محمد پنهل ڏهر
شيخ حاجي محمد صالح ڏاهريؒ
سوانح بابت ڪي ويچار
ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي به مشهور صوفي ٿي گذريا آهن، اُنهن ۾
درگاهه لواري شريف جي باني سلطان الاولياء خواجه
محمد زمانؒ (وفات 1188هه) کي وڏي اهميت حاصل آهي.
سندن بابرڪت فيض مان هزارن ماڻهن پرايو، ليڪن چئن
بزرگن کي خاص اهميت حالص ٿي ۽ اُنهن ي مکيه خليفن
۾ شمار ڪيو ويو. اُنهن خاص خليفن جا نالا هن طرح
آهن: شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابوطالب اگهمي،
حاجي محمد صالح ڳهرائي ۽ حافظ هدايت الله شامل
آهن.(1)
درگاهه لواري شريف جي تذڪرن کان وٺي جديد دور جي لکندڙن تائين
حاجي محمد صالح بابي ڪي قدر مواد موجود آهي. اُن
هوندي به هن بزرگ جي سوانح جي باري ۾ اڪثر غلط
بياني ڪئي وئي آهي. نه ته سندس وطنيت بابت درست
ڄاڻ ڏني ويئي آهي ۽ نه وري هن جي ڪڙم قبيلي توڙي
مدفن گاهه جي باري ۾ ٺيڪ معلومات مهيا ڪئي ويئي.
اُن پس منظر ۾ ٻارهين صدي هجريءَ جي هن صوفي ۽
عالم جي اڀياس ڪندي ڪافي مونجهارن جنم ورتو آهي.
هن مختصر مقالي ۾ حاجي صاحب بابت ڪن غلط فهمين جي
ازالي جي ڪوشش سان گڏ، سندن سوانح جي ڪن مکيه
پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويندو.
سوانح بابت ڪي ويچار:
شيخ حاجي محمد صالح جي سوانح بابت غور ڪندي اڄ به ڪي نقطا حل
طلب نظر اچن ٿا. محمد صالح ڪهڙي سن ۾ ڄائو، ڪٿي
تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين، هن جا استاد ڪهڙا هئا
۽ سندس وفات ڪٿي ٿي، اُن بابت اسان کي ڪابه خبر
ڪانهي. دستياب مواد جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته
حاجي محمد صالح 1140هه ڌاري ڄائو ۽ 1200هه جي لڳ
ڀڳ وفات ڪيائين. سندس سوانح بابت موجود مواد جي
مطالعي جي آڌار تي هي چوڻ غلط نه ٿيندو ته هن
پنهنجي دور جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. اِن طرح پاڻ
هڪ ”عالم باعمل“ جي حيثيت ۾ اسان جي آڏو اچي ٿو.
ايهو علم ئي هو، جنهن جي آڌار تي اڳتي هلي پاڻ
طريقت جي راهه تي ڪامياب وکون کنيائين. سندس علمي
حياتي بابت في الحال ڪجھ چوڻ ممڪن ڪونه، البته
گمان آهي ته تعليم مڪمل ڪرڻ پوءِ ابتدائي ڪجھ سالن
۾، پاڻ درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو هجي.
سير سفر ۽ خواجه محمد زمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ:
حضرت خواجه محمد زمانؒ (لُواري شريف) جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ۽ سندن
بيعت ڪرڻ متعلق پاڻ حاجي محمد صالح فرمائيندو هو
ته ”مان حضرت سلطان الاولياء جن وٽ اچڻ لاڳ اڳ ۾
تمام زمين روم، شام، ترڪ ۽ عرب عجم تائين حق پاڪ
جي طلب لاءِ گهمي هئي، مگر فيض، جو حضرت جن جي
صحبت ۾ طالبن کي پهچي ٿو، اُن جي چاليهين پتي به
ڪنهن ٻئي عارف يا ولي ۾ مون کي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.“
وري چيائين ته ”حضرت جن جي مريد ٿيڻ کان اڳ مون کي
ٻين اوليائن کان ايتريقدر فائدو پهتو هو، جو جڏهن
مراقبي ۾ وهندو هوس ته يڪدم منهنجو وجود ايتريقدر
وڌندو ويندو هو، جو تمام دائره زمين جو، منهنجي
آڏو هڪ گرانٺ جيترو وڃي رهندو هو ۽ منهنجي دل ۾
ايتري وسعت پيدا ٿيند هئي جو آسمان زمين ته ڇا،
بلڪ عرش عظيم به اُن جي سامهون جھرڪي جي مثال
سمجھندو هوس ۽ مون کي يقين هو ته هن کان وڌيڪ ڪا
ولايت مٿي نه آهي ۽ نڪا ٿيڻي آهي. پوءِ جڏهن حرمين
شريفين ۾ زيارت لاءِ ويس ۽ اُتي حج ڪري مديني شريف
۾ حضرت رسول ڪريمﷺ جي روضي ۾ حاضر ٿيس ۽ عرفان جي
وڌيڪ طلبن لاءِ سندن حضور ۾ عرض ڪيم، ته پاڻ ڪريم
ﷺ جن فرمايو ته جي توکي سلوڪ طئي ڪرڻو آهي ۽
ڪماليت حاصل ڪرڻي آهي ته لواري شريف واري بزرگ وٽ
وڃي حاضر ٿي، جو اسان جو پيارو آهي. اُن کان پوءِ
مان يڪدم حضرت رسول ڪريمﷺ جن جي حڪم موجب هيڏانهن
راهي ٿيس ۽ اچي خواجه صاحب جي حضور ۾ حاضر ٿيس ۽
احوال عرض ڪري حق پاڪ جي طلب لاءِ عرض ڪيم ته حضرت
جن پهريائين جيڪا نسبت ٻين اوليائن کان مون کي
حاصل هئي، سا سڀ ختم ڪري، نئين سر مون کي سيکڙاٽ
وانگر تلقين ڏيئي توجھ ڪيائون. ان بعد منهنجي دل
تي اهڙي واردات ٿي جو اڳئين نسبت، جيڪا مون ٻارنهن
سالن ۾ گهڻي مشقت ۽ محنت سان ٻين مشائخن جي صحبت
مان حاصل ٿي هئي، سا زمين ۽ آسمان جي فرق وانگر
نظر اچڻ لڳي. مطلب ته زماني جي شروعات کان وٺي هن
ملڪ ۾ اهڙو ڪامل شيخ پيدا نه ٿيو آهي. سلطان
الاولياءَ مون تي توجهه ڪرڻ کان پوءِ مون کان پچيو
ته اهڙو توجھ ڪٿي ڏٺئي؟ مون عرض ڪيو ته سڄيءَ زمين
۾ مون کي هن توجھ جهڙي بوءِ به ڏسڻ ۾ نه آئي. اُن
بعد خواجه صاحب پاڻ فرمايو ته هي توجھ خاص حضرت
رسول ڪريمﷺ جن جي زماني ۾ هو ۽ وري اسان وٽ آيو
آهي.“(2)
وري ٻئي هنڌ حاجي محمد صالحؒ فرمائي ٿو ته مان حق ۽ مرشد ڪامل
جي تلاش ۾ پورا ٻارنهن سال، سارو هندستان،
ترڪستان، خراسان، روم، عرب ۽ عجم ۽ جتي به ڪنهن
مرد ڪامل لاءِ ٻڌم ته اوڏانهن ڊورڙي پيم ۽ سندس
خدمت ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪيم. ليڪن، ”اين فيضن که
در صحبت حضرت ايشان بطالبان مير سد هيچ جانديدم.“
(يعني اهڙو فيض، جيڪو حضرت جي صحبت مان طالبن کي
ملي ٿو، ڪٿي به نه ڏٺم).(3)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ته ”شيخ حاجي صالح ڳهرائي
پنهنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو سير ۽ سياحت ۾ صرف ڪيو.
ڏيساور ڏوري مشهور مشائخن جي صحبت ڪري معرفت حاصل
ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر ڪٿان به سندس اُميد
پوري نه ٿي. آخر وڃي مديني نڪتو. روضي مبارڪ جي
زيارت ڪنددي پيغمبرﷺ وٽان الهام ٿيس ته لُواريءَ ۾
ئي تنهنجي من جي مراد پوري ٿيندي. اوڏانهن وڃڻ شرط
لحظي ۾ علم لدني جو اڻ ميو خزانو حاصل ٿيندءِ. هن
هدايت پٽاندر سٽيندو ساڻيهه ڏي آيو ۽ لواري ۾ پهچي
حضرت جن کان ارشاد ورتائين. جهٽ ۾ رچي ريٽو ٿيو، ۽
ڦڙيءَ مان ڦري درياءَ تي پيو.“(4)
ڪشف ۽ ڪرامتون:
حضرت حاجي محمد صالح، حضرت خواجه محمد زمانؒ جي خدمت ۾ اچڻ کان
اڳ به ولايت جو صاحب هو ۽ جڏهن وري حضرت خواجه
صاحب جي صحبت ۾ آيو ته ڪمال جو صاحب ٿي ويو. هڪ
بياض ۾ لکيل آهي ته ”بزرگ حاجي محمد صالحؒ ساکن
مکان کهر، مريد بزرگ محمد زمان است. صاحب ذکر و
فيض مند بود، و مردم که از وي فيضياب شده بودند و
صاحب صفا و کشف و جذب بود.“(5)
صاحبِ ”فردوس العارفين“ سندس شان ۽ مقام هن طرح لکيو آهي ته
”صاحب همت خالي از تهمت شجاع طريقت حاجي صالح
سکرندي الکهرائي نيز از جمله خلفاءِ اربع، حضرت
ايشان است و اندر فنون کرامات شاني عظيم داشته،
صاحب مجاهدات بوده، ويرا آيات و مناقبات بسيار
بوده است.“(6).
”تحفه لواري شريف“ ۾ لکيل آهي ته ”هڪڙي فقير ڳالهه ڪئي ته هڪڙي
ڏينهن خواجه حاجي محمد صالحؒ کڙائي وٽ ويٺو هوس ته
اوچتو پاڻ کلڻ لڳا، ته مون کلڻ جو سبب پڇيو. پاڻ
مون ڏي نهاري فرمايائون ته هن وقت حضرت شيخ ابو
طالب اگهميؒ جو حال پئي ڏٺم، جنهن ڪري کل آئي.
سندن گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪابه شيءِ موجود ڪانهي.
درياءَ تي مڇين جي شڪار تي به ويو هو، پر اڃا
تائين اُتان ڪوبه شڪار هٿ نه آيو اٿس. ملائڪ سڳورا
دنيا کي سينگاري سندن آڏو پيش ڪن ٿا ته خواجه صاحب
انڪار ۾ مٿو ڌوڻي ٿو. جي اُن دنيا کي ساڄي پاسي
کان ٿا آڻين ته هو کاٻي ٿو نهاري. وري جو کاٻي
پاسي کان ٿا آڻين ته هو وري ساڄي پاسي ڪنڌ ٿو
ڦيرائي، جنهن کان پوءِ ملائڪ ۽ دنيا نااُميد ٿي
واپس هليا ويا.
بنده پير حرا باتم که درويشان را،
گنج را از بي نيازي خاک برسر ميکند.“(7)
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته ”هي جرئت وارو، داناءُ ۽ وڙائتو مڙس
هو. حضرت جن جي اصحابن منجھان جهڙس ڪرامت جو صاحب
ڳوليو لڀندو.“(8)
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته ”شيخ محمد صالح ڳهڙائي وڏي همت
۽ گهڻي قوت، صاحب فراست ۽ ڪرامت وارو درويش، خواجه
محمد زمان بزرگ لواري جي خليفن مان آهي. هن بزرگ ۾
فراست هن حد تائين وڌيڪ هئي جو هڪ دفعي لواري شريف
ڏانهن پنهنجن دوستن سان گڏجي آيو ٿي. حيدرآباد کان
اچي لنگهيا ته اُتي ٻاهران ڪيترا ڇوڪرا راند ڪري
رهيا هئا. درويش اُتي بيهي رهيو ۽ ڇوڪرن کي چتائي
ڏسڻ لڳو. هنن ۾ مير غلام علي ٽالپور (مير فتح عل
يخان جو ڀاءُ) به بيٺل هو. اُن کي ڏسي چيائين ته
”هي ڇوڪرو سنڌ جو حاڪم ٿيندو، مگر افسوس جو سندس
عملن مان ڪجھ به قبوليت جي درتي تي ڪونه رسندو.“
شيخ محمد صالح هميسه قبلي ڏانهن مُنهن ڪري گوڏا ڀڃي ويهندو هو.
جڏهن موت جي سڪرات شروع ٿيس، تڏهن به دوزانو ويٺل
هو. چيائين ته جيڪڏهن مون کي دفن نه ڪريو ۽ منهنجي
بدن جي حفاظت ڪريو ته آءٌ ائين قيامت تائين صحيح
البدن رهي سگهان ٿو. سندس فرزند گچيو ته اسان ائين
ڪرڻ کان لاچار آهيون، ڇو ته دنيا ۾ اوچتو حادثا
ٿيندا رهن ٿا، انسان لاش کي ڪيتري وقت تائين سانڍي
سگهندو. سندس فرزند جو چوڻ آهي ته ائين ئي گوڏا
ڪيو ويٺو هو ته سندس روح پرواز ڪري ويو. جڏهن سندس
لاش قبر ۾ ليٽايو ويو ته اُن وقت به سندن پير سڌا
نه هئا، بلڪ ائين محسوس ٿيو ڄڻ پاڻ زندگي ۾ مراقبي
اندر آهن.“(9)
شمشاد علي وارثي ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکن ٿا ته ”حضرت خواجه
محمد زمانؒ جي مريدن مان سڀ کان زياده صاحبِ ڪرامت
شيخ حاجي محمد صالح کڙائي هو.“(10)
رياضت:
حضرت حاجي محمد صالحؒ جي رياضت ۽ مجاهدي جو هيءُ عالم هو، جو
پنهنجي مرشد جي حڪم سان پاڻ لڳاتار ٽي سال هڪ جاءِ
تي ويهي نفي- اثبات جو ورد ڪيائين. پوءِ کيس مرشد
حضرت محمد زمانؒ پنهنجي توجھ سان عروج ۽ ترقي جي
اعليٰ مرتبن تي پهچائي ڇڏيو ۽ کيس ڪمالات جي ڪيترن
قسمن ۾ مشغول رکڻ فرمايو.
مرشد جي ڏنل سبق يعني ذڪر نفي- اثبات جي مشق ڪندي ڪندي پاڻ
انهيءَ مقام تي پهچي ويو، جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڪيئي
هزار دفعا نفي- اثبات جو ورد ڪندو رهندو هو.(11)
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته ”ذڪر ڪندي حبس دم جي ايڏي مشق
هوندي هيس جو لااِلہ چئي برابر اٺ پهر دم نه کڻندو
هو. اٺن پهرن کان پوءِ الاالله چوندو هو.“(12)
مرشد جو احترام:
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ”حاجي محمد صالح پنهنجي مرشد جو
وڏو اعتقاد رکندڙ شخص هو. خود مرشد به هن کي تمام
گهڻو ڀائيندو هو.“(13)
صاحبِ ”مرغوب الاحباب“ لکي ٿو ته ”منهنجي هڪ عزيز مون کي ٻڌايو
ته مون خواجه محمد زمانؒ جي خدمت ۾ اچي پنهنجي
ڪنهن دنياوي ڪم لاءِ عرض ڪيو. حاجي محمد صالح به
اُتي خدمت ۾ موجود هو. هن مون کي منع ڪيو ته مرشد
جي حضور ۾ دنياوي ڪم لاءِ عرض ڇو ڪيئي. اُن تي
مرشد خواجه کيس تنبيهه ڪندي فرمايو ته دنياوي ڪم
ڪار لاءِ ڪو ٻيو پير مرشد نه وٺجي، بلڪ دنياوي ڪم
ڪار لاءِ به اُنهي ئي مرشد حقيقي ڏانهن رجوع
ڪجي.“(14)
تذڪره نگار لکن ٿا ته ”حاجي محمد صالح، پنهنجي مرشد جي رهائش
يعني لواري شريف جو ايترو ته احترام ڪندو هو، جو
ڪڏهن به اوڏانهن پير ڊگها نه ڪندو هو. سندس وڏو پٽ
شيخ سيف الدين فرمائي ٿو ته منهنجي والد صاحب جڏهن
لواري شريف جي بزرگن جي بيعت ڪئي. ان بعد سڄي
زندگي ڪڏهن به لواري شريف ڏانهن پير ڊگھا نه ڪيا.
پاڻ سفر ۾ هوندو هو يا حضر ۾، گهر ۾ هوندو هو يا
ٻاهر، ليڪن انهيءَ ادب جو هر وقت خيال رکندو هو.
هڪ ڏينهن مون کيس عرض ڪيو ته هن وقت ته اوهان سڀ
ڪجھ ڪري رهيا آهيو، ليڪن مرڻ کان پوءِ ڪيئن ڪندا.
اُنهيءَ مهل ته اوهان جا پير لازماً لواري شريف
طرف ٿيندا. ته پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته ”ٻيو جهان
تڪليف يا ادب جو جهان نه آهي. مگر اُتي به ادب سان
رهندس. اوهان اُن جو ترجربو ڪري ڏسجو. الله تعاليٰ
مون کي انهيءَ بي ادبي کان بچائي، جو منهنجا پير
لواري شريف جي طرف ٿين. جڏهن منهنجو موت ايندو،
زماني وارا ڏسندا ۽ تعجب ڪندا.“ واقعي ائين ئي
ٿيو. جڏهن سندس وصال ٿيو ته کيس قبر ۾ سمهاريو ويو
ته سندس پير واقعي سڌا نه هئا، بلڪ ائين محسوس ٿي
رهيو هو، جيئن پاڻ زندگيءَ ۾ مراقبي ۾ مصروف هوندا
هئا.(15)
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته ”چون ٿا ته لواريءَ طرف ڪڏهن به پير
ڊگها نه ڪيائين. اوڏانهن گوڏن ڀر رڙهي زيارت لاءِ
ويندو هو.“(16)
اولاد:
هن بزرگ کي اولاد ڪيترو هو، اُن متعلق تذڪرا زياده تر خاموش
آهن، ليڪن چند تذڪره نگارن فقط سندس هڪ وڏي پٽ جو
نالو شيخ سيف الدين لکيو آهي.(17) سائين بخش
قبولائي اُن جو نالو خواجه سيف الله ڄاڻايو آهي.
وڌيڪ لکي ٿو ته ”خواجه سيف الله، ٻارهين صدي جي
آخر ۾ 27 ربيع الاول تي وصال ڪري ويو.“(18)
همعصر بزرگن سان رهاڻيون ۽ خط و ڪتابت:
شيخ حاجي محمد صالحؒ پنهنجي وقت جو هڪ جليل القدر عالم ۽ ولي
ڪامل هو. همعصر بزرگن سان سندس روحاني رهاڻيون، ۽
خط و ڪتابت به ٿيندي هئي. بزرگن مان مخدوم شهيد
فقير عبدالرحيم گرهوڙيؒ به هڪ آهي، جيڪو سندس پير
ڀائي ۽ دوست به هو. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو
هڪ خط (هن مضمون سان گڏ) ڏجي ٿو، جيڪو هن حاجي
محمد صالحؒ ڏانهن لکيو هو، جنهن ۾ تصوف جي اپٽار
ٿيل آهي.
شيخ حاجي صالح ڏاهري کڙائي قدس سره ڏانهن. فرمان الله تعاليٰ جو
آهي. مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن (پاڻ ۾ يعني رابطه ۽
اسلامي محبت سان ڳنڍيل آهن. هر رشتو تمام دنياوي
رشتن کان مضبوط تر آهي)
حديث: فرمايو الله تعاليٰ جي رسول اللهﷺ ته سڀيئي مومن منهنجا
ڀائر آهن. فرمايو آهي مولوي مثنوي واري ته الله
تعاليٰ جا ڪامل ٻانها هڪ وجود وانگر آهن. عام طور
ماڻهون بگهڙن ۽ ڪتن وانگر الڳ جنس آهن.
(مطلب ته الله تعاليٰ جا (خاص) ٻانها جسم جي عضون وانگر هڪ آهن،
باقي عام ماڻهو بي احساس ۽ بي مروت آهن)
حديث: فرمايو الله تعاليٰ جي رسول اللهﷺ ته جنهن کي الله تعاليٰ
جي رحمت کان نااميد ڪيو ويو ۽ گاريولن ڏنيون ويون.
الله تعاليٰ انهن تي رحمت فرمائي ٿو. پوءِ هن حديث
مان معلوم ٿئي ٿو ته فقيرن جو خدمتگار اُهو ماڻهو
هجي، جيڪو ٽن ٽولن جي خدمت ڪري. نون طالبن کي
تلقين ڪري ته جيئن واٽ ڏسي الله تعاليٰ جي ۽ وچولن
کي ڳالهه صاف ٻڌائي ته فاسد خيالات کان ڇوٽڪارو
لهن. نيڪن کي سختي ڪري، ڇو ته درياءَ اُنهن جو جوش
۾ اچي، جو گهر ٻين جا آباد ڪن. جهڙي طرح سڪل گاهه
کي بادشاهن جي باغ کان پٽي ٻاهر ڦٽو ڪندا آهن. مرد
اهو هجي، جو درد سان هجي. جيئن فرمايو حافظ
شيرازيؒ:
اي دل! درد جي عادت ڪر، دوا جو نالو نه پڇ، ڇو ته خراسان جي
جبلن جي برف اونهاري جي سخت گرمي کان سواءِ درياهه
۾ نه وهندي آهي. سختي وليءَ تي تڙندڙ باغ مثل آهي،
جو خادمن جي سختين کي به خدمت سمجھندا آهن ۽ اجورو
خادمن جو بزرگن تي لازم آهي. زياده سلامتي.(19)
خاندان ۽ رهائش:
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ”مقامي روايتن موجب ميان محمد
صالح جو تعلق ”ڏاهري“ قبيلي سان آهي........ هي
پنهنجي برادريءَ جي راڄڙ پاڙي مان هو.“ سائين بخش
قبولائي به کيس ”ڏاهري“ ڄاڻائي ٿو.(20)
حاجي محمد صالحؒ جي رهائش متعلق مختلف تذڪره نگارن جا مختلف
بيان آهن. جهڙوڪ: فردوس العارفين واري صاحب کيس
”سکرندي الکهرائي“، ڊاڪٽر گربخشاڻي ”ڳهرائي“،
مولانا دين محمد وفائي ”ڳهرائي“، آئينه اولياء
لواري واري صاحب ”کهڙائي“ ۽ صاحبزاده ابوالخير
محمد زبير کيس ”گهڙائي“ لکيو آهي. هي صاحب وڌيڪ
لکي ٿو ته ”پاڻ موجوده تعلقي موري ۾ دولت پور کان
ميل مٿي طرف کهڙا نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو.“ چوڌري
شمشاد علي وارثي وري ”کڊاهي“ لکيو آهي.
ڪتاب ”تحفه لواري شريف“ جو مرتب لکي ٿو ته ”ڪتاب ’لواري جا لال‘
۾ شيخ حاجي محمد صالح ڳهرائي لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو
ته ’کڙائي‘ کي ’ڳهرائي‘ ڪري لکيو ويو هجي.“(21)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سندس رهائش ۽ خاندان متعلق ڄاڻائي ٿو ته
”شيخ حاجي محمد صالح جي وطنيت اصل ۾ ’کَڙ‘ جي بستي
آهي. ’کَڙ‘ جو تاريخي ماڳ مڪان اڄ به موجود آهي.
هي ماڳ موجوده دولت پور صفن (نوابشاهه ضلعو) کان
اوڀر طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي قائم آهي.......
’کڙ‘ جي نسبت سان حاجي صاحب کي ’کڙائي‘ سڏڻ کپندو
هو. اُن جو مطلب ته هي بزرگ ”کڙ“ صاحب جو رهاڪو
هو...... مقامي طور تي عام ماڻهو هن بزرگ کي ميان
حاجي صالح سڏيندا آهن. ميان صاحب جو ماڳ مڪان ”کڙ“
هو. پر پوءِ جي دور ۾ سندن اولاد ۽ مٽ مائٽ هي
بستي ڇڏي ويا ۽ حاجي ۽ ساڳئي علائقي ۾ پنهنجو ڳوٺ
ٻڌائون. هي ڳوٺ عنايت الله ڏاهري جي نالي سان سڏجي
ٿو. ميان حاجي صالح جي خاندان جو تعلق اڄ سوڌو
درگاه لواري شريف سان قائم آهي. جيئن ته حاجي محمد
صالح جو سمار درگاهه جي هڪ مکيه خليفي طور ٿيو ٿي،
اُن پس منظر ۾ خود هن بزرگ به مريديءَ خادميءَ جو
پنهنجو سلسلو شروع ڪيو. سندس مريد خادم لاڙ تائين
موجود هئا. تازي دور ۾ فقير امام بخش ڏاهري پنهنجن
مريدن خادمن کي سنڀاليندو آيو، پر سندس وفات کان
پوءِ هي سلسلو اٽڪل روءِ پورو ٿي چڪو آهي.“(22)
مدفن گاهه:
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو لکي ٿو ته دولت پور صفن ۽ کڙ جي وچ تي
بهارڪور ڳوٺ اهي. هن ڳوٺ جي اُتر ۾ ڪجھ مفاصلي تي
هڪ قبرستان موجود آهي، جو ميان حاجي صالح جي نالي
سان سڏجي ٿو. هن مقام ۾ خود شيخ حاجي محمد صالح
دفن ٿيل آهي. حاجي صاحب جي آخري آرامگاه جي چوڌاري
ڪوٽ ڏنل آهي، جنهن کي هاڻي سِم ۽ ڪلر کائڻ شروع
ڪيو آهي. ميان صالح جي مزار ڳاڙهي ڀوري پٿر جي
ٺهيل آهي. قبر تي ڪوبه ڪتبو ڪونهي، اندر ڪي ٻيون
به قبرون آهن، جي سندس عزيزن جو چيون وڃن
ٿيون.“(23)
حوالا
(1) ”ابيات سنڌي“، حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان، از
پير سعيد حسن، ڇاپو پهريون، 1981ع، ڪراچي، صفحو
14.
- سلطان الاولياءَ سيمينار، 1986ع، ڪراچي، مرتب محمد پناهه
ڦرڙو، ناجيه شاگرد تنظيم (نشات)، جماع لواري شريف،
صفحو 17.
- تذڪره اولياءَ ڪرام نقشبنديه لواري شريف، مرتب چوڌري شمشاد
علي وارثي، ڇاپو پهريون، 1400هه، جماعت انتظاميه
لواري شريف، صفحو 21.
- ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر-ڊسمبر 2000ع، مقالو
”شيخ ميان حاجي محمد صالح ڏاهري“، از ڊاڪٽر غلام
محمد لاکو، صفحو 31، 32.
(2) سائين بخش قبولائي جو موڪليل قلمي مواد.
=
مرغوب الاحباب (قلمي) از مير نظر علي ٽالپور،
صفحو 33.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصي دوم، از ڊاڪٽر
صاحبزاده ابوالخير محمد زبير، ڇاپو پهريون، 1997ع،
(رڪن اسلام پبليڪيشن حيدرآباد، صفحو 383، 384.
(فارسي عبارت)
شيخ صالح کهرائي گفتہ که من پيش از حضرت خواجه اکثر زمين گرديده
ام از رُوم و شام وعرب وعجم وترک وتاجک عشر عشر
اين آفاق هم هيچ جا نديده ام وهم وي گفتہ که پيش
از ملازمت ايشان از صحبت مسائخ روزگار آن قدر
محفوظ بودم که چون مراقب مي گشتم وجود من منبسط مي
شد حتيٰ که دائر زمين پيرا مون من تخميناً باالشت
باقي مانده است ال تصرفي که نمودند اين بودکه آن
حالت را بمجرد بقيہ از من سلب کردند هرچند خودرا
جمع کردم هيچ اثري ازان نسبت باز ظاهر نه شد- لابد
ملتجي شدم...... چون مبتدي از سر تو تلقين کردند
في الفور قعودي افتاده چون توان گفت از خصوصيت آن
نسبت بحال سابق.
(3) سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 383.
(4) لواري جا لال؛ از ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڇاپو ٽيون
1987ع، لواري شريف ادبي ڪاميٽي، لواري شريف، صفحو
80.
=
اولياءِ لواري شريف (اردو ترجمو) مترجم عبدالڪريم
جان محمد ٽالپور، ڇاپو پهريون 1975ع، انتظاميه
درگاهه لواري شريف، صفحو 70-71.
=
ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد. ماه نومبر، ڊسمبر
2000ع، صفحو 32 ۽ 34.
=
تذڪره اولياءِ ڪرام نقشبنديه لواري شريف، صفحو 23.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصو دوم، صفحو 384، 385.
(5) بياض غنبل شاهه (قلمي) 1284/1877ع، ملڪيت ڪتب خانه مفتي
عبدالرحيم سڪندري، شاهه پور چاڪر، صفحو 146.
(ترجمو: بزگ حاجي محمد صالحؒ کڙ جو رهندڙ هو. بزرگ خواجه محمد
زمان جو مريد هو. ذڪر ۽ فيض جو صاحب هو ۽ ڪيترائي
ماڻهو کانئس فيضياب ٿيا هئا ۽ ڪشف ۽ صفا جو صاحب ۽
مجذوب هو)
(6) فردوس العارفين (قلمي)، بحواله: سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه
دوم، صفحو 384.
(7) تحفه لواري شريف، مرتب غلام محمد بلگرامي، ڇاپو پهريون
1975ع، انتظاميه جماعت لواري شريف، صفحو 42-43.
=
سائين بخش قبولائي جو موڪليل قلمي مواد.
(8) لواري جا لال، صفحو 80.
=
اولياءِ لواري شريف (اردو ترجمو) صفحو 71.
=
ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر، ڊسمبر
2000ع، صفحو 32.
=
تحفه لواري شريف، صفحو 41.
=
آئينه اولياءَ (سنڌي ترجمو) مترجم- پير فيض محمد
دمائي ۽ محمد ابراهيم عباسي. ڇاپو پهريون 1974ع،
انتظاميه جماعت درگاهه لواري شريف، صفحو 80.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم. صفحو 383.
(9) تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، از مولانا دين محمد وفائي،
ڇاپو پهريون 1986ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، صفحو
132-133.
=
ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر-ڊسمبر
2000ع، صفحو 33.
=
آئينه اولياءِ (سنڌي ترجمو) صفحو 80.
=
تحفه لواري شريف، صفحو 41.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 382.
(10) تذڪره اولياءِ نقشبند، لواري شريف، صفحو 23.
=
ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر، ڊسمبر
2000ع، صفحو 34.
(11) فردوس العارفين (قلمي) از مير بلوچ خان ٽالپر، بحوالا: سنڌ
کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 383-384.
(12) تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، صفحو 132.
=
ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر، ڊسمبر
2000ع، صفحو 33.
(13) ماهوار ”السنڌ“ اسلام آباد، ماه نومبر، ڊسمبر 2000ع، صفحو
34.
(14) مرغوب الاحباب، صفحو 52.
(فارسي عبارت مرغوب الاحباب)
نقل- عزيزي گفت که پيش ايشان عرض کردم کار خود را حاجي صالح
حاضر خدمت بود، مرا منع کرد که در حضور مرشد از
اُمور دنياچه عرض عرض مي کني؟ وي راتنبيہ کردند که
برائي دنيا پير ديگر نخواهد گرفت البتہ مدد درکار
هائي دنياوي خود نيز خواهد خواست.
(15) تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، صفحو 132.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 382، 383.
=
تحفه لواري شريف، صفحو 41.
=
آئينه اولياءِ (سنڌي ترجمو) صفحو 80-81.
=
ماهوار ”السنڌ“ ماه نومبر، ڊسمبر 2000ع، صفحو 33.
(16) لواري جا لال، صفحو 80-81.
=
اولياءَ لواري شريف (اردو ترجمو) صفحو 71.
(17) تحفه لواري شريف، صفحو 41.
=
آئينه اولياءَ (سنڌي ترجمو) صفحو 80.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 382.
(18) سائين بخش قبولائي جو موڪليل قلمي مواد.
(19) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، از سائين بخش قبولائي، ڇاپو
پهريون 1998ع، مولوي محمد عظيم ڪتب خانه شڪارپور،
صفحو 74-75.
(نوٽ: اصل خط فارسي ۾ لکيل آهي، جنهن جو عڪس هت شامل آهي.)
(20) ماهوار ”السنڌ“ ماه نومبر، ڊسمبر 2000ع، صفحو 35-36.
=
سائين بخش قبولائي جو موڪليل قلمي مواد.
(21) فردوس العارفين (قلمي) بحواله، سنڌ کي صوفياءِ نقشبن، حصه
دوم، صفحو 384.
=
لواري جا لال، صفحو 80.
=
اولياءَ لواري شريف (اردو ترجمو) صفحو 70-71.
=
تذڪره مشاهير سنڌ، جلد ٽيون، صفحو 132.
=
آئينه اولياء شريف، ص 80.
=
سنڌ کي صوفياءِ نقشبند، حصه دوم، صفحو 382.
=
تذڪره اولياءِ ڪرام نقشبنديه لواري شريف، صفحو 21.
=
تحفه لواري شريف، صفحو 40.
(22) ماهوار ”السنڌ“، ماه نومبر، ڊسمبر 2000ع، صفحو 35-36.
(23) ساڳيو، صفحو 35. |