منهنجي لکڻ جو فن سمر سيٽ ماهم
نجم عباسي
1_ ادب ۽ سياست:
هيءَ نه منهنجي آتم ڪهاڻي آهي، ۽ نه منهنجي گذريل حياتيءَ جي
واقعن جو بيان. مون پنهنجي لکڻين ۾ انهن حادثن ۽
حقيقتن کان ڪم ورتو آهي، جي سچ پچ مون تي ٿي
گذريون آهن. ڪڏهن زندگيءَ جي ڪنهن تجربي کي مرڪزي
خيال بڻائي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون اٿم. ڪڏهن
ڪن ماڻهن کي، جن سان منهنجو ٿورو يا گهڻو واسطو
پيو آهي، تن کي پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار بڻايو اٿم؛
منهنجي فن ۾ حقيقت ۽ خيالي ڳالهيون اهڙي نموني
گڏيل سڏيل آهن، جو اڄ اهي پڙهڻ سان اهو پروڙڻ مشڪل
ٿيو پوي، ته ڪهڙي حقيقت هئي ۽ ڪهڙي ڪهاڻي. منهنجي
حياتي ڏاڍي رنگين ۽ دلچسپ رهي آهي، پر جوکن ۽
جانبازين کان خالي. منهنجو حافظو ڏاڍو خراب آهي.
ڪا به سٺي آکاڻي ايستائين ياد نه ايندي اٿم
جيستائين اها وري نه ٻڌان؛ ۽ اها وري ٻئي کي ٻڌائڻ
کان اڳ ئي وساري ويهندو آهيان. مان پنهنجا چرچا به
ياد ڪري ڪونه سگهندو آهيان، ان ڪري هر دفعي نوان
چرچا ٺاهڻا پوندا اٿم. انهيءَ وِڏَ ڪري مان
ڪچهريءَ جو ڪوڏيو بڻجي نه سگهيو آهيان.
مون ڪڏهن به روزنامچو نه رکيو آهي، پر دل چاهي ٿي ته جنهن زماني
۾ مون ناٽڪ نويس جي حيثيت ۾ پهرين ڪاميابي حاصل
ڪئي هئي، ان زماني ۾ جيڪر ڊائري لکان ها. ان وقت
منهنجي وڏن ماڻهن ۽ مشهور هستين سان ملاقات ٿي ۽
انهن ملاقاتن جو بيان هوند هڪ دلچسپ دستاويز بڻجي
پوي ها. اميرن ۽ جاگيردارن ڏکڻ آفريڪا ۾ جو ڪجهه
گند ڪيو هو، ان ڪري ماڻهن جو منجهن ڀروسو ڀور ڀور
ٿي چڪو هو. پر اميرن ۽ جاگيردارن کي اڃا ان ڳالهه
جو احساس نه ٿيو هو ۽ هنن ۾ اڳين خود اعتمادي
هينئر به موجود هئي. ڪن هنڌن تي مون ڏٺو ته هُنن
ائين پئي ڳالهايو، ڄڻ ته انگريزي شهنشاهيت هلائڻ
هنن جو شخصي معاملو هو. چونڊن جي زماني ۾ هو اول
ئي پنهنجي لاءِ سفيريءَ ۽ وزيريءَ جا عهدا مقرر
ڪري ڇڏيندا هئا. ان وقت جي ناولن پڙهڻ سان پتو
پئجي سگهي ٿو، ته مٿئين طبقي وارن جي من ور تي
ڪهڙي هئي؟ ناول نويسن جي ذهن ۾ اهائي ڳالهه ويٺل
هئي ته هنن کي صرف اميرن، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن
بابت لکڻو آهي. ٻيا ته ڇڏيو پر اهڙا ليکڪ، جن ڪڏهن
ڪو امير يا جاگيردار ڏٺو به ڪونه هو ۽ نه هن سان
ڪو واسطو پيو هونِ، سي به ان طبقي جي باري ۾ لکڻ
لازمي سمجهندا هئا. ناٽڪن ۾ به اميراڻا قصا هوندا
هئا. ناٽڪن جي مالڪن ۽ خود ويس ڌارين جو به اهو
خيال هو ته اوچي طبقي جون ڪهاڻيون ڪُت خلق کي پسند
آهن. پر جيئن جيئن امير شاهيءَ جي سياسي اهميت
گهٽبي ويئي، تيئن تيئن عام جنتا جو هنن جي چهچٽن ۾
چاهه به جهڪو ٿيڻ لڳو. هاڻي تماشبين پنهنجي طبقي
وارا ڪردار پسند ڪرڻ لڳا هئا. هنن ناٽڪي ٿلهي
(Stage)
تي به واپارين ۽ هنر وارن جا قصا ڏسڻ ٿي چاهيا، ڇو
ته هنن جو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ انهن ماڻهن سان ئي
گهڻو واسطو پوندو هو. ضرورت کان سواءِ مٿئين طبقي
جي ڪردار کي آڻڻ بُري نظر سان ٿي ڏٺو ويو.
پر اڃا هيٺئين طبقي وارن لاءِ عام خلق ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ ناممڪن
هو. جن به ناٽڪن ۽ ناولن ۾ انهن جو ذڪر ٿي آيو،
انهن کي نيچ سمجهيو ٿي ويو.
هاڻي جڏهن عوام سياسي طاقت حاصل ڪري چڪو آهي تڏهن هو پنهنجي
زندگين ۾ اوتروئي چاهه وٺي ٿو، جيترو اڳ هو اوچي
طبقي وارن ۾ وٺندو هو.
ان عرصي ۾ مان اهڙن ماڻهن سان مليس جن پنهنجي مان مرتبي، شان
شوڪت ۽ شهرت ڪري سمجهيو ٿي ته هو اڳتي هلي نامور
تاريخي شخصيتون بڻبا؛ پر مون جهڙو هنن کي ذهين
سمجهيو هو، تهڙو ذهين ثابت ڪونه ٿيا. انگريز هڪ
سياسي قوم آهي. مون کي گهڻو ڪري اهڙن گهراڻن ۾
دعوت ملندي هئي، جن جو لاڳاپو سياسي حڪمران طبقي
سان هو. مون هنن ملڪي مدبرن ۾ ڪابه غير معمولي
قابليت ڪانه ڏٺي.ان مان انومان ڪڍيم، جو ممڪن آهي
ته منهنجو اٻهرو انومان هجي، ته قوم تي حڪومت ڪرڻ
لاءِ ڪنهن خاص قابليت جي ضرورت ڪانهي. ان کان پوءِ
مون دنيا جي جدا جدا ملڪن جي سياستدانن کي جاچيو
آهي، جي وڏي عهدن تائين پهتا آهن. هن جو رواجي
دماغ ڏسي مان سدائين منجهي پوندو آهيان. هنن کي
زندگيءَ جي معمولي مسئلن جو به پورو پتو ڪونه
هوندو آهي. مون کي هنن ۾ نه تيز فهمي نظر آئي ۽ نه
ويچار شڪتي. هڪ وقت مون کي خيال آيو ته هنن کي هي
اوچو مرتبو زبان جي جادوءَ ڪري حاصل ٿيو آهي،
ڇاڪاڻ ته هڪ جهموري ۽ سجاڳ قوم جي ماڻهن جي دلين
کي فتح ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته هنن جي ڪنن تائين
اثرائتو آواز پهچايو وڃي. اهو به ظاهر آهي، ته
جنهن شخص وٽ تقرير ڪرڻ جي قابليت آهي، سو ويچار
شڪتيءَ کان به خالي نه هوندو آهي؛ پر جيئن ته مون
اهڙا سياستدان به ڏٺا جي منهنجي نگاهه ۾ ذهين ڪونه
هئا؛ پر اهي عوامي معاملن کي ڏاڍو ڪاميابيءَ سان
نڀائيندا هئا، تڏهن مون کي احساس ٿيو ته مان ئي
غلط هوس. ائين هجي ته قوم تي حڪومت هلائڻ لاءِ
اهڙي ڏات جي ضرورت آهي، جنهن جو انسان جي عام
قابليت سان واسطو ڪونهي.
ان ريت مون ٻيا به اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جي پنهنجي ڌنڌي ۾
ڪاميابيءَ جي آسمان تي پهتا هوندا، ۽ لکين رپيا
ڪمايا هوندائون، پر ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ يا زندگيءَ جي
عام مسئلن ۾ هو بلڪل ڏڏُ نظر ايندا. منجهن رواجي
عقل به موجود نه هوندو آهي.
هنن راڄنيتي مدبرن جي گفتگوءَ ۾ به هوشياري نظر ڪانه آيم. هنن
ڪابه ڳالهه اهڙي ڪانه ٿي چئي جا دماغ ۾ چهنڊڙيون
پائي، ستل خيال سجاڳ ڪري يا نون خيالن کي جنم ڏئي.
سندس گفتگو اڇاتري ۽ منافقت سان ڀريل هئي، پر
ڳالهائين کلمک ڍنگ ۾ پيا. گنڀير موضوعن کي بحث هيٺ
ڪونه ٿي آندو ويو، ڄڻ ته کين خوف هو، ته سندن
دڪانداريءَ جا ڳُجهه ڳالهين ۾ ٻين کي نه معلوم ٿي
وڃن.
گهڻو ڪري هڪٻئي سان شانائتو کل ڀوڳ ئي ڪندا هئا. انهن مان ڪن جي
حاضر جوابي واقعي وري وري ٻڌائڻ جهڙي هوندي هئي.
سندن ڪچهريءَ ۾ ائين محسوس ٿيندو هو، ته تهذيب جو مطلب اهوئي
آهي ته مٿاهين درجي جي ڀوڪپائيءَ کي ڳالهه ٻولهه
جو موضوع بڻايو وڃي.
2_ نامور ۽ گمنام انسان:
نامور هستين سان ملڻ لاءِ ماڻهن جو جنون ڏسي، مون کي ڏاڍو اچرج
لڳندو آهي. هو پنهنجن دوستن کي اهو ٻڌائڻ ۾ فخر ٿا
سمجهن، ته هو فلاڻي وڏي ماڻهوءَ سان ملي چڪا آهن.
ان مان ثابت ٿو ٿئي، ته هو پنهنجو پاڻ کي تمام هيچ
ٿا سمجهن.
نامور شخص، اهڙن ملندڙن سان منهن ڏيڻ لاءِ، هڪ قسم جو ڍنگ
اختيار ڪرڻ سکي ويندا آهن. هو دنيا جي سامهون
منافقت جو نقاب پهري ايندا آهن، جيئن سندن اصليت
لڪل رهي. ماڻهو جنهن نموني ۾ هنن کي ڏسڻ جي اميد
رکن ٿا، هو به اهڙوئي ڍونگ رچائين ٿا، ۽ تجربي سان
هو ان ڍونگ جا ماهر بڻجي وڃن ٿا، پر توهان جي اها
احمقپائي آهي، جو توهين انهيءَ ظاهري ڪردار مان
سندن اصلي شخصيت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا.
مون کي ڪن شخصيتن سان بيحد گهرو لڳاءُ رهيو آهي؛ پر هنن سان
منهنجي دلچسپي سندن شخصيت جي وڏائيءَ ڪري نه، پر
پنهنجي ڪم ڪري رهي آهي. مون هر انسان کي اهڙو مواد
سمجهي جاچيو آهي، جو مون کي ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪتب
اچي سگهي. مون کي مشهور ماڻهن کان وڌيڪ گمنام
انسانن جي ڳولا رهي آهي. هو هميشه اصلي حالت ۾
هوندا آهن. دنيا تي اثر وجهڻ لاءِ کين نه ڍونگ
رچائڻ جي ضرورت پوندي آهي، ۽ نه منافقت ڪرڻ جي.
پنهنجي دائري اندر رهندي، فطري نموني هنن جو سڀاءُ
ٺهندو رهي ٿو. جيئن ته هو عام خلق لاءِ اهم نه
آهن، عام خلق جي نگاهه ۾ به نه آهن، ان ڪري هنن کي
ڪابه ڳالهه لڪائڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پوي. هو
پنهنجون وڏون به ظاهر ڪيو ڏين، ڇو ته هنن کي اهو
احساس ئي ڪونه هوندو آهي ته هوڪي گهٽ آهن.
عام انسان ئي اسان ليکڪن واسطي اهميت رکن ٿا، انهن بابت ئي اسان
کي لکڻو آهي. اسان جي نقطي نگاهه کان بادشاهه،
ڊڪٽيٽر ۽ لکاپتي سرمايي دار خاطر خواهه ڪردار نه
آهن، ۽ نه مقبول موضوع. ڪن ليکڪن اهڙن ماڻهن بابت
لکڻ جو جوکو کنيو، پر هنن کي جيڪا ناڪاميابي نصيب
ٿي آهي، ان مان صاف ثابت آهي ته اهڙن وڏن ماڻهن کي
فن جو موضوع بڻائڻ ٺيڪ ڪونهي. ادب ۾ سندن ڪردار
اصلي نه، پر نقلي لڳندو.
هڪ ”رواجي انسان“ ئي ليکڪ لاءِ ڀلي زمين آهي، هن ۾ طرح طرح جا
روپ آهن، هن ۾ قسمين قسمين عادتون آهن، هن ۾ نت
نواڻ آهي، هن ۾ پُراسراريت آهي، هن جون دلچسپيون
عجيب غريب آهن، هن جا مشغلا مزيدار آهن، جيئري رهڻ
لاءِ کيس قدم قدم تي جفاڪشي ڪرڻي پوي ٿي. هو اسان
اديبن لاءِ اڻ کُٽ خزانو آهي، هو اسان واسطي
بهترين مواد پيش ڪري ٿو. هرهڪ رواجي انسان ۾ نيون
نيون ڳالهيون ملنديون، پر وڏا ماڻهو ڄڻ ته سڀئي هڪ
سانچي مان نڪتل آهن، منجهن ايتري هيٺاهين مٿاهين ۽
لهرون لوڏا ڪونه هوندا آهن.
مان وڏي وزير سان گڏ رهڻ کان، هڪ وارياسي ٻيٽ ۾ جانورن جي ڊاڪٽر
سان گڏ گذارڻ کي وڌيڪ پسند ڪندس.
3- منهنجا خيال:
زندگيءَ ۾ جي مسئلا منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيا آهن، تن تي
پنهنجي خيالن جي مان هن ڪتاب ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندس؛ پر جن نتيجن تي مان پهتو آهيان، سي
منهنجي دل اندر ائين پئي لُڙهيا آهن، جيئن ٻڏل
جهاز جا تختا طوفاني سمنڊ ۾ لڙهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن
خيال آيو اٿم، ته جي مان انهن خيالن کي سهيڙي
سلسليوار ۽ سٽاءُ سان ويهي لکان، ته شايد مختلف
خيالن جون ڪڙيون پاڻ ۾ ملائي، انهن کي وڌيڪ سمجهي
سگهان. ڪيترائي ڀيرا ارادو به ڪيو اٿم، خاص ڪري
وڏين مسافرين تي وڃڻ وقت، ته مون کي ائين ئي ڪرڻ
گهرجي. موقعو به مناسب هوندو آهي؛ پر ان وقت مون
ڏٺو آهي، ته منهنجي دماغ ۾ خيالن جو ايڏو هجوم
هوندو آهي، ايتريون ته عجيب چيزون ڏٺيون اٿم، دماغ
۾ طوفان پيدا ڪندڙ ايترن انسانن سان مليو آهيان،
جو اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن سٽاءُ سان لکڻ، اڻ ٿيڻي
ڳالهه آهي.
مون پنهنجا خيال، پنهنجي ناولن جا ڪردار بڻائي ظاهر پئي ڪيا
آهن. ان طرح پنهنجا خيال بيان ڪرڻ تي مان اهڙو ته
هري ويو آهيان، جو منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته
آسان آهي، ته منهنجا تخليق ڪيل ڪردار ڇا ٿا سوچين؛
پر اهو فيصلو ڪرڻ ته مان پاڻ ڇا ٿو سوچيان، سو مون
لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. پهرين ڳالهه ته منهنجي لاءِ
سدائين خوشيءَ جو باعث بڻي رهي آهي، پر ٻي ڳالهه
مون واسطي اهڙو بوجو ٿيو پوي، جنهن کان هميشه جند
ڇڏائيندو رهيو آهيان. پر هاڻي مان ان چيز کي وڌيڪ
ترسائي نٿو سگهان.
جوانيءَ جي بيفڪريءَ ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي.
وچينءَ عمر ۾ به ماڻهو سڀاڻي تي ڪم رکڻ واري سستي
ڪري ٿو؛ پر نيٺ اهڙو وقت اچي ٿو، جو کيس موت ويجهو
ڏسجي ٿو. هِتان هُتان ساٿين ۽ همعصرن جي وفات جون
خبرون اچڻ لڳن ٿيون. ان ڪري به موت جو احساس وڌي
ٿو. اخبار جي ”وفات نامي“ واري ڪالم ۾ مون ڏٺو
آهي، ته گهڻن ماڻهن جو موت سٺ سالن جي قريب پهچڻ
تي ٿئي ٿو. مان به ان عمر کي پهتو آهيان. ڳچ ڀيرا
خيال آيو آهي، ته جي مرڻ کان اڳ هي ڪتاب نه لکيم،
ته ڏاڍي بي آرامي ٿينديم. ان ڪري بهتر ائين
سمجهيم، ته هن ڪم کي هڪدم هٿ ۾ کڻان. هن ڪتاب لکڻ
سان ڄڻ منهنجي حياتيءَ جو سڄو ڪم پورو ٿي ويندو،
ان ڪري مان آئيندي کي ڏاڍي اطمينان سان منهن ڏئي
سگهندس. مان هاڻي انهيءَ لاءِ وڌيڪ ڪو عذر گهڙي
نٿو سگهان، ته ڪو مان هي ڪتاب لکڻ لاءِ تيار
ناهيان. جن خيالن جي اهميت بابت مان اڄ تائين
نبيرو ڪري نه سگهيو آهيان، تن بابت اڄ کان پوءِ به
نبيرو ڪري نه سگهندس. مون کي خوشي آهي ته پنهنجي
سالن جي ڇڙو ڇڙ خيالن کي ڇنڊي ڇاڻي ڪَٺو لکي رهيو
آهيان. جڏهن مان اهي لکي پورا ڪندس، تڏهن منهنجي
سر تان انهن جو بار لهي ويندو ۽ هانءُ هلڪو ٿي
پوندم. پوءِ مان پنهنجون قوتون ڪنهن ٻئي پاسي ڪتب
آڻي سگهندس. مون کي اُميد آهي ته هي منهنجو آخري
ڪتاب ڪين ٿيندو. ماڻهو وصيت ڪرڻ کان پوءِ ڪو هڪدم
ڪونه مرندو آهي. وصيت ته دور انديشيءَ جي خيال کان
ڪئي ويندي آهي. ماڻهو پنهنجا معاملا طيءِ ڪرڻ ڪري،
آئيندي کان بيفڪر ٿي سگهي ٿو.
جڏهن هيءُ ڪتاب ختم ٿيندو، تڏهن ئي مان ڄاڻي سگهندس، ته مان
ڪهڙي حال ۽ خيال ۾ آهيان. ان کان پوءِ ئي پنهنجي
باقي بچيل حياتيءَ لاءِ ڪو پنهنجي پسند جو سٽاءُ
سٽيندس.
4- پاڻ بابت لکڻ:
اهو ته اوس ٿيڻو آهي ته مان هن ڪتاب ۾ گهڻيون ڳالهيون اهڙيون به
چوندس، جي پهرين به چئي چڪو آهيان. ان ڪري ئي مون
ان کي ”تاتپرچ“ سڏيو آهي. جئن جج، مقدمي جو حاصل
مطلب ٻڌائيندي، ڪورٽ ۾ اول ئي چيل ۽ ٻڌايل حقيقتون
دهرائيندو آهي، پر هو ڪا نئين شاهدي پيش ڪونه ڪندو
آهي.
مون پنهنجي حياتي پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ اوتي آهي. ان ڪري هتي مان
جو ڪجهه چوندس، ان مان ڳچ حصو انهن ۾ اول ئي موجود
آهي. منهنجي دلچسپيءَ جي دائري وارا ٿورا ڪي خيال
هوندا جي مون ورجايا نه هوندا. هن ڀرڪي مان پنهنجي
ويچارن ۽ احساسن جو تفصيلوار تصوير ڏيڻ جي ڪوشش
ڪندس. پنهنجن ناٽڪن ۽ ڪهاڻين ۾، موضوع جي لحاظ
کان، ڪن خيالن طرف مون رڳو اشارو ڪيو هو. انهن
خيالن کي به هتي چٽيءَ طرح لکندس.
ائين کڻي سمجهو ته مون هي ڪتاب پاڻ پڏائڻ خاطر لکيو آهي. هي
انهن موضوعن جي باري ۾ آهي، جي مون لاءِ اهم آهن.
هي ڪتاب مون بابت آهي، ڇو ته اهي موضوع جئن مون تي
اثرانداز ٿيا آهن، تئن ئي مون بيان لکيو آهي؛ پر
هتي مون پنهنجي عملي زندگيءَ جو ڪو ذڪر نه ڪيو
آهي. مان پڙهندڙن کي ايتري قدر پنهنجو رازدار
بڻائڻ نه ٿو چاهيان. ڪن ڳالهين ۾ پنهنجي خلوت ۾
مان ڪنهن ٻئي کي ڀاڱي ڀائيوار بڻائڻ نه ٿو پسند
ڪريان، ڇو ته ڪوبه انسان پنهنجو پاڻ بابت سئو
سيڪڙو سچ ڳالهائي نه ٿو سگهي.
جن پاڻ بابت سڄي سچ ٻڌائڻ جو ارادو ڪيو آهي، تن کي صرف هَٺَ
ائين ڪرڻ کان نه روڪيو آهي. خود غرضي به ان جو
ڪارڻ آهي. ٽيون ڪارڻ آهي هنن جي پنهنجي پاڻ سان
ناڪامي؛ اهو ان طرح ته اهو اهڙا ڪم به ڪري ويهندا
آهن، جن کي هو ڀُڏا ڪم سمجهندا آهن. هر انسان جي
چوڻيءَ ۽ ڪرڻيءَ ۾ فرق ٿيندو آهي.
ڪن شخصن کي وري پنهنجي اوڳڻ لکڻ جو اهڙو خيال اچي ويهندو آهي،
جو هو پنهنجا گڻ غير اهم سمجهي لکندائي ڪونه آهن.
نتيجي ۾ سندن شخصيت بي اُصول، کوکلي ۽ ڪمزور محسوس
ٿيندي آهي.
5- ٻين جا رايا:
ڪي خيال منهنجي ذهن ۾ هلچل مچائيندا رهيا آهن. انهن خيالن کان
ذهن کي صاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مان هيءُ ڪتاب
لکان. مون کي استادي ڪرڻ يا ليڪچر ڏيڻ جو شوق اصل
ڪونهي. دماغ ۾ ڪو نئون خيال پيدا ٿيندو اٿم، ته
اهو ٻين تائين پهچائڻ لاءِ مان بيتاب ڪونه ٿي
ويندو آهيان. جيڪڏهن ٻيا منهنجا هم خيال بڻيا آهن
ته مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ڪونه ويندو آهيان. منهنجا خيال
صحيح هوندا آهن. ٻيا جي انهن سان اختلاف ڪن ٿا ته
هو غلط آهن. پر مون کي هنن جي ان غلطيءَ تي ڪاوڙ
ڪونه ايندي آهي. نه مون کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ٿيندي
آهي، ته ڪو منهنجي راءِ اڪثريت جي اُبتڙ آهي. مون
کي پنهنجي اندروني طاقتن ۾ پورو پورو ڀروسو هوندو
آهي.
مون کي ائين لکڻ گهرجي ڄڻ ته مان وڏي اهم شخصيت آهيان، ۽ سچ پچ
ته مان اهم آهيان به، پر پاڻ واسطي. مان پنهنجي
لاءِ دنيا جو اهم ترين شخص آهيان. جيتوڻيڪ مان اهو
ڪونه ٿو وساريان ته هن اٿاهه دنيا ۾ منهنجي حيثيت
ئي ڪهڙي آهي، ۽ جي مان پيدا ئي نه ٿيان ها ته ان ۾
ڪهڙو فرق پوي ها!
مان پنهنجي لکڻين کي وقتي اهميت ضرور ڏيان ٿو. مان سمجهان ٿو ته
ڳنڀير ليکڪ ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيندا آهن، ته سندن
تحريرن جي سندن موت کان پوءِ ڪهڙي گت بڻبي. ليکڪ
لاءِ اهو خيال به ڏاڍو خوش ڪندڙ آهي، ته ڪجهه نسل
سندس ڪتاب کي دلچسپيءَ سان پڙهندا ۽ ملڪ جي ادبي
تاريخ ۾ هن جو نالو به شامل ڪيو ويندو. مون کي ته
ايتري مقبوليت حاصل ٿيڻ ۾ به شڪ آهي. ڇو ته مون
پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙا اديب ڏٺا آهن، جن مون
کان وڌيڪ ادبي دنيا ۾ ٿرٿلو مچايو هو؛ پر اڄ هو
ڪنهن کي به ياد ڪونه آهن. جڏهن مان ننڍو هئس تڏهن
جارج ميريڊٿ (George
Meredith)
۽ ٿامس هارڊي (Thomas
Hardy) جا ڪتاب ڏاڍي شوق سان پڙهيا ويندا هئا؛ پر اڄڪلهه جي نئين
ٽهيءَ وارن لاءِ انهن ڪتابن ۾ ڪا ڪشش ڪانه رهي
آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن نقاد جي هنن جي ڪمن جي
باري ۾ ڪنهن مضمون لکڻ ڪري، ڪو لئبرريءَ مان وڃي
سندن ڪو ڪتاب ڪڍرائي پڙهي؛ پر هنن جا ڪتاب اهڙي
شوق سان ڪونه پڙهيا ويندا، جهڙي ريت
Gulliver’s Travels يا
Tristan Shandy
يا
Tom Jones
جهڙا ڪتاب پڙهيا ٿا وڃن.
ايندڙ صفحن ۾ مون پنهنجا رايا لکيا آهن. پڙهندڙ انهن کي قبول
ڪري يا ڇڏي ڏئي، اهو سندس مرضيءَ ۽ راءِ تي ڇڏيان
ٿو. جيڪڏهن ڪو ذوق وارو، ڌيرج سان هي سڄو ڪتاب
پڙهي ويو، ته پوءِ کيس سمجهه ۾ اچي ويندو، ته مون
کي صرف هڪ ڳالهه جي پڪ آهي. اُها هيءَ آهي ته
”تمام ڪي ٿوريون ڳالهيون آهن، جي يقيني ٿي سگهن
ٿيون.“
6- منهنجا وڏا:
مون لکڻ ائين شروع ڪيو ڄڻ ته منهنجي لاءِ اها بلڪل سڀاويڪ چيز
هئي. جيئن بدڪ پاڻيءَ ڏانهن وڃي، تيئن ٿيو منهنجو
لکڻ ڏانهن لاڙو. مون کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي
اديب ٿيڻ تي اچرج لڳندو آهي. ان جو سبب ته اجهل
شوق آهي، پر اهڙو شوق مون ۾ جاڳيو ڪيئن؟ ڇو ته سئو
سالن کان وٺي منهنجا ابابا ڏاڏا وڪيل ٿي پئي رهيا
آهن. منهنجو ڏاڏو
Incorporated Law Society جي ٻن پاپي وجهندڙن مان هڪ هو. برٽش ميوزيم ۾ هن جي لکيل ڪتابن
جي ڊگهي فهرست موجود آهي. هن صرف هڪڙو اهڙو ڪتاب
لکيو، جو قانوني قسم جو نه هو. هي سندس انهن
مضمونن جو مجموعو هو، جي هن ان وقت جي مشهور مخزنن
۾ لکيا هئا. اهو ڪتاب مون هڪ دفعو ڏٺو ضرور هو، پر
ايتري لاءِ وقت ملي ڪونه سگهيو جو پڙهان ها ۽ نه
اڄ ڏينهن تائين پڙهيو اٿم. دل چوي ٿي ته اهو پڙهان
ها. ان مان ٿورو گهڻو اهو پتو لڳيم ها ته هو ڪهڙي
قسم جو ماڻهو هو. هو مٿين سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري
ٿي رهيو. انهيءَ خدمت جي بدلي ۾ هن کي چانديءَ جا
ٿانوَ سوغات ڪري ڏنا ويا، جي اڄ به محفوظ رکيا
آهن.
هڪڙي پوڙهي وڪيل کان پنهنجي ڏاڏي بابت هڪ واقعو ٻڌم. هڪڙي دعوت
۾ ڏاڏو خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ آيل هجي. کاڌي
کائيندي سندس آڏو پٽاٽن جي ٿالهي رکي وئي. هي
پٽاٽا کل سميت رڌل هئا. ڏاڏو ڀرئي ميڙ مان اُٿيو ۽
هڪ هڪ پٽاٽو ڪري ديوار تي ٽنگيل تصويرن کي هڻندو
ويو. مون وڪيل کان پڇيو ته پوءِ ڀلا ان جو حاضرين
تي ڪهڙو اثر ٿيو؟ چيائين ته حاضرين مان ڪنهن هن ڏي
نهاريو به ڪين، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪين، ۽ ڏاڏو وري
اچي ويٺو ۽ کائڻ کي لڳي ويو.
هن وڪيل مون کي اهو به ٻڌايو ته هن پنهنجي ڄمار ۾ ڏاڏي جهڙو
بدشڪل انسان ڪونه ڏٺو هو. مان ڏاڏي جي تصوير ڏسڻ
لاءِ سوسائٽيءَ جي عمارت ۾ ويس. جيڪڏهن وڪيل جو
چوڻ سچ هو ته پوءِ نقاش، ڏاڏي جي مورت چٽڻ ۾
چاپلوسيءَ کان ڪم ورتو آهي، ڇو ته هن جي شڪل ڪافي
شاندار نڪتل نظر آيم.
7- منهنجا ماءُ پيءُ:
مان اڃا ننڍڙو ئي هئس جو يتيم ٿي ويس. منهنجي ماءُ ان وقت وفات
ڪئي جڏهن مان اٺن سالن جو هئس ۽ پيءُ جي موت وقت
منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي. ان ڪري مون کي سندن ڪا
يادگيري ڪانهي. ٻين وٽان ٻڌل ڳالهين مان ئي هنن
جون خبرون پيون اٿم.
الاءِ ڪهڙو ڪارڻ هو، شايد مون جهڙي بي آرامي هئس، جو بابو
انگلينڊ ڇڏي، پئرس ۾ انگريزي سفارتخاني ۾ وڃي
صلاحڪار ٿيو. هن کي سير سفر جو ڏاڍو شوق هو. هو
ترڪي، يونان، ايشيا مائنر ۽ آفريڪا ۾ موراڪ تائين
ويو. اتان ڪيتريون ئي عجيب غريب شيون آندائين.
شاديءَ وقت هن جي عمر چاليهه سال هئي، ۽ امڙ ويهن
کان ننڍي هئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هئي ۽ بابو بي
ڊولو هو. مون ٻڌو آهي ته پئرس ۾ هن جوڙي کي چوندا
ئي هئا ”حسن ۽ حيوان.“
منهنجي ماءُ جو پيءُ فوج ۾ عملدار هو ۽ هندستان ۾ وفات ڪيائين.
هن جي ماءُ ڏاڍين خوبين واري هئي. دولت جي به هن
وٽ گهٽتائي ڪانه هئي. هوءَ پئرس ۾ اچي ويٺي. هن ڪي
ناول لکيا ۽ ڪجهه راڳين جا سور ٺاهيائين. هن جون
اهي تخليقون ڪافي هروسي ٿيون.
منهنجي ماءُ قد جي پوري پني هئي، هن جون اکيون ڀوريون ۽ وار
سونهري رنگ جا هئا. هن جا نقش وڻندڙ ۽ چمڙي چمڪندڙ
هئي. هن جي هڪڙي ساهيڙيءَ مون کي ٻڌايو ته هن
منهنجي ماءُ کي چيو ته، تون اهڙي حَسين آهين جو
تنهنجا ڪيترائي پروانا موجود آهن، پر تون صرف هن
بدصورت مڙس جو ڪلمو ڇو ٿي ڀرين؟“ ان تي امان جواب
ڏنو، ”ڇاڪاڻ ته هو منهنجا جذبات ڪونه ٿو ڏکوئي.“
مون سندس هٿ جو لکيل هڪ خط ڏٺو، جو چاچي جي ڪاغذن ۾ موجود هو.
چاچو پادري هو. امان کيس لکيو هو ته هو سندس هڪ
ٻار پنهنجي گود ۾ وٺي. هن جو خيال هو ته ائين ڪرڻ
سان ٻار جو دين دنيا ۾ ڀلو ٿيندو. هن کي ڪتاب پڙهڻ
سان عشق هو. هن جا ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل هئا.
کيس ڦڦڙن جي سِلهه ٿي پئي. مون کي ياد آهي ته شام جو اسان جي
گهر جي ٻاهران گڏهين جي قطار اچي بيهندي هئي. ان
وقت گڏهين جي کير کي سلهه جو بهترين علاج سمجهيو
ويندو هو. هڪ ڀيري، جڏهن ڦڦڙن مان رت اچڻ بند نه
ٿي ٿيس ۽ پنهنجي پڄاڻي ويجهي نظر آيس، تڏهن خيال
ٿيس ته جڏهن سندس پٽ وڏا ٿيندا، تڏهن ضرور اهو
سوچيندا ته سندن ماءُ ڪهڙي شڪل صورت جي هئي. سو
نوڪرياڻيءَ کي گهرايائين ۽ بهترن لباس پهري پنهنجو
فوٽو ڪڍرايائين.
هن کي ڇهه پٽ ٿيا ۽ ويم ڪندي ئي دم ڏنائين. ان وقت ڊاڪٽرن جو
خيال هو ته سِلهه واري عورت لاءِ حمل سان ٿيڻ
ڪارائتو آهي. موت وقت هوءَ 38 سالن جي هئي. امان
جي مرڻ کانپوءِ هن جي نوڪرياڻيءَ مون کي پاليو. ان
کان اڳ منهنجي سنڀال فرينچ داين جي حوالي هئي. ان
ڪري مان فرينچ ۽ انگريزي گاڏڙ ساڏڙ ڳالهائيندو
هئس. بابو سٺي سڀاءَ وارو انسان هو، اونهاري ۾ رهڻ
واسطي جڳهه جوڙايائين. هي گهر پهاڙيءَ جي چوٽيءَ
تي هو ۽ وڻندڙ نظارن جي وچ ۾. پري کان پئرس نظر
ايندو هو، ڀرسان ندي ٿي وهي، جنهن جي ڪناري تي هڪ
سهڻو ڳوٺ هو. گهر ڏاڍو عمدي سامان سان سينگاريل
هو. ان ۾ ٻين ملڪن مان آندل قديم شيون به رکيل
هيون. انهن ۾ بدنظر کان بچڻ لاءِ هڪ نشان به هو،
جو هن ڪتاب جي پوش تي چِتيل آهي.
8- لکڻ سکڻ:
مون کي فرينچ اسڪول مان ڪڍي، انگريزي سکڻ لاءِ هڪ پادريءَ وٽ
ڇڏيو ويو. هن جو مون کي انگريزي سيکارڻ جو طريقو
اهو هو، جو هو مون کي اخبار مان مارا ماري، رتو
ڇاڻ واريون دلچسپ خبرون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو.
پوءِ مان اسڪول ۾ داخل ٿيس. اتي ڪلاس ۾ شاگرد
منهنجي انگريزي لفظن جي اُچارن تي وڏا ٽهڪ ڏئي
کلندا هئا.
مون کي اسڪول ۾ ته صحيح نموني جملا لکڻ جي هدايت ڪنهن ڪانه ڪئي،
پر زندگيءَ ۾ مون ٻه ڀيرا انگريزيءَ جو سبق حاصل
ڪيو آهي؛ پر اهو سبق ايترو دير سان حاصل ٿيو اٿم،
جو شايد مان ان مان فائدو وٺي نه سگهان.
پهريون سبق ڪجهه سال اڳ مليم. مان لنڊن ۾ ڪجهه وقت ترسيل هئس.
هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو
هئم. هوءَ لڄاري ۽ موچاري هئي، ۽ هڪ پرڻيل شخص سان
عشقبازي پئي ڪيائين. مان هڪ ڇنڇر تي هن کي پنهنجي
ڪتاب
Cakes and Ale
جو ٽائيپ ٿيل مسودو ڏنو، ته
آچر ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ان کي درست ڪري اچي.
منهنجو مطلب هو ته
Typist
جي هِجي ۾ غلطيون ڪيون هجن، ته انهن جي هجي صحيح
ڪري لکي، پر هن منهنجي چوڻ جو مطلب ئي ٻيو ڪڍيو.
سومر ڏينهن صبح جو جڏهن هوءَ آئي ته مسودي سان گڏ
درستين جا اٺ وڏا صحفا به ڳنڍيل هئا. پهرين ته
ٿوري چڙ آيم، پر پوءِ خيال آيم ته ممڪن آهي ته
ڇوڪريءَ جيڪا محنت ڪئي آهي ان مان، مان ڪو فائدو
وٺي سگهان. ويهي اهي درستيون پڙهيم، مان سمجهان ٿو
ته هن ڪنهن ڪاليج ۾ باقاعدگي انگريزيءَ جي تعليم
حاصل ڪئي هئي، ۽ گرامر کي ڌيان ۾ رکي منهنجون
غلطيون ڪڍيون هئائين، جيئن سندس پروفيسرن هن جي
مضمون مان چُڪون ڪڍيون هونديون.
هن ڇوڪريءَ جو خيال هو ته هڪ ئي صفحي تي ساڳيو لفظ ٻه دفعا
استعمال نه ڪيو وڃي. ان ڪري هر اهڙي لفظ لاءِ ٻيو
هم معنيٰ لفظ ڏنو هئائين. منهنجا ڪي جملا ڏهن ڏهن
قطارن ۾ لکيل هئا. انهن لاءِ لکيو هئائين، ته انهن
کي ڀڃي ننڍا ننڍا جملا لکڻ گهرجن. ڪٿي مون اڌ دم
ڏنو هو، ته ان لاءِ لکيو هئائين، پورو دم هئڻ
جُڳائي. ڪٿي مون بيهڪ جي نشاني ڏني هئي ته لکيو
هئائين ته، ”اهو پراڻو طريقو آهي.“ مون کي کل هن
جي اِن چُڀندڙ سوال تي آئي ته، ”توهان کي پنهنجي
لکيل حقيقتن تي يقين آهي؟“
ٻيو سبق هڪ پروفيسر کان مليم. اسين ٻئي گڏ رهندا هئاسين. ان وقت
مون پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب جي مسودي ۾ درستون پئي
ڪيون. هن اهو پڙهڻ جي سَڌَ ڏيکاري. مان ٿورو
هٻڪيس، ڇو ته خبر هئم ته هن جي پرکڻ جي ڪسوٽي تمام
اوچي آهي. تنهن کان سواءِ هن قديم ادب کي وڌيڪ
اهميت ٿي ڏني ۽ منهنجي خيال موجب موجوده ادب جو
پورو پارکو نه هو. مون پنهنجي ڪتاب کي بهتر کان
بهتر بڻائڻ ٿي چاهيو. ان ڪري خيال ڪيم ته ممڪن آهي
ته هن جي ٽيڪا ٽپڻي ڪارائتي ثابت ٿئي. هن تمام
هلڪي تنقيد ڪئي. هن ٻوليءَ جي سهڻائيءَ تي وڌيڪ
زور ڏنو، هن جو خيال هو ته هرهڪ لفظ چَٻي چِٿي ڪتب
آڻجي. ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته اهي لفظ مصنف
جي مدعا به چڱيءَ طرح ظاهر ڪن.
ننڍي هوندي جي مان اهڙن استادن وٽ پڙهان ها، ته شايد گهڻو ڪجهه
حاصل ڪري سگهان ها!
9- لفظ ۽ جملا:
مون کي سڀ ڪجهه پنهنجي منهن سکڻو پيو. مون پنهنجون شروع ۾ لکيل
ڪهاڻيون پڙهيون، ان خيال کان ته ان وقت منهنجا
ڪهڙا لاڙا هئا، انهن ۾ هلڪڙائي ۽ جوشيليون ڳالهيون
آهن؛ پر اها منهنجي عمر جي گهُر هئي. هينئر مون کي
رڳو پنهنجي لکڻ جي طريقي جو بيان ڪرڻو آهي. نظر
ائين ٿو اچي، ته مون منجهه سنئي سڌي گفتگو لکڻ
لاءِ سڀاويڪ چٽائي ۽ ڏانءُ موجود هو.
ان وقت جي مشهور ناٽڪ نويس هينري آرٿر جونس (Henry
Arturr Jones)
جڏهن منهنجو پهريون ناول پڙهيو، تڏهن هڪ دوست کي
چيائين ته، هي ليکڪ ٿوري عرصي اندر برک ناٽڪ نويس
ٿي ويندو. مان ڀانيان ٿو ته هو منهنجي نظارن کي
چِٽائيءَ سان ۽ اثرائتي نموني چٽڻ جي ڏات ڏسي چڪو
هو.
ڪتابن ۾ منهنجي ٻولي رواجي هئي، گهڻا ۽ جدا جدا لفظ به استعمال
ڪونه ڪيا هئم، گرامر جي خيالن کان خاميون هيون ۽
محاورا به پراوا ڪتب آندا هئم؛ پر لکڻ مون لاءِ
ساهه کڻڻ وانگر سڀاويڪ ڳالهه هئي. بس لکندو ٿي ويس
۽ اهو سوچڻ لاءِ ڪونه ٿي رُڪيس ته خراب لکي رهيو
آهيان يا سٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ وڃي احساس ٿيم
ته لکڻ هڪ نازڪ فن آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ
ڏينهن رات پوري دل ۽ دماغ سان پورهيو ڪرڻ گهرجي.
اهو احساس مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن پنهنجي خيالن
کي لفظي شڪل ڏيڻ لاءِ ڏکيائي محسوس ڪيم. گفتگو ته
مان ڏاڍي روانيءَ سان لکي ويندو هئس، پر بياني
مضمون وقت ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هئم. ٻه جملا لکڻ
لاءِ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪلاڪ دماغ کي ولوڙڻو پوندو هو.
پوءِ پنهنجو پاڻ کي لکڻ سيکارڻ لاءِ پڪو پهه پچايم. بدقسمتيءَ
سان ڪوبه مون کي مدد ڪرڻ وارو نه هو. مون ڪيتريون
ئي چُڪون ڪيون. جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل پروفيسر جهڙو
ڪو استاد مليم ها، ته منهنجو الاهي وقت بچي پوي
ها. اهڙو استاد مون کي آسانيءَ سان دڳ لائي سگهي
ها. هو منهنجي خوبين ۽ رغبتن کي ڀانپي، صحيح نموني
رهبري ڪري ها، ۽ مون کي ٻين طرف اجائي محنت نه
ڪرڻي پوي ها. ان وقت رنگا رنگي نثر پسند ڪيو ٿي
ويو. ڪنن کي وڻندڙ لفظ ۽ سهڻا جملا.
مون ڏٺو ته مان لفظن جي معاملي ۾ سُڃو آهيان، سو برٽش ميوزم ۾
وڃي ڏينهن جا ڏينهن وڏا وڏا ڪتاب اُٿلايم پُٿلايم.
انهن مان چونڊي چونڊي لفظ، محاورا ۽ اصطلاح لکندو
ويس، ۽ هڪ وڏو نوٽبڪ ڀري ڇڏيم. پر اڄ تائين ان
نوٽبڪ مان فائدو ڪونه ورتو اٿم. ڪوبه اهڙي بيوقوفي
ڪرڻ چاهي، ته اهو نوٽبڪ اڄ به مون وٽ رکيو آهي.
مون انجيل مان به انهيءَ خيال کان ڪيترائي ٽڪرا نقل ڪيا، جيريمي
ٽيلر (Jeremy
Taylor) جو ڪتاب (Holydying)
پڙهي، ان مان ڪي ٽڪرا ياد ڪري لکندو هئس.
انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ مون (The
Land of Blessed Virgin)
ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب تازو پڙهيم. مون کي اصل مزو
ڪونه ڏنائين. لفظن ۽ جملن جو رنگا رنگي چمن آهي،
پر هن جي لحاظ کان گهڻي قدر جي لائق ڪونهي.
10- ٽي خوبيون:
ساڳيءَ طرح مون (Swift)
جي لکيل ڪتاب
The tale of a tub
جا ڪيترا ٽڪرا نقل ڪري لکيا. وري اهي ياد ڪري،
حافظي مان وري وري لکندو رهيس. مون هن جي جملن ۾
لفظن جي مٽا سٽا ڪئي؛ پر مون ڏٺو ته هن جي استعمال
ڪيل لفظن جي، ٻيا لفظ جڳهه وٺي نه ٿي سگهيا. هن جو
نثر هر نموني مڪمل هو.
ائين ڪرڻ سان فائدو ٿيم. منهنجي انگريزي گهڻو سڌري وئي؛ پر
منهنجي دل انهيءَ طريقي سان لکڻ مان کٽي ٿي پئي ۽
پورا پنج سال مون ڪوبه ناول ڪونه لکيو، صرف ناٽڪ
لکيم. هاڻي منهنجو سٺي انگريزي لکڻ ۾ نالي پيدا
ڪرڻ جو شوق ختم ٿي چڪو هو. لفظن جي جملن جي ڄار ۾
مان ڦاسي نه سگهيس. مون ٻوليءَ جي جهالر کانسواءِ،
سادي ۽ سنئين سڌي نموني لکڻ ٿي چاهيو. مون کي
ايترو ته گهڻو چوڻو هو، جو لفظن جو هير ڦير ۾ وقت
وڃائي نه ٿي سگهيس. مون فقط حقيقتن کي ڪاغذ تي
قلمبند ڪرڻ ٿي چاهيو. مون اهو ناممڪن ارادو ڪري،
ڪتاب شروع ڪيو، ته ان ۾ ڪابه صفت (Adjective) ڪتب ڪونه آڻيندس. مون خيال ڪيو ته جي تُز لفظ ملي وڃي،
ته بياني صفت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون سمجهيو
ته منهنجو هيءُ ڪتاب هڪ تمام ڊگهي تار ٿيندو، جنهن
۾ ڪفايت جي خيال کان اهڙا سڀ لفظ ترڪ ڪيا ويندا،
جي مطلب :ظاهر ڪرڻ لاءِ ضروري نه هوندا. مون اهو
ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ وري نه پڙهيو آهي. پتو ناهي ته
مان پنهنجي مقرر ڪيل مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويس؛
پر مان سمجهان ٿو ته ان کان اڳ مون ڪتاب جهڙي
سڀاويڪ شيءِ نه لکي هئي، پر اها پڪ اٿم ته ان ۾
گرامر جون گهڻيون غلطيون آهن.
ان کانپوءِ مان بهتر لکڻيءَ جو آدم ڪندو رهيو آهيان. مون کي خبر
هئي ته مون ۾ شاعراڻيون خوبيون ڪونه آهن. منهنجو
لفظن جو ذخيرو به محدود هو. تشبيهن جي ڏات کان به
وانجهيل هئس. خيالن جو اوچو پرواز به منهنجي وت
کان ٻاهر هو. ٻين اديبن جون اهي خاصيتون مان
ساراهيندو ضرور هئس. هنن جو لفظن جي خوبصورت لباس
۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ، دل کي وڻندڙ عجيب غريب
تشبيهون ڏيڻ.- پر مان پنهنجن ليکن ۾ اهڙو ٺٺ پيدا
ڪري نه ٿي سگهيس ۽ مان اهڙين ڳالهين لاءِ جتن ڪرڻ
کان ٿڪجي پيو هئس، جي مان پنهنجي طبيعت پٽاندر
آسانيءَ سان ڪري نه ٿي سگهيس.
مون کي وري شين کي جاچڻ ۽ پرکڻ جي غير معمولي ڏات مليل هئي. مون
کي شين ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر اينديون هيون، جن طرف
ٻين جو ڌيان ئي ڪونه ڇڪبو هو. مان جيڪي ڏسندو هئس،
اهو نهايت چِٽائيءَ سان لکي سگهندو هئس.
مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته سٺي لکڻيءَ ۾ ٽي خوبيون هجڻ
گهرجن: پهرين چٽائي، ٻي سادگي ۽ ٽين اُچارن جي
سهڻائي ۽ سولائي.
11- چِٽائي:
مون کي انهن ليکڪن تي چڙ ايندي آهي، جي چوندا آهن، ته ائين لکجي
جو ان جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ پڙهندڙ کي پنهنجي دماغ
تي زور ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي.
حقيقت هيءَ آهي ته وڏا وڏا فيلسوف به دشوار مسئلن ۽ ويچارن کي
ڏاڍي آسان ۽ چٽي نموني ظاهر ڪري سگهن ٿا. هيوم (Hume)
جي خيالن جي تهه تائين ممڪن آهي ته هرڪو پهچي نه
سگهي، پر هن جي لکيل جملي جي معنيٰ ٿورو پڙهيل به
سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ٻئي هڪ فيلسوف برڪلي
(Berkeley) جهڙي صاف ۽ سٺي انگريزي ڪنهن مشڪل سان ئي لکي هوندي.
منجهيل ۽ اڻ چٽي لکڻ جا ٻه سبب آهن. پهريون آهي بيپرواهي. ڪن
اديبن پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان لکڻ، سکڻ جي تڪليف
ڪانه ورتي آهي. انهن ۾ اڄڪلهه جا فيلسوف، سائنسدان
۽ خود نقاد اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ هنن وڏن وڏن ليکڪن
جا وڏا وڏا ڪتاب پڙهيا هوندا آهن، پر هنن ٻوليءَ
جي موزونيت طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو هوندو آهي.
سندن مطلب سمجهڻ لاءِ توهان کي ساڳيو جملو وري وري
پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي، يا ته توهين ان جملي
مان هڪ جو ٻيو مطلب ڪڍندا.
ٻيو منجهيل لکڻيءَ جو ڪارڻ اهو آهي، ته لکندڙ جو ڪجهه لکندو
آهي، ان جي معنيٰ جي کيس به پڪ ڪانه هوندي آهي.
سندس دماغ ۾ ڪو اڻ- لکو خيال پيدا ٿيندو آهي، جنهن
تي هو سستيءَ سببان، يا نااهليت ڪري وڌيڪ ويچاري
ڪونه سگهندو آهي. ان ڪري اهو خيال هو خود به صاف
طرح سُلجهائي ڪونه سگهندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ
حالت ۾ هو پنهنجو اهو خيال صحيح ۽ چٽي نموني ڪيئن
پيش ڪري سگهندو!
گهڻا ليکڪ لکڻ کان اڳ نه، پر لکڻ وقت سوچيندا آهن. قلم مان ئي
هنن جا خيال اُڀرن ٿا. ڪوبه هڪ ڀيرو پني تي اچي
وڃي ٿو، ته پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي.
لکيل لفظن ۾ جادو ٿيندو آهي. لکندڙ ان ۾ عجيب ڇڪ ۽
خوشي محسوس ڪندو آهي.
ڪي اديب وري سوچيندا آهن، ته ”اسين ڪو جهڙا تهڙا ليکڪ ته ڪونه
آهيون، جو اسان جي لکڻي هرڪو ڪوري موچي سولائيءَ
سان سمجهي وڃي.“ جيتوڻيڪ سچ اهو آهي، ته وِڏَ سندن
دماغ ۾ ئي هوندي آهي، جو هو پنهنجن خيالن جي به
چِٽي تصوير چٽي ڪونه سگهندا آهن. بيوقوف انسان ئي
لفظن ۾ ظاهري ۽ باطني معنيٰ الڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن.
12- سادگي:
سادگي، چٽائيءَ وانگر پڌرو ڳُڻ نه آهي. جيئن ته مون وٽ لفظن جي
ذخيري جي اڻاٺ آهي، ان ڪري سادگيءَ وارو ڳڻ حاصل
ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهيان. جن وٽ لفظن جي
گهڻائي ۽ سونهن آهي، تن کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو
سگهجي. هنن جا چونڊ چونڊ لفظ استعمال ڪرڻ ائين ٿا
لڳن، جيئن لڙيءَ ۾ موتي پوئجن. انهن جي پڙهڻ سان
ڪنن کي موسيقيءَ وارو مزو ملندو آهي؛ پر انهن جو
اثر دماغ کان وڌيڪ موجي حواسن تي پوي ٿو، لفظن جي
موسيقيت ۾ گم ٿي وڃڻ ڪري، ماڻهو انهن جا معنيَ ۽
مطلب طرف گهٽ ڌيان ڏئي ٿو؛ پر لفظ به تکا تير آهن،
انهن جو وجود انهن جي معنيٰ ڪري آهي، جيڪڏهن معنيٰ
طرف ڌيان ڏنو نه ويو، ته لفظن جو هئڻ بيڪار ٿي
ويندو.
خسيس خيالن کي لکڻ لاءِ سهڻن لفظن جو لباس نه ٿو سونهي.
هرڪو ليکڪ لفظن جي ذخيري سان مالا مال ٿي نه ٿو سگهي، پر هو
پنهنجي جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان پنهنجي تحريرن ۾ سادگي
پيدا ڪري سگهي ٿو.
منجهيل دماغ وارو منجهيل نموني لکندو، پورالو اديب پورالي نموني
لکندو، تيز فهم اديب جي دماغ ۾ لکڻ وقت ايترا ته
خيال اچي ڪٺا ٿيندا آهن جو، جي هن ضابطي سان نه
لکيو ته سندس ساري لکڻي مثالن ۽ تشبيهن سان ڀرجي
ويندي
13- اُچارن جي سهڻائي ۽ سولائي:
لفظ اهڙا ڪتب آڻجن، جن جو آواز ڪنن لاءِ وڻندڙ هجي. گهڻا ليکڪ
توڙي پڙهندڙ ان ذوق کان خالي هوندا آهن.
شاعر حرف تجنيس (Alliteration)
ڏاڍي ڪتب آڻيندا آهن؛ پر منهنجي خيال ۾ نثر ۾ ان
جو استعمال سٺو نه ٿو لڳي. لفظن کي وزن آهي، آواز
آهي ۽ صورت آهي. جڏهن لفظن جون اهي ڳالهيون ڳڻي
ڪتب آڻبا، تڏهن ئي اهو جملو ڏسڻ ۾ وڻندو ۽ ٻڌڻ ۾
مزو ڏيندو.
انگريزي نثر جا ڪيترائي ڪتاب پڙهيا اٿم، پر انهن مان ڪو لاڀ
حاصل ڪري ڪونه سگهيو آهيان، ڇو ته مصنفن پنهنجو
مطلب چٽيءَ طرح بيان نه ڪيو هو.
Fowler’s Dictionary of Modern English Usage
هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان هرڪو گهڻو ڪجهه سکي
سگهي ٿو. هن جي لکڻيءَ ۾ سادگي ۽ چٽائي آهي. هن
ڏاڍا موزون اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن، پر
هن لفظن جي آواز طرف ذرو به توجهه ڪونه ڏنو آهي.
اهي ڪڏهن ڪڏهن ڪنن تي بوجو محسوس ٿين ٿا.
لکڻ ۾ گرامر جو خيال رکڻ بيحد لازمي آهي؛ پر گرامر کي چهٽي پوڻ
سان لکڻيءَ ۾ مزو نه رهندو. مان ائين نه لکندو
آهيان جيئن لکڻ چاهيندو آهيان، پر ائين لکندو
آهيان جيئن لکي سگهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪ
صفحي، هڪ جملي يا هڪ لفظ لکڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
مٿو مارڻو پوندو آهي.
فرينچ ليکڪا ڪاليٽ (Collete)
جا ڪتاب پڙهي مان سمجهندو هئس، ته هن جي لکڻي اهڙي
سڀاويڪ آهي، جو هن کي لکڻ ۾ نه محنت ڪرڻي پوندي
هوندي ۽ نه وقت ضايع ٿيندو هوندو؛ پر مون کي کانئس
اهو ٻڌي اچرج لڳو، ته هن کي هر چيز ڪيترائي ڀيرا
وري وري لکڻي پوندي هئي، ۽ هڪ صفحي لکڻ ۾ پورو
ڏينهن خرچ ٿي ويندو هو.
14- هر دؤر جي ٻولي:
مون ٻڌو آهي ته اناطول فرانس (Anatole
France)
سترهين صديءَ جي جن ليکڪن جو مداح هو، انهن جي
لفظن ۽ لکڻيءَ جي طرز جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
شايد ان ڪري ئي هن جي سهڻي ۽ سليس فرينچ ۾ اثر گهٽ
آهي.
ٻولي کڻي سادگي هجي، پر جي اها خاص انداز ۾ نه لکي ويندي ته ان
۾ زور نه رهندو. هر دؤَر ۾ لکڻ جو انداز الڳ ٿيندو
آهي، ۽ ان دؤر جي مروج انداز ۾ ئي لکڻ گهرجي. ٻولي
هڪ جيئري وٿ آهي ۽ هميشه ڦرندي گهرندي رهي ٿي.
تمام گهڻو اڳ ٿي گذريل مصنفن جي نموني ۾ لکڻ جي
ڪوشش ڪرڻ ڪري، لکڻيءَ ۾ تصنع پيدا ٿي پوي ٿو. مان
ڪي اهڙا لفظ يا اصطلاح استعمال ڪرڻ کان نه هٻڪندس،
جي ظاهري طرح بازاري ۽ هلڪڙا هجن؛ پر جن ذريعي مان
پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان بيان ڪري سگهان ٿو، ۽
پڙهندڙ کي حقيقتن سمجهڻ ۾ سولائي ئي ٿي.
جيڪڏهن لکڻ جو طريقو سٺو آهي، ته پوءِ ان ۾ نوان لفظ ۽ چالو
اصطلاح برا به لڳندا. مان نازڪ خياليءَ کان وڌيڪ
رواجي ڳالهيون لکڻ پسند ٿو ڪريان. نيٺ به ته زندگي
رواجي ڳالهين سان ڀريل آهي ۽ اديب جو واسطو
زندگيءَ سان آهي. |