سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :7

پر ترسو اوهان سمجهيا هوندا ته آءُ ڪو وڏو امير ماڻهو آهيان، منهنجي گهر ۾ دنيا جو بهترين رانديڪو رکيل آهي. آءُ مڃان ٿو ته اهو موجوده دنيا جو سڀ کان بهترين رانديڪو آهي؛ پر مون اهو خريد نه ڪيو آهي، هڪ آرٽسٽ دوست مون کي پُٽ لاءِ، پنهنجي ٽين ايج جو ٺاهيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو آهي. (پاڻ گهري ورتو هيومانس)

آءُ چوان ٿو، ساروڻا به ڇا آهن، ماڻهوءَ کي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاهر نڪري سامهون ننڍي ڀاءُ جي ستر هزارن ۾ ٺهرايل اڌو گابري وڏي جاءِ ۾ نهاريان ٿو. اڳي اتي منهنجي ڳئن، مينهن، ٻڪرين، رڍن ۽ هرڻيءَ جا واڙا هئا ۽ هاڻ رڳو هڪ ڪُتو، ٻيو ان ڪُتي جي پونگڙن جو هڪ جوڙو آهي، پيئر. ساروڻا به ڪيڏا نه سلوڻا آهن. جڏهن اچن، ماڻهو ذهن جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ هليو وڃي. مون وٽ ته ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو به هو. هڪ ڍڳو ته موهن جي دڙي جي سيل واري وڏي ٿوهي واري ڍڳي کان به سگهارو، وڏن سڱن وارو. ڍڳو ناهي ته ڇا ٿيو، ان جي چهري جي جڙاوۡ جو ڀرت ڀريل ساڄ ته مون وٽ تجوريءَ ۾ موجود آهي. الوءِ، ڏسي ڪيڏي نه اربيلي نرواڻ جيهي سانت ملندي آهي. هر ڪا شئي پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي نه ڪهاڻي آهي، ڇا منهنجي ڍڳن جي ساڄ تي ڪهاڻي نٿي لکجي سگهي؟ ٽجوڙين ۾ ته سون ۽ روپو رکبو آهي، نه ڍڳن جا قديم ساڄۡ. گهر آهي ڪين فرانس جي لاري ميوزيئم جو ڪو ننڍڙو خانو.

هون___ ڪهاڻي... ڪهاڻي، پاليٽڪس تي ڪهاڻي. رومانس، نو سيڪس. آرڊر از آرڊر......

هان____ ڇا اڄ مان هن گهر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ نه ٿي ويو هئس. چاهيم پئي ته زال سان سيڪس انجوءِ ڪريان؛ پر هوءَ ويچاري اۡٻوجهه، هن کي ڪهڙي خبر ته وهانءُ ويل پهرين رات اسان ان گهر ۾ هني مون ملهائي هئي.۽ اڄ رات، چويهه__ پنجويهه سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گهر ۾، ان ساڳي ڇت هيٺان، ايڏي نويڪلائي!

جڏهن ته سڀ ماڻهو پوڙهي نانيءَ جي مرتيو تي ويا هجن. جيون ۾ چوويهن_ پنجويهن سالن کان پوءِ ساڳي کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو هندورو. بس ڪا شئي واڌارو آهي ته اهو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڍ ۾، الوٽ ۽ الوپ ٻار. ايڏو نويڪلا ۽ ٽن_ چئن سالن جي پٽ جي ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منهنجي زال نانيءَ جا ڏک ۽ ڏنجهه کنيو ويٺي آهي. چوانس پيو ته گڏهه، هن جا ته پير به هاٿي روڳيءَ جيان سُڄي پيا هئا. نه ويڄ نه طبيب. هن کي ته پاڻ نوي سالن کان پوءِ نرواڻ ملي آهي. اڄ دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪهاڻي لکان، الا، اها منهنجي لائف جي بهترين ڪهاڻي هوندي. چوي ٿي:

”ٻوٿ، ڪهاڻيون.... هڏ ته سڪائي ڇڏيا اٿئي پنهنجا، ڇڏ انهن کي، چريو ته نه ٿيو آهين!“ آءُ ڳراٽي ٿو ٻڌانس.

”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، هندن ۾ به ٽي_ چار ڏينهن مُئي جو ادب ڪندا هوندا.“ هوءَ ڪاوڙجي برُ ٿي نڪري ٿي وڃي.

”پوڙهي... حرامزادي...“ آءُ گاريون ڏيندو رهجي ٿو وڃانس.

ڪهاڻي.... هون ڪهاڻي، ناني ته وڏي ڪهاڻي هئي. پر نو سيڪس، نو لۡو، اونلي پوليٽڪس... پيور پوليٽڪس. سوچيان ٿو، پيور پوليٽڪس تي ڪهاڻي لکڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؛ پر اڄ جي رات ته موت تي ڪهاڻي لکڻ جي آهي، جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از ناٽ امپاسيبل مشن، ته پوءِ ماڻهو مرن ڇو پيا؟ جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو؛ پر ڏاٺ جي سور لاءِ اڃا تائين ڪابه سٺي دوا نه ٺهي سگهي آهي. اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آهي، موت تي ته ڪنٽرول جي ڳالهه ئي پري ٿي. ان جا ڪنهن سبب سوچيا آهن، ان تي ڪنهن ريسرچ ڪئي آهي؟ ها، جاري آهي. شيم... شيم... شيم...

ٺيڪ آهي، اڄ ڪهاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منهنجو مٿو ڪيئن ٿو ڀڄي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آهيان، جنهن کي جڏهن گهمائيندا وڃو ۽ ڪهاڻيون ڌڙاڌڙ نڪرنديون اينديون... ٺيڪ آهي، سڀاڻ چوندوسانس پيور پوليٽڪس معنا پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دا ٽائيم آف پاليٽڪس، اٽس اوور، آل اوور، نائو آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽو ڊي دا يونيورس نيڊس ٽالسٽاءِ، هر من هيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاهه سچل_ هٽلر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشيف، ڪينڊي دي آر ان وانٽيڊ نائو. نو پاليٽڪس، نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين!

هون__ ٺيڪ آهي ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندومانس سو روپيو جيڪو مون کي ڏيندو، ان جي مون کي به خبر آهي، باقي سنڌ جو نقشو مون کي گهر ۾ چوريءَ جوئي سهي، رکڻ جو حق ناهي ڇا؟ آءُ اها ساڳي ڪهاڻي ڇو نه لکان؟ ۽ آءُ پنهنجي مرضيءَ جي ڪهاڻي لکي، لت کوڙي سمهي رهان ٿو.

ته ــــ يار مون کي ته ائين ٿو وسهي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو وڍيا پيا آهن. ڳڀا ڳڀا ٿيا پيا آهن. ماڻهو آدجڳاد کان ڳهن پيا. ماڻهو خوش ڪونهن. ڪٿي به، ڌرتيءَ جي پوري گولي تي ماڻهو خوش ڪونهن. ماڻهو پوپٽي هيراننداڻيءَ جيان سپنن ۾، سوچن ۾ تلڪ چاڙهي تي ٻارن جيان ڇولا کائڻ ٿا چاهين، پر ماڻهو پنهنجو اندر پيا کائين. ائين آهي ڪين نه ...؟

علي بابا

(”سائي سڪار جي آس ۽ ...“ تان)

مهتاب محبوب سُريت

ٻن ڪلاڪن جي ڦٿ ڦٿان کان پوءِ سندس منهن جي موڪري تختي، ميناڪاري ڦُلن وارين چانديءَ جي سڳين سان ڳُتيل چوٽين ۾، ڪُندن وانگر پئي ٻهڪي.گلابي گربيءَ جي اٺن والن جي ڳوريءَ شلوار تي، چُهچ سائي شيفون جارجيٽ جو هُرمچ جي ڀرت سان رئو ۽ پهراڻ پائي، عطر جي اڌ شيشيءَ سان پنهنجو انگ انگ مهڪائي، جنڊيءَ جي هندوري تي اۡهلجي، ڀت تي لڳل گهڙيال ۾ اکيون کُپائي، هُن سگريٽن جا سوٽن تي سوٽا پئي هنيا، ته ڪڏهن ٿا چار وڄن جو تيزگام اچي. گهڙيال جا ڪانٽا به سندس اکين وانگر هڪ ئي هنڌ کُپجي ويا هئا؛ پر ٽڪ ٽڪ سا چٽي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اوسيئڙي ۾ اوٻاسيون ڏيندي ڏيندي ٻپهرن جي ننڍ جي ويل به ٽري ويس. جڏهن کان ڪنهن ڊائجيسٽ ۾ پڙهيو هئائين، ته ٻپهر جي ننڍ سان حسن ۽ جوانيءَ ۾ واڌ ۽ نکار اچي ٿو، تڏهن لاڪر ٻپهري واري ننڍ سندس لاءِ، ڪنهن عبادت گذار جي نماز وانگر عين ثواب ٿي پئي هئي_ پر خير... نمازون به ته ڪڏهن ڪڏهن قضا ڪرڻيون پونديون آهن؛ تنهن ڪري اهو ڪو منجهائيندڙ مسئلو نه هو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اها ڪسر اونهين صبح جو دير سان اٿڻ ۾ پوري ٿيڻي هئي. کيس اها به خبر هئي ته ان آگهور ننڍ جا نشا ٻپهرن واري ننڍ کان هزارين درجا حُسن ۾ نکار ۽ نواڻ پيدا ڪندا آهن.

اِنتظار جي عذاب کان بچڻ لاءِ، هوءَ مينديءَ رتن پيرن سان هندوري جي لۡسي ۽ چلڪڻي ڪاٺ تي وڄٽ ڪري جهونگارڻ لڳي:

                برهه دل کي ڪيو بي حال آ

                هاڻي هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ...

گيت مزو ڏنس ۽ پنهنجي آواز جي لئي تي پاڻ موهت ٿي پئي. موهه ۾ اکيون گهڙيال تان هٽي ويس. پهرين مصرع کان پوءِ ٻي مصرع... ٽين مصرع ۽ اڃا چوٿين مصرع پئي ڳاتائين، ته ٺيڪ آن مهل تيزگام جي سيٽي به ڪن تي پيس. هوءَ انهيءَ دم شينهڻ وانگر اُڇل ڏئي اُٿي ۽ آرسيءَ اڳيان ٻيهر پنهنجو ڀرپور جائزو وٺڻ لڳي. ڇِلي باداميءَ جهري رنگت تي، نڪ جي ست رنگي لونگ، ڪجلين اکين واري وڻندڙ نقشن ۾ ڄڻ ڪا لاٽ ٻاري ڏني هئس. سامت ڀۡري مُرڪ صحتمند چپن تي پکڙجي ويس؛ جا هر حۡسين ۽ جوان زال جي چهري تي، پنهنجي جوڀن کان مطمئن ٿيڻ مهل ازخود پکڙجي ويندي آهي.

هوءَ ڪهڙي به هئي ته به اعلي1 ۽ نفيس ذوق جي مالڪ هئي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خاص خيال رکندي هميشه اڇي اُجري ۽ صاف سٿري رهندي هئي. جتان لنگهندي هئي، اتان موتئي جي مهڪار پکڙجي ويندي هئي. اٺين ڏينهن جڏهن وٽس هُو ايندو هو، تڏهن ويتر پاڻ کي ٻهڪائي رکندي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته مرد اهڙي زال مان ڪڪ هوندا آهن، جنهن جي جسم مان هر وقت ٿوم، بصر، هيڊ ۽ پگهر جا مليل جُليل ڀڀڪا پيا ايندا آهن؛ جيڪي رڳو ان مهل ٽرنڪن ۽ ڪٻٽن مان سٿيل سهڻا ويس وڳا ڪڍي پائينديون آهن، جڏهن کين ڪيڏانهن اٿڻو_ ويهڻو هوندو آهي. اُنهن ليکي مرد، مڙس ٿيڻ بعد ان قابل نه رهندا آهن، جو سهڻا ڪپڙا پائي اُنهن جون اکيون ۽ دل ٺارجي. هوءَ اڳئين زماني جي دلربا حسينائن نازنائين وانگر نِجا ۽ خالص سينگار ڪندي هئي. گلاني رنگت ڪاڻ پنير ۽ رۡسوۡل جا وِهه جهڙا وٽا پيئندي هئي. ڪيسوڦلن جي پاڻيءَ ۽ کير جي ڦيڻ سان مُنهن ڌوئيندي هئي، ماکيءَ جون سرايون اکين ۾ وجهندي هئي. تيل ڦُليل، سُرما، مينديون مساڳ استعمال ڪندي هئي. وارن کي ميٽ ۽ ليمي سان ڌوئيندي هئي . چيلهه کي تاحيات مضبوط رکڻ ڪاڻ کونئر ۽ چۡوڙ ڪُٽي ڦڪيندي هئي. جسم کي سدا جوان رکڻ لاءَ طرح طرح جي تيلن ۽ عطرن جي مالش ڪرائيندي هئي. هن کي چهري تي ڪريمن ۽ پائوڊرن ۽ لوشنن جا ليپا پوچا بنهه نه وڻندا هئا... ها، هڪ ڀيرو سو کيس ”آئل آف اۡولي“ لڳائڻ جو شونقڙو ٿيو هو. اهو خيال هونءَ ڀلجي به نه اچيس ها؛ پر جڏهن ڏٺائين ته ولائتي زالون ته ٺهيو، ديسي به انهيءَ سئو سئو جي شيشيءَ ڪڍ مکين وانگر ڇتيون هيون، تڏهن سوچيائين ڪا ته مڻيا منجهس هوندي! جڏهن هڪ رات مومل کيس ان شيشيءَ لاءِ فرمائش ڪئي هئي ته هُن ڇاتيءَ سان لائيندي چيو هئس: ”سچي سون کي پالش جي ڪهڙي ضرورت.“ تڏهن انهن لفظن جي سرور، گهڙي کن ۾ سندس نکريل روپ ۾ جيڪي جۡرڦۡل ٻاري ڏنا هئا، سي ”آئل آف اۡولي“ جي شيشي ڪن ورهين جي استعمال تائين به نه ٻاري سگهي ها. هُن ته کڻي پنهنجي کيسي بچائڻ ڪاڻ اها ڳالهه ڪئي هئي، پر هن ته اهي ٻول هميشه لاءِ هنئين ساڻ هنڊائي ڇڏيا هئا. هڪ دل گهريو دلدار، جيڪو مردانگيءَ جو ڀرپور ۽ مڪمل نمونو هجي، ان جي طرفان ٿيل تعريف کي ڀلا هوءَ ڪيئن پئي وساري سگهي. هن کي به جي نقلي سينگار سڙا وڻن ها، ته پوءِ لاچار اهي ليپا پوچا استعمال ڪرڻ کان وۡسئون ڪين گهٽائي ها؛ پر سندس نِجا ۽ خالص سينگار هن کي وڻندا هئا. اُهي مٺڙا ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُريس پئي، جڏهن چار_ پنج مهنا اڳ هن جي سريت ٿي، هن مسواڙ واري گهر ۾ آئي هئي.

هُن سندس اکين مان مۡڌ جا ڍُڪ ڀريندي، مينديءَ رتو نازڪ هٿ پنهنجي ڳاڙهي ٽِڪ سان مُنڊيءَ واري رعبدار ڳۡري هٿ ۾ جهلي زور سان دبائيندي چيو هئس:

”جانب، تنهنجي جمال جي مان ڪهڙي ساراهه ڪريان، تنهنجي انهن سينگارن ته مونکي بنِهه سُڪۡ ڪري ڇڏيو آهي.“

”ڇو ڀلا؟“

”اِهي سينگار آهن سون تي رتيون.“

”ڪيئن ڀلا؟“ اۡڙيڪاپ هئي، ته به ڀورڙي بڻجي پُڇيو هئائينس.

”مان توکي دل سان ماڻي سگهندو آهيان.“

”ڇا جي ڪري؟“ هن هيٺين چپ جي ڪنڊ کي چڪ پائيندي پڇيو هو.

”انهيءَ ڪري جو تنهنجي نقلي پنبڻين ڪرڻ جو ڊپ نه هوندم، تنهنجي لگ وکرڻ جي ڳڻتي نه هوندم، نوڪدار ننهن سان اۡک نڪرڻ جو ڀوءَ نه هوندم، لوشن جو ليپ وات ۾ وڃڻ جو اُلڪو نه هوندم_ وڏي ڳالهه ته فيشن ڪاڻ فاقن ماريل هڏائون جسم ٽِڙ ڪڻ جو اونو به نه هوندم!“ هُن جيئن پوءِ تيئن ويجهو پوندي چيس.

”اهڙيءَ سان پلئه اٽڪيو هيۡئي ڇا؟“ هِن گهورن سان گهائيندي پڇيو هئس.

”توبهه ڪر!“ هُن ٿُڪ ڦِٽي ڪندي وراڻيس. ”مونکي سُڪل هريڙيون نه وڻنديون آهن، جن کي ڪُٽي ڦۡڪي کائي ڇڏجي.“

”تڏهن ڇا وڻندو اٿئي؟“

مونکي ڳئون جهڙو پڪو گوشت وڻندو آهي، جنهن کي ڇيڇارڻ ۾ مزو ايندو اٿم.“ هن سندس هپس تي زوردار ٺاپي هڻندي وراڻيو.

”مون تان کِلون ٿو ڪرين.“ مومل ٻانهن ۾ هلڪڙي چُهنڊي پائيندي چيس.“

”سچي، مونکي تو جهڙي مڻيادار آدرشي مرد، بهادر ۽ سگهارو... جنهن جي پپر جهري ٿڌي ڇانوۡ ۾، مان سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذاري ڇڏيان.“ هِن سندس جريب جيتري ويڪري ڇاتيءَ ۾ پنهن جو منهن لڪائيندي چيو هو.

تن ڏينهن هوءَ ساڻس حجاب ڪندي ٿورو ڳالهائيندي هئي. وقت سان گڏ جڏهن حجاب لهي ويس، تڏهن خوب انگل آرا ۽ حجتون ڪرڻ لڳي هئي. هينئر به ادائن جو اسير بنائڻ لاءِ، ڪوسۡٽل سٽي هوءَ مرڪي پئي ۽ آئيني آڏو هٽي، ميز تان پيڪيت کڻي لائيٽر سان سگريٽ دکائڻ لڳي. ٽانگي جي ڇڻ ڇڻ تي هوءَ ڊوڙي دريءَ ڏانهن وئي، کيس ايندو ڏسي هڪدم سگريٽ اڇلي، در جي ڪنڍي کولي، ڏاڪڻ لڳ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي اۡمالڪ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي سٽي، منهن ويڙهي پئجي رهي. ڏاڪڻ تي هن جي هلڻ جو آواز جڏهن ڪن تي پيس تڏهن کيس ٻڌائڻ ڪاڻ، درد جي پيڙا سان ٽنگ ٻانهن چورڻ جي بهاني، وڏي رڙ ڪري چيائين: ”اي الله، شڪر آ تنهنجو! اهڙين حالتن ۾ ڪيو اٿئيم جو سڃن ڀونگن ۾ پئي پرين لاءِ پساهه کڻان...“

هُن اهو درديلو فرياد ٻڌو، پر انبن جي وڏي کوکي کيس مُنجهائي ماريو، تنهنهڪري ڪا رومينٽڪ سچئيشن ڪرئيٽ نه ٿي سگهي، جا اهڙن موقعن تي ٿيڻ گهربي هئي؛ رهندو هڪل ڪري چيائينس: ”مومل... هي ته وٺائيم، ڦاسي پيو آهي.......“

”آءُ ٿي مران پنهنجي ساهه ۾“؛ داد نه ٿيندو ڏسي رُکائيءَ مان وراڻيائينس. ” ڇا ڦاٿو اۡٿئي؟“

”کوکو ڦاٿو آهي“ هُن پگهر اُگهندي چنگهه چنگهان مان وراڻيو.

”ڪٿي لڳو اۡٿئي ڪوڪو؟“

” اوهو.... چهُ.... ڪوڪو نه، کوکو؛ کوکو! انبن جو کوکو ڦاٿو آ در ۾ ..........“

” اۡلا... آءُ ته اُٿي به نٿي سگهان... کوکو ڪٿان کڻائيندس!“ مومل نزاڪت ڀريي نوع مان ڪوٺيءَ اندران وراڻيو.

هُن جو رُڪ جهڙو تتل بدن ويتر باهه ٿي ويو.

ڪاوڙ ۾ درجو ٻيو طاق ٺونٺ سان جهڙو ڌڪيائين، تيئن ٺونٺ ڦتجي رتورت ٿي پيس... جوش مان وٺي جو کوکي کي مٿان کان اُڇل ڏنائين، ته سڄو اڱڻ انب انب ٿي ويو. ڦهڪو ٻڌي هوءَ، جا دۡت هنيو هئي، ڏهڪاءُ مان اندر ئي اندر سُسي وئي.

” مار!، ڏاڍو ڪو جوش وارو آهي؛ پر مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو، اڳڙين جو گڏو به ڀلا ڪو مڙس چئبو...“ پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين.

شينهن جهڙو مڙس پگهر ۾ شل ٿي هن جي ڀر واري کٽ تي پکي هيٺان اچي ويٺو. هوءَ زالن جي سدا جوان ادائن پٽاندر همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن جو تيئن مُنهن ويڙهيو پئي هئي. هيڏانهن هو به ڀرئي مۡٽ جيان همدرديءَ جون اميدون رکيو ويٺو هو، پر ڪوبه ٻوٽو ٻۡرندي نه ڏسي آخر پاڻ ئي ڪُڇيو.

”ڊيٽال ته ڏجان، ٺونٺ مان رت پيو وهيم.“

” ڇا مان پيو رت وهنئي!؟“ هِن ڪنن تان چادر هٽائيندي بيتابيءَ مان پڇيس.

”ٺونٺ مان، ٺونٺ مان! ٻڌءِ ڪونه ڇا؟“

”الله پناهه ڏي، آءُ ته سڄي ڊڄي ويس ته الائي ڇا مان پيو رت وهي.“ .... هوءَ نزاڪت مان ائين چوندي منهن بڇڙو ڪري سنڌن جي سور جي مريضن وانگر اُٿي.

 “اۡلا... ا... چُري به نٿي سگهان... سڄو بدن ڄڻ ڀڄيم پيو، ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم، پر تنهنجو رت ڏسي اُٿان ته متان تون دل ۾ اهو نه سوچين، ته اٺين ڏينهن مهمان ٿي ٿو اچان ته منهنجي اها عزت آهي!“ وهنجڻي مان ڊيٽال آڻي ڪپهه جي ٻڙي تي لڳائي. رت اوگهڻ کان پوءِ مِٺي زهر جي ڇُري سان چهڪ ڏيئي لوڻ ٻرڪيندي پڇيائينس:

”مۡس ڀوپيءَ ڇڏيو اٿئي جو آيو آهين.“ هُن جي زال ايمڻا جو ذڪر هوءَ ڀوپيءَ جي نالي سان ڪندي هئي. ” ڪيترن ڏينهن جي موڪل ڏني اٿئي ڀوپيءَ“؟

”هُون! هوُءَ ڇا موڪل ڏيندي مان پاڻ ڇڙو ڏيڍ ڏينهن لاءِ آيو آهيان“.

”بس ڏيڍ ڏينهن لاءِ! ڇو؟ مون ڪو ڏوهه ڪيو ڇا... اٺ ڏينهن رهين ڀوپيءَ وٽ ۽ ڏيڍ ڏينهن مون وٽ! آءُ ڪا اُن ڀۡپ کان به ويس ڇا، وري به جوان ته آهيان ايڏي سونهن کڻي ڪونه اٿم“.

”ڪير ٿو چوي ته تو ۾ سونهن ناهي، ڪو تو جهڙو ٿي ته ڏيکاري“ اک ڀڃندي چيائينس.

”پيارا مان ته پاڻ کي ڪجهه به نٿي سمجهان؛ پر هُن کۡل کان وري به چڱي آهيان، پاپن جي پڃري کان ته سٺي آهيان، جنهن کي ڏٺي پيو ڊپ وٺي“. ائين چوندي مُنهن ۾ جُوهه پائي ڏنائينس.

”آئي هان! اهو اکين کي ڇا ٿيو اۡٿئي؟“

”ڇا ٿيو اٿم؟“ هُن هراس مان تڙ تڪڙ ۾ اکين تي آڱريون ڦيريندي پڇيو.

”ڏرا ڇو ڏيئي ويون اٿئي؟ مون ته تنهنجو منهن هيئنر جاچي ڏٺو آهي“.

”توکي ته سدائين مسخري سُجھي“ هُن چڙ مان چيس.

”نه نه، الله جو سُنهن، مسخري نٿي ڪريان_ هي ڍڳي گاڏيءَ وارو مۡکُ اکين ۾ ڇو هنيو اٿئي؛ ويٺو هنئين ڇا ڍڳي گاڏيءَ ۾ جو هٿ اک کي لڳي ويئي.“

”هۡه هۡه...،“ ڍرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين. ” اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي؛ اڄ ايمڻا سُرمو پارايو هئم.“

”پوءِ سُرما پائي سهاڳي ٿيو اُتي پيو هجين ها نه، مون ڏانهن ڇو آيو آهين؟“

”تون ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو ويٺي آهين، هاڻي ڇڏ روسامو“.

”کري آهي ان پيريءَ ۾، جو نوان نوان لاڏ ڪري ٿي توکي پرڀائي. وڃي منهن تي ڇنڊو هڻ، هنيانءُ ٿو ڦاڙينم.“ ناز مان نڪ گهنجائيندي چيائينس.

”اڇو رۡئو ڪِليءَ تي ٽنگيو پيو اٿئي، انهيءَ جي ڪنڊ پُسائي اکين کي زور سان مۡهٽ ته ڪارنهن نڪري.“

”حاضر منهنجي سانئڻ، حاضر!“

هو اُٿي وهنجڻيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو، ته هيءُ وري کٽ  تي اۡهلجي پئي ۽ هٿ ڊگهيري سائيڊ ٽيبل تان ننڍڙي آرسي کڻي پنهنجو منهن جانچيندي وڏي واڪ چيائين:

”سُرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير“. مونکي ته ڏس، ڪيئن نه ٺهي ٿو، اکيون کُليو ٽونئر ٿيو پون، تو وانگر نه ته ماڳهين اندر گهڙيو وڃن.“ آرسي رکندي چيائينس: ”تون وري به سدا ملوڪ آهين، ڀوپي پائيندي هوندي ته صفا مۡمڙي لڳندي هوندي. رڳو سرمو ئي سرمو ڏسبو؛ اکيون ته ڏسبيون ئي ڪونه هوندس، نئون ماڻهو ڏسين ته ڀائين ڄڻ اکيون ئي ڪونه اٿس. وري خدا جي قدرت جيڏانهن وڃي ته سون پائي! نه منهن نه مهانڊو.“

”مون ته ڪونه ٺهرائي ڏنو اٿس، ويچاري پنهنجو کڻي آئي هئي.“ هُن وهنجڻيءَ کان باهر اچي اکيون مهٽيندي چيس.

”جنو نوريڙيءَ ٿي ڳالهه ڪئي، ته عشق مان توسان پرڻو ڪيو هئائين، جڏهن مسواڙي هوندو هئينس ته منگهه مان سُرهيون چٺيون اُڇليندي هيئي. نوٽن جون ٿهيون ۽ سون جون ڳوٿريون جهٽائيندي هُيئي. چئبو ته ملڪيت واري  هئي، سِرڙو ٻوهي ۾ ڏنئي!“

”اهڙين گلاخور آنن کي اچڻ نه ڏيندي ڪر، جو هرو ڀرو دليون خراب ڪن.“

”آهي به توهانجي شريڪياڻي، منهنجي ڪا ساڻس ربي ڪا خريفي! تون به ته مون کان لِڪي لِڪي ڀوپيءَ کي شهر گهمائڻ ڪاڻ وٽن آڻي رهائيندو آهين؛ مونکي به سڀ خبرون پيون پون، پر مون ڪو ڪڏهن ڪُڇيو؟“

”گهمائڻ وري ڇا جو،“ هن سگريٽ جو سهارو ڳوليندي کيسا ڦولهيا. ”علاج لاءِ آڻيندو آهيانس.“

”هائو علاج! ڄاڻان ئي ڪونه ٿي؛ اِهي جوڻهين جهڙيون شهر گهمڻ ۽ خريداريون ڪرڻ ڪاڻ، سدائين اگهيون ٿيو، اسپتالن ۾ ڪمرا بُڪ ڪرائي، محفلون مچايو ويٺيون هونديون آهن. گهمي ڦري، ريشم گليون لتاڙي، دڪان ٻهاري، پٺاڻن جي خيمن مان ڌڪا ٿاٻا کائي، وري اگهيون ٿي اچي ڪمري  منجهه ڊهنديون آهن.“

”دلبر، هاڻي سُر ۾ اچ؛ ڇڏ پرائي پچر، ڪي قرب جون ڳالهيون ڪر، ته مان به خوش ٿيان.“ هن ساڻس پڄڻ_ جي ڀيڻي نه ڏسندي ڳالهه بدلائي ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍي، ٺڪاءُ ڪڍي خوفناڪ آرس ڀڳائين. هوءَ ڏڪي وئي.

”ڇا ٿيئي؟“

”ٿيندم وري ڇا،“ هُن اکين ۾ خمار ڀريندي وراڻيس: ”تنهنجي قرب جو بکيو آهيان. هيڏيون منزلون خاص تولاءِ ته ڪري آيو آهيان. هت ته اچي ويهه، ايترو پري ڇو ويٺي آهين؟“

”آءُ اِتي ئي چڱي آهيان“ هُن ماڻو ڪندي وهاڻو جهٽيايس. ”اچي هي ويهاڻو رک؛ چيلهه سنئين ڪر ته مان تنهنجي ڪاڻ چانهه ٻانهه ڪاڙهي اچان... چاڪ ته ڪونه آهيان... پر ڇا ڪيان... اۡلا... ا...ا...“ هن کٽ تان اٿندي، پيڙا مان چيلهه کي جهليو، وک وک ۾ کڻي رڌڻي ڏانهن وئي. اِهو لقاءُ ڏسي هُن جا ڇيهه ڇڄي پيا؛ ڪي گهڙيون ته ٽٻيءَ ۾ پيو هو؛ پر پوءِ دل ئي دل ۾ ڪو حساب ۽ ڳڻپون ڪري سامت جو ساهه کنيائين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ ڪشن واري چيچاٽي بوٽن سوڌو رڌڻي ۾ ڪاهي پيو. چُلهه وٽ صندليءَ تي ويٺل ڏسي پٺن تي زور ڏيندي لاڏ مان چيائينس: ”جاني تون چاڪ ناهين، ڇڏ کڻي انهيءَ چانهه جي خفي کي.“

”آ... آ... هه... “ هن پٺيءَ کي سنئون ڪندي راحت مان هڪڙي دانهن ڪئي. ”آءُ ته اِنهن مرداڻن ڀيڙن ڪاڻ جهڙي ڪر ٻاڙيل هئس... ڪالهه دائي حليمان کان مالش ڪرائي ڀيڙا ڏياريم ته ماڳهين بُڇان پئي آئي، ڄڻڪ ماڪوڙا پئِ بت تي سُريا.“ منٽ کن جي آسيس کانپوءِ اُمالڪ هٿن کي جهليندي چيائينس: ”بس، ميڏي سائين! هاڻ گهڻيون هلاڪيون نه ڪر، اهو تنهنجو شان نه آهي. هلي پڌر ۾ ٿي ويهه، ٿڌيون هيرون پيون لڳن، مان اجها ٿي چانهه کنيو اچان.“ هن پنهنجي ادائن جا تير نشاني تي لڳندي ڏسي، ناز مان کيري ٿيندي چيس. هُن مرڪي نهاريس ۽ ڪو گيت جهونگاريندي، پڌر ۾ اچي آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون پکيڙي ويٺو؛ رکي رکي پير به لوڏيائين ته سيٽي به ٿي وڄايائين. ايتري ۾ هن چيتن جهڙي چيلهه کي موڙا ڏيندي، چانهه جا ٻه مگا ٽري ۾ آڻي اڳيان رکيس. پاڻ به سامهون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي. چانهه ڏسڻ سان هن جي اکين ۾ تازگي اچي ويئي؛ پر پهرين ئي ڍُڪ پيئڻ سان ڍُرڪي پيو، لوبان جهڙو منهن بڻائيندي چيئينس:

”چانهه جي پتي آ، ڪين اگر بتي!؟“

”پاڻ ئي ته آندي هيئي، پيارا!“

”مان ته ولايتي سهڻا دٻا آڻيندو آهيان، جيڪي عام جام پيا وڪرو ٿين.“

”تڏهن مون اِهي اگر بتيون ڪٽي وڌيون اٿمانس؟“

”دلبر ائين ڪٿي ٿو چوان، مان ته پاڻ حيران آهيان ته اهڙا سهڻا دٻا...“

”تون پاڻ ڏس، انهن سهڻن جو حال اجهو اهو اٿئي. ”مۡٿون چۡکي مۡکي، اۡندرون بُڙ بُڙ دۡکي“، انهيءَ کان ته پنهنجي ديسي چانهه چڱي. پرائي چلڪي تي هر کجڻ مردن جي هونءِ ئي پراڻي عادت آهي. ولايتي دٻا هجن يا پرايون زالون، چِلڪي تي واڇ پٽجيو وڃين.“

”جاني، اهي تير مونڏانهن ته نه اُڇل، مان ته تنهنجي خمدار زلفن جي ڪوڙڪي ۾ اڳ ئي سُڪ ٿيل آهيان.“

”هائو، بلاشڪ‘! بلاشڪ! تڏهن ته اڪيلي ننڌڻڪي غيباڻي ٿيو پئي هوندي آهيان!“ ڦري گهري کيس پنهنجي درد اچي واريو.

”منهنجي دل، اهي جدايون وقتي آهن، مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان، ته توکي هلي پاڻ سان گڏ رهايان.“

”جڏهن عضوا پينگهون ٿيندم، تڏهن ڪلهي تي کڻي هلي ٽنگينديم ڇا؟“

”ڳالهه ٿي ڪرين! اڃا ته پاڻ ٻئي ننڍا آهيون.“

”جوانيءَ جا ڏينهڙا به ته اهي چار ٿيندا آهن، نئين ته ڪانه ساماڻبس!“

”فڪر نه ڪر، تون سدائين جوان رهندينءَ.“

”فڪر ڪيئن نه ڪريان، انهن رات ڏينهن جي اوسيئڙن ته منهنجو سِر وڃائي ڇڏيو آهي.“

”چاني اوسيئڙي ۾ جيڪو مزو آ سو ملڻ ۾ ڪٿي؛ هو ٻڌو نه ٿي... ڳولهيان، ڳولهيان مۡ لهان...“

”ها، باقي اِها ڪسر رهيل آهي، جو سندرو ٻڌي ڳولهيندي وتانءِ...“

”مِٺي ڇڙو مثال ڏنم، ڳولهينديئن ڇا لاءِ، مان ته تنهنجي هر ساهه ۾ سمايل آهيان.“ انهيءَ جواب هِن کي ڪوري ٺڪر جيان ٺاري رکيو. مٺي لهجي ۾ ڏوراپو ڏنائينس:

”اٺين ڏينهن ايندو هئين، هاڻ ته ٻه ٻه هفتا به گذريو وڃن. اڳيون قرب نه رهيو ٿئي مون ساڻ.“

”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي جاني، مان ته پل به تو بِن نٿو گهاري سگهان؛ ڇا ڪيان ڪڏهن ڪم ڪاريون ٿي پونديون آهن.“

”گذريل هفتي ڇو نه آئين؟ تنهنجي واٽ تڪيندي اکين جون ڏياٽيون ڄڻ اُجهاڻيون ٿي.“

”گهر چاڪائي ڪونه هئي، تنهنڪري نه اچي سگهيس.“

”ڇو، وري ڪهڙو ڇٽو لڳس؟“ مصريءَ جهڙي زبان اوچتو ڪۡڙي بادامي بڻجي ويس.“

”چوٿون مهينو اٿس.“

”اونهه، اِها ته سدائين مهيني مهيني ڪوڙ ڪيو ويٺي اٿئي ته پيٽ سان آهيان. ڪٿان آيس پيٽ! ويٺي توکي خوش ڪري. مکڻ کي به ڪڏهن ڏند ٿيا آهن؟“

”ڪوڙ ڇا لاءِ ڪندي“ هُن زهر جي ڍڪ وانگر چانهه کي ڳيت ڏني. ”ويچاريءَ کي ٿئيس ٿو پر بچيس ڪونه ٿو.“

”بس بس گهڻو ٿيو، اِهي آڀر نه ٽوڙي ته وڻي ڪيئن!“

”هينئر تازو ڏيڍ مهيني جو بار ڪريس ته دائيءَ جي چوڻ سان، مکڻ ۾ گڏائي ڳڙڪائي ڇڏيائين.“

”تو بهن! اۡلا!! آخ... خ!“ اڌ مگو ڀريل ڌڪار مان پري ڌڪي چوڻ لڳي:

”منهنجو ته روح ئي ڦيرائي ڇڏيئي... پچڪ... رن ڏائڻ ٿي جا ٻچا ويٺي ڳيهي! الله پليندس پنهنجي پلڻي.“

اِهو ٻڌي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، چڙ مان چيائينس: ”تون ته سدائين ماڻهن تان چٿرون ڪرين.“

”چٿرون وري انهيءَ ۾ ڇا جون آهن پيارا، سچ چوڻ ۾ ڇو ٿي باهه لڳي! سياڻن صحيح چيو آهي ته هن زماني ۾:

”سچ مِرچان، ڪوڙ ڳُڙ؛

پير پئسا، زال گر“!“

”اڃا ته هفتو ڇڙو تو وٽ رهان، ته تون ته منهنجو جيڪر اندرئي ساڙي ڇڏين! ڏيڍ ڏينهن ٿو اچان ته به سڙيو جليو پوءِ ٿو وڃان.“ هن مگو خالي ڪري سگريٽ دکائيندي چيس.

”ها... ا... ن! توکي ايڏي ڀوپيءَ جي چڙ لڳي آهي؛ پر اڃا جي نڪاح ڪري سامهون ويهاريندين، پوءِ ته سندس چوڻ تي روز موچڙا به ٺوڪيندين!“

هن جو هڪدم موڊ بدليو ڏسي سياڻي سياستدان وانگر پلٽو کائي ويو.

”چري آهين؛ اجايا ٿي خيال ڪرين، آءُ سڄو تنهنجو آهيان. مون ته ڀوڳ ۾ تنهنجا آزمودا ٿي ورتا.“

”ڪهڙا ٿو منهنجا آزمودا وٺين، ڪو آءُ لُچي لفنگي آهيان ڇا؟ اڳ ڪونه ڏٺو هيئه ڇا؟ منهنجو مرحيات بابو؛ خان خانان تر جو وڏو زميندار، ڏاڏو جاگيردار، پڙ ڏاڏو پرڳڻي جو حاڪم، آءُ اصل خاندانڻ، حاڪم زادي پر اِها ته منهنجي قسمت هئي جو:

            ”منهن ڌوڙ مٽي سر پايم.

            سارا ننگ ناموس وڃايم،

            ڪوئي پڇڻ نه ويڙهي آيم،

        هٿئون اُلٽا عالم کلندا، ڪوئي محرم حال نه ملندا،

                ڪيا حال سڻاوان دل دا...“

هن ڪن تي هٿ رکي غلام فريد جي ڪافي زاهدا پروين جي اسٽائيل ۾ ڳائڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:

”هئه نصيب! ڪتو به کاڌم ڪک به نه ڀريم!“ اِهو ٻڌي هن جون اکيون ٽانڊاڻا بڻجي ويون، پر سور پي ويو.

”چئبو ته هاڻ مان ڪتو به ٿيس!“

”ڪو توکي ٿي چوان ڇا، اِها ته چوڻي آ.“

”بس، تنهنجي پربت مان اسان کي اهي ئي نتيجا ملندا...“

”ٻيو ڪهڙا ملندئي؟ ڀوپيءَ وانگر مون وٽ کڳل ته ڪونهن جيڪي منگهن مان جهٽائيندي هيئي، جو اڄ وڻي ٿي. اسان منگهن مان ممڙين وانگر عشق ڪونه ڪمايا، اسان ظاهر ظهور ڀير تي ڏونڪو هڻي تنهنجي قرب ۾ ڪنڌ نوايو.“

”الائي ڪير ٿو اچي توسان اِهي خبرون ڪري!“ پريشانيءَ مان سنڌ جي نقشي واري رنگ برنگي ٽِڪن واري ٽوپي لاهي، مٿو کنهندي وراڻيائينس.

”ميهڙ مان ڀوپيءَ لاءِ مينديءَ جا دٻا گهرائين، حيدرآباد مان ”ڪالا ڪولا“ جا ٽيوب آڻيو ڏينس. اِهي مکي هاڻي جوان ٿي ٿئي؛ ولايتي ڪڪڙ وانگر جيڪا چمڙي پئي لٽڪيس، تنهن جي ڪا ڪل ئي ڪانهيس، اُنهي4 جو به ته ڪو بلو ڪرينس نه!“ هن ڄڻ زهر اوڳاڇيو.

جوب ڏيڻ لاءِ هو ٿورو منجهي پيو؛ پر ذهن ۾ آئڊيا جو بلب ٿيس. سگريٽ ساسر ۾ ڇٽيندي؛ ٽوڻن ڦيڻن کي ڍال جي طور استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌائين.

”جاني! خبر ناهي مون کي ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙا ڦيڻا وڌا اٿس، جو مان هن آڏو انڌو ٿيو پيو آهيان.“

”ڇا وري ڇا ڪيو اٿس“ وارنشاني تي لڳائيندي وراڻينس. ”رڳو سون تي سر ڏيو پيو آهين.“

”منهنجي ليلا... منهنجو سر ته مجني وانگر رڳو تنهنجي محبت ۾ مستان ۽ غلطان آهي.“

”موچڙو هڻان اهڙي محبت کي جنهن ۾ هوند شڪر نه ٿئيم“ ائين چوندي ڳلڙيون ڦوڪي، منهن سونڊائي، ماٺ ڪري ويهي رهي. سج به سوڙ وجهڻ جي تيارين ۾ هو. ساسرون سگريٽ جي ٽوٽن سان سٿجي ويون. هن کي پنهنجو پنڌ هن ڀيري صاب پوندي نطر نٿي آيو. ڪي پل ٻاٽ اوندهه جهڙي ماٺ رهي. آخر هيٺين واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه نه سُجهيس. ڀانيائين، لڳو ته تير، نه ته تڪو. نماڻي آواز ۾ چيائينس:

”منهنجي مٺي، ڪجهه کارائيندئين پياريندئين يا بکئي کي ويتر بک ماريندئين؟“

”جيڪي چئو.“ ٻن هفتن جون سانڍيل باهيون ڪڍڻ کان پوءِ ڪجهه هلڪي ٿي.

”گهڻي تڪليف نه ڪجان جاني...“ هو سنگهه ڪڍي ساڄو ٿيڻ لڳو.

”چڱو ته پوءِ آءُ پٽاٽو ٿي تري وٺان، تون اسٽور تان پڪين پڪاين جو هڪ پئڪيٽ وٺي اۡچ.“

هن ٽپائيءَ تان مگا ساسرون کڻندي وراڻيس. ”نه نه، ڌوڙ وجهين پٽاٽن کي! پڪيون پڪايون کارائي ڇو ٿي منهنجا ٻئي جهان وڃائين!“

”ڇو انهيءَ کي وري ڇا ٿيو؟“

”ماڻهن الائي وهم وجهي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ڪجي، تون اُٿي چانور ٺاهه، ته مان چهر وٺيو ٿو اچان.“

”ٿڪيو آيو آهين، ماٺ ڪري سمهي رهه. پٽاٽو نٿو کائين ته واڱڻ يا ڀينڍيون تري ڏيانءِ. ڇٻيءَ ۾ ڪريلا به پيا آهن.“

”اِهي ترڪاريون مون کي نه وڻنديون آهن.“ ائين چوندي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيو، ٿرماس کڻي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ته ساڳيو ڇڻ ڇڻ وارو ٽانگو مليس. شهر جو چڪر هڻي، ٻه ڪلو برف ۽ ڏهين رپين جي چهر وٺي واپس گهر اچي لٿو ته هوءَ به ڀۡت کي دمۡ ڏيو ويٺي هئي.

رات جو ماني ٽِڪي کائي ورانڊي جو چِڪون ڪيرائي، فل اسپيڊ پکا هلائي ۽ کٽون گڏائي جڏهن ليٽيا، ته هن ڏٺو ته اهو وقت اٿم ”چيتي“ ٿيڻ جو، سو وٺي پنهنجا سُرڙا ڪڍيائين. هن کي به خبر هئي ته اُکريءَ ۾ مٿو وجهبو ته مُهرين کان ڪهڙو ڊڄڻ! کيس جان عالم جي طوطي کي هٿ ڪرڻ واري شهزادي وانگر، ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پار پهچڻو هو، سو صبر سان ڪن ڏيو پيو هو.

”ڳالهه ٻڌي اٿئي...“ هن جي پيشانيءَ تي پيل سُرهي چۡڳ سان کيڏيندي چيائين:

”ڪهڙي دلبر؟“

”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس...“ اهو ٻڌي هن جي گستاخ هٿ کي ڄڻ اوچتو ريل جو بريڪ لڳو.

”پوءِ!؟“ ٻڏل آواز پاتال مان اُڀريو.

”في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي ائي آهيان، ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا.“

”جاني، خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟“

”ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين.“

”حالتون ساريون پيون اٿئي، اڳوڻيون ڪمايون ڪٿي آهن. چوڌاري ڦٽڪن جا ڦهڪا پيا پون، هٿن سان مارائينديم ڇا؟“

”جيڪي الهه تلهه هيئي، سو ڦري ويئي ڀوپي، هاڻي اهي بهانا نه ڪندين ته ٻيو ڇا.“

”مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندئين وٺي ڏيندومانءِ.“ ائين چوندي چپن تي انجام جي مُهر هنيائينس.

”اهو به تنهنجو انجام آزمائيندس، ڏسان ته ڪيئن ٿو پارين!“

”پياري، جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو، سو سڀ تنهنجي لاءِ ئي ته ڪريان ٿو، توکان وڌيڪ مِٺو ڀلا ڪير اٿم.“

”ڀوپي به نه؟“

”نه جاني!“ هن گهڙيال ڏانهن تڪيندي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.“

”سچ!؟“

”تنهنجي سِر جو سُنهن!“

”پوءِ ڀوپيءَ مان ڪيئن پيو گذارو ڪرين؟“

”مڙيو ئي پيو لِکيو لوڙيان!“

”ڀلا هڪ ڳالهه ته مڃيندين نه؟“

”چئه... “ هڪ وار وري هُن جون يڪجا ڪيل سموريون طاقتون وسامڻ لڳيون.

”شريڪن جون شاديون اچي سِر تي ڪڙڪيون اٿم، سڀاڻي مون کي گهڙي، سينڊل ۽ ٻه ٽي وڳا وٺي ڏيڻا اٿئي...“

”مِٺي سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان، هينئر ڇڏ اِهي لهڻا ليکا...“ هُن سندس بدن جي مهڪار ائين جهٽي ڄڻ ڦوڪڻي ۾ گئس ڀري رهيو هجي.

”انجام ٿو ڪرين نه؟“

”حاضر منهنجي سائڻ حاضر!“ هُن جو انداز ڪمپيوٽر جهڙو ٿي پيو.

”سور کان لڱ پيا ساڻا ٿينم....“

وري ساڳيو سهاپو شروع ڪيائين.

”دلبر اڃا ڪيترو تڙپائيندين، هاڻ ته يارهن به لڳي ويا!“

”پنهنجي رات ته ٻارهين کان پوءِ شروع ٿيندي آهي سهڻا“.

شوخيءَ مان وراڻيائينس ۽ پوءِ دير تائين ڳالهيون مُهاڙيون ڪري سڀ ليکا چوکا لاهي ڦان ٿي سمهي رهيا.

مومل، هونئن ته ڪڪڙ جي پهرِئين دس سان اُٿي کڙي ٿيندي هئي، تنهن کي اڄ ڏهه لڳي ويا. هن جي اچڻ ڪري هميشه کيس دير سان جاڳ ٿيندي هئي. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي؛ پر هر ڀيري کيس دير سان اُٿڻ تي اجايو تعجب ٿيندو هو.

”آئي الا! سج مٿي چڙهي آيو، نه چانهه نه پاڻي. نڀاڳو کير وارو ئي هليو ويو هوندو. الائي ڪهڙا کيپ چڙهيم، جو آواز ئي ڪونه ٻڌومانس“.

هو، جو نرم ويهاڻن کي ٻک وجهيو، اونڌو ٿيو پيو هو، تنهن کي به مومل جي آواز تي جاڳ ٿي. ڪر موڙيندي چيائينس: ”جاني، هاڻي ججهي کنڊ وجهي سليماني چانهه ٺاهِه، هينئر مون کان هليو ڪونه ٿيندءِ جو وڃي کير وٺي اچان“.

مومل وهنجڻيءَ ۾ ٽوال صابڻ ۽ بالٽي ڀري رکي آئي، پوءِ سليماني چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنائينس جنهن کي پيئڻ کان پوءِ هو اُٿڻ جهڙو ٿيو. وهنجي سهنجي ٽوال جي گوڏ ڪري ٻاهر آيو، ته هن سلوار ۾ اڳٺ پئي وڌو. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ ڳِهلو ٽوال ڏيندي چيائينس: ”ڀلا ڪا نيرن ٻيرن ته ٺاهي، رڳو سليماني چانهه جي اڌ ڪوپ تي ٽاريندينءَ ڇا؟

منهنجو ته بک کان هيانءُ ٿو لُڙهي“.

”الله پناهه ڏينئي، هيانءُ لرهي تنهنجي دشمنن جو، تون منهنجي سر جو تاج، گلي جو هار، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي“؟

”پوءِ اُٿ ڀلا ڪو بِلو ڪر، بک کان مران ٿو“.

”مرن تنهنجا ويري ۽ جيڪي توکي ڏسي نه سهن. آءُ پاڻ اُٿي تنهنجي ڪاڻ اُڦراٽا پچايان؛ پر ڀانيان ته اِهي گهڙيون توسان ويهي گهاريان، رڌڻي ۾ ڇو وڃايان؟“

”ڍو بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“ هن آئيني آڏو وارن ۾ تيل هڻندي چپن ۾ جهونگاريو.

”ڪالهوڪيون ”پڪيون پڪايون“ پيون آهن. اڄ کڻي کائي ڇڏ. ڪجهه نه ٿيندئي، انب به ميڙي پُسائي رکيا اٿم، چئو ته ٻه چار آڻي ڏيان، انهن سان کائي حالي هيانءُ جهلو ڪري وٺ، ڏينهن به اچي چڙهيو آهي، ٻنپهرن جو ته هونئن به هوٽل تي کائينداسين“.

هن هوٽل واري ڳالهه ڪاپاري ڌڪ جيان پچائيندي، انبن سان ماني کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.

هيانءُ جهلو ڪري وري اچي کٽ ڀيڙو ٿيو. هوءَ به ڀۡر ۾ ائين اچي ليٽيس ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هجيس.

”رات چيئي ٿي نه ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندين“.

”چيو هئم ڇا؟“ هُن ڀورائيءَ مان پڇيس.

نه تڏهن!“

”مٺي تنهنجي قرب اهڙا نشا ڏنم، جو خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويو هئس“.

”اونهه، رڳو سکڻي جان ٻچن تان قربان “.

”هن ڀيري پئسا گهٽ آندا اٿم، ٻئي ڀيري ڏسجانءِ ته، ڇا ٿو وٺي ڏيان پنهنجي مٺي مومل کي!“

”چئبو ته هن ڀيري گهمائيندي ڦيرائيندي به ڪونه؟“

اُٿ ڀلا، جلدي تياري ڪري وٺ ته چڪر ڏياري اچانءِ“. اهو ٻڌڻ سان هوءَ وڃي تيارين کي لڳي. هن تي ٻيهر ننڍ جا نشا چڙهڻ لڳا. ڪلاڪ کن مس آرام ڪيائين، ته هوءَ به سورهن سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، اچي سيرانديءَ کان ويٺيس ۽ چميون ڏيئي ڏيئي ننڍ ڦٽائي ڇڏيائينس.

هن اهو سڄو ڏينهن رڪشا ۾ چاڙهي راڻي باغ، ڄامشورو برج، هوٽل ۽ فلم تان گهمائي آڌيءَ رات جو گهر واپس آڻي ۽ ويندي ويندي سمورو حساب ڪتاب پورو ڪري، آسر ويل ڳوٺ لاءِ ريل ۾ چڙهي روانو ٿي ويو.

مومل، نئين ”زندگي“ مان ”لڏي ويا، اۡڏي ويا سُخن جي عمارت“ جو اڀياس ڪندي ٿڌو ساهه کڻي اُداس اکين سان دۡر ديوارن ڏانهن نهار ڪئي. هن جي دم سان هڪ اڌ ڏينهن لاءِ ڪيڏي نه رونق هئي. گهر ۾... وري اٺن ڏينهن جو وڇوڙو... اوسيئرو... يانصيب! اڃا چار ڏينهن اوسيئڙي جي عذاب جا مس ڪاٽيائين ته صبح جي پهر اوچتو بندري قد واري چالاڪ جنو نوريڙي، جنهن جي ساڻس ”چنڊو چنڊي کي ڳولهي لهي“ جي بنيادن تي پراڻي شناسائي هئي، سا اچي نڪتس. پڌر ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي ويهي پنهنجا بندرڙا هٿ نچائيندي ۽ نوريئڙي جهڙيون اکيون ٽمڪائيندي چيائينس: ”خبر اٿئي ٽيو ڏهاڙو شهباز جوءِ کي علاج منهنجي گهر آڻي رهايو، اجهو هاڻ موڪلائي ويا آهن“.

”مون ڏانهن ته ڪونه آيو!“

”تنهن ڏينهن ڀانيان ٿي ته ويچارو توڏانهن ئي پئي آيو، پر الله منهنجي توبهه، منهنجي زاري!“

جنو نوريئڙي پٽ سان ٻئي بندريون آڱريون ڇُهي مني نڪ تي وڏا وڏا جانا ڀريا.

”منهنجي سائينءَ ڏانهن ته خير هو نه!“ هِن جو هينئون وسائڻ لڳو. بيتابيءَ مان پڇيائينس.

”مونکي هاڻ خبر پئي آهي ته ويچارو موت جي منهن ۾ آهي. کيس ڏسي منهنجا ته وائسرئي ڦري ويا.“

”قسم اٿئي قرآن جو جنو! سگهو ٻڌاءِ، منهنجو هيانءُ ٿو وڃنئي.“ هِن ٻئي هٿ هيانءُ تي رکندي چيس.

”ڪالهه نماشام جي مهل ٻارڙا وٺيو مٿي ويٺي هئس، اوچتو ڪڙڪو ٻڌي دريءَ مان هيٺ جو نهايان کڻي، ته منهنجيون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي ٿي ويون.“

”ڇا ڏٺئي؟“

”کڻي جو ڏسان ته تو وارو شهباز ڀت ڀر کٽ تي بوتو ٿيو ويٺو هو، جوڻس تارونءَ وارو اهڙو ته زورائتو چنبو وهائي ڪڍيس، جو مٿو وڃي ڀِت سان لڳس. شڪ ناهي جو رت جون ٺينڊيون به وهي نڪتيون هجنس! پيڙا مان ڪنڌ ڪري هيٺ ڪيائين، ته ٻه ٽي چار چنبا لاڳيتا وهائي ڪڍيائينس: ”ماريا، ٽيو ڏينهن کان پئي چوۡئين ته مغز ۾ ڀان ڀان ۽ زوُن زون پئي ٿئيم، چڪر بيهنم نٿا؛ تيل جي تِري هڻينم، پر ڪو ٻڌين ٿو! ڳوٺ ته رات ڏينهن تِريون هڻندو هئين، هِت ڪهڙو ٿو مهڻو لڳنئي، پرائي گهر ۾ جيئن ڪُڇان نٿي، تئين وڃي چوٽ چڙهندو. اِهو ٽۡڪ مان وۡر لاهي ڇڏينديمانءِ، متان ڪو ٻيو خيال ڪيو اٿئي، تون کاڄين ڇاتي.“ جنو نوريڙي ڊرامائي انداز ۾ روئداد ٻڌائيندي چيو. مائيءَ اِتي بس نه ڪئي، وري موهيڙي ۾ زور سان آڱر ٽُبيندي چيائينس:

”اهي موهيڙا ڦيهي وجهنديمانءِ، جن جي زور تي اهڙو شِنگ ٿي پيو آهين، جو وڻ گهوڙو نٿو ٻڌين.“ ائين چئي پيشانيءَ تي پيل اسپرنگ جهڙي چڳ کي اهڙيون ته وٺي ڇڪيون ڏنائينس، جو ماڳهين سڌي سيخ ٿي پيئي، چي: ”وس پُڄيم ته اِنهيءَ چنڊيءَ چڳ کي پاڙئون پۡٽي اُڇلايان! خبردار جو وري منهنجي سامهون اِهي گونڊن وارا سينگار ڪري هليو آهين. ايهي سينگار آءُ به سڃاڻان ٿي؛ ڪا ته ڳالهه آهي، جو ماڪ تي موهيو هلين، مونکي به ته خبر پوي، ڪهڙي نينهن جي نظاري تي چڙهيو آهين، جو فلڪ ئي نٿو آڻين. اِهو واءُ مٿي مان ڪڍي ڇڏ، نه ته  سنگسار ڪري ڇڏينديمانءِ.“ اهڙيون ته وٺي اُلرون ڪيائين، جو الله منهنجي توبهن! منهنجي بابي جي توبهن ته ڏاڏي جي توبهن! سڄي ڄمار ۾ ڪنهن مرد جو زال هٿان اهڙو حشر نه ڏٺم؛ مۡڄو گهڻئي ڏٺاسين ٻڌاسين پر هي، ته ڪو مۡها مۡڄو هو... ڇا مرد جو شان، ڇا سهي موچڙو! رڳو ماٺڙي ڪيو ڪڏهن مُري تان پئي مۡر لاٿائين، ته ڪڏهن هٿن جون تِريون مهٽيندي، آڱريون پئي مروٽيائين سروٽيائين. اهڙو نماڻو ٿيو ويٺو هو، جو سچ پڇين ته ڏک کان هيانءُ ڇڄي پيم... تنهنجي من جو کڻي مور هيو؛ پر منهنجو به ته ڀائرن جهڙو هو، اهڙو ته بڇڙو ڪيائينس، جو هاڻ توکي ڇا ويهي ٻڌايان! اِهو ته ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مُنهن ۾ هڻڻ. ايترو سو ٻڌائينديمانءِ ته پوءِ هيون شهباز جون توبهائون ۽ گيسون! پيرن تي مۡٿو رکي پئي بخشرايائينس.“

مومل، جا ايتري دير عبرت جي سمنڊ جو کارو پاڻي اکين ۾ ضبط ڪيو ويٺي هئي، تنهن کي اندرئي اوتيندي ڇولين جهري ڇوهه مان چيائينس: ”وڃي ڇاهي پائي، مون وٽ ٺهي جُڙي اۡڇين ڪڇين اچيو ويهي. زال نه زال جو پائو تنهن کان پيو گِهلجي! اڃا ٿي چيائين ته توسان پرڻو ڪندس. وڇ ڪُڏي پنهنجي ڪيري تي، ساڻس پرڻو ڪري ڪهڙو پنهنجو اڇو منهن ڪريان!“

”ٻيو وري ڇا جيڪو پاڻ پيو گهلجي، سو توکي ڇا سنڀاليندو.“ ڀنڀور کي باهيون ڏيئي نوريڙي ته هلي ويئي؛ پر هن جي ذهن ۾ اهڙو ڪو واچوڙو لڳو، جنهن پپر جي وڻ جو مضبوط ٿڙ ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو؛ جنهن جي ٿڌي مٺي ڇانو ۾، هن سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذارڻ جي خواهش ڪئي هئي. هن جون خواهشون، هن جا خواب پپر جي پنن وانگر ڇڻي وکرجي ڪري پيا هئا. ڪيتري دير تائين ذهن جي اسڪرين تي، سرپرائيزنگ ميوزڪ جي گونج ۾ هُن سان گهاريل گهڙيون اُڀرنديون ۽ ڊهنديون رهيس. تنهن ڏينهن هوءَ ويهاڻي ۾ منهن وجهي ايترو رُني، جو اکين ۾ لُڙڪن جي ڪا بوند باقي نه بچي هيس. هوءَ پوءِ سوچي سوچي اُٿي، ته بنا دير ٻاهر واري ڇوڪري کي سڏائي چيائين: ”وڏيري مينهل کي وڃي چئو ته هتان منهن ڏيکاري وڃي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com