”ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين مغل صوبيدار سنڌ
تي ايندا رهيا، ليڪن جڏهن آخري طرح سموري سنڌ
ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آئي، ان وقت صوبيدارن جو اچڻ بند
ٿيو. ڪلهوڙن جي اگرچه مادري زبان سنڌي هئي ۽ سندن
امير امراءَ ۽ انهن جا متعلقين سڀ سنڌي هئا، تاهم
سرڪاري لکپڙھ جي زبان اڃا به فارسي هلندي ٿي آئي.
هن صديءَ ۾ ٽن ملڪن مان فارسيدان اچي سنڌ ۾ پهتا
هئا. صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ مغل صوبيدارن جي
توسط سان هندستان مان، وچ صديءَ ۾ نادر شاهه جي
ڪري ايران مان ۽ صديءَ جي پوئين اڌ اندر احمد شاهه
ابدالي وغيره پٺاڻ حڪمرانن جي توسل سبب قنڌار کان.
خود سنڌين ۾ به فارسي زبان مقبول هئي. مدرسن جي
سموري تعليم فارسي ۽ عربيءَ ۾ ٿيندي هئي. عطا،
محسن، قانع، رجا، مداح، تسليم، سرخوس، شوقي، عزلت،
عطارد، مشتاقي، مير جان الله رضوي جهڙا فارسي گو
شاعر خود سنڌ جي سرزمين مان پيدا ٿيا. عبدالرؤف
منشي ۽ نورالحق سيوستاني جهڙا فارسي نثر جا مشتاق
انشاءِ پردارز، سنڌي نڙاد هئا. ڪلهوڙن حڪمرانن جو
پنهنجو ذوق به فارسيءَ سان هو. نور محمد جي وصيت
فارسيءَ ۾ آهي. طب دائودي ۽ صيدنامو به شاهي
خاندان جي فردن جا لکيل آهن. محمد علي عالي ۽
سرفراز حسين خان وغير پڻ فارسيءَ جا صاحبِ ديوان
شاعر هئا، ليڪن اهي سڀُ سهوليتون اگرچه فارسيءَ
لاءِ مهيا هيون، ان هوندي به سنڌي زبان هن صديءَ
اندر خوب ڦَلي ۽ ڦهلي......“
ــ سيد حسام الدين راشدي
مقالا
”.... تعليمي سلسلي ۾ جا هڪ تشويشناڪ ڳالهه آهي سا هيءَ ته پوين
ٽيهن سالن کان وٺي سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جا نه فقط
معيار گهٽجي ويا آهن بلڪ بنياد لُڏي ويا آهن: يعني
ته ملڪ ۾ عام تعليمي انحطاط سان گڏ خاص طرح سنڌي
پرائمري اسڪولن جو نظام ۽ انتظام هن عرصي ۾ زوال
پذير رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته ان
طرف فوري طور توجھ ڏنو وڃي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي
سڌاري جي شروعات پرائمري تعليم جي سڌارن سان وڌيڪ
مؤثر نموي ۾ ٿي سگهي ٿي، ۽ وقت آيو آهي جو سرڪاري
طور تي سنڀالي نٿي سگهجي: ان سان گڏ اهو به ضروري
آهي ته غير سرڪاري سطح تي پڻ سماجي ۽ ادبي تنظيمن
طرفان سنڌيءَ ۾ پڙهائي جي ڪرندڙ معيار تي غور ڪيو
وڃي، نتيجي خيز مڪالما ۽ مباحثا منعقد ڪرايا وڃن،
ضروري سفارشون مرتب ڪيون وڃن، ۽ پڻ سڌاري ۽ واڌاري
لاءِ مناسب اُپاءُ ورتا وڃن. ان کان سواءِ تعليمي
نظام جي هر سطح تي سنڌي پڙهائيندڙ استادن تي سندن
پيشه ورانه جوابداري جي ناتي سان پڻ خاص ذميواري
عائد ٿئي ٿي ته هو سنڌيءَ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيارن
کي روڪڻ جي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪن. پرائمري سطح تي
سنڌي پڙهائيندڙ اُستاد ۽ اُستادياڻي ڄڻ سنڌي
ٻوليءَ جا ’ابو امان’ آهن، ۽ مٿين سطحن تي تعليم
ڏيندڙ استاد سنڌي ٻوليءَ جا ’معمار‘ آهن. مڪ جي
تعليمي نظام ۾ پنهنجي مقام پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي
جي صحيح معنيٰ ۾ خذمت ڪرڻ کان سواءِ، سندن عزت ۽
عظمت به انهي ۾ آهي ته هو پنهنجي لياقت کي وڌائين
۽ هلندڙ وقت کي غنيمت ڄاڻي وڏيءَ محنت سان
پڙهائين، ته جيئن وڏي لياقت وارا شاگرد پيدا ٿين
جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي صحيح معنيٰ ۾ ڄاڻ رکن ۽ پن
خذمت ڪن. گذريل ساچن چئن سون سالن تائين، سنڌيءَ ۾
تعليم ڏيڻ توڙي سنڌيءَ زريعي استعمال ٿيڻ واري
شاندار تاريخ جي باوجود، موجوده وقت ۾ سنڌيءَ ۾
تعليمي مسئلو هڪ نهايت نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جنهن
ڏانهن فوري طور ڀرپور توجھ نه ڏنو ويو ته سنڌي
زبان جي آئنده اوسر ۽ اهميت تي وڏو اثر پوندو...“
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌ ۾ ”ماهي ثقافت“
(Fish Culture)
۽ مهاڻن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو اڀياس
1- سنڌ شناسي هڪ گهرو ۽ گوناگون موضوع آهي، جنهن جي مطالعي لاءِ
محقق کي ’گهڻ- علمو هجڻ‘ يعني ’گهڻن علمن جو ڄاڻو
هجڻ‘ ضروري آهي. ثقافت يا تهذيب ۽ تمدن جي مطالعي
کي، اُنهن موضوعن مان هڪ ضمني يا ذيلي موضوع
سمجھيو ويندو آهي.
هن مقالي ۾ سنڌ ۾ ”ماهي ثقافت“
(Fish Culture) جو تعارف ڪرائڻو آهي ۽ اُن لاءِ اختصار کان ئي ڪم وٺڻو آهي،
ڇاڪاڻ تي هيءُ هڪ ايڏو ته وڏو موضوع آهي جو هن
موضوع تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. ”ماهي ثقافت“
تي، هن کان اڳ، پاڪستان ۾ ڪجھ لکيو ئي نه ويو آهي.
هن موضوع تي ”ٿائي لئنڊ“
(Thai Land)
۾ گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي. ٿائي ٻوليءَ مان انگريزيءَ
۾
“Fish Culture”
جي عنوان هيٺ هڪ مضمون ترجمو ڪيو ويو هو، جيڪو چار
پنج سال اڳ منهنجي نظر مان گذريو هو.
سنڌ ۾ لاڙ، دو- آبي وارو حصو، کاري وارو علائقو، دادو ضلعي منڇر
ڍنڍ، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڍانڍي علائقو، گهوٽڪي ضلعي جو
ساريال وارو علائقو، سانگهڙ ضلعي ۾ مَکي ڍنڍ،
ساڱره ڍنڍ وارا حصا، ٿر ضلعي ۾ ويراواهه واري ڍنڍ
۽ اَڇڙي ٿر واريون ڍنڍون، اُڀرندي ناري ۽ اُلهندي
ناري وارن حصن، درياءَ جي ڪنڌين ۽ ڪنارن، ڍورن،
ڇنڊڻين توڙي ڇڇن، ۽ اُنهن ماڳن تي رهندڙ ماڻهن جو
گذران گهڻو ڪري مڇيءَ تي هوندو آهي، تنهنڪري سندن
عادتون ۽ طور طريقا، سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن
جي عادتن ۽ طور طريقن کان مختلف هوندا آهن. ٻين
لفظن ۾ هيئن چئبو ته مڇيءَ سان واهپو رکندڙ ماڻهن
جي تهذيب ۽ تمدن، سنڌ جي ٻين رهواسين جي تهذيب ۽
تمدن کان جداگانه آهي. انهيءَ ڪري اهڙن خطن ۽
مڇيءَ سان واهپو رکندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، سندن
نشست وبرخواست، سندن کاڌي خوراڪ ۽ سندن ثقافت کي
مون ”ماهي ثقافت“
(Fish Culture)
سڏيو آهي.
2- ثقافت ڇا کي ٿو چئجي؟
انهن تمهيدي ڪلمات کان پوءِ ڏسجي ته ثقافت ڇا آهي؟ ان کان پوءِ
اِهو ڏسڻو پوندو ته ماهي يعني ”مين ثقافت“ مان
منهنجي مراد ڪهڙي آهي؟ ”ماهي ثقافت“ جا اُهي ڪهڙا
ڪهڙا پهلو آهن، جيڪي هن ثقافت کي هڪ ’جدا ثقافت‘
جي حيثيت ڏين ٿا.
(الف) ثقافت جهڙي موضوع جي وصف جدا جدا ماهرن، جدا جدا بيان ڪئي
آهي. مون
Ph.D
لاءِ پيش ڪيل ٿيسز ۾، ثقافت جون جيڪي وصفون ڏنيون
هيون، اُنهن مان ڪي هن مقالي ۾ ٻيهر ڏجن ٿيون. هن
سلسلي ۾ مسٽر ڪارٽر وي- گُڊ
(Carter V. Good)
لکي ٿو ته:
”ثقافت ڪنهن گروهه، ڪنهن جماعت ۽ ڪنهن قوم جي سماجي، اخلاقي،
ذهني ۽ صنعتي خوبين جو مجموعو آهي. جنهن جي وسيلي،
ڪنهن گروهه، ڪنهن جماعت يا ڪنهن قوم جي، ڪنهن ٻئي
گروهه، ڪنهن ٻيءَ جماعت کان ڌار حيثيت ليکي سگهبي
آهي. انهيءَ جي مدد سان ڪنهن گروهه، جماعت يا قوم
جي نظرين، عملن، سرشتي، اصولن ۽ دستور جي خبر پئجي
سگهي ٿي.“(1)
(ب) ساڳيءَ طرح هئرولڊ رگ
(Harold Rugg) جي طرفان ڏنل وصف به هن موضوع کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن جي
راءِ موجب:
”ثقافت، ماڻهن جي مڪمل زندگيءَ جو عڪس آهي. هنن ۾ ماڻهن جي
ريتين رسمن، رهڻي ڪهڻي، رسم ۽ رواج، سوچ ويچار،
اعتقادن، وهمن ۽ خواهشن جو بيان اچي وڃي ٿو.“(2)
(ت) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان ثقافت جي جيڪا وصف ڏني وئي
آهي، تنهن جو دائرو هن مقالي جي لکڻ لاءِ وڌيڪ
مددگار ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”ثقافت جي اُنهن جزن کان متاثر ٿي، ماڻهن پنهنجي زندگي گذارڻ
لاءِ جيڪي وسيلا اختيار ڪيا آهن، کاڌو خوراڪ،
لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتيون رسمون ۽ رواج، روحاني ۽
مذهبي لاڙا، ڀروسا، وهم ۽ سنسا اُنهن ۾ خاص اهميت
رکن ٿا ۽ اُهي ثقافت جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا.“(3)
ثقافت جي اِنهن وصفن جي آڌار تي، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۽
‘Sindhi Culture”
ڪتابن ۾، سنڌ جي ثقافت جي باري ۾، مثالن سان وضاحت
ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ماڻهن، اُنهن جي ڌنڌن، سندن
رهڻي ڪهڻي ۽ لباس، سندن کاڌي خوراڪ، هنرن، ريتين
رسمن، سندن روهاني، مذهبي لاڙن، سندن وهمن، وسوسن،
ڀرمن ۽ سنسن کان سواءِ، سندن ٻولي ۽ اُن جي سماجي،
نفسياتي ۽ ثقافتي ڪردار جعي اڀياس جي باري ۾، انهن
ڪتابن مان ڪافي مواد ملي ٿو. انهن ڪتابن ۾، ماڻهن
جي ڏيک ويک توڙي ملڪي ۽ معاشي حالتن جو به ذڪر ڪيل
آهي.
3- سنڌي ثقافت جا ڌار ڌار پهلو:
(الف) مٿي ڏنل وضاحت کان پوءِ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ثقافت جا
پهلو ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ سنڌي ثقافت جا ماهر اهو ڄاڻن
ٿا ته سنڌي ثقافت ڪيترن ئي رنگن، نمونن ۽ ورڻن ۾
ورهايل آهي. اُن جا ڪئين پهلو آهن؛ مثال طور انهن
مان ڪي پهلو هي آهن:
1. دريائي ثقافت، 2. ميداني ثقافت، 3. دو- آبي ثقافت، 4.
کارائي/ سامونڊي ساحل واري ثقافت، 5. ڍانڍي ثقافت،
6. ماهي ثقافت، 7. منڇري ثقافت، 8. ساريالي ثقافت(Rice Culture)
9. ٿري ثقافت، 10. ڪوهستاني ثقافت، 11. شهري
ثقافت، 12. ڏيهي ثقافت.(4)
(ب) سنڌي ثقافت جي انهن ڌار ڌار پهلوئن مان، هن مقالي ۾ فقط
”ماهي ثقافت“ جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا. ’ماهي
ثقافت‘ مان منهنجي مواد جو اُهو پهلو آهي، جنهن جو
واسطو يا واهپو مڇيءَ سان هوندو آهي. يعني ته اُن
ثقافت ۾ ماڻهن جي روزانه زندگيءَ ۾، مڇيءَ جو
ڪردار مرڪزي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته
ماڻهن جي عام زندگيءَ ۾، مڇيءَ جو ڪنهن نه ڪنهن
طرح ۽ طريقي سان، واسطو ۽ واهپو هجي. ماڻهن جي
روزمره زندگيءَ، سندن اُٿڻي ويهڻيءَ، سندن ريتين
رسمن، طور طريقن، سماجي ۽ اقتصادي وهنوار، سندن
زندگيءَ جي فلسفي، نفسيات، تاريخ، ادبيات ۽ ٻوليءَ
سان، مڇيءَ جو ڪنهن نه ڪنهن وسيلي ذريعي واسطو ۽
وهنوار هجي. ثقافت جي اهڙي اڀياس کي ”ماهي ثقافت“
(Fish Culture)
چئجي سگهجي ٿو.
(ت) مڇيءَ سان، دنيا جي هر ملڪ جي ماڻهن جو واسطو، ڪنهن نه ڪنهن
طرح، قديم زماني کان رهندو آيو آهي. مڇي جتي
انسانذات جي اقتصادي ترقي، بهبودي ۽ آباديءَ جو
ذريعو رهي آهي، اُتي انسانذات جي کاڌ خوراڪ، صحت،
اُٿڻي ويهڻي، ريتين رسمن سؤڻن، ڀرمن، وسوسن ۽
مذهيب عقيدن توڙِ ڪرياڪرم ۾ علامت طور به ڪم ايندي
رهي آهي. جتي مڇيءَ کي ککي، ڇَٽ واري يا اُن جي
ڪرت ڪندڙن يا اُن سان وهنوار رکندڙ مردن توڙي
عورتن کي شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين اديبن توڙي
شاعرن توڙي گندريءَ جي واتان ڪاريون، ڪوجھيون،
ڪُوڙيون، ککيءَ هاڻيون ۽ ڇٽ واريون ڪوٺيو آهي،
اُتي انهن کي نماڻيون، نياز واريون، نئڙت ڀريون،
گيرپ واريون، صبر واريون ۽ سهڻيون به سڏيو آهي،
جيئن لطيف فرمايو آهي:
هٿين پيرين آڱرئين، مُہ نه مهاڻي.
’ماهي ثقافت‘
(Fish Culture)،
سنڌي ثقافت جو هڪ نهايت ئي اهم ۽ قديم ورثو آهي،
جنهن تي گهڻي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر سچي
ڳالهه اها آهي ته سنڌي ثقافت جي هن پهلوءَ/ڌارا تي
اڃا قلم ئي نه کنيو ويو آهي.
4- ماهي ثقافت، قديم ثقافت آهي:
ماهي ثقافت، سنڌ جي قديم ثقافت مڃي وئي آهي. سنڌ جي ديهي
آباديءَ جو وڏو حصو درياءَ جي ڪندين، واهن،
ڪوهرين، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپرن ۽ سامونڊي ساحل تي
رهندڙ مهاڻن، ميربحرن ۽ ناکوئن تي مشتمل آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:
”هڪ اهم سوال اهو ڪيو ويندو آهي ته سنڌ جا قديم ۾ قديم باشندا
ڪهڙا هئا؟ هڪ تاريخي حوالي موجب سنڌ جون قديم
قومون ٽي هيون: موميد، تاڪيا ۽ پانيا. موميد ته
ميد يا ميہ آهن، يعين مهاڻا آهن؛ تاڪيا غالباً 6-7
صدي عيسويءَ کان اڳ، سنڌ ڇڏي، پنجاب هليا ويا، جتي
اڳ ۾ سندن گهڻائي هئي. پانيا(5) بابت پوري پڪ نه
آهي ته اِهو نالو ڪهڙي قوم جو آهي. نتيجي طور
چونداسون ته صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جا قديم باشندا
’مهاڻا‘ آهن، جن کي اسلامي دور ۾ ’ميربحر‘ واري
مانائيتي نالي سان سڏيو ويو.“(6)
5- مهاڻا اصل ۾ قديم باشندا ’ميہ‘ آهن:
(الف) ڊاڪٽر سورلي ۽ ايتڪن به سنڌ جي مهاڻن کي سنڌو- ماٿر جا
قديم رهاڪو ’ميد‘ سمجھن ٿا. ايٽڪن لکي ٿو ته:
”مهاڻا (مڇي ماريندڙ) هڪ مسلمان قوم آهي، جيڪا سامونڊي ساحل،
سنڌو- درياءَ جي ڪنارن ۽ ڍنڍن جي ڪنڌين تي آباد
هوندي آهي. مڪران جي ماڻهن کي ’ميد‘ چوندا هئا.
هينئر اها خبر نه ٿي پوي ته ’سٿين ميد‘ قوم سان،
سنڌ جي مهاڻن جو ڪو سلسلو مليل آهي، ڇو ته ’سٿين
ميد‘ به هزارين سال اڳ، سنڌو- درياءَ جي ڪناري تي
آباد هوندا هئا.“(7)
شاهه لطيف به سُر ڪاموڏ ۾، ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻن کي ’مي‘
سڏيو آهي. هو نوريءَ جي واتان چورائي ٿو:
تون تماچي تڙ ڌڻي، آءٌ مهاڻي مي
يا ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيبن ويهه
پسي مَئڪِي ڌيءَ، متان ماڱر مٽيين.
’ميہ‘ ذات وارا مهاڻا اڄ به لاڙ جي ماڃر کان سواءِ ٻين ماڳن ۽
مڪانن تي رهن ٿا.
(ب) مهاڻن يا مڇيءَ جي شڪار ڪندڙن يا مڇيءَ جي شڪارين کي عام
زبان ۾ ’گهاتو‘ به سڏيندا آهن. مهاڻن هاڻ پنهنجون
انجمنون به ٺاهيون آهن، جن کي ميربحرن جي انجمن يا
ميربحر ائسوسيئشن سڏين ٿا. ’جامع لغات سنڌيءَ‘ ۾
گهاتو لفظ جي معنيٰ هيءَ ڏنل آهي: شڪار ڪندڙ، مڇي
ماريندڙ، ميربحر، ٽوٻو ۽ سمنڊ جو واقف(8). شاهه
لطيف، سر گهاتو ۾ مهاڻن کي ’گهاتو‘ به سڏيو
آهي.(9)
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ”ماهي ثقافت“ مان مراد اُها ثقافت آهي جنهن
جو واسطو مڇيءَ سان هجي. اُن ثقافت ۾ مهاڻن جو
سماجي ڪردار به شامل هوندو آهي، پر مهاڻن کان
سواءِ اُنهن سڀني ماڻهن، قبيلن ۽ قومن جو به واسطو
هوندو آهي، جيڪي مڇيءَ جي پيدوار ۽ اُن جي واپار
سان واسطو رکندا آهن.
(ت) مهاڻا قوم جي قديم هجڻ جو ذڪر سر جان مارشل کان سواءِ مارٽم
وهيلر، ڊاڪٽر ڪالڊويل، ڊاڪٽر پرپولا، ڊاڪٽر
هيريماٿ، ڊاڪٽر لئمبرڪ، ڊاڪٽر سورلي، مسٽر ايٽڪن،
ادريس صديقيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تاج محمد
صحرائيءَ، شيخ خورشيد حسن کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين
عالمن ۽ محققن پڻ ڪيو آهي. اُن کان سواءِ لطيف
سائين ۽ سچل سرمست پڻ ”ماهي ثقافت“ ۽ اُن جي مختلف
نقطن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي، جيئن اڳي هلي
معلوم ٿيندو.
(ث) مٿي چيو ويو آهي ته مهاڻا سنڌو ماٿر جي قديم قوم آهي. اُهي
هن واديءَ جا اصلوڪا رهاڪو آهن(10). موهن جي دڙي،
هڙپا، منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياءَ جي
پراڻين شاخن ۽ ڍورن جي ڪنڌين تان مهاڻن جي اصلوڪي
رهڻي ڪهڻيءَ جا ڪي نشان ۽ اُهڃاڻ پڻ هٿ آيا آهن،
جن جو ذڪر ماهرن پنهنجي ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن ۾
ڪيو آهي.(11)
(i)مهاڻن جي باري ۾ ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:
”موهن جي دڙي جي رهاڪن مان ڪي هارپ ۽ کيتيءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا،
ته ڪي وري ناکوئا ۽ مهاڻا هوندا هئا.“(12)
(ii)دراوڙي ثقافت ۽ دراوڙي ٻولين جو هڪ مها ودوان، ڊاڪٽر
هيريماٿ پنهنجي ڪتاب
The Genesis & Growth of Dravidian
۾ لکي ٿو ته:
”سنڌو درياءَ جي ڪن ماڳن ۽ مڪانن ۽ سامونڊي ساحلي هنڌن تان
مڇيءَ جا ڪنڊا لڌا ويا آهن. اِن مان اهو به ثابت
ٿئي ٿو ته سنڌو- تهذيب جا رهاڪو مڇي ماريندڙ به
هئا، ۽ اُنهن مان ڪي ساموندي ناکوئن جي ڪرت به
ڪندا هئا.“(13)
(iii)ڊاڪٽر هيريماٿ، مهاڻن کي سنڌو- تهذيب جا اصلوڪا ۽ قديم
رهاڪو ڄاڻائيندي اڳتي لکي ٿو ته:
”’ديوس‘ يا ’آريا‘، ’داسن‘ ۽ ’داسيو‘ سان وڙهيا. ’داس‘ جي معنيٰ
آهي آرين جا مخالف. ’داس‘ لفظ مان غلام وارو مفهوم
پوءِ ڪم اچڻ لڳو. دراصل ’داس‘ مان مراد اُهي ماڻهو
هئا ۽ اُها قوم هئي، جيڪا آرين سان وڙهي هئي ۽
’شودر‘ مان مراد هئي ’مهاڻا‘. ٻين لفظن ۾ هيئن
وضاحت ڪبي ته سنڌو- تهذيب جا رهواسي ٻن اهم طبقن ۾
ورهايل هئا: هڪڙا زراعت جو پيشو ڪندڙ يعني هاري
ناري هئا. جيڪي کيٽن ۽ ٻنين ۾ هارپو يا زراعت جو
ڪم ڪري اَن اُپائيندا هئا، ۽ پنهنجي سماج جي جيوت
۽ جياپي جو وسيلو هئا؛ ٻيو طبقو مهاڻن جو هوندو
هو، جن جو گذران يا جياپو دريائي بندرن، ڍنڍن ڍورن
۽ سمنڊ تي هوندو هو. هي ماڻهو درياءَ، ڍنڍن ۽ سمنڊ
مان هٿ آيل خوراڪ يعني مڇچيءَ تي گذارو ڪندا
هئا.“(14)
”ماهي ثقافت“ جي سنڌ ۾ قديم هجڻ جو ٻيو ثبوت هيءُ آهي ته موهن
جي دڙي ۽ هڙپا جي کنڊرن ۽ منڇرن ڍنڍ تي قديم آثارن
مان مڇي مارڻ جا ڪي سنڊ، اوزار، ڪنڍيون ۽ ٻيو
سامان هٿ آيو آهي. انهيءَ سامان مان ائين ٿو معلوم
ٿئي ته اُن زماني ۾ به مڇي مارڻ لاءِ ڄار ۽ ڄاريون
ڪم آنديون وينديون هيون. ڄارن يا ڄارين کي وزندار
۽ ڳري بنائڻ لاءِ، ٺڪر جا ٺهيل گولا يا ڳوڙها،
انهن ڄارن جي هيٺئين ڇيڙن يعني هيٺئين حصي ۾ ٻڌندا
هئا؛ ائين ڪرڻ سان هو ڄارن ۽ ڄارين جو هيٺيون
ڇيڙو، دريءَ جي تري تائين پهچائي، مڇيءَ جي گذرڻ
يعني اوڀارو تري وڃڻ وارو لنگھ بند ڪري ڇڏيندا
هئا. اِن کان سواءِ مڇي مارن لاءِ ٽامي، لوهه ۽
ڪنجهي جون نوڪدار ۽ سڌيون ڪُنڍيون پڻ ڪم آنديون
وينديون هيون.(15)
پاڪستان آرڪيالاجيءَ جي مشهور ماهر ۽ آرڪيالاجي کاتي جي اڳوڻي
ڊائريڪٽر، محترم شيخ خورشيد حسن به مهاڻن کي سنڌو-
تهذيب جا قديم رهاڪو سڏيو آهي. شيخ خورشيد حسن
صاحب ج ومقالو 1992ع ۾ شايع ٿيو هو ، جنهن ۾ هن
سنڌو- تهذيب جي قديم رهاڪن جي باري ۾ وضاحت سان
روشني وڌي آهي ۽ مهاڻا قوم جي سلسلي ۾ ’نسلن جي
علم‘
(Ethnology)
جي حوالي سان بحث ڪيو آهي. شيخ صاحب جو خيال آهي
ته:
”سنڌو درياءَ تي رهندڙ مهاڻا، قديم سنڌو- تهذيب واري زماني ۾،
سنڌو درياءَ ۽ اُن جي اُڀرندين شاخ (اڀرندو نارو)
۽ منڇر ڍنڍ واري خطي ۾ آباد هوندا هئا.“(16)
شيخ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته مهاڻن، واديءِ سنڌ تي حملي وقت، حمله
آورن جهڙوڪ: آرين، ايرانين، يونانين، سٿين، سفيد
هنن ۽ عربن سان وقت بوقت مقابلا به ڪيا.“(17)
شيخ خورشيد حسن اڳتي لکي ٿو ته:
”مهاڻا، واديءَ سنڌ جا قديم ترين رهاڪو آهن. انهن جا ڪارا چهرا،
سندن عادتون، سندن رسمون ۽ رواج، سندن دراوڙ هجڻ
جا ڏس پتا ۽ اُهڃاڻ ڏين ٿا. هي ماڻهو گهڻو ڪري
ٻيڙين تي ئي رهندا آهن، ڇو ته رهڻ لاءِ سندن ڪي
ٻيا ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا ڪونه آهن.“(18)
شيخ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”مهاڻا، ٻين سنڌي نسلن ۽ جاتين
Ethnic groups)
جي ڀيٽ ۾، هڪ لحاظ کان وڌيڪ خالص، وڌيڪ قديم ۽
سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو لڳن ٿا. هن نسل (مهاڻا)
جا ماڻهو، بلاشڪ اها دعوا ڪري سگهن ٿا ته هو سنڌو-
تهذيب جا اصلوڪا رهاڪو آهن، جن ۾ سنڌو درياءَ ۽
ڍنڍن تي آباد ٿيل ٻين نسلن ۽ جاتين جي ڀيٽ ۾، هن
جاتيءَ جو نالي ماتر به گڊي يا گاڏڙ نسل (گاڏڙ رت)
جي هجڻ جو ڪوبه ثبوت نٿو ملي، يعني ته مهاڻن جي
نسل ۾، ڪنهن به ٻئي نسل/جاتيءَ جي رت جو گڏيل هجن
يا گڏجي وڃڻ، بلڪل ناممڪن نظر اچي ٿو.“(19)
شيخ خورشيد حسن صاحب جي مذڪوره راءِ ته: ”مهاڻا، سنڌو- تهذيب جا
صلوڪا رهاڪو آهن“، ڪا نئين راءِ ڪانيه. درحقيقت،
شيخ خورشيد حسن جي هن راءِ کان گهڻو اڳ سر جان
مارشل، ڊاڪٽر لئمبرڪ، مارٽم وهيلر، مئڪي، ڊاڪٽر
ڊيلس، ويندي ڊاڪٽر هيريماٿ تائين، هر ماهر اِهائي
دعوا ڪئي آهي. ڊاڪٽر هيريماٿ جي حوالي سان، هن کان
اڳ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته:
” ’داس‘ به مهاڻن جي هڪ طاقتور قوم هوندي هئي، جنهن کي ڪيترائي
قلعا ۽ بستون هونديون هيون، ۽ ممڪن آهي ته آرين
سان هنن به گهڻيون چوٽون کاڌيون. بهرحال ’داس‘ ۽
’داسيو‘، سنڌو- تهذيب جي ’مهاڻا‘ جاتيءَ جا ڌار
ڌار پاڙا هئا.“(20)
(vi)مهاڻن جي باري ۾ ڊاڪٽر لئمبرڪ لکي ٿو ته:
”جڏهن اسين اُن قوم يا نسل جي باري ۾ پڙهون ٿا ته اُها قوم
سنڌو- ماٿر ۾ رهي ٿي، جتي هو پنهنجون ٻيڙيون
هلائيندا آهن؛ اُها قوم تيزاندازيءَ جي هنر ۾
مهارت رکي ٿي؛ جيڪا شڪرن سان شڪار ڪرڻ ۾ ماهر
ليکجي ٿي، اهڙيءَ قوم لاءِ ائين ڇو نه قبول ڪجي ته
هن قوم جا ماڻهو سندن ابن ڏاڏن جي اُن نسل جي
روايتن، ريتين رسمن ۽ هنرن کي قائم رکيو اچن، جن
کي سنڌ جي منڇر ڍنڍ تي رهندڙ ’مهاڻا‘ سڏيو ويندو
آهي.“(21)
(vii)
ڊاڪٽر لئمبرڪ اڳتي لکي ٿو ته:
”درحقيقت موهن جي دڙي مان جيڪي هڏاوان پڃرا هٿ آيا آهن، تن مان
پتو پوي ٿو ته خود اُن شهر جا ماڻهو ڪيترن ئي نسلن
مان هئا، تڏهن به اُن ڳالهه جو ٿورو گهڻو امڪان
آهي ته متان منڇر ڍنڍ جي مهاڻن ۾ اصلوڪن رهاڪن جي
هجڻ جو انگ ايترو هجي جي ٻيو ڪوبه سنڌي قبيلو
اُنهن جيتري دعوا ڪرڻ چاهي ته هوند نه ڪري سگهي؛
يعني اُهي مهاڻا سڌيءَ طرح سنڌو- تهذيب واري زماني
۾ ’ڍنڍ- رهواسين‘ جا پونير آهن ۽ سندن رت ۾ ٻئي
ڪنهن رت جي، نسبتي گهٽ ملاوت آهي. اُنهن سان
’ماڇي‘ به شامل ڪري سگهجن ٿا، ۽ شايد ’ڇُٽا‘ ۽
اُلهندن ٽڪرن جا ڪي غير- معروف قبيلا جهڙوڪ
’بِڪَڪ‘ ۽ ’گانچا‘ پڻ، جن جون ڪي خاصيتون ۽ ريتيون
رسمون بنهه پنهنجون آهن، ۽ جن بابت سندن پاڙيسري
چوندا آهن ته اُهي اصل ۾ ’ميربحر‘ آهن، پر اهڙي
باريڪ شاهدين مان ڪي به انومان ڪڍڻ نسوري ڌڪيبازي
ٿيندي.“(22)
(viii)
ڊاڪٽر سورلي ’ويسٽ پاڪستان گزيٽيئر‘ ۾ لکي ٿو ته:
”مهاڻن لاءِ ڇون ٿا ته اِهي ملاح آهن، جن جو واسطو پنجاب سان
آهي، پر پنجاب جي ڏکڻ اولھ ۾ رهندڙ مهاڻن ٻڌايو ته
سندن (پنجاب جي مهاڻن جو) هڪ پاڙو ’ملاح‘ آهي.
پنجاب جي ملاحن ۽ سنڌ جي مهاڻن جو ’ماڃري پاڙو‘
ساڳئي نسل مان آهي.
”ملاح جو نالو ڪرت ۽ ڌنڌي جي ڪري پيو آهي، يعني ته ملاح هڪ ڪرت
آهي. ملاح ۽ ’ملوئي‘
(Malloi)
ساڳي جاتي يا ساڳيو نسل آهي جنهن، سڪندر اعظم جي
واديءِ سنڌ تي حملي وقت ممد ڪئي هئي. ان لحاظ کان
چئبو ته هيءَ قوم 300 ق.م ۾ به هڪ طاقتور قوم جي
حيثيت ۾ موجود هئي.
”هن نسل جا ماڻهو، ظاهري طور ڏسڻ ۾
Autochthonous
ماڻهن جهڙا هوندا هئا ۽ سندن جسم جي چمڙيءَ جو
رنگ، سنڌ جي عام ماڻهن جي رنگ کان وڌيڪ سانورو ۽
ڪارو آهي.“(23)
(ix)
ڊاڪٽر سورلي اڳتي لکي ٿو ته:
”مسٽر ڪاويرنٽن
(Covernton)
جو خيال هو ته مهاڻن کي ڪاٺياواڙ جي ’ميئاڻو‘
(Miano)
نسل مان سمجھڻ صحيح نه آهي. اها غلط فهمي، سنڌي
ٻوليءَ ۾ مهاڻن جي عارضي ڳوٺ ’مياڻيءَ‘
(Miani)
جي ڪري ٿيل معلوم ٿي ٿئي.“(24)
(x)
ڊاڪٽر سورلي اڳتي لکي ٿو ته:
”ڪاٺياواڙ جي ’نيل‘
(Nale)
ڍنڍ تي رهندر مهاڻا ۽ ناکوئا، بلڪل سنڌي مهاڻن
جهڙا آهن. بلڪ هُو هر لحاظ کان سنڌ جي مهاڻن سان
نسبت رکن ٿا. اُنهن جي چهرن جا آرکاڻ، مهاندڊا،
نقش، سندن عادتون، سنڌ جي مهاڻن سان ملن جلن ٿيون.
هو به تراکڙن ترن وارين ٻيڙين ۾ رهندا آهن. اهي
ٻيڙيون درحقيقت سندن ’ترندر گهر‘
(Floating Houses) آهن، جيئن سنڌ جي مهاڻن لاءِ چيو ويندو آهي.“(25)
6- سنڌ ۾ رهندڙ مهاڻن جون ذاتيون ۽ پاڙا:
”ماهي ثقافت“ جي مطالعي لاءِ اهو به ضروري آهي ته مهاڻن جي
ذاتين ۽ پاڙن جو به مطالعو ڪجي، ڇو ته ٿورو ٿورو
ثقافتي فرق هر ذات ۾ هوندو آهي. هن کان اڳ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين ماهرن جي حوالي سان چيو
ويو آهي سنڌ جا مهاڻا ۽ ميربحر ساڳئي نسل جا آهن.
مهاڻن کي ميربحر، سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي زماني
کان پوءِ سڏڻ شروع ڪيو ويو. مهاڻن جي ڪرت مڇي مارڻ
۽ ناکوئا هوندي هئي. اُهي مهاڻا جيڪي ناکوئا هوندا
هئا ۽ ٻيڙيون هاڪاريندا هئا، تن کي ’ميربحر‘ ۽
’ملاح‘ سڏيو ويو. بهرحال مهاڻن ۽ ميربحرن جون
مشهور ذاتيون هي آهن: اِهي ذاتيون ڊاڪٽر لئمبرڪ جي
حوالي(26) کان سواءِ، منهنجي ذاتي معلومات موجب
بيان ڪجن ٿيون:
(الف) مڇي مارڻ ۽ ملاحن جي ڪرت ڪندڙ ذاتيون هي آهن:
آبداڻي (عابداڻي)، آدماڻي، بڊاڻي، بهليم، بِڪَڪَ، ٻاگهلا،
ڀُرٽياڻي، پَلواڻي، پاڙهيري، پپراڻي، جنڊاڻي،
چاچڙ، دٻلا، ڍورياڻي، ڏچر، ڏيرا، عاقباڻي، عمراڻي،
کٽيرياڻي، کُڏائي، گندرا، منگهواڻي، ماڱر، ميراڻي،
ننيرواڻ، ونگرا ۽ هيلايا.
(ب) ڍانڍي پکي، واڳو ۽ ڪڇون ماريندڙ مهاڻن جا پاڙا- اِهي ذاتيون
هي آهن:
پاڙهيري، ڊاگهوري ۽ جهٻير.
شاهه لطيف جي رسالي ۾ ’سُر ڪاموڏ‘ ۾ ’ميہ‘، ’ماڱر‘ ۽ ’گندرا‘ ۽
سُر ڪارايل ۾ پاڙهيري پاڙن جا نال ملن ٿا؛ مثال
طور(27):
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻن روءِ، متان ماڱر مٽيين.
ــ
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيبن ويهه،
پسي مئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽيين.
ــ
مي مڇيءَ مارا سمي سي سيڻ ڪيا.
ــ
تون تماچي تڙ ڌڻي، آءٌ مهاڻي مي.
ــ
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري.
ــ
ڪوهه ڪندا تن کي، پاڙهيري پهه ڪري.
ــ
سي ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه.
7- مڇي مارڻ جا هنڌ ۽ ماڳ:
موجوده وقت به سنڌ جي آباديءَ جي اڪثر حصي جي ماڻهن جو گذران
مڇي مارڻ ۽ اُن جي واپار تي آهي. اُن ۾ سنڌ جي ٻين
حصن وانگر، لاڙ واري علائقي جي اقتصاديات جو
دارومدار زراعت کان سواءِ مڇي جي ڪاروبار تي آهي.
هونئن ته درياءَ جون ڪنڌيون ڍنڍون ۽ ڍورا، مڇي
مارڻ ۽ مياڻن جي ڪري مشهور آهن، جتي مهاڻا مڇي
ماري اچي گڏ ڪندا آهن.
لاءَ ۾ پاڻيءَ جي اَڻاٺ ٿئي ئي ڪانه. هتي جون ڍنڍون ۽ ڍورا،
ڪُهريون، کاڻيون ۽ ڇنڊڻيون، درياءَ ۾ پاڻيءَ جي
اَڻاٺ ۽ سوڪ جي وقت به پاڻيءَ سان ڀريل هونديون
آهن. درياءَ کان سواءِ، لاڙ ۾ ڪيتريون ئي سامونڊي
کاريون ۽ سامونڊي ساحل جي ويجهو مڇيءَ جا تلاءَ
(هٿرادو ٺاهيل) ۽ ڇڇ آهن، جن مان اربين روپين جي
مڇي ماري ويندي آهي، جيڪا پنهنجي گهرج ۽ کپت کان
پوءِ، لوڻي، سُڪائي، يا دٻن ۾ بند ڪري، پرڏيهي
ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي آهي، جنهن مان پرڏيهي ناڻو
ڪمائبو آهي.
سنڌ ۾ مڇي مارڻ جا هنڌ ۽ ماڳ هي آهن:
(i)
سنڌو درياءَ: سنڌو درياءَ مان سڄيءَ سنڌ ۾ مڇي
ماري ويندي آهي، جا مياڻين تي نيڪال ۽ وڪري لاءِ
گڏ ٿيندي آهي.
(ii)
ڍورا: سنڌو درياءَ جا قديم وهڪرا سڄيءَ سنڌ ۾ آهن.
لاڙ ۾ بدين، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن کان سواءِ، ملير
ضلعي ۾ به درياءَ جا قديم ڇوڙ ۽ ڍورا آهن. بدين
ضلعي ۾ ’نندي شهر‘ کان اوڀر طرف، چئن ميلن جي
مفاصلي تي، بلڪ اُن جي اُتر ۾ ڊگهڙيءَ جي ويجهو
’پُراڻ درياءَ‘ جي قديم وهڪري جا نشان موجود آهن.
’پُراڻ‘ نالي سان هن وقت درياءَ جا قديم ٻه ڍورا
قائم آهن. هڪڙو ’اُڀرنديون پراڻ ڍورو‘ ۽ ٻيو
’اُلهنديون پراڻ ڍورو‘. انهن ٻنهي ڍورن مان مڇي
جام ماري ويندي آهي. پراڻ جا اهي ٻئي ڍورا ’ونگي
پتڻ‘ نالي قديم شهر کان هيٺ، ڏکڻ ۾ ’ڇنڊڻ‘ وٽ گڏجي
هڪ شاخ ’پراڻ‘ جي نالي سان هيٺ وهي، ’ڪوري کاريءَ‘
۾ ڪرندي هئي. هن هڪ ئي شاخ جا هيٺ ٻن هنڌن تي ٻه
ڌار ڌار نالا هوندا هئا. ٽنڊي باگي کان ميل کن
پري، ڏکڻ طرف هن کي ’ننڍو نيرو‘ يا ’سُهڻيءَ وارو
درياءَ‘ سڏيندا آهن ۽ نندي شهر وٽ هن کي ’بدرو‘
سڏيندا آهن.
لاڙ جي جاتي، سجاول، شاهه بندر، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري تعلقن ۾ به
درياءَ جا ڍورا موجود آهن. اُنهن ۾ ’ڍورو گونگڙو‘،
’ڍورو ڪُتڪو‘، جاتي تعلقي ۾ مڇي مارڻ جا مشهور ماڳ
آهن. اُنهن مان مڇي جام ماري ويندي آهي.
سجاول ۽ جاتي تعلقن ۾ ’نانگن ڍورو‘ ڇنڊڻ جي صورت ۾ وهندو آهي.
هن ڍوري مان به تمام گهڻي مڇي ماري ويندي آهي.
’ڪارو گونگڙو‘ هن وقت ڇنڊڻ جي صورت ۾ ميرپور
بٺوري، گولاڙچي ۽ جاتي تعلقن مان وهندو آهي.هن
ڇنڊڻ مان جم مڇي ماري ويندي آهي. شاهبندر تعلقي جا
ڇڇ، خاص ڪري ’ڇڇ جهان خان‘ به مڇي مارڻ لاءِ مشهور
آهن.
اهڙيءَ طرح ٺٽي سب ڊويزن ۽ گهاري سبب ڊويزن جي ميرپور ساڪري
تعلقي ۾ ’بگهاڙ ڍورو‘ گهڻو مشهور آهي. هن ڍوري مان
به گهڻي مڇي ماري ويندي آهي.
(iii)
ڍنڍون: ڍورن، ڇنڊڻن، واهن ۽ ڇڇن کان سواءِ، سنڌ
جون ڍنڍون به مڇيءَ جي پيداوار جو وڏو ذريعو آهن.
لاڙ جا بدين ۽ ٺٽو ضلعا، حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊو
سب- ڊويزن، سانگهڙ ضلعي، دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جون
ڍنڍون مڇيءَ جي پيداوار کان مشهور آهن، جتان نه
فقط مڇي ماري ويندي آهي، پر ڏيهي ۽ پرڏيهي موسمي
پکي پڻ وڏي تعداد ۾ ماريا ويندا آهن. جيڪي وڏي شوق
شان خوراڪ طور استعمال ڪيا ويندا آهن. لاڙ جو
مشهور ڍنڍون هي آهن:
ٺٽي ضلعي جون ڍنڍون: ٺٽي ضلعي ۾ ڪينجهر، سونهري ۽ هاليجي مشهور
ڍنڍون آهن، جن مان پکي ۽ مڇي ماري ويندي آهي. هاڻ
سونهري ۽ ڪينجهر ڍنڍ گڏجي هڪ ئي ڍنڍ، ”ڪينجهر“ جي
نالي سان ڏسبي آهي، پر هتي جا مقامي ماڻهو، پنهنجي
آساني ۽ ڍنڍ جي ورهاست لاءِ پراڻا نالا يعني
”ڪينجهر“ ۽ ”سونهري“ قائم رکيو اچن.
هاليجي ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ جي مقابلي ۾ گهڻي ننڍي ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ
۾ موسمي پکين جا نسل به پاليا ويندا آهن ۽ اُن
لاءِ تجريبگاهه به ٺاهيا اٿن. اُن کان سوءِ هن ڍنڍ
مان مڇي به جام ماري ويندي آهي.
انهن ڍنڍن کان سواءِ ميرپور بٺوري، سجاول، جاتي ۽ شهر بندر
تعلقن ۾ مڇي مارڻ لاءِ خانگي تلائن کان سواءِ
خانگي ۽ سرڪاري ڍنڍون پڻ آهن.، اُنهن مان ڪي مشهور
ڍنڍون هي آهن:
سجاول تعلقي جون ڍنڍون: هن تعلقي جو مشهور ڍنڍون هي آهن:
گَپَ، فَلَڪَ، اَڇَ، مڇول، آباد، تيلاڻ، کاهي، نباد، وَلهار،
ڏاڏ واهه، ونگار، اَڪڊمي، رِپَڙ، هَنج تَل، مور ۽
ٽيماڻي.
شاهبندر تعلقي جو ڍنڍون: عمر، جواڻ، باگواهه، جادر ۽ اُڀڪپيو.
جاتي تعلقي جون ڍنڍون: ڪوڇل، چمائي، جھم ۽ چوٻٽي.
ميرپور بٺوري تعلقي جون ڍنڍون: ٻوٿڙو، ٿهين ۽ ٺري.
اهڙيءَ طرح بدين ضلعي جون ڍنڍون به مڇي ۽ پکين جي شڪار جي ڪري
گهڻي شهرت رکن ٿيون، تعلقي وار ڍنڍن جا نالا هي
آهن:
بدين تعلقي جون ڍنڍون: بدين تعلقي جون مشهور ڍنڍون هي آهن:
دفري، سارهڏي، دونگهڏي، اوجهري، جڳڙي ۽ انگڙي.
ٽنڊي باگي تعلقي جون ڍنڍون: پوسڻا، نوابن جي ڍنڍ، بند کوهه،
نهري، نيئن، کيرو وَلَ، ڦراهو، موٽڻا، ننڍو نيرو،
ڏوهِرَ، چَرو وَرَ، اُنڙي ۽ مڇائو.
انهن ڍنڍن کان سواءِ ڪيترائي خانگي تلاءُ به قائم ڪيا ويا آهن،
جن ۾ مڇيءَ جا وڏا ذخير پاليا ويندا آهن، جن مان
به گهڻي اُپت ٿيندي آهي.
(iv)
درياءَ جا ڇوڙ ۽ سامونڊي کاريو: ڍنڍن، ڍورن، ڇنڊڻن
۽ واهن کان سواءِ، ٺٽي ۽ شاهبندر سب ڊويزنن، گهاري
سب ڊويزنن، ملير ۽ بدين ضلعن ۾ درياءَ جا ڇوڙ ۽
سامونڊي کاريون به آهن، جن مان مهاڻا جام مڇي
ماريندا آهن. کارين جي وسيلي، گهاتو سمنڊ اندر پري
پري تائين مڇي مارڻ لاءِ ويندا آهن ۽ ڏينهن جا
ڏينهن سمنڊ تي رهندا آهن.
انهن کارين مان، بدين ضلعي جي ڪوري کان، هڪ مشهور ۽ تاريخي کاري
آهي، جنهن تي ڪلهوڙن جي زماني (1700ع کان 1783ع)
تائين، ’سنڌڙي بندر‘ پنهنجي جاه و جلال ۽ واپاري
مال جي آمدني ۽ روانگيءَ جي ڪري مشهور هوندو هو.
سنڌو درياءَ جي پراڻ شاخ، ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي
هئي.
اهڙيءَ طرح ٺٽو ضلعو به ڪيترين ئي تاريخي کارين جي ڪري
تاريخدانن جو ڌيان ڇڪائيندو رهيو آهي. ٺٽص ضلعي
جون مشهور کاريون هي آهن:
سير کاري: هيءَ کاريءَ شاهبندر سب ڊويزن جي جاتي تعلقي ۾ آهي.
گونگڙو واهه هن کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن کاريءَ
تي جاتيءَ جي ڏکڻ ۾ ’سنڊو بندر‘ نالي شهر آباد
هوندو هو، جتان پرڏيهي واپار هلندو هو. هن بندر جي
ويجهو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجي ڪوٺي قائم ڪئي
هئي. انهيءَ ڪوٺيءَ جا آثار ورهاڱي کان اڳ به
موجود هوندا هئا. جاتي تعلقي جو ’تپو ڪوٺي‘ اڄ به
انهيءَ ڪوٺيءَ جي ياد تازي رکيو اچي.
چچنامي ۾ ’سنڊي بندر‘ لاءِ ’سندون‘ لفظ لکيل آهي، جنهن کي درست
ڪري ’سنڊو‘ لکڻ گهرجي ته جيئن اها غلطي دور ٿي
وڃي(28).
جهوڙي کاري، کُڏي کاري، کانٽو کاري، کارو کاري، پٽياڻي کاري،
جُوڻا کاري، ڪُڪَئي کاري، رچل کاري، مَل کاري،
مُٽڻي کاري، سيئن کاري، قلندري کاري، ڦٽو کاري،
اوچتو کاري، حجامڙو کاري، پکار کاري، ڪاجھر کاري،
کارڪ کاري، ونگو کاري، ٿنبي واري کاري، چارو کاري،
جهورانڊ کاري، چنگلو کاري، کاڻي کاري، کنڀراڻو
کاري، ڦٽلاڻو کاري ۽ شيشا کاري.
انهن کارين مان به جام مڇي ماري ويندي آهي.
(v)
درياءَ جا ڇوڙ: سنڌو درياءَ هن وقت هڪ ئي وهڪري ۾
وهندو، ٺٽي کان گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ جدا جدا شاخن ۾
ورهائجي ويندو آهي. درياءَ جو هي دو- آبي وارو حصو
آهي. هن حصي ۾ هر شاخ کي درياءَ جو ڇوڙ چوندا آهن.
اهي ڇوڙ ’کاري ڇاڻ‘، ’سوکي‘ ۽ ٻين هنڌن وٽ سمنڊ ۾
ڪرندا/ڇڻندا آهن؛ انهيءَ کي ’ڇاڻ‘ يعني ’ڪرڻ‘
سڏيندا آهن. هن وقت درياءَ جا ڇوڙ هي آهن:
اوچتو، ڦِٽو، مُٽڻي، مَل ۽ حجامڙو.(29)
لاڙ ۾ شاهه بندر سب ڊويزن ۾ لاڏيون، جاتي، سجاول ۽ ميرپور بٺوري
طرف، ماڃر واري علئقي ۾، ۽ بدين طرف ترائي،
سيراڻيون ۽ گولاڙچيءَ کان هيٺ ڏکڻ طرف رڙيءَ واري
پاسي، هيٺاهيون زمينون سُڪي، ڪنهن به آباديءَ جي
لائق نه هونديون آهن، تنهنڪري زميندار آب ڪلاڻيءَ
جي موسم ۾ اُنهن زمينن ۾ پاڻي ڀرائي، ڇينار وارن
ڏينهن ۾، اُن ۾ مڇيون وجهرائي ڇڏيندا آهن. اها مڇي
پهرين ته ٻج جو ڪم ڏيندي آهي، ۽ پوءِ وڌي وڏي ٿي
ويندي آهي.
8- مڇيءَ جا قسم: ماهرن مڇيءَ جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن، اُهي
آهن:
(الف) مٺي جي مڇي ۽ (ب) کاري جي مڇي. انهن ٻنهي قسمن کي وري
اڳتي
(i)
ڇيلري يعني ڇلرن واري مڇي ۽
(ii)
ليئي يعني بنا ڇلرن واري، قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.
لاڙ ۾ مڇيءَ جا اِهي ٻئي قسم (مٺي واري مڇي ۽ کاري
جي مڇي) ماريا ويندا آهن. هر هڪ قسم واريءَ مڇيءَ
جون ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، جن مان ڪي هي آهن:
(الف)
(i)
مٺي جي ڇيلري مڇي: پلو (30)، ڏنڀرو، ڪُرڙو،
موراکي، ٿيري، سِرئو، پوپري، گندڻ، مُنڊي ۽
گهانگهٽ.
(ii)
مٺي پاڻيءَ جي ليئي (بنا ڇلرن وارن مڇي) (31): هن
قسم واريءَ مڇيءَ جون ذاتيون هي آهن:
ڄرڪو، کڳو، رڙو، ڦاٻڻو، ڊنڱڻو، لوهِڙ، بوهڻ، سينڱاري، گوج ۽
چڳا.
(ب) کاري (سمنڊ) جي مڇي: کاري جي مڇيءَ جون به ڪيتريون ئي
ذاتيون آهن، جن کي ڇيلري ۽ ليئي قسمن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو. کاري جي مڇيءَ جون ذاتيون هي آهن:
پٿون، ڦاڻو، گور، سُرمائي، ڪَڪاڻ، ڪارگان، سيرائي، موري، ڦاڙهه،
ڪسي، ڏندئو، موئي، ڦڻي، ڇاهِلَ، حجام، گولي، پٽڻ،
منگر، مينگهر، ڊانگهري، ڏاهي، دوٿر، لوجري، دانر،
ڌڌرڙو ۽ جهينگا.
9- مڇي مارڻ جا سمنڊ: مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ ڪيترائي سنڊ ڪم
آڻيندا آهن. اُنهن سنڊن جا به ڪيترائي قسم آهن.
اُنهن مان مٺي پاڻيءَ يعني درياءَ، ڍنڍن، ڍورن،
واهن، ڪڙهين ۽ ڇنڊڻين مان مڇي مارڻ جا سنڊ الڳ آهن
ته وري کاري يعني کارين ۽ سمنڊ مان مڇي مارڻ جا
سنڊ جدا آهن. اُنهن مان عام سنڊ هي آهن:
(الف) درياءَ، ڍنڍن، ڍورن، واهن ۽ ڇنڊڻين (مٺي پاڻيءَ) مان مڇي
مارڻ جا سنڊ: مٺي پاڻيءَ مان مڇي مارڻ جا سنڊ هي
آهن:
پکي، ڍڪ، دربند، لوئڻ، راڇوڙ، گائو، ماٽي (مَٽُ) ماءُ، جهالرو،
آر، ڄاري، ڄار، ڀن، ڄارو، ڪُنڊي، نڙو، ڇپري ۽
پٿرو.
(ب) کاري (سمنڊ) مان مڇي مارڻ جا سنڊ: کاري (سمنڊ) مان مڇي مارڻ
لاءِ مُهاڻا ڄارَ ۽ ڄاريون ڪم آڻيندا آهن، جن کي
سمنڊ ۾ (خاص انداز سان) اُڇلائي هو (مهاڻا) مڇي
ماريندا آهن.
(ت) مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندڙ ٻيڙيون:
(i)
”ماهي ثقافت“ ۾ ٻيڙيءَ کي به وڏي اهميت هوندي آهي.
سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙين جي استعمال جي قدامت ۽ اهميت
جي باري ۾ تاريخي حوالن ۽ ثبوتن سان، آثار قديمه
جو مشهور ماهر، محترم ادريس صديقي لکي ٿو ته:
”تيل گاڏين ۽ جانورن کان سواءِ هتي ٻيڙين جي ذريعي به سامان
آندو ويندو هو. سنڌوندي ٻيڙين جي آمدرفت جي لائق
آهي، ۽ وڏا وڏا ٻيڙا، نهايت آسانيءَ سان اڄ به،
سنڌ جي سڀني بندرن تي سامان آڻين ۽ نيئن ٿا. ڪاٺ
مان ٺهيل هجڻ سببان، پراڻي زماني جون ٻيڙيون/ٻيڙا
هاڻ ختم ٿي ويا آهن، البت ڳچ اهڙيون نشانيون ضرور
مليون آهن، جيڪي هن سلسلي ۾ اسان جي ڪافي رهبري ڪن
ٿيون. مثال طور هڪ مهر تي، سڙھ کان سواءِ، هڪ
ٻيڙيءَ جي شڪل ٺهيل ملي ٿي، جنهن تي آڳيل ۽ پيڇيل
وارا حصا، ڪافي مٿڀرون کنيل آهن. اُن جي وچ مان هڪ
ڪوٺي آهي ۽ پاڇيل تي ٻيڙي هلائڻ وارو ملاح ڏيکاريو
ويو آهي.“
”اهڙي طرح هڪ برتن تي به ٻيڙيءَ جي شڪل نڪتل ملي آهي، جنهن
(ٻيڙي) جا پڻ ٻئي ڇيڙا اُٿيل ۽ اُڀريل آهن، ۽ اُن
تي به ملاح ويٺل ڏيکاريل آهي، پر وچ تي ڪوٺيءَ جي
بدران مهرو لڳل اٿس، جنهن کي ٻه ٽيڪون، ’جهلي‘ طور
ڏنل آهن. اهڙيون ٻيڙيون ۽ ٻيڙا، درياءَ ۽ سمنڊ ۽
ٻنهي هنڌ ملي سگهن ٿا. اِهي آثار انهيءَ نڪتي جي
ثابتي ڏين ٿا ته هي ماڻهو ٻيڙين ۽ اُنهن کي هاڪارڻ
(هلائڻ) ۾ وڏي مهارت رکندا هئا.“(32)
(ii)
ڊاڪٽر هيريماٿ، جنهن جي ڪتاب مان ”ماهي ثقافت“ جي
باري ۾ حوالا ڏنا ويا آهن، سو سنڌو- ماٿر ۾ درياءَ
۽ منڇر ڍنڍ تي ڪم ايندڙ ٻيڙين جي سلسلي ۾ پنهنجي
هڪ دعوا جو دليل، موهن جي دڙي جي کنڊرن مان لڌل هڪ
مهر جي مدد سان ڏئي ٿو. ڊاڪٽر هيريماٿ مسٽر مئڪي
جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
”مئڪي جي بيان موجب، هڪ مُهر تي، دريائي ٻيڙيءَ جي شڪل اُڪريل
آهي. اُن کان سواءِ ٺڪر جي هڪ ننڍي ٻيڙي پڻ ملي
آهي، ۽ مئڪي جي راءِ موجب، سنڌو ۽ هڙپا تهذيب وارا
ماڻهو، ٽن قسمن جي ٻيڙين مان واقف هئا، جيڪي ڌار
ڌار ڪمن لاءِ ڪم اينديون هيون. يعني ته اُنهن مان
پهريون قسم مسافرن جي اچ- وڃ، ٻيو قسم بار
برادريءَ لاءِ ۽ ٽيون قسم شايد ماهيگيري يعني مڇي
مارڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.“(33)
(iii)
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر ڊيلس
(Dr. Dales)، امريڪا جي مشهور آرڪيالاجسٽ، کي به موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ
مان ٺڪر جو هڪ اهڙو ٽڪر هٿ آيو هو، جنهن تي ٻيڙي ۽
پکي ٺهيل هئا.(34)
(iv)
تحقيق مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته سنڌو- تهذيب
وارا ماڻهو، واهڻن ذريعي ايراني نار وارن ملڪن ۽
ميسوڀوٽيميا سان واپار ڪندا هئا. هن وقت آبڪلاڻيءَ
جي موسم ۾ سنڌو درياءَ ۽ سمنڊ تي باربرادريءَ لاءِ
ٻيڙيون ۽ واهڻ هلندا آهن.
(v)
مٿي چيو ويو آهي ته شاهه لطيف جي رسالي ۾ ”ماهي
ثقافت“ جي سلسلي ۾ سُر ڪاموڏ، سُر گهاتو ۽ سُر
ڪارايل ۾ گهڻو ئي مواد ملي ٿو. انهن سُرن ۾ مڇي
مارڻ جي سنڊن کان سواءِ ٻيڙين جو به ذڪر ملي ٿو:
مثال طور:
ماڪ ڀِڄاين مولهيا، مٿان رات پئي،
اوليون اُجهڻ لڳيون، وئا ونجھ وَهي،
ڪلاچيا ڪَهي، ڪڏهن ڪونه آئيو.(35)
شاهه صاحب ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
تريون پسان نه تار ۾، جھڳا جاءِ نه ڪَن،
مادر ملاحن، ماڳ نه ڍويا مڪڙا.(36)
(vi)
مڇي مارڻ لاءِ جيڪي ٻيڙيون ڪم آڻبيون آهن، اُنهن
جا نالا هي آهن:
ڍونڍي، ڍونڍو (ڊاگهوري ذات وارا مهاڻا ڪم آڻيندا آهن)، دنگي،
مڪڙي، واهڻ/واڻ (ونگرا ذات وارا مهاڻا سمنڊ تي
هيءُ قسم ڪم آڻيندا آهن)، ڪٽار، ٻيڙي، تري، هڙو،
پتيلو، ليڪ، مڇوئا ۽ گهاڙيٽا.
10- مڇي مارڻ جو ڌنڌو (مهاڻن جي گذران جو ذريعو):
(i)
مڇي مارڻ جو ڌنڌو، دريائي، ڍانڍي ۽ بحري (سامونڊي)
ڌنڌن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. درياءَ مان مڇي مارڻ
جي موسم ڦڳڻ يا چيٽ (فبروري- مارچ) جي مهيني کان
شروع ٿيندي آهي، ۽ ٽن کان چئن مهينن يعني آکاڙ-
سانوڻ (جون- جولاءِ) تائين ساندهه هلندي آهي.
’بڊي‘ (آگسٽ- سيپٽمبر) مهيني ۾ مڇي کائڻ ٺيڪ نه
آهي، پر ڍنڍن، ڍورن ۽ مڇيءَ جي تلائن ۽ سمنڊ مان
سڄو سال مڇي پيئي ماربي آهي، تنهن ڪري هاڻ شهرن ۾
ته سڄو سال مڇي پيئي ملندي آهي.
مڇيءَ جا هٿرادو تلاءَ
(Fish Farms) قائم ٿيڻ کان پوءِ، درياءَ مان مڇي مارڻ جو ڌنڌو هاڻ، کارين،
ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن مان مڇي مارڻ جي ڀيٽ ۾، گهڻو
گهٽجي ويو آهي. اُن جي مقابلي ۾ درياءُ مان پلي
مارڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، ڇو ته ٻيءَ
مڇيءَ جي ڀيٽ ۾ پلي مان ناڻي جو اُپراسو به وڌيڪ
هوندو آهي.
(ii)
’کاري کيڙائو‘ يعني گهاتو، گهري ۽ اٿاهه سمنڊ ۾
مڇي مارڻ لاءِ هفتن جا هفتا سمنڊ تي رهن. اهڙن
مهاڻن ۽ گهاتوئن جي انهيءَ ڪرت لاءِ لطيف سائينءَ
هيئن فرمايو آهي ته:
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽبا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جا مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
11- ماهي ثقافت جون اهم ڳالهيون: ماهي ثقافت جي اهم ڳالهين ۽
نقطن کي هيٺين ذيلي موضوعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(i)
مڇيءَ کي اهميت ڇو آهي؟
(ii)
اقتصادي ۽ ناڻي واري حالت ۾ سکي جيوت جو سهارو
هجڻ،
(iii)
مڇي، سلامتي ۽ برڪت جي علامت آهي،
(iv)
ماڻهن جي نفسيات، رهڻي ڪهڻي، لباس، شڪل شبيہ ۽
اخلاق،
(v)
ڪرياڪرم ۽ سکائون پاکائون،
(vi)
مڇي، عام خوراڪ هجڻ جي ڪري اُن جو ماڻهن جي صحت تي
۽ عادتن تي اثر،
(vii)
مڇي مارڻ کان سواءِ ٻيا ڌنڌا،
(viii)
مڇيءَ مان تيار ٿيندڙ طعام،
(ix)
ماهي ثقافت ۾ رائج ٻولي. انهن مان هر موضوع تي هيٺ
بحث ڪجي ٿو:
(i)
مڇيءَ کي اهميت ڇو آهي؟ مڇي
دنيا جي هر ملڪ ۽ هر قوم جي ماڻهن ۾ نه فقط سندن
روزانه زندگي، سندن روزگار ۽ گذران لاءِ اهم وسيلو
رهي آهي، پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ عموماً ۽ لاڙ جي
ماڻهن لاءِ خصوصاً، مڇي سندن جيوت ۾ خوس رهڻ ۽
سُکي رهڻ لاءِ ضروري سمجھي وئي آهي.
مڇيءَ کي طاقتور غذا طور به کاڌو ويندو آهي. مڇي، سماجي زندگيءَ
جي معيار ماپڻ جو ماپو يا ايڪو به آهي. ”مڇيءَ
مانيءَ وارو هجڻ“، سنڌ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪٽنب جي
هوند واري هجڻ، يعني سکئي هجڻ جي ماپي يا معيار جي
نشانيءَ لاءِ هڪ عام پهاڪو آهي. اِن پهاڪي جو مطلب
اِهو آهي ته فلاڻو سکيو ستابو آهي؛ هو مالي طرح
پنهنجيءَ پهچ وارو آهي؛ جيڪڏهن دولت جي فراواني وٽ
ڪانهي، تڏهن به هو مالي طرح خوشحال آهي، ۽ مالي
طرح ڪنهن جو محتاج ڪونهي.
مڇي نه فقط ڪنهن ماڻهوءَ جي مالي حالت جي معيار کي پرکڻ لاءِ هڪ
وسيلو يا ماپو سمجھي ويندي آهي پر اِها (مڇي)
ماڻهن جي روزانه زندگيءَ، اُٿڻي ويهڻيءَ، سندن
نفسياتي ڪيفيتن، مذهبي سوچ ۽ فڪر کان سواءِ، ماڻهن
جي ڪردار، سماجي قدرن، ڪرياڪرمن، سنسن ۽ ڀرمن کان
سواءِ علامت طور، ”ماهي ثقافت“ جي مطالعي ۾ گهڻي
مددگار ثابت ٿي آهي.
(ii)
اقتصادي ۽ ناڻي واري حالت ۽ سکي جيوت گذارڻ جو
سهارو: مهاڻا رات ڏينهن پورهيو ڪن، پر کين جيڪي
ڪجھ هڙ حاصل ٿئي ٿو، سو سندن رهائش ۽ روزانه
زندگيءَ مان ظاهر آهي. هو هميشه درياءَ جي
ٺيڪيدارن، ڍنڍن جي مالڪن ۽ تلائن جي ڌڻين توڙي
مياڻين تي موجود واپارين جا محتاج ۽ ڪاڻائتا رهندا
آهن. محنت ڪن مهاڻا، پر کٽيو کائين ٺيڪيدار ۽
مقاطعيدزار! لطيف سائينءَ، سندن (مهاڻن) انهيءَ
حالت کي جن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، اُهي هي آهن:
مون اُڌارئا مڇڙا، الله گهاتو آڻ،
ميان مدارن سين، منکي قادر وِجهه مَ ڪاڻ،
هَٺَ منهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ري.
حڪومت طرفان، مڇي مارڻ ۽ وڪڻڻ جا، هر سال اربين روپين جا ٺيڪا ۽
مقاطعا نيلام ڪيا ويندا آهن. مڇيءَ جي پيداوار نه
صرف موجوده وقت توجھ جو مرڪز بڻي آهي، پر گذريل
زماني ۾ هت آيل سياحن ۽ اقتصاديات ۽ تجارت جي
ماهرن جي بيانن مان خبر پوي ٿي ته لاڙ جون ڍنڍون ۽
ڍورا، درياءَ جو ڪنڌيون ۽ ڪهريون، ٻيٽ ۽ سامونڊي
ساحل، سنڌ ۾ مڇيءَ جي پيداوار لاءِ وڏا مرڪز هوندا
هئا.“(36)
لاڙ مان ماريل مڇي، ٻيڙين ۽ واهڻن ذريعي، ويجهن شهرن ۽ وستين
ڏانهن اُماڻي ويندي آهي.(37) اُن کان سواءِ
سامونڊي مڇيءَ کي لوڻي، سُڪائي، دٻن ۾ بند ڪري
ڏيساور به موڪليو ويندو هو(38). انهيءَ واپار ۾
ايرانين، عربن ۽ زنجبار جي واپارين، ميمڻن ۽ خواجه
قوم وارن جو وڏو هٿ هوندو هو.(39) مڇيءَ جو واپار
سمن، ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ به روز
هوندو هو.(40) انگريزن جي زماني ۾ سڪل مڇي ڪڇ،
گجرات ۽ مسقط موڪلي ويندي هئي.(41) اهڙيءَ طرح
ورهاڱي کان اڳ جهينگن جون کلون، ڳوڻين ۾ بند ڪري،
ڪوچين ۽ ملبار ڏانهن موڪليون وينديون هيون.(43)
اڄ به مڇيءَ جو اربين روپين جو واپار هلي ٿو. نار وارن ملڪن کان
سواءِ، هتان جپان تائين مڇي دٻن ۾ بند ڪري موڪلي
ويندي آهي ۽ چڱو غير ملڪي ناڻو ڪمايو ويندو آهي.
مڇيءَ جو تيل سُڪل سنڌن جي مالش لاءِ به ڪم ايندو
آهي. مڇيءَ مان تيل پڻ ڪڍيو ويندو آهي. جيڪو ٻيڙين
۽ واهڻن جي ترن کي مکڻ ۽ ٻارڻ طور پڻ ڪم آندو
ويندو آهي.
مطلب ته مڇي مهاڻن، مڇيءَ جي واپارين، ٺيڪيدارن کان سواءِ
مياڻين تي ڪم ڪندڙ مزدرون ۽ ملڪ جي مالي ترقيءَ ۾
مددگار رهي آهي ۽ اقتصادي طرح هن جي پيداوار مان
ملڪ کي به وڏو فائدو حاصل ٿيندو آهي.
(iii)
مڇي سک سلامتي ۽ برڪت جي علامت آهي: (الف) سنڌ جا
ماڻهو مڇي کي روزيءَ ۽ رزق ۾ برڪت ۽ واڌاري آڻڻ جي
علامت سمجھندا آهن.(44) سنڌ ۾ مڇيءَ کي لڇمي يعني
دولت جو اُهڃاڻ ۽ علامت به سمجھيو ويندو آهي. آثار
قديمه جي ماهرن جي راءِ ۾، موهن جي دڙي مان لڌل
مُهرن ۾، مڇيءَ جو چِٽ (شڪل) به اُڪريل آهي. هنن
جي راءِ موجب موهن جي دڙي جا رهاڪو مڇي لاءِ
’مينِ‘ لفظ استعمال ڪندا هئا. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر
پرپولا پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مينَ جي
معنيٰ روشني پڻ آهي. روشني سک، روزيءَ، رزق ۾
برڪت، ترقيءَ، مالي واڌاري توڙي مالي طور سکئي ۽
خوشحال هجڻ جي علامت آهي.(45) لاڙ ۾ ڏند ڪٿا موجب
هيءَ اُها روشني آهي جيڪا ڌن دولت ۽ مايا جو ڏس
ڏيندي آهي، يا مايا لاءِ بشارت آڻيندي آهي(46).
(ب) مڇيءَ کي سنڌو- ماٿر جي قديم زبان ۾ ’مينَ‘
(Min)
به سڏيو ويندو هو. اهڙو ثبوت سنڌ جي لوڪ ادب مان
به ملي ٿو. سنڌي لوڪ ادب ۾ اڄ به (تشبيہ طور)
’مِين‘ لفظ، مڇيءَ جي تشبيہ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
سنڌي لوڪ ادب جي مشهور فاضل، ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي صاحب هن سلسلي ۾ مون کي ٻه بيت لکايا هئا.
انهن ٻنهي بيتن ۾ مڇيءَ کي ’مِين‘ سڏيو ويو آهي، ۽
مينَ لفظ کي تشبيہ طور محبوب جي ’وات‘ ۽ ’چپن‘ سان
ڀيٽيو ويو آهي. مثال طور:
دِهَن مينَ مُلا چئي، هَس چيٽي جهڙي چينَ (چيلھ)
هن بيت ۾ دِههن جي معنيٰ آهي وات؛ يعني محبوب جو وات، مڇيءَ جي
وات جهڙو ننڍڙو آهي.
ٻيو مثال ڏسو:
ڏند موتي چَپَ مينَ، آهو عين عجيب جا.
يعني محبوب جا ڏند موتين جهڙا سهڻا، چپ مڇيءَ جي چپن جهڙا باريڪ
۽ سنها ۽ هرڻ جي اکين جهڙيون سهڻيون اکيون(47).
(ت) ’مين‘ لفظ جي پٺيان شهرن ۽ وستين جا نالا به ملن ٿا. انهن
شهرن مان ’ننگر ٺٽو‘ هڪ مشهور شهر آهي. مسٽر هيگ
جي خيال موجب ٺٽي جو اصلوڪو نالو ’مينانگرا‘ هوندو
هو(48). ڊاڪٽر سورلي هن سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”پيريپلس
(Periplus)،
واديءِ سنڌ جي ڏاکڻئين حصي جو جيڪو نقشو ڏنو آهي،
اُن ۾ سنڌو- درياءَ جي دو- آبي واري حصي ۾
’ميناننگر‘
(Mina-Nagar)
نالي هڪ بستيءَ جي نشاندهي ڪئي اٿس. مينَ، دراصل
سيرائي قبيلي جو هڪ پاڙو آهي.“(49)
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته:
”هتي (ٺٽي ۾) ڪنهن زماني ۾ مهاڻا رهندا هئا، جي مڇي مارڻ کان
سواءِ پتڻ به اُڪاريندا هئا. اُها ٺٺ (ٺٺ معنيٰ
ڪنهن واهه يا درياءَ وٽ ٻڌل ڳوٺ، جتان پتڻ اُڪري
پار پهچجي)، ننگر نالي مهاڻي جي سڏبي هئي.“(50)
(ث) ڊاڪٽر ٺڪر، مڇيءَ ۽ ڪنول جي گل کي روزيءَ ۽ رزق ۾ برڪت ۽
مالي طور سکئي هجڻ واري علامت سان نسبت ڏني آهي.
هو لکي ٿو ته:
”سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کي جَل يعني ’اَمرت‘ ۽ ڏيئي جي جوت کي
’نور‘ جي علامت سمجھي، سنڌ ۾ انهن جي پوڄا ڪئي
ويندي اهي. گهڻو زمانو اڳ، جل ديوتا جو انسان جي
روپ ۾ ظهرو ٿيو. اُن جو اهو ظهور، خواجه خضر/
زندهه پير/ درياءَ جي پير يعني شري اُڏيري لال جي
جامي، شڪل ۽ صورت ۾ نظر آيو. مسلمانن اُن کي خواجه
خضر، يعني ’زنده پير‘ ۽ هندن اُن کي ’درياءَ پير‘
يعني ’اُڏيرو لعل‘ نالو ڏنو.“(51)
سنڌ جي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته درياءَ پير، مڇيءَ جي سوار ٿي
(يعني مڇيءَ تي چڙهي)، ڪنول جي گلن سان سٿيل
پاڻيءَ تي ترندو آهي. شايد درياءَ پير جو مڇيءَ تي
سواري ڪرڻ ۽ ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ مٿان ترڻ
واري علامت جي ڪري ئي، سنڌي تهذيب ۾ ڪنول جي گلن ۽
مڇيءَ کي روزيءَ ۽ رزق ۾ برڪت ۽ واڌاري لاءِ سٺو
سؤڻ يا علامت سمجھيو ويندو آهي.
(د) مڇيءَ کي سنڌي تهذيب ۾ ’وڏي حياتي‘
(Longetivity)
جي لاءِ اُهڃاڻ ۽ سؤڻ (علامت) سمجھيو ويندو آهي.
مڇيءَ جو واسطو ’درياءَ پنٿي‘ ماڻهن جي ڪرياڪرمن
سان پڻ آهي، پر ڇاڪاڻ ته مڇي ’لال‘ يعني ’درياءَ
پير‘ جي واهڻ يعني
Vehicle جي علامت آهي، اُن ڪري اُڏيري لال جي ميلي ۽ هندن جي
جاٽ واري موقعي تي ۽ اُنهن ڏينهن ۾، درگاهه جي
آسپاس ’رتوڇاڻ‘، يعني جانورن کي ڪُهڻ، ۽ مڇيءَ،
پکيءَ ۽ جانورن جي گوشت جي واهپي جي اجازت ڪانه
هوندي آهي. اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته درياءَ پير جي
ميلي وارن ڏينهن ۾، ٽن ڏينهن تائين مُهاڻا مڇي
مارڻ لاءِ به ڪونه پهرن (وڃن).
(ر) لار ۾ مڇيءَ جو هڪ طعام، يعني پيلي رنگ جو (هئڊو) پلاءُ
آهي، يعني مڇيءَ جا پيلا چانور، جنهن کي عام طور
’مڇي جو ڀت‘ چوندا آهن. مڇيءَ جو اِهو ڀت لاڙا
وارا، خاص ڪري خواجه جماعت وارا، سڀاڳ (سٺي ڀاڳ) ۽
برڪت جو اُهڃاڻ سمجھندا آهن. لاڙ ۾ جڏهن ڪنهن گهر
۾ ڪو مهمان ايندو آهي ته اُن مهمان جي آءٌ ڀڳت،
مڇيءَ جي ڀت، يعني پيلي رنگ جي پلاءُ سان ڪئي
ويندي آهي. نياڻين سياڻين جي آڌر ڀاءُ ۾ پيلي رنگ
جو اِهو پُلاءُ ضرور پچايو ويندو آهي. اها سٺي سؤڻ
جي علامت آهي. ڪنهن نئين ڪاروبار جي شروع ڪرڻ واري
ڏينهن به نياڻين سياڻين ۽ عزيزن قريبن، مسڪينن ۽
فقيرن ۾، مڇيءَ جو پيلو پلاءُ تبرڪ طور ورهايو
ويندو آهي. اهو پيلو پلاءُ نيڪ بختيءَ، نئين
زندگيءَ، ڌنڌي ۽ واپار ۾ ڪاميابيءَ جي سؤڻ لاءِ
نذر ۽ نياز طور پڻ ورهائبو آهي.
خواجه جماعت ۾، گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾، شادي ۽ وهانءِ جي موقعي
تي، گهوٽ توري ڪنوار جي ونواهه واريءَ رات، گهر ۾
مڇيءَ جو پيلو پلاءُ پچايو ويندو آهي. گهوٽ ۽
ڪنوار جي گهران، مڇيءَ جو پيلو پلاءُ، هڪ ٻئي کي
سک، سڀاڳ، جوڙي جي نيڪ بختي ۽ نيڪ تمنائن ۽ ڪامياب
زندگيءَ لاءِ سؤڻ سمجھي موڪليندا آهن. اهو رواج
لاڙ ۾ به رائج آهي.
(س) پلو ته برڪت جي اهم علامت آهي: سنڌي ماڻهن جي نظر ۾ پلي کي
ته روزيءَ ۽ رزق ۾ برڪت آڻڻ لاءِ اهم علامت سمجھيو
ويندو آهي. سنڌ ۾ درياءَ پير جو احترام، زيارت ۽
جاٽ، هندن توڙي مسلمانن ۾، خاص ڪري مهاڻن،
ميربحرن، ناکوئن ۽ درياءَ پير تي رهندڙن يا دريائي
جيوت سان وهنوار رکندڙ قومن ۽ جاتين ۾ عام آهي.
سنڌ جا هندو، پوءِ چاهي اُهي دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ وڃي آباد
ٿيا هجن، سنڌي مهيني يعني چيٽيء چنڊ جي موقعي تي،
اُڏيري لال جي آستان تي حاضر ٿي، اچي ميلو
لڳائيندا آهن. هو اُتي موجود کوهه جي پاڻيءَ کي
’لال جي بُهراڻي‘ واريءَ ’جوت‘ جي به پوڄا ڪندا
آهن. هن پوڄا کي هو ’جاٽ‘ يعني ’ياترا‘ جو درجو
ڏيندا آهن. سنڌي هندن ۾ اها ’جاٽ‘ وڏي عظمت واري
سمجھي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح هو سنڌو درياءَ جي
پاڻي جي به پوڄا ڪندا آهن. سنڌ ج هندو، سنڌونديءَ
کي پوتر ندي سمجھندا آهن. اڄ به ڀارت ۽ ٻين هنڌ
رهندڙ سنڌين مان ڪن اها وصيت ڪئي هئي/آهي ته سندن
مرتئي کان پوءِ، سندن رک، سنڌو درياءَ ۾ سرن ڪئي
وڃي.
پلي مارڻ جي موسم ايندي ئي مهاڻا جڏهن پلي مارڻ لاءِ درياءَ ۾
پهريون ڄار وجھندا آهن، تڏهن اُن ڀيري ۾ جيڪي به
پلا مرندا آهن، مهاڻن جو چڱو مڙس يا مياڻ جو وڏو،
اُنهن پلن مان پنج پلا يا پلن جون ٻه ٻه
هاريون(52) پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري توڙي پاسي وارن
ڳوٺن جي وڏيرن يا چڱن مڙسن وٽ، سندن حويلين تي،
’سال جي نئين مُند‘ يا ’سال جي نئين وَٽَ‘ يا سال
جي نئين سوکڙيءَ طور کڻي ويندا آهن. سال جي انهيءَ
نئين مُند، نئين وَٽَ يا نئين سوکڙيءَ کي ڳوٺ جو
وڏيرو پنهنجي رزق ۽ روزيءَ ۾ برڪت، پنهنجي مال ۽
اولاد جي سک، آرام، ترقيءَ ۽ واڌاري ۽ سڄي سال
لاءِ سٺي سؤڻ، سڀاڳ، دعائن ۽ مهاڻي طرفان نيڪ
تمنائن جي علامت سمجھي قبول ڪندو آهي. اهو وڏيرو
پوءِ، انهيءَ سوکڙيءَ آڻيندڙ مهاڻي کي اُن جي
عيوض، انعامن اڪرامن سان نوازيندو آهي. کيس سندس
خوراڪ لاءِ اناج (ساريون، چانور، ڪڻڪ ۽ ٻاجھري)
کان سواءِ روڪڙي رقم به ڏيئي، خوش ڪندو آهي. مطلب
ته وڏيرو پنهنجي حيثيت ۽ شان مطابق، نئين وَٽَ
آڻيندڙ مهاڻي کي ڍئي ڇڏيندو آهي. انهيءَ موضوع تي
محترم علي باب جي لکيل ۽
PTV
تي نشر ٿيل ڊرامي ’دنگي منجھ درياءَ‘ ۾، سال جي
نئين پلي کي، نئين سال جي سوکڙي ۽ برڪت واريءَ
علامت طور پيش ڪرڻ وارو منظر، منهنجي هن دعوا کي
سچو ثابت ڪري ٿو.
(ش) پلو درياءَ پير/خواجه خضر جو سلام ڀريندو آهي: درياءَ پير
(اڏيري لال) جو آستان، اُڏيري لال وٽ آهي ته خواجه
خضر جي درگاهه روهڙيءَ وٽ درياءَ جي وچ ۾ آهي. سنڌ
۾ اها سوچ عام آهي ته پلو ڪوٽڙي بئراج جي ٺهڻ کان
اڳ، درياءَ پير/خواجه خضر جي زيارت يا خواجه خضر
جي درگاهه جي سلام ڀرڻ لاءِ، درياءَ جي تِک کي
چيري، پنهنجي طاقت سان اوڀارو تري، روهڙيءَ وٽ،
پير جي درگاهه جي ديوار سان پنهنجو مُنهن رڳڙي، نڪ
گسائي، سلام ڀري، پوءِ واپس موٽندو هو. جيڪو پلو
سلام ڀرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو، اُن جو منهن ڳاڙهاڻ
تي مائل هوندو هو.
ڪوٽڙي بئراج جي ٺهڻ کان پوءِ، آب ڪلاڻيءَ جي موسم ۾، جڏهن بئراج
جا در مٿي کنيل هوندا آهن، تڏهن پلا، درياءَ پير
جي زيارت لاءِ، بئراج جي درن مان نڪري، اوڀارا
ويندا آهن ۽ اُنهن مان ڪي مهاڻن جي ور نه چڙهندا
آهن ۽ وڃي پير جي زيارت ڪندا آهن، پر اڪثر ڪري،
مهاڻن جا وڇايل ڀَنَ ۽ ڄار“ اُنهن کي اڳتي وڃڻ کان
روڪيندا آهن، ڇو ته اُهي درياءَ جي ٻنهي ڪنارن
تائين پکڙيل هوندا آهن.
(ص) بهه، لوڙھ ۽ پاٻوڙا به سوکڙيءَ طور ڏنا ويندا آهن: پلي کان
سواءِ ڪُرڙو مڇي، بھ، لوڙهيون، پاٻوڙا، ڪُم ۽
ٻوراني به ماهي ثقافت ۾، سوکڙيءَ طور موڪلي ويندي
آهي. سمن جي دور ۾ ماموئي فقيرن جي چيل بيتن مان
هڪ بيت ۾ اهڙي شاهدي ملي ٿي؛ مثلاً:
هاڪَ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندي سوکڙي.
يعني ته اُن وقت جي سمن حاڪمن کي به، بهه، مڇي ۽ لوهه سوکڙيءَ
طور موڪلڻ جو رواج عام هوندو هو. اڄ به ”ماهي
ثقافت“ جي انهن خوبين کي جاري رکيو ويو آهي. ڍنڍن
جا رهاڪو ۽ درياءَ تي آباد مهاڻا ۽ زميندار،
پنهنجن عزيزن، دوستن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن کي بِهه،
مڇي، لوڙهه، ڪُم، پاٻوڙا ۽ ٻوراني سوکڙيءَ طور
موڪليندا آهن.
شاهه لطيف به سُر ڪاموڏ ۾، نئين مند جي سوکڙيءَ طور سمي حاڪم
ڄام تماچيءَ کي، نوري نماڻيءَ طرفان ’پاٻوڙو‘ پيش
ڪرڻ واري منظر جو نقشو هيئن چٽيو آهي:
پاٻوڙو پيش ڪيو، نئون نوريءَ نيئي،
حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي.
(17) ماڻهن جي نفسيات، سندن رهڻي ڪهڻي، لباس، شڪل شبيهه ۽
اخلاق:
(الف) ماڻهن جي نفسيات گيرپ ۽ گاء: لاڙ جا ماڻهو ڏاڍا سادا،
سٻاجھڙا ۽ صبر وارا ٿيندا آهن. گيرب ۽ گاء انهن جي
نفسيات ۾ شامل هوندو آهي. وير وروڌ رکڻ، هنن جي
فطرت ۾ ئي نه آهي. انهن ماڻهن ۾ مهاڻا ته بنهه
سادا، نِهٺا، نِوڙت ڀريا ۽ نماڻا ٿيندا آهن. هي
ماڻهو هٺ ۽ وڏائيءَ کان پري، صبر ڪندڙ، رب جي رضا
تي راضي رهندڙ ۽ شڪر ڪندڙ هوند اآهن. جيڪي نصيب ۾
لکيل هوندو، اُهو ئي ملندو، اهو ئي سندن نيم ۽
اصول آهي. نوري نماڻيءَ جو نياز، نوڙت ۽ نماڻائي،
سنڌ وارن جي عموماً ۽ سنڌي عورت جي نفسيات جي
خصوصاً علامت سمجھي ويندي آهي. اها خصوصيت مثالي
خصوصيت طور پيش ڪئي ويندي آهي. شاهه لطيف مهاڻن جي
انهيءَ نفسياتي خصوصيت لاءِ فرمائي ٿو:
مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب نه گاء. |