سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :5

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

 

نصرت نامهء ترخان- هڪ عام جائزو

”چچ نامه“ سنڌ جي تاريخ جو اولين تحرير ماخذ آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ ”فتح نامه سند“ جي نالي سان تيار ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ سنڌ تي راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن جي احوال سان گڏ عرب فتوحات جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. اصل ڪتاب ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيو، اُن بابت ڪجھ به يقين سان نٿو چئي سگهجي. البته اڳتي هلي هن ڪتاب جو فارسي ترجمو ٿيو، جنن متعلق بنيادي ڄاڻ موجود آهي. ناصر الدين قباچه جي درٻار سان وابسته علي بن حامد ڪوفي، سنڌ جي قديم تختگاهه اروڙ ۾ آيو، جتي کيس ”فتح نامه سند“ ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي علي ڪوفي، هن ڪتاب جو عربي زبان مان فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ترجمو 613هه ۾ مڪمل ٿيو. ان بعد هيءُ ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. نه رڳو سنڌ بلڪ هند جي تاريخ ۾ پڻ هن ڪتاب جي قدامت ۽ اهميت تسليم ٿيل آهي. اصل عربي ڪتاب، فارسي ترجمي کان پوءِ دنيا مان اڄ سوڌو گم آهي. علمي دنيا ۾ علي ڪوفيءَ جو ترجمو استعمال هيٺ ايندو رهيو. ويهين صديءَ ۾ هن ڪتاب جا انگريزي، اردو ۽ سنڌي ترجما ڇپجي پڌرا ٿيا. جڏهن ته ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سعيي سان، ٻه فارسي ايڊيشن به نروار ٿيا.

”چچ نامه“ جي فارسي ترجمي کان پوءِ سنڌ جي تاريخ نويسيءَ ۾ هڪ ڊگهي اڻهوند ڏسجي ٿي. لڳ ڀڳ چئن صدين کان پوءِ، سنڌ جي اتهاس بابت مير محمد معصوم بکريءَ هڪ ڪتاب لوکيو. هيءُ ڪتاب ”تاريخ معصومي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان جي لکجڻ جو سال 1009هه آهي. هن ڪتاب ذريعي مير معصوم، سنڌ جي تاريخ کي اڪبر هٿان سنڌ جي فتح تائين واري عرصي کي لکي محفوظ ڪيو. ان ريت ڏسجي ٿو ته عربن کان ڪري سومرن، سمن، ارغونن ۽ ترخانن وارا دور، پهريون ڀيرو تحريري شڪل ۾ اچي، تاريخي دستاويز جي صورت ۾ ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ٿيا. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي سعيي سان ”تاريخ معصومي“ جو فاسي ڇاپو منظر عام تي آيو، جڏهن ته هن ڪتاب جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي ايڊيشن به نڪتا.

سال 1980ع ۾ سنڌ جي نامور مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ ”ننگر ڍٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ جي عنوان سان ”مهراڻ“ ۾ هڪ سروي ڇپرائي هئي (1-2/1980ع). هن سروي ذريعي پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو ته ”چچ نامه“ ۽ ”تاريخ معصومي“ جي وچ تي سنڌ جي اُن ڪتاب جو نالو ”نصرت نامه ترخان“ ۽ مصنف جو نالو سيد محمد بن بايزيد پوراني آهي[1]. ڪتاب جو واحد نسخو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ هو. ڊاڪٽر اينمري شمل اُن جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪري، راشدي صاحب کي ان تي ڪم ڪرڻ جو شوق ته بيحد هو، پر سندن صحت هن نسخي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. انڪري ڊاڪٽر شمل وٽان پهتل مواد پاڻ پنهنجن هدايتن سان پنهنجي عالم ۽ فاضل دوست ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب جي حوالي ڪري ڇڏيائون. علمي دنيا ويهن ورهين کان وٺي هم اهم ڪتاب جي اشاعت جو انتظار رهندو ٿي آيو. تازو هيءُ ڪتاب وڏي اهتمام سان انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽيءَ، طرفان ڇپجي منظر عام تي آيو آهي، جنهن کي ممتاز محقق ڊاڪٽر انصار زاهد خان ايڊٽ ڪيو آهي. هن مختصر مضمون ۾ اسين ”نصرت نامه ترخان“ جو تعارف ۽ اڀياس پيش ڪنداسين.

مصنف جو خاندان:

سن 927هه/1520ع ۾ ارغونن سنڌ کي فتح ڪيو، ان ريت سنڌ جي خرابيءَ جو نه کٽندڙ باب کُلي پيو. ملڪ غلام ٿيو. سنڌ واسي بيوس ٿي دربدر ٿيا. زمينون، واپار، عهدا ۽ اقتدار- سڀ جا سڀ ڌارين حاڪمن جي حوالي ٿيا. قنڌار کان ڪهي آيل ارغون حاڪم، مقامي ماڻهن تي ڀروسو نه ٿي ڪري سگهيا. ان پس منظر ۾ ڌارين حاڪمن، پنهنجي ملڪ مان مختلف قبيلن کي لڏائي سنڌ ۾ آباد ڪيو. ڪابل، قنڌار ۽ هرات مان ڪيترن ئي قبيلن لڏپلاڻ ڪري، سنڌ ۾ پهچي آباد ٿيڻ شروع ڪيو. ڌارين قبيلن جي اهڙن مختلف ماڻهن کي سنڌ ۾ پهچڻ سان هر صورت ۾ نوازيو ويو. مذهبي منصب، اعليٰ حڪومت عهدا، جاگيرون ۽ اهميت جوڳيون عملداريون کين ملڻ شروع ٿي ويون. نتيجي طور ڪابل ۽ قنڌار کان ايدڙڻ جو هڪ وڏو سيلاب سنڌ تي اچي ڪڙڪيو. بکر، سبي، نصرپور، سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ٺٽي سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن تي ڌارين قبيلن ۽ عملدارن جو قبضو ٿي ويو. مقامي سنڌي قبيلا، عهدا، ملازمتون ۽ زمينون وڃائي بي يارو مددگار ٿي ويا. نتيجي ۾ سنڌي عوام ارغونن سان مهاڏو اٽڪايو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾، سنڌ اندر پرڏيهي قبيلن جي آبادڪاري جاري رهي. هن صورتحال ۾ سنڌي قبيلن به برابر ويڙھ جاري رکي. هي سلسلو تڏهن وڃي ختم ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن ي روپ ۾ وري سنڌ جو مقامي اختيار بحال ٿيو.

ارغونن جي مارڌاڙ واري دور ۾ جيڪي قبيلا وچ ايشيا مان لڏي اچي سنڌ ۾ پهتا، انهن ۾ ”پوراني ساداتن“ جو قبيلو گهڻي اهميت رکي ٿو. هن گهراڻي جا شروع کان ڪري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان گهرا تعلقات رهندا آيا. جڏهن ارغونن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ مغلن هند کي والاريو، تڏهن ”پوراني خاندان“ به سنڌ طرف لڏپلاڻ ڪئي. هن خاندان جي مختلف فردن کي حاڪمن جو سهڪار حاصل هو، انڪري کين وڏا وڏا عهدا، جاگيرون ۽ انعام اڪرام حاصل ٿيا. شيخ جلال الدين ابو سعيد، سيد عنايت جي نياڻي خانزاده بيگم سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون. ابو سعيد جو تعلق هرات جي اتر ۾ موجود ديهه پوران“ (بوران) سان هو، ان نسبت سان هن جو ڪڙم ”پوراني“ سڏجڻ ۾ آيو. شيخ ابو سعيد جا چار پٽ هن طرح ٿيا: سيد محمود عرف شيخ ميرڪ ٺٽوي، سيد احمد، مير نورالدين ۽ ميرڪ بايزيد. شيخ ميرڪ ان وقت ٺٽي پهتو، جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون، ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، سڄي سنڌ تي قبضي جو اعلان ڪيو. شيخ ميرڪ عالم فاضل انسان هو. کيس ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو ويو. هن کي ارغون حاڪم جي گهڻي قربت حاصل رهي. هن 962هه ۾ وفات ڪئي. سندن مزار مڪلي ٽڪريءَ تي پورانين جي مقام ۾ موجود آهي. ميرڪ مرحوم جو اولاد اڄ تائين موجود آهي ۽ کين پوراني ساداتن جي ”ٺٽوي شاخ“ سڏيو وڃي ٿو. شيخ ابو سعيد جو پٽ سيد احمد پڻ قابل انسان هو. شاهه بيگ هن کي بابر جي درٻار ۾ روانو ڪيو ته جيئن ڪاوڙجي ويل شاهه حسن کي واپس وٺي اچي، هڪ راءِ موجب هن جي وفات نيشاپور ۾، ۽ ٻي روايت موجب قنڌار ۾ ٿي. ابو سعيد جو ٽيون پٽ مير نورالدين سنڌ ۾ آيو. ملتان جي فتح وقت شاهه حسن سان گڏ هو. بادشاهه جڏهن مشهور شاعر جهانگير هاشميءَ تي ڏمريو ته مير نورالدين وچ ۾ پيو ۽ غريب شاعر کي معافي ملي. پاڻ ڪٿي ۽ ڪڏهن فوت ٿيو، ان بابت ڪابه خبر ڪانهي. البته ”ميلاد رسول“ نالي هن جو ڪتاب اهميت رکندڙ هو.


سيد احمد ۽ مير نورالدين جي برعڪس شيخ ابو سعيد جو چوٿون پٽ ميرڪ بايزيد پڻ پنهنجي ٻئي ڀاءُ شيخ ميرڪ ٺٽويءَ وانگر گهڻي اهميت رکي ٿو. بايزيد چڱو شاعر ۽ سٺو خوشنويس ٿي گذريو. جنهن دور ۾ شيخ ميرڪ ٺٽي پهتو، ان وقت ۾ ميرڪ بايزيد بکر پهتو. بکر ۾ هن جي ڪردار لاءِ متضاد رايا ملن ٿا. هڪ راءِ موجب کيس بکر جو شيخ الاسلام، مقرر ڪيو ويو. ٻيءَ راءِ موجب هن کي بکر جو حاڪم بنايو ويو، پر ٻنهي راين ۾ صداقت ڪانهي. ميرڪ بايزيد کي پڪ سان حاڪمن جي قربت حاصل رهي، ليڪن هو بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري نه سگهيو. پاڻ قنڌار ۽ بکر جي وچ ۾ ايندو ويندو ٿي رهيو. هن جي وفات سن 950هه ۾ قنڌار ۾ ٿي. ميرڪ بايزيد ٻه شاديون ڪيون: هڪ شادي مرزا خواند جي نياڻي خانزاده بيگم سان ڪيائين، جنهن مان ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ ميرڪ عبدالباقي نالي سان ٿيو. هي بزرگ 942هه ۾ ڄائو ۽ سن 1019هه ۾ فوت ٿيو. هن جو مقبرو پراڻي سکر ۾ موجود آهي. سکر جا ”ميرڪي سادات“ مير عبدالباقي مرحوم جو اولاد آهن. شروعاتي دور ۾ هي خاندان سنت جماعت سان تعلق رکندڙ هو، بعد ۾ شيعه مسلڪ سان لاڳاپجي ويو ۽ موسوي سڏجڻ ۾ آيو.

ميرڪ بايزيد ٻي شادي سبزواري سيدن مان ڪئي. هن گهر مان کيس به ڌيئرون ۽ ٽي پٽ ٿيا. هڪ پٽ مير عبدالله هو جو هرات ۾ بي اولادي جهان ڇڏي ويو. ٻيو پٽ شيخ عبدالوهاب نالي سان ٿيو. هن جو ڪتاب ”فتاويٰ پوراني“ گهڻو مشهور ٿيو (هن وقت اڻ لڀ آهي). هن کي عبدالغفور، عبدالغفار ۽ محمد هاشم نالي پٽ ٿيا. سندس اولاد جو سلسلو هتي ختم ٿيو. شيخ عبدالوهاب ٺٽي ۾ رهيو، جتي 973هه ۾ فوت ٿيو. ارغون ۽ ترخان حاڪمن کي نهايت قريب رهيو. ميرڪ بايزيد جو ٽيون پٽ مير محمد ٿيو. جائزي هيٺ آيل ڪتاب ”نصرت نامهء ترخان“ هن جي تصنيف آهي.

سيد مير محمد بن بايزيد پوراني:

سيد مير محمد، سبزواري ساداتن مان پرڻيل گهر مان، بايزيد جو وڏو پٽ هو. مصنف بابت مقامي تذڪرن ۽ تاريخن ۾ يا ته گهت معلومات ملي ٿي، يا وري مورڳو مُنجھيل ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ تاريخ معصومي، تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعراءُ- جا نالا کڻي سگهجن ٿا. ليڪن سيد مير محمد جي باري ۾ خود سندس لکيل ڪتاب ”نصرت نامهء ترخان“ ۽ مير مرتضيٰ جي ترتيب ڏنل ”شجره سادات پوراني“ مان درست مواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي. سيد مير محمد ان وقت سنڌ ۾ داخل ٿيو جنهن وقت مرزا شاهه حسن، والد جي موت کان پوءِ ڄام فيروز تي حاوي ٿي چڪو هو. شاهه حسن نصرپور ۾ هو جو سيد مير محمد اچي هن سان ملاقي ٿيو. بادشاهه هن کي گهڻي عزت ۽ اهميت ڏني. سن 931هه ۾ سيد مير محمد ٺٽي وڃڻ جي خواهش ڏيکاري. مرزا شاهه حسن هڪ ته سيد جي احترام جي لحاظ سان، ۽ ٻيو ته سندن جوڳي حفاظت جي خيال سان، هن کي مناسب حفاظتي دستو مهيا ڪيو. اهو ته نه ٻڌايو ويو آهي ته سيد مير محمد جو چاچو شيخ ميرڪ به هن سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو، پر اسان کي خاطر آهي ته سيد مير محمد ۽ شيخ ميرڪ، گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ نصرپور ۾ اچي بادشاهه سان مليا. بعد ۾ ٻنهي ڄڻن کي وڏي احترام ۽ حفاظت سان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويو. سيد مير محمد زندگيءَ جي آخر تائين پنهنجي ڀاءُ شيخ عبدالوهاب ۽ چاچي ميرڪ محمود وانگر ننگر ٺٽي ۾ رهيو. هن جي وفات بابت متضاد رايا ملن ٿا ڪ راءِ موجب هو 1000هه ۾ فوت ٿيو. مير معصوم بکري سندن وفات 990هه لکي آهي. مير قانع موجب هو 970 ۾ وفات ڪري ويو. پر ”شجره سادات پورانيءَ“ موجب، سيد مير محمد ستر سالن جي عمر ۾ 972هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. هن کي مڪلي ٽڪريءَ تي ”پوراني ساداتن“ جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو ، پر ڪتبي نه هجڻ سبب هن جي قبر ڳولڻ ممڪن ڪانهي. مير محمد جي نالي ۾ ”فتاويٰ پوراني“ به منسوب ڪئي وئي، ليڪن هي تاليف سندس ڀاءُ شيخ عبدالوهاب جي آهي. سيد مير محمد سٺو شاعر به هو. هن جي شعر ۾ ”شاهنامي“ وارو بحر وزن ۽ رواني ڏسجي ٿي. سيد مير محمد جي واحد ۽ يگاني تصنيف ”نصرت نامهء ترخا“ آهي، جا صدين بعد هاڻي ظاهر ٿي آهي. هن ڪتاب جو تعلق ”سنڌ جي تاريخ“ سان آهي. اندروني شاهدين موجب هيءُ ڪتاب سن 968هه/1560ع ۾ لکيو ويو. ان وقت ٺٽي تي مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت هئي.

نصرت نامهء ترخان:

ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي چورانوي سال (927-1021هه) حڪومت ڪئي. هيءُ دور سنڌ اندر علمي ۽ ادبي واڌاري جي لحاظ کان گهڻي اهميت رکي ٿو. حڪمرانن جي سرپرستيءَ ۾ پرڏيهي اديبن، عالمن ۽ شاعرن سنڌ ۾ علم ادب جي آبياري ڪئي، انهن جو تعلق هرات، ڪابل ۽ قنڌار سان هو. خود حڪمرانن ۾ به شعر ۽ سخن جو شعور هو. اڳتي هلي مقامي ماڻهن به فارسي علم جي خدمت ڪئي. ذڪر هيٺ زماني ۾ نه رڳو شاعري وجود ۾ آئي، بلڪ سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب پڻ لکيا ويا. ان کان علاوه فارسي شاعر جا تذڪرا به تيار ٿيا. ڏسندي ئي ڏسندي عنوانن ۾ وسعت ايندي وئي. ان طرح ترخانن جي خاتمي تايئن، سنڌ اندر انيڪ موضوعن تي فارسي زبان ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. ڪجھ مثال ڏجن ٿا: شاه جهانگير هاشميءَ سن 940هه ۾ مثنوي ”روضة الآثار“ تيار ڪئي. فخري هرويءَ، شاعرن جا ٻه تذڪرا لکيا. هن جو اولين تذڪرو ”روضة السلاطين“ شاهه حسن جي دور ۾ 958هه ۾ مرتب ٿيو. جڏهن ته ٻيو تذڪرو ”جواهر العجائب“ عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 962هه ۾ لکيو ويو. مرزا عيسيٰ جي زماني ۾ 968هه ۾ ”نصرت نامهء ترخان“ لکجڻ ۾ آيو. مخدوم جعفر بوبڪائيءَ، تعليم جي موضوع تي 976هه ۾ ”حاصل النهج“ نالي ڪتاب تيار ڪيو. مخدوم نوح هالائيءَ (وفات: 998هه)، قرآن مجيد جو فارسي ترجمو ڪيو. مير محمد معصوم بکريءَ 1009هه ۾ ”تاريخ معصومي“ تيار ڪئي. سن 1010هه ۾ ادراڪي بيگلاريءَ مثنوي ”چنيسر نامه“ لکي. سيد عبدالقادر سال 1016هه ۾ ”حديقة الاولياء“ نالي صوفين جو تذڪرو لکيو. هڪ سال پوءِ ادراڪي بيگلاريءَ ”بيگلار نامه“ ترتيب ڏنو، جو سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو. ذڪر ڪيل اِهي سڀ ڪتب ڇپجي چڪا آهن[1].

سنڌ جي تاريخ بابت وچئين دور ۾ لکيل ڪتابن جي جدول موجب ”چچ نامه“ اولين فارسي ڪتاب آهي، جو سن 613هه ۾ تيار ٿيو. جڏهن ته سيد مير محمد پورانيءَ جو ڪتاب ”نصرت نامهء ترخان“ اسان جي اتهاس بابت ٻيو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب سن 968هه ۾ لکيو ويو. ان کان چاليهه سال پوءِ 1009هه ۾ ”تاريخ معصومي“ لکجڻ ۾ آئي. ”معصوميءَ“ کي هيل تائين سنڌ جي تاريخ جو ”ٻيو“ قديم ماخذ ليکيو ٿي ويو، ليڪن سيد مير محمد جي هن ڪتاب لڀجڻ ۽ ان جي اشاعت سان ”تاريخ معصوميءَ“ جي قدامت ”ٽئين نمبر“ تي اچي بيٺي آهي. سيد مير محمد جي خاندان جو ارغونن ۽ ترخانن سان گهرو لاڳاپو رهندو ٿي آيو. ان پس منظر ۾ جڏهن سيد صاحب سنڌ ۾ پهتو، تڏهن سندس خاندان جي ٻين فردن وانگر، هن کي به مرزا شاهه حسن ارغون وڏي عزت بخشي. بعد ۾ سيد مير محمد ۽ هن جو ڀاءُ شيخ عبدالوهاب، ارغوني حڪومت جا اهم ستون بنجي ويا. ٻنهي ڀائرن کي حڪومتي معاملن جي ڇيڙي نبيري ۽ صلاح مصلحت ۾ سڌو سنئون عمل دخل حاصل هو. ڪجھ واقعن ۾ سيد مير محمد خود به عملدارن سان گڏ مقامي ماڻهن جي خلاف عمل ۾ رهيو. حاڪمن جي گهرو جنگ و جدل ۽ صلح صفائيءَ ۾ به پورانين کي دخل ڏيڻ جو حق هو. ارغونن جي قنڌار ۾ ڪارگذاري، سنڌ جي فتح ۽ پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو انداز، اسان جي مصنف جي سامهون جا واقعا هئا. بعد ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي ويڙھ، شاهه حسن جو موت ۽ عيسيٰ ترخان جو حڪمران ٿيڻ اهڙا حادثا آهن، جن ۾ ”نصرت نامي“ جو ليکڪ سيد مير محمد پوراني، خود هڪ اهم ڪردار طور سامهون اچي ٿو. عيسيٰ ترخان جي دور ۾ سيد مير محمد کي اڃا به وڌيڪ اهميت حاصل ٿي. خاص طرح سان وليعهد صالح ترخان کي پاڻ نهايت ويجهو ڏسجي ٿو. مجموعي طرح سان مصنف ارغونن ۽ ترخانن کي پنجاهه سالن کان قريب رهندو ٿي آيو. ان پس منظر ۾ هن ترخانن جي تاريخ لکڻ جو ارادو ڪيو. هن پنهنجي ارادي کان صالح ترخان کي واقف ڪيو، ليڪن جڏهن مرزا عيسيٰ کي سيد مير محمد جي رٿا جي خبر پئي، تڏهن کيس تاڪيد ڪيائين ته سندس ڪتاب ۾ ارغونن جو احوال ضرور شامل ٿئي:

”حضرت نواب عالي خلد ملکه نيز ترغيب فرموده بزبان دربار گوهر نثار ايشان گذشت که اخلاقاً ]کذا[ حالات سلاطين سابق ارغون را نيز در سلک تحرير در آورده شود“ (ص 25).

”نصرت نامهء ترخان“ جا ابتدائي ويهه صفحا (ڇپيل ڪتاب جا)، ضروري قيل مقال ۽ تمهين تي مبني آهن. ان بعد هن صحيفي جي لکجڻ جو سبب پيش ڪيو ويو آهي: ”ذکر سبب تصنيف اين نامئه نامي و تاليف اين صحفيه گرامي“ (ص 21). هن مذڪور ۾ مصنف پنهنجي ڪتاب جي رٿا پيش ڪئي آهي، جا ڪجھ هن طرح ڏسجي ٿي.

مقدمه: در اموري چند که دانستن آن ضروري ست.

اهڙن نڪتن جو ذڪر، جي ڄاڻڻ ضروري آهن. ذڪر ۾ مصنف ارغونن ۽ ترخانن جي حسب نسب کي پيش ڪيو آهي.

مقصد اول: در ذکر اموري چند که، در زمان حضرت مملکت پناهي معدلت دستگاهي زبده حکام بين الانام و خلاصه الحکام الکرام امير ذوالنون بيگ ارغون سمت ظهور يافته تاشهادت آنحضرت.

 

هن مقصد ۾ شاهه بيگ جي والد امير ذوالنون بيگ جي سرگذشت ڏني وئي آهي.

مقصد دوم: در بيان جلوس حضرت نواب شاهه شجاع بيگ ارغون انا الله برهانه و مرزا محمد مقيم بجاي پدر بزرگوار خود تا زمان فوت ايشان.

هن مقصد ۾ امير ذوالنون جي قتل بعد سندس پٽن شاهه بيگ ۽ محمد مقيم جو احوال ڏنو ويو آهي.

مقصد سوم: از جلوس حضرت نواب سلطنت شعاري، گردون اقتداري نواب مرزا شاهه حسن غازي تا آوان فوت.

هن مقصد ۾ سنڌ جي حاڪم شاهه حسن ارغون جي احولا ۽ حڪومت کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي.

مقصد چهارم: از ابتدائي جلوس حضرت نواب کامياب مرزا محمد عيسيٰ ترخان خلد الله ملکه که زمان بوجود شريف آنحضرت مزين و محلي است و اين مقصد مشتمل است بر دو مقاله-

مقالئه اول: در ذکر آنچه اليٰ غايت که اتمام اين جلد سمت ظهور يافته مذکور خواهد شد.

مقالئه ثاني: در ذکر اموري که بعد ازين سمت ظهور يابد و اين کتاب را به ”نصرت نامهء ترخان“ مسمي گردانيد و من الله الاعانته والتوفيق.

چوٿين مقصد ۾ شروع کان ڪري مرزا عيسيٰ جي احوال لکڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هن حصي جا ٻه مقالا تجويز ڪيا ويا آهن. پهرئين مقالي ۾ مرزا عيسيٰ جو احولا هن جلد جي لکجڻ تائين ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مرزا عيسيٰ جو وڌيڪ احوال ۽ پوءِ جي تاريخ، چوٿين مقصد جي ٻئي مقالي ۾ ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي، جو ڪتاب جو ٻيو جلد ٿي نروار ٿيڻو هو، هن مذڪور ۾ خود ڪتاب جو نالو ”نصرت نامهء ترخان“ ٻڌايو ويو آهي. (ص 26).

جيئن رٿا مان ظاهر ٿيو، اصل ۾ هي مواد ”نصرت نامهء ترخان“ جو جلد اول آهي، جنهن ۾ آخري واقعو سن 968هه جو ڏنو ويو آهي. باقي احوال ٻئي جلد ۾ اچڻو هو، پر جيئن ته مصنف جو سرپرست مرزا صالح 970هه ۾ قتل ٿي ويو، ان پس منظر ۾ نه رڳو سيد مير محمد کي گهرو صدمو پهتو، پر سنڌ جي سياسي صورتحال به تبديل ٿي وئي. سن 972هه ۾ مصنف پاڻ به هي جهان ڇڏيو. ورندي سال يعني ته 973هه ۾ مرزا عيسيٰ به فوت ٿي ويو. ان ڪري ڪتاب جو رٿيل ٻيو جلد به لکجي نه سگهيو. لهٰذا علمي دنيا کي ”نصرت نامهء ترخان“ موجوده صورت ۾ (يڪ جلدي) قبول ڪرڻو پوندو.

مصنف جي رٿا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب جا چار مکيه حصا يا فصل آهن، جن کي هن ”مقصد“ سڏيو آهي. ابتدا ۾ مقدمو ڏنو ويو آهي جو الڳ آهي. چئن مکيه حصن يا فصلن (مقصد) کي وڌيڪ ذيلي عنوانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جن کي اسين پنهنجي دور جا ”باب“ سڏي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ مصنف پنهنجي سوچ سان ڪتاب جا چار حصا مقق ڪيا آهن، ليڪن اسان جي حساب سان هن تاريخ جا ٽي مکيه عنوان ٿين ٿا: سمن بادشاهن جو احوال ۽ سنڌي ماڻهن جي ڌارين حاڪمن خلاف ڀرپور جدوجهد، ارغون- ترخان دور جو احوال، ۽ مصنف توڙي سندس خاندان جي سرگذشت.

سمن ڄامن جو احوال علحده نه ڏنو ويو آهي، جيئن ”تاريخ معصومي“ يا ”تحفة الڪرام“ ۾ ڏنل آهي. البته ذوالنون ارغون کان ڪري شاهه حسن تائين مفصل ذڪر ڪندي، وچ وچ ۾ سمن جو احوال به آندو ويو آهي. سيد مير محمد آخري سمي حڪمران ڄام فيروز جو همعصر هو ۽ پڻ ڄام نندي جي دور ۾ آخر ڌاري ٿيل واقعن جي هن کي سڌي ڄاڻ هئي، انڪري ڄام نندي ۽ سلطان حسين بايقرا جي وچ ۾ ”سبي“ ۾ ٿيل لڙاين جو نهايت مفصل احوال لکي ٿو. هن مذڪور لکندي ڪي نوان واقعا، حادثا ۽ معرڪا منڪشف ٿين ٿا، جن بابت اڳ ۾ ڪنهن به مؤرخ قلم نه کنيو آهي. مير معصوم ۽ مير علي شير قانع، ڄام نندي جي دور ۾ سبيءَ تي ارغونن جي حملي جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن سندن لکت مبهم هئي. سنڌ جي سُڄاڻ محقق سيد حسام الدين راشديءَ اُن مبهم لکت کي ”مڪلي نامه“ جي حاشين ۾، حسين بايقرا جي منشي عبدالله مرواريد جي ”فتح نامه سند“ جي حوالي سان، صاف ۽ واضح ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سيد مير محمد ارغونن تي لکندي، سنڌ بابت پهريون احوال ”سبي“ تي ٿيل ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ قلمبند ڪيو آهي. هن جو بيان آهي ته سلطان حسين بايقرا جي وقت ۾ واپارين جي شڪايت تي سبيءَ تي توجھ ڏنو ويو. هي واقعو 894هه ۾ پيش آيو ۽ علائقو فتح ڪيو ويو (ص 60). هڪ سال پوءِ سن 895هه ۾ دُولهه دريا خان، سبيءَ تي جوابي ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ قتل ٿي ويو (ص 61-62). سيد مير محمد، منشي عبداللهحس جي لکت ۽ دريا خان جي مدفن گاهه واري ڪتبي ڏي ڌيان ڇڪائيندي، واقعن ۽ سالن جي تصديق ڪري ٿو. ان بعد ڄام نظام الدين، سلطان حسين جي درٻار ۾، امن جي قيام لاءِ ايلچي موڪليو. هي احوال صرف ”نصرت نامه“ ذريعي ملي ٿو (ص 65-66). هنن واقعن کان پوءِ به ارغون سبي، ڳاها ۽ سيوستان تي حملا ڪري، خوف ۽ دهشت پکيڙيندا رهيا، جن بابت ڪافي نئون ۽ تفصيلي مواد هن ڪتاب ۾ مهيا ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي فتح بعد دريا خان کي شاهه بيگ جي سامهون آندو ويو . دريا خان جي سڃاڻپ ڪرڻ بعد، شهه بيگ پنهنجي سر تلوار سان سنڌ جي هن سورهيه کي قتل ڪيو: ”و چون نظر کيميا اثرش رسيد دوست گاهاني ارغون که در ايام دولت سلاطين انجا بوده گفت است که اين شخص مبارک خان است وچون پر سنده اند که تو مبارک خاني در جواب ”جيو“ گفت که بزبان سند عبارت از بلي و آري است- حضرت سلطنت شعاري از مقتول شدن برادرش ياد آمده به نفس نفيس خود يک شمشير بوي زدند“ (ص 222). سمن جي تاريخ جي حوالي سان هي معلومات بنهه نئين اهي. سنڌ جي فتح کان پوءِ ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي جدوجهد جا تفصيل ڏنا ويا آهن. ارغونن ۽ ترخانن جي خلاف مقامي سنڌي قبيلن طويل جدوجهد ڪئي. هن ڏس ۾ سيد مير محمد معاصر مؤرخ جي حيثيت ۾ معتبر معلومات مهيا ڪئي آهي. لاڙ ۽ خاص ڪري سامونڊي پٽيءَ ۾ سماٽ قبيلن جي مختلف فردن: جهڙوڪر راهو نڱامرا، ڄام مهڙ (موهڙ) ۽ ويسر بن ڄام مهڙ سان ارغونن ۽ ترخانن جا معرڪا توڙي جنگ وجدل مصنف جي درو جا واقعا آهن، جن کي هن قلمبند ڪري، ايندڙ وقت جي تاريخدانن لاءِ محفوظ ڪيو آهي. خود ڪتاب جو خاتمو به ويسر پٽ ڄام مهڙ جي معرڪن تي ڪيو ويو آهي[1].

مواد جي لحاظ کان ”نصرت نامهء ترخان“ جو وڏو حصو ارغونن ۽ ترخانن جي باري ۾ لکيو ويو آهي. مصنف جو خاص مقصد ترخانن جون جنگي ڪاميابيون (سوڀون) لکي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪرڻو هو، پر پوءِ مرزا عيسيٰ جي هدايت تي ان ۾ ارغونن جي ڪارنامن کي به جاءِ ڏني وئي آهي. جيئن ته سيد مير محمد ۽ سندس خاندان جو هنن ٻنهي حڪمران خاندانن سان گهرو تعلق رهندو ٿي آيو، ان نسبت سان هن ڪتاب ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا مفصل حالات دستياب ٿين ٿا. جيتوڻيڪ ارغونن کي ”نصرت نامه“ ۾ جاءِ ملي، ان هوندي به ڪتاب جي ورق گرداني ظاهر ڪري ٿي ته مرزا عيسيٰ ترخان هن سموري بيان تي ڇانيو پيو آهي. مرزا شاهه حسن جي دور ۾ همايون اقتدار وڃائي سنڌ ۾ پهتو ۽ لڳ ڀڳ ٽي سال رلندو ڀٽڪندو رهيو. مير محمد معصوم بکريءَ ”تاريخ معصومي“ ۾ هن واقعي کي مفصل طرح سان بيان ڪيو آهي، جڏهن سيد مير محمد انهن اهم تاريخي تفصيلن کي، سياسي مصلحت جي بناءَ تي نظرانداز ڪيو آهي. ارغون- ترخان دورن تي لکندي، سيد مير محمد حڪمران خاندانن جي ويڙهه بابت پهريون ڀيرو احوال لکندي، سيد مير محمد ٻڌائي ٿو ته انهن پورچوگين، ڪڇ جي جاڙيجن ۽ گجرات جي بحريه کان پڻ، ڌارين حاڪمن جي خلاف مدد ورتي هئي.

اسان جي حساب سان ڪتاب جو ٽيون حصو (مواد جي لحاظ کان)، خود پورانين تي لکڻ لاءِ هڪ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. مصنف جي ڏاڏي جلال الدين ابو سعيد پوراني، والد بايزيد، چاچي شيخ ميرڪ محمود ۽ ڀاءُ شيخ عبدالوهاب ۽ پڻ ليکڪ سيد مير محمد جي باري ۾، هي ڪتاب نهايت قيمتي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان طرح هن خاندان جي تذڪري تيار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿي آهي.

”نصرت نامهء ترخان“ قديم دور ۾ سنڌ اندر لکيل فارسي تحرير جو هڪ يگانو نمونو آهي. مصنف جتي مقصد بيان ڪرڻ خاطر نثر لکيو آهي، اتي نظر ڏيندي واقعات کي وڌيڪ رنگين بنائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. سندس نثر پر تڪلف آهي. نثر ۽ نظم جو اهڙو امتزاج پوءِ ”حديقة الاولياء“ (1016هه) ۽ ”تاريخ بلوچي“ (1218هه) ۾ به ڏسجي ٿو. بيشڪ اهڙي تحرير جو سنڌ اندر موجد سيد مير محمد ڏسجي ٿو. فاتحن سان شريڪ ۽ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار سيد مير محمد، پنهنجي ڪتاب ۾ فاتح ۽ مفتوح وارو فرق پوري شدت سان روان دوان رکيو آهي. سنڌي جن کي ارغونن فتح ڪيو هو، انهن لاءِ سيد مير محمد نهايت ئي ناشائسته زبان استعمال ڪئي آهي. مثال طور: ”در سندن بسيار مرتکب کذب و دروغ مي شوند“ (ص 257)، ”سندي نادان“ (ص 224)، ”مردم بي دين“ (ص 60)، ”بهزار غلام وسندي نه پسندي“ (ص 373)، ۽ صفحي 291 تي سنڌي عورتن لاءِ استعمال ڪيل ٻولي، سنڌين لاءِ مصنف جي ڌڪار جي پوري عڪاسي ڪري ٿي. ترخانن جي بغاوت ڪچلڻ لاءِ شاهه حسن ارغون، سنڌي قبيلن جي مدد ڪئي. ان واقعي کي بيان ڪندي سيد مير محمد، اهل سنڌ سان پنهنيج ڀرپور نفرت جو اظهار ڪيو آهي: ”و علاوه اين تشويشات پيدا شدن عربي گاهي نام بدبختي از قوم علف کشان بجامعت غلامان ارباب تته شده بود و اختيار کل امور بذات کثافت صفات ازو وابستہ“ (ص 374). جائزي هيٺ ڪتاب کان پوءِ مغل دور ۾ جيڪي به ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت لکيا ويا، اُهي سڀ ”نصرت نامهء ترخان“ جي پيروي ڪندي، اهل سنڌ تي دشنام طرازيءَ جو سلسلو جاري رکندا آيا، هن ڏس ۾ وڏو مثال ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جو ڏئي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ قدامت جي لحاظ کان ”نصرت نامهء ترخان“ سنڌ جي تاريخ جو ”چچ نامہ“ کان پوءِ لکيل ٻيو ماخذ آهي، ليڪن سيد مير محمد جي هن ڪتاب کان چاليهه سال پوءِ تيار ٿيل ”تاريخ معصومي“ جي اهميت پنهنجيءَ جاءِ تي قائم دائم آهي. قديم دور ۾ اتهاس بابت لکيل ڪتابن کي ٻن درجن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. چچ نامہ، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، لب تاريخ سنڌ- هي چار ڪتاب سنڌ جي قومي تاريخ جا مسلسل ۽ تسلسل سان لکيل ڪتاب آهن. جڏهن ته بيگلارنامه ۽ تاريخ بلوچي جهڙا ڪتاب مقامي ۽ خانداني (Dynastic) اتهاسڪ نوعيت جا ڪتاب آهن. سيد مير محمد جو ”نصرت نامهء ترخان“ ٻئي درجي جو ماخذ آهي، جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو بيان ملي ٿو.

”نصرت نامهء ترخان“ جي اشاعت:

هيءُ ڪتاب لکجڻ واري دور کان وٺي علمي دنيا کان مسلسل اوجهل رهندو آيو. شايد هيءُ اُهو ڪتاب آهي جنهن جي ڳولا ۾ مرزا عيسيٰ جي پڙپوٽي مرزا صالح ترخان 1065هه ڌاري ڪرائي هئي. ليڪن ڪتاب نه ملڻ جي صورت ۾ ٺٽي جي سيد مير محمد شيرازي (نصرت نامي جي مصنف جي هم نام)، هٿ پير هڻي هڪ ٻيو ڪتاب ”ترخان نامہ“ جي نالي سان تيار ڪري ورتو. 25 فيبروري 1950ع تي مطالعي هيٺ ”نصرت نامهء ترخان“ جو واحد نسخو، علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني جي لٽن ذخيري ۾ داخل ٿيو[1]. ويهه- پنجويهه سال اڳ ڊاڪٽر شمل جي نظر هن نسخي تي پئي. ڊاڪٽر شمل ڪتاب جو فوٽو حاصل ڪري، جڳ مشهور اسڪالر پير حسام الدين راشدي صاحب کي موڪلي ڏنو. راشدي صاحب نسخي تي کوجنا ڪرڻ ۽ ان جي اشاعت واسطي ”نصرت نامهء ترخان“ جو مواد پنهنجي دوست ڊاڪٽر رياض الاسلام کي ڏنو. جنهن بعد ۾ نسخي جي فوٽو ڪاپي تحقيق ۽ اشاعت واسطي ڊاڪٽر انصار زاهد خان صاحب جي حوالي ڪري ڇڏي. انصار زاهد صاحب سنڌ جي مغل دور تي وڏي مهارت رکي ٿو. ان ڏس ۾ هن جو ڪتاب ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ جي نالي سان، سال 1980ع ۾ ڇپجي علمي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي، ڊاڪٽر صاحب هن نسخي تي آهستي آهستي، مگر نهايت احتياط سان ڪم ڪندو رهيو. ان وچ ۾ هن کي ڪلهوڙن جي دور ۾ مير مرتضيٰ جي تيار ڪيل ”شجره سادات پوراني“ تائين پڻ رسائي حاصل ٿي. ان کان علاوه مغل- ڪلهوڙا دور ۾ لکيل فارسي ڪتابن جي اڀياس جي آڌار تي، ڊاڪٽر انصار زاهد خان صاحب، سنڌ اندر پورانين جي پس منظر، سماجي ڪارڪرگي ۽ علمي خدمتن بابت مناسب ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. ان حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو هڪ مقالو به ڇپجي چڪو آهي[2].

”نصرت نامهء ترخان“، ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي ايڊيٽنگ، تشريحي حاشين ۽ مقدمي سان، سن 2000ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز تي چپيو آهي، جنهن ۾ اصل فارسي متن 437 صفحن تي مشتمل آهي. ان کان پوءِ فاضل مرتب انگريزي زبان ۾ 323 وضاحتي حاشيا شامل ڪري، ڪتاب ۾ آيل ڪن واقعن، ماڻهن ۽ ماڳن بابت تشريحي مواد ڏنو آهي. ان کان علاوه 64 صفحن جو ڀرپور مقدمو پڻ ڏنو ويو آهي. مقدمي ۾ ڪتاب جي لکجڻ وقت مغربي ايشيا توڙي سنڌ جي حالتن، پورانين جي پس منظر کان علاوه ”نصرت نامهء ترخان“ جو جائزو به پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪجھ لاڳاپيل ڪردارن جي مزارن جا فوٽو، نصرت نامي جي قلمي نسخي جو ۽ پورانين جو شجرو به شامل ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڊاڪٽر انصار زاهد خان هر لحاظ سان ”نصرت نامهء ترخان“ جي هن ايڊيشن جي معياري، جامع ۽ ڪامل بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ اسين سنڌ واسي سندن ٿورائتا آهيون. هن ڪتاب جي اشاعت جو محرڪ سيد حسام الدين راشدي صاحب هو، ان پس منظر ۾ ان جو انتساب پڻ راشدي صاحب کي ڪيو ويو آهي.

”نصرت نامهء ترخان“ جي ڇاپي ايڊيشن ۾ ڪجھ ناروا غلطين ۽ ڪوتاهين جو اعادو پڻ ٿيو آهي، جن کان بچڻ کپندو هو. هڪ ٻه مثال ڏجن ٿا: صفحي 374 تي ارغونن- ترخانن جي بغاوت ۽ مرزا شاهه حسن پاران کنيل قدمن جو ذڪر ٿيو آهي، جنهن ۾ عربي گاهن هڪ ڪردار طور سامهون اچي ٿو. اهو اصل ۾ عربي ڳاهو آهي. ڳاهو (ڳاها) سنڌ جي هڪ قديم ذات آهي، ۽ هن قبيلي وارا اڄ به دادو ضلعي ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر انصار زاهد هن حوالي سان، حاشيي 291 ۽ 292 ۾ جيڪا وضاحت ڪئي آهي، اها تاريخي توڙِ سماجي عدم واقفيت تي مبني آهي. مصنف صفحي 291 تي سنڌي عورتن جي باري ۾ نهايت ڪريل گفتگو ڪئي آهي. فاضل ايڊيٽر حاشيي 233 ۾ ان جي تائيد ڪئي آهي. ان کان بچڻ لاءِ مناسب مواد موجود آهي[3]. ارغونن جي خلاف شروع ٿيل جدوجهد ۾ مخدوم بلال جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن کي سيد مير محمد سان گڏ ڊاڪٽر انصار زاهد خان به نظرانداز ڪري ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب ٽي سال اڳ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ”نصرت نامهء ترخان“ جو تعارف شايع ڪيو هو[4]. ان ۾ پاڻ لکيو هئائين ته هن ڪتاب ۾ ”سنڌي تحرير“ (رسم الخط) جا ڪي نمونا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. افسوس ته سنڌي زبان نه ڄاڻن سبب، اهي نمونا متن ۾ يا مقدمي ۾ محفوظ نه ٿي سگهيا آهن. سنڌ جي تاريخ بابت هن قديم ۽ اهم ماخذ جي وڌيڪ درست ايڊيشن لاءِ لازماً ڪنهن سنڌي اسڪالر سان مشورو ڪرڻ کپندو هو. ائين ڪرڻ سان اڄ ”نصرت نامهء ترخان“ جو صحيح معنيٰ ۾ ڪامل ايڊيشن اسان جي سامهون هجي ها. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ڪم جو اُڪلاءُ نهايت عجلت ۾ ڪيو ويو آهي، ان ڪري نه ته فاضل ايڊيٽر ڪتاب جو متوازن تجزيو (Evaluation) ڏئي سگهيو، ۽ نه وري ڪتاب جي فهرست ۽ انڊيڪس اچي سگهي آهي. ان هوندي به ڪتاب جي اشاعت عمل ۾ آئي ۽ چئن صدين کان وٺي لڪل هڪ قيمتي ڪتاب منظر عام تي اچي ويو. هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿي.


 


[1]  ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 781.

[1]  سن 980هه ۾ قاضي محمود سنڌ جي صوفين جو اولين ڪتاب ”تذڪره اولياء“ تيار ڪيو. هي تذڪرو مرزا باقي ترخان جي دور ۾ لکيو ويو ۽ هن وقت ناياب آهي.

[1]  سمن ڄامن بابت هن ڪتاب ۾ پهريون دفعو جن واقعن کي لکي محفوظ ڪيو ويو آهي، ان جي باري ۾ اسان هڪ الڳ مطالعو تيار ڪيو آهي. جو اميد ته ”مهراڻ“ جي ڪنهن ويجهي شماري ۾ شايع ٿيندو.

[1] لٽن ذخيري ۾ مير ابوالقاسم نمڪين جي ڪتاب ”منشاءت نڪمين“ جو هڪ نسخو پڻ موجود آهي (ڏسجي ابوالقاسم نمڪين تي منهنجو مقالو).

[2] Journal of Pakistan Histarical Society, Karachi, October 2000.

[3]  ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، ص 159.

[4] Journal of Pakistan Histarical Society, Karachi, April 1997.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com