سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :17

مقالاتِ قاسمي

هيءُ ڪتاب، سنڌ جي نامياري عالم علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي جي مختلف تحريرن، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي، جو ”مقالاتِ قاسمي“ جي سري هيٺ تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. لائق مرتب ڊاڪٽر مظهر الدين سومري جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، جو هن قاسمي صاحب جي ٽڙيل پکڙيل تحڙيرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي.

”مقالاتِ قاسمي“ ڪتاب، ڊبل ڪرائون سائيز ۾، ست سؤ چوٽيهه صفحا آهي. ڪتاب ڇپائيندڙ، علامہ قاسمي صاحب جو لائق فرزند نذير احمد قاسمي آهي. علامہ قاسمي صاحب ڪتاب جو انتساب پنهنجي محترم استاد مولانا عبدالله سنڌي (رح) جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي ”پيش لفظ“ ۾ علامه قاسمي صاحب جو تعارف هن ريت ڪرايو ويو آهي:

”سنڌ اُهو مردم خيز خطو آهي، جنهن هر دور ۾ ۽ هر زماني ۾ قابل، وڏا جيد عالم، اديب، شاعر، مفڪر ۽ دانشور پئي پيدا ڪيا آهن، جن جي علمي ڪارنامن سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو آهي. خاص طرح سان گذريل چوڏهين صدي هجري يعني ويهين صدي عيسويءَ جو زمانو آسان جي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ائين کڻي چئجي، ته هڪ بلندپايه دور ٿي گذريو آهي. انهيءَ صديءَ سياسي بصيرت رکندڙ اڳواڻن، قومي ڪارڪن، جنگ آزاديءَ جي مجاهدن ۽ قوم پرستن کي جنم ڏنو ۽ برک سنڌي اديبن ۽ عالمن کي پيدا ڪيو. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب اُنهيءَ صديءَ جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي ۽ اسان سنڌ وارن لاءِ، سندس وجود غنيمت آهي. پاڻ عربي، فارسي ۽ اسلامي علومن جا ماهر آهن. سنڌي زبان ۽ ادب جا وڏا سينگاريندڙ ۽ پارکو آهن. خاص طرح سان اسلامي علوم جا ماهر آهن.“

هن ڪتاب ۾، سنواح حيات وارن مضمون جو حصو ڪافي وڏو آهي، جنهن ۾ علامه صاحب جا سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن ۽ عالمن تي ڪافي مضمون آهن. اهڙيءَ طرح حضرت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي شخصيت ۽ فڪر تي ست مضمون آيل آهن، جيڪي علامه صاحب جي مولانا صاحب سان عقيدت جو مظهر آهن.

”مقالاتِ قاسمي“ جي اها به هڪ خصوصيت آهي ته اُن ۾ علامه قاسمي صاحب، سنڌ جي مشاهيرن، عالمن، عظيم ۽ آدرشي انسانن جي شعور ۽ فڪر جو ڳوڙهو اڀياس ڪري، اُنهن بابت حتمي ۽ مستند راءِ قائم ڪئي آهي، جيڪا پڙهندڙ دوستن لاءِ اونداهيءَ واٽ ۾ روشن لاٽ وارو ڪم ڏيندي.

علامه صاحب جو اسلاميات بابت مضمونن وارو حصو پڻ اهم آهي. خاص طرح اُن ۾ آيل هي مضمون ڏاڍا ڪارائتا آهن: 1- قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير. 2- سيرت مصطفيٰ ﷺ (حضور پاڪ جن جي سيرت تي پنج مضمون). 3- سنڌ جو عطار- سچل جو عطار- سچل سائين. 4- پير روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جا خط.

ڪتاب ۾ ڪل ٻه سؤ پندرهن مضمون/ مقالا آيل آهن، جيڪي هيٺين پنجن حصن ۾ ورهايل آهن، البت، اها معلومات ڏنل ڪانه آهي، ته هيءُ مضمونُ اصل ۾ ڪهڙي رسالي يا اخبار ۾ ڇپيو ۽ ڪڏهن ڇپيو هو.

اسلاميات، 2- تاريخ ۽ جاگرافي، 3- سوانح حيات، 4- ادب ۽ تنقيد، 5- تنقيد ۽ تبصرو.

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ڪونه آهن. ڪتاب جي سهيڙيندڙ هڪ طرح ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم موضوع مرتب ڪيو آهي، جنهن لاءِ کيس آفرين هجي. –الطاف آگرو

 

پَٽ جن ڳنڍيون، ريشم ويڙها

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر قيوم ”طراز“ جو نانءُ پنهنجي اسلوب بيان ۽ شعر جي دلڪشي سبب وڻندڙ ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. پر وقت جي ناپسنديده روين طراز کي گهٽ پذيرائي ڏني، جيڪو هن جو حق هئي. تازو، سنڌ جي نوجوان محقق ۽ نامياري جاکوڙي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، ڊاڪٽر قيوم جي سموري شاعري ميڙي ترتيب ڏيئي ”پَٽَ جون ڳنڍيون، ريشم ويڙها“ جي نالي سان شايع ڪرائي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم اضافي کي ضايع ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.

ڪتاب ”پَٽ جون ڳنڍيون، ريشم ويڙها“ ۾ تعارف ۽ مهاڳ کان پوءِ شاعريءَ جي سٽا ”گيت“ سان شروع ڪئي ويئي آهي. هن حصي ۾ ڪل 44 گيت ڏنا ويا آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ”طراز“ گيت جو اربيلو شاعر هو. سندس گيت نهايت نفيس احساسن کي ڇهندڙ محسوس ٿين ٿا!

’طراز‘ جي گيتن جو موضوع رڳو پريم، پريتم، محبوب وغيره ناهي، پر هن پنهنجن سمورن داخلي توڙي خارجي احساسن کي گيتن ۾ سموهيو آهي. ائين ته سندس سمورا گيت پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا، پر ”آشا روز ئي ملندي آ“، ”جهڻ جهڻ ٿي جهڪار“، ”سنڌو توکي ڳائيندس“، ”يار اسان جا ڀاڳ اهي ٿي“، ”آيس تو در يار“، ”موٽي وچ او مورک ماڻهو“، ”هن ڀيري“، ”ڪيئن جيئن ٿو“،ڪ ”جوٽي آ مون، جوٽي آ“، ”۽ ان دنيا جون لاهيون چاڙهيون“، ٻين گيتن جي ڀيٽ ۾ دل کي وڌيڪ وڻندڙ آهن. گيتن کان پوءِ چار وايون ڏنيون ويون آهن، جيڪي پڻ دل کي ڇُهندڙ آهن. ان کان پوءِ نو غزل ڏنا ويا آهن، جن کي پڙهڻ بعد اهو احساس ٿئي ٿو ته اهي غزل روايتي رنگ ۾ رنڱيل آهن ۽ شايد شروعاتي دور جا آهن، سواءِ هڪ غزل جي، ”سرشام يادن جا ديپڪ ٻرن“ جديد غزل جو هڪ وڻندڙ مثال آهي. ڪتاب ۾ ”سوچن سوچڻ جهڙيون“ جي عنوان هيٺ ڏهه مختصر نثري نظم ڏنا ويا آهن، جي مختصر هجڻ جي باوجود خوبصورت آهن.

آخر ۾ ”طراز“ جو انگريزيءَ ۾ مڪمل احوال ڏنو ويو آهي. جڏهن ته مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ محقق ۽ ڊاڪٽر قيوم جي پراڻي ساٿيءَ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پڻ ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. جڏهن ته ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ”گيت“ جو مختصر پر معياري تاريخي جائزو پڻ لکيو آهي، جيڪو صنف جي فني حُسن ۽ گهاڙيٽي جي احاطي جي حوالي سان نهايت ئي ضروري هو. جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي محترم نياز همايوني ’طراز‘ جي تعارف طور ڪجهه سٽون لکيون آهن.

مجموعي طور ”پٽ جون ڳنڍيون، ريشم ويڙها“ نفيس احساسن ۽ خوبصورت خيالن تي مشتمل شاعريءَ جو هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جا گيت بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. جس آهي نامياري محقق ڊاڪٽر انور هڪڙي کي، جنهن قيوم طراز جي ڪلام کي سهيڙي سنڌي شعر جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب جو واڌارو ڪيو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مجموعي کي ڇپيل ڏسي نه سگهيو ۽ 24 جنوري 2000ع تي اسان کان جدا ٿي ويو! پر پوءِ به هن ڪتاب جي اشاعت سان سندس دلاويز شاعري هميشہ جي لاءِ محفوظ ٿي چڪي آهي.

ڏيڍ سؤ صفحن تي ڦهليل ”پٽ جون ڳنڍيون، ريسم ويڙها“، ”گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت سَٺ روپيا رکي ويئي آهي. ڪتاب سنڌ جي هر معياري بڪ اسٽور تان ملي سگهي ٿو. - مخمور بخاري

 

عشق ڪيم اظهار

فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙيءَ وارو، سنڌي صوفيانه شاعريءَ ۾ نهايت ئي مٿانهين مقام جو مالڪ آهي. گذريل سال فقير صاحب جي عرس جي موقعي تي ”بيدل يادگار ڪاميٽي“ روهڙيءَ پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سهڪار سان مٿئين نالي وارو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جو سهيڙيندڙ سنڌ جو نوجوان محقق ۽ جاکوڙي اديب ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري آهي. 128 صفحن جي ان ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ٻنهي ڀاڱن ۾ ’بيدل‘ سائينءَ جي فن ۽ فڪر تي مختلف عالمن جا لکيل مضمون پيش ڪيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ تيرهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ست مضمون ڏنا ويا آهن.

ڪتاب جي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري پاران ’مانڊين منڊيا ڪينڪي ۽ جوڳين ڪين جهليا‘ جي سري هيٺ چئن صفحن تي مشتمل ’پيش لفظ‘ ڏنل آهي. هڪ هنڌ ڄاڻايو ويو آهي ته ”مقالانگارن جنهن طرح ’بيدل‘ ۽ سندس فن ۽ فڪر تي مختلف زاوين کان نظر وڌي آهي، اُها موجوده مجموعي کي اهميت ڏياري ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان وٽان عقيدتمندانه گهور جي روايت ختم ٿئي ۽ بزرگن، فنڪارن، شاعرن ۽ هنرمندن تي سنجيده ڪمجي روايت مضبوط ٿئي. آءٌ سمجهان ٿو ته جڏهن هڪ کان وڌيڪ محقق ۽ عالم ڪنهن مرڪزي نقطي تي لکڻ لڳن ٿا ته پوءِ عقيدتمنديءَ واري ورکا جي رسم ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ۽ اُن سان گڏ حقيقي تحقيق جو بنياد پوي ٿو.“

’عشق ڪيم اظهار‘ ۾ جن اديبن جا مقالا شامل ڪيا ويا آهن، تن لطف الله بدوي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ڊاڪٽر هدايت ’پريم‘، حافظ ارشد انڍڙ، محمد پنهل ڏَهر، ممتاز مهر، اختر درگاهي، الطاف ’اثيم‘، خادم عباسي، شوڪت خواجائي، غلام رسول شاهه، سجاد ميراڻي، مس سلميٰ لطيف، درگاهي ميراڻي، دادا سنڌي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ امير بخاري شامل آهن.

اهڙيءَ طرح سان تحقيق سان دلچسپي رکندڙن لاءِ موضوع جي حوالي سان مقالا يڪجا ميسر ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو ملهه سٺ روپيه مناسب آهي.

– نقش ناياب منگي

 

پير علي محمد راشدي

 

ڪونج ۽ سنڌ

 نوٽ: سنڌ جي سياستدان، نامياري صحافيءَ ۽ اعليٰ اديب پير علي محمد راشديءَ هيءُ مضمون اڄ کان چاليهه سال اڳ لکيو هو. تڏهجن پاڻ چين ۾ سفير هو. مضمون غلام رباني آگري کي لکي نو هئائين، جنهن مون کي ٻڌايو ته ”راشدي صاحب ڪجهه ڏينهنلاءِ چين مان آيل هو ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ، سائين حسام الکدين شاهه وٽ ٽڪيل هو، جنهن سان مان روزانو رات جو ڪچهري ڪرڻ ويندو هئس. اُتي راشدي صاحب سان ملاقات ٿي. رات جي ماني گڏجي کاڌيسون ۽ يادگار ڪچهري ڪئيسون. موڪلائڻ مهل چيائين ته ’ڪو ڪم؟‘ مون کانئس مضمون گهريو. چيائين ته ’صبح جو ڏهين بجي اچجانءِ.‘ مان صبح جو سوير وٽس ويس، ته ڪاڏي نڪري نه وڃي، پر اُهو ڏسي حيرت ٿيم، ته مضمون اڳيئي لکي ڇڏيو هئائين. سوچڻ لڳس ته ’رات جو ڪيڏيءَ مهل سمجهيو هوندو، ۽ ڪهڙي وقت مضمون لکيو هوندائين؟‘ بهرحال، مون کي سويرو ايندي ڏسي مشڪيو ۽ مضمون منهنجي حوالي ڪيائين. کانئس موڪلائي گهر آيس. اطمينان سان مضمون پڙهيم ته ايئن محسوس ڪيم ته ’سندسمشهور مثالي ذهانت‘ (Legendry Intelligence) جي هڪ تصوير منهنجن هٿن ۾ آهي.‘

آگري صاحب کان اها ڳالهه ٻڌي، مان ورهين جا ورهيه انهيءَ مضمون جي تلاش ۾ رهيس. آخرڪار، منهنجين لاڳيتين گذارشن تي، سائين حسين شاهه راشديءَ، هاڻي، هيءُ مضمون مون کي ڏنو آهي، جو سندس شڪريي سان، مهراڻ جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي ٿو. –ن.اش

 

ڪونجن جي ڪُڙم کيپنهنجي ڄائي ڄم کان ڄاڻان سڃاڻان. جنم سائيبيريا جي سُڃ ۾ ٿيڻ، يا ڪنهن پربت جي پيٽ ۾، تنهن معلوم ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هئي. اِهو ظاهر هو ته پريم جي سرڪار جو پاسپورٽ هوندو هون. موسم ائي، وره واءُ گُهلي، نه ڏٺائون رات نه ڏينهن، نه جَهڪ نه جهولو- ملڪي نقشن تي انساني هٿن جون ڪڍيل سموريون ليڪون لتاڙيندي، اچي ٿي سنڌ ۾ ساهه پٽيائون.

سنڌ سان سندن اهڙي سنٻنڌ جو قدر ٿيڻ کپندو هو. محض دوستن جي ديدار خاطر ويچارين هر سال ٿي ايڏا ڪشالا ڪڍيا. اهڙو سيارو ئي ڪونه ٿيو، جنهن ۾ هِنن ڀيرو ڀڳو هجي. مُلڪ مولا جا ٻيا به ڪيئي ٿي وسيا: وڌئون وڌ، ڀلئون ڀل. پر هنن جي نظر سڀ کان اول سنڌ تي ٿي پيئي. ٻُوڙو ڦُٽو، سرءُ سِڙهه کنيان ۽ ڪڪرن ۾ سندن ڪرڪاٽ هوندا هئا.

ڳالهه سڌي هئي، پر ڳالهه جو گُل ڪونه ٽُٽو. دنيا اندر اڪثريت اندر جي انڌن جي رهي ٿي. اهڙن ماڻهن کي هر رستي ۾ وَر ۽ زندگيءَ جيهر واقعي ۾ وڪڙ نظر اچي ٿو، تنهنڪري سنڌ ۽ ڪونجن جي ان دوستيءَ واري قصي ۾ به اهڙن ماڻهن کي ڪيئي شڪي اشوش محسوس ٿيندا رهيا. سندس زباني، اها ڪهاڻي هن طرح هئي:

”چانجوسن جي چوڻ موجب اِهو سارو قصور ڪاريءَ ڪاري جو آهي. ٻيئي ڌريون اصلاً، نسلاً بدچال آهن. ٻنهي کي ٿاٻي جي ٽؤنڪر آهي. جنهن کي ’سنڌ‘ سڏيو وڃي ٿو، في الحقيقت ملڪ نه پر هڪ مختصر ۽ بدنام ماٿري آهي، جنهن جي مٽي مقناطيسي، پاڻي خماري، ۽ ماڻهو دلين جا ڌاڙيل آهن. جنهن به مسافر منجهس پير پاتو تنهن جو مٿو ويو! ڪيچ جي ڪُونڌ  سان اِت قهر ٿيو. سرمد جو سرمايو اِت ڦُڙيو. برٽن جي ڀاڻ اِت لٿي. غرض،س ندس جُرمنِ جي لسٽ سندس درياءَ وانگر ڊگهي ۽ سندس ٿرن برن جيتري موڪري آهي. اهوئي سبب آهي جو هرسمي جي هر بيدار مغز‘ سرڪار کيس ’هسٽري شيٽر‘ ڪري ليکيو آهي.

ٻئي طرف ڪونج جي قوم به ’اشراف‘ ڪانه آهي. ’چوڻ وارن جو چوڻ‘ آهي ته راجا ڏاهر جي ڏينهن کان به اڳ، ڪنهن لڱا، ڪونج گهراڻي جي ڪنهن وڏي ڏاڏيءَ کي اچي کارس کنيو. پنهنجي ملڪ اندر پورت ڪانه ٿي ٿيس، سو مٿي تي لٽو رکي گهران ڀڳي. چَگهه جي ڳولها ۾ جبل جهاڳيندي، ٿر ٿيلهيندي اچي ’لطيفي لاڏڻ‘ وٽان لانگهائو ٿي. هِت ته اڳ ۾ ئي پرائي ٻوڙ تي ماني ٻڌيون ويٺا هئا. ڪنهن ڏٺو، ڪنهن ٻُڌو. اکيون اکين سان اڙجي ويون؛ دليون دلين سان ڳنڍجي ويون. سائين ڏئي بندو سهي. وقت پڄاڻان پوڙهي پاڻ ته پوري ٿي ويئي، پرپنهنجن پوين کي به وصيت ڪري ويئي ته وره جي وَٿ هٿ ڪرڻي هجيو، ۽ اُن شاهراهه ۾ سِر ڏيئي سُرهو ٿيڻو هجيو ته سير ڪجو ’سنڌ‘ جو. ڏسجي ائين پيو ته بعد ۾ پوٽيون ڏاڏيءَ کان به ڏهه قدم اڳتي وڌي ويون. هر سياري جيئن ڏکڻ کان ڪبوتريون، تيئن اوڀر کان ڪونجن جون قطارون پيون سنڌ ۾ داخل ٿين! ٻُڌي آهي سنڌ جي مارين شڪارين جي!“

جيترا وات اوتريون ڳالهيون، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪونجن جو سنڌ سان تعلق تمام ڪهنو آهي، ويرين جيڪا به جَکَ ماري، دشمن ڪيتري به گڦ هنئين، پر اِهو تعلق اڄ تائين ٽُٽي ڪونه سگهيو آهي.

منهنجي پنهنجي شناسائي ڪونجن سان اهڙي زماني ۾ ٿي، جڏهن اڃا تائين پکين جي قسمن جا پورا نالا به ڪونه ٿي آيم. هڪ سومهاڻيءَ آءٌ پنهنجي ڏاڏي مرحوم جي پاسي ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هوس. ڪنهن مهل اونداهيءَ ۾ مٿان ڪن لانگهائو پکين جا ڪرڪاٽ ٻڌڻ ۾ آيا. مون ڏاڏي مرحوم کان پڇيو ته اِهي ڪهڙا پکي آهن؟ فرمايائين: ”ابا! اِهي ڪونجون آهن!“ ان کان پوءِ ڪونجن جي سلسلي ۾ هڪ ڪهاڻي به ٻڌايائين. چي: ابا! هڪ ’هيڻو‘ ۽ هڪ ’ڏاڍو‘ شڪاري پاڻ ۾ ڀائيوار ٿي شڪار لاءِ نڪتا. ’هيڻي‘ شڪاريءَ هڪ ’تتر‘ ۽ هڪ ’ڪونج‘ ماري. ’ڏاڏي‘ شڪاريءَ کي هٿ لڳو فقط ’هيڙهو‘ ۽ هڪ ’ڦدو‘ شڪار ختم ٿيڻ بعد ’ڏاڍي‘ شڪاري ’هيڻي‘ شڪاريءَ کي شڪار جا ڪي بنيادي اصول ٻڌايا. اُنهن اصولن پٽاندر ٻنهي جو شڪار پهريان گڏي ڇڏڻو هو ۽ ان کان پوءِ تقسيم ٿيڻي هئي. چنانچه، هيڻي شڪاريءَ ڪونج ۽ تتر هڙ مان ڪڍي ڏاڍي شڪاريءَ جي اڳيان ڪري رکيو. ڏاڍي شڪاريءَ پنهنجي کيسي مان هيڙهو ۽ ڦدو ڪڍي ’بيگ‘ ۾ ملائي ڇڏيو.

جڏهن گڏيل بيگ‘ جي تقسيم جو سوال آيو، تڏهن ڏاڍي شڪاريءَ وقت جي صدارت ڪندي هيءُ فيصلو صادر فرمايو؛ چي:

ڦدا، ماس دا گڙدا- تيڪون آيا،

تتر، گڏ دا ڀتر- ميڪون آيا؛

هيڙها، ماس دا ديڙا- تيڪون آيا،

ڪونج، هڏئين ڍونڍ- ميڪون آئي!

يعني اصولن ۽ زبان جي تڪ بنديءَ ذريعي ’ڏاڍو‘ شڪاري، ’هيڻي‘ ڀائيوار کي فقط پاڻ وارو ”هيڙو- ماس جو ديرو“ ۽ ”ڦدو- ماس جو گڙدو“ ڏيئي، هُن غريب جا پنهنجا شڪار ڪيل ٻيئي وڏا پکي يعني تتر ۽ ڪونج پاڻ ڦٻائي ويو ۽ غضب خدا جو، ساڳئي وقت هن مظلوم تي ٿورو به ٿڦيندو ويو، ڇو ته ”تتر- گڏ جو ڀتر“ هو، ۽ ”ڪونج- ڇڙو هڏن جو ڍونڍ!“

اُن قصي ٻڌائڻ بعد ڏاڏي مرحوم هدايت ڪئي ته ”ابا، ڪڏهن به پاڻ کان ڏاڍي ڪنهن شڪاريءَ سان هرگز ڀائيچارو نه ڪجانءِ!“

منهنجي عيني ملاقات، ڪونج سان ٿورو وقت پوءِ ٿي.

واڌو ميربحر شڪار جي ڪم ۾ منهنجو استاد هو. هڪ صبح جو ڪونجن جا آواز ٻڌي مون کي چوڻ لڳو ته ”ڀر واري کيت ۾ اڄ ڪونجون اچي لٿيون آهن. رائيفل کڻي آءٌ، ته هلي توکان مٿن ٺڪاءُ ڪڍرائي اچان.“

”گهر ويٺي توکي ڪيئن اِهو معلوم ٿيو؟“

”ڪونجون جيڏانهن وينديون آهن آواز ڪنديون وينديون آهن، وات ئي مارائيندو اٿن.“

”سلطان پسند“ (رائيفل جو نالو هو) کڻي ڪڻڪ واري کيت ۾ لنگهي پياسين. پري کان ڏٺوسين ته ڪونجون برابر کيت جي وَٽ سان لٿيون پيون آهن. پوک جي ليول کان سندس  جسم گهڻو مٿي هو ۽ ڳچيون به ڊگهيون هئن، پر اسان کي، پري کان ايندو ڏسي به، ڪونه اُڏاڻيون ۽ آرام سان ويٺيون رهيون.

مون واڌي ميربحر کي چيو ته ”هي ته پري کان پيون ڏسن. اسان کي ڏسي اِجهو ڪي اجهو ٿيون پر سوئن.“

”پرواهه نه ڪر، ويساهي کي آهي.“

آخر ويجهو وڃي، وجهه وٺي، مون گولي ڇوڙي. ولر منجهان هڪ ڪونج گهائجي ويئي. ٻيون بروقت تي اُڏاڻيون، پر پوءِ ڪيتري وقت تائين وڃايل ساٿيءَ جي ڦوڙائي ۾ متان ڦِرنديون ۽ ڪوڪون ڪنديون رهيون!

مُئل پکيءَ کي منهنجي سامهون رکي واڌي سندس ڪڙي ڪاٺيءَ ۽ عقل سمجهه بابت هن طرح ٽيڪاٽپڻي فرمائي:

”ڪونج ويساهي ۽ مورک پکي آهي. الله تعاليٰ ڳچي ڊگهي ۽ ڄنگهون به وڏيون نيون اٿس، ان لاءِ ته مَدي ميري کي پري کان پروڙي پنهنجي جان بچاءُ جو بندوبست ڪري. پر ٿي پيو آهي تمام ويساهي. سمجهڻ لڳو ته جڏهن ته هو پاڻ ڪنهن شيءِ جو مَدو ڪونه آهي، تڏهن ٻيو به ڪو ساڻس و مدائي ڪندو؟ نتيجو اِهو نڪتو جو اڄ تنهنجي اڳيان ٽنگون ٽيڙيون پيو آهي.“

ڪونج جي سنڌ سان ٽين نسبت پڻ ساڳيءَ طرح ويچار لهڻو.

ڪونج هميشه پنهنجيڪڙم سان، پنهنجي ڪڙم اندر رهندي، ڪڙم کان جدا ٿي پکين جي ٻيءَ ڪنهن به ذات سان نه ملندي، نه واهپو رکندي، اُنهن جي ٻولي ٻوليندي. جيڏانهن وڃڻو هوندس، پنهنجي ولر سان ويندي. رات ڪرڻي هوندس، يا مانجهاندو، سفر ڪرڻو هوندس يا سير- اُٿندي، وِهندِي، اُڏندي، لهندي، ولر کان وڇڙڻ ڪونج لاءِ قيامت سمان آهي.

مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي، منهنجي ڀاءُ کُڏ مان لڪي ڪونجن تي گوليون ٿي ڇوڙيون ٺڪاءُ ٿيو، هڪ ڪونج ڪِري، ٻيون اُڏامي ڪجهه وقت مئل پکيءَ مٿان ڦري دانهون ڪري ورتي ٿي اچي ساڳيءَ جاءِ تي لٿيون. ٻي گولي ڇُٽي، ٻي ڪونج ڪري، وري دانهون، وري مئل ساٿيءَ مٿان لامارا، وري موٽي اچي ساڳئي هنڌ تي لهڻ، ۽ ٽين گولي جهلڻ. غرض، ڪلاڪ کن اهو ڪوس هليو. ولر سان وفاداري ڪنديمنجهانئن ڪيتريون ئي قتلام ٿي ويون. اهو حال ڏسي آخر مون کي ڪهل آئي ۽ ڀاءُ کي وڌيڪ گولين هلائڻ کان منع ڪيم. ساڳئي وقت اِهو به سمجهه ۾ آيو، ته شاهه صاحب و فرمايو هو ته:

ولر ڪيو وتن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهوان ميٺ گهڻو!

سنڌ جي شاعرن، پنهنجي ڪلام اندر، عورت جي جسم کي ڪونج جي جسم سان مشابهت ڏني آهي ۽ اِن ريت ڪونج کي خوبصورتي جي آخري ڪسوٽي ٺهرايو آهي.

يونانين جي زماني کان وٺي اڄ تائين هن سوال تي بحث ٿيندو رهيو آهي ته خوبصورتيءَ جي لحاظ کان عورت جي جسم جي جدا جدا ڀاڱن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو تناسب هجڻ گهرجي. آخري فيصلو هنن اصولن تي وڃي ٿيو آهي:

مٿو: وينس ڊيميلو جي مٿي وانگر.

ڳچي: مصر جي راڻي نفرٽيشي جي ڳچيءَ وانگر ڊگهي.

بدن: مارلن منرو واري وانگر ڀريل.

ڄنگهون: پيرس جي مسنگئٽ جهڙيون.

انهن اصولن کي سامهون رکي ڪونج تي نظر ڦيرائبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جا شاعر، ڪونج کي سونهن جي نموني طور پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ ان نتيجي تي پهچي چڪا هئا.

ڪونج کي اهو درجو دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به قوم جي لٽريچر اندر ڪونه ملي سگهيو، ۽ ان ريت ڪونج سنڌ ۽ سنڌين جي زندگي ۽ تمدن جو اڻ جدا ٿيڻ وارو حصو بڻجي چڪو آهي.

شال سلامت هجي، جت به وسي خوش رهي. سنڌ جو مٿس سلام آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com