19- لنڊن ۾، هزهائنيس سر آغا خان، ڊاڪٽر سر شفاعت احمد خان ۽
چوڌري سر ظفر الله خانبهادر کهڙي جي گهڻي مدد ڪئي.
20- جولاءِ 1934ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڏي پيمادني تي ڪانفرنس ٿي، جنهن
۾ سنڌ جي آزديءَ جي هر ڪئي ويئي ۽ هندن کي خاطري
ڏني ويئي ته مسلمان سنڌ ۾ اڪثريت ۾ هوندا ته به
کين نقصان ڪونه پهچائيندا. صدارت سر غلام حسين
هدايت الله ڪئي.
21- سنه 1935ع ۾، انگلستان جي پارليامينٽ ۾، ”گورنمينٽ آف انڊيا
بل“ پاس ٿيو، جنهن جي فقري نمبر 46 موجب، ”سنڌ
آزاد صوبو“ ٿيو. سنڌ جي آزاديءَ ۾ مسلمانن، هندن،
پارسين ۽ ٻين قومن جي فردن به حصو ورتو. سرلانٽ
سيلانٽ گراهم آزاد سنڌ صوبي جو پهريون انگريز
گورنر مقرر ٿيو.
****
(4)
سيد ميران محمد شاهه جي مضمون ۾، ”سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ بنسبت
ڏاڪي به ڏاڪي مفصل معلومات موجود آهي، پر، مان
ڀانيان ٿو ته ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن کي خانبهادر کهڙي
جا تاثرات به معلوم ٿيڻ گهرجن. خانبهادر محمد ايوب
کهڙي (تڏهوڪي ايم. ايل. سي لاڙڪاڻه) پنهنجي مضمون
۾ هيئن لکيو آهي:
”سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ هن ريت شروع ٿي. سڀ کان اول، آنربل
مسٽر هرچندراءِ وشنداس جي سرڪردگيءَ هيٺ، سنڌ جي
محب وطنن جو هڪ وفد، سال 17-1918ع ۾ مسٽر مانٽيگو،
وزير هند سان مليو. وفد جو نصب العين محض سنڌ جي
بمبئيءَ کان مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ هو.
1919ع ۾، انڊين نيشنل ڪانگريس جي پراونشل پوليٽڪل ڪانفرنس، پنجن
ڄڻن جي هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن ۾ هڪ پارسي ۽
چار هندو ميمبر هئا. اها ڪاميٽي ’سنڌ جدائي‘ بابت
مڪمل رپورٽ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل هئي. ڪاميٽيءَ رپورٽ
ڏني، ته سنڌ جو خودمختيار ۽ آزاد صوبو ٿيڻ ڏاڍو
ضروري آهي. ان کان پوءِ جلد ئي انڊين نيشنل
ڪانگريس جو ٻائيتاليهون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خود
هندن جي مکيه ليڊر، پنڊن مدن موهن مالويه جي تحريڪ
سان، سنڌ کي ڌار صوبو بنائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ٿيو.
اهڙيءَ طرح، ٻين مکيه سياسي جماعتن به اُن جي
تائيد ڪئي. ڪانگريس ۽ نهرو ڪاميٽيءَ پڻ سنڌ کي جدا
صوبو بنائڻ لاءِ آواز اُٿاريو.
”1928ع ۾ سنڌ جي هندو مسلمانن ۽ پارسي ليڊرن جو هڪ عهدنامو ٿيو،
تنهن ۾ به سنڌ جي علحدگي ڪشاده دليءَ سان تسليم
ڪئي ويئي. انهن سڀني مرحلن طيءِ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ
جي مسلمانن ۾ عام طرح هن مسئلي بابت چرپر پيدا ٿي
۽ هو اجتماعي خواه انفرادي طرح انهيءَ تحريڪ کي
ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ لڳا. آخرڪار، سنڌ آزاد
ڪانفرنس جو بنياد وڌو ويو. سنڌ جي مسلمانن جي
اخبارن خاص ڪري ”الوحيد“ ۽ ”سنڌ زميندار“ ته ڄڻ
تبليغ شروع ڪئي. سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين
”سنڌ جدائي“ جا آواز بلند ٿيڻ لڳا.
”سال 1929ع جي ابتدا ۾، سائمن ڪميشن ڪراچيءَ ۾ آئي. انهيءَ
ڪميشن جي اڳيان، سنڌ محمدن ائسوسئيشن جو وفد،
منهنجي اڳواڻيءَ هيٺ پيش ٿيو، جنهن سنڌ کي جدا
پرڳڻي بنائڻ جي گهر پيش ڪئي.
”سنه 1931ع ۾، گول ميز ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس ۾، لنڊن ۾ ”سنڌ
ڪميٽي“ مقرر ٿي، جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽
سر غلام حسين هدايت الله قابل قدر خدمت سرانجام
ڏني، انهيءَ ڪميٽيءَ جي فيصلي مطابق 1931ع جي وچ
ڌاري، هِندُ سرڪار هڪ ”جاچ ڪميٽي“ ڪراچيءَ موڪلي،
جنهن تي ٻه عملدار مقرر ڪيا ويا: مسٽر مائيلس
اورنگ ۽ مسٽر هئرس. هنن سنڌ جي قومن ۽ فرقن جي
نمائندن کي گواهي ڏيڻ لاءِ گهرايو. سنڌ جي مسلمانن
۽ جدا پرڳڻي جي مطالبي ڪندڙن جي پاران هڪ وفد
منهنجيءَ اڳواڻيءَ هيٺ ٺهيو ۽ سنڌ جي جدا ڪرائڻ جو
ڪيس پڪي پائي تي تيار ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ
گول ميز ڪانفرنس جي ٻئي اجلاس ۾ ٿيل فيصلي موجب،
هند سرڪار اپريل 1932ع ۾، ”سنڌ ڪانفرنس“ ڪوٺائي،
جنهن جو صدر آنربل مسٽر برين هو. انهيءَ ڪانفرنس
۾، مسلمانن پاران هيٺيان صاحب هئا: (1) آنربل سر
شاهنواز ڀٽو، (2) آنربل ميان علي بخش، (3) سر
عبدالله هارون، (4) مير بنده علي خان ٽالپر، (5)
خان بهادر الهه بخش، (6) قاضي عبدالرحمان ۽ (7)
محمد ايوب کهڙو. هندن جي پاسي، مسٽر لالچند
نولراءِ، ديوان بهادر مرليڌر ۽ پروفيسر ڇٻلاڻي
هئا. واپارين جي پاران مسٽر هوشنگ ايڊلجي ڊنشا ۽
مسٽر پرائيس هئا. سرڪار جي پاران مسٽر ڊئو روينيو
آفيسر براج ۽ پروفيسر ڀٽيجا هئا.
انهيءَ ڪانفرنس ثابت ڪري ڏيکاريو، ته آزاد سنڌ پرڳڻو ٿيڻ بلڪل
’ممڪن‘ ڳالهه آهي. کوٽ هر سال اٽڪل اسي لک رپيا
ٿيندي، جا هند سرڪار ڀري، ڪم از ڪم ٻارهن ورهيه يا
پندرهن ورهين تائين، ڇا لاءِ ته اها ڪراچي ڪسٽمس
جي ٽئڪس ۽ ٻين ذريعي سان ڪروڙين رپيا وصول ڪري ٿي.
1933ع جي مئي مهيني ۾ برطانوي پارليامينٽ هندستان جي سڌارن
بنسبت رپورٽ طلب ڪئي ۽ ڪميٽي مقرر ڪئي. انهيءَ
ڪميٽيءَ اسان کي هڪ عيوضي موڪلڻ جي دعوت ڏني، جنهن
لاءِ مون کي منتخب ڪيو ويو. جون 1933ع ۾، مان
هوائي جهاز رستي، لنڊن پهتس ۽ ڪميٽيءَ اڳيان ڪيس
پيش ڪيم. مخالف ڌر جي پاران پروفيسر ڇٻلاڻي ۽
ديوان بهادر هيرانند کيمسنگهه موجود هئا. خدا پاڪ
جي لطف ۽ مهربانيءَ سان منهنجيءَ محنت تمام چڱو
اثر ڪيو، جنهن جو اظهار پارليامينٽ جي ميمبرن ۽
دوستن ڪيو.
هن ڪم ۾ سر شفاعت احمد خان ۽ چوڌري سر محمد ظفرالله به منهنجي
مدد ڪئي. لنڊن ۾، مان، اڪثر ڪري، هزهائينيس رائيٽ
آنربل سر آغا خان سان ملندو رهندو هئس. سر آغا
خان، سنڌ جي جدائيءَ جي مسئلي ۾ خان دلچسپي ورتي،
تنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. هيءُ سر آغا جا ئي لفظ هئا
ته:
”هو پاڻ سنڌ علحده ڪرائڻ لاءِ وڪالت ڪري رهيو آهي. ۽ مان
ساليسٽر جو ڪم ڪري رهيو آهيان.“
الله پاڪ جا هزار شڪرانا، جو سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جو مسئلو
آخر ڪاميابيءَ سان حل ٿيو. برطانيا سرڪار بمبئيءَ
کان سنڌ جدائيءَ جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ خاص طرح،
هزهائينيس سر سلطان محمد شاهه آغا خان، هندستان جي
ليڊرن مان قائداعظم محمد علي جناح، سر محمد شفيع،
سر فضل حسين، ڊاڪٽر شفاعت احمد خان ۽ سنڌ مان سر
غلام حسين هدايت الله، سر عبدالله هارون، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، ۽ سيد ميران محمد شاهه تحسين جي
لائق آهن.
(5)
مٿين مضمون مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ڪيئن ٿي ۽
ڇو ٿي؟ هاڻي، انهيءَ پس منظر کي ذهن ۾ رکي، هيٺين
ڳالهه پڙهڻ گهرجي.
سنه 1984ع ۾، حڪومت مون کي سنڌي ادبي بورڊ مان بدلي ڪري، اسلام
آباد ۾، ايڪيڊمي آف ليٽرس جو اول ڊئريڪٽر جنرل ۽
پوءِ چيئرمن مقرر ڪيو. اسلام آباد ۾ انهن عهدن تي
ڪم ڪندي، منهنجو سڄي پاڪستان جي ادبي ادارن سان
واسطو پيو. انهن ۾ هڪرو اهم ادارو هو: ”اداره
ثقافت اسلاميه، لاهور“
(Institute of Islamic Culture).
سائين حسام الدين راشدي سدائين انهيءَ اداري جي ڪم جي تعريف
ڪندو هو. مون به ائين ئي محسوس ڪيو ته ”اداره
ثقافت اسلاميه“، جو ڪم واقعي شاندار آهي. ستت،
اداري جي ڊائريڪٽر سراج منير سان اول دعا سلام ٿي،
پوءِ گهرا گهاٽا لڳ لاڳاپا ٿيا.
اداري جو سربراهه، سيد واجد علي شاهه آهي، جو تمام لائق انسان
آهي. هو لاهور جي ممتاز شخصيت، سيد مراتب علي شاهه
جو ٻيو نمبر فرزند آهي. سندن خاندانُ ملڪ جي
ٻاويهن امير ترين گهراڻن
(Rich and Ruling Families)
۾ شمار ٿئي ٿو. سيد واجد علي شاهه جو وڏو ڀاءُ سيد
امجد علي شاهه، پهرئين پهرئين مارشل لا ۾، صدر
ايوب خان جو وزير خزانه هو.
ننڍو ڀاءُ، سيد بابر علي شاهه ”پئڪيجز پريس، لميٽيڊ“ جو مالڪ
آهي. کيس گلاب جي گلن جي جدا جدا نمونن ۽ علمي
ڪتابن جو شوق آهي. پنجاب جي صوفي شاعرن، بابا
فريد، بلهي شاهه، سلطان باهو، شاهه حسين ۽ ٻين جي
ڪليات سان گڏ، هندستان ۽ ايران جي مکيه فارسي
شاعرن، مثلاً سعدي شيرازيءَ ۽ امير خسروءَ جا
ڪليات اهڙا ته سهڻا ڇپايا اٿس، جو سانڍڻ وٽان آهن.
غالباً، پاڻ پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس جي ڇپايلَ، شاهه ڀٽائيءَ
جي ڪلام جي نثري اردو ترجمي تي منهنجو ”مقدمو“
پڙهيو هئائين، جيڪو ثقافت اسلاميه پنهنجي سہ ماهي
رسالي ۾ دوباره ڇاپيو هو. سو، ان کان متاثر ٿيو، ۽
هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”جيڪڏهن تون پاڻ سنڌ جي
صوفي شاعرن جو تذڪرو مون کي اردوءَ ۾ ٺاهي ڏين، ته
مان شوق سان ڇپايان.“
مون کي پنهنجن اردو، پنجابي ۽ فارسي ڪتابن جو سڄو سيٽ به تحفي
طور ڏنائين. پر، منهنجا دوست اهي ڪتابَ هڪ هڪ ڪري،
مون وٽان کڻي ويا. هاڻي مون وٽ ڪو هڪ اڌ مَسَ بچيل
هوندو. مون کانئس ٻيو سيٽ به ورتو، پر، اُهو هالن
جي مخدوم صاحب طالب الموليٰ سائينءَ کي تحفي طور
ڏنم. مخدوم صاحب سان منهنجيون ٻٽيهه دليون هونديون
هيون. پاڻ به مون تي اوتروئي مهربان هو. هڪ دفعي
ڪنهن نازڪ ڪم سنا، وزيراعظم بينظير ۽ سندس والده
سان اسلام آباد ملڻ آيو. پنجاب جي گورنر جي دعوت
رد ڪري، مون وٽ اچي گهر ماني کاڌائين. فقط ايترو
چيائين ته دعوت ۾ ٽيون ماڻهو رڳو پروفيسر غلام
مصطفيٰ شاهه هجي. ”پاڻ اڃا منهنجي گهر ماني کائي
رهيو هو، جو ملاقات لاءِ بيگم نصرت ڀٽي جي فون
آيس. چيائين ته، ”تنهنجي گهر جو فون نمبر ملاقات
جي اطلاع لاءِ ڏئي آيو هئس.“ مون وٽان ماني کائي،
سڌو ’سنڌ هائوس‘ ويو.
سيد بابر علي شاهه سان منهنجي ميل ملاقات سندس نياڻي حنا بيبيءَ
ڪرائي، جيڪا سابق وفاقي وزير، سيد فخر امام، جي
ننڍي ڀاءُ فيصل امام جي اهليه آهي. هڪ دفعي اسلام
آباد مان لاهور آيس، ته پيڪيجز وٺي ويئي. اول پريس
جي چمن ۾ گلاب جي گلن جا چاليهارو کن جدا جدا
نمونا وڃي ڏٺم. پوءِ سڄي پريس ڏٺم.
حنا بيبيءَ سان دعا سلام ائين ٿي. اسلام آباد ۾ هوندو هئس، ته
هر سال،
‘New Year Greetings Card’
۽
‘Rose-Petals’
جو پاڪيٽ تحفي طور موڪليندي رهندي هئي. اسلام آباد
مان حيدرآباد آيس، ته کيس خط پٽ ڪونه لکيم، سو،
سال گذري ويا آهن، ته ساڻس ڪابه خط و ڪتابت ڪانه
ٿي آهي. خبر ناهي ته ڪاٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟ بهرحال،
پوئين ملاقات ڏهاڪو سال کن اڳ ٿي هئي. مان اسلام
آباد مان لاهور سرڪاري ڪم سان ويل هئس. حنا بيبيءَ
کي فون ڪيم.
پڇيائين ته ”ڪٿي ترسيل آهين؟“
مون چيس ته، ”پرل ڪانٽيننٽل ۾.“
چيائين ته ”شام جو چاءِ گڏ پيئنداسين.“
موسمِ گرما جي شام هئي. پِي. سِي. لاهور جي آرام دهه ماحول ۾،
ديسي ماڻهن کان وڌيڪ انگريز عورتن ۽ مردن جي وچ ۾
چاءِ پيئندي، ڳالهه ڪڍيمانس ته ”حِنا، مون کي
تنهنجي وڏي چاچي سيد امجد علي شاهه سان ملڻ جو
ڏاڍو شوق آهي.“
پڇيائين ته: ”ڇو؟“
مون چيو ته ”جڏهن پاڻ پاڪستان جو وزير خزانه هو، تڏهن هڪڙو ڪتاب
لکيو هئائين، جو ايوب خان جي
“Friends not Masters” ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪتاب
“Myth of Independence”
جو ’پيش خيمو‘ هو. سنڌي ادبي بورڊ ۾، محترم محمد
ابراهيم جويي، انهيءَ ڪتاب جي اسي صفحن جو
انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ”مهراڻ“ رسالي
۾ ڇپايو هو. مان انهيءَ پس منظر ۾ ”ڪتاب جي مصنف“
سان ملڻ گهران ٿو.“
چيائين ته، ”ڳالهه ته درست آهي. پر، چاچو سيد امجد علي شاهه
ڏاڍو ٻڍو ٿي ويو آهي. سو، توسان ملي، الائي ڪونه؟
چئي نٿي سگهيان. پر، ڪوشش ڪنديس.“
حنا بيبيءَ مون کان موڪلائي وڃڻ کان اڳ ڳالهين ٻولين ۾ اهو به
ٻڌايو ته: ”بابا سائينءَ مون کي خانيوال ۾ پنهنجي
جدا پريس ڪڍي ڏني آهي، اڄڪلهه اها سنڀالي رهي
آهيان.“
ٻئي ڏينهن فون ڪيائين ته ”مان ته خانيوال وڃي رهيو آهيان. پر،
چاچا توکي شام جو پنجين وڳي چاءِ تي سڏيو آهي.
منهنجي ڪارِ، شام جو، توکي هوٽل مان سندس بنگلي تي
کڻي ويندي ۽ بعد ۾ هوٽل تي ڇڏي ويندي.“
ٻئي ڏينهن شام جو مان سيد امجد علي شاهه جي بنگلي تي پهتس. وڏن
ماڻهن جي روايتن وانگر، هڪ نوڪر دروازي تي منهنجو
منتظر هو. مون کي ساڻ وٺي بنگلي ۾ گهڙيو. ڊرائنگ
روم جي در تي، سيد امجد علي شاهه پاڻ منهنجو
آڌرڀاءُ ڪيو. هو برابر ڏاڍو ٻڍو ٿي ويو هو. چوندا
آهن ته ٻڍاپڻ ۾ ماڻهوءَ جي چيلهه چٻي ٿي ويندي آهي
سيد امجد علي شاهه ڊونڊڙو ٿي، آهستي آهستي پئي
هليو. هونئن، سندس مزاج ۾ بزرگي ۽ عظمت پري کان
پڌري هئي.
نوڪر ميوو، مٺايون ۽ چاءِ کڻي آيو. جڏهن ٿانو کڻي ويو، ته سيد
امجد علي شاهه مون کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ
چيو. ٻڌي چيائين ته ”ان جو مطلب ته هڪ ته تون
’ڪتابي‘ ماڻهو آهين. ٻيو ته ’سنڌي‘ آهين. سو،
توسان اِهي ڳالهيون ڪريان.“
پهريائين ڪتابن جي ڳالهه ڪريون. چيائين ته ”جيڪڏهن توکان ٿي
سگهي، ته پئرس جي فلاڻي ڪتبخاني مان البيرونيءَ جو
هيءُ ڪتاب گهرائي، پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو
ڪرائي ڇپاءِ. غالباً يارهن جلدن ۾ آهي. پر، توکي
خاطري ڏيان ٿو ته دنيا ۾ اهڙا ٿورڙا عمدا ڪتاب
لکيا ويا آهن.“
اڳتي هلي خبر پيم، ته اداره ثقافت اسلاميه، اِهو ڪتاب به اردوءَ
۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو ويو. پر، هاڻي اڻلڀ آهي. (سيد
امجد علي شاهه کي ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي.)
البيرونيءَ جي ڪتاب جي ڳالهه ڪري، چيائين ته ”هاڻي توکي سنڌ جي
ڪا ڳالهه ٻڌايان.“
چيائين ته، ”ڪنهن زماني ۾، سنڌ کي بامبي پريزيڊنسيءَ کان جدا
ڪري آزاد صوبو بنائڻ جي سوال تي هندن ۽ مسلمانن ۾
گهڻي عرصي کان ڇڪتاڻ هئي. انگريز سرڪار، لنڊن ۾،
گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي هئي.“
مان تن ڏينهن ۾ نوجوان هيس. چوڌري ظفرالله سان دوستي هئي، جو
پاڪستاقن ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو وزير خارجه ٿيو.
لنڊن ۾ رهڻ لاءِ مون کي پنهنجو فلئٽ ڏنو هئاسين.
پاڻ سر سلطان محمد شاهه آغا خان جي فلئٽ ۾ رهندو
هو.
مون پڇيس ”ته پوءِ سَر آغا خان ڪاٿي رهندو هو؟“
سيد امجد علي شاهه چيو ته، ”هو بڪنگهام محلات ۾ رهندو هو.“
سيد امجد علي شاهه چيو ته آخرڪار گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي. سنڌ
جي جدائيءَ وارو سوال کنيو ويو. هندن جي پاران
ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ ڪيس پيش ڪيو. هن پڪا پختا دليل
دلائل ۽ انگ اکر پيش ڪيا. هر ڪنهن کي خاطري ٿي، ته
سنڌ صوبو جدا ٿيو، ته مالي طرح مستحڪم ڪونه
ٿينجدو، سو هلي ڪونه سگهندو.“ سيد امجد عليءَ چيو
ته، ”اهو لقاءَ ڏسي مان به ٻين مسلمانن عيوضين
وانگر مايوس ٿيس.‘
سيد امجد عليءَ چيو ته، ”سر ظفرالله روز شام جو موٽر ڪاهي ايندو
هو. ٻئي ڄڻا ’پڪنڊلي‘ ويندا هئاسين. سير پسار ڪري،
آئس ڪريم کائي، موٽندا هئاسين. اهو اسان جو لنڊن ۾
روزمره جو معمول هو.*
شام جو حسب دستور، سر ظفرالله آيو. پڪئڊلي وياسين. سير پسار
ڪيوسين. تمام سٺي آئيس ڪريم کاڌيسون. پر، مون کي
مزو ڪونه آيو. سر ظفرالله ڳالهه سمجھي ويو. سو،
جڏهن موٽ تي فلئٽ وٽ لاٿائين، تڏهن مون کان
مايوسيءَ جو سبب پڇيائين. مون چيو ته ’ڪوبه
ڪونهي.‘ جڏهن زور ڀريائين، ته مون کيس چيو ته
”اوهان گول ميز ڪانفرنس ۾ ڇٻلاڻيءَ جا دليل ته
ٻڌا. هاڻي خانبهادر کهڙو دوستن سان گڏجي، سنڌ جي
مسلمانن جو ڪيس ٺهرائي آيو ته آهي. پر، اڄ سڄو
ڏينهن ڇٻلاڻي گول ميز ڪانفرنس تي ڇانيل هو. سندس
دليل وزندار هئا. پڪ ئي پڪ مسلمان ڪيس هارائيندا.
سنڌ بمبئيءَ کا جدا ڪانه ٿيندي. هندن جي سرسي
ٿيندي.‘
سر ظفرالله منهنجي سڄي ڳالهه توجھ سان ته ٻڌي، پر ٻڌي اڻ ٻڌي
ڪري، پاڻ ڪار ۾ هليو ويو. ٻئي ڏينهن، گول ميز
ڪانفرنس جو وري اجلاس ٿيو. مسلمانن جو ڪيس پيش
ٿيو. سخت بحث مباحثو هليو. نيٺ، اجلاس پورو ٿيو.
انگريز سرڪارن هندن ۽ مسلمانن جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڪجھ ڏينهن
لاءِ فيصلو ملتوي ڪيو.
هندن ۽ مسلمانن جا ڪي عيوضي ته واپس وطن هليا ويا، ته فيصلو
الائي ڪڏهن اچي!
بهرحال، اجلاس جي پوري ٿيڻ واري ڏينهن به، حسب دستور، شام جو سر
ظفرالله موٽر ڪاهي آيو. وري ’پڪئڊلي‘ وياسين ۽
وري سئرپسار ڪري، وري وڃي آئيس ڪريم کاڌيسين. سر
ظفرالله آئيس ڪريم کائيندي، ڳالهين ٻولين ۾ چيو
ته ”تون ڪجھ ڏينهن کان مون کي موڳو ٿو لڳين.“
مون کيس چيو ته ”مون اوهان کي ان جو سبب به ٻڌايو آهي. هاڻي ته
هر ڪنهن هندن ۽ مسلمانن جا انگ اکر ۽ دليل دلائل
به ٻڌي ڇڏيا آهن. اڃا به ڪنهن کي اميد آهي ڇا،
ته سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿيندي؟ سڀڪو سمجھي ٿو ته
هندو بازي کڻي ويا.- منهنجيءَ مايوسيءَ جو سبب
رڳو اهو آهي.“
اهو ٻڌي، سر ظفرالله وري به خاموش رهيو. بهرحال، اسان گهمي ڦري
موٽياسين. مون کي فلئٽ اچي لاٿائين.
مون غمگين چهرين سان کانئس موڪلايو. اڃا فلئٽ ڏي به ٽي وکون
کنيم، ته پويان سڏ ڪيائين. موٽي وٽس ويس، پر،
پاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪا دير، ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾
خاموش ويٺو رهيو. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي، ڪارِ جي
دريءَ جو شيشو هيٺ ڪري، مون ڏي نهاريائين.
چيائين ته:
”تنهنجو ڏک ڏسي نٿو سگهان نه ته جيڪر وات مان اکر نه ڪڇان. وڃ،
غم نه ڪر. آرام سان وڃي ننڊ ڪر. انگريز وڏو
سياسي شاطر آهي. هر اهم ڳالهه جي اڳواٽ پيشبندي
ڪندو آهي. ’سنڌ کي جدا صوبو ڪرڻ يا نه ڪرڻ‘ جو
فيصلو هندو ۽ مسلمانن، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون
ٻڌي، پوءِ ڪرڻ جو اعلان ڪيو اٿس، سو، ٻئي ڌريون
مطمئن آهن. بلڪ ڏاڍيون خوش آهن. لنڊن جي گول ميز
ڪانفرنس ته رڳو انگريز جو مداريءَ وانگر هڪ
سياسي کيل آهي. درحقيقت، انگريز مستقبل ۾ پنهنجي
سياسي مفاد کي خيال ۾ رکي، سنڌ کي جدا صوبو
بنائڻ جو فيصلو ڪڏهوڪو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي، رڳو
ان جي سرڪار يطرح، رسمي نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻي
اٿس.“
سر ظفرالله، ڳالهه پوري ڪري، مون کي اشاري سان پنهنجي ويجهو
سڏيو ۽ ڪن ۾ سرُٻات ڪيو ته، ”مون کي سَرِ سلطان
محمد شاهه آغا خان اهڙي خاطري ڏني آهي.“
مان سيد امجد عليءَ کان موڪلائي حنا بيبيءَ جي ڪار ۾ هوٽل ڏي
موٽيس. ’سنڌ جي جدائي‘ بابت ٻڌل ڳالهيون، ليڪچَر
۽ ڪتابن ۾ پڙهيل مضمونَ، ذهن جي پٺئين پاسي
ويڙهي سيڙهي رکي ڇڏيم. سمورو وقت، انگريز جي
عياريءَ ۽ سندس سياسي حڪمت عمليءَ تي سوچيندو
رهيس. بت جي لونءَ لونءَ ڪانڊاربي وئي. غالب ياد
آيو:
تو اور آرائشِ خمِ ڪاڪل
مين اور انديشه هائي دُور و دراز
سيٺ هرچندراءِ، جنهن بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائي جي تحريڪ جي
شروعات ڪئي.
`
قديم سنڌ
سنڌ جو پرڳڻو جهڙو آهي پاڻ قديم، تهڙو ئي آهي سندس نالو قديم،
رگ ويد جهڙي جهوني پستڪ ۾ اِهو ئي نالو ڄاڻايل
اٿس، جنهن ڪري چئبو ته سڄيءَ دنيا جي ساهت ۾
انهيءَ کان آڳاٽو نالو ٻيو آهي ئي ڪونه.
ويدن ۾ آڳاٽو رگ ويد آهي، جنهن جي منڊل ڏهين جي سُوڪت پنجهتر ۾
انهيءَ قديم زماني جي هڪ رشيءَ اُن وقت ئي سنڌ
جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي واکاڻ جا ڍُڪ ڀريا
آهن!
اها اسان جي سنڌ ئي آهي، جنهن ۾ سڀيتا جو سج به اُنهيءَ آڳاٽي
سمي ۾ اُڀريو هو، جنهن سمي ۾ دنيا جون ڪيتريون
قومون اڃا سُمهيون پيون هيون. سجاڳ ٿيون، ته به
ڪيترو وقت سنڌ جي نفيس ململ سان پنهنجو بُت
ڍڪينديون هيون، (جنهن کي ڪوٺيندا ئي هئا
سِنڌڻِ). اهو رواج الهندي ايشيا، مصر ملڪ، سمنڊ
وارن ڪنارن، بلڪ يورپ ۾ به ڪيترن هنڌن تي رائج
هو.
هندستان ۾ سڀيتا
(Civilization)
جو ڦهلاءُ به اسان جي سنڌوماٿر جي رهاڪن ڪيو، جي
ڳالهيون ثابتين ۽ سَنَدُنِ ساڻ ”قديم سنڌ“ ڪتاب
۾ ڄاڻايون ويون آهن. پرانهان پاسا ته ڇڏيو، پر،
ڀارت ۾ پهريائين پهريائين سنڌوماٿر هئي، جنهن رگ
ويد واري قديم زماني ۾ ئي پنهنجي اعليٰ درجي جي
سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي ڪري اهڙو ته نالو ڪڍيو،
جو پوءِ سڄو هندستان
(India-Indus)
سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيا. اهو ٺپو هندستان تي
اهڙو ته هڻي ڇڏيو اٿس، جو ڪڏهن به ڪنهن جي ميٽڻ
جو ڪونهي.
کُنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي لهي نه اُن جي.
- ڀٽائي
]ڪاڪي
ڀيرومل جي ڪتابَ ”قديم سنڌ“ مان اقتباس[
|