سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :18

شوڪت حسين شورو

 

گُنو سامتاڻي

(”ڪيتريون ڳالهيون لفظن ۾ ٻڌائي نٿيون سگهجن“)

گنوسامتاني ڀارت ۽ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي لکڻ جي اسٽائل شاعراڻي هئي ۽ جنهن وٽ هڪ خاص Vision هو. گني سامتاڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جو ناتو ڪنهن نه ڪنهن نموني ’تاريخ‘ سان جُڙيل هوندو آهي. هن پنهنجي مشهور مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”... ۽ تڏهن مون کي هڪ ڏينهن اتهاس پنهنجي وشال، وراٽ روپ جو درشن ڪرائي هڪ Vision ڏئي ويو. اُن Vision مون کي ڪهاڻي ڏني، ڪردارن جي روپ ريکا ڏني، ڀاشا ني، اسٽائل ڏنو......“ هن جي ڪهاڻين جا ڪردار تاريخي روايتن ۽ ڪلاسيڪل ادب جي ڪردارن سان پاڻ کي Assimilate ڪندي، هڪ تضاد ۾ جيئندي، هڪ Mystic ۽ سماجي Vacume ۾ رهن ٿا. سندس ڪهاڻين ۾ اتهاس/درشن جون ساروڻيون، ڪويتاميه ٻولي ۽ عڪس اهن، جيڪي سنڌيءَ جي بئي ڪنهن به ڪهاڻيڪار وٽ نظر ڪونه ٿا اچن. هن جي پنهنجي هڪ مخصوص اسٽائل آهي، جنهن ۾ انتهائي نفاست ۽ بي مثال لئه آهي.

ڀارت ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪڙو اهڙو دور آيو، جنهن کي موهن ڪلپنا، گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ جي ”ٽمورتي جو دور“ سڏيو ويو. موهن، گنو ۽ لعل سنڌي ڪهاڻيءَکي رومانوي انفراديت پسندي  ۽ انسانيت طرف وٺي آيا. هنن سنڌي ڪهاڻيءَ  کي ڪجهه نئون، ڪجهه نرالو، ڪجهه الڳ ڍنگ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سنڌي ڪهاڻيءَ جو وچيون دور هو جنهن ۾ ترقي پسند ڪهاڻيڪارن کان پوءِ موهن، گنو ۽ لعل مکيه ڪهاڻيڪارن جي حيثيت ۾ اُڀري اڳيان آيا، جن ٻاهر کان اندر طرف، سماج کان فرد طرف ڪهاڻيءَ کي ڇڪي آڻڻ ۾ اهم حصو ورتو. انهن ٽنهي ڪهاڻيڪارن جي پنهنجي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ اهميت آهي، پر اِهي گڏجي سنڌي ڪهاڻيءَ کي تمام گهڻو اڳتي وٺي ويا ۽ اڄ اِهي سنڌي ساهت جا تمام وڏا نالا آهن.

موهن، گنو ۽ لعل اسڪول جي زماني ۾ گڏ پڙهيا. هنن گڏ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. موهن ۽ گنو پاڻ ۾ وڌيڪ گهرا ۽ گهاٽا دوست هئا. ڪجهه سال اڳ دل بيهجي وڃڻ سبب موهن ڪلپنا گذاري ويو هو. ڄڻ موهن سان پنهنجي گهري دوستيءَ کي نباهيندي، گنو سامتاڻي به ساڳئي طريقي سان 6 آگسٽ 1997ع تي گذاري ويو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ”هڪ دلبر يار جي ياد ۾“ مضمون ۾ لکيو آهي، ”جڏهن مون گني جي زال انوءَ کان پڇيو ته گني کي ڪهڙيون ڳالهيون وڌيڪ پياريون هيون ته هن وراڻيو: ”پنهنجي ڪٽنب سان ته بي انتها پيار ڪندو هو، پر ڪٽنب کان ٻاهر کيس ٽي ڳالهيون پياريون هيون؛ ڪتاب، سگريٽ ۽ دوست. موهن ڪلپنا سندس ننڍپڻ جو جگري دوست هو. اگر ٿورا ڏينهن به هو گني سان ملڻ کان گسائي ويندو هو، ته گنو اُتاولو ٿي کيس ملڻ لاءِ الهاس نگر (سنڌونگر) هليو ويندو هو. کيس سُک ئي نه ايندو هو جيستائين ساڻس ڪي ڪلاڪ رهاڻيون نه ڪندو هو ۽ جڏهن موهن ڪلپنا جي اوچتي موت جي خبر ڪنهن کيس ٽيليفون تي ٻڌائي ته هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ ڪافي وقت تائين هنيانءُ ڦاڙي روئندو رهيو.....“ لعل پشپ وڏي ک سان لکيو هو. ”ڪنهن زماني ۾ اسين ٽيئي ڄڻا گڏ ليکيا ويندا هئسين ۽ ٽمورتي سڏبا هئاسين. موهن ڪلپنا هليو ويو، گنو هليو ويو ۽ هاڻي مان بنهه اڪيلو رهجي ويو آهيان.“

گنو سامتاڻي، جنهن جو جنم جو نالو گُرڏنو هو، اسڪولي رڪارڊ موجب 12 جولاءِ 1934ع تي ڄائو. (پر سندس جنم پتري موجب 11 آگسٽ آهي. سال ساڳيوئي 1934ع آهي). حيدرآباد سنڌ ۾ موجوده ميونسپل ڪارپوريشن جي سامهون ديوان ديالداس جي گهر ۾ سندس جنم ٿيو. ورهاڱي بعد ڪلياڻ ڪئمپ ۾ اچي پنهنجي گهر وارن سان گڏ رهيو. اُتي ئي هن جي دوستي موهن ۽ لعل سان ٿي.

 

گنو سامتاڻي جڏهن اڃا پندرهن سالن جو هو ته سندس پهرين ڪهاڻي هفتيوار ’نيا سنسار‘ ۾ 1949 ۾ شايع ٿي. 1957ع ۾ سندس هڪ ناول ’واپس‘ ڇپيو. شروع ۾ هن تي بنگالي ادب جو گهڻو اثر هو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’اڀمان‘ 1965ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 22 صفحن ۾ لکيل سندس عالمانه مهاڳ سنڌي ادب ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’اپراجتا‘  1970ع ۾ ڇپيو، جنهن تي کيس ساهت اڪادمي جو 1972ع وارو بهترين ادبي ايوارڊ مليو. انهيءَ وقت ۾ مشهور شاعر سڳن آهوجا چيو هو ته ”گني سامتاڻيءَ وٽ لِريڪل نثر لکڻ جي جينيس آهي.“

گني سامتاڻيءَ جو مطالعو تمام وسيع هو ۽ هو هڪ عالماڻي ذهن جو ليکڪ هو. هن گهڻو ڪونه لکيو. هن ڪل 20-25 کن ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اُهي سنڌي ادب ۾ لاثاني ۽ شاهڪار ڪهاڻيون ليکيون وڃن ٿيون. ’اڀمان‘، ’نائڪا‘، ’وقت جي سيما- هن پار، هُن پار‘، ’هڪ راه، هڪ پٿر‘، ’کنڊهر‘، ’هڪ رات‘ هن جون مشهور ڪهاڻيون آهن. پر اُنهن سڀني ۾ ’پرلئه‘ ۽ ’اپراجتا‘ شاهڪار ۽ ڪلاسڪ ادب جو درجو رکندڙ ڪهاڻيون آهن.

سنڌيءَ جي جديد ۽ اهم ڪهاڻيڪار شيام جئسنگهاڻيءَ ”ڪونج“ رسالي جي آگسٽ- سيپٽمبر 1968ع واري ’کنڊهر‘ مجموعي جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي، ”گنو سامتاڻي جڳت آڏواڻيءَ جي ’ڪهاڻي‘ رسالي ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇائنجي ويو. باوجود هنگامي ڀريل آلوچنا ۽ واڪن جي، پاڻ کي کنڊهر سڏڻ بعد هو اڄ به نئين پيڙهيءَ سان گڏ، بلڪل تازن ملهن ۾ آهي ۽ اها منهنجي دعويٰ آهي ته سنڌي هن جي ٽڪر جو ڪهاڻيڪار نه پائي سگهي آهي.“

گني سامتاڻيءَ لاءِ ڪهاڻي لکڻ صليب تي چڙهڻ هو. هن چيو هو ته ”ڪهاڻي منهنجو ڪراس آهي، مان بار بار اُن تي چڙهان ٿو ۽ بار بار مران ٿو.“ هن جي ڪهاڻين ۾ هڪ مسلسل تلاش آهي. هن جيان سندس ڪردار سوالن جي اونداهين غارن ۾ ڀٽڪندا ۽ ڪجهه ڳوليندا نظر اچن ٿا. هن هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مان ڄاڻان ٿو ته مان جواب نه ڏيئي سگهندس. جواب مون وٽ آهي ئي ڪونه، صرف هڪ کوج آهي، تلاش آهي، سوالن جي ڪارين انڌيرين غفائن ۾ انت ياترا آهي.“

گني سامتاڻيءَ سان منهنجي ملاقات 16 کن سال اڳ ممبئيءَ ۾ ٿي هئي. هو ان وقت مهاراشٽرا گورنمينٽ ۾ هوم سيڪريٽري هو. مون کي هن سان ملڻ جو شوق هو، پر جيستائين منهنجو هن سان رابطو ٿئي، هن کي شايد موهن ڪلپنا يا هري موٽواڻيءَ منهنجي اچڻ جو ٻڌايو هو. گنو پاڻ هلي مون سان هوٽل ۾ ملڻ آيو. پوءِ هن سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون. مون کي لڳو ته گني سامتاڻيءَ جو سنڌ سان، سنڌين سان نه رڳو اتهاسڪ ۽ ڪلچرل رشتو هو، پر هڪ ڪهاڻيءَ جو ڪردار انڊين ايئر فورس ۾ هڪ پائلٽ آهي، جنهن جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو آهي. 1971 وارو جنگ ۾ هن کي حيدرآباد شهر تي بم ڪيرائڻ جو حڪم ملي ٿو. هن جو جهاز جڏهن حيدرآباد جي مٿان اُڏامي ٿو ته هو پاڻ کان پڇي ٿو ته ”مان پنهنجي امڙ جنم ڀوميءَ جي مٿان بن ڪيئن ٿو ڪيرائي سگهان؟“ ۽ هو بم ڪيرائڻ بنان واپس موٽي وڃي ٿو. گني سامتاڻيءَ ڪٿي ٻئي هنڌ لکيو آهي: ”هڪ سنڌي ليکڪ جي بنيادي ڪمٽمينٽ سنڌي ڀاشا ۽ سنڌيت (جيڪو ڪجهه آهي) سا هئڻ گهرجي ۽ شايد ان حد تائين جنهن کي ڀلي مت پڪو Fanatic جي حد چيو وڃي.“

 

امام علي ڏيٿو

 

ڪو سورج ٻاري اينداسين

۽ ڏينهن اڀــاري ايــنداسين- اياز

(سنڌ ۾ نئين سال 2002ع جي آجيان)

 

نئين سال جي شروعات سٺي سؤڻ ئسان ڪرڻ واسطي سنڌ جي ڪن سڄڻن، شاهه سائينءَ جي درگاهه تي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ”نيشنل رورل سپورٽ، پروگرام“، حيدرآباد جي ڪارڪنن واري انهيءَ موقعي جي مناسبت سان، پنهنجي اعليٰ عملدار ۽ دانشورَ، پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ جدا پروگرام رٿيو. سندس تنظيم جي ڪارڪنن جو قافلو جڏهن حيدرآباد کان دادوءَ واري رستي سان ڄامشوري واريءَ پل تان لنگهيو، ته درياءَ کي سُڪل ڏسي، ڪن دوستن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هنن ’المنظر‘ جي سامهون گاڏي جهلي، سُڪل درياءَ جي تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر، اُتي بيٺل سپاهي کين روڪيو ۽ چيو ته ”ڇو اچي اسان غڙيبن جي نوڪرين جي پٺيان پيا آهيو. اسان به سمجهون ٿا ته ڪڏهن درياءَ ڪونه سُڪندا آهن. پر، خبر ڪانه اَٿو ڇا ته درياءَ کي ڪنهن سُڪايو آهي؟“ غريب سپاهين صاف صاف چيو ته ’ادا، اسان کي روڪيو ويو آهي، ته درياءَ جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيون.‘

 

گاڏي اڳتي رواني ٿي، ۽ سن شهر وٽ هلي بيٺي. قافلي جي سمورن ساٿين، سائين جي. ايم. سيد جي مزار تي حاضري ڏني ۽ دل ۾ اِهو وچن ڪيو ته، ”سنڌ کي اڪيلو ڪونه ڇڏبو.“ سن ۾ ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ، قافلو سيوهڻ روانو ٿيو. ٻارهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، آراضيءَ جي سامهون بس کي بيهڻ جو اشارو مليو. الاهي ماڻهن، وڏي مان مرجات سان، قافلي جي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشيءَ ۽ اسان سڀني کي چيو ته ”هيءُ شهر مرحوم خان محمد پنهور جو آهي. هتان پير گهمائي اڳتي وڃو.“ اسان سڀ خوش ٿياسين ۽ مرحوم جي روح جي مغفرت لاءِ دعا گهريسون.

اسان جي گاڏي اڳتي رواني ٿي ۽ مخدوم بلاول جي مزار وٽ اچي بيٺي. مخدوم بلاول سنڌ جي هر محب وطن شخص جو هيرو آهي. ٻه ٻيا به آهن: دولهه دريا خان ۽ شاهه عنايت شهيد. هونئن، عوامي ليول تي اِهو رتبو دودي سومري کي حاصل آهي.

اسان جي گاڏي ان کان پوءِ لاڙڪاڻي رواني ٿي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ دعا گهري ۽ شام جو چئين وڳي، سکر ۽ پنجينه وڳي اروڙ پهتاسين، جتي جي رهاڪن دهلن ۽ شرناين سان اسان جي آجيان ڪئي.

اسان جي قافلي ۾ سائين اعجاز قريشيءَ سان گڏ طارق قريشي، علي غلام جوڻيجو، امام علي ڏيٿو، رياض آگرو، ياسر قاضي، وحيدميمڻ، عمراڻ دايو، ذوالفقار ميراڻي، محمد بخش قريشي ۽ سُکيو ابڙو شامل هئا.

اسان جي آجيان ڪندڙن ۾ نظر لاکائي، منظور اڄڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پرويز ٻانڀڻ ۽ صحافين ۾ شوڪت نوناري، خالد ٻانڀڻ ۽ وهاب ميمڻ شامل هئا.

سال 2001 جو سج لهي رهيو هو، سو اسان اروڙ جي تاريخي کنڊهرن ۾ ميڻ بتيون ٻاري، اُن کي ’الوداع‘ ڪيو. انهيءَ وچ ۾، ’نينهن جبل‘ جي ڀرپاسي کان آيل سوين ڳوٺاڻن جي اچڻ ڪري، ماڻهن جو مجموعو، جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو. پروفيسر اعجاز قريشيءَ کين خطاب ڪندي چيو ته ”سال 2001ع جي آخري سج کي اروڙ تي الوداع چوڻ جو مقصدِ اِهو آهي، ته اسين پنهنجن پراڻن تاريخي ماڳن کي سنڀاليون ۽ پنهنجيءَ تاريخ کي زنده ڪريون.“

اعجاز قريشيءَ نئين سال 2002ع کي ”سنڌ جي يادگارن ۽ تاريخي ماڳن کي بچائڻ وارو سال“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري ويئي.

ميزبانن طرفان منظور اُڄڻ تقرير ڪندي چيو ته ”جس هجي قافلي ۾ شامل دوستن کي، جن هتان کان ٽي سؤ ڪلوميٽر پري کان اچي، سنڌ جي هن اُجڙيل شهر اروڙ ۾ لهندڙ سج کي الوداع چيو آهي.، نذر لاکاڻي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پرويز ٻانڀڻ، شوڪت نوناري ۽ ٻين پڻ اُن موقعي تي خطاب ڪيو.

بعد ۾ اسان اروڙ جا ڪي تاريخي ماڳ پڻ ڏٺا. رٿيل پروگرام هيٺ، رات جو ٻارهين وڳي، سکر ۾ ”لب مهراڻ“ وٽ نئين سال جي آجيان ڪرڻ لاءِ، ميڻ بيون ٻاري، درياءَ ۾ گلاب جا گل اُڇلائي، سنڌو درياءَ جي اڳوڻي اوج لاءِ دعا گهري ويئي. اُن وقت ناميارا شاعر، ادل سومرو ۽ اياز گل پڻ اسان سان گڏ هئا.

ان کان پوءِ واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. درازن ۾، سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀريسون ۽ هالاڻيءَ ۾ مرحوم قاضي فيض محمد لاءِ دعا گهري، پوءِ اچي، سنڌ جي پر ۽ ڇانو، شاهه سائينءَ جي ڀِٽ تي پهتاسين.

درگاهه ۾ حاضري ڏيڻ ۽ لطيف سرڪار جي مزار تي دعا گهرڻ کان پوءِ، شيخ اياز جي مزار تي حاضري ڀريسون. ان کان پوءِ، حيدرآباد ۾، حيدربخش جتوئي، غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مولانا گراميءَ جي تربتن تي حاضري ڏنيسون.

اهڙيءَ ريت، پهرئين جنوري 2002ع تي، صبح جو نوين وڳي، اسان جو قافلو واپس اين. آر. ايس. پي حيدرآباد جي ريجنل آفيس ۾ پهتو. قافلي جا سڀيئي ساٿي نئين سال لاءِ نوان عزم، ارادا، جوش ۽ جذبا کڻي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ لڳي ويا. دعا آهي ته شال نئون سال سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سڳورو ثابت ٿئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com