شاعري
(پياري
الطاف جو مڙهه جڏهن مقام ڏانهن نيو پئي ويو ــــــ
۽ مڙهه تي جڏهن ساڻيهه جي سرُهي مِٽي پاتي پئي
ويئي، تڏهن تنوير لارون لارون لڙُڪ به لاڙي رهيو
هو ـــــ ۽ شاهه جا هي بيت به سُڏڪي رهيو هو:
مون اَڀي تَڙَ وَٽ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ گَهٽ، نات سَڄَڻَ سٻَاجها گهڻو.
مون اَڀي تَڙَ هيٺ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو،
مون اَڀي تَڙَ جهَلَ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا،
ڪا مُنهِين ۾ اَلَ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو،
جندڙي کيل تماشو،
پاڻيءَ منجهه پتاشو!
تهمينه مفتي
ڪال گڏيوسون ڪاپڙي...
اهو لازمي نه آهي ته هر فنڪار هڪ عظيم مفڪر به هجي ۽ معاشري جو
منطقي ۽ مثبت
(Positive)
تخيل به پيش ڪري سگهي؛ پر جيڪڏهن هو معاشري جي
منفي
(Negative)
پهلو جي عڪاسي ڪري سگهي ۽ پڙهندڙ ۾ ان جي هر
بُرائيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪري سگهي، ته هن جو رول
به گهٽ نه آهي ۽ هن جي فن کي به پاينده اهميت آهي.
مغرب جي حقيقت پسند مڪتبي
(Realist School of Litreture)
اهڙي حقيقت پسند فن جي تخليق ڪئي آهي. ان مڪتبي ۾ ڊڪنز
(Dickens)
ايملي زولا
(Emile Zola) وغيره اچي وڃن
ٿا ۽ برصغير جي شاعريءَ ۾ ”نظير“ اڪبر آباديءَ کي
اهو فخر حاصل آهي. مان فخر سان چوان ٿو ته اسان جي
”گدائيءَ“ ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي رهي آهي جو
ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي.
”گدائي“، ”بيوس“ جو همعصر آهي... ”گدائي“ جي شعور
۾ جو سماج جو آدرش آهي، اهو ”بيوس“ ۾ به نه آهي.
هن جو مجموعو هڪ جراح جي ميز آهي جنهن تي ماحول جو
ناسور زده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي. هن جو ڪلام
ڪاٿي وڏيرڪي رنگ ڍنگ، ڊيل، ڊول ۽ رعب تاب جو
ڪارٽون آهي ته ڪاٿي هن جي هر سٽ ٿري ناٽ ٿري جي
گولي آهي، جا هن دٻڙدونس ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول
کي دون ۾ لڳي ٿي. ”گدائي“ جنهن دور جي پيدائش آهي
تنهن ۾ سياست جي اهميت جذباتي نعره زنيءَ کان
زياده نه هئي ۽ ان دور ۾ ايترو تاريخ ۽ سياست جو
شعور، جيترو ”گدائي“ ۾ ملي ٿو، وڏي غيمت آهي. شال
هن کي اڃا به عمر درازا ملي. هن کان پوءِ شاهه
ڀٽائي صاحب جي اها سٽ بي اختيار زبان تي اچي
ويندي.
ڪال گڏيوسون ڪاپڙي، بابو بان بري
جي اوهان به مون وانگر ڪنڪر هٽائي هيرا
ڏسندءُ، ته اوهان کي يقين ٿي ويندو ته ”گدائيءَ“
جو ڪلام اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي.
شيخ اياز
(”ساڻيهه جا سُور“ جي پيش لفظ تان“)
شيخ اياز
جهُڙ ۾ جهيڻي باهڙي
(شيخ اياز جي اڻڇپيل مجموعي ”لٿو سج لڪن ۾“ مان ڪجهه وايون ”مهراڻ“ 1-2/1976
۽ 1-2/1977ع ۾ ڇپجي چڪيون آهن. هن پرچي ۾ پڙهندڙن
آڏو ڪجهه وڌيڪ وايون پيش ڪري رهيا آهيون.)
ووڙيندي مون واٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڇپر منجهه ڇُپي ويا،
اوٺين اوچا ڳاٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڪيڏو اُهکو پنڌ هو،
نه ڪا ڇانوَ نه ڇاٽ!
لٿو سج لڪن ۾.
اونداهي ۽ اوجهرو،
رهتوُ جيئڻ جاٽ،
لٿو سج لڪن ۾.
ڪامَ نه ڪرهي مار،
موتي منجهه مهارَ،
جنهن کي پنهونءَ پوئيا.
ڳولي ڀنءِ ڀنڀور جي،
جنهن جي نيڻ نهار،
ڪام نه ڪرهي مار.
ٽليون ٽؤنرن سان ميان،
جن ۾ پنڌِ پڪار،
ڪام نه ڪرهي مار.
گونجَ ٻڌين ٿو گيت جي،
جئن ڪا ڪونجِ اُڏار!
ڪام نه ڪرهي مار.
جهيڻي آڱارين،
ڪيسين سيڪيان هٿڙا.
ڇو هئن پياليءَ پئٽ جا،
ڏيئا ٿو ٻارين.
منهنجيءَ اُڃ اُساٽ کي،
َرڪِي جيئارين.
واري جيئڻ جا جهلا،
مون کي ٿو مارين.
او شل سرچي سِڪ سان،
پرچِي پيئارين!
۽ پو اوتَ اُلاوَ جي،
مٽيءَ تي هاريَن؟
سانجهيءَ سِجّ ٻُڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ڪُڻڪي اڄ نه ڪونجڙين،
هَنيو روههَ ٿُڏو!
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
تاري ٽِمڪو ناهه ڪو،
سارو اُڀ ڀُڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ها پر مون ساٿارو،
متان لَڪ لڏو،
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
تن، کي چئو ايترو،
”ڪرها! گهٽ ڪُڏو!“
رِڻ ۾ پئي راتڙي.
ڪٿي رات پئي،
رُڳو روههَ رَئِي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
کِنوڻ کجي اُڀ ۾،
ڪاريءَ کِپ وئي،
نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
جهُڙ ۾ جهيڻيءَ باهه جئن،
ڪُوڪَر ڪونج ڪئي،
نه
ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
چَپ سِلايَئه اوچتو،
مون کي چنگ ڏئي،
نه
ڪو پڳُ نه پهيئڙو!
واڪا ڪري واءُ،
ڪيڏو تتيءَ تاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
اهڙي سُڃ اپار ۾،
ڪهڙو ساٿَ سماءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
پنهنجن پيرن جو پيو،
ڇرڪائي پڙلاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
ماڳَ نه ڀيڙو ڀاڳ کي،
لنءَ لنءَ پو به لڳاءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
آءٌ اَساهو، ڌِير ڏي،
مون کي ڌرتي ماءُ،
ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا.
ڪَڪَر، جهُڙ ڪارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
اکين کان اوجهل ٿيو،
پُنهونءَ پنارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڪَهندي اڄ مون سوچيو،
ڪهڙو ڪوهيارو!
ڇ
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڇ
لَڪن لڙڪان ڪيترو،
اوڙهي انڌارو،
ڇ
ليڙا ماندا لَڪّ م.
نه مون لاٽ لِلاٽ ۾،
نه تون ڪو تارو،
ليڙا ماندا لَڪّ م.
ڀُنءِ ڀاري، گهرُ ڏور،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
مون کي منهنجي جيئري،
ملڻو ناهين مُورِ،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
پوءِ به ڦُلن ڇانوَ آ،
پرين تنهنجو پُورِ،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
لَنءَ ۾ مون نه لکائيو،
تتيءَ ڏينهن تنورِ،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
شال نه لڱِي لنوَ ٿئي،
لِڱ ته ٿيا چُور،
ڪَرها آرها پنڌ ۾.
اُڏِرُ، اڙي او ڪانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
تون ڇا ڄاڻي بانورا،
اڄ ڪلهه سڄڻ
سانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
سُرمو سُڪو اکڙئين،
مُگرا سُڪا مانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
رڻَ ۾ روجههَ ڇُپي ويا،
ڏئي ڇوههَ ڇلانگ،
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
آءٌ به پوان آهلي،
سُڻي سانجهيءَ بانگ،
ڇڇ
نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين.
بُٺِي مون نه سُهاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
جي چاهين، مون جيئري،
آءُ اچي ڳر لاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
مون کان پوءِ آئين ته ڇا،
بيوس نه بهلاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
ڌَرتيءَ مَٿّ ڌُتارَ ٿِي،
هَٿين هيٺ سماءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
مون جي گَجرا پوئيا،
مُنهنجي هٿان پاءِ،
مون پڄاڻان سپرين.
او شل هوت اچن،
اکيون جن جي آسري.
هُو جي ڳاڙهيون لُونگيون،
ڪُلهن مٿي ڪن،
اکيون
جن جي آسري.
جن لئه مُنهنجا ٻول جئن،
گربيون ساڻ گُلن
اکيون جن جي آسري.
جن وٽ منهنجون ڳالهڙيون،
جئن ڦُل ڦاڳ ڦُلن،
اکيون جن جي آسري.
جن سان منهنجو نينهن جئن،
سانوڻ مينهن وسن،
اکيون جن جي آسري. |