ڊاڪٽر محمد ادريس السندي
ڪريما فارسيءَ جو مطالعو سنڌ ۾
(ترجما- شرح- تتبع- تضمينون ۽ تخميسون)
شيخ سعدي شيرازي (وفات 691هه) پاران، ٻارن لاءِ اخلاقيات جي
موضوع تي لکيل جڳ مشهور فارسي مثنوي ”ڪريما“ کان
ڪير واقف نه هوندو! اها مثنوي جڏهن کان وجود ۾
آئي، ڪروڙين شاگردن اُن کي پڙهيو ۽ پُرجهيو؛ لکين
استادن، مڪتبن ۾ ويهي کٿابين کي پاڙهيو ۽ هزارين
شائقن انهيءَ مثنويءَ کي ياد ڪيو، ۽ ڪيترن ئي
ماڻهن اُن مان هدايت جا موتي ميڙي، پنهنجي زندگي
سنواري ڇڏي.
سنڌ وارن جو ”ڪريما“ سان لاڳاپو تمام پراڻو آهي. ڪيترن ڪُراڙن ۽
ڪُراڙين کي اڃان تائين ”ڪريما“ جي مثنوي
جهونگاريندي ٻڌو ويندو آهي ته:
کريما ببخشاي برحال ما
کہ هستم اسير کمندِ هوا
هن وقت به ”ڪريما“ سنڌ جي ديني مدرسن جي فارسي نصاب ۾ شامل آهي.
مدرسي ۾ پڙهڻ دوران اسان کي ياد آهي ته ڪريما جي
پهرئين بيت جي تتبع ۾ ٺاهيل ڪجھ سنڌي بيت جهونگاري
هڪ پاسي پڙهائيءَ جي ٿڪاوٽ کي دُور ڪندا هئاسون ته
ٻئي طرف بيت بازيءَ جو حظ به حاصل ٿي ويندو هو.
اهڙا ڪجھ سنڌي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ڪريما رحيما وڙهيون پاڻ ۾ ــ وڙهندي وڙهندي ڪِريون پاڻ ۾.
ڪريم جي بُجڪي کڻي ويا ڇهه چور ــ ٻه انڌا ٻه منڊا، ٻه لوفر
لغور.
ڪريما ببخشاي بدحال کي ــ نه کائي نه پيئي، ڪٽي زال کي.
ڪريما ڪرم ڪر، هنداڻو ملي ــ سڄي راڄ کائي سڀاني کلي.
ڪيترن ئي سنڌي عالمن ”ڪريما“ سنڌي ترجما ڪيا، ڪن فاضلن ان جا
شرح لکيا، ڪجھ اديبن ان جا عربي ترجما جوڙيا. ڪجھ
بزرگن ان جي تتبع ۾ مثنوين ٺاهيون ته ٻين وري ان
جي تضمين يا تخميس ڪئي. اهڙين ڪاوشن مان ڪجھ ته
ڇپيل آهن ۽ ڪافي اڻ ڇپيل. ڪافي وقت کان ارادو هو
ته سنڌ وارن جي اهڙين مثالي محنتن کي هڪ مقالي جي
ذريعي پڌرو ڪجي. ان جو هڪ مختصر خاڪو تيار به ڪري
ڇڏيو هو، پر چوندا آهن ته هر ڪم پنهنجي وقت تي
ٿيندو آهي. الحمدلله اڄ ان ارادي کي عملي جامو
پهرائيندي، هيءُ مقالو قارئين جي نذر ڪجي ٿو. اسان
شيخ سعدي جي فارسي ”ڪريما“ بابت، سنڌي عالمن ۽
فاضلن جي محنتن ۽ خدمتن کي ڇهن قسمن ۾ ورهايون ٿا:
(1) ڪريما جا سنڌي ترجما- اون جا وري ٽي حصا آهن:
الف: سنڌي نثري ترجما
ب: سنڌي منظوم ترجما
ج: اهڙا سنڌي ترجما، جن جي باري ۾ معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته نظم
۾ آهن يا نثر ۾.
(2) ڪريما جا عربي ترجما
(3) ڪريما جا شرح
(4) ڪريما جو تضمينون، جنهن جا وري ٻه حصا آهن:
الف: سنڌيءَ ۾ تضمينون
ب: فارسي ۾ تضمينون
(5) ڪريما جون تخميسون (مخمسات ڪريما)، تنهن جا به ٻه قسم آهن:
الف: فارسي مخمسات
ب: سنڌي مخمسات
(6) ڪريما جا تتبعات- ان جا ٻه قسم آهن:
الف: فارسي تتبعات
ب: سنڌي تتبعات
ڪريما جا سنڌي ترجما: منهنجي ڄاڻ مطابق ڪريما جا هن وقت تائين
18 ترجما ٿيل آهن، جن مان 9 ترجما نثر ۾ ۽ 6 ترجما
نظر ۾ آهن. باقي ٽن ترجمن بابت ڄاڻ نه ملي سگهي ته
نثر ۾ آهن يا نظم ۾، ڇو ته انهن جو ڪو به نسخو
منهنجي سامهون نه آهي.
ڪريما جا نثري ترجما: جيئن ٻڌائي آيس ته اهڙن نثري سنڌي ترجمن
جو تعداد 9 آهي، جن جو تفصيلي احوال هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ڪريما مترجم سنڌي از حيدر شاهه هالائي: ڪريما جو هيءُ نثري
ترجمو رائل سائيز جي 32 صفحن تي 3000 تعداد ۾ ربيع
الآخر 1301هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو ۽
شايع ٿيو. هن حامل متن (فارسي متن سان گڏ سنڌي
ترجمو) ڇاپي جي فارسي شعرن جي ڪتابت محمد ڪليم
الله دهلويءَ ڪئي، جڏهن ته سنڌي ترجمي جي ڪتابت
قاضي ميان نور محمد قريشي تاجر ڪتب لاڙڪاڻه، خلفِ
آخوند محمد حسن صاحب عقيلي سانوڻي، ساڪن هالا
پراڻا، تعلقو هالا نوان ضلعو حيدرآباد سنڌ، ڪئي.
آخري صفحي تي مترجم، طباعت جي سال، مطبع ۽ ڪاتبن
جي وضاحت ۽ چٽائي سان گڏ ميان نور محمد جي هڪ
بيضوي مهر به ثبت آهي. ”زنُورِ محمد جهان روشن
است“ (حضرت محمدﷺ جي نور کان جهان روشن آهي).
�
ترجمي جو نمونو: جيئن ته هن ڪريما مترجم جي ڇاپي
نسخي جا مون کي صرف آخري 16 صفحا (17 کان 32)
دستياب ٿيا آهن، ان ڪري منڍ وارن بيتن جي معنيٰ جو
نمونو ته نٿو پيش ڪري سگهجي، البته آخري بيت جو
ترجمو پيش ڪجي ٿو:
منہ دل برين دير ناپائدار
ز سعدي همين يک سخن ياد دار
(مرک هيون هن مڙي اڻ جٽا واري تي شيخ سعدي عليہ الرحمة کان هيءُ
ڳالهه ياد رک.)
�
مترجم جا حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا.
�
ڪاتب ميان نور محمد سانوڻي، هالائي، شايد انهيءَ
آخوند محمد حسن عقيلي بن آخوند نور محمد سانوڻي بن
حافظ الله بخش جي اولاد (پٽ) آهي، جنهن جي والد
نور محمد سانوڻي (وفات 1287هه) جي جوڙيل ”مخمس
ڪريما نوري“ جو تذڪرو اڳتي هلي ”مخمسات ڪريما“ ۾
ايندو.
(2) ڪريما مترجم سنڌي فقير محمد ولد غلام:
”ڪريما“ جو هيءُ نثري ترجمو 1312هه ۾ جڙيو ۽ انهيءَ ئي سال
عبدالواحد تاجر ڪتب حيدرآباد سنڌ، گماشتہ جناب
فرزندانِ مرحوم مغفورِ جنت مکان، خلد آشيان، فردوس
آرامگاهه حاجي حافظ حيدر شاهه، جي اهتمام هيٺ،
رائل سائيز جي 30 صفحن تي مطبع فيض سبحاني مان
ڇپيو (1500 جي تعداد ۾). مترجم هن ترجمي جي پڄاڻي
۾ لکي ٿو ته ”الراقم حقير الانام فقير محمد ولد
غلام ماه ذوالقعده 1312هه.“
هيءُ مترجم ڪريما فارسي متن سان گڏ آهي. ترجمي جو نمونو پيش ڪجي
ٿو:
�کريما
ببخشاي برحال ما ــ کہ هستم اسير کمند هوا
(اي مهربان بخش ڪر مٿي حال اسان جي ــ ڇو ته آهيان مان وٺتل
ڦاسي سڌ جيجو)
�دلاگر
تواضع کني اختيار ــ شود خلق دنيا ترا دوستدار
(اي دل جيڪڏهه نياز ڪرينتون قبول ــ ٿئي خلق دنيا جي توکي دوست
رکندڙ)
�منه
دل برين دير ناپائدار ــ ز سعدي همين يک سخن ياد
دار
(م رک دل مٿي هن جاءِ نه بيهڪ واري ــ ڪنا شيخ مصلح الدين هيءَ
هڪڙي نصيحت ياد)
�
مترجم جا حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا.
(3) ڪريما مترجم سنڌي سيٺ جشن مل:
سيٺ جشن مل گماشتہ جناب سيٺ وشنداس نهالچند جو جوڙي هيءُ ترجمو
سيٺ وشن داس نهالچند جي اهتمام هيٺ مطبع نامي
”وشن“ واقعي ڪرامي ۾ رائل سائيز جي 32 صفحن تي
1312هه ۾ ڇپيو.
�
هيءُ ترجمو حامل المتن ۽ ٺيٺ سنڌي تحت اللفظي آهي.
مثال طور ترجمو پيش ڪجي ٿو:
اي ٻاجھا ٻاجھ ڪر حال اسان جي تي
ڇو ته آهيان ڦاٿل ڦاهي سڌ جي جو
اي هيانءُ! جي نوڙت ڪرين ڌُڻڻ
ٿين ماڻون دنيا جا تهجا سڄڻ
مرکہ هيون هن مڙي ان جٽا واري تي
شيخ سعدي عليہ الرحمة کان هي هڪ ڳالهه ياد رک
�
سيٺ جشن مل جا حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا.
(4) ڪريما مترجم سنڌي- دين محمد سانوڻي هالائي:
”ڪريما“ جو هيءُ نثري ترجمو 1313هه ۾ عبدالواحد ڪتب فروش
حيدراباد، گماشته سيد مرحوم حيدر شاهه هالائي جي
فرمائش تي حافظ رڪن الدين جي اهتمم هيٺ 32 صفحن تي
مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي ۾ ڇپيو. هن حامل المتن جي
پڄاڻيءَ تي مترجم لکي ٿو ته:
”پورو ٿيو ڪتاب پندنامه عرف ڪريما تصنيف حضرت شيخ مصلح الدين
شيرازي جو، ساڻ معني سنڌيم لهايل مسڪين خاڪپا اهل
الله دين محمد سانوڻي ويٺل هالا پراڻا تعلقو هالا
نوان.... تمام ٿي. مؤلف سنڌي معنيٰ ۽ مترجم سنڌي
زبان جو فقط خطا ۽ سهو جي هر حضرات خاص و عام کي
معافي طلب ٿئي ٿو.
قاريا بر من مکن قهرو عتاب
گر خطائي رفته باشد در کتاب
بنده دين محمد سکنہ هاله کهنه- تمام شد“
�
هن ڪريما مترجم جو سنڌي ترجمو، فقير محمد واري
ترجمي کان ٿورڙو مختلف آهي.
�
ترجمي جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
اي سخي بخش ڪر مٿي حال اسان جي
ڇو ته آءٌ وٺتل ڦاهي حرص جيجو
اي دل ڪر جيڪڏهه نياز کي تون قبول
ٿئي خلق دنيا جي توکي دوست رکندڙ
مرک دل مٿي هن جاءِ نه بيهڪ واري
ڪنا شيخ مصلح الدين هڪڙي نصيحت ياد رک
�
هيءُ ڇاپوت
غلطين سان ڀرپور آهي. ڪاتب شايد ته سنڌي خوان آهي نه سنڌي دان.
�
آخوند دين محمد سانوڻي جو اصل نالو محمد علي هو،
سندس والد صاحب جو نالو خير محمد هو. فارسي جو
قابل هجڻ سان گڏ خوشنويس پڻ هو، 7 ذوالحج آچر
ڏينهن 1346هه تي فوت ٿيو(1).
(5) ڪريما مترجم سنڌي- مولوي عبدالله سومرو ڪاتب:
”ڪريما“ جو هيءُ نثري ترجمو رائل سائيز جي 24 صفحن تي، شري
ڪرشنالال پريس سکر ۾ ڇپجي، هيمنداس ڪتبخانه ڳڙ
بازار سکر مان سايع ٿيو. البته ان جو رنگين ٽائيٽل
جارج پرنٽنگ پريس ڳڙ بازار سکر ۾ ڇپيو. فارسي متن
به شامل اٿس. ترجمه تحت اللفظي آهي. نمونو پيش ڪجي
ٿو:
اي سخي بخش ڪر مٿي حال اسان جي
جو آهيان مان قيد ڦاهي سڌ جي جو
اي دل جيڪڏهن نوڙت ڪرين تون قبول
ٿئي خلق دنيا جي توکي دوست رکندڙ
نه رک دل مٿي انهيءَ بي بقا جي
ڏُهن مولانا سعديءَ جي ايهو هڪ سخن ياد رک
�
ياد رهي ته هن ترجمي جو مترجم مولوي عبدالله سومرو
آهي ته ڪاتب به اِهوئي آهي.
�
مولوي عبدالله سومري جا حالات زندگي معلوم نه ٿي
سگهيا.
(6) سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڪريما جي- مولانا غلام حسين وليدائي:
هن ”ڪريما“ جو خطي نسخو، سنڌالاجي جي شعبه مخطوطات ۾ موجود آهي.
هيءُ ترجمو ٺيٺ تحت اللفظي آهي. فارسي متن به شامل
اٿس. 12 ذوالحج 1382هه تي پورو ٿيو. ٽوٽل 68 صفحن
تي مشتمل آهي. ابتدائي هڪ بيت جو ترجمو هن ريت
آهي:
اي سخي بخش مٿي حال اسان جي تي
جو آهيان قيدي ڦاهي حرص جي جو
�
مولانا حسين وليدائي ”ڪريما“ فارسي جو هڪ سنڌي شرح
به لکيو هو. جنهن جو تذڪرو ”ڪريما جي شرحن“ ۾
ايندو، انشاء الله تعاليٰ.
�مولانا
غلام حسين وليدائي ولد محمد يوسف ڪلهوڙو- ابتدائي
تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. 1332هه
(مطابق 1913) ۾ فارغ التحصيل ٿيو ۽ پنهنجي ئي ڳوٺ
”وليد“ (لاڙڪاڻه) پڙهائڻ لڳو. درس نظامي جا
تقريباً سمورا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. 1968ع
۾ فوت ٿيو.(2)
پاڻ مؤلفه/مترجم ڪريما جي هن خطي نسخي ۾ لکي ٿو ته: ”اولاد کي
نصيحت آهي ته ڪتاب ڪنهن کي نه ڏيکاريو، نه ڪنهن کي
ڏيو.“ هوڏانهن مولانا موصوف جا تيار ڪيل درس نظامي
جي ڪتابن جا ڏيڍ سؤ کن سنڌي ترجما، هن وقت
سنڌالاجي ۾ آهن.
(7) ڪريما مترجم سنڌي- عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي
تحت اللفظي سنڌي ترجمي تي مشتمل هيءُ نثري ترجمو اڃان ڇپيو نه
آهي. راقم وٽ مصنف جو هٿ اکري نسخي جو فوٽو موجود
آهي. وڏي سائيز جي 24 صفحن تي مشتمل هيءُ ترجمو
1414هه ۾ مڪمل ٿيو. مترجم اڃا حال حيات آهي. ترجمي
جو نموني عرض رکجي ٿو:
اي سخي بخش مٿي حال اسان جي
جو آهيان مان قيدي سڌن جو
اي دل جيڪڏهن نوڙت ڪرين تون قبول
ٿئي خلق دنيا جي توکي دوست رکندڙ
نه رک دل مٿي انهيءَ مڙهيءَ بي بقاتي
دُهن سعديءَ جي ٻي اها هڪ ڳالهه ياد رک
�
مولانا عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي ولد حافظ عبدالحميد
1923ع ۾ ڳوٺ ٿريچاڻوي (الڳ پنو عاقل) ۾ ڄائو. قرآن
شريف ۽ فارسي تعليم جي تعليم پنهنجي والد صاحب وٽ
پڙهيو. 1351هه ۾ دارالهديٰ ٺيڙهي ۾ داخلا ورتائين.
ان کان پوءِ چار سال چڪ ۾ مولانا محمد عثمان وٽ،
وري 1357هه ۾ پنهنجي ڳوٺ مولانا ڪتب الدين انڍڙ
وٽ، پوءِ 1358هه ۾ قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ مولانا
قطب الدين انڍڙ ۽ مولانا مظهر الدين انڍڙ وٽ پڙهيو
۽ اتي ئي فارغ التحصيل ٿيو. حال حيات مترجم پاڻ
سٺو ڪاتب پڻ آهي. مولوي محمد عظيم اينڊ سنز
شڪارپور طرفان ڇاپيل ڪيترائي ڪتاب، مولانا موصوف
جا هٿ اکري آهن. مولانا عبدالواحد ننڍا وڏا 50 کن
ڪتاب لکيا آهن، جن مان 20 کان مٿي ڪتاب فارسي ۽
عربي ڪتابن جي سنڌي ترجمن تي مشتمل آهن. ڪجھ
تصنيفن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
اعجاز البيان في ترجمة القرآن- رُموز الکتابة- زينت النساء-
ارشادات نبوي فارسي پهلي (سنڌي)- سنڌي ترجمہ
ڪريما- سنڌي ترجمہ پندنامه- سنڌي ترجمہ نام حق-
سنڌي ترجمہ گلستان- سنڌي ترجمہ بوستان وغيره(4)
(8) ڪريما مترجم سنڌي- مولانا الله بخش سومرو:
هنڱورجا (خيرپور ميرس) جي هن رهواسي عالم جو هيءُ ترجمو تحت
اللفظي آهي. اڃان ڇپيو نه آهي، راقم وٽ ان جو فوٽو
موجود آهي. نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اي ڪريم بخش ڪر مٿي حال اسان جي
جو مان آهيان قيدي خواهش نف جو
اي دل جيڪڏهن عاجزي تون ڪرين اختيار
ٿئي مخلوق دنيا جي توکي دوست رکندڙ
نه رک دل مٿي هن دنيا فاني ناپائدار تي
طرفان سعديءَ جو هيءُ ئي هڪ نصيحت ياد رک
�
مولانا الله بخش سومرو 1925ع ڌاري ڄائو. ابتدائي
تعليم محمد موسيٰ سومرو (ٺيڙهي) ۽ مولانا حزب الله
جتوئي (رسول آباد لڳ هنڱورجا) وٽ ۽ ان کان پوءِ
فارسي ۽ عربي جي تعليم مولانا عبداللطيف سومرو
(ديهات- تحصيل ڪنڊيارو ضلع نوشهرو فيروز) وٽ
ورتائين. مترجم حال حيات آهي.
(9) فارسي ڪريما- سنڌي ترجمو مولانا عبداللطيف سڪندري
مولانا ابوالشاڪر حضرت علامہ محمد عبداللطيف سڪندريءُ جو جوڙيل
ڪريما فارسيءَ جو هيءُ نثري ترجمو، تازو فارسي متن
سان گڏ، پهريون دفعو هڪ هزار جي تعداد ۾، مترجم
پاڻ ڇپرايو آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي 48 صفحن تي
مشتمل آهي. ترجمي جي منڍ ۾ شيخ سعديءَ جي سوانح به
ڏنل آهي. ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اي سخي! (الله) اسان جي حال تي بخش
ڇو ته مان حرص جي ڦاهيءَ ۾ قيد آهيان
اي دل جيڪڏهن نوڙت قبول ڪرين
دنيا جي خلق توکي دوست رکي
هن بي بقا جان (بدن) تي ڀاڙي خوش نه ٿي
سعديءَ رح جي اها هڪ ڳالهه به ياد رک.
ڪريما جا منظوم سنڌي ترجما: اهڙن منظور سنڌي ترجمن جو تعداد 7
آهي. جن جو وچور پيش ڪجي ٿو:
(10) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- مخدوم عبدالرؤف رحمة الله عليہ
هيءُ منظوم ترجمو، ڪريما فارسيءَ پهريون سنڌي ترجمو آهي، جيڪو
1178هه ۾ (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وقت کان چار
سال پوءِ) عبدالرؤف نالي هڪ سنڌي عالم جوڙيو هو.
جيئن هو ڪريمان جي هن منظوم ترجمي جي پڄاڻي تي
فرمائي ٿو ته:
هو اسو ياره مٿي هٽ هتر ــ جڏهه جڙي هي نظم آيو نظر
ڏهم ڏيهه ربيع آخر سندو ــ هؤ وار تڪرار آچر سندو
صفا آخر ۾ فرمائي ٿو:
ڪريو ياد کي رب جاڪ جيو
ڇٽا دوزخاً جني ڪلمو چيو
لاالہ الا الله محمد رسول اللهﷺ
�
ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: (قديم سنڌي صورتخطي
اختيار ڪيل آهي)
ڪريما ڪرم ڪر اتي حال اسان
آهياً بند جي نفس جي ڪيد سان
تواضح ڪري دل جي اختيار
ٿئي سڀ عالم سندء دوستدار
مرک دل اتي ملڪ جو بي بقا
ٻدي شيخ ڏهه کال ڪرڪن ڪا
�
ڪريما جي انهيءَ آخري بيت جي ترجمي کان پوءِ
فرمائي ٿو:
ڪريما منجا ڪيم سندي ڪتاب
تسبکو پري مر خوشي سان خطاب
ڪهم لفظ ۾ ٿي ڏسي ڪا خطا
سواري صحي سو ڪري سان عطا
الهيٰ چوي عرض عبدالرؤف
پسن پاهجي جو ڏيو تهه وقوف
عفو ڪر عطا سن سڀئي گناهه
جو تهجي فضل ريء ڪانيم راه
�
هن سنڌي منظوم ترجمي جي هڪ خطي نسخو راقم جي ذاتي
ڪتبخاني ”قاسميه لائبرري“ ۾ موجود آهي، جيڪو
1249هه ۾ ڪنڊياري جي هڪ ڪاتب عبدالرحمان بن
عبداللطيف ڪتابت ڪيو. ڪاتب لکي ٿو: (آخر ۾)
”تمت تمام شد بيد المسکين عبدالرحمن ولد ضعيف نحيف عبداللطيف
سکونت پذير کندياره وقت الضحي روز شبنہ- تاريخ
هشتم ماه جمادي الاول سنه 1249هه.“
هيءُ خطي نسخو 13x20
س.م جي سائيز ۾ 57 صفحن تي مشتمل آهي.
�
هن منظوم سنڌي ترجمي جا خطي نسخا سنڌ جي مختلف
ڪتبخانن ۾ ملن ٿا. عام طور تي هيءُ ترجمو ٻئي هڪ
سنڌي عالم شير محمد (ڪلواري- پرگنه جتوئي، سرڪار
بکر) طرفان تيار ڪيل ڪريما جي عربي منظوم ترجمي
(جنهن جو ذڪر اڳتي اچي رهيو آهي) سان گڏ ڪتابت ٿيل
ملي ٿو. اهڙا 4-5 خطي نسخا سنڌ جي مختلف ڪتبخانن ۾
موجود آهن.
�
مترجم جي هن پهرئين سنڌي ترجمي بابت هڪ تفصيلي
مقالو بعنوان ”ڪريما فارسي جو پهريون سنڌي ترجمو“
هن احقر لکيو هو، جيڪو ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد ۾
ڇپيو هو(5).
(11) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- محمد عارف ”صنعت“:
محمد عارف صنعت شڪارپوريءَ جي هن منظوم سنڌي ترجمي جو ذڪر مرحوم
لطف الله بدويءَ ”تذڪره لطفي“ ۾ ڪيو آهي. حالانڪه
بدوي صاحب ”ديوان صنعت“ به ترتيب ڏنو هو، جيڪو
1968 ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، پر ان جي مقدمہ ۾
”صنعت“ جي تصنيفات جي فهرست ۾ ”ڪريما“ منظوم جو
ذڪر ڪونه ڪيو اٿس. هيءُ منظوم سنڌي ترجمو اڃا ڇپيو
نه آهي. بدوي صاحب نموني طور ڪجھ منظوم بيت
(انهيءَ ”ڪريما“ منظوم جا) لکي آهن، جيڪي پيش ڪجن
ٿا:
تواضع ڪرين دل جي تون اختيار
ٿئي خلق جڳ جي سندء دوستدار
لهي علم کان شرف ٿو آدمي
نه دولت ڪنان ۽ نه ڪنهن خادمي
سدا منجھ وفا هج ثابت قدم
جو سڪي بنا نا هلي ٿو درم(6)
�
محمد عارف ”صنعت“ شڪارپوريءَ جي والد صاحب جو نالو
”محمد امين“ هو(7). اعواڻ قبيلي سان تعلق رکندو
هو(8) ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هن
ميرن جو سڄو دور ۽ انگريزن جو ابتدائي دور به ڏٺو.
سندس استادن ۾ ملا اويس صاحب (وفات 1246هه) ۽ ملا
صاحبڏنه (وفات 1255هه) شامل آهن. تعليم کان فراغت
بعد ڪجھ وقت درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو، پر پوءِ
خيمه دوزي (خيما/تنبو سبڻ) جو ڌنڌو اختيار ڪيائين.
ڌنڌي کي عربي ۾ ”صنعت“ چئبو آهي، انڪري سندن استاد
کيس ڌنڌي جي نسبت سان ”صنعت“ تخلص مرحمت فرمايو.
عارف صنعت 1266هه ۾ فوت ٿيو(9).
(12) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- هدايت الله ولد محمد حسن
هالائي:
جناب هدايت الله الحاج محمد حسن هالائي (وفات 1365هه) جو 1330هه
۾ جوڙيل ڪريما جو هيءُ منظوم سنڌي ترجمو ”ڪليات
هداية الله“ موسوم بہ ”نزهة الاحباب“(10) ۾ درج
ٿيل آهي، جنهن جو خطي نسخو جناب ڪريم بخش خالد وٽ
ڪرچي ۾ موجود آهي(11). جيئن ته اهو هن وقت منهنجي
سامهون نه آهي، انڪري ان جو نمونو نٿو پيش ڪري
سگهجي.
�
هدايت الله صاحب جا حالات زندگي معلوم نه ٿي
سگهيا.
(13) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- درمحمد جمالي
ڪريما فارسي جو هيءُ منظوم سنڌي ترجمو، سال 1914ع ۾ لالہ نندلعل
پرنٽر لاهور آريہ اسٽيم پريس ۾ ڇپجي، مسٽر شولداس
ٿانورداس تاجر ڪتب شڪاپور طرفان شايع ٿيو. رائيل
سائيز جي 20 صفحن تي مشتمل هيءُ ترجمو، فارسي متن
۽ ان هيٺان سنڌي منظوم ترجمي تي مشتمل آهي. نمونو
هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪريما تون بخشين اسان کي خطا
جو آهيان هوس حرص ۾ مبتلا
اي دل جي تواضع ڪري اختيار
ٿئي خلق جڳ جي سندء دوستدار
مٿي جڳہ نه رک دل ڪر اعتماد
رکج عارفا قول سعديء جو ياد
�
مترجم جا حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا، البته
ايترو معلوم ٿيو ته لقمان خيرپور رهواسي هو. ترجمي
جي پڄاڻيءَ تي هيءَ عبارت لکيل آهي:
”از حقير درمحمد جمالي مسکون لقمان، رياست خيرپور مير“.
(14) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- گڏيل چار ڪتابي وارو:
هيءُ منظوم سنڌي ترجمو، ٻين ٽن ڪتابن (ناگهان منظوم سنڌي ترجمي
سان- شاڪر نامو منظوم سنڌي ترجمي سان ۽ خطي
عبارتون) سان گڏ، ”گڏيل چار ڪتابي“ جي عنوان ۽
نالي سان، رائل سائيز جي 36 صفحن تي، منشي پوڪردار
ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور طرفان ڇپيو. منهنجي
سامهون ان جو ٽيون ڇاپو موجود آهي، جيڪو لاهور جي
اسلاميہ پريس ۾ ڇپيو آهي. مترجم جو نالو لکيل نه
آهي. البته ڪافي حد تائين درمحمد جماليءَ واري
منظوم سنڌي سان ڀيٽ کائي ٿو. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي
ٿورڙو فرق به آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته هن جي مترجم، ترجمي وقت، درمحمد جمالي جي ترجمي
کي يقيناً سامهون رکيو آهي.
�
ترجمي جو نمونو پيش خدمت آهي.
ڪريما تو بخشي اسان کي خطا
ته آهيان هوا حرص ۾ مبتلا
اي دل تواضع ڪرين اختيار
ٿئي خلق جڳ جي سندء دوستدار
مٿي جڳہ نه رک دل نه ڪر اعتماد
رکج عارفا قول سعديء جو ياد
(15) ڪريما جو منظوم سنڌي ترجمو- ڳڙهي ياسين وارو:
هيءَ منظوم ترجمو خطي يا ڇاپي جي شڪل ۾ منهنجي آڏو موجود نه
آهي. ان جو ذڪر سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڪيو آهي(12) ۽
لکيو آهي ته اهو منظوم سنڌي ترجمو، مولانا محمد
ابراهين جي ڪتبخانه (ڳڙهي ياسين) ۾ هڪ مجموعي اندر
موجود آهي. پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو
مترجم ڪير آهي؟
ڪريما جا اهي سنڌي ترجما، جن جي منظوم يا منثور هجڻ جي خبر نه
پئجي سگهي:
ڪريما جا ڪي سنڌي ترجما اهڙا به آهن، جن جا ڇاپي يا خطي نسخا
مون کي دستياب نه ٿي سگهيا، البته انهن جو تذڪرو
ڪن ڪتابن ۾ مليو، جن ۾ انهن جي نظم يا نثر ۾ هجڻ
جي چٽائي ٿيل ڪانه آهي، ان ڪري اهڙن ترجمن کي ڌار
بيان ڪجي ٿو.
(16) ڪريما مترجم سنڌي- خليفہ ڪرم الله شڪارپوري:
هن سنڌي ترجمي جو ذڪر پروفيسر امين الله علويءَ ڪيو آهي، جنهن
ان جو خطي نسخو، خليفه عبدالغفور سومرو (شڪارپور)
جي ڪتبخاني ۾ ڏٺو هو(13).
�
خليفه ڪرم الله، شڪارپور ۾ اهل الله بزرگن مان ٿي
گذريو آهي. سندس والد صاحب حافظ محمد رمضان نيڪ
ٻانهو هو. خليفه صاحب فارسي ۽ عربيءَ جو ماهر هو.
سنڌيءَ ۾ هڪ ڊگهو نظم بعنوان ”مينا ۽ ڪانءُ“ لکيو
هئائين، کيس هڪ پٽ نصرالله نالي هو، جيڪو لاولد
فوت ٿيو. خليفه صاحب 1271هه ڌاري فوت ٿيو ۽
شڪارپور جي انصاري محلي ۾ دفن ٿيو(14).
(17) ڪريما مترجم سنڌي- عارف سيوستاني:
انهيءَ ترجمي جو ذڪر مولانا دين محمد وفائي ڪيو آهي. لکي ٿو ته:
ڪريما جو سنڌي ترجمو سندس (محمد عارف سيوستاني)
حياتيءَ ۾ ڇپجي ورهائجي ويو(15).
�
محمد عارف سيوستاني بهترين شاعر هو. سرڪاري ملازمت
۾ به داخل ٿيو هو، سب انسپيڪٽر پوليس جي عهدي تان
1907ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪريما فارسي جي هن سنڌي ترجمي
کان علاوه ٻه ديوان (هڪ سنڌي، ٻيو فارسي) ۽
زمينداري نامہ نالي ڪتاب به سندس تصنيف آهن(16).
(18) ڪريما سنڌي مترجم- پوڪرڊاس واري:
ڪريما جي هن سنڌي ترجمي جو نالو منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور
جي ”فهرست ڪتبخانه“ ۾ نظر آيو. پوڪرداس طرفان
ڇپرايل ”ڪريما سنڌي“ جو نالو ۽ شهرت علمي حلقن ۾
ٻڌبي هئي. مان سمجھندو هوس ته هيءُ ”ڪريما سنڌي“
اِهائي آهي، جيڪا پوڪرداس طرفان ڇپرايل ”گڏيل چار
ڪتابي“ (ڪريما شاڪرنامه- ناگهان ۽ خطي عبارتون) ۾
شامل آهي، جنهن جو ڇاپي نسخو مون وٽ موجود آهي. پر
پوڪرداس جي طرفان ڇپرايل فهرستن(17) تي نظر وجھڻ
سان معلوم ٿيو ته گڏيل چار ڪتابي واري ڪريما الڳ
آهي ۽ هيءَ وري الڳ شيءِ آهي. ڇو ته انهن فهرستن ۾
انهن ٻنهي کي ڌار ڌار بيان ڪيو ويو آهي. جنهن مان
معلوم ٿيو ته هيءَ ڪريما مترجم ڌار ڇپي هئي، پر ان
جو ڪوبه نخسو مون کي دستياب نه ٿي سگهيو. ممڪن آهي
ته گڏيل چار ڪتابي ۾ شامل ڪريما سنڌي کي ئي الڳ
شڪل ۾ به شايع ڪرايو ويو هجي ۽ هيءَ به ممڪن آهي
ته مولانا وفائي لکيو آهي ته ”ڪريما جو سنڌي ترجمو
سندس حياتي ۾ ڇپجي ورهائجي ويو.“(18).
ڪريما جا عربي ترجما: ڪجھ سنڌي عالمن شيخ سعديءَ جي ڪريما ۾
سمويل نصيحتن کي عربن تائين پهچائڻ لاءِ ڪريما جا
عربي ۾ ترجما به ڪيا، جن مان سردست اسان کي هڪ
عربي منظوم ترجمو دستياب ٿيو آهي. ٻئي عربي ترجمي
جي ڄاڻ ملي آهي ۽ ٽيون ترجمو عربي راقم الحروف جو
اهي، جيڪو نامڪمل آهي. ٽنهي جو وچور هن ريت آهي:
(19) ڪريما مترجم عربي- شير محمد ڪلواري وارو:
هيءُ عربي ترجمو منهنجي ڄاڻ مطابق ڪريما فارسي جو پهريون پهريون
عربي ترجمو آهي، جيڪو 1143هه ڌاري، مخدوم شير محمد
صاحب نالي هڪ سنڌي عالم پنهنجي پٽ عبدالرزاق لاءِ
تيار ڪيو. سڄو ترجمو نظر نظم ۾ آهي ۽ ڪريما واري
بحر (متقارب) ۾ ئي آهي. نموني لاءِ بيت عرص رکجن
ٿا:
ڪَرِيمَا تَرحَم عَليٰ حَالِنَا ــ لاءّنا اء سَارَيٰ بِقيد
الهَوٰي
اَخِي لَو توضَعتَ لِلعالِمِينَ ــ يَکُونُ الخَلَائِقُ لَک
المُخلِصِينَ
وَلاَ تَهوِ عُمراً لاَفَائِدَة ــ مِنَ الشيِخِ خُذُ کَلمةً
وَاحِدَة
�
آخر ۾ لکي ٿو ته:
کَتَبتُ الرِسَالَةَ مِنَ الاِشتِياقِ ــ لانِي مُسَميً بِعَبدِ
الرَزَاقِ
اِلٰهِي قِہِ مِن شَر الحَادِثاتِ ــ مُقِماً عَليٰ جُملةِ
الصَالِحَاتِ
(مان هيءُ رسالو اشتياق ۽ هيج مان، پنهنجي پٽ عبدالرزاق لاءِ
لکيو آهي.
اي الله! کيس حوادث جي شر کان بچاءِ، جيئن هو صالح عملن تي قائم
رهي).
�
ترجمي جي نالي ۽ سال بابت مترجم موصوف لکي ٿو ته:
وَاسمُہ وَسِنُہ بلاشک سهو ــ ”تتبع ڪريما“ بِتَعريفِ نَحوِ
(هن ڪتاب جو نالو ۽ سال بنا ڪنهن شڪ ۽ ڀل چڪ ۾ تتبع ڪريما (جو
لفظ) آهي، نحو جي تعريف سان).
”تتبع ڪريما“ جو عدد، ابجد واري حساب مطابق 1143هه نڪري ٿو:
ت : 400
ت : 400
ب : 2
ع : 70
ڪ : 20
ر : 200
ي : 10
م : 40
ا : 1
تتبع ڪريما : 1143
هوڏانهن قاضي نبي بخش صاحب، جيڪو هن عربي ڪريما بابت پهريون
مضمون نگار آهي، تتبع ڪريما جو ابجدي حساب 1145هه
ڄاڻايو آهي(19). اهو حساب منهنجيءَ نظر ۾ غلط آهي.
پروفيسر امين الله علوي صاحب، انهيءَ عربي ترجمي
جي تاليف جو سال، لطف الله بدوي مرحوم جي ڪتبخامي
۾ موجود هڪ خطي نسخي جي آڌار تي 1093هه ڄاڻايو
آهي(20)، سو به مون کي سمجھ ۾ نه آيو. بدوي صاحب
واري نسخي جي زيارت ٿئي ها ته مسئلو حل ٿي سگهي
ها، پر افسوس جو باء جود ڪافي پنڌن جي انهيءَ جي
زيارت کان محروم رهيس.
�
هن عربي منظوم ترجمي جو مؤلف مخدوم شير محمد صاحب
آهي، جيڪو ”ڪلواڙي“ جو رهواسي هو، جيڪو سرڪار
”بکر“ جي ”جتوئي پرڳڻي“ جو هڪ ڳوٺ آهي. نبي بخش
قاضي وٽ موجود خطي نسخي جي سرورق جي ڪنڊ تي هيءَ
عبارت لکيل آهي:
”الجزؤ الاول من کتاب ”تتبع کريما“ تصنيف فقير شير محمد ساکن
موضع ”کلواري“ عملہ پرگنه جتوئي سرکار بکهر“(21).
مؤلف جا وڌيڪ حالات معلوم نه ٿي سگهيا، ترجمي جي پڄاڻيءَ تي
جيڪي عربي شعر هن چيا آهن، ان ۾ پنهنجو تعارف ”شير
محمد“ بجاءِ ”اسد“ جي لفظ سان ڪرايو آهي. اسد جي
معنيٰ جيئن ته شينهن/ شير آهي، ان ڪري ”اسد“ جي
لفظ مان سندن نالي دانهن اشارو ٿئي ٿو. فرمائي ٿو:
وَاسم المؤلِف اَسَد مُبتَهِل
مِنَ الفُرسِ حَتَي العَرَبِ مُرتَحِل
(مؤلف جو نالو اسد (شير محمد) عاجزي ڪندڙ آهي، جيڪو فارس کان
عربستان تائين سفر ڪندڙ آهي.) ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته هو علم جي طلب ۾ پري پري جا سفر اختيار ڪندو
هو. اڳتي فرمائي ٿو:
بِکَلوارِيَ اعلَم لَہ مُستَقَر ــ فَهِيَ قَريَة فِي سَوَاد
البکر
(ڪلواڙي ۾ ان جو گهر آهي جيڪو بکر سرڪار جو هڪ ڳوٺ آهي.)
ڪلواڙي مان شايد ”جهلي ڪلواڙي“ ضلع شڪارپور وارو ڳوٺ مراد
آهي(22).
�
هن عربي منظوم ترجمي جا ڪيترائي خطي نسخا سنڌ جي
مختلف ڪتبخانن ۾ ملن ٿا، جن مان ڪي هيءَ آهن:
قاسميه لائبرري، ڪنڊيارو (راقم الحروف جو ڪتبخانو).
مرحوم لطف الله بدويءَ جو ڪتبخانو، شڪارپور.
ڊاڪٽر مولانا عبدالرسول قادري بلوچ جو ڪتبخانو- دڙي مگسي-
سڪرنڊ.
حڪيم رشيد احمد ڪورائي جو ڪتبخانو- شڪارپور.
(20) ڪريما جو عربي ترجمو- عبدالڪريم ڇورائي:
هن ترجمي جي زيارت نه ٿي سگهي. ڪنهن وقت هن جو خطي نسخو پير وهب
الله شاهه راشدي جي ڪتبخاني (پير جهنڊو) ۾ موجود
هو.(23)، جنهن سان گڏ مؤلف هڪ ٻيو ڪتاب ”چهل حديث“
مترجم سنڌي منظوم به گڏ هو. ڏيڍ سو ورقن تي مشتمل
1264هه جو ڪتابت ٿيل، هيءُ خطي نسخو شايد هن وقت
نيشنل ميوزم ڪراچي جي ذخيره مخطوطات ۾ هجي، ڇو ته
پير جهنڊي وارن بزرگن پنهنجا سمورا مخطوطات ميوزم
کي ڏنا هئا.
�
مترجم جا حالات زندگي معلوم نه ٿي سگهيا.
(21) ڪريما جو منظوم عربي ترجمي- محمد ادريس السندي
راقم الحروف طرفان ترتيب هيٺ هن عربي منظوم ترجمي جو نمونو هيٺ
عرض رکجي ٿو:
اِلٰهِي ترحَم عَليٰ حَالِنَا ــ فَانا اُسَارَيٰ بِسِجنِ
المُنيٰ
اِلٰهِي وَمَالِي مُغيث سِوَاک ــ وَمَا غَافِر الذَنبِ شَخُص
سِوَاک
اِلٰهِي طَرِيقَ الخَطَا يَاقِنِي ــ خَطَايَ اعفُ ثُم
الصَوَابَ اهدِنِي
�
هيءُ ترجمو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي.
�
سر دست، عربي ترجمن مان صرف انهن ٽنهي ترجمن جي
ڄاڻ هن احقر کي ملي سگهي آهي.
ڪريما فارسي جا شرح ۽ حاشيا: ڪن سنڌي عالمن/بزرگن ڪريما جي
معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجھائڻ لاءِ انهيءَ جا شرح ۽
حاشيا تحرير ڪيا آهن. اهڙا چار شرح منهنجي علم ۾
آيا آهن، جن جو وچور ڏجي ٿو:
(22) ڪريما جو حاشيو فارسي زبان ۾- ميان نور محمد صاحب-
هن شرح جو (منهنجي ڄاڻ مطابق) واحد خطي نسخو راقم الحروف جي
ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، جيڪو 1259هه ۾ ڪنڊياري
(ضلع نوشهروفيروز) جي هڪ ڪاتب ”عبدالرحمٰن ولد
ضعيف نحيف عبداللطيف“ ڪتابت ڪيو. ڪريما جي متن سان
گڏ ”هامش“ تي ۽ ٻين السطور (سٽن جي وچ ۾) تمام
باريڪ ۽ سهڻن اکرن سا، ميان نور محمد نالي ڪنهن
بزرگ جا حاشيا ۽ وضاحتون لکيل آهن. خطي نسخو قابل
ديد ۽ لائق داد آهي. ڪنارن کان ڪرم خورده آهي.
ڪاتب جَون ٻه مهرون لڳل اٿس. هڪ سرورق تي، جنهن تي
لکيل آهي ته يَا رَحمٰنُ اُلطُف بِعَبدِکَ 1258“
(اي رحمٰن! پنهنجي ٻانيه تي مهرباني ڪر) انهيءَ
مهر ۾ ڪاتب محترم پنهنجي نالي ڏانهن ”رحمٰن“ جي
لفظ سان ۽ پنهنجي پيءُ جي نالي (عبداللطيف) ڏانهن
”اُلطُف“ جي لفظ سان اشارو ڪيو آهي. ٻي مهر نسخي
جي اختتام تي آهي، جنهن تي لکيل آهي ته
”عبدالرحمٰن عفي عنہ 1259.“
�
ميان نور محمد ڪير هو، ان بابت يقين سان ڪجھ نٿو
چئي سگهجي ۽ نه اهڙي وضاحت ۽ چٽائي هن قلمي نسخي ۾
ڪيل آهي. شارح ۽ محشي پاڻ کي ”نور محمد عفي عنہ“
جي عنوان سان تعبير ٿو ڪري، جڏهن ته ڪاتب کيس ڪڏهن
”ميان صاحب“ ڪٿي ”حضرت ميان صاحب“ ۽ ڪٿي وري
”مخدوم عفي عنہ“ جي عنوان سان تعبير ٿو ڪري. حاشين
جي ترتيب عبدالرحمٰن ڪاتن طرفان ڏنل آهي. ممڪن آهي
ته هيءُ نور محمد ”ڪنڊا کاهي“ لڳ نوشهروفيروز وارو
بزرگ ”نور محمد شاهه ڪنڍائي“ هجي(24).
�
نور محمد شاهه ڪنڊائي، ابتدائي تعليم ڪنڊا کاهي ۽
کهڙن ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم قاضي احمد صاحب رحمة
الله عليہ وٽ حاصل ڪيائين. باطني تعليم به ان کان
ورتائين، پوءِ اچي پنهنجي ڳوٺ ڪنڊا کاهي ۾ فيض
ورهائڻ لڳو. 1207هه ۾ فوت ٿيو. سندس مزار ”ڪنڊا
کاهيءَ“ ۾ آهي.(25)
(23) توضيح ڪريما- مولانا محمد مراد دليلپوري
هن شرح جو راقم وٽ ڪوبه نسخو في الحال موجود نه آهي، البته
مولانا عبدالوهاب چاچڙ لکي ٿو ته:
”مولانا جن ڪريما ته توضيحي تصنيف لکي آهي، ان جو نالو آهي
”توضيع ڪريما“. اها ڇپيل آهي. ان جي آخر ۾ مولانا
جا ٻيا اشعار به آيل آهن.(26)
�
مولانا محمد مراد دليلپوري بن خدا بخش بهلڪاڻي،
1907ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ (تعلقه ڪنڌڪوٽ) ۾ ڄائو.
قرآن شريف، ميان جي محمد يوسف وٽ، پارسي مولانا
محمد علي کوسي وٽ ۽ عربي تعليم ”دليلپور“ ۾ مولانا
عبدالعلي عودوي وٽ حاصل ڪيائين. فراغت کان پوءِ 12
سال دليلپور ۾ ۽ ان کان پوءِ مسلسل مدرسه
دارالفيوض ڪنڌڪوٽ ۾ پڙهايائين. پنهنجي دور جو وڏو
مفتي هو، شاعر به اعليٰ درجي جو هو. پهريائين بيعت
حضرت امروٽي سان، بعد ۾ حضرت هاليجويءَ سان
ڪيائين. 1294هه ۾ فوت ٿيو(27).
(24) نصيحتنامو- ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو:
هيءُ ڪتاب ڪريما جي تشريحي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ بيتن جي
با محاوره ترجمي کان پوءِ ان جي تشريح به ڪئي ويئي
آهي. فارسي متن شامل نه آهي. ڪتاب جو مقصد ڪريما
جي لفظي معنيٰ سمجھائڻ نه، بلڪه ڪريما جو مفهوم
قارئين ۾ متعارف ڪرائڻ آهي. ڪرائون سائيز جي 136
صفحن تي مشتمل هيءُ نصيحتنامو، پهريون دفعو 1970 ۾
۽ ٻيو دفعو 1972 ۾ خود مؤلف لاڙڪاڻي مان شايع ڪيو.
ڪريما جي ترجمي کان اڳ ۾، شيخ سعديءَ جي سوانح
تفصيل سان ۽ شيخ صاحب جون چونڊ نصيحتون وضاحت سان
بيان ڪيون ويون آهن. ترجمي جو نموني هيٺ بيان ڪجي
ٿو:
=اي
ڪريم! اسان جي حال تي رحم فرماءِ، جو آءٌ حرص ۽
هوس جي ڦندي ۾ (چوکنڀو) ڦاٿل آهيان.
=اي
دل! جيڪڏهن تون عاجزي ۽ خاڪساري اختيار ڪندينءَ ته
دنيا جي مخلوقات توکي دوست رکندي.
=تنهنڪري
بي بقا مڙهيءَ سان دل نه لڳاءِ. آخرت جي ڪا ڳڻ ڳوت
ڪر ۽ سعدي رحه کان اهو ئي هڪ گفتو ياد رک ته الله
۽ سندس رسول اڪرمﷺ جي احڪامن جي پوري تابعداري
ڪري، آخرت جي سعادت حاصل ڪر ۽ هن دنيا کي آخرت جي
ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻا.
(25) شرح سنڌي ڪريما فارسي- مولانا غلام حسين وليدائي
مولانا غلام حسين صاحب پهريائين ته ”سنڌيءَ ۾ معنيءِ ڪريما جي“
نالي ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ هيءُ شرح لکيو
(پهرئين ڪتاب جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.) هن شرح ۾
هر هڪ صفحي تي هڪ يا ٻه بيت ڪريما جا معنيٰ سميت
ڏيئي اِن جي هيٺان تشريح لکي اٿس، ۽ ڏکين لفظن جي
معنيٰ ڏني اٿس. پر هيءَ شرح نامڪمل آهي.
�
هن شرح جو خطي نسخو، سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾،
مولانا موصوف جي ٻين مخطوطن سان گڏ محفوظ آهي،
جنهن جا 197 صفحا آهن.
(26) فرهنگ ڪريما- مولانا علي محمد حقاني
”ڪريما فارسي“ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ تي مشتمل هيءَ ”لغت نامو“
”فرهنگ ڪريما“ جي نالي سان، لاڙڪاڻي جي مشهور عالم
مولانا علي محمد حقاني جوڙيو آهي، جيڪو سندس ڪتاب
”معلم فارسي“(28) جو حصو آهي، ۽ صفحي 76 کان 90
تائين ٽوٽل 15 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌي معنيٰ سان
اردو معنيٰ به ڏنل آهي. مولانا موصوف حال حيات
آهي.
�
مولانا علي محمد حقاني ولد امير بخش سومرو، 1336هه
(1918ع) ڌاري نئون ديرو ۾ ڄائو. چار درجا سنڌي
عاقل ڳوٺ (لاڙڪاڻي) ۾ (جتي سندس والد صاحب لڏي آيو
هو) پڙهيو. قرآن شريب به اُتي پڙهيو. پوءِ سنهڙي
(لاڙڪاڻي) ۾ مولانا محمد ڪامل دايه وٽ فارسي جي
تعليم حاصل ڪري، چنگل (رتوديرو) ۾ مولانا حبيب
الله نوناري وٽ ارشايد الصرف ۽ صرف جا ٻيا ڪتاب
پڙهيو. ان کان پوءِ ميرو خان ۾ مولانا خوش محمد
صاحب وٽ نحو جا ڪجھ ڪتاب پڙهي، قمبر علي خان ۾
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ (جيڪي مولانا ڪورائي
وٽ آخري سال جا ڪتاب پڙهي رهيا هئا) منطق پرهڻ
آيو. مولانا علي محمد حقاني سائين قاسمي صاحب جو
پهريون شاگرد آهي. ان کان پوءِ رتي ديري ۾ مولانا
عبدالل چانڊيون وٽ، ٺل حمزه (بهاولپور) ۾ مولانا
حبيب الله گمانوي وٽ، ڪوٺ مٺڻ ۾ مولانا واحد بخش
وٽ، درخواست ۾ مولانا عبدالله درخواستي وٽ؛ اَني
شريف (سرگوڌا) ۾ مولانا ولي الله وٽ، (راولپنڊي ۾
مولانا غلام الله وٽ، لائلپور (فيصل آباد) ۾ قاضي
شمس الدين وٽ پڙهيو. گوجرانوالا ۾ مولانا قاضي شمس
الدين وٽ 1947ع ڌاري دوره حديث پڙهي فارغ التحصيل
ٿيو. فراغت کان پوءِ ”عاقل“ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين.
جتي 5-6 سال پڙهائي، کرڙاه هليو ويو. اُتي 6-7
سال، وري ٻرهوڻ (شاهپور چاڪر لڳ) ۾ هڪ سال، ان کان
پوءِ پڪا چانگ ۾ 6-7 سال رهي پنهنجي ڳوٺ عاقل هليو
آيو. 1977ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي
هن وقت تائين پنهنجي طرفان جامعه اشاعت القرآن
والحديث نالي قائم ڪيل اداري ۾ رهي ٿو(29). سندس
وڏو فرزند ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، جميعت العلماء
اسلام سنڌ جو جنرل سيڪريٽري آهي. مولانا حقاني جي
تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
نبوي نماز ٻه جلد 2- معلم فارسي- ترجمہ مسند الامام الاعظم- سيف
حقاني- مطرقه حقاني- آئينه اعتقاد- افهام الصرف-
ترجمہ تلبيس ابليس وغيره.
تضمينون: پنهنجي شعر سان، ٻئي ڪنهن جي شعر کي سلهاڙڻ کي ”تضمين“
چئبو آهي(30). مثلاً:
سٺو ڪوٽ پتلون گهڙيال ڌار ــ شود خلق دنيا ترا دوستدار.
مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪريما جون تضمينون ٻن قسمن جون آهن: 1-
ڪريما جي فارسي بيتن سان، سنڌي بيتن جي تضمين، 2-
فارسي بيتن سان فارسي بيتن جي تضمين-
ڪريما فارسي سان سنڌي بيتن جي تضمين: انهيءَ ميدان ۾ مون کي
سردست هيٺيون تضمينون هٿ آيون آهن، جن کي تفصيلوار
بيان ڪجي ٿو:
(27) ڪريما سنڌي تضمين ساڻ ڪريما سعدي- آخوند فيض محمد ولد
آخوند فتح محمد روهڙائي
هن ڪريما جو خطي نسخو، خود مصنف جو هٿ اکري (سال 1889) نظر مان
گذاريو(31) 15x20
س.م سائيز جي 34 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪريما
جي تضمين سان گڏ ميان فيض محمد جا مختلف عريضہ
جات، فارسي ۽ سنڌي غزليات به شامل آهن. تضمين جو
طريقو هيءَ اختيار ڪيو اٿائين: ڪريما فارسي جي هر
بيت جي مطابق يا هم معنيٰ هڪ سنڌي بيت ٻه سٽو
فارسي بيت کان اڳ آندو اٿائين. نمونو هيٺ تحرير
ڪجي ٿو:
سچا فيض محمد جي سڻ تون صدا ـ ڪيم ناروا ڪم ڪوجها ڪچا
ڪريما ببخشاي برحال ما ـ کہ هستم اسير ڪمندِ هوا
نماڻائي نوڙت ڌريون ڌيان ڌار ـ ته سڀڪو ڄڻو توتي آڻي پيار
دلاگر تواضع کني اختيار ـ شود خلق دنيا ترا دوستدار
ايهو گهر نه نيبهه ڪنهيسان اي يار ـ تون سعديء جو هي هڪ وچن نا
وسار
منہ دل برين دير نا پائدار ـ ز سعدي همين يک سخن ياد دار
�
سرورق تي مولف موصوف تاليف جو سال ڄاڻائيندي لکي
ٿو ته:
جڏهن سلا هجري هو تيره سا پنج
تڏهن هي ڪريما جوڙي لاءِ سهنج
ته هرڪو پڙهي فيض وارو ٿئي
جو سعدي سعادت جو کوليو آهي گنج
�
آخوند فيض محمد 1244هه ۾ روهڙي ۾ ڄائو. ابتدائي
تعليم روهڙيءَ ۾ ورتائين. پاڻ عربي، فارسي ۽ ديني
علمن سان گڏ علم رياضي، رمل، جفر، نجوم، ابجد،
صرف، نحو، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره جو به ڄاڻو هو.
خوشخط به هو. فراغت کان پوءِ مختلف جاين تي خانگي
طور پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان کان پوءِ روهڙيءَ جي
پوسٽ آفيس ۾ ”چالان نويس“ مقرر ٿيو. بعد ۾ ان کي
به ڇڏي روهڙي بندر تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو. ان
کان پوءِ هڪ سنڌي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو
۽ اتان ئي رٽائر ٿيو. پنهنجي زندگي جو ڪافي احوال
”نالہ راز“ ۾ ڏنو اٿائين. 1903 ڌاري فوت ٿيو(32).
(28) ڪريما نيچرل- مرحوم شمس الدين بلبل 1919ع:
ڪريما نيچرل، ڪريما فارسيءَ جي مڪمل تضمين ته ڪانه آهي، البته
ڪريما جي ڪجھ خاص بيتن جي تضمين تي مشتمل آهي.
تضمين جو طريقو هيءُ آهي ته پهريائين هڪ سٽ سنڌيءَ
۾، اُن کان پوءِ هڪ سٽ فارسي بيت جي آهي. ٻيئي
سٽون هم قافيہ آهن. نمونو پيش ڪجي ٿو:
پيارج ڪوٽيرو وسڪي جو پا ـ ڪريما ببخشاي برحال ما
وڏا مان ڪيان ٿو ولايت لئه وس ـ نداريم غير از تو فرياد رس
ڪتي پستڙي کي ڪجين ڪور ڪور ـ نه باشي ز گلزار فردوس دور
�
ڪريما نيچرل جو پهريون ڇاپو 1892ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو
”ديوان بلبل“ سان گڏ 1906ع سنڌي ادبي بورڊ طرفان
شايع ٿيو.
�
مرحوم شمس الدين بلبل، 1857ع ۾ ميهڙ ۾ ڄائو. اُتي
ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو، اُتي ئي پڙهيو ۽ ڪمال کي پهتو.
سنڌ مٿان انگريزي حڪومت جو ابتدائي دور هو.
مسلمانن کي پيڙيو پئي ويو، ان ڪري ڪن دردمندن جديد
تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو. پوءِ جن نئين تعليم
حاصل ڪئي، انهن ۾ هڪ نئون ڦيرو آيو. انهن انگريزي
تهذيب جي اکيون ٻوٽي نقالي شروع ڪئي. مرحوم بلبل
پنهنجي ظرافت آميز ۽ مزاحيه شاعريءَ سان انهن
”ديسي صاحبلوڪن“ جا خوب ڇوڏا لاٿا(33). ”نيچرل
ڪريما“ ان جو واضح ثبوت آهي. سنڌ ۾ ظريفانه
شاعريءَ جو موحد بلبل مرحوم هو(34).
(29) پليگي ڪريما- شمس الدين بلبل
مرحوم بلبل ”نيچرل ڪريما“ کان سواءِ ”ڪريما“ جي تضمين ۾ ”پليگي
ڪريما“ به ٺاهي هئي، مگر افسوس جو ان جو ڪو سالم
نسخو ملي نه سگهيو آهي. ان جا ٽي بيت ”ڪلام بلبل“
۾ آيل آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿا. تضمين جو طريقو ساڳيو
آهي- هڪ سٽ سنڌيءَ ۾ ۽ ٻي سٽ فارسيءَ ۾.
پليگيءَ جي لانڍين کان پرور بچاءِ ـ ڪريما ببخشاي برحال ما
پليگي بلا ۾ نه ڪر مبتلا ـ کہ هستم اسير ڪمند هوا
رنن جي نه وٺ تون ڪڏهن ريت راءِ ـ کہ ناگهه رسد برتو قهرِ
خدا(35)
(30) ڪريما نيچرائي- مرتضائي ٺٽوي
سيد غلام مرتضيٰ شاهه رضوي ٺٽويءَ (وفات 1328هه) ۾ به مٿئين طرز
تي ڪريما جي تضمين ”ڪريما نيچرائي“ جي عنوان سان
ٺاهي هئي، پر افسوس جو ان جو ڪوبه نسخو (خطي يا
ڇاپي) دستياب نه ٿي سگهيو. ان ڪري ان بابت وڌيڪ
تبصرو نٿو ڪري سگهجي. هن ”نيچرائي ڪريما“ جو ذڪر
ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضويءَ پنهنجي هڪ مقالي
”مرتضائي ٺٽويءَ جون ادبي خدمتون“ ۾ ڪيو آهي(36).
�
مرتضائي ٺٽوي، 1259هه (1844ع) ۾ ڄائو. پاڻ ٺٽي جي
رضوي سيدن مان هو. قادر الڪلام شاعر هو. فارسي،
سنڌي عربي، ترڪي، هندي، سنسڪرت، ديوناگري ۽ اردو
زبانن جي مهارت رکندو هو. سندس تصنيفن ۾ نجاة
القلوب، مثنوي يوسف زليخا سنڌي ترجمو، طوطي نامو
سنڌي ترجمو، سڪندر نامو سنڌي ترجمو، شاهه نامو
سنڌي ترجمو (ڪجھ حصو)، ڪريما نيچرائي، نورالهديٰ
فارسي ترجمو ۽ ديوان مرتضائي شامل آهن.(37)
(31) ڪريما قائمي- مخدوم محمد روشن صديقي
هن تضمين جو خطي نسخو مولف موصوف جي پوٽي مخدوم محمد روسن صديقي
پاٽائي حيدرآبادي وٽ موجود آهي. راقم الحروف به ان
تان فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪيو آهي. 16x20
س.م سائين جي 20 صفحن تي مشتمل هيءُ خطي نسخو مؤلف
جو هٿ اکري آهي ۽ مؤلف ان وقت لکيو هو، جڏهن پاڻ
ڳوٺ سونو جتوئي ۾ مولانا غلام عمر صاحب وٽ پڙهندو
هو. پنهنجي تخلص ”قائم“ جي آڌار تي، هن تضمين جو
نالو “ڪريما قائمي“ رکيو اٿس. تضمين جو طريقو
ساڳيو ”بلبل“ وارو آهي. نمونو پيش ڪجي ٿو:
(نوٽ) ياد رهي ته هيءُ ”ڪريما قائمي“ سڄي ”ڪريما“ جي تضمين نه
آهي. بلڪ ڪريما جي چونڊ شعرن جي تضمين آهي.
ادا تون ته ڪر پيروي پيءُ ماءُ ـ کريما ببخشاي برحال ما
ادا تون سخاوت جي هٿ کي ڊيگهار ـ مکن تکيه بر عمر ناپئدزار
پڙهيو جنهن نه قرآن عربي هينئر ـ بهشتي نه باشد بحکم خبر.
�
مخدوم محمد روسن صديقي ولد عبدالله صديقي پاٽائي،
پاٽ شريف جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. مختصر ڄمار
ماڻي، 1942ع ۾ فوت ٿيو. ٿورڙي عمر هوندي به هن
ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان ٽي ڪتاب القانتات، 1937ع-
پاٽ پراڻيءَ جي اڳوڻي تاريخ 1937ع ۽ تحفہ رمضان
1937ع، (جيڪو 1995 ۾ ڇپيو) ڇپيل آهن. ٻيا ڪتاب
قلمي صورت ۾ موجود آهن. مثلاً چهل حديث، طهور
المسلمين، رحمد رضوان، فرحة الصائمين، تعبير صادق،
مسافر آخرت (38).
ڪريما فارسي سان فارسي بيتن جي تضمين: انهيءَ سلسلي ۾ مون کي
صرف هڪ تضمين هٿ آئي آهي. يقيناً سنڌ جي عالمن ان
ڏس ۾ ٻيا به ڪتاب جوڙيا هوندا پر مون کي هٿ نه آيا
آهن.
(32) تفهيم ڪريما- مولانا محمد لغاري
استاد الڪل (عرف ڏاڏا اُستاد) مولانا محمد صاحب لغاري (سابق
استاد دارالهديٰ ٺيڙهي) جي 1349هه ۾ جوڙيل هيءُ
فارسي تضمين، ”تفهيم ڪريما“ جي نالي سان، 1371هه ۾
17x26 س.م جي سائيز تي، 32 صفحن تي، عبدالحفيظ، پيش امام مسجد نور
مياڻي روڊ سکر طرفان شايع ٿي، جنهن جي ترتيب هن
ريت آهي ته ڪريما فارسيءَ جي هر بيت جي پهرئين سٽ
کان پوءِ، پنهنجي طرفان ٻه سٽون فارسي بيت جون،
ڪريما جي بيت سان هم قافيه ڏيئي ڪري، آخر ۾ ڪريما
جي بيت جي پوئين سٽ آندي آهي. نمونو هيٺ پيش ڪجي
ٿو:
ڪريما ببخشاي برحال ما ـ کہ غرقيم در بحر جرم و خطا
ز زنجير ظالم رها کن مرا ـ کہ هستم اسير کمند هوا
دلاگر تواضع کني اختيار ـ بدست آوري دولت ناپائدار
تواضع کند سرت گرقدار ـ شود خلق دنيا ترا دوستدار
منہ دل برين دير ناپائدار ـ که پرورد مي خورد چون تو هزار
عزيز از دنيا دل آزاد دار ـ ز سعدي همين يک سخن يا دوار
�
تضمين جي پڄاڻيءَ تي مؤلف لکي ٿو:
بلطف خداوند صاحب کرم ـ غلام غلام محمد شدم
اگر دورم از بارگاهش چہ غم ـ کہ در پايش افتاده بينم دلم
ز هجرش شکايت چرامي کنم ـ چو تصوير جانان بدل بنگرم
ز قطرات اولاد آن سرورم ـ صدف دارلؤلؤ بجان پرورم
�
جيئن ته مؤلف جي هڪ پٽ جو نالو ”عزيز احمد“ هو، ان
ڪري ”تفهيم ڪريما“ ۾ ڪٿي ڪٿي ان کي ”عزيز“ جي لفظ
سان خطاب ڪيو ويو آهي.
�
استاد الڪل مولانا محمد صاحب لغاري اصل ۾ جامپور
(ديره غازي خان) جو ويٺل. حضرت امروٽي جي ارشاد
سان، حضرت مولانا عبيدالله سنڌيءَ کين تدريس لاءِ
پنجاب مان سنڌ ۾ گهرايو هو. پير جهنڊي ۾ مولانا
سنڌيءَ سان (جلاوطني کان اڳ) گڏ تدريسي ڪم شروع
ڪيائين. سندس شاگرد هزارن جي تعداد ۾ آهن. برزگ
مولانا حماد الله هاليجوي ۽ مولانا حبيب الله
ٺيڙهيائي به سندس شاگرد آهن. پير جهنڊي کان پوءِ
نوابشاهه لڳ ڳوٺ ”نٿو ڪيريو“ ۾، ان کان پوءِ
راڻيپور ۾ پيرن وٽ درس وتدريس ۾ مشغول رهيو.
مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ جو خاص مربي هو.
1358هه کان 1369هه تائين دارالهدا ٺيڙهي ۾ مدرس
رهيو. ”ڏاڏا استاد، يا ”استاد الڪل“ جي لقب سان
مشهور هو. سندس تصنيفات ۾ تفسير سورة يوسف، شرح
حاشيہ عبدالغفور، اقليدس جديد ۽ تفهيم ڪريما شامل
آهن. پاڻ 1372هه جمادي آلاخرة ۾ سکر ۾ فوت
ٿيو(39).
وفات وقت سندس عمر 135 سالن کان مٿي هئي. پاڻ ساهه محمد اسحاق
دهلويءَ جو سڌو سنئون شاگرد هو(40). سندس هڪ تصنيف
”نزهة الاذهان في ترجمة نزلة الاعيان“ جو قلمي
نسخو درگاهه شريف پير جھنڊو جي ڪتبخاني ۾ ڏٺو اٿم.
مخمسات ڪريما- مخمس جو لفظ ”تخميس“ مان ورتل آهي، جنهن جي لفظي
معنيٰ آهي پنجن وارو. شعر جي اصطلاح ۾ پنجن سٽن
واري نظم کي ”مخمس“ ۽ اهڙي نظم جي جڙاوت کي
”تخميس“ ڪوٺيو ويندو آهي. تخميس ٻن قسمن جي ٿيندي
آهي.
1- اصلي تخميس- يعني ڪو شاعر اٿندي ئي هڪ قصيدي ۾ پنجن مصرعن
وارا بند ٺاهي:
جيئن: هل سگهو قرآن تي ـ رب جي فرمان تي
مات ڪر شيطان کي ـ جي تون آهين پهلوان
اي سلڇڻا نوجوان.
2- تضميني تخميس- يعني هڪ شاعر ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪنهن قصيدي جي
هر هڪ بيت (ٻن مصرعن) سان تضمين طور ٽي مصرعا،
پنهنجي طرفان ملائي ڇڏي، جيئن ڪريما جي آخري سرخي
جي هڪ بيت جي تضمين طور هيئن چئجي:
در اين منزل يار شيرين زبان ـ بيايد ز دنيا وتدبير آن
گريزان شوي همچو تيز از کمان ـ منہ دل برين منزل جان ستان
که دروي نه بيني دل شادمان
هن قسم جي تخميس ۾ نئين شاعر طرفان وڌايل تن مصرعن جو، اصلي
شاعر جي بيت سان هم قافيه هجڻ ضروري هوندو آهي.
�
ڪيترن سنڌي عالمن ”ڪريما“ جي تخميس ڪندي، ”مخمسات
ڪريما“ جوڙيا آهن. اهڙين مخمسات کي ٽن قسمن ۾
ورهائجي ٿو: 1- فارسي مخمسات، 2- سنڌي مخمسات، 3-
اهڙا مخمسات، جن جي باري ۾ معلومات نه ملي سگهي
آهي ته سنڌيءَ ۾ آهن يا فارسي ۾.
فارسي مخمسات: يعني ڪريما جا اهڙي مخمسات، جن ۾ ڪريما جي هر
فارسي بيت جي ٻن مصرعن کان اڳ ٽي مصرعا فارسي جا
ملايا وڃن. اهڙا فارسي مخمسات هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
(33) مخمس ڪريما- خواجہ نظام الدين سرهندي
خواجہ نظام الدين سرهندي مجددي شڪارپوري (وفات 1273هه) جي هن
”مخمس ڪريما“ جو ذڪر مخدوم محمد ابراهيم خليل
ٺٽويءَ، ”تڪلمہ مقالات الشعراء“ ۾ ڪيو آهي. البته
ان جو قلمي يا ڇاپي نسخو اسان کي نه ملي سگهيو
آهي.
�
خواجه نظام الدين پشاور ۾ ڄائو. 1221هه ڌاري
پنهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ خاندان سميت شڪارپور اچي
رهيو. سيد احمد شهيد (شهادت 1246هه) جڏهن سکن سان
جهاد لاءِ ويندي، سنڌ مان لنگهيو ته حضرت سيد صبغة
الله شاهه راشدي (وفات 1246هه) وانگر، حضرت نظام
الدين سرهندي به سندس شاندار استقبال ڪيو. 1273هه
۾ فوت ٿيو ۽ شڪارپور ۾ ئي دفن ٿيو. سندس تصنيفن ۾
چئن ڪتابن جا نالا مليا آهن. اسرار رموز نقشبنديه،
مخمس ڪريما، بياض متفرقات ۽ معدن الانوار(43).
(34) مخمس ڪريما- آخوند نور محمد سانوڻي
آخوند نور محمد بن حافظ الله بخش عقيلي، سانوڻي، هالائي، جو
”ڪريما نوري“ جي نالي سان ترتيب ڏنل هن ”مخمس
ڪريما جو“ خطي نسخو، قاضي شوڪت علي قريشي وٽ هالا
پراڻا ۾ موجود آهي، جنهن تان راقم الحروف عڪس ورتو
آهي. اصل نسخو آخوند محمد حسن ولد آخوند نور محمد
سانوڻيءَ، ترتيب ڏنو هو، جنهن تان محمود بن محمد
حيات بن نور محمد بن محمد قاسم بن محمود سانوڻيءَ
17 ربيع الثاني 1394هه مطابق 10 مئي 1974ع ۾ نقل
ورتو. (۽ اِهوئي قاضي شوڪت علي صاحب وٽ موجود
آهي)، جيڪو 15x20
س.م جي 39 صفحن تي مشتمل آهي. تخميس جو نمونو پيش
ڪجي ٿو:
بنام تو اي نور ارض و سما ـ کہ از عرش تا فرش کردي بپا
بدرگاهه آورده ام التجا ـ کريما ببخشاي برحال ما
کہ هستم اسير کمند هوا
اگر چشم داري بعز وقار ـ بوصف تکبر مکن زينهار
کہ گفت است سعدي والاتبار ـ دلاگر تواضغ کني اختيار
شود خلق دنيا ترا دوستدار
سنڌي مخمسات: سنڌي مخمسات منجھان اسان کي صرف هڪ ”مخمس ڪريما“
جي سُڌ آهي، جنهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
(35) مخمس ڪريما سنڌي- ”مرتضائي“ ٺٽوي
سيد غلام مرتضيٰ شاهه رضوي (وفات 1328هه) عرف ”مرتضائي ٺٽوي“ جي
هن ”مخمس ڪريما“ جو تذڪرو مخدوم محمد ابراهمي خليل
ٺٽويءَ، ”تڪمله مقالات الشعراء“(44) ۾ ۽ پير حسام
الدين راشدي صاحب، پنهنجي هڪ علمي مقالي ”ننگر ٺٽي
۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“(45) ۾ مرتضائيءَ ٺٽويءَ
جي تصنيفن جي فهرست ۾ ”مخمس ڪريما سنڌي“ جي نالي
سان ڪيو آهي. مون کي انهيءَ مخمس جي زيارت ڪٿي به
نصيب نه ٿي سگهي آهي.
ٻيا مخمسات ”ڪريما“ جا ڪي مخمسات اهڙا به آهن، جن جي زيارت نصيب
نه ٿي سگهي آهي. البته اُنهن جو ذڪر مختلف هنڌن/
ڪتابن ۾ مليو آهي، پر اُنهن جي باري ۾ اهو معلوم
نه ٿي سگهيو آهي ته اُهي تخميسون فارسي ۾ آهن يا
سنڌي ۾؟ اهڙا ٻه مخمس هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
(36) مخمس ڪريما- قاضي غلام عمر آريجو
هن مخمس جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪيو آهي(46)، پر اهو
نه ڄاڻايو اٿس ته فارسي ۾ آهي يا سنڌي ۾.
�
قاضي غلام عمر آريجو، ڳوٺ ”آريجا“ (لاڙڪاڻي) ۾ سال
1850ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد عثمان هو.
ابتدائي تعليم مولوي الله بخش کوهاري وٽ ۽ طب جي
تعليم مولوي عبدالرزاق قاضي (ترائي ڪماريو- ڳڙهي
ياسين) وٽ حاصل ڪيائين. طب کان پوءِ ساڳئي استاد
وٽ ڪجھ قدر عربي تعليم به حاصل ڪيائين. جيتوڻيڪ پڳ
ڪانه ٻَڌي هئائين، تڏهن به عربي ۾ چڱي مهارت حاصل
هئس. ان کان پوءِ فاضل ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ اچي درسگاهه
کولي، فارسيءِ جي تعليم ڏيڻ لڳو. ان سان گڏ
شفاخانو به هلائڻ لڳو. شاعر به اعليٰ درجي جو هو.
9 فيبروري 1931ع ۾ فوت ٿيو(47).
(37) رحيما بطرز ڪريما، مخمس
”رحيما بطرز ڪرما مخمس“ جي نالي سان ٺهيل، انهيءَ مخمس ڪريما جي
ڄاڻ مون کي منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ
طرفان ڪتاب ”رسالو جنن ۽ شيطانن جو“ (تصنيف مولوي
حاجي محمد خلف مرحوم آخوند محمد اسماعيل بن مرحوم
آخوند دين محمد بوبڪائي) جي سرورق جي اندرئين صفحي
تي، پوڪرداس طرفان ڇپرايل ڪتابن جي فهرست مان ملي
جنهن جي قيمت 5 آنا ڄاڻايل آهي. اهو لکيل نه آهي
ته فارسي ۾ آهي يا سنڌي ۾.
تتبعاتِ ڪريما: هن عنوان هيٺ مان اهڙين مثنوين جو ذڪر ڪرڻ
چاهيان ٿو، جيڪي شيخ سعديءَ جي ”ڪريما فارسي“ جي
تتبع ۾، انهيءَ طرز تي جوڙيون ويون آهن. جيئن مٿي
ذڪر اچي چڪو ته اهڙا تتبع به ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا
فارسي، ٻيا سنڌي.
فارسي تتبعات: ڪريما جي طرز تي فارسي ٻوليءَ ۾ جوڙيل، اهڙين
مثنوين جو ڳاڻيٽو (منهنجي ڄاڻ مطابق) چار آهي، جن
جو تفصيل سان ذڪر ڪجي ٿو.
(38) ڪريمانو بطرز ڪريما سعدي- غلام محمد ولد خضر
جناب غلام محمد ولد خضر (وفات 1325هه) طرفان 1311هه مطابق 1893ع
۾ ڪريما جي تتبع ۾ تيار ڪيل، هن ”ڪريمانو“ جو هڪ
خطي نسخو، سنڌي ادبي بورڊ جي مخطوطات ۾ 349 نمبر
تي موجود آهي. 13 ورقن تي مشتمل هن خطي نسخي جي
ڪاتب جو نالو ۽ زندگيءَ جا حالات معلوم نه ٿي
سگهيا آهن.(48)
�
ياد رهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي مخطوطات ۾ 350 نمبر
تي ”ماقيمان“ منظوم جو خطي نسخو به موجود آهي،
جيڪا ”مامقيمان“ از وصالي جي طرز تي غلام محمد ولد
خضر جوڙي آهي. انهيءَ خطي نسخي ۾ غلام محمد جا ٽي
مڪتوب به شامل آهن، جن مان پهريون خط مير ميان علي
مراد خان ڏانهن آهي. ان کان سواءِ هڪ يادداشت به
آهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ آهي ۽ غلام محمد بن خضر جي
پڙپوٽي محمد علي بن محمد حسن بن واحد بخش بن غلام
محمد بن خضر جي آهي.(49)
(39) ڪريما بهائي- مولانا بهاء الدين بهائي
سنڌ جي سعديءَ، مولانا بهاء الدين ولد جلال الدين پتافيءَ جي
”ڪريما سعدي“ جي تتبع ۾ فارسي زبان ۾ لکيل هيءُ
مثنوي، ”ڪريما بهائي“ جي نالي سان، مولوي عطاء
الله جي اهتمام هيٺ صادق الانوار پريس بهاولپور
مان 1321هه ۾ شايع ٿي. افسوس جو منهنجي سامهون اُن
جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.
�
مولانا بهاء الدين، ڳوٺ نصير ڪوٺي، لڳ گهوٽڪي (ٻه
ميل ڏکڻ اولھ) ۾ سال 1239هه ۾ ڄائو. هو پتافي قوم
جي ”ڀاوناڻي“ پاڙي مان هو. ڳوٺ ۾ ئي مولانا علي
اڪبر شاهه وٽ فارسي ۽ عربي جي تڪميل ڪيائين ۽
ڪيترو وقت اُتي ئي درس ڏيندو رهيو، اُن کان پوءِ
ڳوٺ ”هيبت شهيد“ لڳ ”غوثپور“ ۾ پڙهايائين. بعد ۾
رئيس مٺا خان لغاري (لڳ داد لغاري) جي دعوت تي
سندس ڳوٺ اچي پڙهائڻ لڳو. ان کان پوءِ داد لغاري
کان 5 ميل اولھ طرف پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌي، آخر
تائين اُتي ئي پڙهائيندو رهيو. مولانا موصوف 114
سالن جي وڏي عمر ۾ 1352هه ۾ فوت ٿيو ۽ ڳوٺ ۾ ئي
دفن ٿيو. مولانا کي ڇهه پٽ هئا ۽ ڇهه ئي مولانا
صاحب وٽ پڙهيا ۽ سڀئي وڏيءَ لياقت جا صاحب هئا.
مولانا بهاء الدين جو 18 تصنيفون فارسي ۾ ۽ 4
تصنيفون سنڌيءَ ۾ آهن. فارسي تصنيفن ۾ بدرالعروض،
تذڪرة الصوافي، ياد خدا، ديوان بهائي، ڪريما
بهائي، مجمع القواعد، مرآة الخيال شامل آهن ۽ سنڌي
تصنيفون آهن: تنبيہ الڪاهلين، بلال نامو، ڏاچي
نامو ۽ خطبن جو مجموعو(50).
(40) ڪريما خيالي- مولانا محمد بخش خيالي
مولانا بهاء الدين بهائيءَ جي فرزند مولانا محمد بخش صاحب خيالي
(وفات 1376هه) ڪريما فارسي جي تتبع ۾ ”ڪريما
خيالي“ نالي مثنوي ترتيب ڏني، جيڪا حاجي رحيم بخش
وزير رياست بهاولپور جي حڪم سان صادق الانووار
پريس صادق آباد ۾ ڇپي هئي(50). افسوس جو ان جو به
نسخو منهنجي نظر هيٺ نه اچي سگهيو آهي.
�
مولانا محمد بخش خيالي، مولانا بهائيءَ جو ٽيون
نمبر پٽ هو. قرآن شريف ۽ فارسي پنهنجي والد محترم
وٽ پڙهيو. فارسي جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. سنڌيءَ ۾
شاعري به ڪندو هو. سندس تخلص ”خيالي“ هو. 7 جمادي
الاول 1338هه ۾ ڄائو ۽ 18 ربيع الاول 1376هه ۾ فوت
ٿيو(52).
(41) رحيما- مولانا محمد يعقوب
”ڪريما“ جي تتبع ۾ لکيل ”رحيما“ نالي هيءَ فارسي مثنوي، سال
1328هه ۾ لکي ويئي، جيڪا نوٽ بوڪ جي 24 صفحن تي
مشتمل آهي(53).
نموني لاءِ ان جا ڪجھ بيت ڄاڻائجن ٿا:
سخاوت: کند نيک نامي سخاوت پذير ـ کہ گردد سخي از سخاوت امير
ز جود و کرم عالمي گير باش ـ بملک لطافت سخا مير باش
سخاوت بود صيقلي عيب را ـ سخاوت بود رهنما غيب را
علم: همہ عالم از علم گيرد جمال ـ نه از ملک و اقليم شاهي و مال
بطلبيدن علم باش اي پسر ـ کہ تا علم حاصل کند سربسر
بود چشم علم زايندگي ـ بود رشتہء علم پايندگي(54)
�
مولانا محمد يعقوب جا وڏا ديري غازي خان مان لڏي
اچي، داد لغاري (ميرپور ماٿيلو) ۾ ويٺا، جتي پاڻ
15 شوال 1300هه (مطابق 1882) ۾ ڄائو. سندس والد
صاحب جو نالو مولانا محمد امين هو. چار درجا سنڌي
پورا ڪري، ديني تعليم ڏانهن رجوع ڪيائين. مڪلوٽ
گنج ۽ پير جهنڊي واري مدرسي مان عربي ۽ فارسي جي
تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو، ۽ پنهنجي ڳوٺ جي
مسجد ۾ درس وتدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هو هڪ
پڪو موحد ۽ سماجي ڪارڪن هو. غريبن جو ساٿي هو.
مولانا محمد يعقوب 23 ربيع الاول 1369هه (1949ع) ۾
فوت ٿيو. سندس پٽ مولوي عبدالعزيز چڱو عالم ٿي
گذريو آهي. مولانا محمد يعقوب صاحب، عالم هئڻ سان
گڏ شاعر به هو. فارسي نظم ۾ سندس تصنيفون اڃان
اشاعت هيٺ نه آيون آهن: رد المُلحدين، رحيما،
توحيد الحق، سراج الحقائق، نصح الحق ۽ نام حق(55).
سنڌي تتبعات: ڪريما فارسي جي طرز تي لکيل يعني ان جي تتبع ۾
لکيل سنڌي مثنوين مان منهنجي نظر ۾ صرف هڪ مثنوي
”رحيما“ مرحوم شمس الدين ”بلبل“ واري گذري آهي ۽
بس ان جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
(42) رحيما تتبع ڪريما- مرحوم شمس الدين ”بلبل“
”ڪريما“ جي تتبع ۾ مرحوم شمس الدين ”بلبل“ (وفات 1337هه) پاران
لکيل ”رحيما“ نالي هيءُ سنڌي مثنوي، جيڪا ڪريما
وارين نصيحتن ۽ اخلاقي نڪتن تي مشتمل آهي، سڀ کان
پهريائين 1896ع ۾ وشن ليٿو پرنٽنگ پريس ڪراچي مان
شايع ٿي(56). وري 1969ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
شايع ڪيل ”ڪلام بلبل“ (مرتب: غلام محمد گرماي) جي
ضمن ۾ پڻ پڌري ٿي، جيڪا ”ڪلام بلبل“ جي ص 55 کان ص
99 تائين ڦهليل آهي. رحيما جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
رحيما حليما قديما قدير ـ ڪري عرض ٿو اڄ نماڻو حقير
جو آهيان گناهن ۾ ورتل غريق ـ رفاقت ۾ شيطان جي هم طريق
نڪا ڪا پڇي ٿي سندئي زندگي ـ گناهن کان آهي ٿي شرمندگي (57)
اي بلبل ٿي خوش آهين گوهر نگار ـ رحيما هي تنهنجي رهي يادگار
(58)
�
بلبل مرحوم جي مختصر سوانح ”تضمين ڪريما“ جي عنوان
هيٺ اڳ ۾ ئي بيان ڪري چڪا آهيون.
حوالا ۽ سمجھاڻيون
(1) قاضي محمد اعظم قريشي- مقالو: ”سنڌي علم وادب ۾ هالا جو
حصو“، آخوند سانوڻي قوم جو احوال، ماهوار ”الرحيم“
سنڌي، جولاءِ/آگسٽ 1987ع، ص 21.
(2) ميمڻ عبدالغفور سنڌي- مقالو ”ڪتبخانا“، ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه
سيباڻو“، ص 28.
(3) انٽرويو حصو اول- مولانا عبدالواحد شيخ- ماهوار شريعت، سکر
جون 1995ع، ص 28-33.
(4) انٽرويو حصو ٻيو- مولانا عبدالواحد شيخ- ماهوار شريعت، سکر
آگسٽ/سيپٽمبر 1995ع، ص 24-26.
(5) ڏسو ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد ماهه سيپٽمبر/آڪٽوبر 1990ع.
(6) بدوي، لطف الله- تذڪره لطفي، ج 2، طبع دوم، 1968، آر. ايڇ.
احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، ص 248.
(7) بدوي، لطف الله- مقدمہ ”ديوان صنعت“ سنڌي ادبي بورڊ، 1968.
(8) علوي، پروفيسر امين الله- مقالو ”شڪارپور جا ڪتبخانا“، ڪتاب
”شڪارپور صدين کان“، طبع 1988، ص 310.
(9) بدوي، لطف الله- تذڪره لطفي، ج 2، طبع دوم، آر. ايڇ. احمد
ائنڊ برادرس، حيدرآباد، سال 1968ع، ص 343.
(10) ”نزهة الاحباب“ جي نسخي جو ذڪر فهرست مشترک نسخه هاي خطي
فارسي پاکستان، ج 7، ص 309 ۾ ٿيل آهي.
(11) اختر راهي- مقالو بزبان فارسي ”ترجمه هاي به زبان سنڌي“
بحوالهء: غلام محمد لاکو ”فارسي ڪتابن جا سنڌي
ترجما“، ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد 3/1995ع، ص 91.
(12) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: ”سنهه کي اجڙي هوئي کتبخاني“ مجله
”تحقيق“، شماره 12-13 سندهه يونيورسٽي شعبه اردو،
99-1998ع ۾ ص 79.
(13) علوي، پروفيسر امين الله- مقالو ”شڪارپور جا ڪتبخانا“،
ڪتاب ”شڪارپور صدين کان“، طبع 1988ع، ص 306.
(14) بدوي- لطف الله- تذڪره لطفي، ج 2، طبع حيدرآباد، ص 314.
(15) وفائي، مولانا دين محمد- تذڪره مشاهير سنڌ، ج 2، سنڌي ادبي
بورڊ، 1985ع، ص 139.
(16) حوالو ساڳيو.
(17) اهڙيون ٽي فهرستون راقم وٽ موجود آهن. 1- فهرست ڪتبخانه
سال 1913ع، 2- فهرست ڪتبخانه سال 1928ع ۽ 3- فهرست
ڪتبخانه پوڪرداس سال 1930ع.
(18) وفائي، مولانا دين محمد- تذڪره مشاهير سنڌ، ج 2، سنڌي ادبي
بورڊ، 1985ع، ص 139.
(19) نبي بخش قاضي- ”ڪريما عربي نظم“، رسالو ماهوار ”آفتاب“،
آگسٽ 1947ع، ص 31.
(20) علوي، پروفيسر امين الله- ”شڪارپور جا ڪتبخانا“، ڪتاب
”شڪارپور صدين کان“، طبع 1988ع، ص 314.
(21) حوالو ساڳيو.
(22) جهلي ڪلواڙي، رُڪ اسٽيشن (ضلع شڪارپور) ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي.
(23) سنڌالاجي: ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ 1971ع، حصو ٻيو، ص
12.
(24) راقم الحروف وٽ انهيءَ بزرگ جا ٻه ڪتاب ”قواعد المعرفة“ ۽
”تڪميل المعرفة“. منهنجي پڙڏاڏي جي چاچي ميان محمد
عثمان جي ڪتابت سان موجود آهن.
(25) خانزاده سميع الوري- ڪتاب ”تزئين ساهتي“ اردو- ناشر خود
مرتب، 1994ع، ص 33 ۽ ص 34.
(26) چاچڙ، مولانا عبدالوهاب- ماهوار ”شريعت“ سکر (سوانح نمبر)
آڪٽوبر/نومبر 1981ع، ص 239.
(27) حوالو ساڳيو.
(28) ”معلم فارسي يعني فارسيءَ جو استاد“، فارسي ٻولي سکڻ لاءِ
آسان قاعدن، پهلي فارسي، ڪريما، نام حق ۽ پندنامہ
جي ڏکين لفظن جي معنائن تي مشتمل آهي، جيڪو ٻه
دفعا لاڙڪاڻي مان ”المحمود اڪيڊمي جامعه اشاعت
القرآن والحديث“ طرفان ڇپجي چڪو آهي.
(29) مولانا علي محمد حقاني جو انٽرويو- ماهوار ”شريعت“ سکر
اپريل 1996ع، ص 22-25.
(30) سعد الدين نفتازاني- ”مختصر المعاني“ عربي مع التجريد
للبناني طبع ملتان، ص 458.
(31) اُن جو فوٽو اسٽيٽ راقم وٽ موجود آهي.
(32) خانائي، ڊاڪٽر حامد علي قريشي- ”آخوند فيض محمد“ قسط- 2،
ماهوار شريعت، سکر، آڪٽوبر 1990ع، ص 31-37.
(33) گرامي، غلام محمد- مقدمو ”ڪلام بلبل“ سنڌي ادبي بورڊ،
1969ع، ص 16.
(34) حافظ بسمل، تقريظ، ”ڪلام بلبل“، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص
37.
(35) ”ڪلام بلبل“ طبع سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص 46.
(36) ڏسو ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/1998ع، ص 135. اهڙيءَ طرح ماهوار
”نئين زندگي“ آڪٽوبر 1986ع ۾ به انهيءَ جو ذڪر ملي
ٿو.
(37) رضوي، ڊاڪٽر سيد ديدار حسين شاهه- مقالو ”مرتضائي ٺٽويءَ
جون ادبي خدمتون“، ٽماهي ”مهراڻ“، 3-4/1998ع، ص
126-134.
(38) ڏسو سندس ڪتاب ”القانتات“ جو آخري صفحو.
(39) روئداد ”دارالهديٰ ٺيڙهي“ 71-1372هه، ص 5-6.
(40) ڏسو ”تفهيم ڪريما“، جامع 1371هه جو آخري صفحو.
(41) ڊاڪٽر نذير احمد جروار- ڪتاب ”ميزان“ طبع لاڙڪاڻو، ص 136.
(42) مخدوم محمد ابراهيم خليل- ”تڪمله مقالات الشعراء“، طبع
سنڌي ادبي بورڊ، ص 599.
(43) علوي، پروفيسر امين الله- مقالو ”شڪارپو جا صوفياء ڪرام“،
ڪتاب ”شڪارپور- ماضي حال“ ترتيب ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، پبليڪيشن ڪاميٽي جشن شڪارپور، طبع
سال 1984ع، ص 124-126.
(44) مخدوم محمد ابراهيم خليل- ”تڪملہ مقالات الشعراء“، طبع
سنڌي ادبي بورڊ 555.
(45) راشدي، پير حسام الدين- ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص 807.
(46) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي- ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون 1996ع، ص 580.
(47) حوالو ساڳيو.
(48) ڊاڪٽر نجم الاسلام- مقاله ”سندهي ادبي بورڊ کي مخطوطات“،
اردو- مجله ”تحقيق“، شماره 5- (شعبه اردو سنڌ
يونيورسٽي) سال 1991ع، ص 121.
(49) حوالو ساڳيو.
(50) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان- ”مولوي بهاء الدين بهائي“
”مهراڻ“ (سوانح نمبر) ٻيو ڇاپو، ص 128.
(51) دادا سنڌي- ماهوار ”شريعت“ (سوانح نمبر) آڪٽوبر/نومبر
1981ع، ص 91.
(52) حوالو ساڳيو.
(53) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر- مقالو ”مولوي محمد يعقوب“،
ماهوار ”الرحيم“، حيدرآباد، جنوري/فبروري 1975ع، ص
6.
(54) حوالو ساڳيو.
(55) حوالو ساڳيو.
(56) شمس الدين بلبل- ”ڪلام بلبل“، طبع سنڌي ادبي بورڊ، 1969، ص
99.
(57) حوالو ساڳيو، ص 55.
(58) حوالو ساڳيو، ص 99. |