سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :9

هن جو وجود جيترو مون کان پري ٿيندو ويو اوترو ئي ننڍو ٿيندو ويو. ايتري قدر جو پري کان گلن جي ٻوٽن جي قطارن جي وچ ۾ هوءَ مون کي هڪ گل جهڙي ئي نظر اچڻ لڳي. مون کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن قبر جي ڪناري تي ڦُٽل ان سرخ گلاب جيان آهي، جنهن جي پيشانيءَ تي تقدير جي بي رحم هٿن اهو لکي مذاق ڪيو هجي ته: ”گل ڇنڻ منع آهي.“

عبدالجبار جوڻيجو

پُتلي

نالو ته ڪو ٻيو هوس، پر کيس پتلي سڏينداسين.

گهر جي ڏاڪڻ کي ڪل چار ڏاڪا هئا، پر پتليءَ جي عمر هئي ڏيڍ_ٻه سال. هوءَ جڏهن ماءُ جي بي خبريءَ جو فائدو وٺي در تائين ايندي هئي ته ڏاڪا لهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ گهر جي سامهون سيڌي جي دڪان وارو چاچو خيرو ٽپ ڏيئي دڪان تان هيٺ لهندو هو ۽ کيس پڪڙي مٿي چاڙهي اٽڪل سان اندر روانو ڪري در ٻيڪڙي ڇڏيندو هو. اڃا ڪنهن گراهڪ لاءِ سيڌو تورڻ لاءِ ساهمي هٿ ۾ کڻندو مس هو ته پتلي وري به در کولي ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ۾ ڏسبي هئي. هُو ساهميءَ مان هٿ ڪڍي وري به ساڳي ڊيوٽيءَ تي لڳي ويندو هو. ڏينهن ۾ اهو عمل الائي ڪيترا ڀيرا ورجائبو هو.

پوءِ هن پتليءَ کي پيرڙين کڻندي ڏٺو، اسڪول ويندي ڏٺو. هُن پتليءَ جي مئٽرڪ ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي. هُو ڏاڍو خوش ٿيو، پر دل ۾ هڪ خواهش هيس ته پتلي ڪاليج ۾ نه پڙهي ۽ پردو ڪري، گهر ۾ اندر رهي ۽ پنهنجن وڏن جي پيروي ڪري. چاچو خيرو به عجيب ماڻهو هو. هوءَ پرائي اولاد ۾ به ايڏو موهه رکي ويٺو هو.

هُو پراڻن خيالن جو ماڻهو هو. پتليءَ جا مائٽ به هئا ته پراڻن خيالن جا؛ پر زماني جي رفتار ڏسي پئي ٻڏيا ۽ تريا. اڃا هو ڪجهه سوچين تنهن کان اڳ پتليءَ خود پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ پيءُ کي چيائين ته ”زماني جي رفتار سان هلڻو آهي. آءُ جاهل رهڻ نٿي چاهيان“...

چاچو خيرو ڪهڙي ليکي ۾ هو. هُن به اِها بد خبر ٻڌي ۽ ڪجهه سوچي تنهن کان اڳ هُن پتليءَ کي ڪاليج ڏانهن ويندي ڏٺو. هوءَ اڃا به چادريءَ ۾ هئي. البت پتليءَ جي نئين چادري ڪجهه ٻيءَ طرح جي هئي. گهٽيءَ مان لنگهندڙ جو گهڻو ڌيان چادريءَ ڏانهن ڇڪجي پئي ويو. اڳتي جي خبر چاچي خيروءَ کي به نه هئي.

حقيقت م ڪاليج جي شروعاتي مهينن ۾ پتليءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آيو هو. هُن جو لباس ڪجهه ٿوروئي فئشني ٿيو هو. البت پراڻي طرز جو لباس پائيندڙ ۽ بدصورت ڇوڪريون، توڙي ليڪچرراڻيون کيس گهڻو پسند ڪونه هونديون هيون ۽ هوءَ ڪاليج جي انهن ڇوڪرين کي به پسند ڪونه ڪندي هئي، جيڪي کانئس سونهن ۽ فيشن ۾ سرس هيون.

چاچو خيرو ته هروڀرو پيو اندر ئي اندر پڄرندو هو. پرائي ڌيءَ کي پنهنجي ڌيءَ سمجهڻ ڪري هُن پنهنجو پاڻ کي کڻي تڪليف ۾ وڌو هو. سندس پراڻا خيال کيس ستائي رهيا هئا. هُو پتليءَ کي ڪاليج ويندي ۽ موٽندي ڏسندو هو ته کيس ايتري خوشي نه ٿيندي هئي، جيتري پتليءَ جي ننڍي هوندي جي زماني ۾ ٿيندي هيس. خوشي ته خوشيءَ جي گهر پر هاڻ ته گراهڪن کي کنڊ بدران لوڻ توريندو ڏيندو هو. ڪو هڪل ڪري چوندو هوس: ”چاچا، چريو ڌتورو ته ڪونه پيتو اٿئي؟“ تڏهن هو ڄڻڪ ننڍ مان سجاڳ ٿي پوندو هو.

پتليءَ کي ڪاليج ڏانهن ايندي اڪثر ڪن ڇوڪرن جي تيز نظرن، اشارن ۽ تازن فلمي گانن جو شڪار ٿيڻو پوندو هو. هُن جو خيال هڪدم پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏي هليو ويو، جنهن چيو هو ته ڪاليج جي پڙهائي ضروري نه آهي. اِهو به سوچيائين ته منهنجو ڀاءُ به ته ڪنهن کي ڏسي گانا ڳائيندو هوندو. اِهو خيال ايندي ئي رستي ۾ ملندڙ هر ڏنگي ڇوڪري کي معاف ڪري ڇڏيائين. هِن ته معاف ڪيو پر هنن مان هڪ ڇوڪري کيس بلڪل معاف نه ڪيو. گهٽيءَ مان نڪري روڊ تي ايندي هئي ته هُن کي اُتي پنڊ پهڻ وانگر بيٺل ڏسندي هئي. پتلي ٿورو اڳتي نڪرندي هئي ته اُن پنڊ پهڻ ۾ ڄڻڪ ساهه پوڻ شروع ٿيندو هو ۽ نوڪر وانگر ڪاليج جي گيٽ تائين پيو پٺيان ايندو هو.

پتليءَ ڪوبه خيال نه ڪيو، ڇو جو اُهو ڇوڪرو پري هوندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن کٽڪو ٿيندو هوس. اُن جو ذڪر پتليءَ شازيا سان ڪيو، جيڪا سندس ڪلاسي هئي.

پتلي رڳو شازيه سان گهري هئي. شازيه شاهوڪار ماڻهوءَ جي ڌيءَ هئي. ٺاهه ٺوهه ۾ به پتليءَ کان چهري هئي. اُن کي ڏسي پتليءَ پنهنجو روپ بدلائيندي پئي ويئي. سال جي آخر ۾ هُوءَ سچ پچ پتلي بڻجي پيئي ۽ شازيا سان گڏ هلڻ چلڻ جي قابل بڻجي ويئي. پتليءَ جو پيءَ مالي حيثيت ۾ شازيا جي پيءَ کان گهٽ هو؛ پر ساهيڙين اِهو ويڇو نه رکيو. سنگت چئبو ئي اِن کي آهي ته اوهين کليءَ دل سان دوست کي چاهيو. چاهڻ آهي چاهڻ سان. سياڻا، جيڪي هاڻ قبرن ۾ ستل آهن، تن جو ته چوڻ آهي ته هُو نه چاهي ته اوهين چاهيو. اهڙا سياڻا جي هن مشيني دور ۾ هجن ها ته کين پنهنجو رايو بدلائڻو پوي ها. نه چاهڻ سان به چاهجي؛ سو ناممڪن ته ڪونهي؛ پر مشڪل آهي ۽ پاڻ کي ٻه ڀيرا ماري ائين ڪري سگهجي ٿو. هنن ٻنهي ساهيڙين جا خيال ڪجهه اهڙن ئي دائرن ۾ هئا. شازيه ڪابه ڳالهه ڪندي هئي ته پتلي اُن کي فلسفي جو ويس ڍڪائيندي هئي، اُن ڪري ها ۾ ها ملائيندي رهندي هئي. اڪثر پتلي انساني لاڳاپن ۽ رشتن ناتن تي به شازيا کي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندي هئي. شازيا انهن مان ڪجهه هضم ڪري سگهندي هئي، ڪجهه فلسفو رڳو هن جي ڪنن جي پاپڙين تائين پهچي سگهندو هو. شازيا کي اهو معلوم نه ٿي ٿيو ته پتلي ايڏا وڏا وياکياڻ ڪٿان سکي؟ هڪڙي ڏينهن پتليءَ کان پڇيائين: ”ڪير ٿو توکي اِهي ڳالهيون پڙهائي؟“

”ڪتاب.“

”فقط ڪتاب!“ شازيا پڇيو. پوءِ پتليءَ کيس پنهنجي سوچڻ جي قابليت کي ڪم آڻڻ جي فن بابت ڪجهه ٻڌايو، ته به شازيا جي دماغ ۾ ڪا ڳالهه نه ويٺي. هونئن ته هوءَ چڱي موچاري چرچائڻ ۽ چالاڪ ڇوڪري هئي.

هڪ ڏينهن پتليءَ جو پيڇو ڪندڙ نوجوان همت ڪري اڳتي وڌي آيو ۽ سلام ڪلام ٿي ويو. هن کي اِهو سلام ڪلام ايترو خراب به نه لڳو، ڇو جو انهيءَ وچ ۾ هوءَ ڪي ناول، ڪا ڪهاڻي ۽ ڪي شعر پڙهي چڪي هئي. وي سي آر به ڏسي چڪي هئي. هوءَ هاڻ ايتري تنگ نظر نه هئي. اهو سلام ڪلام جئين ئي ٿورو وڌيو ۽ پتليءَ جي جذبن جي سمنڊ ۾ لهرون اُٿيون ۽ هُن شازيا جي اڳيان حقيقت حال جي پڌري ڪري ڇڏي. شازيا لاءِ پتليءَ جي شخصيت ۾ هڪ نئين جازبيت پيدا ٿي پيئي. هن کانئس هڪ ڊگهو انٽرويو، جيڪو ڪنهن جا جذباتي، نفسياتي، سماجي بلڪ سياسي خيال به ظاهر ڪري وجهندو آهي. ائين ئي ٿيو ۽ پتلي هڪ بلڪل واضع شخصيت سان ظاهر ٿي پيئي. ملاقاتون وڌنديون ويون ۽ هر ملاقات جي رپورٽ به شازيا کي ملڻ لڳي. ڳالهه ايستائين پهتي جو پتليءَ ۽ ارسطو جي لاڳاپن ۾ شازيا به اهم ڪردار بڻجي پيئي. ارسطوءَ شازيا کي ننڍي ساليءَ جو اعزازي عهدو ڏيئي ڇڏيو.

هوءَ ان اعزازي عهدي جي ڪري خوش هئي ۽ ابتدا ۾ هن پنهنجي عهدي جي حدن کان اڳتي سوچيو به ڪونه. بظاهر هوءَ راضي هئي؛ پر آهستي آهستي جيئن سندس گهرائي ارسطوءَ سان وڌندي ويئي، تيئن سندس جذبن ۾ به اُٿل پٿل شروع ٿي ۽ پتليءَ کي ا­ڻ لکوئي سهي، پر آگرو لڳو، ته به هن شازيا سان اهڙو اظهار ڪونه ڪيو. ڪجهه وري ”ادا“ چوڻ جي فئشن ڪري به شڪ ڪونه ڪيائين.

سياڻن چيو آهي ته عشق ۽ مشڪ لڪا نٿا رهن. خاص طور مشڪ جا هڪ کان وڌيڪ ٽڪرا ڪجن؛ پر سياڻن کي ڪير ٿو پڇي، بيوقوف به ائين ٿا چون. انهن بيوقوفن کان ئي سياڻن سکيو آهي. غرض ته پتليءَ ۽ شازيا جي ساهيڙپ جي عظيم الشان عمارت ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. اُهي ڏار ابتدا ۾ ائين هئا، جيئن هڪ ڀت ۾ پهرين پهرين ڏار نظر اچي ۽ آهستي آهستي اهي ڏار وڌندا ويا ۽ ان جو اظهار پتليءَ هڪ ڏينهن کليو کلايو ڪيو. شازيا به ان جو اهڙو ئي جواب ڏنو. هن جو جيڪو خيال هو، سو هن صاف لفظن ۾ بيان ڪيو_ يعني هيءَ هڪ اهڙي ريس هئي، جنهن ۾ تيز ڊوڙڻ وارو ئي اڳتي نڪري سگهيو ٿي. وري حالتن تي به مدار هو. جيڪي ڳالهيون ڳڻپ ۾ آيون ٿي، انهن مان ڪي پتليءَ ۾ نه هيون؛ پر شازيا ۾ هيون. شازيا پتليءَ جي دل جو ڪوبه خيال نه ڪيو. هن کيس صاف صاف ٻڌايو ته پنهنجا پنهنجا ”گٽس“ آهن. تو ۾ مون کان وڌيڪ گٽس هجن ته ميدان اڃا به کليل هو. پتليءَ جو فلسفو جيڪڏهن ميدان ماري سگهيو ٿي، ته شازيا کي ڪوبه اعتراض نه هو؛ پر هاڻي بال ٻئي طرف هو. پتلي هڪ هارايل جواريءَ مثل هئي. هوءَ پنهنجي پياري ساهيڙيءَ کان هارائي چڪي هئي. اهڙي هار، جنهن کي پڙهيل ڇوڪريون ڪافي وقت تائين نه مڃنديون آهن ۽ جي لاچاري حالت ۾ قبول ڪري ورتائون، ته سٽ نه سهي سگهنديون آهن. نه رڳو نروس (Nervous) بلڪ توائي ٿي وينديون آهن. پاڇي سان وڙهنديون آهن. پنهنجي من گهري خوشبوءِ بدلائي ڇڏينديون آهن. هڪڙن بدران ٻيا ڪتاب پڙهنديون آهن. پتليءَ به ائين ڪيو ۽ بي. اي ته پاس ڪري ويئي.       

شازيا بي. اي ۾ ناڪام ٿي. ٿورو گهڻو پيار جو چرچو به ٿي ويو. پاڙي جو هڪ واندو جوان ديسي دلبر معاملي کي مشهور ڪرڻ لڳو. ڳالهه اڃا شازيا جي پاڙي ۾ هئي. پتليءَ جي پاڙي تائين نه پهتي هئي. جي پهچي ها ته چاچو خيرو پنجن سيرن جو تورو کڻي ارسطو جي مٿي ۾ وڃي هڻي ها.

ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪا ڇرڪائيندڙ ڪانه ٿي، جيتوڻيڪ ٿيڻ کپي ها، ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ اُن کان پوءِ جي واقعن مان انجام جي خبر پئجي ويندي آهي. جيتوڻيڪ انجام کان ماڻهو اڪثر بي خبر ٿيندا آهن. باهه کي باهه، پاڻيءَ کي پاڻي ۽ طوفان کي طوفان نه سمجهندا آهن ۽ جڏهن مٿان اچي ڇپ ڪرندي اٿن، ته پوءِ ويٺا قسمت کي لوئيندا آهن ۽ اڪثر انهيءَ روڄ راڙي ۾ اصل ڏوهاري بدران ڪنهن گس ويندڙ بي ڏوهيءَ کي ڏوهي ٺهرائيندا آهن؛ پر پتلي ائين ڪونه ڪيو.

ارسطو شازيا جو سڱ گهريو. پتليءَ کي اها سُڌ به پيئي. مائٽن غريب ڇوڪرو ڏسي انڪار ڪيو، سو به پتليءَ ٻڌو. شازيا آپگهات جو دڙڪو ڏنو، سوبه پتليءَ ٻڌو. دڙڪي دهمان جي نتيجي ۾ هائوڪار ڪيائون، سو به پتليءَ ٻڌو. هن لاءِ انهن ڳالهين ۾ خوشيءَ يا ڏک جو ڪو چٽو پهلو ڪونه نڪتو.

البت چاچي خيروءَ کي پتليءَ جي ڏک جي خبر دير سان پئي. جڏهن پهريون ڀيرو هن ڏٺو ته پتلي گهر ڏي موٽي ته پرس هٿ تي نچندو ڪونه پئي آيو. اُها شازيا ۽ ارسطو جي شاديءَ جي رات هئي. باوجود دعوت ۽ زور ڀرڻ جي به پتلي شاديءَ تي وڃي ڪونه سگهي. سڄو هفتو هن جي حالت خراب رهي. نيٺ هوءَ گهر کان نڪتي. هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. ڳالهين ڪندي دير ڪونه ٿي لڳي، پر وقت پنهنجي رفتار سان ٿو گذري.

هڪڙي شام جو چاچي خيروءَ جي هٿ مان مورڳو گيهه جي پيالي سوڌي ساهمي ڪري ٿي. هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. دنيا ڪيڏي نه وسيع هئي. پتلي پرس هٿ تي نچائيندي پئي آئي. ٻانهن ۾ پرس جو ڪشو ڦرندو ويو. ڌرتيءَ گردش پئي ڪئي. جاگرافي پڙهيل ڪونه هو، پر هن اکين سان ڏٺو ته ڌرتيءَ گردش پئي ڪئي.

 

ڪيهر شوڪت پُل تي ويٺل هڪ نوجوان

هاڻي هُو گهر کان ئي نه پر ڳوٺ کان به ٻاهر نڪري آيو. بند تان چڙهي، واه جي ڪڙ ڏئي، مال جي ڌوڙ کان بچندو اچي پُل تي نڪتو ۽ پل جي ٺهيل دڪي تي ويهي رهيو. هن جي چهري تي پريشاني ۽ اُداسي ڇانيل هئي ۽ هو ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ گم هو. پل تان لنگهندڙ مال، گاڏين، ڌنارن يا هارين نارين ڏانهن هن جو ڪنهن به قسم جو ڌيان نه هو. ڪافي دير انهيءَ حالت ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو رهيو ۽ پوءِ هن نگاهون مٿي کنيون، ته هن جي پريشان ۽ اُداس حالت الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي ۽ ان جي بدران هن جي مُک تي سرور ۽ شانتيءَ پنهنجا پر ڦهلائي ڇڏيا. لهندڙ سج، وهندڙ واهه. هوا ۾ جهولندڙ وڻ ۽ نيڻ نهار تائين ساوڪ ۽ فطرت جو الستي ۽ سرمدي راڳ. هو ان ۾ کوئجي ويو. اهنج ايذاءَ، سور، سزائون سڀڪجهه ڀلائي ڇڏيائين. پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي انهيءِ سڀڪجهه ۾ به ڪنهن قسم جي ڪشش يا چمڪ نظر نه آئي. هن ۾ وري بيزاري ڀرجي آئي ۽ هن کي اهو سڀ بي معنا، کوکلو، اجايو چيڙائيندڙ ۽ واهيات لڳو:

So you are going to your paradise my old boy. Am I wrong?

ڪجهه ڏينهن لاءِ سڪون آرام جو مزو، کائڻ پيئڻ جو ڪوئي اونو نه، گهر جون خوشيون، مائٽن مٽن سان گذرندڙ پيارا لمحا، ڳوٺاڻا دوست، جنت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

Wish you good luck my old boy.

”ادا اچي ويو، امان! ادا اچي ويو، ادا، ادا......“ ننڍڙو ڀاءُ ۽ ڀيڻس کيس ڏسي ڊوڙن ٿا. هن کي چنبڙن ٿا ۽ هو هنن کي پيار ڪرڻ لڳي ٿو.

”ادا آئين؟“ پنهنجين وڏين ڀينرن سان ملي ٿو. ”تون خوش آهين نه فرحت، تون ڪيئن آهين راحت؟“ ”ها ادا....... تون ڪيئن آهين؟“

”مان به خوش آهيان. تون ته خوش آهين نه جاويد!“ ”ها خوش آهيان“.

”بابا توهان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آ: چيائين پئي ته ٻن مهينن کان وٺي اسان ڏي پائي به ڪونه ٿو موڪلي. باقي پاڻ ڪراچيءَ ۾ عيش ڪندو وتي. اسان هتي ويٺا بک مرون. سچي توتي ڏاڍي ڪاوڙ اٿس.“ راحت سندس گهر ۾ گهڙڻ واري سموري خوشيءَ کي تباهه ڪري ٿي ڇڏي.

”امان، جاويد سان نه ملندينءَ؟“ فرحت ماءُ کي چوي ٿي.

”نه، مان ڪونه ڳالهائينديمانس، ڪو ڪراچيءَ ۾ اهو خيال به اچيس ٿو، ته گهر جي ڇا حالت هوندي. ڪراچيءَ وڃي اسان کي صفا وساري ويهي ٿو، ٻه ٻه مهينا ٿي وڃنس ٿا ته ڪوڙي پائي به موڪلي ٿو؟ آخر پڻهين جي پينشن ۽ توهان جي ڀرت مان ڪا پورت ٿئي ٿي؟ هڪ شيءِ وٺ ته ٻيءَ لاءِ سڪ. پُٽ هوندي به پيا تڪليفون ڏسون!“

”امان...“

”ڇڏ ابا ڇڏ، مون کي تنگ نه ڪر.“ ماڻس پهريائين هن جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ پوءِ الائي ڪهڙي جذبي جي اثر ۾ اچي، هِن کي به ڀاڪر ڀري ا­ميو پيار ڪري، کيس چُمين سان وهنجاري ڇڏي ٿي. هاڻي ماڻس ۽ سندس ڀينرن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن ۽ ننڍڙا ٻار حيرت مان هنن ڏانهن ڏسن ٿا.

”ادا، بابو ٿو سڏئي.“

”ڇو؟“ راحت کان پڇي ٿو.

”الائي، بس رڳو اهو چيائين ته ڀاءُ کي سڏي آءُ.“

پيءُ ڏانهن اچي ٿو. پڻس هڪڙي پاسي کان سڳي ٻڌل عينڪ پايو، سندس آندل ڪالهوڪي اخبار ۾ منهن وجهيو ويٺو آهي ۽ چانهه جي خالي ڪوپ تي مکين جي لشڪر جو حملو آهي.

”بابا، توهان سڏايو؟“ پڻس هن ڏانهن ڏسي، اخبار پڙهڻ بند ڪري، هٿ جي اشاري سان هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو. هُو پيءُ جي کٽ جي ڀرسان پيل ٻيءَ کٽ تي ويهي رهي ٿو.

”چانهه پيتئي؟“

”ها، بابا.“

”ابا، کير مهانگو ٿي ويو آهي، انڪري شام جو سليماني چانهه پيئندا آهيون. توکي ته سليماني چانهه وڻي به الائي ڪونه؟ ڇا ڪجي!“ پڻس جو لهجو ڏاڍو ڏکارو آهي.

”نه بابا، مان پاڻ سليماني چانهه کي وڌيڪ پسند ڪندو آهيان، توهان ڪو خيال نه ڪيو.“

”ادا اسان کي ته اِها سليماني چانهه وڻي ئي ڪونه! پر ڇا ڪيون، کير ۽ کنڊ لاءِ پئسا ڪونه هوندا آهن، ته ٻيو ڇا ڪبو!“

”بس ابا، مِڙئي پيا زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪيون. قبر ۾ ڪو سک نصيب ٿئي ته بي ڳالهه آهي، باقي هتي ته مان هاڻي سکين ڏينهن اچڻ جو آسرو ئي پلي ڇڏيو آهي!“ پڻس جا لفظ ويڻ بڻجي سنگين جيان سندس سيني ۾ گهڙي وڃن ٿا. هو انهيءَ تي دانهن ڪرڻ چاهيندي به دانهن ڪري نٿو سگهي. نه ئي پيءُ کي ڪوڙي آٿت ڏيڻ تي سندس دل ٿي ٿئي. ڪجهه دير جي چُپ کان پوءِ پڻس وري ڳالهه چوري ٿو.

”ابا، اڳهون غلام محمد جي دڪان تان لنگهيم، ته تنهنجي اچڻ جو ٻڌي قرض جي واپسيءَ تي تِهائين وڌيڪ زور ڀريائين. بابا، هن جو ڏوهه به ته ڪونهي نه، ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا ڪير ٿو قرض رکي، هن کي به ته دڪان هلائڻو آهي نه!“

هو پيءُ جو مقصد سمجهندي پئسا کڻڻ وڃي ٿو. پڻس به هن جي اُٿڻ کي سمجهي ٿو.

”پُٽ، هن ڀيري تمام گهڻن پئسن جي ضرورت آهي، سو مڙئي اهو خيال ضرور ڪجان. تنهنجي پگهار ته تولاءِ ئي مس پوري آهي، ان جو مون کي احساس آهي؛ پر ڇا ڪجي، جڳ سان به ته هلڻو آهي نه.“ پڻس هميشه وارو رٽيل جملو اوڳاڇي ٿو.

هو ڪمري ۾ اچي، بيگ کولي، ڪراچيءَ موٽي وڃڻ جيترو ڀاڙو رکي، باقي پئسا کڻي پيءُ ڏانهن اچي ٿو. ”بابا، هان هي پئسا وٺو.“

پڻس کانس پئسا وٺي ڳڻڻ لڳي ٿو. ”بس هي!“ پڻس جي پيشانيءَ تي گهُنڊ اچي وڃي ٿو.

”بس بابا، اهي ئي اٿو، مون پاڻ لاءِ رڳو ڪراچيءَ موٽي وڃڻ جيترو ڀاڙو رکيو آهي، ٻيو جيڪي ڪجهه هُيو، اهو توهان جي حوالي ڪيو اٿم.“

”پر هنن پئسن مان ٿيندو ڇا! تون آخر پگهار ڪرين ڪاڏي ٿو؟“ پڻس چڙي چوي ٿو. هاڻي هِن کان سويل واري سندس اها ڳالهه وسري وڃي ٿي، ته پگهار ته تولاءِ به پورو ڪونهي.

”بابا، اُتي ڪراچيءَ ۾ مسواڙ ڀري، ڪجهه قرض ڏنم ۽ باقي جيڪي ڪجهه بچيو آهي، سو کڻي اچي هت نڪتو آهيان.“ پيءُ کي هميشه جيان سمجهائي ٿو.

”بس، توکي آهي عيش ڪرڻو. اسان هتي دنيا آڏو  خراب خوار پيا ٿيون، ان جو توکي ڪوئي احساس به ڇو؟ ٻه ٻه مهينا ٽيڊي پائي به نه موڪلين. سڀ پئسا کپائي، پوءِ هتي اچي ٿو ڪوڙ سٽين! نه پنهنجي عزت جو اونو، نه اسان جي اڇن وارن جو خيال. مون ته ماستريءَ هوندي به پنهنجي گهر جي خرچ کان اکيون نه پوريون هيون، تنهنجو ضمير ڇو ٻڏي ويو آهي؟ مان ته ....“

”ڇاهي؟ ٻچڙي سان ڇا تي ٿو وڙهين؟“ ماڻس جيڪا مٿي جي سور ڪري وڃي اندر ستي هئي، سا مڙس جي گوڙ تي ٻاهر نڪري اچي ٿي.

پڻس، ماڻس کي ڪوئي جواب نٿو ڏئي.

”ڇاهي آخر؟“ هوءَ وري ڌيئرن کان پڇي ٿي.

”پئسن جي ڳالهه آهي، ٻيو ڇاهي.“ راحت تيزيءَ مان ماءُ کي جواب ڏئي ٿي.

”بابو چوي ٿو ته هنن پئسن مان ڇا ٿيندو!“

”ابا، پوءِ تون به ته خيال ڪر نه، ڀلا تون نه ڏيندين ته ٻيو ڪير ڏيندو؟ اسان آخر ڪاڏي وڃون. تو ۾ ئي اميدون آهن نه. ڪو ٻيو ويٺو آهي جو اچي اسان کي کارائيندو؟ ڪجهه هجئي ته ڏينس. ابا مان کي به روز ڪُڻس پئي ٿئي، جي پئسا هجنئي ته جيڪر مان به ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري اچان!“

”آخر توهان مون کي سمجهيو ڇاهي؟ ملڪ جو ولي؟ بادشاهه؟ هڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪيءَ ڪري روز روز ويٺو ذليل ٿيان، ٻيو هتي ڳوٺ اچان ته به ڪو سک نصيب نه ٿئي! مان ته هِن زندگيءَ مان ئي بيزار ٿي ويو آهيان! نه ٿو موت اچي نه ڪا ٻي ڳالهه ٿي ٿئي! هفتي جي موڪل وٺي آيو هوس، ته ڳوٺ وڃي ڪو سک ماڻيندس، پر هت اچ ته هت به ساڳي مصيبت. ويتر ڏچو. ٽمجهڻ. مان ڪاڏي وڃان“ آخر مان ڪاڏي وڃان!“ هن جو گلو ڀرجي اچي ٿو ۽ پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪو ڳنڍو اٽڪيل محسوس ٿو ڪري. هن کان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو نڪري سگهي ۽ هو ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو ۽ پنهنجي بيگ کڻي ٻاهر نڪري اچي ٿو. ”هان، هي پئسا وٺو، مان ڪراچيءَ ٿو وڃان، منهنجي هتي رهڻ جو ڪوئي ضرور ڪونهي!“ هو پيءَ جي کٽ تي پئسا اڇلي ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو، ته ماڻس ۽ سندس ڀينرون چنبڙي پو­نس ٿيون ۽ وڃڻ کان روڪڻ لڳنس ٿيون.

”ابا خدا جي واسطي ائين نه ڪر...“

”ادا ڏس ائين وڃين ٿو.“

”ادا اڃا ڪالهه ته آيو آهين!“

ماڻس بيگ کسي وٺيس ٿي.

”ڇڏ امان ڇڏ. مان هتي ڪونه رهندس، ڪونه رهندس، ڇڏ مون....“

”ابا خدا کي ڏس. پنهنجي پيءُ ماءُ سان به ڪاوڙ؟ اڃا ڪالهه ته آيو آهين. اسان جي پوري سڪ به نه لٿي آهي، ته تون وڃڻ جا سانباها پيو ڪرين! نه ابا نه ايئن نه ڪر، رب جي واسطي.“ آخر گهڻي مٿاڪُٽ، ڇڪ ڇڪان ۽ منٿن کان پوءِ بيگ مان هٿ ڪڍي ٿو. ماڻس بيگ کي اندر رکي موٽي اچي ٿي. هو ماءُ ۽ ڀينرن کي روئندو ڇڏي، اندر کٽ تي ڪري ٿو ۽ اونڌي منهن ليٽي پوي ٿو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو پنهنجي مٿي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪري ٿو. هٿ، جيڪو هن جي وارن تي گهمي رهيو آهي. هو منهن ورائي ڏسي ٿو. پڻس آهي. هو وري منهن کي وهاڻي ۾ لڪائي ڇڏي ٿو. پڻس هليو وڃي ٿو. هن جي اندر مان هڪ سڏڪو اڀرڻ چاهي ٿو، پر اهو اڀري نٿو سگهي.

در تي سڏ ٿيڻ سان ٻاهر نڪري اچي ٿو. سندس دوست آهن. هنن سان ملي ٿو.

”ٻه_ ٽي ڏينهن آئي ٿيا ٿئي، پوءِ به منهن ڪونه ڏيکاريئي. اڄ به جي چاچو نه ٻڌائي ها، ته اسان ائين ئي لاڙڪاڻي هليا وڃون ها“ انور چويس ٿو ”ڇا پئي ڪيئي گهر ۾؟“

”بس ائين ئي پيو هوس.“

”ائين ئي يا ڪراچيءَ جا ٿڪ پئي لاٿئي. ها سائين ڪراچيءَ جون جوانڙيون ته چڱن ڀلين جي چيلهه چٻي ڪريو ڇڏين، تون ته پوءِ به سنگل پاسري آهين. بس بابا عيش ٿو­ عيش__ موج ڪر من موج!“ رزاق چويس ٿو.

”نه، اهڙي ڪائي ڳالهه ڪونهي. توهان هروڀرو غلط ٿا سوچيو، اتي ته.....“

”اڙي هاڻي ڇڏ ڇڏ. اسان توکان کسي ڪونه ٿا وٺون اهي ملوڪڙيون، توکي نيبهه هجن ميان. هاڻي وڃ تيار ٿي آءُ ته لاڙڪاڻي هلون. ’روميو جوليٽ‘ به ڏسي اچون ته يارن دوستن سان به ملي اچون. وڃ جلدي سنڀري آءُ.“ انور ڪلهي تي هٿ رکيس ٿو.

”پر مان لاڙڪاڻي ڪونه هلي سگهندس.“

”ڇو؟“ ڪوئي سبب؟“

”مون وٽ ناڻو ڪونهي! جيڪي هو سو گهر وارن کي ڏئي ڇڏيم.“

”اڙي هاڻي اهو هميشه وارو رينگٽ ڇڏ. سدائين ائين ڪنجوسي، چڱو هاڻي تيار ٿيءُ، پئسن جو ڪو فڪر نه ڪر. ڊڄ نه، تنهنجي کيسي تي بار ڪونه وجهبو.“ هو ان ٽوڪ جي وهه جو ڍڪ هاري نه ٿو، پي ٿو وڃي.

”ڏسين ڇا ٿو بيٺو، وڃ نه. اسان به ته تنهنجا دوست آهيون. ڪي ڌار ڪونه آهيون. وڃ جلدي آءُ.“ منظور گهر ڏانهن ڌڪيس ٿو.

”نه مان ڪونه هلندس. توهان ٿي اچو، مون کي ڪجهه پڙهڻو آهي.“

”چڙي وئين؟ بابا يارن سان به ڪاوڙ ۽ ليکا، وڃ تيار ٿي جلدي آءُ.“

”چيم نه ته مان ڪونه هلندس، توهان ٿي اچو.“

”چڱو شام جو ڪچهريون ڪبيون، ٺيڪ آ؟“

”ٺيڪ.“ گهر اچي ٿو.

”يوليسز“ پڙهي رهيو آهي.

”ادا“

ڪتاب تان نهار هٽائي سامنهن بيٺل ننڍڙيءَ ڀيڻ ڏي ڏسي ٿو. ”ڇاهي؟“

”ادا، پئسا ڏي، شئي وٺنديس__ هان ادا!“ ڀيڻس نماڻين نگاهن سان ڏسيس ٿي.   

”پئسا ڪونهن.“

”ادا ڏين نٿو.“ ڀيڻس ليلائي ٿي.

”وڃين ٿي يا هڻانءِ موچڙا. هڪڙو ڀيرو چيم به ته پئسا ڪونهن، پوءِ به مٿو ٿي کائين. ڀڄي وڃ هتان.“ ڀيڻ تي اُلر ڪري ٿو. ننڍڙي ڀيڻس روئندي ۽ شور ڪندي ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته هيانءَ ۾ سور محسوس ڪري ٿو. اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃنس ٿا. وڌيڪ پڙهي نٿو سگهي ۽ ڪتاب کي جاري ۾ اُڇلي، پاڻ کي کٽ تي ڪيري ڇڏي ٿو.

*

رات جو ٽائيم، سڀئي ستا پيا آهن.... ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون ڦيري رهي آهي. هِن جون نگاهون ستارن ۾ کُتل آهن.

”ابا، هاڻي هڪڙي آس اٿم. شل، توکي پنهنجي جيئري ئي موڙ ڏسي، پوءِ وڃي قبر ڀيڙي ٿيان!“ ماءُ کي ڪوئي جواب نٿو ڏئي. چُپ پيو آهي.

”پر ابا، توکي ان جي ڪا ڳڻتي ئي ڪونهي! ٻه پئسا ٽاريندو اچين تڏهن به چڱو. ڪنهن کان سڱ به گهرون ته ڪهڙي آسري تي!“ ماڻس رهي نٿي سگهي، سندس لهجو ڏاڍو روئڻهارڪو آهي.

”امان، توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم ته اجايون ڳالهيون نه ڪندي ڪر. رڳو هجئي ماڻهوءَ کي خراب ڪرڻو!“

”اهي اجايون ڳالهيون آهن ابا؟ ماڻهن جا ٻار اڃا آڱوٺي جيترا مس ٿين ٿا، ته شادي شادي ڪندا وتن ٿا، ۽ تون آهين جو ايڏي عمر اچي ٿي اٿئي، ته به شاديءَ جي نالي کان به چڙين ٿو! ابا، مانکي ته....“

”مان چوانءِ ٿو بڪواس بند ڪندينءَ يا نه؟“ صفا باهه ٿي وڃي ٿو.

”مان بڪواس ٿي ڪيان.... ماءُ.... ماءُ سان ائين ڳالهائبو آهي_ چڱائيءَ جو...“ ماڻس سُڏڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي هلي وڃي ٿي، ۽ هو سوچڻ لڳي ٿو ته، ماءُ کي ڇا سمجهائي ته هن کي خود انهن موڙن ٻڌڻ جي ڪيڏي نه آس آهي!

ڳوٺاڻي هوٽل تي دوستن سان چانهه پي رهيو آهي. سياست تي بحث هلي رهيو آهي. ڳوٺاڻا به دلچسپيءَ سان هنن جون ڳالهيون ٻُڌي رهيا آهن، ته ڪريم ڪاسائي اچي ٿو.

”ابا چڱو جو ملي وئين. مان پاڻ توهان جي گهرئون ٿيو ٿو اچان.“

”خير ته آهي ڪاڪا؟“ ڪجهه ڪجهه سمجهندي به پڇي ٿو.

”ها ابا، ٻيو مڙئي کير آهي، مهاديءَ جا پئسا وٺڻ ويس ته پڻهين چيو ته پئسا جاويد وٽ آهن، اچي ته موڪليانءِ ٿو، سو ابا، هاڻي قسمت سان مليو آهين، ته هتي ئي ڏئي ڇڏ ته چڱو.“

”پر چاچا، مون وٽ هن وقت ته ڪونهن، توهان ڏي موڪلي ڏبا، ڪوئي خيال نه ڪيو.“

”پڻهين چوي تو وٽ آهن، تون چوين ته هن وقت ڪونهن! جي پئسا نٿا لڀنو ته اهڙو گوشت کائو ڇو ٿا؟ مان ڪو ڪنهن جو نوڪر ته ڪونه آهيان، مهربان! مون کي پئسا گهرجن پئسا.“ سڄي هوٽل وارا کيس ڏسي رهيا آهن. پاڻ کي بي عزتو محسوس ڪندي به زبان نٿي چريس. ڪريم ڪاسائيءَ کي انور ئي سمجهائي ٿو: ”چاچا، تنهنجا پئسا ڪوئي کائي ڪونه ويندو، ملي ويندئي، دلجاءِ ڪر.“

”دلجاءِ ڪريان! واهه اشراف واهه، ڄڻ ڪا مان خيرات ٿو ڪيان.“ ڪاسائي ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي هليو وڃي ٿو ۽ هو محسوس ڪري ٿو، ڄڻ سندس سڀئي ڪپڙا ڪوئي لاهي ويو آهي ۽ هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ننگو هجي.

دال ماني کائي رهيو آهي ته ننڍي ڀاءُ جو روئڻ ڪن تي ٿو پويس.

”امان، اهو وري ڇا تي ٿو مِيڪي؟“

”ابا، عبدالقادر جي جي گهر مڇيءَ جو ٻوڙ ڏسي آيو آهي، چوي ٿو ته مان روز روز دال ڪونه کائيندس، مان کي انهن کان وٺي ڏيو.“

”اڙي بس ڪندين يا اچي هڻانءِ پادر؟“ ڀاڻس جو روئڻ جاري آهي. هو تپي باهه ٿي وڃي ٿو، ۽ ٻاهر نڪري ننڍي ڀاءُ کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍي ٿو.

رات جو دوستن وٽان اٿي اچي ٿو ته ماڻس فرحت کي زور ڏيندي نظر اچيس ٿي. فرحت ڳچيءَ تائين رِلهي ويڙهيون سُتي پئي آهي.

”ڇو امان، خير ته آهي! ڇا ٿيو اٿس؟“

”ابا، بخار ٿي پيو اٿس!“

”بخار!“

”ها ابا، ڪجهه ڏينهن ڇڏي، وري هليو ٿو اچيس. مئو جند ئي نٿو ڇڏيس!“

ماءُ ڏانهن مئل نگاهن سان ڏسي ڪجهه چوي نٿو.

”ڪوڊوپيرين مان ته ڪجهه وري ئي نٿو، هجن پئسا ته لاڙڪاڻي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچانس. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن وٺي اهڙو ٿي کنگهي جو مان ته ڊڄي ٿي وڃان. ابا، ويچاري ونڀرت مان جيڪي ڪمائين، سو هليو وڃي گهر جي خرچ تي. دوا ته ٿي پوين، پر انهن پئسن مان جان لاءِ ڪپڙو به نصيب ڪونه ٿو ٿئين! تو ۾ به ته آسرو ڪونهي نه! ڪاڏي وڃون؟ بس ابا، خدا اٿن، اهوئي پناهه ڏئي سگهي ٿو.“

اکيون ڀرجي اچنس ٿيون. بتي کڻي اندر هليو وڃي ٿو. ڀاڙي وارا پئسا کڻي ٻاهر اچي ٿو. هان هي وٺ، سڀاڻي لاڙڪاڻي وٺي وڃجوس.“

”نه ابا رکين، توکي ڀاڙو ڪري به ته وڃڻو آهي نه؟ پوءِ ڪيئن ڪندين، ڪير ڏيندئي؟“

”تون هنن کي رک، مان مڙئي ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺي وڃي ڪراچي نڪرندس، منهنجو خيال نه ڪر.“ هو کٽ تي پئسا اُڇلائي وڃي پنهنجي هنڌ تي ڪري ٿو ۽ سندس نيڻ ڇلڪي پون ٿا.

”منظور، ڳالهه ٻڌ، ڪجهه پئسا گهرجن، ڀاڙو ڪري ڪراچيءَ پهچڻو آهي.“ ويچاري صورت سان منظور ڏي ڏسي ٿو.

”يار پاڻ وٽ ته پئسو ڪونهي، ڪنهن ٻئي کان اڌارا وٺي ڏيانءِ، پر ڊڄان ٿو ته هن ڀيري به اڳي وانگر ڪندين. ٻن مهينن کان پوءِ ڳالهه ياد پوندءِ، مون کي ٻين آڏو ذليل ڪري وجهندين!“

”هن ڀيري ائين ڪونه ٿيندو منظور.“

”سدائين ائين چوندو آهين، رڙائي رڙائي پوءِ ڏيندين.“

”نه، هاڻي ائين ٿئي ته پوءِ هميشه لاءِ اهو سلسلو ختم سمجهه، دلجاءِ ڪر وڃڻ سان موڪلي ڏيندومانءِ.“

”چڱو، مان ڪوشش ڪندس.“

”نه ڪوشش نه، ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪري ڏيڻا اٿئي. مون کي ڪراچيءَ پهچڻ ڏي. باقي ٻي ڳالهه جو تون ڪو ئي خيال نه ڪر.“

”پر ٻيلي مڙس ٿجانءِ، ائين نه ٿئي جو مان ٻين ۾ ڏٺو ٿيان.“

”نه نه، تون خاطري ڪر.“

So you are going to your paradise.               

پيراڊائيز! هون! پڻس جي جنت. حراميءَ ڪڏهن هتي جي حالت ڏٺي هجي ته ائين چوي ئي نه. سمجهي ٿو ته ڄڻ مصيبتن جو ٺيڪو ڪراچيءَ ئي کنيو آهي. هتي هجي ته خبر پويس ته مان جنت ۾ آهيان يا دوزخ ۾!“

پهريائين هن کي پنهنجي دوست تي سخت مٺيان لڳي؛ پر پوءِ هن کي لڳو ته ان ۾ هن جي دوست جو ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه هو. ڏوهه ته هن جو پنهنجو آهي. ڄاڻندي به ڪراچيءَ مان بيگ کڻندي، هن به ته ائين ئي محسوس ڪيو هو نه، ته سچ پچ پنهنجي پيراڊائيز ڏانهن ٿو وڃي. اها جنت، جتي وڃي سڪون نصيب ٿيندس، جتي آنند ماڻيندو. آنند، جنهن جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ها، اها هن جي ڀُل هئي. نه، ان کي ڀُل نه پر چشم پوشي چوڻ گهرجي. خبر هوندي به هو ائين ئي ڪندو آهي. اصل پاڻ کي اهو زوريءَ بانور ڪرائيندو آهي يا کڻي ائين چئجي ته اهو مڃرائيندو آهي، ۽ سڪون ماڻڻ جو مزو وٺندو آهي. هن کي لڳو ته اها انساني فطرت آهي ته هو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جوڙيندا آهن ۽ ان ۾ ڪا مومل ويهاري ڇڏيندا آهن، ۽ ائين ڪري خوشي ماڻي مصيبتن ۽ تڪليفن کان چند لمحن لاءِ (خيالي ئي سهي) پاڻ آجو ڪري مڪتي حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. نه ته هن کي ته اڳ ۾ ئي اها خبر هئي ته ڳوٺ ۾ اهو هفتو ڪيئن گذرندو؟ پر پوءِ به هُن هميشه جيان اهو مڃي ورتو هو، ته اتي حالتون بدلجي ويون هونديون ۽ ان سلسلي ۾ اهو به يقين ڪري ورتو هئائين ته اتي وڃي هاڻي سک ماڻيندو سک جيڪو هن کان کسيل آهي، ڦريل آهي، جيڪو هن کي ڪٿي به اڃا تائين ملي نه سگهندو آهي، جنهن کي هن هر هنڌ هر جاءِ هر وقت حاصل ڪرڻ جي سَڌ ڪئي آهي، ملڻ جو ويساهه ڪري وڌيڪ دک ڀوڳيو آهي. هاڻي به هو اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته ڪراچيءَ وڃي سک ماڻيندو. جيتوڻيڪ هن کي خبر آهي ته ڪراچي وڃي ڪري جهنم ۾ داخل ٿيندو. وري به ساڳين مصيبتن ۾ ڦاسندو. پوءِ به هن کي ائين ٿو لڳي ته اتي وڃي هڪڙي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندو. نئين زندگيءَ، پُرسڪون، پُرلطف، شاندار زندگي! هن جي چهري تي هڪ ڪوڙي مرڪ ڦهلجي وڃي ٿي.

جاويد او جاويد!

ڇاهي؟ ننڊ مان ٿو اٿارين!

ننڊ مان ٿو اٿاريانءِ، ڪمال آ سج چڙهي آيو آهي، تڏهن به خانصاحب ستو پيو آهين. بابا، اٿي ماني پچاءِ. اسان تنهنجا نوڪر ڪونه آهيون، جو تنهنجي واري جو ڪم به اسان ڪري ڏيون.

يار مون کي بخار ٿي پيو آهي، تو ئي کڻي پچاءِ، شام جو ماني مان ڪندس، ننڊ به ته اڃا اڳهن آئي هئي.

بابا اهي نخرا هتي ڪونه هلندءِ. ماني اٿي ڪر ته واهه، نه ته وڃي هوٽلون سنڀال ته خبر پو­ئي ته گهڻي ويهين سو آهي!

چڱو ناراض نه ٿيءُ، مان ماني ڪيان ٿو.

جاويد!

هون.

پگهار مليئي؟

نه يار اڃا ڪونه مليو آهي.

يار ڪمال آهي! ٻين کي ملي وڃي، باقي توسان ڄڻ دشمني اٿن. بابا مسواڙ ڏيڻي اٿئي، ڪٿئون به پئسا آڻي پورا ڪر.

يار اهڙو ڇو ٿيو آهين! پئسا هجن ته مان ڏيانءِ. خبر اٿئي راتوڪي کاڌي تي آهيان ۽ مٿان اچي رات ٿي آهي، تڏهن به کائڻ پيئڻ جو ڪو آسرو ڪونهي ۽ تون وري پيو......

ٻُڌ جاويد، مان تنهنجي بک سان ٻڌل ڪونه آهيان. بابا ائين ڪم ڪونه ٿيندو، جي رهڻو اٿئي ته پئسا هلاءِ، نه ته وٺ ٽڪيٽ، ٻيا به کوڙ پارٽنر ٿي رهڻ لاءِ پيا ايلاز ڪن. رڳو تون ڪونهين. هڪ ايترو سستو رهايانءِ، مٿان وري......

ناراض نه ٿيءُ يار، مان ڪٿان نه ڪٿان پئسن جو بلو ڪري ٿو وٺان.

هٿ ڪجانءِ ڪنهن به صورت ۾، نه ته هتان پنهنجا ٽپڙ ٻڌ.

غلام محمد!

ڇاهي

ڪم چوان ڪندي؟

ڪهڙو ڪم؟

يار اڄ وري هٿ پير سڙڻ لڳا آهن. مهرباني ڪري اسٽور تان هيءَ دوا ته وٺي ڏي. منهنجو مٿو ٿو ڦري نه ته جيڪر مان پاڻ ئي وٺي اچان ها.

بابا مون کان اهو ڪونه پڄندءِ، مان پاڻ توکان وڌيڪ ٿڪل آهيان. اهڙو شوق ا­ٿئي ته پنهنجن ڄنگهن کان ڪم وٺ. مان سمهان ٿو، متان جاڳائين......

جاويد

هون

ڇا ٿو ڪرين

پڙهان پيو

ٻڌ هاڻي اهو پڙهڻ ٻڙهڻ ڇڏ. مون کي ننڊ نٿي اچي. مهرباني ڪري بتي وساءِ.

پر اڃا ته ڏهه ٿيا آهن. هيترن ڏينهن ۾ اڄ ئي ته پڙهڻ لاءِ ٽائيم مليو اٿم.

بابا مان چوانءِ ٿو مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ ڪانه ايندي آهي. پڙهڻ جو اهڙو شوق ا­ٿئي، ته وڃي پنهنجي لاءِ خلاصي جاءِ هٿ ڪر. هيءَ منهنجي جاءِ آهي ۽ هتي منهنجي ئي هلندي. سمجهيئي يا........

ارباب !

چئه

يار اڄ ته هڪڙي مهرباني ڪجانءِ.

ڪهڙي؟

يار منهنجا مهمان آيا آهن. انهن کي مان پاڻ واي کٽ ڏيندس، تون مون کي پاڻ سان سمهڻ ڏجانءِ. مڙئي هڪڙي رات جو مسئلو آهي، ڏکي سکي گذري ويندي.

نه بابا. مون کي ٻئي سان گڏ سمهڻ ۾ آرام ڪونه ايندو. تون وڃي پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو بِلو ڪر.

ان ڏينهن تنهنجا مهمان آيا هئا ته مون سان ڪونه سمهيو هئين؟ مڙس ٿيءُ، ائين نه ڪر ني. مهمان ڇا چوندا؟

تون وري يار عجيب ڳالهيون پيو ڪرين، هڪڙو پنهنجي جاءِ ۾ رهايون، ٻيو وري اهي نخرا. اهو آهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جو بدلو؟

ڪشور ڳالهه ته ٻڌ.

چئه.

جاويد ته ڪڏهن ڪا فلم ڪونه ڏيکاري ا­ٿي نه؟

اهو سُڃو ڇا فلم ڏيکاريندو! پاڻ ته پالي، هڪڙي جوڙي کي به سڄو هفتو ٿو هلائي. ڏس ڪپڙا ڪهڙا ٿي ويا اٿس. ماريو جهڙو ڀنگي. ٻڏي به نٿو مري!

اڙي هوريان ڳالهاءِ ته ٻڌي نه وٺي. ٻڌندو ته وري ڇا ڪندو. مان ڪوڙ ته ڪانه ٿي ڳالهايان. تون ئي چئه اٿس ڪو افعال؟

ها اهو ته سچ آهي، تڏهن ته ڪا به ڇوڪري لفٽ ئي ڪانه ٿي ڏئيس نه؟

ڇوڪرين جو اٽو کٽو آهي، جو اهڙي ڀنگيءَ کي منهن لڳائينديون. باقي نازلي جي تون مهربان ٿئينس ته ٻي ڳالهه آ.

منهنجي مهربان ٿئيس جُتي، مان اهڙي ڪنجوس تي کنگهان به ڪونه. تون ٿي مون کي ائين چئين. دنيا ڇا کُٽي آهي. کِلي ڳالهاءِ ته سڀئي مرد پيرن ۾.

جاويد اڙي جاويد.

جيءُ... ڇا کپئي؟

جلد نِڪر، مون کي وهنجڻو آهي. اڄ نوشيءَ سان پروگرام آهي، دير ڪ­يم ته ناراض ٿي ويندي.

ٿورو ترس، باقي ٻه ڪپڙا وڃي بچيا آهن. منٽن ۾ ٿو ڌوئي وٺان.

نه بابا، پري ٿيءُ_ مون کي تڙ ڪرڻ ڏي، پوءِ ڌوئجانءِ ۽ اهي ڪپڙا.

صبح جو به ته تڙ ڪيو هُيئي نه.

ته پوءِ هاڻي نه ڪيان. اٿي اٿي جلد ڪر نِڪر.

جاويد!

هون.

يڪو غسلخاني ۾ ڇا پئي ڪيئي؟

”............... ..!“

اڙي مري ويندين ڇورا! پئسا ڪڍ، کوڙ ڇوريون. ڪراچيءَ جهڙو شهر، جتي ڇورين جو سمنڊ ٿو وهي، اتي به تون پياسو...!؟

ڇورين تي پئسا خرچ ڪريان ته گهر ڇا موڪليان. پاڻ ڇا کاوان بک مرڻو ته ڪونهي؟

اڙي پوءِ ڪا چڱي نوڪري هٿ ڪر نه، ائين ته مري ويندين. ڏس ته ليڙ ڪتيڙ ٿي ويو آهين.

چڱي نوڪريءَ لاءِ سفارش ۽ پئسو ڪٿان اچي، اهو سوچيو به ا­ٿي.

ته بابا پاڻ ڄاڻ، مون سان ڇو ٿو وڙهين!

سر توهان سڏايو؟

مسٽر جاويد، توکي نوڪري ڪرڻي ناهي ڇا؟

سر.

سر ڇا، اڄ به دير ڪري آيو آهين. مون کان اهو برداشت ٿي نه سگهندو.

سر صبح جو ماني ڪرڻي ٿي پوي. وري بس جو اوسيئڙو. بسون اهڙيون ڀريون ٿيون اچن، جو لڙڪڻ جي جاءِ به نٿي ملي، سر........ .

ٻُڌ مان بهانن سان ٻڌل ناهيان. آئيندي ائين ٿيو ته پگهار ڪٽجڻ کان به وڌيڪ سزا ملندئي، اهو ذهن ۾ ويهاري ڇڏ، ته هيءَ ڪراچيءَ آهي، تنهنجي سنڌ ناهي!

ييس سر.

جاويد سنڌ ٿو وڃين؟

سنڌ ٿو وڃان! ته ڪراچي سنڌ ناهي ڇا؟

ڪراچي وري سنڌ ڇا جي آهي، ڪراچيءَ جي الڳ حيثيت آهي مسٽر جاويد.

ڀائي سنڌي ڪراچيءَ کي کائي ويا، جيڏانهن ڏس اتي سنڌي حاضر.

هي پنهنجي حڪومت اٿن، مستيون ڪرڻ ڏين، باقي سندن حڪومت ڊهي، ته اهڙا موچڙا هڻنداسين، جو وري ڪراچيءَ ڏانهن منهن نه ڪندا.

اڙي هوريان ڳالهاءِ ڪو سنڌي... ويٺو نه هجي بس ۾.      

هن سان ملو، هي مسٽر جاويد آهي، سنڌ کان هتي آيو آهي. پنهنجي حڪومت اٿن، تڏهن هتي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ نوڪري ملي اٿس، نه ته هن ويچاري ته خواب ۾ به ڪراچي نه ڏٺي هوندي. ها ها... ها! مسٽر جاويد، مان چرچو پيو ڪيانDont mind it.  

ڇا ٿو ڳولهين جاويد؟

ماني ڪانه ٿي نظر اچي!

نه اڄ ڪونه ڪئي اٿسي.

ڇو؟

بابا پئسا ختم ٿي ويا. هاڻي سڀڪو وڃي پنهنجو بندوبست پاڻ ڪري.

ماري ڇڏيو­، پگهار ۾ اڃا ايترا ڏينهن پيا آهن. هاڻي ڇا ٿيندو؟ اوڌر به ته وڏي مصيبت ۽ ذلت کڻڻ کان پوءِ ٿي ملي. ڀلا سدائين ايڏو جلدي ميس جا پئسا ڪيئن ٿا ختم ٿي وڃن؟

ڪيئن ٿا ختم ٿي وڃن! يعني مان ٿو کپائي ڇڏيان؟ اها آهي شرافت، رهندو مون تي الزام ٿو هڻين!

يار تون هر ڳالهه انهيءَ طرف ڇو کڻي ويندو آهين، ڪڏهن ڳالهه جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش به ته ڪندو ڪر.

يعني مان ڀوڪ آهيان ۽ تون...

يار منهنجو اهو مطلب ناهي. خير ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اڳتي مون کان اهڙي غلطي ڪانه ٿيندي. مان...

چڱو هاڻي مٿو نه کاءُ، جان ڇڏ.

”هونءِ مان به وڏو ذليل آهيان. وڏو ڪميڻو، اصل نئود. ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ تنگ پيو ڇنان. صبح کان وٺي ڪيڏي نه خوشي شروع ٿي وئي آهي. ڇڏ اتي وڃي ڪو لڪل خزانو لهندس. نئين زندگيءَ جي شروعات_ پر لطف_ پر سڪون_ شاندار زندگي ۽ ڪراچيءَ هوندي ايڏي خوشفهمي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com