سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :12

”تون هميشه ’بزم وصل‘ ۾ رهيو آهين، توکي ”درد هجران“ جي ڪهڙي خبر ۽ ”غم جان“ جي ڪهڙو پتو؟

”سڄي عمر، راحت کان سواءِ تو ڪابه چيز ڪانه ڏٺي آهي. ان صورت ۾ مزدور ۽ هاريءَ جي محنت ۽ مصيبت جي توکي ڪهڙي خبر؟

”تنهنجي دل ۽ دماغ، جذبن ۽ وجدان تي ”رپيو“ طاري آهي، توکي حقيقي جذبن ۽ وجدان جي ڪهڙي خبر؟

”تون ريشم، مخمل، اطلس ۽ ڪيمخواب ۾ ملبوس ٿو رهين، توکي اُن ”عريان تن“ جي ڪهڙي خبر جو گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ ”اگهاڙو“ رهي ٿو؟

”تون انساني احساسن کان خالي آهين، ان صورت ۾ مزدوري ڪندڙ، اهل ڪمال ۽ اهل هنر ماڻهن جي مصيبتن جي توکي ڪهڙي خبر؟“

- ابوالقاسم لاهوتي

 

 

ڪهاڻيون

”اڄ اسان جو ملڪ هڪ ويران بيابيان آهي، جنهن ۾ شادابيءَ ۽ زندگيءَ جو نالو نشان به نه آهي؛ ملڪ جو ذرو ذرو ڏک جي تصوير بنيل آهي. اسان کي انهيءَ ڏک ۽ پِيڙا کي مٽائڻو آهي، ۽ نئين سر زندگيءَ جي چمن ۾ آبياري ڪرڻي آهي. اديب جو فرض هجڻ کپي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي، بيداريءَ ۽ جوش جا گيت ڳائي، هر انسنا کي اُميد ۽ خوشيءَ جو پيغام ٻڌائي ۽ ڪنهن کي نااُميد نه ٿيڻ ڏئي. ملڪ ۽ قوم جي خيرخواهيءَ کي ذاتي غرضن تي ترجيح ڏيڻ جو جذبو هر ننڍ وڏي ۾ پيدا ڪرڻ اديب جو عين فرض هجڻ کپي، قوم، سماج ۽ ادب جي بهبوديءَ جو قسم! جيستائين هر بُکيو، پيٽ ڀري نه کائيندو، ان وقت تائين دنيا جو مستقبل روشن نٿو ٿي سگهجي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته پهرين اوهان کي پنهنجي مُوڙي ڇُوٽ هٿن سان لُٽائڻي پوندي، ۽ پوءِ وڃي اوهين انهيءَ لائق بنبا جو دنيا کان ڪنهن معاوضي جي تمنا ڪريو- ليڪن پنهنجو پاڻ مٽائڻ ۾ جيڪو لطف آهي، اُن کان اوهين محروم نه رهجي وڃو!   

ـ ٽئگور


 

حميد سنڌي

 

ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن

 

عاشق اُن ڏينهن منهنجي سامهون جيتريون ڦيريون پاتيون ۽ هن ننڍڙي فليٽ جا جيترا چڪر ڏنا، شايد ايترو پنڌ روڊن تي به هُن نه ڪيو هوندو. هو بي چين روح جيان کنڀڙاٽيون هڻندو هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري، ننڍڙي اڱڻ ۾ پيل بالٽين، پکڙيل ٿانون ۽ ڍير ميرن ڪپڙن کي لتاڙيندو مون تائين پهچي مون تي اڻ لکي نظر وجهي وري الوپ ٿيو وڃي. جڏهن ساڻو ٿيو ته منهنجي سامهون پلنگ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڊگها وڏا ساهه کڻڻ لڳو. اوچتو مون ڏي گهوري ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين:

”اهو سڀ تون آهين، تو ئي منهنجو ٺانٺو ڦِٽايو آهي. نه تون اِهي روايتي Wisdom وارا Golden Word پنهنجي مُنهن مبارڪ مان ڪڍين ها، نه هيئن ورهين جو ساٿ ٽٽي ها. خبر اٿئي، اڄ ڪائون ڏينهن ٿيو آهي جو هوءَ نه آئي آهي. ميان! اٺ ڏينهن ٿي ويا آهن. مون سندس منهن ناهي ڏٺو. مان هاڻ کيس ڪاٿي ڳوليان. هوءَ پراڻو گهر به ڇڏي ويئي آهي. توکي خبر آهي Wise Man.“

مان ماٺ ڪيو سندس منهن ۾ ڏسندو رهيس. اوچتو هو ٿڌو ٿي ويو: ”تون ڪو ڏس پنڌ ڏئي. اڳي به تو ئي ٻُڏل ٻيڙا تاريا هيا. تون ئي اسان جو Wise Mand آهين.“

مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان ته تو پاڻ پنهنجو ٺانٺو ڦِٽايو ۽ هاڻ مون کي ٿو ڏوهاري قرار ڏين.

هو ساڻو ٿي پلنگ تي پئجي رهيو هو. مان آهستي آهستي اُتان اُٿي فليٽ جي ٻئي ڪمري ۾ پيل کٽ تي پئجي رهيم. هو هوڏانهن ڦٿڪي رهيو هو، هيڏانهن مان ماٺ ميٺ ۾ يادگيرين جي ڄار ۾ وڪوڙيو ويس.

عاشق ۽ منهنجي دوستي اڄ جي ڪانه هئي، ننڍي هوندي جي ياري هئي. ڪو وقت گڏ پڙهيا هياسين. پوءِ هو پنهنجي والد سان نوڪي سانگي، سنڌ جا ڪئين شهر لتاڙي، نيٺ اچي هن شهر ۾ مليو هو. مان به پڙهڻ سانگي سنڌ جي هوائن ۾ اُڏامندو هن شهر ۾ اچي نڪتو هوس. بابي هيءُ مسواڙ تي فليٽ وٺي ڏنو هو ته اڃان به پڙهان ۽ پڙهي وڏو آفيسر بڻجان. پڙهيم به پئي ته نوڪريون به ڪيم پئي.

شهر جون دوستيون- سو جُڙي وري ڊَهن، ۽ ڊَهي وري جُڙن. هڪ پکيءَ وانگر هوائن سان گڏ پئي اُڏريس. ڪڏهن مٿي آسمانن تي ته ڪڏهن هيٺ پَٽ تي. جواني جو ڪوڙو جوش. ڪنهن تي اک پئي ناهي. موهه کنيو وڃي ۽ وڃي سُهڻن جي در ٻاهران بيهاري. دريءَ جو ديدار ڪيو، لڙي پهر موٽان ته عشق ۾ ٻُڏل. رات جو خواب ئي خواب. عجيب زندگي هئي. اوچتو عاشق ڳولي لڌو. هيءُ حال ڏسي کِلي پيو.

”دلبر، هميشه جيان خوابن جا سوداگر، آخر تيرا ڪيا هوگا ڪاليا.“

کلي مون به اُردو ۾ ئي جواب ڏنو: ”يار اسان جو ته هيءُ حال آهي. نه خدا هي ملا نه وصال صنم، نه اِدهر کي رهي نه اُدهر کي رهي.“

”ڏس سهڻا، زندگي زندهه دل ماڻهن وارن لاءِ آهي. هڪ دفعو ملي آهي، وري نه ملندي. جواني به هڪ دفعو ايندي آهي، موٽ کاڌائين ته هٿ نه ايندي. شاديءَ کان اڳ واري زندگي اسان جي پنهنجي زندگي آهي، خاص طرح جوانيءَ وارو دؤر. پيارا، رُڳو خيالي عشق ڪبو يا دردناڪ چٺيون لکبيون يا دريءَ وارن جو اشارن وارو ديدار ڪبو، اِهو سڀ بيڪار آهي، مون کي ڏس!“

مون ڏانهنس نهاريو. سهڻو مست اکين وارو مست ڪندڙ جوان. مون کي ڄاڻ هئي ته سندس اکين جي تيک آڏو ڪيتريون ئي سهڻيون بيهي نه سگهنديون هيون. سندس مٺن ٻولن تي به عاشق، ته سندس ٺاهه ٺُوهه ۽ ڪپڙي لٽي جي بيهڪ به کين وٽس ڇڪي ايندي هئي. مان سندس گاڏيءَ ۾ ڪيترا ئي سهڻا مهانڊا ڏسندو هيس. ڪيترن ئي گهرن ۾ سندس اچڻ وڃڻ به هيو. سندس ڳالهين ۾ ڪيترين ئي حسينائن جو ذڪر هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن نازنين جي ڳالهه ته ڪڏهن ڪيترا ئي سلميٰ ستارا ڌرتيءَ تي لاهي ايندو هو.

هڪ ٻه دفعا هُن چيو ته مان پنهنجي ڪنهن پرينءَ کي هِت وٺي اچان. مون کيس سختي سان جهلي ڇڏيو. گهريتڙي ٻار هجڻ سان گڏ، خاندان ۽ بابي جي ناموس جو خيال، اوڙي پاڙي جو ڊپ. مون کيس ناڪار ڪندي چيو:

”ڏس عاشق! منهنجي دنيا پنهنجي آهي ۽ تنهنجي پنهنجي. مون کي اِنهيءَ جواني جي اُبتن نشن ۾ مبتلا نه ڪر. هتي ڪير به نه ايندو. دوست، مٽ مائٽ اچي سگهن ٿا پر ڪا حسين نازنين، ماهه جبين نه ايندي. يهان ڪوئي نهين ڪوئي نهين آئي گا، سمجھيئه.“

“I don’t know when you will grow up.” عاشق ڀڻڪيو.

هڪ ڏينهن آيو ته چُپ هيو. سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. هونئن ئي پاڻ ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجا تازا ڪارناما ٻڌائيندو هو ته مان ماٺ ڪيو ٻُڌندو هُيس. اڄ جو هو چپ هيو ته مون به کڻي ڳالهايو.

”عاشق سائين! ڇا ڳالهه آهي؟ لڳي ٿو ته اڄ سڀ عاشق حسينائون ماهه جبينون شهر ڇڏي ڪنهن پڪنڪ تي هليون ويون آهن.“

هو ٻُڏو پيو هو. نيٺ آهستي ڀڻڪيو ۽ چيائين:

”يار هنن حسينائن جي رولڙن ۽ ڌِڪن ماري ڇڏيو آهي. مان سوچيان ٿو ته هڪ Permanent بندوبست ٿيڻ کپي.“

”توکي هونئن به مستقبل بندوبست جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو اصل عشق مبارڪ شل دائم قائم رهي. پنهنجي مڱيندي تو وٽ موجود آهي، پوءِ توکي اِنهن لؤڻن هڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڇو اچي خوار خراب ٿيون آن؟ تنهنجو اِهو مڱڻو به تنهنجي عشق ۽ محبت جو وڏو ۽ پُراڻو نشان آهي. ڀلا ڪڏهن ٿو شادي ڪرين ته جان ڇُٽي.“

يڪدم جواب ڏنو هئائين:

”يار، حالتن جي توکي خبر آهي. ڪا سٺي نوڪري ملي ته سادي ڪبي ضرور، پر تون اِهو سمجھي ڇڏ ته تنهنجي سوچ ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. تنهنڪري پنهنجا Sermons پاڻ تائين رَکُ. هاڻي ڳالهه ٻڌ.“

مون ڏانهنس ڏٺو، ڏاڍو سنجيدو پئي لڳو ۽ مون ڪن کڙا ڪيا.

”توکي ياد آ ته مون توسان هڪ ڇوڪري گلشن جو ذڪر ڪيو هو.“

منهنجي چهري تي سوال جي نشاني اُڀري آئي. الائي ڪهڙي گلشن، ڪهڙي گلبدن يا وري ڪا گل بڪاؤلي. سندس عشق جا ته الف ليليٰ وارا هزار داستان هيا.

”اڙي يار، …That girl جيڪا اسان جي ڳوٺ جي هئي. سندس پيءُ هتي آفيس ۾ بابي وٽ ڪلارڪ هيو ۽ سندس ماءُ ۽ هوءَ هتي اسان جي گهر ۾ اچي ڪم ڪار ڪنديون هيون. اُتي ئي پيچ لڙيو ۽ پوءِ مان سندس پيءُ جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهر به ويندو هئس. سندس ماءُ کي ته اسان جي عشق جي خبر هئي پر پوءِ پڻس کي خبر پيئي ته ڏينهن پڄاڻان سندس شادي پنهنجي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو هُن کان عمر ۾ به وڏو هو.“

”پوءِ؟ هُن جي شادي ٿي ويئي ته شهزادي جانعالم جو عشق خير خوبيءَ سان پورو ٿيو. هاڻي وري ڇا ٿيو.“

”اڙي سڄي ڳالهه ته ٻڌ سڄڻ! سندس مڙس واڍڪو ڪم ڪندو هو پر گڙنگ موالي هو. شڪي طبيعت جو ماڻهو هو. ڪُٽي سَٽي هڻي سندس هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائين. ويچاري واپس اچي مائٽن وٽ ويٺي. اُن ڏينهن ماءُ سان گڏجي اسان جي گهر آئي هئي. سندس پيءُ به هاڻي تازو گذاري ويو آهي. پورهيو ڪري وقت گذارين پيا. ڏاڍو رُئي پئي. پاسيرو ٿي مون سان ملي ته چيائين ته مون تي قرب جو هٿ رَکُ، مان گولي ٿي گذاريندس. جي پيار ۽ دوستي جو هٿ نه رکندين ته مان زهر کائي مري ويندس. پنهنجي پراڻي پيار جا واسطا کڻي وڌائين. پيرن ۾ ويهي رهي. يار دلبر! اهڙي نماڻي ۽ سٻاجھي نينگر منهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪانه آئي. مان وٺي ايندوسانس، پوءِ تون پاڻ فيصلو ڪجانءِ.“

”ڇا جو فيصلو؟“

منهنجا ڪن وري کڙا ٿي ويا. مون شڪي نگاهن سان ڏانهنس نهاريو.

”يار، ڳالهه سمجھ. مون هڪ پلان سوچيو آهي ته سندس ماءُ کي هتي رکنداسين.“

”ماڻس کي؟ چريو ٿيو آهين ڇا.“ مون سندس ڳالهه کي اڌ مان ڪٽيو.

”يار، ماڻس کي ڪم ڪار لاءِ رکنداسين. مانيءَ، ٿانوَ، ٻهاريءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ.“

”پوءِ ڇا ٿيندو؟“

”ڪم عقلَ! هوءَ ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ هتي ايندي. گهڙي پل مون سان به ملندي. بس ائين ٻن عاشقن کي ملائڻ جو ثواب توکي ملندو.“ هيءُ ثواب جو ڪم مون کي سولو نظر نه آيو.

”يار عاشق! مان مارجي ويندس. مائتن کي خبر پيئي ته ڀت ٻاٽ مان ڪڍي ڇڏيندا. فليٽ به کسجي ويندو. بابو چڙيو ته پوءِ سمجهين ٿو. وڏو رِسڪ آهي. اِهو مون کان نه پُڄندو.“

مان ٽپ ڏيئي اُٿي ٻاهر نڪري ويس.

”دلبر! ڳالهه ته ٻڌ- ڳالھ ته سمجھ.“

هو چوندو رهيو، پر مان هيٺ لهي روڊ تي پسار ڪرڻ لڳس. هو اُتي به آيو. منهنجو سوڻل منهن ڏسي ڀاڪر پاتائين.

”چڱو دلبر! تون چِڙُ نه، باقي مان هلان ٿو. رات اِن ڳالهه تي سوچجانءِ: We have to help these poor people.”

هُو هليو ويو. عاشق جڏهن به ڪنهن ڳالھ تي زور ڏيندو هو ته انگريزي گهڻي ڳالهائيندو هيو. خوش هوندو هيو ته اڙدو شعر چوندو هيو. مان جڏهن ڪنهن ڳالهه تي فيصلو نه ڪري سگهندو هئس ته اُن تي وڌيڪ نه سوچيندو هيس. معاملو وقت ۽ حالتن تي ڇڏي ڏيندو هئس. ٻئي ڏينهن منجھند جو ڪم ڪار لاهي موٽيس ته فليٽ اندران بند هيو. مون سمجھيو ته عاشق اندر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي ڄاٻي عاشق وٽ هوندي هئي. اندر گهڙيس ته ڏٺم ته هڪ مائي اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مان تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيس. هڪ نينگر ڪمري ۾ ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهي هئي. مان بيهي کيس ڏسڻ لڳس. هيءَ ڪا ننڍي نينگر نه هئي، پنجويهن کن سالن جي عورت نما ڇوڪري هئي. هوءَ سڌي ٿي سامهون آئي ته مون کيس ڏٺو. سندس جسم ڀريل، رنگ هلڪو سانورو، وارَ گهنڊيدار، نقش وڻندڙ، منهن تي پگهر ئي پگهر، پاڻ به سڄي پگهر ۾ وهنتل. سندس سادا لان جا سنها ڪپڙا، سندس جسم تي چهٽيا پيا هيا. هُن ڪا گهڙي پنهنجن هلڪن ناسي اکين سان مون ڏي تڪيو. پوءِ پراڻي پوتيءَ جي پلاند سان منهن اُگهيو ۽ مُرڪي چيائين: ”مان گلشن آهيان.“

مان کيس ڏسندو رهيس. شايد سدا آباد ۽ ٽڙيل گلشن اهڙائي هوندا آهن. هوءَ شايد منهنجي اکين جو تيک نه سهي ٻاهر هلي ويئي. گهڙي کان پوءِ وري موٽي آئي.

”اَمان وڃي ٿي. ٻين گهرن ۾ به وڃڻو اٿس. ڀلا توهان ماني کائيندؤ يا سائين عاشق اچي ته پوءِ گڏجي کائيندؤ؟“

مون ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو. مون کان سڀ اعتراض، مٽن مائٽن ۽ ابي جي ڪاوڙ، لوڪ لڄا جو ڀَئُه، سڀ ڪجھ وسري ويو. مان چپ چاپ اُٿي ٻاهر آيس. گلشن جي ماءُ مون کي کيڪاريو. مون کيڪر جو جاوب ڏنو. پوءِ کيسي مان سوَ رُپيا ڪڍي کيس ڏنا هئا پئي.

”نه سائين! اهو بار توهان تي ناهي“، گلشن مون کي روڪيو. مون ماڻس جي مٿي تي هٿ رکي چيو: اَمان! هيءُ منهنجو گهر آهي. هتي جو اُجورو منهنجو ذمو آهي. تون ته پورهيو ڪرين ٿي نه.“

”ابا! تنهنجي مهرباني.“

هيءَ هڪ ڏکن ماريل، هيڻن هڏن واري عورت هئي. ڦاٽل گَندي مٿي تي سوري وڌائين ته سندس چتين لڳل ڪپڙا ظاهر ٿي پيا.

”اَمان! هاڻي جڏهن به اَچين ته وڳو سولو پائجانءِ. مون کيس کيسي مان ٻيو سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مائيءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

هوءَ پراڻي جُتي گسڪائيندي ٻاهر نڪري ويئي. مون ڏٺو ته گلشن جون اکيون حيرت کان ڦاٿل هيون. هيءُ عاشق ڇا ڪندو رهيو آهي! هئڙن غريبن کي پنهنجو ته ڪري ٿو پر کين پالي تاتي نٿو. لٽو ڪپڙو گندي هِنن به لهڻي.“ مان ڪمري ۾ آيس ته هوءَ هلي آئي.

”سائين! عاشق ڇا چوندو. عاشق سائين قرب ڪري وٺي آيو آهي. هُن چيو ته پنهنجو گهر آهي ته پنهنجو گهر آهي. پئسا ته نه وٺبا.“

”عاشق ڀلي توهان کي پئسا نه ڏئي، پر هِتي هِن گهر ۾ جيڪو به ڪم ڪندو مان اُن کي سندس پورهئي جا پئسا ضرور ڏيندس. مان پاڻ به پورهيو ڪري ڪمائيندو آهيان. ڀلا ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، ماني پچائي اٿو ڇا؟“

”ها، عاشق سائين ڀاڄي، اٽو، چانور، گيهه وٺي ڏيئي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو. ڀلا ماني کڻي اچان.“

مون ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مون ليئو پائي ڏٺو. رنڌڻي ۾ هوءَ ويهي ماني گرم ڪري رهي هئي. رئو لهي ويو هيس. باهه تي سندس مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، هُن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کِلي ڏنائين:

”بُک لڳي اٿوَ نه. اِجهو ٿي آڻيان.“ منهنجي لاءِ سڄو سلسلو نئون هو. هن گهر کي عورتاڻو هٿ لڳي چڪو هو. سڄو گهر ڌوتل اڇو اُجرو پئي لڳو.

مان ٽنگون سِڌيون ڪري پلنگ تي اکيون بند ڪري ليتي پيس. مون کي خبر ئي نه پيئي. هوءَ آئي، ننڍي ٽيبل ويجهو ڪري ماني رکي پوءِ مون کي ٻانهن کان لوڏيائين. هڪ عجيب ڇُهاءُ هو. مان ٽپ ڏئي اُٿي ويٺس. هن مُرڪي اِشارو ڪيو ته ماني کائو. مون ايڏي لذيذ ماني ورلي کاڌي هئي. هوءَ اُڀي بيٺي هئي.

”ماني ڪنهن پچائي آهي.“

”ماني امان پچائي آهي. ٻوڙ مون رَڌو آهي. ڇو مزو نه آهيس؟“

”عاليشان!... توهان جي هٿن ۾ خُوب شيري آهي.“

هوءَ کِلي هٿن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”عاشق سائين اڃا تائين نه آيو آهي.“ مون سندس چهري تي هلڪي پريشاني ڏٺي. پوءِ هوءَ ٿانوَ کڻي هلي ويئي. هوءَ ٿانوَ سهيڙي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي هئي. مون ليئو پاتو. ڏٺم ته هوءَ دري کان بيٺي هئي ۽ شايد عاشق جو انتظار ڪري رهي هئي. مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي ليٽي پيس. هڪ ڪم ڪار، ٻيو پورهئي جو ٿڪ، مٿان لذيذ ماني، پيٽ ڀريو ته اک لڳي ويئي. چڱي دير کان پوءِ ڀُڻڪي ۽ هلڪن ٽهڪڙن تي اک کُلي ويئي. آهستي اُٿي اڱڻ ۾ کُلندڙ دريءَ جي اڌ ٻيڪڙيل سير مان اندر ڪمري ۾ نهاريم. هوءَ کيس گرهه ٺاهي کارائي رهي هُئي. ۽ هوءَ گرهه گرهه تي سندس آڱرين کي چڪ پائڻ جي ڪري رهيو هو. هُن ته کلي آڱريون هٽائي پئي ڇڏيون. ائين هُن ڳالهايو. هِن دفعي گلشن جو آواز ٻيو هو. اُن ۾ ميٺاڄ جا مَٽ ڀريل هيا. اوتيائين پئي ته ڳرو ۽ ڪنهن نشي ۾ ٻڏل آواز هو.

”سائين، ايڏو انتظار ڪرائبو آهي؟ صبح جا ويل، هيءَ مهل ٿي آهي. مان ته ائين آهستي آهستي ڪري هڪ اڌ ڏينهن ۾ مري وينديس.“

عاشق هُن جو گرهه روڪي ڇڏيو.

”مان توکي مرڻ نه ڏيندس، مِٺي!“ پوءِ هُن کيس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو. هوءَ آهستي سندس ڀاڪر مان کسڪي اُٿي بيٺي.

”ٿانوَ رکي اچان. توهان جا هٿ ڌئاريان. ٻانهي تنهنجي آهي. تڪڙ نه ڪر منهنجا سائين.“

منهنجي اندر ۾ الائي ڪهڙن طوفانن ڪَرُ کنيو هو جو مان اُتان چُري نه پئي سگهيس. سڌو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. هوءَ ٻيڪڙيل در کولي ٻاهر نڪتي. هن پاسي ڏٺائين ۽ مون تي نظر پيس. هوءَ بنهه هٻڪي؛ مُرڪي رئو مٿي تي وجھي رنڌڻي ۾ لنگهي ويئي. گلاس ۾ پاڻي کڻي ويئي. موٽي اچي چلمچي ۽ لوٽو هٿن ڌئارڻ لاءِ کڻي ويئي. موٽي اچي پنهنجا هٿ ڌوتائين. مان اُتي ئي بيٺو رهيس. هر ڀيري مُرڪندي موٽي. اوچتو هوءَ بيهي رَهي.

”اوهان کي ڪجھ کپي؟“

مون ڪنڌ ڌوڻيو. آهستي ٽنگن کي چوريو. هُن دروازو بند ڪيو. پوءِ آهستگيءَ سان ٿوري کليل دري به بند ڪري ڇڏيائين. مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. شام تائين دماغ ڳرو رهيو.

ڪپڙا مَٽي ٻاهر نڪتس. ڪوبه آواز ڪونه هو. شايد سُتا پيا هيا.

مان نوڪريءَ سان گڏ ڪاروبار به ڪندو هيس. ڪڏهن ڪاٺين جو ته ڪڏهن موٽر پارٽس جو. ڌنڌي گؤنچ ڪڍيا هُيا. سوچيو هيم ته ڌنڌ هلي پئي ته اها هلڪي نوڪري به ڇڏي ڏيان. پيٽرول پمپ جي مامري کي لڳو پيو هوس. رات جو دير سان موٽيس ته فليٽ تي ڪير به ڪونه هو.

ائين سمجھيم ته ڏينهن جو ڪو خواب ڏٺو هيم. اسان هونئن ئي خوابن ۾ رهڻ وارا، ساڀيان هجي ته اعتبار گهٽ ايندو. رنڌڻي ۾ گهڙيس ته ماني تيار پيئي هئي. چانور دمي ۽ پٽاٽا گري ڍڪي رکي ويئي هئي. ماني ڪمري ۾ کڻي اچي کاڌم. ماني کائي ليٽيس ۽ اکيون پوريم. نه ڪو خواب نه ساڀيان، هت ته سڄي ڏينهن جي وارتا ۽ حقيقت ڪَرُ کنيو بيٺي هئي. سڄي ننڊ نه آئي. سوچيم ته مون کي ڪجھ به نه سوچڻ کپي. ائين ڇڏڻ کپي جيئن اڳ ڪندو آيو آهيان. ڏاهپ جو ڏانُ اِهوئي آهي ته ڀل وقت ۽ حالتون پاڻهي فيصلو ڪن. اُهوئي سٺو هوندو ۽ صحيح هوندو. ائين فليٽ ۾ جيڪي ٿيندو رهيو، ماٺ ميٺ ۾ ڏسندو رهيس. ڪڏهن ڏسان ته گلشن کيس زور ڏيئي ننڊ پيئي ڪرائي، ڪڏهن مٿي کي مالش پيئي ڪري.  ڪڏهن اچيو منهجي ڪمري ۾ وهن. ڳالهيون سڄي جهان جون، کُٽن ئي نه. ٽهڪڙا ئي ٽهڪڙا، پر مان ماٺ! ڪڏهن عاشق کيس شاپنگ ڪرائي وٺي اچي، گلشن ڀلن وڳن ۾ ڀلي ٿي پيئي هئي. رنگ به چٽو اڇو ٿي پيو هيس. هڪ ڏينهن آئي ته ڇِمڪا ڪندي آئي. اچي پير پلنگ تي رکي پازيب ڏيکاريائين. اڇڙن پدمڙن پيرن ۾ چانديءَ جا پازيب اهڙا ٺهيس پئي جو مون بي اختيار پازيبن کي ته ڇهيو پر نرم نازڪ پيرن کي به ڇهي ورتو. هُنَ تي ڪوبه اثر ڪونه هو. هُن کي اها به ڄاڻ هئي ته مان کين لڪي ڏسندو آهيان. پر هوءَ منهنجي پيار ۾ مست مگن هئي. عاشق کي ڏسندي هئي ته ٺري پوندي هئي. منهنجو لحاظ به نه ڪندي هئي. ڪڏهن ته منهنجي سامهون مِٺيون پئي ڏينديس، ڀاڪر پئي پائينديس. منهنجو جسم سڄو ڏڪي ويندو هو ۽ مان پاڻ کي پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هيس. مان اُن کي کيل تماشو سمجھي لنوائي ويندو هئس. رات جو ڪوبه کيل تماشو منهنجي سامهون ڪونه هوندو هو. مان ۽ منهنجيون ويڳاڻيون راتيون! مون به عشق ۽ فراق جا درد پرايا هيا، پر هٿ سڙيا جسم ٻريو اندر خاڪ هيو. اُن خاڪ ۾ چڻنگ باقي آهي يا نه، مون اُن رک کي ڦولهڻ جي به نه ڪئي. هيءُ نئون کيل تماشو منهنجي سامهون پئي ٿيو، اِهو منهنجو ٿوروئي هو؟ مُنهنجو ڇا وَڃي، چئي منهن ڦيري ڇڏيندو هيس.

اُن ڏينهن عاشق عاشق اڪيلو رات جو اچي نڪتو. پريشان پئي لڳو. جڏهن قصو بيان ڪيائين ته لڳم ته ٻيلي منهنجو به ڪجھ اِنهيءَ ۾ آهي. ڇا آهي، اهو بس هيئن ئي هو. هُن ٻڌايو ته مائتن سندس شاديءَ جي تاريخ رکي ڇڏي آهي. هاڻي ڇا ٿيندو.

”سو ڇا ٿي پيو؟“

”سو ڇا ٿي پيو؟ عجيب ڳالهه پيو ڪرين! شادي کان اڳ زندگي اسان جي آهي. شادي کان پوءِ واڳ ڌڻي وس ٿي ويندي. زال ماڻهوءَ کي کائي ڳهي ويندي. مڙد جو ڏس پتو ئي نه پوندو. اُها سُريت، يارڙي هوندي آهي جيڪا خوف ۾ مبتلا هوندي آهي. شيلٽر هن جو وڏو مسئلو هوندو آهي. لڳندي ته پير ڌوئي پئي پيئندي. هيءُ ته ڇوري ڇني ٿي ويندي، پوءِ ڪاڏي ويندي؟“

”زال لاءِ به ته مڙس ڇپر ڇانءُ هوندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.

”اُهو نڌڻڪين زالن لاءِ، پر جن جا اَبا اَمان، چاچا ماما، ڀائر حيات هوندا آهن، اُهي اُن ڪيري آهر پيون ڪڏنديون آهن. جيستائين هو جيئرا هوندا آهن، تيستائين مڙسن جي جسم تي چَم ئي نه رهندو آهي. باقي رهندا آهن سندن هڏا، جيڪي زالون ۽ سندن ٻار چوپي چٻاڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڀلي سندس مائٽ سڀ مري وڃن، حڪومت هنن جي هوندي آهي.“ ساهي پٽي چيائين:

”ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، هاڻي ٻڌاءِ ته گلشن کي ڇا چئجي.“

”تو کيس ٻڌايو آهي.“

”ها، مون اَڄ منجھند جو کيس چيو هو.“

”پوءِ؟“

”هوءَ چوي ٿي ته ڇا به ٿئي، مان کيس نه ڇڏيان. ڀلي ٻه زالون ڪريان، پر هوءَ چوي ٿي ته هوءَ منهنجي گولي غلام ٿي رهڻ چاهي ٿي. ڏس يار، هُن سڀ ڪجھ مون کي ڏنو آهي. يڏو پيار ته شايد زال به نه ڏيندي. هوءَ چوي ٿي ته دلبر سائين جيڪڏهن ساٿ ڏئي ته پوءِ به اَسين هِت ملي سگهون ٿا. ڇا دلبر، ائين ٿي سگهي ٿو. تون اِهو بار کڻي سگهين ٿو.“

”جي منهنجي به شادي ٿي وڃي. مان هتان هليو وڃان.“

”ڀلي، هوءَ هتي رهندي. هن فليٽ جو ڪرايو ۽ سندس خرچ مان ڀريندس. رُڳو شادي پُراڻي ٿئي. يار ڪا ته مدد ڪر يا ڪو ڏس ڏي! Wise Man.“

مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو. مون کي ائين لڳو، اُهو آواز منهنجو نه هو. ”تو پاڻ ئي چيو ته شادي کان پوءِ زال مڙس کي ڳهي ويندي آهي. ۽ شايد سُريت لاءِ به هوءَ جاءِ نه ڇڏيندي. ڇو ٿو ٻن حياتين کي برباد ڪرين. وڃ، وڃي پنهنجي معصوم زال کي بچاءِ، جيڪا ورهين کان تنهنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. هن غريبن گلشن کي ڪيستائين اُجاڙيندو رهندين. ٻه مَن نه ڪر. ٻَچِتو نه ٿي. رستو هڪ وٺ. ڪجھ ڏينهن ٿيا، هُن جي ماءُ مون وٽ آئي هئي. رُئي پئي.“

”ڇا پئي چوي؟“

”بس رُئي پئي. پنهنجي ڌيءَ جي اُجڙيل قسمت تي رُئي پئي. ٻيو ڇا چوندي، ويچاري، تو به ته قهر ڪيو آهي.“

عاشق ٽپ ڏئي اُٿيو.

”تون ڪاڏي وڃجانءِ نه، مان اَچان ٿو.“

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آيو ته گلشن ساڻس گڏ هئي. عاشق بنهه منهنجي سامهون کڻي وهاريس.

”هاڻي سمجھيائينس. هيءُ نٿي مڃي، پڇينس ته ڇا ٿي چئي.“

مون گلشن ڏي نهاريو. هوءَ ڪڇي ڪانه، رُئي پئي.

”ڏس، دلبر به چئي ٿو ته مون کي هڪڙو رَستو وٺڻو پوندو.“

هُنَ مون ڏانهن نهاريو. پوءِ آهستي ڀُڻڪيو.

”چئوس ته مون کي نه ڇڏي. شادي ڀَلُ ڪري پر مون کي نه ڇڏي. توهان چئوس، مون کي اِنهيءَ ڪمري مان نه ڪڍي. مون کي ٻيو ڪجھ به نه کپي.“

هن پير مٿي ڪري، پازيب پٽي لاٿا، ڳچيءَ ۾ پيل سوني زنجير لاهي اُڇلي. منڊي به لاهي هن جي تريءَ تي رکيائين.

”پوءِ چئوس ته هاڻي مون کي نه ڇڏي. مون کان سڀ ڪجھ وٺي.“

مان سندس رُئڻ ڏسي نه سگهيس ۽ ٻاهر نڪري ويس.

“Mad Girl”، هن دفعي مون به انگريزي ۾ ڀڻڪيو.

مان اڱڻ ۾ بيهي رهيو هئس. اوچتو ڌڪن جا آواز آيا ۽ عاشق ڪمري مان نڪتو.

”يار! هوءَ چري ٿي پيئي آهي. هاڻي ڌڪ به هنيا اٿئين. پئي ٿي رُئي ۽ وڙهي .I cannot face her  مان تڪڙو آهيان. تنهنجي ڀاڄائي زرين جا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ڳوٺان آيا آهن. سندن ماني آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ به آهي. ڪا رَسم به آهي. مان هلانٿو. تون هينئن ڪر، جو هن کي پرچائي گهر ڇڏي اچجانءِ. مون سان هلندي ته رستي تي به راڄ کلائيندي. هن وقت منهنجي پوزيشن نازڪ آهي. ڪنهن ڏٺو به ته ٺيڪ نه آهي.“

هو آهستي مون سان ڳالهائي رهيو هو. اسان کي سمڪ نه رهي. هينئن نهاريوسين ته گلشن پاسي ۾ بيٺي هئي هن دفعي هِن ڳوڙها اُگهيا ۽ کيس گهوري ڏٺائين. عاشق اُن گهور کي شايد سمجهي نه سگهيو.

”سڀاڻي اچجانءِ، وڌيڪ ڳالهيون ڪنداسين، فڪر نه ڪر جاني.“ عاشق هٿ وڌائي کيس ڀاڪر لاءِ ڇڪيو. هُن کيس ٿيلهو ڏنو ۽ پوءِ پاڻ وري ڪمري ۾ گهڙي بُلٽ چاڙهي ڇڏيائين.

”پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندي. سڀاڻي نه آئي ته مان وٺي ايندوسانس.“

هو تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ڊوڙون پائيندو ڏاڪڻ ٽپندو هيٺ لهي ويو. مون ٻاهريون دروازو بند ڪيو ۽ هُن جي بند ڪمري کي ڏٺم. پوءِ اندر اچي مٽ جي ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه گلاس پيتم ۽ ٻه گلاس پاڻ مٿان هاريم. منهنجو سڄو جسم تپي رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويٺس. سوچيم پئي ته ڇا مون اِهو سٺو ڪيو. يا سُٺو ٿي ويو. مون اِهو سوچيو ئي پئي ته هڪ گهگهو آواز آيو:

”تو اِهو سٺو نه ڪيو. دلبر!“

مون سمجھيو ته اِهو منهنجي اندران ڪو آواز آيو آهي، پر ڏٺم ته گلشن بيٺي هئي. شايد رُئڻ ۽ رڙين ڪري سندس آواز گھگھو ٿي ويو هو.

”تون ائين ڇو ڪيو.“

”مون ڇا ڪيو؟“

”تو عاشق کي ڇو چيو ته هو پنهنجي معصوم زال کي بچائي ۽ هُنَ جي زندگي تباهه نه ڪري، تنهنڪري مون کي ڇڏي ڏئي. مان ته کيس شادي کان نه جھليو هو. تو هُن کي مون سان واسطو رکڻ کان به روڪي ڇڏيو. اِهو تو ڇو ڪيو؟“

مان سمجي ويس ته عاشق سڄ الزام مون تي مڙهيو هو. مان سجاڳ ٿي ويس.

”خير خواهي جي ڏوهه آهي ته مان ڏوهاري آهيان. هو هڪ پاسي توکي سُريت يا يارڙي ڪوٺي رهيو هو، ٻئي پاسي زال لاءِ پريشان هو ۽ چئي پيو ته هوءَ هُن کي ڳهي ويندي. تڏهن چيومانس ته تون هن غريب گلشن کي ڇو ٿو اُجاڙين؟ توکي خبر نه آهي گلشن، وڏا ماڻهو جڏهن شادي ڪندا آهن ته دوستيون، ڏکن سکن جا سفري ساٿي، رڳو سفري رهندا آهن؛ دوستيون ۽ ساٿ سڀ ختم ٿي ويندا آهن. هُنن لاءِ نيون سُرينون، نيون دوست بڻجي پونديون آهن ۽ پراڻيون دوست گٺل ڦٽل سُريتيون، جن جو وٽن دُڪو به داخل نه هوندو آهي، سندن کاتي ۽ کنڌي جا صفحا هيءَ شاهوڪار ماڻهو، بندين مان ڦاڙي ڪڍندا آهن ۽ اُنهن صفحن تي نوان نمبر هڻي ڇڏيندا آهن.“

گلشن اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندي رهي.

ڍ”توه ڪنهن جي به هجين، پر مون لاءِ پُر بهار گلشن بڻجي آئين. هيءُ گهر تنهنجي اچڻ سان مون لاءِ نيون ڳالهيون کڻي آيو. مان نون جذبن سان آشنا ٿيس. تو هو ڪمرو گهريو هو، هيءُ سڄو گهر تنهنجو آهي. اسان کي به آزمائي ڏس.“

هاڻ هن جو ڪنڌ هيٺ ڪنڌ هيٺ هيو.

هوءَ آهستي آهستي هلندي ٻاهر هلي ويئي. مان خاموش ويٺو رهيس، فليٽ ۾ خاموشي هئي. ٻاهر روڊ رستا به ويران هيا. رات لڙي هلي هئي. مون پنهنجي اندران هلڪو آواز ٻڌو، ”ڇا هيءُ سڀ ڪجھ سٺو ٿيو، هاڻ سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويندو.“

صحيح ائين ٿيو جو مون رنڌڻي ۾ ٿانون جو ٺڙڪو ٻُڌو. ڪجھ دير لڳي، پوءِ سندس قدمن جو آواز هو. اُن سان گڏ ڏٺم ته هُن بيدا آمليٽ ۽ ڊبل روٽي منهنجي آڏو آڻي رکيا.

”توهان ڪجھ نه کاڌو آهي، ڪجھ کائو.“

مان کيس ڏسندو رهيس. پوءِ دل جهلي ٻانهن کان ڇڪي پاڻ سان گڏ کڻي وهاريم.

”تو ته سڄو ڏينهن ڪجھ نه کاڌو آهي.“

هوءَ ماٺ ڪري ويهي رهي.

مون ڊبل روٽي ۽ آمليٽ کي گڏي گرهه ٺاسسهي، سندس وات تائين کڻي ويس. هُن عجيب نظرن سان مون کي ڏٺو. پوءِ ٿورو نئڙي گرهه ورتائين. هُن جي اکين ۾ اڃا به پاڻي ڀريل هو، پر هن دفعي اُهو پاڻي ڪجھ ٻيو هو، جو هُن هٿ وڌائي گرهه ٺاهي مون کي کارايو. مون سندس سهڻين آڱرين کي ڏٺو. مون اُنهن کي چڪ نه پاتو، نه وري کيس ڇڪي ڀاڪر ۾ آندو. ماني پوري ٿي، هُن ٿانوَ کنيا، پاڻي پياريائين، منهنجا هٿ ڌوتائين ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي.

مان ليٽي پيس، آهستي آهستي اکيون ٻوٽبيون پئي ويون. گهڙي پل لاءِ سمڪ نه رهي. اوچتو مون محسوس ڪيو ته ڪو منهنجي مٿان بيٺو آهي. ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺس. گلشن بيٺي هئي.

”سائين، هن مهل مان گهر نه وينديس. رات هِتي ئي رهنديس.“

”ڀلي، ڀلي. جيئن تنهنجي دل چوي. سوير هلي ڇڏي ايندوسانءِ.“

”مان هُن ڪمري ۾ به نه سُمهنديس. هِتي ئي توهان جي ڪنڊ پاسيکان پئي هونديس.“

هوءَ وهاڻو کڻي پلنگ جي پيرانديءَ کان ليٽي پئي. مون کيس اُٿاري سنئون ڪري پنهنجي پاسي کان سمهاريو پئي ته هوءَ منهنجي ٻانهن ۾ جُهلي پيئي. آهستي سُرٻات ڪندي چيائين:

”دلبر سائين! مون کي پنهنجو ڪندين، مون کي پناهه ڏيندين.“

پوءِ سُڏڪو ڀري چيائين: ”هن اُجڙيل گلشن کي سُريت ڪري رکندين؟“

منهنجي جسم ۾ سيسراٽ ڀرجي ويا. مون سندن ڳوڙها اُگهيا ۽ مِٺيون ڏنيون.

.مان جيسين جيئرو آهيان مون سان تون گڏ ئي گڏ هوندين.“ پوءِ مون کيس پنهنجي پاسي ۾ سمهاري ڇڏيو.

****

يادگيرين جي ڄار مان نڪرڻ سولو نه آهي. اوچتو ٻاهرين در تي ٺڙڪو ٿيو. مان ڇرڪ ڀري اُٿيس. جيئن در کوليم، ڏٺم ته گلشن بيٺي هئي.

”اڄ تون سوير ڪيئن اَچي وئينءَ. اندر عاشق ويٺو آهي.“

”مان سوير ڪانه آئي آهيان، روز واري وقت تي آئي آهيان. رات ٿي وئي آهي، ڀنگ پيتي اٿوَ ڇا؟“ کلي چيائين.

مون کي يادگيرين جي درياهه ۾ تڙڳندي ڪو وقت لڳو هو.

”تون نئين گهر هل، مان عاشق کي روانو ڪري اَچان ٿو ۽ پوءِ گڏجي موٽنداسين. تنهنجو هجڻ ٺيڪ نه آهي، ڇتو ٿيو ويٺو آهي.“ مون ڀڻڪو ڪيو.

”ڀلي عاشق هجي، مان ڪو کانئس ڊڄان ٿي؟ اِهي ڪوڙا عاشق مون کي ڇا ڪندا؟ تون رُڳو سچو هُج، منهنجا دلبر سائين.“

مُرڪندي اڳتي وڌي، ڏٺائين ته در پٺيان عاشق بيٺو آهي. هوءَ بنهه نه هٻڪي. کيس نظرانداز ڪندي سڌو مون واري ڪمري ۾ هلي ويئي. عاشق مون کي پاسي ڪري فليٽ جو دَرُ بند ڪري سڌو ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو.

Oh! I see” تو ئي کاٽ هنيو آهي!... ڀاڙي، بُزدل، گيدي!... …Coward cunning fellow تون دوستي جي نالي ۾ ڪاريهر نانگ آهين... تو مون کي ڏنگيو آهي... مان توکي نه ڇڏيندس.“ هُن جو آواز وڏو ٿي ويو هو. هو ڪاوڙ ۾ مون ڏانهن وڌيو.

”خبردار، جو دلبر سائينءَ کي هٿ لاتو اٿئي.“

گلشن آواز ٻڌي، ڊوڙي هِن ڪمري ۾ آئي هئي.

”گلشن! هن توکي برغلايو آهي. دوکي سان مون کي پري ڪري، توکي پنهنجو ڪيو آهي.“ عاشق هن کي ڏسي، کيس ٿڌائيءَ سان چيو:

”دوکو هي ڇا ڪندو، دوکو ته تو ڪيو آهي، ميان عاشق حسين! اڙي مان تنهنجي سُريت آهيان، يارڙي آهيان، رکيل آهيان. اڙي مان ته تنهنجي همسفر ۽ دوست رهي آهيان. ڏکن سُکن جي ساٿي. مون ته توسان اڻ ميو پيار ڪيو هو. جيڪي عورتون پيار ڪنديون آهن ۽ پنهنجي محبوب سان شادي ڪري نه سگهنديون آهن، ڇا سي سڀ سُريتون، يارڙيون ۽ رکيل هونديون آهن؟ تو ڪيئي لينگها لتاڙيا هوندا. ڪيئي گلشن لُٽيا ۽ لتاڙيا هوندا. تو هئڙو ڪو گلشن ڏٺو جيڪو پاڻ تو وٽ لُٽجڻ لاءِ آيو ۽ وَرُ وَرُ آيو ته ڀلي منهنجو پرين مون کي لٽي ۽ لتاڙي. تنهنجي عشق ۾ هِن هڪ چري غريب ڇوڪري ڇا ڪجھ نه ڪيو. تو نه اَجھو ڏنو نه چُوڙ ڏنو. زال کي ڪپڙو لٽو، اجهو، چُوڙ نه ڏيندين؟ ميان! ڳالهه ٻڌ. زالن ۽ يارڙين سا سُريتن ۾ به ڪو خاص فرق نه هوندو آهي. اهو هر مڙد جي هلت چلت ۽ روش تي ڇڏيل آهي. هاڻي ڏسان ته تون پنهنجي زال کي زال سمجھين ٿو يا وري يارڙي--“

عاشق جو منهن ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو.

”هاڻي وڌيڪ نه ڳالهاءِ. مون کي خبر آهي ته اِهي ڪتاب ڪهاڻيون ناول پڙهي، فلمون ڏسي ڊائلاگ پئي هڻين. تون بنهه کري پئي آهين.“ هُن مون ڏانهن نهاريندي چيو. گلشن به تپي بيٺي هئي.

”ها مان کريل آهيان. اڳ توسان کريل هيس، هاڻي هِن سان.“ هُن مون ڏي اِشارو ڪيو ۽ اچي منهنجي ڀرسان بيهي رهي ۽ ڀاڪر پائي مون کي مِٺي ڏنائين.

هاڻ عاشق تهان پوءِ ٿڌو ٿي ويو.

”مون ته توکي سڀ ڪجھ ڏنو، خوش رکيو. ٽپڙ ٽاڙي وٺي ڏنا، هيءُ توکي ڇا ڏيندو.“

”هان اَچي، باقي پنهنجا ٽپڙ وٺ. پازيب، منڊي هار اڳي توکي ڏنا هئم.“ ۽ پوءِ پرس کولي ڪجھ ميڪ اپ جو سامان ۽ خوشبو جون شيشيون کڻي سندس سامهون کٽ تي اُڇلايائين.

”هيءُ ڏس ميان! نئين فليٽ جا ڪاغذ منهنجي نالي. هي به ڏس.“

پير مٿي ڪري منهنجا پازيب ڏيکاريائين. ريشمي رئو پري ڪري ڳچي هار ۽ پنڙا ڏيکاريائين. هٿ ۽ آڱريون نچائي چوڙيون ۽ ٻه ٽي منڊيون ڏيکاريائين.

”سُريتون هيئن رکبيون آهن.“ هُن مون کي ٻانهن کان ورتو. ڇڪي ٻئي ڪمري ڏي هلڻ لڳي.

هن دفعي عاشق ڳري آواز ۾ ڳالهايو:

”وڌيڪ بحث اَجايو آ. Fine- O.K. دلبر! مان وڃان ٿو. پر اِهو مڃڻو پوندو ته تون جهڙو تهڙو ماڻهو نه آهين. تنهنجي Wisdom ۽ Plan کي سلام آ. You are really a Wise Man توکي پهرين يارڙيءَ جي مبارڪ هجي. سُريت مبارڪ، Mistress مبارڪ“، پوءِ ٽهڪ ڏيندو ٻاهر نڪري ويو.

اوچتو گلشن به ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. پوءِ هوءَ چرين وانگر کلڻ لڳي. مون کيس ڇڪي سيني سان لاتو.

”هوش ڪر گلشن!“ منهنجي چوڻ تي هن ٽهڪ روڪيا. پوءِ روئڻ شروع ڪيو ۽ رُئندي رُئندي چيائين: ”تون ئي فيصلو ڪر. مان سندس يارڙي رهي آهيان؟ مان سندس سريت هيس، مان سندس مسٽريس هيس؟ هن مون کي ڇڏيو، تو مون کي پانهه ڏني. پيار ڏنو، عزت ڏني آهي. هاڻ مان تنهنجي سُريت، مسٽريس بڻي وئي آهيان؟“ پوءِ هُن رئي سان ڳوڙها اُگهندي چيو: ”دلبر! تون مون سان شادي ڪندين؟“

مان فليٽ جو ٻاهريون دَرُ بند ڪرڻ لڳس. پوءِ کيس ٻانهن کان وٺي ڀاڪر ۾ ڀري اچي پلنگ تي ويهاريومانس. ڪمري جو در بند ڪيم، بتي وسايم. اِنهيءَ وچ ۾ سوچيم ته مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته اسين زميندار ۽ سرمائيدار طبقي جا نوجوان پنهنجي خاندان ۽ هڪ جهڙن مان مڱڻا ڪندا آهيون، شاديون ڪندا آهيون، اُن سان گڏ ڪيئي سُريتون، يارڙيون چئو، مسٽريس چئو اِهي نالا مَٽ ڪري، پاڻ وٽ رکندا ضرور آهيون، پر اُنهن سان شاديون نه ڪندا آهيون.

بتي وسائڻ کان پوءِ ڪمري ۾ اوندهه ڦهلجي ويئي هئي. آهستي آهستي رڙهندو اچي پلنگ ڀيڙو ٿيس. پوءِ گلشن کي ڀاڪر ۾ کڻي ڀريم. سندس مُک کي چمڻ لاءِ نئڙيس ته اوندهه جي ڪري ڪوبه نقش نمايان نه هو. نه حسن جا جلوا ظاهر هيا. اُت هاڻي انيڪ ڳوڙها ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيا هئا. مون کي ڏاڍا وڻيا. مون پنهنجي چپن سان اُنهن چلڪندڙ چمڪندڙ ٽانڊاڻن کي ڇهيو. يڪدم سندس ٻانهن جو سونيون چوڙيون کڙڪيون. هٿ وڌيو ته سونيون منڊيون به چمڪيون. هُن اُن هٿ سان ريشمي رئي جو پلاند کڻي ڳوڙها اُگهي ڇڏيا. ائين سڀ ٽانڊاڻا وسامي ويا. هاڻ اُت ڳچيءَ جو هار ۽ پنڙا رئي هٽڻ ڪري چمڪڻ لڳا.

مون کي ائين لڳو ته اِنهي سوني وکر جو ڪو به ملهه ڪ نه هيو. اِنهيءَ سڄي چلڪ چمڪ ۾ ڪجھ نه هيو. جيڪي هيو سو اُنهن ٽانڊاڻن جي ٽمڪڻ ۾ هيو. لڳم ته اوندهه ۾ جڏهن ڳوڙها ٽانڊاڻا بڻجي ٽمڪندا آهن ته اُنهن جو ملهه ئي ڪو ٻيو هوندو آهي. خاص طرح هنن غريب بي وس ڇوڪرين لاءِ ته هيءُ ڳوڙها، هيءُ ٽانڊاڻا، اَملھ هوندا آهن.

 

ايوب عمراڻي

 

ڪوڙڪيون

 

جنهن ڏينهن پڻس کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، اُهو ڏينهن سندن لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو. پڻس اُنهن سون ملازمن مان هڪ هو، جن کي سرڪاري عتاب جو نشانو بنجي پنهنجي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا هئا. پڻس گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. سندس نوڪريءَ تي ئي گهر جو چُلهو ٻرندو هو. هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته سندن جياپي جو واحد ذريعو نوڪري اِئين هڪ ئي ڌڪ ۾ چٽ ٿي ويندي. پڻس پنهنجي ساٿي ملازمن سان گڏجي اُن ظلم جي خلاف ڪيترائي ڏينهن بک هڙتالون ڪيون، مظاهرا ڪيا، ڌرڻا هنيا، پر وريو ڪجھ به ڪونه، نوڪري ويئي سان ويئي!

پيءُ جي سڀ کان وڏي ڌيءَ هجڻ جي ڪري اُن ڏک جو گهڻو احساس کيس محسوس ٿيو، ڄڻ پڻس چوندو هجي: ”صفيه جي جاءِ تي پٽ هجيم ها ته نوڪري وڃڻ جو ايترو افسوس نه ٿئي ها، هاڻي گهر ڪيئن هلندو؟“ هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ گهر جا ڀاتي کيس گهوري گهوري ’ڇوڪري‘ هجڻ تي ملامت ڪري رهي اهجن. ڄڻ کيس چئي رهيا هجن: ”توکي نه ڄمڻ گهربو هو. تون ڇوڪري آهين ۽ بيروزگار پيءُ تي ٻوجھ آهين!“ سچ پچ ته کيس پنهنجي پاڻ تي ندامت محسوس ٿي، پر پوءِ جڏهن هن نوڪري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو تڏهن پاڻ کلي هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳي. هن کي پنهنجي پوزيشن هولڊر هئڻ ڪري پاڻ ته پورو پورو ڀروسو هو ته کيس نوڪري ضرور ملندي، ۽ هن ماءُ پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ نوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. کيس خبر نه هئي ته نوڪري ڪيتري مشڪل سان ملندي آهي ۽ جڏهن ڪا ڇوڪري، نوڪريءَ لاءِ نڪري پوي ته کيس ڪيترو نه ڀوڳڻو پوي ٿو! هوءَ جتي به نوڪريءَ لاءِ ويئي، ساڻس عجيب قسم جو رويو رکيو ويو. هر آفيس ۾ پٽيوالي کان آفيسر تائين، هر شخص کيس ائين ٿي گهوري ڏٺو ڄڻ هوءَ ڇوڪري نه پر خلائي مخلوق هجي! اڪثر جاين تي کانئس پنهنجي تعليم بدران ذاتي سوال پڇيا ويندا هئا. اِهي سوال ٻڌندي هوءَ ڏاڍي ذهني ڪوفت محسوس ڪندي هئي. سوالن جي ڳجهارتن ۾ سوالن کان سواءِ ٻيو به گهڻو ڪجھ لڪل هوندو هو، جن کي هوءَ سمجھندي ۽ محسوس ڪندي به خاموش ٿي ويندي هئي. اهڙن گندن سوالن تي ڪڏهن ڪڏهن ته سندس دل ڀرجي ايندي هئي. دل ئي دل ۾ چوندي هئي: ”مار پوي اهڙيءَ نوڪريءَ تي، جنهن ۾ ڪنهن مجبور ڇوڪريءَ کي مردن جي گندن ۽ گهٽيا سوالن جي ذريعي ذليل ٿيڻو پوي.“ پر پوءِ جڏهن کيس پنهنجو بيروزگار پيءُ ياد ايندو هو، تڏهن سموري تذليل برداشت ڪندي به نوڪريءَ جي تلاش ۾ نڪري پوندي هئي.

۽ پوءِ کيس نيٺ هڪ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ملي ويئي. نوڪري وٺڻ کان پوءِ هن اُن ئي ڏينهن شام جو سڄي گهي جي آڏو اعلان ڪيو: ”سڀاڻي کان نوڪري ڪري رهي آهيان.“

سڀني ڀاتين حيرت مان رڙ ڪندي چيو: ”تون نوڪري ڪندينءَ!“

”ها، مان نوڪري ڪنديس!“ هن پرعزم لهجي ۾ چيو.

پڻس چيو: ”اسان جي خاندان ۾ هن کان اڳ ڪنهن به عورت نوڪري نه ڪئي آهي.“

کيس پيءُ جو جملو عجيب ڀاسيو. چيائين: ”بابا، توهان مون تي اعتماد ڪريو. جيڪڏهن توهان کي مون تي ايترو اعتماد نه هو ته مون کي پڙهايو به نه ها.“

پڻس سندس اٽل ارادو ڏسي چيو: ”صفيه! تنهنجي ڳالهه صحيح آهي، پر تنهنجي نوڪري ڪرڻ تي مان ضمير جي بار هيٺان دٻجي ويندس. منهنجو ضمير مون کي هميشه ملامت ڪندو رهندو ته تون ڌيءُ جي نوڪريءَ تي پلجي رهيو آهين!“

هوءَ پيءُ کي بيحد پيار ڪندي هئي. چيائين: ”بابا، توهان اسان کي پالي وڏو ڪيو. تعليم ڏياري، اسان جا انگل پورا ڪيا، ضمير ته اسان کي ملامت ٿو ڪري ته هاڻي اسان نوڪري نه ڪريون!“

سندس وراڻيءَ تي پڻس هٿيار ڦٽا ڪيا. ٻئي ڏينهن صبح جو هن آفيس وڃڻ لاءِ سوير تياري ڪئي. پاڙي ون سوڙهيون گهٽيون لتاڙي جڏهن هوءَ روڊ تي آئي ته بس اسٽاپ تي ڪيترائي ماڻهو بس جي انتظار ۾ هئا. سڀني مردن جي وچ ۾ هوءَ اڪيلي ڇوڪري هئي. سڀني جون شڪاري نظرون سندس نشانو وٺي بيٺيون هيون. اُنهن نگاهن ۾ عجيب وحشت هئي. کيس محسوس ٿيو ته انهن مردن جو وس پُڄي ته اُتي جو اُتي کيس ڳڙڪائي وڃن. ڪجھ هيرو ٽائيپ نوجوانن ته نظرن جي نشاني بازيءَ سان گڏ جملي بازي ۽ گانا ڳائڻ به شروع ڪري ڏنا. سنس دل چاهيو ته پنهنجي چپل لاهي اهڙن بداخلاقن کي چڱي خاصي سيکت ڏني، پر حياءَ ۽ شرم جي ديوار اڳيان اچي ويس. دل ئي دل ۾ چيائين ته ”جيڪي وڻين سو ڀل بڪن، اُن سان منهنجيءَ دل تي ڪوبه اثر نه پوڻ کپي. ماڻهو وري به مون تي آڱريون کڻندا.“

هوءَ جڏهن آفيس ۾ پهتي ته چوڪيدار ۽ پٽيوالي کان سواءِ اڃا ٻيو ڪو به آفيس ۾ نه پهتو هو. ٻنهي کيس ڏسي معنيٰ خيز انداز ۾ مُرڪي ڏنو. پٽيوالو کيس پنهنجي آفيس تائين وٺي آيو ۽ پوءِ پنهنجا پيلا ڏند ڪڍندي چيائين: ”توهان کي ڪنهن شيءِ جي گهرج هجي ته رڳو گهنٽي وڄائجو، مان پاڻيهي حاضر ٿي ويندس.“

صفيه ڪنڌ سان هاڪار ڪئي. پٽيوالو واپس ورڻ لڳو ته در تي وڃي وري واپس ٿيندي چيائين: ”منهنجو نالو رفيق آهي!“

هوءَ سمجھي ويئي ته رفيق کيس پنهنجو نالو ٻڌائي، سندس نالو پڇڻ چاهي ٿو. هن مُرڪندي چيو: ”منهنجو نالو صفيه آهي.“

”اڇا، صفيه صاحبه!“ پٽيوالي حيرت مان چيو: ”مان توهان کي هڪ ڳالهه چوانءِ!“

”جي چئو!“

”هن آفيس ۾ جڏهن به ڪا ڇوڪري نوڪري ڪرڻ آئي آهي ته اُها هڪ هفتي کان وڌيڪ رهي نه سگهي آهي!“

”ڇو؟“ صفيه حيرت مان چيو.

”خبر ناهي ڇو، مان پاڻ حيران آهيان!“

هن مُرڪندي چيو: ”رفيق! مان اُنهن ڇوڪرين مان ناهيان. مان نوڪري نوڪريءَ لاءِ ٿي ڪريان، تفريح لاءِ نه.“

رفيق چيو: ”ٺيڪ، ڏاڍو سٺو، خدا ڪري ائين ئي ٿئي. ڀلا توهان چانهن پيئڻ پسند ڪنديون؟“

”ڇو آفيس جي طرفان چانهه ملندي اهي ڇا“ هن حيرت مان پڇيو.

”نه نه، اهڙي ڳالهه ناهي. منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن توهان کي چانهه جي ضرورت هجي ته وٺي اچان!“

”نه نه، في الحال چانهه جي ضرورت ناهي!“

رفيق ٻاهر هليو ويو. آفيس ۾ آهستي آهستي اسٽاف اچڻ شروع ٿيويو. سندس سيڪشن ۾ ٻه ڪلارڪ ويٺا. هڪ ٿلهو، ڪارو ۽ گنجو هو ۽ ٻيو اُن جي اُبتڙ ڊگهو ۽ سنهڙو سيپڪڙو هو. ٻنهي صفيه کي ڏسندي مُرڪي پنهنجو تعارف ڪرايو. صفيه به کين پنهنجو تعارف ڪرائي چپ ٿي پنهنجي ڪم سان لڳي ويئي. کيس محسوس ٿيو ته ٻيئي ڪلارڪ هن کي گهوري رهيا آهن. هن منهن مٿ کڻي ڏٺو. واقعي ٻيئي ڄڻا هن ڏانهن ڏسي رهيا هئا، پر سندس ڏسڻ ڪري اُهي يڪدم چُپ ٿي ويا. کيس محسوس ٿيو ته ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڪرڻ ڪيڏو نه مشڪل آهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس ۾ رهي ڪم ڪرڻ پلصراط جو سفر آهي. ڪيتريون ئي هَوس ڀريون نظرون پيڇو ڪنديون رهن ٿيون. کيس اِها ڳالهه سمجھ ۾ اچڻ لڳي ته ڇوڪريون جلد نوڪري ڇو ڇڏي هليون وينديون آهن، پر هن سوچيو ته کيس هر حال ۾ ڪم ڪرڻو ئي آهي.....

”مس صفيه! توهان جو چانهه جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“

بندري، گنجي ۽ ڪاري ڪلارڪ جي آواز تي سنس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو.

”جي؟“ هن ڪجھ به نه سمجھندي چيو.

بندري، گنجي ۽ ڪاري ڪلارڪ چيو: ”منهنجو مطلب آهي ته پاڻ هِتي ڪليگ جي حيثيت ۾ ڪم ڪريون ٿا، انڪري گڏجي چانهه به پي سگهون ٿا.“

هن ڪلارڪ جي ڳالهه سمجھڻ ۾ ڪجھ دير ورتي، پوءِ چيائين: ”اڄ نه، جڏهن مون کي پگها ملندو اُن ڏينهن چانهه پيئنداسين!“

سندس ڳالهه تي سنهڙي سيپڪڙي ڪلارڪ ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”مس صفيه! توهان اسان جو مطلب نه سمجھيو. اسان توهان جي چانهه پيئڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون. توهان ته آفيس ۾ اڃا مهمان آهيو!“

ڳالهه کي وزن وٺائيندي بندري، گنجي ڪلارڪ چيو: ”اسان جو مطلب آهي ته ڇا توهان اسان جي چانهه پيئڻ پسند ڪنديون؟“

هن بندري گنجي ڪلارڪ ڏانهن حيرت مان ڏٺو. ان جي منهن تي ريڊي ميڊ مرڪ هئي. صفيه کيس چيو: ”پاڻ واقعي ڪليگ جي حيثيت سان ڪم ڪريون ٿا، پر منهنجا پنهنجا به ڪي اصول آهن، ان ڪري مان في الحال توهان جي چانهه پي نٿي سگهان!“

اُن رُکي جواب تي ٻنهي ڪلارڪن مايوسيءَ مان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.بندري گنجي ڪلارڪ ڪجھ چوڻ ٿي چاهيو ته عين اُن وقت انٽرڪام جي گهنٽي وڳي. بندري گنجي ڪلارڪ رسيور کنيو ۽ ڪجھ ٻڌي، رسيور صفيه جي حوالي ڪندي چيائين: ”صاحب توهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿو.“

صفيه رسيور کنيو. ٻئي طرف کان صاحب جو آواز آيو: ”ڏيو خبر، ڪڳم ته ٺيڪ پيو هلي نه؟ ڪو پرابلم ته ناهي؟“

هن هڪ ئي ڳت ۾ جواب ڏنو: ”نو سر! ٿئنڪ يو.“

صاحب چيو: ”او. ڪي! توهان جيترو بهتر ڪم ڪنديون، اوترو توهان جي جلد ترقي ٿيندي.“

هن وري به چيو: ”ٿئنڪ يو، سر!“

ٻئي پاسان فون بند ٿيڻ تي هن به فون بند ڪئي.

۽ پوءِ هوءَ فائيلن ۾ گم ٿي ويئي. ڪم ايترو ته گهڻو ۽ ڏکيو هو جو ڪم ڪندي کيس محسوس ٿيو ته سندس دماغ جو رڳون ڦاٽي پونديون. اُن وقت کيس سچ پچ ته چانهه جي ڏاڍي ضرورت محسوس ٿي، پر سندس پرس ۾ رڳو بس جي ڀاڙي جا ئي پئسا هئا. ڪم ڪندي هن هر هر ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن ڏٺو ٿي. کيس محسوس ٿيو، ڄڻ گهڙيال جي ڪانٽن کي زنجيرون پئجي ويون هجن ۽ وقت هڪ هنڌ بيهي ويو هجي!

نيٺ موڪل جو وقت ٿيو. هوءَ پنهنجي سيٽ تان اُٿي ته سندس دماغ چڪرائجي ويو. جيئن تيئن ڪري هوءَ روڊ تي آئي. بس ۾ ماڻهو ماکيءَ جي مکين جيان چنبڙيل هئا. هوءَ به هڪ بس ۾ چنبڙي پيئي ۽ سڄي واٽ بيٺي سفر ڪندي رهي. بيٺي بيٺي جسم درد جي عذاب ۾ ٻڏڻ لڳو. گهر واري اسٽاپ تي پهتي ته ٽنگون هلڻ کان جواب ڏيئي چڪيون هيس. هوءَ آهستي آهستي گهر ڏانهن وڌڻ لڳي. هڪ پاسي ٿڪاوٽ ۾ جسم چڪناچور هئس ته ٻئي پاسي وري بک پوري شدت سان ستائڻ لڳي هيس. گهر کان ٿوري پري تائين به پنڌ ڪري ها ته چڪرائجي ڪري پوي ها. گهر پهتي ته سمورا ڀاتي ماني کائي چڪا هئا. هن پنهنجي لاءِ رکيل مانيءَ مان تڪڙ ۾ چند گراهه کاڌا ۽ پوءِ سمهي پيئي. ٿڪاوٽ جي ڪري کيس چڱي ننڊ آئي.

ٻئي ڏينهن به هن آفيس ۾ اُن ئي هڻ هڻان ۾ وقت گذاريو. ڪم ڪندي جڏهن کيس آفيس ۾ هڪ هفتو گذري ويو، تڏهن صاحب کيس آفيس ۾ سڏايو. هوءَ صاحب وٽ پهتي. صاحب کيس ويهڻ جي آفر ڪئي. هوءَ ويٺي ته صاحب کيس گهوريندي چيو: ”مس صفيه! توهان کي خبر آهي ته هن آفيس ۾ ڪابه ڇوڪري هڪ هفتي کان وڌيڪ نوڪري نه ڪري سگهي آهي.“

هن چيو: ”سر! ها، مون به اِهوئي ٻُڌو آهي، پر اُن جي سبب جي خبر نه اٿم.“

صاحب مُرڪندي چيو: ”اِهو ته مون کي معلوم ناهي، پر توهان جو ڪم ڏسي اِهو چئي سگهجي ٿو ته توهان اُنهن ڇوڪرين مان نه آهيو!“

”ٿئنڪ يو، سر!“ هن صاحب جي مهرباني مڃي.

صاحب وري چيو: ”ڪم جي معاملي ۾ مان تمام سخت ماڻهو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ملازمن کي دڙڪا به ڏيندو آهيان، پر باصلاحيت ماڻهوءَ جو قدر به ڪندو آهيان!“

هن وري به چيو: ”ٿئنڪ يو، سر!“

صاحب کيس خوشخبري ڏيندي چيو: ”اڄ توهان جي نوڪري پڪي. مان توهان جي ڪم ۽ محنت کان متاثر ٿيو آهيان. مان ڪم ڏسي پگهار مقرر ڪندو آهيان. توهان جو پگهار ست هزار رپيا مقرر ڪيو اٿم!“

هن حيرت مان چيو: ”ست هزار رپيا!“

”ها، جيڪڏهن اڃا به توهان وڌيڪ تجربو حاصل ڪندا ته اُن ۾ واڌارو به اچي سگهي ٿو.“

”ٿئنڪ يو، سر!“ هن وري به ريڊي ميڊ جواب ڏنو.

جنهن ڏينهن کيس پگهار مليو، اُن ڏينهن خوشيءَ ۾ هوءَ ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي گهر پهتي. ماڻس پگهار جا پئس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ماڻس خوشيءَ وچان کيس ڳراٽڙي پائيندي چيو: ”تون ته سچ پچ منهنجو پُٽ آهين!“ پڻس سندس پگهار تي خاموشي اختيار ڪئي. هوءَ سمجھي ويئي ته پڻسن سندس نوڪريءَ تي خوش ناهي.

۽ کيس ويتر مرداني سماج سان نفرت ٿي ويئي.

****

ٻئي پگهار ملڻ کان پوءِ هوءَ جڏهن رستي تي ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي هئي، تڏهن پنهنجي ڀرسان اوچتو ڪار کي بيهندو ڏسي پهرين ته حيران ٿي ويئي، پر جڏهن ڪار ۾ ’صاحب‘ کي ڊرائيو ڪندي ڏٺائين، تڏهن سندس حيرت ۾ گهٽتائي آئي.

”مس صفيه! ڪيڏانهن پيون وڃو؟“ صاحب چيو:

”سر! گهر پيئي وڃان. اڄ پگهار مليو آهي. ان ڪري ٽيڪسيءَ جي انتظار ۾ آهيان!“

”توهان جو گهر ڪهڙي روڊ تي آهي؟“

”سر! لبرٽي روڊ تي آهي!“

”اڇا! اتفاق سان مان به لبرٽي روڊ کان ٿيندو، اڳتي ويندس. ٽيڪسيءَ جو انتظار ڇڏيو، مون سان هلو ته توهان کي پهچائي ڇڏيندس!“

ائين چوندي صاحب ڪر جي پوئين دروازي جو لاڪ کوليو. هوءَ صاحب کي ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهي ۽ گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ويهي رهي.

صاحب گاڏي گيئر م وڌي. ايڪسيلٽر دٻايو. گاڏي آهستي آهستي وڌندي تيز ٿي ويئي. صاحب صفيه کي خاموش ڏسي چيو: ”مس صفيه! توهان ڏاڍيون ڪنجوس آهيو!“

”سر! مان؟“ صفيه حيرت مان چيو.

”جي توهان!“

”اِهو وري ڪيئن. سر؟“

”اهو هيئن جو توهان ٻه پگهارون کڻي چڪيون آهيو، پر مٺائي نه کارائي اٿو!“

”ساري سر! مان توهان کي سڀاڻي ئي مٺائي پيش ڪنديس!“

”اڄ نه؟“

”ها سر! اڄ به توهان کي مٺائي پيش ڪري سگهجي ٿي. سُويٽس جي ڪنهن دڪان آڏو گاڏي بيهاريو ته مان هينئر به مڍائي وٺي ڏيئي سگهان ٿي!“

”ان جو مطلب آهي ته توهان ڪنجوس ناهيو!“

”سر! هرگز نه!“

”پر، مان مٺائي بدران چانهه پيئڻ پسند ڪنديس!“

”سر! چانهه تي ته دير ٿي ويندي!“

”ڪهڙي دير ٿيندي؟ اِهي پنج ڏهه منٽ ته لڳندا!“

”سر! توهان جي مرضي!“

”او. ڪي!“

صاحب ڪار ڊرائيو ڪندي هڪ شاندار هوٽل آڏو بيهاري ۽ گاڏيءَ مان لهندي چيائين: ”مس صفيه! هلو ته توهان جي چانهه پيئون!“

هوءَ عجب مان هوٽل کي ڏسندي صاحب سان گڏ جي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿي. ان قسم جي ريسٽورنٽ ۾ هوءِ پهريون ڀيرو داخل ٿي هئي. ان وقت کيس محسوس ٿيو ته هوءَ صاحب جي ڇڏيل ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي چڪي آهي. هن محسوس ڪيو ته سندس هٿان خاندان جي عزت نيلام ٿي ويئي آهي. هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ جو، هڪ غير مرد سان هوٽل تي گڏ چانهه پيئڻ جو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو. ٻئي لمحي هن فيصلو ڪيو ته ڇا به هجي، هوءَ ايتري ڪمزور نه ٿيندي جو ڪو مرد کيس پنهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي وجهي.

بيرو آيو ۽ چانهه جو آرڊر وٺي هليو ويو. تڏهن صفيه اچانڪ ڪنڌ مٿي کڻي صاحب کي چيو: ”سر! توهان جي شادي ٿيل آهي؟“

”جي ها! شادي ٿيل آهي!“

”توهان پنهنجي زال کي ڪيترو پيار ڪريو ٿا؟“ هن رکائيءَ وچان چيو.

”جي؟ مون توهان جو مطلب نه سمجھيو!“

”سر! منهنجو مطلب آهي ته توهان جيڪڏهن شادي ڪيل آهيو، ته پوءِ يقيناً پنهنجي زال سان محبت به ڪندا هوندا، ته پوءِ پنهنجي آفيس جي هڪ مجبور ڇوڪريءَ کي هوٽل تي آڻي ڇا ثابت ڪرڻ گهرو؟ توهان جي زال اگر پاڻ کي هِتي ڏسي وٺي، ته ڇا محسوس ڪندي؟“ صفيه هڪ ئي ساهيءَ ۾ اهو سڀ ڪجھ چئي ويئي.

صاحب مُرڪندي چيو: ”اوهه صفيه! تون ڏاڍي قدامت پسند خيالن جي ڇوڪري آهين!“

صفيه چيو: ”سر! منهنجي مائٽن مون تي اعتماد ڪندي، انتهائي مجبوريءَ وچان مون کي جاب ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. اڄ جيڪڏهن ڪو اُنهن مان مون کي هِتي ڏسي وٺي ته سندن اعتماد جي ٻيڙي ٻڏي ويندي. مان سندن نظرن ۾ ڪري پونديس. جڏهن عورت هڪ دفعو نظرن ۾ ڪِرندي آهي ته اُها ٻيهر اُٿي نه سگهندي آهي!“

صاحب جي چهري تي بدستور مُرڪ هئي!

صفيه کي محسوس ٿيو ته صاحب سندس ڳالھ ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي آهي. تڏهن سنس اندر ۾ مرد ذات لاءِ نفرت ۽ حقارت ويتر وڌي ويئي. تڏهن ڪاوڙ مان صاحب کي چيائين: ”سر! توهان ڇا ٿا سمجھو ته توهان پنهنجي بي پناهه پئسي جي آڌار تي ڪنهن مجبور ڇوڪريءَ کي نوڪري ڏيئي، ڄڻ ته اُن کي خريد ڪري ورتو آهي؟ جيڪڏهن ائين سمجھو ٿا ته ڀُليل آهيو! مان سڀاڻي ئي توهان کي استعيا ڏياري موڪليندس.“

صاحب جي چهري تي بدستور مرڪ هئي. صفيه جو فيصلو ٻڌي چيائين: ”صفيه! تون ته ڏاڍي بي باڪ ڇوڪري آهين! اِهو سچ آهي ته مان توکي هڪ اٽڪل سان هِتي وٺي آيو آهيان، پر اهو به سچ آهي ته مان توسان محبت ڪريان ٿو. اڄ مان اُن محبت جي اظهار لاءِ توکي هِتي وٺي آيو آهيان. آءِ لَو يو... صفيه!“

صفيه صاحب جو جملو ٻڌي چڪرائجي ويئي. ريسٽورنٽ نه هجي ها ته صاحب کي ڌڪ هڻندي دير نه ڪري ها، پر پوءِ کيس صاحب تي کِل آئي. چيائين: ”سر! اِن طريقي سان اڄ تائين گهڻيون ڇوڪريون ڦاسائين کين رانديڪي جيان ڦٽو ڪري چڪا آهيو؟“

”صفيه! مون لاءِ ڇوڪري حاصل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، پر مون اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. مون تي اعتبار ڪر!“

........ ۽ هوءَ جيڪا توهان جي گهر واري آهي؟“

”صفيه! منهنجي زال ذهني مريضه آهي. هڪ پوڙهي بيمار ماءُ اٿم، بس اڪيلو ئي اڪيلو آهيان. منهنجو ذهني سون تباهه آهي!“

ايتري ۾ چانهه آئي. هن خاموشيءَ سان چانهه پيتي. چانهه پيئندي هوءَ مرد جي مڪاريءَ تي سوچيندي رهي. چانهه پي بِل ڏنائين ۽ پوءِ هوءَ صاحب کان پُڇڻ بنا ئي ٻاهر هلي آئي. صاحب کيس سڏ به ڪيو. پر هوءَ نه بيٺي. اتفاق سان ٻاهر کيس ٽيڪسي به ملي ويئي.

گهر پهتي ته ماڻس دير ڪري اچڻ تي ڪاوڙي ويٺي هئي. هن ”ٽريفڪ جام“ جو بهانو بڻائي ماڻس کي ٿڌو ڪيو، پر ماڻس يڪدم کيس ٻيو فيصلو ٻڌايو.

”صفيه! سڀاڻي کان تون آفيس نه ويندينءَ!“

ماڻس جي ڳالهه ٻڌي کيس ڄڻ ته جهٽڪو لڳو، چيائينس: ”ڇو؟“

”تنهنجي سڱ جي هڪ هنڌ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سٺو خاندان آهي. ڇوڪرو پڙهيل ۽ ڪاروبار وارو آهي، پر سندس مطالبو آهي ته ڇوڪريءَ کان جاب نه ڪرايو!“

”۽ توهان هنن جو مطالبو مڃي ورتو!“ صفيه ڪاوڙ ۾ چيو.

”بس ڇا ڪجي! نياڻيءَ وارا جو ٿياسين!“

اوچتو کيس ياد آيو ته هوءَ خود سڀاڻي استعيفا ڏئي رهي آهي. چڱو ٿيو جو هڪ بهانو ته هٿ اچي ويو، پر ساڳي وقت کيس گهر جي مالي حالت جو اونو ٿيو. چيائين: ”پر امان! مان استعيفا ڏينديس ته گهر ڪير هلائيندو؟“

ماڻس مُرڪندي چيو: ”اُن جو به بندوبست ٿي ويو آهي. سڀاڻي کان پڻهين اُن ڇوڪري جي آفيس ۾ مئنيجر لڳندو!“

ماءُ جي ڳالهه ٻڌي کيس سڪون مليو، ته گهٽ ۾ گهٽ روزگار جو مسئلو ته حل ٿيو.

****

ٻئي ڏينهن جڏهن ڇوڪري جي ماءُ پنهنجي پٽ سميت صفيه کي ڏسڻ آئي ته صفيه کي خوبصورت ڪپڙا پارائي خوب ميڪ اپ ڪرايو ويو. هوءَ ٻئي ڪمري ۾ ويهاري ويئي. اُتي ويهي کيس معلوم ٿيو ته ڇوڪري ۽ ڳئون ٻيئي برابر اهن. کين مائٽن ۽ مالڪن جي مرضيءَ سان اُس ۽ ڇانوَ تي ٻڌو ويندو آهي. مائٽن ۽ مالڪن جي مرضيءَ سان اُهي گهوٽن ۽ ڪاسائين جي حوالي ٿينديون رهنديون آهن. هوءَ پنهنجيءَ سس جو انتظار ڪندي رهي ته ڪيڏيءَ مهل ٿي کيس ڏسي، پسند ڪري. ايتري ۾ ماڻس هن وٽ پهتي، کيس ڳراٽڙي پائي پاڻ سان گڏ سندس ٿيندڙ سس ڏانهن وٺي هلي. هوءَ روايتي مشرقي ڇوڪري جيان شرم ۽ حيا ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي سس تائين پهتي. هن جو ڪنڌ مسلسل هيٺ هو. سندس ٿيڻ واري سس کيس ڏسي اُٿي. سندس مڪمل جائزو ورتو ۽ پوءِ چيائين: ”ماشاء الله! ڇوڪري مون کي پسند آهي!“

اهو جملو ٻڌي سندس بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويا. هن آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجيءَ سس ڏانهن ڏٺو. هوءَ خوبصورت ڪپڙا پاتل پر بيمار ۽ پوڙهي عورت هئي. اوچتو هن جو ن نظرون صوفي تي ويٺل گهوٽ تي وڃي کُتيون ۽ کانئس حيرت مان رڙ نڪرندي رهجي ويئي! اُهو ٻيو ڪو نه، پر سندس ”صاحب“ ئي هو! هن محسوس ڪيو، ڄڻ ’صاحب‘ کيس چوندو هجي: ”صفيه! اسين دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت جي آڌار تي ڇوڪريون ڦاسائڻ جا ڪيئي گُر ڄاڻون ٿا. ڪالهه توکي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر بچي نڪري وئينءَ؛ پر هينئر منهنجي ڪوڙڪيءَ ۾ اهڙي ڦاٿي آهين جو جان آجي ڪرائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com