سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :16

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

”سنڌ ڌوني- وگيان“- هڪ اڀياس

هيءُ ڪتاب لسانيات جي جڳ مشهور ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جي ڪاوشن جو ڦل آهي. ’سنڌي ڌوني- وگيان‘ يعني ’سنڌي صوتيات‘، جنهن لاءِ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ Sindhi Phonology ڪم آندو ويو آهي، پر منهنجي خيال ۾ ’صوتيات‘ لاءِ انگريزي لفظ Phonetics هئڻ گهرجي  نه ڪ Phonology ڇاڪاڻ ته Phonology لاءِ سنڌي لفظ ’علم صوتيه‘ آهي. پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب به اِهوئي لفظ يعني ’علم صوتيه‘ ڪم آندو آهي.

ڪتاب جي مهاڳ ۾، ڊاڪٽر جيٽلي، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيهڪ ۽ تاريخي اوسر جو اڀياس تمام گهڻي وضاحت سان ڪيو آهي، البت هن ڏس ۾ انگريزن جي دور ۾ آخوند عبرالرحيم ’وفا‘ عباسي ۽ ڪن ٻين ماهرن جي ڪيل ڪم جو ذڪر ڪيو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.

(الف) هن ڪتاب جو پهريون باب آهي ”ٻوليءَ جو سرشتو.“ هيءُ باب وضاحت سان سمجهائيندي، ڊاڪٽر جيٽلي پهرين ’ٻولي ڇا آهي؟‘ عنوان تي بحث ڪيو آهي. جيٽلي صاحب نهايت ئي وضاحت سان، ٻوليءَ جي وصف ۽ ڪارج تي بحث ڪيو آهي. ٻوليءَ جي استعمال واريءَ خصوصيت تي روشني وجهندي، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب لکي ٿو ته:

”ٻوليءَ  جا ٻه طرف آهن: هڪڙو طرف آهي اُچارڻ ڪيل آواز ۽ ٻيو طرف آهي اُنهن آوازن ذريعي حاصل ٿيندڙ مطلب.“

جيٽلي صاحب جو رايو آهي ته:

”اُچاريل آوازن جي خاص ’ترتيب‘ تي ئي  ٻوليءَ جي سڄي سرشتي جو مانڊاڻ منڊيل آهي. انهيءَ جو گهاٽو سنٻنڌ وري معنيٰ جي سرشتي سان قائم ٿيل آهي. انهيءَ ريت هرهڪ ٻوليءَ جي نظام ۾ به ٻه طرف آهن، اُهي ٻه طرف آهن:

اظهار، جنهن ۾ اُچاريل آواز ۽ اُنهن جي آڌار تي ٺهيل سڄو سرشتو اچي ٿو؛

ٻيو طرف آهي معنيٰ يا ارٿ (Content): هن ٻوليءَ ۾ جي اظهار واري طرف کي ڇڏي، باقي ڪائنات جون شيون، خيال ۽ ڀاونائون صدين کان وٺي انسان ذات جا ڪٺا ڪيل آزمودا شامل آهن.“

اُن کان پوءِ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب آوازن جي پيدا ڪندڙ عضون، مخرجن، ٻڌندڙن جي ڪنن تائين انهن آوازن جي پهچڻ ۽ آوازن جي معنيٰ ۽ مفهوم جو واسطو، نفسيات (منو و گيان)، منطق (ترڪ شاستر)، فلسفي (درشن شاستر) ۽ شاعريءَ (ڪاويه شاستر) سان ڏيکاريو آهي. جيٽلي صاحب، ٻوليءَ جو سرشتو هڪ چارٽ ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ چارٽ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اهو چارٽ هن مقالي جي عنوان سان گڏ ڏنو ويو آهي.

2- (الف) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، صفحي 7 تي، ’صوتيه‘ کي ’ڌوني تت‘ جي نالي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ۾، ’صوتيه‘ (Phonneme) ۽ ’صرفيه‘ (Morpheme) جي وصف ۽ ڪارج سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر جيٽلي ’صرفيه‘ کي ’روپي ڌوني- تت‘ جو نالو ڏنو آهي. ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب ۾، ’صرف‘ يعني روپ (Morh) کي وضاحت سان سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب به ساڳي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڊاڪٽر موصوف صفحي 8 ۽ 9 تي ’علم صرف‘ يعني Morphology جا اصول سمجهائيندي، ’صرفيائي تبديلين‘ جا به مثال ڏيئي ويو آهي، جنهن ڪري پرهندڙ منجهي ٿو پوي. ٿيڻ هيئن کپندو هو ته ’صوتي ۽ ’صرفي‘ تبديلين کي ڌار ڌار بابن ۾ بيان ڪيو وڃي ها ۽ ’صوتيائي سٽاء‘ (Phonetic Structure) ۽ ’صرفيائي سٽاء‘ (morphological structure) جي، ڌار ڌار عنوانن هيٺ سمجهاڻي جي ها. ڪي ڪي جملا اهڙا ته ڏکيا ڏنا ويا آهن جو اُنهن جو مفهوم عام ماڻهو يا پڙهندڙ جي ذهني پهچ کان پري آهي؛ مثال طور: صفحي 10 تي لکيل هي جملو ملاحظه ڪريو:

”روپ تت واري سطح ٻوليءَ جي بناوت ۾ اُها منزل آهي، جنهن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ايڪو (Unit) آهي ’روپ- تت‘. هرهڪ ’روپ- تت‘ کي پنهنجي معنيٰ آهي، ان ڪري ٻوليءَ جي ارٿ واري طرف سان اُن جو سڌو سنٻنڌ آهي.“

(ب) ڊاڪٽر جيٽلي، صفحي 10 تي سنڌي ٻوليءَ جا عام فهم وياڪرڻي عنوان ڪم نه آندا آهن، پر اُنهن جي جاءِ تي سنسڪرت جا ڏکيا نالا ڪم آندا اٿس. مثال طور ’واڪيه واري سطح‘ (Syntactical Level). مون کي خبر نه آهي ته ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي وياڪرڻي يا ڀاشاوگيان جا سنڌي ڄاڻو ’واڪيه‘ لفظ جي ڪارج کان واقف آهن يا نه؟ لفظ اهڙو ڪم آڻجي جيڪو سنڌ ۽ ڀارت ۾ عام طور سمجهيو وڃي. اُن لاءِ ’نحوي سطح‘ لفظ ڪم آڻجي ها، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين هند ۽ سنڌ جا سنڌي وياڪرڻي، ساڳيا وياڪرڻي لفظ ڪم آڻيندا آهن. ڊاڪٽر جيٽلي سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو:

”هن سطح تي لفظ يا شبد (World) ئي ننڍي ۾ ننڍو ايڪو (Unit) آهي، جنهن مان جدا جدا قسمن جا لفظي ميڙ (Pharases)، فقرا (Clauses) ۽ واڪيه يا جملا (Sentences) ٺهن ٿا.“

هن جملي مان معلوم ٿيو ته ’واڪيه واري سطح‘ مان مراد آهي ’جملن واري سطح‘، ۽ جملن واري سطح جي اڀياس کي، عام وياڪرڻي اصطلاح ۾ ’نحوي اڀياس‘ چئبو آهي، جنهن کي هروڀرو بدلائي مُنجهائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب سنسڪرت جي ماهرن لاءِ ڪونه لکيو ويو آهي.

جيٽلي صاحب صفحي 11 تي صحيح فرمايو آهي ته:

”روپ گيان ۽ واڪيه گيان، اهي ٻئي گڏجي ڪنهن ٻوليءَ جي وياڪرڻي سرشتي يعني Grammatical Structure جي بناوت ڏيکارين ٿا.“

جيٽلي صاحب، ساڳئي صفحي (ص 11) تي اڳتي لکي ٿو ته:

”ڪنهن به ٻوليءَ کي سکڻ لاءِ اُن جي وياڪرڻي سرشتي جي پوري پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.“

(ت) ڊاڪٽر جيٽلي، صفحي 12 تي ٻوليءَ جو معنيٰ وارو طرف بلڪل صاف طرح سمجهايو آهي. 12 ۽ 13 صفحن تي هن صاحب ’ٻوليءَ جي معنيٰ واري طرف‘۽ ’اظهار واري طرف‘ تي مثالن ۽ دليلن سان روشني وڌي آهي.“

مطلب ته 15 صفحي تائين جيٽلي صاحب ٻوليءَ جي ڪن خاصيتن تي روشني وڌي آهي، جيئن ته:

ٻوليءَ جي بناوت جون سطحون

ٻوليءَ ۾ هرهڪ لفظ يا روپ تت هڪ علامت يا نشاني آهي.

هرهڪ علامت، ڳالهائڻ جي عضون ذريعي اُچارڻ ڪيل آوازن مان ٺهيل آهي.

ٻولي، سماج ۾ هڪ ٻئي سان وهنوار قائم رکڻ لاءِ هڪ وسيلو آهي.

ٻوليءَ ۾ اُچاريل لفظ ۽ اُن جي معنيٰ جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي، اُهو هرهڪ ٻوليءَ جي روايت يا رواج تي بيٺل آهي.

(ث) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، صفحي 15 ۽ 16 تي هڪ اهڙو پئراگراف ڪم آندو آهي، جيڪو اُنهن ماڻهن لاءِ مضبوط دليلن تي آڌار رکندڙ هڪ جواب آهي، جيڪي اها دعوا ٿا ڪن ته ٻوليءَ ۾ تبديلي معنيٰ ٻوليءَ جي ترقي، ۽ اها تبديلي به پاڻ آڻجي. ڊاڪٽر جيٽلي فرمائي ٿو ته:

”انهن جي معنيٰ جو آڌار آهي سنڌي ٻوليءَ ۾ صدين کان وٺي هلندڙ لوڪاچار يا روايت، پيڙهي به پيڙهي ورثي ۾ ملندي، ڪن لفظن ۾ اُنهن جي معنيٰ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تبديلي اچي وڃي ٿي؛ پر اُها واهپي ۾ تڏهن اچي ٿي، جڏهن ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ اُن ڦيرگهير کي قبول ڪن ٿا.“

انهيءَ بيان کان پوءِ جيلي صاحب، صفحي 16 تي ٻوليءَ جي وصف ڏني آهي. هو لکي ٿو ته:

”ٻولي، لوڪاچار تي ٻڌل ۽ اُچاريل آوازي علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن ڀاشائي سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ وهنوار ڪن ٿا.“

اُن کان پوءِ جيٽلي صاحب، انسان ۽ ٻين ساهوارن جي ٻوليءَ ۾ فرق جا مثال ڏنا آهن، ۽ صفحي 17 تي انسان جي ٻوليءَ جون ست وصفون بيان ڪيون آهن، جيڪي سندس چواڻي ته ٻئي ڪنهن ساهواري جي آوازي سرشتي ۾ نٿيون ملن. اُهي ست وصفون هي آهن:

ٻٽي حالت (Duality)

نئين پيدائش (Productivity)

لوڪاچار يا روايت (Arbitrainess)

مٽ سٽ (Inter-changeability)

نرالائي (Specialization)

مڪان ۽ زمان ۾ تبديلي (Displacement)

سانسڪرتڪ پرمپرا (Cultural Transmission)

(ج) ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر جيٽلي صفحي 19 تي جيڪا راءِ ڏني آهي، سندس اها راءِ به ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جي باري ۾ راءِ رکندڙ ماڻهن کي نوٽ ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب لکي ٿو:

”انسان پيڙهي به پيرهي پنهنجن وڏن کان ٻولي سکندو آيو آهي. نقل ڪري ٻولي سکڻ جي ڪري ٻوليءَ جي روپ ۾، وقت گذرندي ڪجهه فرق اچڻ سڀاويڪ آهي، ڇاڪاڻ ته نقل سؤ فيصدي اصل جهڙو ٿيڻ ممڪن نه آهي. ان ڪري سمي پڄاڻان ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ سان اسان کي جدا جدا صدين ۾، اُن ۾ آيل ڦير گهير جي ڄاڻ پوي ٿي. اُن مان اها حقيقت به ثابت ٿئي ٿي ته ڪنهن به ٻوليءَ جو سرشتو ڪنهن خاص وقت ۾ نه ٺهيو آهي. اهو گهڻين ئي صدين کان وٺي گهڙجندو، ڦرندو گهرندو، وڌندو ويجهندو اسان ائين پهتو آهي.“

3- (الف) هن ڪتاب جو ٻيو باب صفحي 22 کان شروع ٿئي ٿو. اهو باب ’علم آواز‘ يعني Phonetics متعلق آهي. هن باب ۾ گرامر جي اڀياس ڪرڻ ۽ لفظن جون معنائون ياد ڪرڻ کان اڳ، ٻوليءَ جي آوازن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي صحيح اُچار ڪرڻ تي زور ڏنل آهي، نه ته ڪيترن ئي لفطن جي معنيٰ ئي بدلجي ويندي، انهيءَ ڪري اهڙي مطالعي کي Phonetics چئبو ۽ نه ڪ Phonology.

(ب) اُن کان پوءِ آوازن جي اڀياس جو طريقو (ص 24)، ڳالهائڻ جا عضوا (ص 25) ۽ اُنهن جا ڪم (ص 25)، اُچاريندڙ عضوا (ص 25) ۽ اُچار- جايون (ص 25)، تصويرن ذريعي سمجهايل آهن. اهو سمورو بيان منهنجي ڪتاب ’سنڌي صوتيات‘ ۽ محترم پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي ڪتاب ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾ به وضاحت سان بيان ڪيل آهي، پر ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين کي آسانيءَ سان سمجهائڻ لاءِ جيٽلي صاحب سنسڪرت جا لفظ ڪم آندا آهن، پر آءٌ نٿو ڀانيان ته ڊاڪٽر صاحب جا ڪم آندل لفظ، ڀارت ۾ رهندڙ عام سنڌي ماڻهو سمجهي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اِهي لفظ ڀاشا- وگيانيءَ جي ڄاڻ لاءِ ئي آهن، ۽ نه ڪه عام ماڻهو لاءِ.

(ت) هت اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر جيٽلي صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي فني (Technical) لفظ ڪم آندا آهن، اُنهن لفظن ۽ منهنجي ڪتاب، ’سنڌي صوتيات‘ ۾ صفحي 90 کان 94 تائين ڏنل فني لفظن ۾ گهڻو فرق آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب فني لفظن جي مڪمل فهرست صفحي 150 کان 154 تائين شامل ڪئي آهي، اُهي به ڏسي سگهجن ٿا. هيٺ ڪي لفظ مثال طور پيش ڪجن ٿا، جن ۾ فرق ظاهر آهي:

 

انگريزي لفظ

الانا طرفان ٺاهيل لفظ

ڊاڪٽر جيٽلي جو ٺاهيل لفظ

acoustic

گونج

آوازن جيهوائي لهرن جي سنٻنڌي

glottis

گلو

ساهه نليءَ جو لنگهه

Oral cavity

وات وارو کوپو

وات وارو يا مکائون خال

Alveolar/teeth redge

مهار/کهري مهار

مهارون

Blade of tongue

ڄڀ جو ڦار

ڄڀ جو ڦر

epiglottis

نڙگهٽ جي منهن واري ڍڪڻي

ساهه جي نلي

Front of tongue

ڄڀ جو مهڙ

ڄڀ- اڳياڙي

Back to tongue

ڄڀ جو پوڇڙ

ڄڀ- پڇاڙي

Diphthongs

يڪپدا دُهرا سُر

هڪ اکرا دُهرا سُرَ

Plosives/explosives

ڌوڪڻا/ڌماڪيدار

خارجي ڌماڪيدار

Implosives

چُوسڻا

داخلي ڌماڪيدار

nasals

گُهڻا/نڪوان

نڪانوان

fricatives

گسڻا

گهڪيدار

Laterals

پاسيرا

پاسيرا

flapped

ڦڙڪڻا/ ڦڙڪي وارا

هڪ ڌڪا/ لرزشي

Semi-vowels

نيم- سر

نيم سر

glottal

گلي وارا

نڙگهٽي

velar

نرم تارونءَ وارا

نرم تارونءَ وارا

palatal

سخت تارونءَ وارا

سخت تارونءَ وارا

retroflex

مورڌني

مورڌني

dental

ڏندن وارا

ڏندانوان

Labial

ٻچپوان

چون وارا

Diaphragm

پيٽ- ڇهه

پيٽ ڇهه

Root of tongue

ڄڀ جي پاڙ

ڄڀ- پاڙ

 

’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾، ’علم آواز‘ (Phonetics) جي لحاظ کان ڪُل ملائي 113 اهڙا فني لفظ ڏنا ويا آهن. پر ڊاڪٽر جيٽلي جي ڪتاب ۾ صفحي 150 کان 154 تائين اهڙن فني لفظن جو تعداد 143 آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ڪن اسمن لاءِ اهڙا نالا مقرر ڪيا آهن، جن سان آءٌ سهمت ڪونه آهيان. اُهي لفظ هي آهن:

انگريزي لفظ

ڊاڪٽر جيٽلي جو ڏنل لفظ

منهنجي خيال ۾ موزون لفظ

Syllable

اکر

پَد

Voiced sound

ڪومل/گهوش آواز

ڪٺور/ڳرو آواز

Voiceless sound

ڪٺور/اَگهوش آواز

ڪومل/نرم آواز

 

(ث) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي ڪتاب جي صفحي 29 کان وٺي صفحي 39 تائين وارو مواد لڳ ڀڳ اُهوئي ساڳيو مواد آهي، جيڪو ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۽ ’سنڌي صوتيات‘ ڪتابن ۾ به ڏنل آهي، البت ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جو انداز بيان مختلف آهي، پر بيان ڪيل ڳالهيون ساڳيون آهن.

4- (الف) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي ڪتاب ٽيون باب (ص 40کان)، Phohemics يعني ’ڌوَني- تت وگيان‘ جي باري ۾ آهي. Phonetics لاءِ ڌوني- وگيان (علم آواز) لفظ ڪم آندل آهي، جڏهن ته Phonemics لاءِ جيٽلي صاحب ’ڌوَني- تت وگيان‘ لفظ ڪم آندو آهي، جنهن کي ڀاشا- وگيان جي برطانوي ماهرن Phonology سڏيو آهي. Phonemics يا Phonology لاءِ مون ’علم اصوات‘ لفظ ڪم آندو هو، جڏهن ته پروفيسر جتوئي صاحب ’علم صوتيه‘ لفظ جوڙيو آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ وڌيڪ مناسب آهي. Phonology دراصل لفظن اندر، ’آوازن جي بامعنيٰ ترتيب‘ ۽ آوازن اندر لفظن جي بامعنيٰ سٽاء يعني رچنا کي چئبو آهي.اهڙو مطالعو، پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب، پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ اڀياس جي مدد سان، لفظن جي رچنا لاءِ پدن جي جُڙڻ ۽ لفظن اندر آوازن جي بامعنيٰ ترتيب ۽ بيهڪ جو پتو پوي ٿو.

(ب) جيٽلي صاحب صفحي 52 کان باب چوٿين ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سُرَ ۽ وينجن ڌوَني- تت‘ جو ذڪر ڪيو آهي. سُر صوتيه ۽ وينجهن صوتيه جو بيان ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۽ ’سنڌي صوتيات‘ ڪتابن ۾ به ڏنل آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صفحي 78 کان صفحي 106 تائين باب ستين ۽ باب اٺين ۾، ’لفظن ۽ اکرن جو سرشتو‘ يعني “Syllabic structure of words” ۽ باب اٺين ۾ ’سرن ۽ وينجنن جي ورهاست‘ يعني “Syllabic structure of words” ۽ باب اٺين ۾ ’سرن ۽ ويجنن جي ورهاست‘ يعني “dsistribution of vowels” جو ذڪر ڪيو آهي.

(ت) ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾، سنڌي وينجنن ۽ سر صوتين جون، چارٽن (diagrams) جي مدد سان سمجهاڻيون ڏنل آهن. وينجنن جي چارٽ ۾ اهو واضح طور ڄاڻايو ويو آهي ته: ث، ص، ف، ق، ض، ط، ع، غ ۽ ح (ڪُل ملائي 10 اکر) سنڌي صورتخطيءَ ۾، حرفن طور ته شامل ڪيا ويا آهن، پر اُنهن جا آواز، سنڌي صوتياتي نظام جو حصو نه آهن. اِهي اکر فقط عربي زبان جي حرفن طور، سنڌي صورتخطيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر جيٽلي به ائين ئي بيان ڪيو آهي. هو صفحي 52 ۽ 53 تي لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪتب ايندڙ عربي ۽ فارسي حرفن واريءَ صورتخطيءَ ۾ نو(9) حرف اهڙا آهن جن جو اسين ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اُچار نه ڪندا آهيون. انهن ڪري اِهي سنڌي ٻوليءَ جي اوازي سرشتي ۾ موجود نه آهن. سنڌيءَ جي عربي- فارسي لکاوٽ ۾ اِنهن حرفن کي فقط اِن لاءِ شامل ڪيو ويو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ عربي ۽ فارسي ۽ ڪن ٻين ٻولين جي لفظن کي سندن اصلوڪي هِجي ۾ لکي سگهجي. اِهي حڙف هن ريت آهن:

ذ، ظ، ض، ث، ص، ط، ع، غ، ح ۽ ق

(ث) جيٽلي صاحب سندس ڪتاب جي صفحي 53 تي، منهنجي ڪتاب ’سنڌي صوتيات‘ ۾ صفحي 25 ۽ 29 جي وچ ۾ ڏنل وينجنن جي چارٽ ۾ ڄاڻايل ڪن وينجنن سان اتفاق نه ڪيو آهي ۽ تنقيد ڪندي لکي ٿو ته:

”ڪن عالمن سنڌي وينجنن جي چارٽ ۾ هيٺ ڏنل وينجنن به شامل ڪري ڇڏيا آهن؛ اهي سادن يا مفرد وينجن ڌوَني- تتن جي چارٽ ۾ ڏيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اِهي به گڏيل وينجن آهن، جن ۾پٺيان ايندڙ وينجن ’هه‘ علحدو آهي. اُن جو اُچار ک، جهه، ڦ، ڀ، وغيره وسرگي وينجنن ۾ زور سان نڪرندڙ ڦوڪ يا هوا واري اُچار کان نرالو آهي: مهه، نهه، ڻهه، لهه ۽ ڙهه.

(ج) ڊاڪٽر جيٽلي جي انهيءَ راءِ سان مون کي اتفاق نه آهي، ڇاڪاڻ ته مهه، نهه، ڻهه، لهه ۽ ڙهه سنڌي ٻوليءَ جا وسرگ وينجن آهن. انهن جو ڪارج بلڪل اهڙو ئي آهي جهڙو ڀ، ٿ، ٺ، ڌ، ڍ، جهه، ڇ، ۽ گهه وينجنن جو آهي. جيڪڏهن (مهه، نهه، ڻهه، لهه ۽ ڙهه) آوازن ۾، شامل ٿيل ’هه‘ نشان کي علحدو وينجن ڪري مڃجي ته پوءِ (گهه ۽ جهه) آوازن سان شامل ٿيل ’هه‘ لاءِ جيٽلي صاحب ڪهڙو جواب ڏيندو؟ اردو زبان ۾ ڀ لاءِ بهه، ٿ لاءِ تهه، ٺ لاءِ ڻهه، ڍ لاءِ ذهه ۽ ڇ لاءِ چه‘ حرفن ۾ وسرگائي ڏيکارڻ لاءِ ’هه‘ نشاني ملائي وئي اهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ انهن حرفن لاءِ نقطا وڌائي، وسرگائيءَ جو مفهوم ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ جا ڪافي نوجوان ته اها گهر ڪندا رهيا آهن ته ڪمپيوٽر ۾ ڪي بورڊ تي جڳهه بچائڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ عربي ٻوليءَ جي حرفن کي خارج ڪرڻ کان سواءِ، ب، ت، ٽ، ڊ، گ، ج، ۽ چ ’حرفن سان ’هه‘ ملائي بهـ، تهـ، ڊهـ، گهـ، جهـ ۽ چهـ‘ جا نعم البدل حرف ٺاهڻ گهرجن، ائين ڪرڻ سان ڪمپيوٽر ۾ وڏي جاءِ بچي سگهي ٿي، پر سنڌي بوليءَ جي صورتخطيءَ لاءِ اهو صحيح فيصلو نه ٿيندو.

منهنجي ذاتي راءِ موجب (مهـ، نهـ، ڻهـ، لهـ، ۽ ڙهـ) وسرگ آواز آهن ۽ اُهي سنڌي صوتياتي نظام يا سرشتي ۾ صوتيه طور ڪم ايندا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مون پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولءَ جي ارتقا‘ ۾ صرف/ ڙهه/ لي صوتيه طور استعمال جا لطيف سائينءَ جي سالي مان ٻه بيت مثال طور ڏنا آهن، اهي بيت هيٺ آڻجن ٿا:

ڪڙ پڻ پير سندان، ڪڙهه پڻ ڪيچ ڌڻين لَءِ،

انهيءَ پر اُتان، پوندينءَ مُنڌ پهاڙ ۾.

 

پر ۾ پير پنهوءَ جي، ڪڙي ۽ ڪڙهي،

سڪ سدائين سندرو جانب لَءِ جڙي،

لڪن سرلطيف چئي، جهيڙي ۽ جهڙي،

پڻيءَ تان پڙهي، جي عمر سڀ ايهين ڪري.

انهن مثالن ۾ ’ڪڙ‘ ۽ ’ڪڙهه‘، ’ڪڙي‘ ۽ ’ڪڙهي‘ لفظن ۾/ ڙ ۽ ڙهه/ صورتون ڌار ڌار صوتين طور ڪم آيون آهن. عام ماڻهو /ڪڙا ۽ /ڪڙهه/، ڪڙي/ ۽ /ڪڙهي/ لفظن جي وچ ۾ معني جي فرق کي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا. اهڙيءَ طرح/ سامي/ ۽ /سامهي/ لفظن ۾/م/ ۽ /مهه/ صوتين جي استعمال جي ڪري ’سامي‘ ۽ ’سامهي‘ لفظن جي معنيٰ، هر سنڌي ماڻهو ڄاڻي ٿو. لهاذا ’گهـ‘ ۽ ’جهـ‘ اکرن ۾ ’هه‘ جي حيثيت بلڪل علحدي وينجن واري ڪانهي، جيئن ڊاٽر جيٽلي صاحب صفحي 33 تي فرمايو آهي. ’گهـ‘ هڪ ئي وسرگ وينجن آهي. ساڳيءَ طرح ’جهـ‘ به هڪ ئي وسرگ وينجن آهي. /گهه ۽ جهه/ وينجنن ۾، ’هه‘ دراصل وسرگ آواز جي وسرگائي ظاهر ڪرڻ جي علامت آهي. وسرگ آوازن جي اُچارڻ مهل، اُنهن آوازن سان شامل ’ڦوڪ‘ کي لکت ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ، اُنهن سان ’هه‘ علامت ملائي ويندي آهي، جيئن ’جهـ‘ ۽ ’گهه‘. مون مٿي چيو آهي، ’ڀ، ٿ، ٺ، ڦ، ڌ، ڍ، ڇ ۽ ک‘ حرف به سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرگ آوازن جون لکيل صورتون آهن، پر سنڌي الف- ب جي پٽي ٺاهيندڙ ماهرن، انهن آوازن جي وسرگائي ظاهر ڪرڻ لاءِ، ’هه‘ علامت جي بدران انهن حرفن ۾ نقطن جو تعداد وڌايو آهي، جيئن:

اوسرگ

وسرگ

اوسرگ

وسرگ

ب

ڀ

ت

ٿ

ٽ

ٺ

پ

ڦ

د

ڌ

ڊ

ڍ

البت (ڪ) جي وسرگ صورت لاءِ ’ک‘ حرف مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ’ج‘ جي وسرگ صورت ’جهه‘ ۽ ’گ‘ وسرگ صورت ’گهه‘ مقرر ڪئي وئي. هاڻي جيڪڏهن ’هه‘ کي علحدو وينجن ڪري مڃجي ته پوءِ چئبو ته /جهـ ۽ گهـ/ مرڪب وينجن آهن، ۽ نه ڪه منفرد وينجن. ڊاڪٽر محمد حسين خان پنهنجي مقالي ’اردو صوتيات کان خاکه‘ (ڏسو: اردوئي، معليٰ، لسانيات نمبر، جلد دوم، دهلي يونيورسٽي، 1961ع، ص 111) ۾ به ائين ئي لکيو آهي. سنڌ جي ڪن ماهرن هيئن چيو آهي ته: ”جن اکرن يعني ’ڀ، ٿ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، ڇ ۽ ک‘ ۾ ’هه‘ گڏيل نه آهي، اُهي به مرڪب اکر آهن، پر انهن اکرن جي پهرئين اکر ۾ ’هـ‘ سمائجي وئي آهي، يعني اُن ۾ ’هـ‘ مدغم ٿي چڪي آهي.“ (ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، اردو لسانيات، مڪتبه تخليق ادب، ڪراچي 1966ع، ص ص 101-104). حاصل مطلب ته: (جهـ  ۽ گهـ) يا (ڀ، ٿ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، ڇ ۽ ک) مرڪب آوازن جا لکت ۾ اکر نه آهن، پر اهي به مفرد اکر آهن. انهن ۾ ’هه‘ اکر، ڪنهن به علحدي آواز جي نمائندگي نٿو ڪري، جو کڻي چئجي ته (ج+ هـ) گڏيل يا مرڪب اکر آهي. دراصل ’جهـ‘ حرف ۾ ’هه‘، وسرگائيءَ جي موجود هجڻ جو اُهڃاڻ به ڏئي ٿي، تنهنڪري/ جهـ، گهـ، مهـ، نهـ، ڻهـ، لهـ ۽ ڙهه/ کي مرڪب اکرن جون صورتون يا روپ سڏڻ درست نه آهي، پر اِهي اکر وسرگ آوازن جي لکيل صورت جي نمائندگي ڪن ٿا.

5- (الف) ڊاٽر جيٽلي صفحي 53 تي (ٽر ۽ ڊر) کي وينجنن واري چارٽ ۾ داخل ڪرڻ تي به اعتراض ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب اها راءِ، ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ ڏنل چارٽ ۾، انهن وينجنن جي داخلا تي ڏني آهي. ڊاڪٽر صاحب جي اها راءِ بلڪل صحيح آهي، پر جيئن ته اُتر سنڌ ۾، خاص ڪري سکر واري لهجي ۾ (ٽر ۽ ڊر) آوازن جو استعمال عام آهي، ۽ انهيءَ طرف جا ماڻهو ’چنڊ‘ جي بدران ’چنڊر‘ اُچاريندا آهن ۽ ’پَٽ‘ کي ’پَٽر‘ چوندا اهن، انهيءَ ڪري اُنهن آوازن کي وينجنن جي صورت ۾، مذڪوره چارٽ جي قسم طور داخل ڪرڻ مناسب آهي. عام ٻوليءَ ۾ اهي آواز صوتيه طور ڪم نٿا اچن، پر سکر واري لهجي ۾ انهن جو استعمال عام آهي. ان ڪري انهن جي داخلا ضروري هئي.

6- (الف) ڊاڪٽر جيٽلي جي ڪتاب جو پنجون باب، صفحي 54 کان شروع ٿو ٿئي، ۽ اهو باب سنڌيءَ ۾ سُرن جي سرشتي جي باري ۾ آهي. سُرن جي عام بيان کان پوءِ، جيٽلي صاحب، سُرن جي قسمن ۽ سُرن جي خاصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو سارو بيان ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ به صفحي 67 کان صفحي 82 تائين ڪيل آهي.

(ب) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب صفحي 58 کان صفحي 61 تائين ’يڪپدا دهرن سرن (Diphthongs) جي باري ۾، ڊاڪٽر ٽرومپ ۽ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، اُن موضوع تي سٺو بحث ڪيو آهي. هوڊاڪٽر ٽرومپ جي ڏنل دليلن کي وڌيڪ بهتر ٿو سمجهي. ’اَي‘ ۽ ’اَو‘ ’يڪپدن وارن دهرن‘ سرن جي باري ۾، سنڌي صوتيات ڪتاب ۾، صفحي 78 کان صفحي 92 تائين مثال ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر جيٽلي انهيءَ مواد مان فائدو ورتو آهي.

(ت) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب صفحي 63 تي ’سنڌي سُرن‘ (Vowels) جي باري ۾ جيڪو چارٽ ڏنو آهي ۽ ان چارٽ جي مدد سان سرن جي سمجهاڻي ڏني اٿس. اهڙي ساڳئي نموني جي سمجهاڻي، چارٽ جي مدد سان، ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ به صفحي 57 تي ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر جيٽلي طرفان ڏنل چارٽ ۽ ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ ڏنل چارٽ (Diagram) ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌي سرن جي خاصيتن جي سلسلي ۾ به ڏنل وضاحت ۾ به گهڻي هڪجهڙائي آهي.

7- (الف) ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، صفحي 66 کان، ’سنڌي وينجنن جي سرشتي‘ تي بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب صفحي 67 تي وينجنن جو جيڪو چارٽ ڏنو آهي، اُهو چارٽ، ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾، صفحي 28 ۽ 29 جي وچ ۾ ڏنل چارٽ سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو. البت ڊاڪٽر جيٽلي صاحب واري چارٽ ۾ ’مهار‘ ۽ ڦار- مهار وارو مخرج رکيو نه ويو آهي، جيڪا ڊاڪٽر صاحب جي ڀُل نه، پر ويسر چئبي، ڇاڪاڻ ته انهن مخرجن تان (ن، نهـ ۽ ر) آواز اُچاري ويندا آهن.

(ب) آءٌ اڳ ۾ اهو چئي آيو آهيان ته سنڌي وينجنن واري چارٽ ۾ ڊاڪٽر جيٽلي صفحي 67 تي Voiceless آوازن لاءِ ڪٺور (اگهوش) ۽ “Voiced” آوازن لاءِ ڪومل (گهوش) لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي منهنجي خيال ۾ صحيح مفهوم ظاهر نٿا ڪن. منهنجي خيال ۾ Voliceless لاءِ ’ڪومل‘ ۽ “Voiced” لاءِ ’ڪٺور‘ لفظ ڪم آڻڻ گهرجن. ڪاڪي ڀيرو مل ۽ ديوان وسڻ مل به اِهي ئي لفظ ڪم آندا آهن.

(ت) صفحي 67 ۽ 68 تي ڊاڪٽر جيٽلي، آوازن جي قسمن ۽ گروهن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙو ئي ذڪر ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ به، صفحي 28 کان صفحي 40 تائين ڪيل آهي. ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾، انهيءَ سلسلي ۾ حاشين ۾ وضاحت پڻ ڪئي وئي آهي.

7- (الف) جيٽلي صاحب صفحي 71 کان صفحي 77 تائين، وينجنن جي اُچارڻ بابت سمجهاڻي ڏني آهي. اهڙو ساڳيو وستار ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب ۾ به صفحي 20 کان 27 تائين ڪيل آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب صفحي 91 تي تشديد واريءَ خصوصيت کي، ’ساڳين وينجنن جو ميل‘ عنوان ڏنو آهي. صفحي 77 تي ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته:

”ٻن اکرن وارن لفظن ۾ ٻن سرن جي وچ ۾ ۽/ اِ، اُ ۽ اَ /سُرن جي پٺيان سڀني وينجنن جي ڊيگهه، ڪي قدر اُچارڻ ۾، وڌي ويندي آهي:

ٻلي (ٻِلي). ڪَپُ (ڪَپّ)

جڏهن ٻه ساڳيا وينجن گڏ اچن ٿا، تڏهن اها ڊيگهه گهڻي وڌيڪ هوندي آهي. انهيءَ کي ٻٽا وينجن پڻ سڏبو آهي“

آءٌ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي انهيءَ وضاحتي بيان سان اتفاق نٿو ڪريان. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب لفظن جي رچنا ۾، تشديد واري قانون ۽ سرشتي کي پاڻ به سمجهي نه سگهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفطن جي رچنا ۾، آوازن جي مشدد (Geminaed) ٿيڻ لاءِ ڪي اصول بلڪل واضح ۽ چٽا آهن.

(ب) ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب ۾ صفحي 211 کان 213 تائين، ’مشدد وينجنن ۽ تشديد لاءِ قانون‘ عنوان هيٺ بحث ڪيو ويو آهي. اهڙو بحث، دراصل منهنجي ڪتاب “The Arabic Elements in Sindhi” ۾ موجود آهي. ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب ۾، وينجنن ۾ تشديد جي باري ۾ هيئن بيان ٿيل آهي:

”سنڌي زبان ۾، ’ٻپدي‘ (ٻن پدن واري) لفظ جي پهرئين پد ۾، جڏهن ڇوٽن (ننڍن) سرن (اَ، اِ ۽ اُ) مان ڪوبه هڪ سر استعمال ٿيل هوندو آهي، تڏهن اُچارڻ مهل،پهرئين پد واري ڇوٽي سر کان فوراً پوءِ ايندڙ هر وينجن، يعني ٻئي پد جي ’منڍ وارو وينجن‘، ’مشدد (Geminated) يعني ’ٻٽو‘ ٿي ويندو آهي؛ مثال طور:

(بُتّ) لفظ ۾، ٻئي پد جي مُنڍ ۾ ايندڙ (ت) وينجن، پهرئين پد جي آخر ۾ آيل ڇوٽي سر ’اُ‘ جي ڪري مشدد يعني ٻٽو ٿي ويو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته پهرئين پد جي آخر ۾ آيل ڇوٽي سر (اُ) جي اثر جي ڪري، ساڳئي لفظ جي ٻئي پد جي مُنڍ ۾ آيل (ت) وينجن مشدد يعني ٻٽو ٿي ويو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا لفظ ڏسو:

لفظ جي عام لکت

مشدد صورت موجب لکت

پَٽِ

پَٽّ

پَڪَ

پَڪّ

سُٽُ

سُٽّ

سَٺِ

سَٺّ

سِجُ

سِجّ

اَنَ

اَنّ وغيره

پر جيڪڏهن لفظ جي پهرئين پد ۾ ڪوبه ڊگهو سر ڪم آڻبو ته پوءِ لفظ  جي بئي پد جي مُنڍ ۾ آيل وينجن، مشدد يا ٻٽو نه ٿيندو؛ جيئن:

 

لفظ جي پهرئين پد جي آخر ۾ ڇوٽن سرن وارا لفظ

لفظ جي پهرئين پد ۾ ڊگهي سر جو استعمال

ٻِلّي

ٻيلي

ٻَرّ

ٻار

ڦَٽّ

ڦوٽ/ڦاٽ

پَرّ

پير/پار، وغيره

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب صفحي 77 ۽ 91 تي بلڪل درست لکيو آهي ته:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ وينجنن جو ٻٽو اُچار گهڻو ڪري لفظن جي معنيٰ ۾ تبديلي نه آڻيندو آهي، جيئن هنديءَ، اردوءَ يا ڪن ٻين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيئن:

بچا= بچيل                    بَچّا= ٻار

پتا= سرنامو           پتّا= پن

8- (الف) پنهنجي ڪتاب جي ستين باب ۾ صفحي 78 کان صفحي 84 تائين، ڊاڪٽر  جيٽلي ’لفظن ۾ اکرن جو سرشتو‘ Syllabic Structure تي بحث ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر صاحب جي هن باب جو صفحي 78 تي بيان Phonology واري موضوع سان واسطو ٿو رکي ۽ نه ڪه Morphology يعني ’علم صرف‘ واري موضوع سان، ڇاڪاڻ ته لفظن جو ’آزاد روپ‘ يعني Free Form يا ’پابند روپ‘ يعني Bound Form وارو بيان، علم صرف سان واسطو ٿو رکي، جنهن ۾ ’منفرد‘ (Simple) لفظن، مرتب (Complex) لفظن ۾ مرڪب (Compound) لفظن جو اڀياس اچي وڃي ٿو؛ البت صفحي 79 تي لفظن ۾ آوازن جي ترتيب جو بيان ڪندي، ڊاڪٽر صاحب لفظن جي صوتياتي رچنا يعني (Syllabic Structure) جو ذڪر ڪيو آهي.

(ب) ڊاڪٽر صاحب صفحي 80 کان صفحي 83 تائين، لفظن جي علم صوتيه واري يعني Phonological Structure تي سٺي روشني وڌي آهي. دراصل هن موضوع تي The Arabic Elements in Sindhi ڪتاب ۾، ’لفظن جي پدن وار ساخت‘ يعني Syllabic Structure تي بحث ڪيل آهي، جيڪو به نظر مان ڪڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾، سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي هن کان اڳ سواءِ پروفيسر جتوئي صاحب جي، ٻئي ڪنهن به صاحب لکڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.

(ت) اٺين باب ۾ هن موضوع تي وڌيڪ روشني وڌي وئي آهي. اهو تجزيو، لفظن جي پدن وار ڇنڊڇاڻ يا ’ڀڃ- گهڙ‘ (Analysis) ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هن باب (باب اٺين) ۾ ’سرن جي ورهاست‘، لفظن اندر، پدن ۾ ٻن لاڳيتن سرن جو استعمال، ٽن لاڳيتن سرن جو ميلاپ  ۽ نيم سرن  لاءِ گسڻن آوازن يعني Gliding Sounds جي عمل تي روشني وڌي وئي آهي. ’سنڌي صوتيات‘ ڪتاب جي صفحي 39 ۽ 40 توڙي ’سنڌي صورتخطي‘ ڪتاب (ڇاپو چوٿون) ۾، صفحي 116 کان 118 تائين ٻن ۽ ٽن لاڳيتن سُرن جي بيان ۾، همزي جي عنوان هيٺ، هن موضوع کي سمجهايو ويو آهي.

(ث) ڊاڪٽر جيٽلي صفحي 51 تي ’وينجنن جي ميل‘ ۽ ورهاست يعني Consonantal Clusters ۽ صفحي 92 تي ’گڏيل وينجن‘ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ سنڌي ٻولي ۾ گڏيل وينجنن جي بيهڪ، ترتيب ۽ بناوت لا اصول ۽ پابنديون بيان ڪيون آهن. سنڌي ٻولي ۾ وينجنن جي هن قسم جي وضاحت، هن کان اڳ ڪنهن به ماهر نه ڪئي آهي. البت انگريزي ٻولي ۾ “The Arabic Element on Sindhi” ڪتاب ۾، هن عنوان تي پورو باب لکيل آهي. اُن باب جو عنوان آهي: Syllabic Structure of Sindhi هن موضوع تي سنڌي ٻولي ۾ لِکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

(ج) صفحي 93 تي، ڊاڪٽر  جيٽلي، سنڌي ٻولي ۾ گڏيل وينجنن جي استعمال لا ڪي اصول بيان ڪيا آهن. هن عنوان تي بحث ڪندي، ڊاڪٽر صاحب، لفظن جي مُنڍ ۾ ڪم ايندڙ گڏيل وينجنن جا مثال به ڏنا آهن. هن سلسلي ۾ ’سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ هن خصوصيت تي گهڻو بحث ڪيو ويو آهي، ۽ چيو ويو آهي ته سنڌي ٻولي جي لفظن جي مُنڍ ۾ ڪم ايندڙ گڏيل وينجنن، جهڙوڪ: /پّر، بّر، ڀّر، تّر، ٽّر، ڌّو، ٻيـ ۽ پيـ/ وغيره واري خصوصيت، سنڌي صوتياتي نظام سان واسطو نٿي رکي، البت سنسڪرت توڙي ٻين ٻولين مان، سنڌي ٻولي ۾ جيڪي لفظ اُڌارا ورتا ويا آهن، اُنهن ۾ به ڪي عالم ۽ ودوان، وينجنن جو اهڙو گڏيل اُچار، لفظن جي مُنڍ ۾ ڪري سگهندا آهن، پر عام ماڻهو اهڙو اُچار ڪري نه سگهندا آهن، ۽ اُهي اهڙي گڏيل اُچار جي شروع ۾ يا وچ ۾، سُر ڪم آڻي، گڏيل وينجنن کي ٽوڙيندا آهن. ڊاڪٽر جيٽلي پڻ صفحي 95 تي اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته:

”انهن وينجنن جي ميل ۾ ڪيترا سنڌي، /س-م/، /س-م/ کي ڇڏي، ٻين حالتن ۾ اڳيان ’ا‘ سُر گڏي اُچار ڪندا آهن. ڪيترائي سنڌي/ س-م/، /س-ن/ جي حالت ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ’اِ‘ وجهي، وينجن ميل کي ڀڃي، اُچار ڪن ٿا.“

(ح) صفحي 95 کان وٺي صفحي 106 تائين، ’لفظ جي وچ ۾ گڏيل وينجنن‘ عنوان هيٺ، ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ’ٻن ڌماڪيدار وينجنن جو ميل‘، ڌماڪيدار وينجن+ نڪانوان وينجن، ڌماڪيدار وينجن+ گهڪيدار وينجن، ڌماڪيدار وينجن+ پاسيرو وينجن، ڌماڪيدار وينجن+ هڪ ڌڪو وينجن، ڌماڪيدار وينجن+/ و/، ڌماڪيدار وينجن+/ي/، گڏيل وينجن، جن ۾ نڪانئون وينجن پهرين اچي ٿو، وغيره، مطلب ته صفحي 95 کان وٺي صفحي 106 تائين ڪيل بحث سنڌي ٻولي جي لفظن جي ’صوتياتي رچنا، يعني Phonology جي لحاظ کان وڏي قابل قدر ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي، جنهن مان سنڌي ٻولي جي شاگردن کي وڏي معلومات ملي سگهي ٿي.

(خ) باب نائين ۾ صفحي 107 کان وٺي ٻولي جي ’عروضي خاصيتن‘ جو اڀياس ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌي لسانيات جي لحاظ کان، شاعري جي حوالي ان هيءُ باب، بهترين معلومات سان ڀريل آهي. هن باب ۾ آوازن جي ڊيگهه، آواز جو زور يعني Stress، آواز جي بلندي يعني Loundness، جملي ۾ آوازن جو لاهه ۽ چارهه يعني Intonation، لفظن جي اُچار ۾ وڇوٽي يعني Juncture, Pause، جنهن ڪري الڳ الڳ جذبن جهڙوڪ: عجب، سوال، رواجي بيان ۽ غصي وغيره جو اظهار ڪيو ويندو آهي. اهڙين وصفن کي جيٽلي صاحب ’عروضي خاصيتون‘ يعني Prosodic يا Supra Segmental خاصيتون سڏيو آهي.

(د) سنڌي زبان جو هن قسم جو مطالعو، هن کان اڳ ڪنهن به صاحب پيش نه ڪيو آهي. هي سڄو باب علمي معلومات سان ڀريو پيو آهي. هن مطالعي ۾ آوازن جي وچ ۾ ’جوڙ‘ يا ’وٿي‘، ٻن لفظن جي وچ ۾ آوازن جا جوڙ، اڌ دم جو استعمال، پوري دم جو استعمال ۽ نڪانون سرن جي ورهاست نهايت ئي اهم عنوان آهن، جنهن تي ڊاڪٽر جيٽلي صاحب ئي قلم کنيو آهي.

9- (الف) باب ڏهين ۾، صفحي 116 کان 128 تائين علم صرف يعني Morphophonemics جو مطالعو پيش ڪيل آهي. هن باب جو عنوان آهي: ’روپي ڌوني- تت و گيان‘. هن باب ۾ سنڌي ٻولي جي وياڪرڻي سرشتي تي ويچار ظاهر ڪيا ويا آهن. هن باب ۾ ’سَنڌي‘ يعني Assimilation جي عنوان تي صفحي 118 کان 128 تائين ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هن موضوع تي ’سنڌي ٻولي جو اڀياس‘ ڪتاب ۾ صفحي 101 کان وٺي 120 تائين تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب به مذڪور ڪتاب تان گهڻي مدد ورتي آهي.

10- (الف) هن ڪتاب جو آخري باب يعني باب يارهون، ’سنڌي ڌونين‘ يعني ’سنڌي آوازن جي تاريخي اوسر‘ جي باري ۾ آهي. هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب، ’سنڌي ٻولي جي جنم‘، ’سنڌي آوازن جي تاريخي اوسر‘ ۽ ’سنڌي آوازن جي وڪاس‘ (Development, Evolution) تي مختصر طور روشني وڌي آهي، جيتوڻيڪ هو لکي ٿو ته: ”اهو تاريخي ڀاشا- وگيان آهي.“

(ب) سنڌي ٻولي جي بڻ- بنياد جي باري ۾ را ڏيندي ڊاڪٽر جيٽلي صاحب لکي ٿو ته:

”انهي ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي ٻولي هند- آريائي ٻولين جي نسل مان آهي. انهي نسل جي ٻين ٻولين سان، سنڌي جي تمام گهڻي مشابهت آهي. سنڌي ۾ جيڪي نراليون خاصيتون نظر اچن ٿيون، اُهي ٻولي جي وڪاس دوران پيدا ٿيون، اُنهي ڪري سنڌي جو جنم ۽ بڻ بنياد، ڪنهن غير- آريائي زبان مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش بلڪل اوگيانڪ ۽ تاريخي ڀاشا- وگيان جي اصولن جي بلڪل خلاف آهي.“

حيراني جي ڳالهه هي آهي ته ڊاڪٽر جيٽلي جهڙو مهاودوان، سندس را جي خلاف ڪنهن ٻي را کي، اوگيانڪ ۽ تاريخي ڀاشا وگيان جي اصولن جي بلڪل خلاف راءِ ٿو ڪوٺي، جيڪا درست نه آهي. هر عالم کي گهرجي ته سندس راءِ جي خلاف، جڏهن ڪا به راءِ اچي ته اُن راءِ کي فوراً اوگيانڪ راءِ سڏڻ جي بدران، اُن تي سوچي ۽ اُن جي رد ۾ علمي دليل ڏئي.

(ت) منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هاڻ هند- آريائي ٻولين جي نسل واري ٻولي سڏڻ واري راءِ هڪ طرفي ۽ پراڻي راءِ آهي. هن موضوع تي تمام گهڻي تحقيق ٿي آهي. انهن تحقيقن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اها راءِ هاڻي پراڻن نظرين تي مدار رکي ٿي، جنهن کي نئين تحقيقي مواد سان ڀيٽي، اُن ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن.

مون سنڌي ٻوليءَ جي جنم جي باري ۾، پنهنجن مختلف مضمونن ۽ ڪتابن، جهڙوڪ: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا، Origin and Growth of Sindhi Language کان سواءِ ’هندوستاني ٻولين جو جائزو‘ ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن موضوع تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي ۽ اهو به ڄاڻايو اٿم ته سنڌو- ماٿر ۾، آرين جي اچڻ کان صدها سال اڳ، هتي جا مقامي ماڻهو، ڪا قديم مقامي ٻولي ڳالهائيندا هئا. اُن ٻوليءَ جو نالو غالباً ’سئنڌوئي ٻولي‘ هو. واديءِ سنڌ جي مختلف خطن ۽ علائقن جهڙوڪ: ’لوڻ وارين پهاڙين وارو علائقو‘ (Salt renge)، سنڌو ماٿر جو اُلهنديون علائقو، سنڌو- ماٿر جو ڏاکڻيون علائقو، راجسٿان جا ڌار ڌار علائقا (جوڌپور، جيسلمير، ميواڙ، مارواڙ ۽ جئپور)، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ وارو علائقو، هرياڻا، ڪشمير، داردي علائقو، بلوچستان ۽ اوڀر ايران جا علائقا، انهن سارن علائقن ۾ سنڌو- ماٿر جي تهذيب ڇانيل هئي، ۽ هر علائقي ۾ سئنڌوئي ٻوليءَ جي شاخ، اُن علائقي مطابق استعمال ٿيندي هئي. اِهي ٻوليون ڌار ڌار شاخن جي نالن سان مشهور هيون؛ جيئن: لهندي، جيسلميري، مارواڙي، ميواڙي، هڙوتي، پنجاب جون ٻوليون، گجراتي، ڀيلي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، باگڙي، ڪشميري، داردي ۽ اوڀر ايران جي خوزستان خطي جون مقامي ٻوليون، سئنڌوئي ٻوليءَ جون شاخون آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ۽ انهن سڀني ٻولين ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي اڄ به قائم آهي. انهيءَ ڪري هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌيءَ ۽ سنڌو- ماٿر جي ٻين ٻولين ۾ گهڻي مشابهت جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جواب ۾ اهو ٿو سمجهيو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ واديءَ سنڌ جون ٻيون ٻوليون  هند- آريائي نسل جون ٻوليون آهن، پر اُن جي بدران اهو ڇو نٿو تسليم ڪيو وڃي ته سنڌي ۽ سنڌو- ماٿر جي ٻين ٻولين جي مشابهت جو وڏو سبب هيءُ آهي ته اِهي سڀ ٻوليون آرين جي سنڌو- ماٿر ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌو- ماٿر ۾ رائج ’سئنڌوئي ٻوليءَ‘ جون شاخون آهن، جيڪي جڳان جڳ هن واديءَ ۾ استعمال ٿينديون ۽ قائم رهنديون اچن.

ڀارت جا ڪيترائي سنڌي عالم به اهائي سوچ رکن ٿا، تنهنڪري هن باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه آهي. ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي هيءَ دعوا هرگز قبول ڪري نٿي سگهجي ته:

”هتي هند- آريائي ٻولين جو وڪاس جنهن ريت سمجهايو ويو آهي. اُنهيءَ موجب چئبو ته هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ جي جنم اُنهيءَ اوائلي پراڪرت ٻوليءَ مان ٿيو آهي، جيڪا رگ ويد واري زماني ۾ يا اُنهيءَ کان به ڪجهه صديون اڳ، موجوده سنڌ واري ايراضيءَ ۾، ۽ اُنهيءَ جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. انهيءَ جي جهلڪ اسان کي رگ ويد جي پراچين منترن جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي.“

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب اڳتي 138 تي لکي ٿو ته:

”رگ ويد جي زماني وارين عوامي ٻولين، هڪ طرف سنسڪرت کي جنم ڏنو ته ٻئي طرف اُنهن جدا جدا علائقن ۾ پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش وارين منزلن مان گذرندي، هاڻوڪين هند- آريائي ٻولين جو روپ اختيار ڪيو، جن مان اسان جي سنڌي ٻولي هڪ آهي.“

منهنجي خيال ۾ هيءُ رايو برهمڻڪي ذهن جي ترجماني وڌيڪ ٿو ڪري، انهيءَ ڪري آءٌ گذارش ڪندس ته جيڪي ماهر هن سوچ کي قبول نٿا ڪن، تن کي هن سوچ جي ابتڙ سوچ کي، اوگيانڪ سوچ سڏڻ صحيح نه آهي.

11- (الف) هن سلسلي ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اها راءِ، جنهن جو تفصيل سان بيان هن پنهنجي مقالي بعنوان ”سنڌو- تهذيب جي سنڌو لکت جي ڀاڃ“ (سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“ اپريل- مئي- جون 1994ع) ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ مقامي تهذيب واري ٻولي هجڻ جي دعوا ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

”هن سلسلي ۾ ٻيو ’ڀانيو‘ جيڪو هن وقت محققن وٽ وڌيڪ مقبول آهي، سو هيءُ آهي ته ٻين سڀني قديم ٻولين (منڊا، قديم- هند آريائي وغيره) جي ڀيٽ ۾ ڪا دراوڙي ٻولي، ’سنڌو لکت‘ ۾ سمايل آهي. هيءُ ’ڀانيو‘، انهيءَ سوچ تي ٻڌل آهي ته سنڌو وادي سان لاڳو خطي، ’بروهڪيءَ‘ ۾ دراوڙي جزا سمايل آهن ۽ انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته سنڌو واديءَ ۾ ڪنهن وقت دراوڙي ڳالهائيندڙ موجود هئا، جن ’مئن جي دڙي‘ واري سنڌو- تهذيب کي جنم ڏنو، انهيءَ ڪري ’مئن جي دڙي‘ واري ’سنڌو لکت‘ پڻ ڪنهن دراوڙي ٻوليءَ جي آهي. مگر دراوڙي ٻولي به ڪا هڪ ڪانهي، پر پنجويهه کن آهن، جن مان ’ڪتروخ‘، ’ملٽو‘ ۽ ’بروهڪي‘ وڏي اثر واريون آهن. هن ’ڀانيي‘ موجب انهن ٻولين مان ڪي قديم دراوڙي الفاظ چونڊي، انهن جي معنائن جي معنوي صورت جي ’سنڌو لکت‘ جي سالم ڪتبن توڙي سندن ڀاڱن سان مطابقت تلاش ڪرڻي پوندي.“

(ب) ڊاڪٽر بلوچ صاحب ساڳئي صفحي تي اڳتي لکي ٿو ته:

”هن سلسلي ۾ ٽيون ’ڀانيو‘ هيءُ تجويز ڪري سگهجي ٿو ته ’سنڌو لکت‘ کي ڀڃڻ لاءِ اُن جي ڪتبن ۽ ڀاڱن ۾ خود سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ فقرن جي مطابقت تلاش ڪجي. اهڙي ’ڀانيي‘ تي اعتراض ٿي سگهي ٿو ته سنڌي هن دور جي رائج ٻولي آهي، جنهن جو قديم سنڌو- تهذيب واريءَ ٻوليءَ سان لاڳاپو تصور ڪري نٿو سگهجي، پر اهو ساڳيو اعتراض دراوڙيءَ تي به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اِهي دراوڙي لفظ جيڪي هن وقت ڳالهائجن ٿا، جن جي معنيٰ هن وقت معلوم آهي، سي ’قديم سنڌي ٻولي جي لکت‘ ۾ ڪيئن ٿا سمايل ٿي سگهن؟

جيڪڏهن ڪي قديم دراوڙي الفاظ ’سنڌو لکت‘ واريءَ ٻوليءَ جا بچيل آثار آهن ته موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪي قديم الفاظ پڻ قديم سنڌي تهذيب واريءَ بچيل آثار ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڪي قديم دراوڙي الفاظ ’سنڌو لکت‘ واريءَ ٻوليءَ جا بچيل آثار آهن ته موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪي قديم الفاظ پڻ قديم سنڌي تهذيب واريءَ بچيل آثار ٿي سگهن ٿا.“

(ت) ڊاڪٽر بلوچ صاحب، انهيءَ قديم ۽ مقامي ٻوليءَ جا سنڌي لغات مان ڪي لفظ چونڊي، پنهنجي مذڪوره مقالي ۾ مثال طور ڏنا آهن، جيڪي سندس راءِ موجب قديم سنڌو- تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ جي باقيات آهن، جن کي ماهرن ’ديسي لفظ‘ سڏيو آهي.

(ث) ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي جن اهم ۽ نئين راءِ کي جن لفظن ۾ ختم ڪيو آهي، اُهي لفظ هيٺ دهرائجن ٿا:

”مٿيان ٿورا لفظ چونڊيا ويا آهن، پر آڳاٽي وقت جا اهڙا گهڻائي لفظ هن وقت به سنڌيءَ ۾ رائج آهن. اُهي غور طلب آهن، ڇاڪاڻ جو ٿي سگهي ٿو ته اُنهن مان گهڻا سنڌو- لکت واريءَ قديم ٻوليءَ جا هجن.“

(ج) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن پوري بيان مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌو- تهذيب ۾ جيڪا ٻولي رائج هئي سا هن سرزمين جي اصلوڪي ۽ مقامي ٻولي هئي، جيڪا تڏهوڪي زماني کان وٺي سنڌو ماٿر ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين تسلسل سان قائم ۽ دائم رهندي آئي آهي.

(ح) هن پوري تجزئي مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد کي، سنڌو ماٿر جي اُن قديم ۽ ’سئنڌوئي ٻوليءَ‘ سان ملائڻو پوندو، جيڪا رگ ويد جي وجود ۾ اچڻ کان ڪئين صديون اڳ سنڌو- تهذيب ۾ رائج هئي ۽ جنهن جو تمام گهڻيون خصوصيتون سنڌو- ماٿر جي ماڻهن پاڻ وٽ سنڀالي رکيون آهن، جنهن جا ڪيترائي مثال منهنجي تازي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ ۾ ڏنا ويا آهن.

مٿين دليلن کان پوءِ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب طرفان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڏنل راءِ سان آءٌ اتفاق نٿو ڪريان.

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي هيءُ ڪتاب گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ، سنڌي زبان جي ڌار ڌار پهلوئن جي گهري مطالعي ۽ ڀاشا وگيان جي اصولن کي آڏو رکي لکيو ويو آهي. منهنجي ايماندارانه راءِ آهي ته جيٽلي صاحب هيءُ ڪتاب لکي سنڌي ڀاشا وگيان جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيل محنت تي آءٌ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کي دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com