنبيو هو.
”ٻڌاءِ“، هن چيو: ”هي ڪهڙو قهر هو. هو قهري ڪهڙي غرور ۽ وڏائي
سان پيش اچي رهيا هئا. سندن مقصد ڇا هو؟“
” هو اول اينڊرسن کي مارڻ آيا هئا“، جارج چيو.
”هو جيئن ئي ماني کائڻ اچي ها ته هو کيس قتل ڪري ڇڏين ها.“
”اول اينڊرسن؟“
”هائو.“
بورچيءَ گهٻراهٽ وچان پنهنجي وات جي ڪنڊن کي آڱوٺي سان ڇهي ڏٺو.
”هو هليا ويا؟“ هن چيو.
”هائو“ جارج چيو“، ”هو هليا ويا آهن.“
”مون کي ان ڳالهه کان سخت نفرت آهي، مون کي اها ڳالهه بنهه ڪانه
ٿي آئڙي.“
”ڳالهه ٻڌ“، جارج نِڪ کي چيو: ”تون وڃي اول اينڊرسن کي اطلاع
ڪر.“
”ٺيڪ آهي.“
”ميان، تنهنجو ان ۾ ڪجھ نه وڃي“، سام بورچيءَ چيو.
”تون پنهنجا پلؤ ان کان پري رک ته چڱو.“
”نه وڃ، جيڪڏهن تون نٿو وڃڻ چاهين ته“، جارج چيو.
”ان معاملي سان پاڻ کي سلهاڙيندين، ته ڪٿي جو ڪونه رهندين“،
بورچيءَ چيو: ”منهنجي مڃين ته ان مامري کان پري
رهين ته چڱو، وڌيڪ تنهنجي مرضي.“
”مان هن سان ملڻ ويندس“، نِڪ جارج کي چيو: ”هو ڪٿي رهندو آهي؟“
بورچي اڳيان هٽي ويو.
”ننڍڙا نينگر سدائين ان ڳالهه جي ڄاڻ رکندا آهن ته هو ڇا ٿا ڪرڻ
چاهين.“ هن چيو.
”هو هرشز رومنگ هائوس ۾ رهندو آهي“، جارج نِڪ کي ٻڌايو.
”آءٌ اوڏانهن ويندس.“
ٻاهر بتيءَ جي روشني وڻن جي خالي ٽارين مان ڇڻي سڙڪ تي ٿي پيئي.
نِڪ گهٽيءَ جي مٿئين پاسي ڪار واري پيچري تان
ٿيندو، ۽ اسٽريٽ لائيٽ جي ٻئي ٿنڀي وٽان مڙي، هڪ
پاسي واري گهٽيءَ ڏانهن لڙي ويو. ان گهٽيءَ جي
مٿئين پاسي ٽي گهر ڇڏي، ڀرسان هرشز هائوس هو. نِڪ
ننڍڙي دِڪي جا ٻه ڏاڪا چڙهي، گهنٽيءَ جو بٽن
دٻايو. دروازي تي هڪ عورت ظاهر ٿي.
”ڇا هتي اول اينڊرسن آهي؟“
”ڇا تو کي هن سان ملڻو آهي؟“
”ها، جيڪڏهن هو گهر ۾ موجود آهي.“
نِڪ عورت جي ڪڍ ڏاڪڻ چڙهي آيو ۽ پوءِ ورانڊي جي پويان اچي بيٺو.
عورت دروازي جو ڪنڍو کڙڪايو.
”ڪير آهي؟“
”ڪو ماڻهو ملڻ آيو آهي، اينڊرسن صاحب“، عورت چيو، ”سندس نالو
نِڪ ايڊمس آهي.“
”اندر اچ.“
نِڪ دروازو کوليو ۽ ڪمري ۾ اندر گهري ويو. اول اينڊرسن ڪپڙن
سوڌو پلنگ تي ليٽيو پيو هو. هو هيوي ويٽ انعام
يافته باڪسر هو ۽ سندس قد پلنگ کان به وڏو هو. هو
ٻن وهاڻن تي مٿو رکي اونڌي منهن ليٽيو پيو هو.
”ڇا ڳالهه آهي“، هن پڇيو.
”آءٌ هينري جي ريسٽورنٽ ۾ هوس،“ نِڪ چيو ”۽ ٻه
ماڻهو اندر آيا، انهن مون کي ۽ بورچيءَ کي ٻَڌو ۽
چوڻ لڳا ته اسان اول اينڊرسن کي مارينداسين.“
اها ڳالهه ڪندي هو صفا ڇسو لڳي رهيو هو. اول اينڊرسن ڪجھ به نه
چيو.
”هنن اسان کي رنڌڻي ۾ واڙي ڇڏيو،“ نڪ چوندو رهيو.
”جنهن وقت تون شام جي ماني کائڻ اچين ها ته هو توکي ماري ڇڏين
ها.“
اول اينڊرسن ڀت ڏانهن ڏٺو ۽ ڪجھ به نه چيائين.
”جارجس سوچيو ته مان اها ڳالهه ضرور اوهان جي ڪم ۾ وجهان.“
”پر مان ان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان“، اول اينڊرسن چيو.
”مان توهان کي انهن جي حليي بابت ٻڌائيندس، ته سندن مهانڊا ڪهڙا
هئا.“
”مان اهو ڄاڻڻ نٿو چاهيان ته سندس ڊول ۽ مهانڊا ڪهڙا هئا“، اول
اينڊرسن چيو. هن وري ڀت ڏانهن ڏٺو.
”تنهنجي مهرباني جو اها ڳالهه ٻڌائڻ آئين.“
”ان ۾ مهربانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
نِڪ ڊگهي ۽ ڀريل بدن واري جوان ڏانهن ڏٺو، جيڪو پلنگ تي ليٽيل
هو.
”ڇا خيال آ، مان اها ڳالهه وڃي پوليس کي ٻڌايان؟“
”نه“، اول اينڊرسن چيو: ”ان سان ڪو فائدو نه ٿيندو.“
س”ڀلا پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”ڪجھ به ناهي ڪرڻو.“
”ٿي سگهي ٿو ته هو لاف ۽ ڊاڙون هڻندا هجن.“
”نه، اها لٻاڙ ناهي.“ اول اينڊرسن پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ورائي
ڇڏيو.
”ڳالهه فقط هي آهي ته....“ هن ڀت ڏانهن ڳالهائيندي چيو.
”... ته مان گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪونه ٿو ڪري سگهان. مان
اڄ سڄو ڏينهن گهر ۾ رهيو آهيان.“
”ڇا توهان هي شعر ڇڏي نٿا سگهو؟“
”نه“، اول اينڊرسن چيو، ”مان شروع کان آخر تائين انهن سڀني
ڳالهين جي باوجود اِتيئي رهيو آهيان.“
هن ڀت ڏانهن ڏٺو.
”هاڻي ان لاءِ ڪجھ به نٿو ڪري سگهجي.“
”ڇا توهان ڪنهن طرح سان ان کي روڪي نٿا سگهو؟“
”نه، مان غلطيءَ سان اندر آيس“، هن ساڳي سڌي آواز ۾ ڳالهايو،
”هاڻي ان لاءِ ڪجھ به نٿو ڪري سگهجي. ٿوري دير کان
پوءِ مان سوچيان پيو ته ٻاهر نڪران.“
”مون کي صرور واپس وڃي جارج سان ملڻ گهرجي“، نِڪ چيو.
”چڱو، الله واهي.“ اول اينڊرسن چيو، هن نِڪ ڏانهن بنهه ڪونه
ڏٺو.
”مون ڏانهن اچڻ لاءِ تنهنجي وڏي مهرباني.“
نِڪ ٻاهر نڪري يو. جيئن هن در بند ڪيو ته هن جي نظر اول اينڊرسن
تي پيئي جيڪو ڪپڙن سوڌو هنڌ تي ليٽيل هو ۽ سندس
نظرون ڀت تي کُتل هيون.
”هو صبح کان وٺي هتي ڪمري ۾ پيو آهي“، عورت هيٺئين ڏاڪڻ وٽ بيٺي
بيٺي چيو: ”منهنجي خيال ۾ سندس طبيعت صحيح ناهي“،
مون کيس چيو، ”مانوارا اينڊرسن! اڄ ڪيڏو نه سٺو
ڏينهن آهي، توهان کي ٻاهر نڪري گهمڻ ڦرڻ گهرجي، پر
هن چيو ٻاهر نڪرڻ جو موڊ ڪونه هو.“
”هو ٻاهر نٿو وڃڻ چاهي.“
”مون کي افسوس آهي ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي،“ عورت چيو: ”هو تمام
چڱو ماڻهو آهي، هو رنگ ۾ مقابلا ڪندو هو، توکي ته
خبر آهي.“
”اها مون کي خبر آهي.“
”ڪنهن کي به هوند اها ٻڙڪ نه پئجي سگهي، جيڪڏهن سندس منهنجو ڊول
اهڙو نه هجي“، عورت چيو. هو گهٽيءَ جي اندرين در
وٽ بيٺا ڳالهائيندا رهيا.
”هو اوتروئي نماڻو ۽ نيڪدل آهي.“
”چڱو، خدا حافظ مسز هِرش.“ نِڪ چيو.
”مان مسز هِرش ناهيان“، عورت چيو، ”هوءَ ته هن گهر جي مالڪياڻي
آهي. مان ته رڳو هن جي گهر جي نگهباني ڪندي آهيان،
مان مسز بيل آهيان.“
”چڱو، خدا حافظ، مسز بيل“، نِڪ چيو.
”الله واهي“، عورت چيو.
نِڪ اونداهي گهٽيءَ ۾ ڪنڊ تائين آيو ۽ پوءِ ڪار وارو پيچرو ڏيئي
واپس هينري جي طعام گاه تي پهتو. جارج اندر هال ۾
ڪائونٽر جي پويان ويٺو هو: ”ڇا تون اول سان ملين؟“
”هائو“، نِڪ چيو، ” هو پنهنجي ڪمري ۾ آهي ۽ هو ٻاهر ڪونه
نڪرندو.“ بورچيءَ نِڪ جو آواز ٻڌي رنڌڻي جو درواو
کوليو.
”مان ان بابت وڌيڪ ڪجھ به ٻڌڻ نٿو چاهيان“، هن ايترو چيو ۽
رنڌڻي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.
”ڇا تو کيس اها ڳالهه ڪئي؟“ جارج پڇيو.
”بلڪل، مون کيس ٻڌايو، پر هن کي سڄي معاملي جي اڳ ۾ ئي خبر
آهي.“
”ڇا تو کيس اها ڳالهه ڪئي؟“ جارج پڇيو.
”بلڪل، مون کيس ٻڌايو، پر هن کي سڄي معاملي جي اڳ ۾ ئي خبر
آهي.“
”پوءِ هو ڇا ڪندو.“
”ڪجھ به نه.“
”هو ته کيس ماري ڇڏيندا.“
”ڀانيان ٿو ته کيس ڪونه ڇڏيندا.“
”ضرور هو شڪاگو ۾ ڪا گڙٻڙ ڪئي هوندي.“
”مان به ائين ٿو سمجھان“، نِڪ چيو.
”اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه آهي.“
”تمام خراب ڳالهه“، نِڪ چيو.
کن لاءِ ڪنهن به نه ڳالهايو. جارج هٿ وڌائي ٽوال کنيو ۽ ڪائونٽر
کي صاف ڪيائين.
”مون کي اچرج آهي ته آخر هن ڪيو ڇاهي؟“ نِڪ چيو.
”ضرور پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ سان دغا ڪئي هوندائين، ان ڪري ئي هو
سندس جان جي پويان پئجي ويا آهن.“
”مان ته هي شهر ئي ڇڏي ٿو وڃان“، نِڪ چيو.
”هائو“، جارج چيو، ”بهتري انهيءَ ۾ آهي ته شهر کان ڀڄي وڃجي.“
”مون کان اهو قطعي برداشت نه ٿيندو، ته هن بابت سوچجي؛ جيڪو پاڻ
ڪمري ۾ بند آهي. اهو ڄاڻندي به ته ڪنهن وقت هو مٿس
اچي ڪڙڪندا، اهو سوچڻ ئي ڏاڍو خوفناڪ آهي.“
”صحيح!“ جارج چيو: ”بهتر آ ته تون ان تي سوچ ئي نه!“ |