سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :16

جسوڌن: توهجو ڇا_ ماٺڙي ڪري پانجو ڪم ڪر.

ملوڪان: ها، مهجو ڇا! بانڪي تو واري ماسٽراڻي هئي واهه جي. مرين ڇو ٿو؟ ٻٽاڪون ته ڏاڍيون هڻندو آهين، ماسٽرياڻي نه ته انگريچاڻي سهي.

(جسوڌن جو ڪهاڙو رڪجي ٿو وڃي )

[Big close up of jassodhan ] (Bang)

(جسوڌن جو ڪهاڙو اُڀو هٿن ۾ رڪجي ٿو وڃي. هو توائي ٿي ملوڪان ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. ڪهاڙو ڇڏي، وڄ جي تيزيءَ سان ملوڪان جي ڳچيءَ مان جهليندي )

جسوڌن: بڪين ڇا ٿي ... ڇو ... هي ڪيڙي ڳال ڪي اٿئي؟...

ملوڪان: اڙي ڙي ... اڙي ڙي ڙي ڙي ... ماشٽراڻيءَ جو سڱ راڻي ڏنو ڪي مون _ مون گريبڙيءَ جو ڪو ڏوهه ڪو سباب!

                                (close up )

]جسوڌن جي سڄي جسم مان ست نڪري ٿو وڃي[

(گهٽيل، وشواس نه ايندڙ آواز سان)

جسو: ڇا؟...

]جسوڌن جا هٿ ملوڪان جي نڙيءَ مان ڍرا ٿي وڃن ٿا. سندس ذهن ڄڻ گهوماٽي کائي ٿو وڃي.

جسوڌن درد جي پيڙا کي اندر ۾ گهٽيندو، باڪسرن جيان، پنهنجي هٿ جي تريءَ ۾ ٻئي هٿ سان ٺونشا هڻندو، توائي ٿيو هلندو ٿو وڃي، سندس مهاڙ ڪارونجهر چوٽين ڏانهن آهي. سندس قدم ڄڻ ڌرتيءَ ۾ ڌٻندا وڃن[

(ملوڪان جي منهن تي ڀونڊو ڏيندي)

آسودي: هي ته وٺ، ايءُ به رونشو ٿيو، مرن موت ملوڪان شڪار! ايڙي ڳالهه ڪرڻ جو جرور ڪيڙو هو؟ ...

(ڏک مان)

ملوڪان: مونک ڪيڙي کبر، جسوءَ کي ڏک ٿيندو.

آسودي: ٻوٿ، ايئن ڇو نه ٿي چئين ته پيٽ ۾ پانجو ڪو ويلو ٿئي.

(ملوڪان هيڊ ٿي وڃي ٿي، هوءَ ڳوڙهن ڀريل اکين سان، سٽ ڏئي آسودي ۾ نهاري ٿي.)

ملوڪان: ها آهي،ناهين ڇا.

(ملوڪان هڪدم ڊوڙندي گهر هلي ٿي وڃي آسودي حيران پريشان پهرين ملوڪان ۽ پوءِ جسوڌن ۾ نهاريندي ٿي رهي.)

]ڪيمرا فاسٽ بُلر سان Zoom in ڪري جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. هن کي ڄڻ چرين جيان جک ايندا ٿا رهن. هو چوڏس پهاڙ ۾ وياڪل، ڪروڌ ڀريل نيڻن ۽ ڀڪوڙيل چپن سان نهاريندو، واساما کائيندو، الائي ڇا سوچيندو، اوچتو ٽرن ڪري وڄ جي تيزيءَ سان، ڪارونجهر جي چوٽين ڏانهن ڊوڙي ٿو.

ڪارونجهر ۾ جسوڌن جي ڊوڙ_ هو ٽرن ڪري گوڙ ڌوڙ جي ڦاڙ مان هڪ ساهيءَ ڊوڙندو وڃي ٿو ۽ رستو ڪاٽي، ڪارونجهر جي اونهن، سرنگهن نما پورن مان گهُتيون هڻندو، سهڪندو، هڪ ساهي ڊوڙندو ٿو وڃي.[

                                (Cut)

(ڪيميرا جسوڌن کي ريسٽ هائوس واري ڳاڙهي ٽڪريءَ ڏانهن پوريءَ سگهه سان وڌندو ٿي ڏيکاري)

                                (Cut)

(جسوڌن سهڪندي، پگهر مان شم ريسٽ هائوس واري تڪريءَ وٽان هڪ مٿاهينءَ تان بيهجي، ننگر پارڪر جي شهر ڏانهن نهاريندو ٿو رهي__ ڪيمرا جسوڌن جي سائڊ کان ننگر پارڪر شهر جو Long shot ۾ سهڻو چهچٽو پيش ڪري ٿي).

(Sound effects)

( جسوڌن سهڪندو، عجيب درد ڀريل اُٻاڻڪائي ۽ وياڪلتا سان شهر جي جاين ڏانهن واجهائيندو ٿو رهي). ]سهڪو[

سندس سڄو بت جهُلندو ٿو رهي.

]مورن جي آوازن سان گڏ، پري اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٻُرندا ٿا رهن[.

(جسوڌن هلندو، ڏک ۽ پيڙا مان، گونڌل جي واٽ ۾ ڳاڙهن وڏن گول پهڻن مٿان ويهجي ٿو وڃي ۽ ڏاڍي پيڙا مان هٿ مهٽيندو، گونڌل جي واٽ واجهائيندو ٿو رهي__)

]کن پل کان پوءِ[

(ڪيميرا Long shot ۾، جسوڌن جي بيڪ سائيڊ کان، گونڌل کي ٻن ٻارڙن سان پري، شهر کان ايندڙ ڏيکاري ٿي. گونڌل ٻنهي ٻارڙن سان گڏ هلندي ٿي اچي........ هلندي ٿي اچي. ڪيميرا گونڌل تي اچي ٿي ۽ گونڌل پَڙو لمڪائيندي، بيخبر، پنڌ لتاريندي ٿي اچي.)

                        Close up

(جسوڌن عجيب موهه، ڏک ۽ پيڙا مان گونڌل ۾ نهاريندو ٿو رهي.)

(ڪيمرا Zoom in ڪري گونڌل کي ويجهي کان ڏيکاري ٿي. گونڌل جو منهن سنهڙي اَکيي سان ڍڪيل آهي. سندس مٿي تي مور چٽ گندي ۽ مٿان اجرڪ آهي، جيڪا سندس سڄي جسم جا گهڙاوَ ۽ اُڀار ڍڪيندي، پڙي سان گڏ هيٺ تائين جهُليل آهن).

(اوچتو جسوڌن کي ڏسي، گونڌل جو ڄڻ روح ڪنبي ٿو وڃي. سندس اکين ۾ آيل اُداسي سنهڙي اَکيي مان نروار ٿيو اچي. هوءَ اندر جو سموري ڏک ۽ پيڙا پِي، جسوڌن جي سامهون ٿيڻ کان لنوائيندي، پنهنجو منهن ڪري هڄندي، پاسو ڪري لنگهي ٿي.)

(سڀ ڪجهه محسوس ڪندي، گهٽيل آواز سان سڏيندي).

جسوڌن: گونڌلي....

(گونڌل هلندي هلندي، پٺڀري بيهجي ٿي وڃي).

(هڄندي، گهٽيل آواز سان پٺيان ايندي).

جسوڌن: تو جو وهانءُ آ گونڌلي؟....

(گونڌل جو Face close)

(ڪيميرا گونڌل پٺيان بيٺل جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. گونڌل جي اکين مان ڳوڙها وهڻ ڪري، سندس پٽ جو اَکيو سندس ڳلن سان چنبڙي ٿو وڃي. روئڻ دٻائيندي، پاڻ سنڀاليندي.)

گونڌل: ها__ وهانءُ آ...

جسوڌن: نه، اهو ڊوهه آهي__ ويساهه گهاتي آهي. تو... تو مون کي اڳواٽ ٻڌايو ڇو نه...

گونڌل: موجي ٻڌائڻ سان ڇا ٿئي ها__ اهو ته سڀڪجهه اسان کي پهريان محسوس ڪرڻ کپي ها. جسو آءُ ڪولهڻ آهيان ۽ تون رٻاري__ ڪيڏو فرق آ........! ذات ذپات جي اها ڀت نه توکان ڊهڻي هئي نه مونکان...

(گونڌل جي پٺيان کان جسوڌن درد جو بت بڻيو، ڏانهن واچيندو ٿو رهي،)

(گونڌل جي مک وارو آکيو پِڄندو ٿو وڃي، ڀڄندو سندس ڳلن سان چنبڙندو ــــ ٻنهي جي وائي کن لاءِ ڄڻ بند ٿي وڃي ٿي).

(رگهيل گهٽيل آواز سان).

گونڌل: جسو، پراين لڄن جا اڳ ۽ دڳ جهلڻ ڍَٽ جو وڙئي ڪينهين. وري ڪڏهن موجي واٽ ۾ ائين اڀو نه بيهجان. سدا لاءِ موڪلاڻي، جسو... سدا لاءِ...

(گونڌل رُئندي، گهٽڪندي، پٺيان بيٺل جسوءَ آڏو تيزيءَ سان اڳتي وڌي ٿي.

(جسوءَ جو Close up جسوڌن پگهر مان شم، بيڪل بُت بڻيو، ڏاڍي حسرت ۽ پيڙا مان گونڌل ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. هڄندو ٿو رهي. هو ڄڻ رانڀاٽ ڪري گونڌل سان ڳالهائڻ ٿو چاهي، پر هر واري سندس نڙي ڄڻ گهٽجي ٿي وڃي__ تيز هوا جا جهوٽا سندس وارن مٿان لنگهندا، سندس وارن کي ڇروڇڙ ڪندا ٿا وڃن. جسوڌن ٽرن ڪري هلڻ لڳي ٿو. ٻئي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن.

(مورن جا ٽهوڪا، ڏکارو سنگيت)

Desolve

ڏيک _9

]ان ڊور، رات ويلا[

(ڳچ وقت لنگهڻ جو تاثر)

ڪيميرا رات جي وقت، شهنائين ۽ دهلن جي آوازن سان گڏ، فل اسڪرين تي ڏياريءَ جي ڏيک سان، ڦٽاڪن ۽ شوشرن کي ٺڪاون ۽ زوزاٽن سان چڻنگون ڇڏيندي فضائن ۾ اُڏندي ڏيکاري ٿي. نُڀ ۾ ڏياٽيون روشنيون ڇڏينديون، فضائن ۾ پکڙنديون ٿيون رهن__

ڪيميرا روشنين مٿان، ڪنوار (گونڌل) جي سيج جو منظر پيش ڪري ٿي__ گونڌل جو اکيو، اکين وٽان، لڙڪن سان پُسي، ڳلن سان چنبڙي ويو آهي. گونڌل ڦٽاڪن ۽ شوشرن ۾ ڄڻ کامندي، پڄرندي، سڙندي ڳرندي ٿي وڃي__ هر طرف کان ٻرندڙ لوبان جو دونهون ڄڻ دوزخ جو دونهون بڻجي، کيس گهٽيندو، منجهائيندو، اساهه بڻائيندو ٿو وڃي.

Desolve

ڏيک _10

]آئوٽ ڊور، صبح سوير[

ڪيمرا ڪارونجهر جي ساڙڌرو واري اتانگهه چوٽيءَ تي جسوڌن کي پنڊپهڻ جيان بيٺل ڏيکاري ٿي. ڪيمرا جسوڌن جي نيڻ نهار جي اينگل کان ڪارونجهر جي گمڀير، اُتانگهه چوٽين تان پين ڪندي ٿي وڃي. پهاڙ ۾ پري ڪٿان ڪنهن ڍاٽيءَ جي صدا جو آواز پهاڙ ۾ گونجندو ٿو وڃي.

صدا: ڪارونجهر ني ڪور،

مرئين ميلئين ناهين.

(اُداس مورن جي راڙن جا پڙاڏا جسوڌن جي روح جيان ڄڻ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٽڪرائيندا ٿا وڃن. جسوڏن ٻارڙن جيان رُئندو رڙندو ڪارونجهر ۾ نهاريندو  ٿو رهي. سندس هٿ ۾ ڊگريءَ جا ڪاغذ چيڀاٽجندا ٿا وڃن. هو رُئڻ کي روڪيندو ڍڪر کائيندو، ساڙڌرو جي جهرڻي ڏانهن وڏي ٿو. ۽ جهرڻي جي مٿاهين ڀڪ مٿان بيٺو جهرڻي ۾ الائي ڇا نهاريندو ٿو رهي. گهٽيل آواز سان، ڊگريءَ جي ڪاغذن کي ٻنهين هٿن سان ڦاڙيندي)

جسوڌن: او ساڙڌرو جا جهرڻا، گونڌلي پرڻي ڳيئي...پرائي ٿي ويئي__ او جهرڻا گونڌلي پرڻي ڳيئي....

(جسوڏن ڏک کان هڄندو، ڊگريءَ کي ٽڪرا ڪندو، جهرڻي جي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندو ٿو وڃي).

(پاڻيءَ ڪاڳر جون ٽڪريون پکڙنديون، لهرن مٿان ترنديون ٿيون وڃن_ جسوڌن ٽٽل من سان ڊگريءَ جي ٽڪرين ۾ نهاريندو، هيٺ
 لهڻ ٿو لڳي)

                                (Cut)

ڏيک _11

]آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[

]ڪيمرا ڪٽ ڪري، ٽڪاڻي واري ساميءَ جي سائيڊ کان، جسوءَ کي اٻاڻڪو، ڀٽ ۾ پير ڌُٻائيندو، هيٺ لهندو ڏيکاري ٿي[

(سامي ٽڪ ٻڌيو، ڏانهس نهاريندو ٿو رهي)

                                (Reaction)

(جسوڌن واريءَ ۾ ڌُٻندو، ساميءَ ڏانهن نهارڻ کا سواءِ لنگهي ٿو_ سامي ڏاڍي تپرس سان ڏانهس نهاري ٿو ۽ ڪجهه رکائيءَ مان سڏيس ٿو)

سامي: جسو!

(جسوڌن هلندي هلندي بيهي وڃي ٿو ۽ واسامن مان منهن کڻي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو)

سامي: هيڏي اچ جسو!

(پنڊ پهڻ جيان بيهجي ويل. جسوڌن ڄڻ وگهرڻ لڳي ٿو. هو چپ چپات سامي آڏو اچي اَواڪ بيهجي وڃي ٿو)

سامي: جسو، الله ٿو ڄاڻي، مون پانجي وسئون گهٽايو ڪين. ڀلا هن ڪوڙهئي سماج ۾ ماڙو ڇا ٿو ڪري سگهي، ڪير ٿو ڪنهن جي اُڏامن کي سمجهي؟ جسو، توکي ته ان ڳال لاءِ اڳواٽ پاڻ کي پچائي وٺڻو هو.

(کن لاءِ ٻئي گهٽيل انداز سان هڪٻئي ڏانهن نهاريندا رهن ٿا. جسوڌن ڪنڌ موڙي اڳتي هلڻ لاءِ اڃا مڙي مس ٿو ته سامي کيس سڏي ٿو)

سامي: جسو... ترس... مونک توسان ڪين ڳالهائڻو آهي.

(جسوڌن مڙي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو_ سامي پنهنجي جڳهه تان اُٿي ٻه قدم اڳتي اچي ٿو_ سندس چهري تي ڳنڀير سختي آهي)

سامي: جسو، مون ته توک ايڏو هيڻو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو! ڪڏهن ڪين!!...

(وٿي ڏيندي، سوچيندي)

سامي: ڇا، ننڍڙيون ننڍريون تمنائون ۽ خاهشون پوريون نه ٿيڻ تي ماڙهو ايئن پساهه ڇڏي ڏيندو آهي!

(ڏک مان ڪنڌ ناڪار ۾ ڌوڻيندي، جسوڌن ۾ غور سان نهاريندي)

سامي: جسو، تو ته تاريخ پڙهي آهي. ڊگرين ۽ احتيارين کي ڪائي اهميت ڪينهين، ڪائي ڪانه... ٻڌاءِ مهاتما ٻڌ وٽ ڪيڙي ڊگري، ڪيڙي اختياري هئي؟ حضرت عيسي1، سقراط ۽ رسول صلعم وٽ ڪهڙيون ڊگريون هيون؟ ٻڌاءِ شاهه لطيف ڪهڙي گريڊ جو آفيسر هو؟... پوءِ به اهي ماڙهو هن پوري پرٿويءَ جي سڀ کان وڏي تاريخ آهن.

(ڏک مان ڪنڌ ڌوڻيندي، نهايت نماڻاڻيءَ مان)

سامي: جسو، اُهي سڀ ماڻهو ڀٽن ۽ پهاڙن جا پڙهايل هئا_ ڪارونجهر ڇا ٿو چوي... شايد... شايد تو اڃا ڪارونجهر کي ڳالائيندي ٻڌو ناهين. (وٿي ڏيندي)

سامي: جسو، مون وٽ اڃا الاهين ڪتاب آهن،جيڪي هن ڌرتيءَ جو ڀاڳ بڻجي وڃن__ هاڻ توهجي مرضي آ ته ڪارونجهر مٿان ڪڪر بڻجي، ڏهر ڏهر، ڀِٽ ڀِٽ، ڪونڀٽ ڪونڀٽ، آڪاس ڌئي وسندو وڃ _ يا وڻن ۾ وڃي واڪا ڪر__ پانجي حسرتن تي هنجون هار، راڙا ڪر__ مونن ۾ منهن وجهي رو__ سڀ ڪين توهجي پانجي وس آ جسو__ توهجو ڪيڙو ڏوهه__ هيءَ ڌرتي ته آدجڳاد کان ڏڪاري آ.

(ساميءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا ۽ نڙي گهٽجي ٿي وڃيس.)

هت ٻارڙن جو مُرٽ ۽ ڀُرٽ لاءِ سُڪي مرڻ مهيڻو ڪونهين.

(هو هڪدم مُڙي اندر هليو ٿو وڃي)

جسو، مون وٽ ته اڃا الاهين ڪتاب آهن، اُٺ ڪتابن جا__ مون.... مون ته توک سڌڙيو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو__ ڪڏهن ڪين....؟

(جسوڌن کن لاءِ منجهاڻو، ڏانهنس نهاريندو، الائي ڇا سوچيندو ٿو رهي.)

(Reaction)

]جسوڌن الائي ڇا سوچيندي، ساميءَ پٺيان جهوپي ۾ اينٽر ٿئي ٿو__ ۽ ساميءَ پٺيان هڪ جهروڪي ۾ ايندي_ سندس اکيون حيرت کان کلي وڃن ٿيون. هو حيرت ڀريل اکين سان ڪتابن سان ڀريل، ديوار م فڪس ٿيل ڪتابن ۾ نهاريندو ٿو رهي.

ڪتاب ڏسي، سندس هٿ ڪتابن مٿان ڏڪندا، ڪتابن کي ڇهندا ٿا وڃن. کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو ڪتاب کڻي_ هو ڪتابن جي دنيا ۾ ڄڻ الجهي منجهي ٿو وڃي.[

                        _Desolve_

پڇاڙڪو ڏيک

]سانجهه ويلا_ آئوٽ ڊور [

]جسوڌن جي هٿ ۾ گول سج جي دائري وارو “The Revolution” ڪتاب آهي.[

ڪيمرا جسوڌن جي هٿ واري ڪتاب جي Title جي گول دائري کي ڊوائيس ڪندي، جسوڏن جا هٿ ۽ پهاڙ جي چوٽيءَ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل جسوڌن ۽ پوري وايومنڊل کي نروار ڪندي ٿي وڃي.

جسوڌن ڄڻ پڙهي پڙهي ٿڪي پيو آهي. هو ڪتاب ٺپي، سوچن ۾ وهلور، ساڄي هٿ جي آڱرين سان اکيون مهٽڻ لڳي ٿو ۽ ڪڙهيل انداز سان، پهاڙ جي اونچي اوڍر ۾ اٿي بيهي، چوڏس پهاڙ جي اُتاهين چوٽين تان نهار ڦيرائي ٿو.

ڪيميرا جسوڌن جي نهار جي اينگل سان پين ڪندي، شام جي سج کي ڪارونجهر جي اُتاهين چوٽين پٺيان ڍرندي ڏيکاري ٿي__ ۽ لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڪارونجهر جون انگاس رنگارنگ چوٽيون، آسمان ڏانهن روشن ڇاٽون موڪلينديون ٿيون رهن_ جيڏانهن نهار، اوڏانهن ڪارونجهر جون چوٽيون آهن، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ چوٽيون، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ روشنيون، تجلا.

ڪيمرا ڪٽ ڪري، جسوڌن کي، انتهائي گمڀيرتا سان ڪتاب سيني سان لايو، روشنين جي ڇاٽن ۾،تمام پري ويندو ٿي ڏيکاري.

(Zoom out)

-Desolve-

اوسارَ

الطاف جي ياد ۾

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هلئا
روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چيئن، وئو وڻجارو اوهري
 

ــــ شاهه

گدائي صاحب جي ياد ۾

 

هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين،
آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هيءَ ساهه سنڌن ۾ آ جيسين،
هن حُب وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين.
                                                                 

مضمون

·       نسيم احمد کرل

·       غلام احمد ايل. بدوي

·          سمر سيٽ ماهم

نجم عباسي

                        فورم

·       الهداد ٻوهيو

سڃاڻ

تبصرا

پڙهندڙن وٽان

ٽانڊاڻي جي لاٽ

جي جيءَ کي جيارين

هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ

* ”گدائيءَ“ سنڌي ادب ۽ فن جي تاريخ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. پراڻين تحريڪن ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ مسلم ليگ وغيره کي نظرانداز ڪري، رڳو سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان وٺي صوبائي آزاديءَ، ون يونٽ جي قهرسازيءَ، وري صوبائي آزاديءَ واري دؤر ۾ فنڪارن ۽ شاگردن، اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ نوجوانن سان گڏجي، سندن باطل شڪن تحريڪن ۾ گدائيءَ ڪيترو عملي حصو ورتو آهي، اگر ان کي ئي بيان ڪيو وڃي ته، پوءِ هوند وڏو وستار ٿي پوندو. (گدائي) بزم ۽ رزم، محفل ۽ مجلس، جلسي ۽ جلوس ۾، هر موقعي تي نوجوانن سان گڏ رهندو آيو آهي.

غلام محمد گرامي

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي مهاڳ تان)

* چاچو گدائي، سنڌ جو اهو شاعر آهي، جو ڪيترن دورن جي مختلف خيالن جي مڪتبن ۾ رهي، وقت ۽ سوچ جي سفر ۾ وک پٺتي نه رکي، اڳتي ئي وڌندو رهيو آهي. هو هر دؤر ۾ ترقي پسند رهيو آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعريءَ جو زنده مثال تي عوام آڏو پيش ٿيو آهي.

رشيد ڀٽي

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جا سنيها تان)

* جيئن حمزو رسول، پنهنجي ديس داغستان جي سخت پهاڙن، خوبصورت چشمن، مُندن، ماڻهن ۽ اتان جي ماحول کي پنهنجي فن ۾ چٽيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت چاچو گدائي پنهنجي فن ۾، ڏاڍي جرئت ۽ بيباڪيءَ سان سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ انهن جي ڪريل معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي اپٽار ڪندو آهي. قلندر صفت  فاقه مست هوندي به کيس ائين لکڻ کان ڪوبه نه روڪي سگهيو آهي، نه روڪي سگهندو.

تاج بلوچ

(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جي سنهيا تان)

هو جي وڻ وندر جا نسيم احمد کرل

سنڌ ۾ الائي ڪُل ڪيتريون خيرپوريون هجن. هِنن گنگهار اکين ته ڇڙي هڪ ئي ’لَکان دي مَٽُ‘ ڏٺي آهي، جنهن تي پوءِ ٿا اچون؛ پر ڪوڙي ڪنين هِن هُن واتان ٻيون به چار پيون ٻڌبيون سُڻبيون آهن. اُنهن مان پهرين، صدقو وڃانس خيرپور ناٿنشاهه، جنهن ڀٽاريءَ رڳو ’سانئر ئي سانئر‘ (1) ڄڻيا آهن، جن جا نالا نظر لڳڻ جو سنڌي سليمي سوڻ (2) ڪري به ڳڻائبا، ته به ڌڻي شل خير ڪري. ٻيون ٽي ويچاريون جوسي، گنبي ۽ ڏهرڪيءَ پاريون نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾، اجايا نالا سيڙائي ويٺيون آهن. لاشڪ ته منجهن پنهنجا ڀوڪي بصر ٿا رهن، جي ابي ڏاڏي وارن ڇٺيءِ جي نالن کي ٻک هنيو بيٺا آهن؛ پر جي منجهن سيتا روڊ وانگر ٻه گهر ٺڳن دهليءَ پارن جا هجن ها، ته اهي نالا ڪڏهوڪا ڌونڌا وڃن ها ۽ هينئر ڪي سريلا نالا ٻڌون ها. پنجين آهي_ اصيل ڏنگن ڏوڪن، ڪربلائڻ کارڪن، ڏجيءَ ڪوٽ ۽ لکي محل واري خيرپور، جنهن جي اڳ ڳالهڙي پيو کڻان.

جهونا جوڳي پنهنجي هِن خيرپور جا حوال ٻڌائيندي ٿا ٻڌائن، ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي پڙ کان پوءِ، هيءَ ٿورو وقت سو سهراب پور سڏي، پر جهڙن جهڙيون لٿي رَسُ ٿيو، دٻن جا پاڻي سُڪي ويا ۽ اکيون اکين جهڙيون ٿي ويون، ته پوءِ خيرپور جي خيري نالي سان سڏجڻ لڳي. ان نانءَ پڪي ٿيڻ کان پوءِ، نالي جي تاثير سبب، خيرپور ڏي ٿلهي ليکي خيرئي خير رهيو. توڙي جو چو واڙيءَ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان تخت تاج ۽ راڄ ڀاڳ تي، سنها ٿلها پاڻي ڪري،وري وچ ۾ قرآن مساف تي ٺاهه ڪيا اهي بنا دير ڀڃي، وري پڙ ۾ لٿا ته به خيرپور کي ڪو لوڏو ڪونه آيو. مير علي مراد جي ڏينهن ۾، وري درياهه شاهه پنهنجا نوڙ ڇنائي، هيٺان پنهنجي سر پاڻ ۽ مٿان مينهن کي مادتو ڪري خيرپور شهر کي اچي اَکين تي کنيو. اِن ’الاهي آفت(3)‘ جي سٽ نه سهي، ڪچيون جايون ڌوڙ ڌڪاءَ ڪري ڊهڻ لڳيون. پوءِ لک ڪروڙ شابسون هيون مهاڻن کي، جن ڏينهن رات پُورَ ڪري خلق خدا جي سڪيءَ ڀر سوگهي ڪئي. مير وڏو انهن ڏينهين ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ٽڪريءَ واري بنگلي تي رهندو هو. ٻوڏ جون خبرون چارون ٻڌي، خير خبر رکڻ لاءِ ڪوٽوار کي حڪم ٿيو، جو سرخي تي سنج وجهي، مينهن واءُ هڪ ڪري، اچي خيرپور جي ٻاهران ڀرڳڙيءَ وٽ پهتو. هن ويچاري جو مينهن جي واردات ۽ ٻوڏ جا راڱا پنهنجن اکين سان ڏٺا، ته هن ڪو دم پٽي، اَبو پاڻي پيڻ بدران، ساڳيءَ گهڙيءَ واڳ واري پوئتي اُڏار ڪئي ۽ مير سائينءَ کي سهڪندي ٻڌايائين: ”قربان ٿيان،خبر کري آهي، خيرپور ٻڏي وئي.“

خابروءَ جي ان اڻائي وائيءَ تي، مير سائينءَ کي مٿي کان پيرن تائين باهه وٺي وٺي ۽ مٿس ٿُڪن ۽ موچڙن جي بڇ ڪري، کيس ڪپهه جيان تُنبائي ڇڏيائين. ان ڪارروائيءَ بعد ساڳيو بار ڪنهن سپورنج سرائيءَ تي رکيو ويو، جنهن ڏٺو ته ساڳيوئي مذڪور، پر هن سياڻي ڪانوَ ساڳي ڳالهه رومال ۾ ويڙهي، مير سائينءَ کي سوکي سڻائي ڏني: ”غريب پرور خيرپور ڏي خير ئي خير آ، باقي ڀرڳڙي ۽ لقمان ۾ سو پنيءَ_ ٻوڙ پاڻي آهي.“

”آفرين ، اها سڻائي وائي ته ٻڌاءِ.“ مير سائينءَ جو منهن ٻهه ٻهه ڪرڻ لڳو ۽ گُل پوئيندڙ کي به انعام اڪرام ۾ جيڪا سا لونگي پوتي ملي.

سو ڳالهه کُٽائڻي،ته خيرپور ڏي سدائين ست خير رهيا آهن ۽ قضاني ڪا آفت يا ٽوٽ پئي آهي، ته اها به سائدي ڳوٺ، ڏٻر، لقمان يا ڀرڳڙيءَ تي، جي خيرپور شهر جا ئي پاڙا آهن.

مٿين پاڙن کان سواءِ، سرائي گنهور خان جو پاڙو به ڪنهن جڳ ۾ ايترو مشهور هو، جو اُڀي لَمي خيرپور ئي سرائي گنهور جي پار سان سڃاڻبي هئي. سرائي گنهور قَد بُت ۾ شينهن جواڻ، رنگ نارنگيءَ جهڙو ۽ سهڻن سيبتن وصفن وارو ڪو وقت جو بادشاهه نه هو، پر دل جو بادشاهه ضرور هو. سندس جريبن ۾ پکڙيل اوطاق ۾، دِسن جا آيا ويا پيا آساسُ ڪندا هئا. ڏورانهان مزمان ته خير پنهنجو نصيب کائن، پر شهر جا ڪڙمي ڪاسبي به سڄو ڏينهن پورهيو پلال ڪري رات جا چار پهر وٽس ئي آجهاپ ڪندا هئا. سرائي گنهور روز جيري لاءِ ٻڪري ڪانه پائيندو هو ۽ نه وري سندس ڪي اڻ ڏُڌيون ڇڙنديون هيون. هو ماني کارائيندو هو، اهائي ٻچن سنئين؛ پر اها هوندي هئي عزت سان، مانَ سان ۽ دل جي حضور سان. جيستائين مڙس کي لُڪيءَ ۾ ساهه هيو(4)، ته هن  نانگرو پنهنجي ننگر ۾ گهٽ ڪانه ڪئي، ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو، جو مزمان جي ويلن جي پورت لاءِ پنهنجي زال جي نٿَ ۽ پنڙا به پيارا نه ڪيائين. سندس گهر ۾ اَنَ جو داڻو نه هجي، روڪ روپيو نه هجي ۽ مزمان جا ڀلي ساٿ هجن، ته به مڙس خوشيءَ ۾ خوش ۽ سندس وات تي سدائين ٻولي هجي: ’الله بادشاه ؛

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com