سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :10

هن کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي وئي. هن جا ٻئي هٿ پنهنجن ڊگهن وارن ۾ کپي ويا. هن وارن کي ائين سٽ ڏني، ڄڻ اُهي وار هن جا نه پر ڪنهن دشمن جا هجن. وارن پٽجڻ تي ڇرڪي هن وارن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ ۽ پراڻي زندگيءَ جي لاش کي دفنائڻ لاءِ انسان ڪيڏو نه ڀوڳي ٿو. اهو سوچي هن جي چهري تي ويچارپ واري اُداس مرڪ اچي وئي. هن سوچيو، پر اها نئين زندگي شروع ئي نه ٿئي! اها پراڻي بيزار ڪندڙ زندگي ڪراچيءَ ۾ هُج، ڳوٺ ۾ هج يا ڪٿي به_ چچڙ جيان چنبڙيل جند ڇڏڻ جو نانءُ ئي نه. کيس لڳو ته سندس اها سوچ، ته ڪراچي وڃي شانتي ماڻيندو، هڪ خيال کان وڌيڪ ڪجهه ناهي؛ رڳي ا­ٺسٺو آهي. اتي پهچڻ سان ساڳيون ذلتون، ساڳيو احساس جو ڏنگ سهڻو پوندس، ساڳي  هر شيءِ لاءِ سڪڻو پوندس.

”نڪا چڱي نوڪري ٿي ملي، نه ئي ڪو آسرو يا اميد آهي! اميد به ڪهڙي رکان! ان پوزيشن ۾ به ته ناهيان. ته ڪنهن وڏيري کي ڪنهن لالچ ۾ ڦاسائي ڪا چڱي نوڪري هٿ ڪيان. نه، سٺي نوڪري مون کي ڪانه ملندي. اها اُميد رکڻ پاڳلپڻو آهي، بيوقوفي آهي ۽ خوشفهمي.هن حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ رهڻ اڃا به وڏي چرائپ.“

هن کي ڪراچيءَ تي جک اچڻ لڳا ۽ انهيءَ تي جنهن ۾ نوڪري ملڻ تي هن وڏي خوشي محسوس ڪئي هئي. جنهن سان هو ڪئين اميدون رکي آيو هو ۽ جتي هن کي ذلتون سهڻيون پيون آهن. جتي ته پنهنجو گهر ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي ڪو سٺو پارٽنر ٿو مليس. جيترا پارٽنر بدلايا اٿئين، انهن ۾ ڪوبه فرق ڪونه. جيترا گهر مٽايا اٿئين، انهن ۾ به ڪوئي فرق ڪونه. هر هنڌ ساڳي ڪار، هر هنڌ گهر نه هجڻ ڪري طعنا ۽ تنڪا. ذليل ٿيڻ. جتي به ويو آهي اتي نئين بدمعاشي، نئين ذلت جو منهن ڏٺو اٿائين. هڪ پنهنجن جا سور ٻيو ڪراچيءَ ۾ هر هنڌ ڌاريائپ جو احساس، جيڪو وک وک تي نه رڳو محسوس ڪيو اٿائين، پر ڪرايو ويو اٿس. نه، ڪراچي ڪونه ويندس. جهنم ۾ وڃي ڪراچي. هتي ڳوٺ ۾ ئي رهندس. ها ڳوٺ ۾ ئي...

کن پل ڪاڻ هن خوشي محسوس ڪئي، پر وري هن جي خوشيءَ کي موت اچي ويو. هن کي ياد آيو ته گهر توڻي ڳوٺ، هن لاءِ دوزخ کان گهٽ ناهن. ڪراچيءَ ۾ ته هن کي نوڪري ملي سگهي آهي، پر هتي ته پتيوالي يا بيلداريءَ جو آسرو به رکي نٿو سگهجي. سڀئي جايون ڀريون پيون آهن. ڳوٺ ۾ بيروزگار رهڻ، ۽ ان بيروزگاريءَ کان پوءِ جون ذلتون، گهر وارن جي ذري ذري تي ڦٺ لعنت، جنهن مان هن الائي ڪيئن جند آزاد ڪرائي هئي وري شروع ٿي ويندي ۽ اهو هن کان سٺو نه ٿيندو. هن کي خبر آهي ته سندس سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو. کيس لڳو ته ڪراچيءَ وڃڻ ئي هن لاءِ ٺيڪ رهندو ۽ هتان کان، انهيءَ بدمعاش پارٽنر شائلاڪ سان زندگيءَ جو ٽياس کڻڻ ئي مناسب ٿيندو، جنهن کان سواءِ هن لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي.

”پر مان شائلاڪ سان وڌيڪ رهي ڪونه سگهندس. انتها درجي جو ڪريل آهي. سيڪو. آڱوٺي ڇاپ. هر وقت منهن تي لعنت وسندڙ، ذليل، خود غرض.“

هن سوچيو ته هاڻي ڪنهن ٻئي سان رهندو. انهيءَ ڳالهه هن کي خوشي هڪي ڪئي؛ پر هن کي وري ياد آيو ته اتي سڀ هڪجهڙا آهن. بڻيا آهن، يا بڻايا ويا آهن. سڀ هڪجهڙا خودغرض، لالچي، ڪميڻا، ماڻهپي جي ڌپ کان سواءِ.

نه ڪراچيءَ ڪنهن به صورت ۾ نه ويندس_ ته پوءِ ڪاڏي وڃان؟ ڳوٺ، نه! ڪراچي، نه! ته ڪيڏانهن وڃان!؟

مون کي يقين آهي ته جتي به ويندس اُتي اهي حالتون، ذلتون، محروميون جند نه ڇڏينديون، ۽ اهو سڀڪجهه منهنجي ذليل طبيعت ڪري ئي آهي.

”الا ڏاهي م­ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“

ها، مون جهڙو حساس هنن حالتن ۾ رهي نه سگهندو. پاڻ ايڊجسٽ ڪري نه سگهندو. ته پوءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيان؟ ڪهڙو!؟

هو ڪافي دير تائين منجهيو ويٺو رهيو. ڪوبه حل ڳولي نه سگهيو. ڪابه روشني ڏسي نه سگهيو. سندس نهار وهندڙ واهه تي هئي، جيڪو هاڻي اوندهه ڪري ڪارسرو ٿيندو ٿي ويو.

ها هڪ رستو آهي. آخري رستو. جيڪو مون کي اختيار ڪرڻ گهرجي يا ڪرڻو پوندو. خودڪشي... ها آپگهات ئي سڀني مرضن جي دوا آهي. ۽ مون کي اها دوا استعمال ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ئي نجات آهي. ٻي ڪا واٽ ڪانهي. تازو هڪ مصور به ته ائين ڪيو نه؟ واهه جي ڳالهه ڪيائين: prefer to die rather than live a life of shame I

ها مون کي به ائين ڪرڻ کپي.هن شرمسار زندگيءَ مان ائين ڇوٽڪارو ملندو. اهوئي واحد طريقو آهي. ”موت ۾ ابدي سڪون آهي.“ ڪيڏي نه شاندار فلاسافي آهي. هر مسئلي جو حل. هر مونجهاري جو خاتمو. آنند ئي آنند. شانتي ئي شانتي. مڪتي، هميشه لاءِ مڪتي!

پر مان اڃا ماٺڪو ڇو ويٺو آهيان!؟

ڇو!

ڇو؟

شايد مان ڊڄان ٿو. گيدي. يا اڃا جيون سڌرڻ جي آس! نئين شروعات جي اميد. جيتوڻيڪ مون کي ڄاڻ آهي ته اهو سڀڪجهه سوچڻ اجايو آهي. واريءَ تي ڪوٽ اڏجي نٿو سگهجي....

پوءِ به جيئڻ ٿو چاهيان!.... هيتري واهيات، ذليل ۽ ڪريل زندگي_ پوءِ به زندهه رهڻ جي چاهنا. پوءِ به  جيون سان پريم!...؟... نه هاڻي مون کي حياتي ڪونه کپي. ڪونه گهرجي هيءُ جيون. واهيات... پر منهنجي خودڪشيءَ سان گهر جي ڇا حالت ٿيندي؟ امان ۽ بابي سان ڇا وهندو؟ ڀينرن ۽ ڀائرن جو آئيندو ڪيڏو نه اونداهون ٿي ويندو؟ هنن کي ڪجهه نه ڏنو اٿم پوءِ به ته هنن جون اميدون، آسون ۽ تمنائون مون سان لاڳو آهن نه؟ هنه هنه...هه...نه.....

هو پاڻ تي کلڻ لڳو.

وري ڏس، ڪهڙا نه آرگيومينٽ ٺاهڻ شروع ڪيا اٿم. اصل مان پاڻ ذليل آهيان. مون ۾ ايڏي اخلاقي جرئت آهي ڪانه. ڊڄڻو....؟ ها گيدي آهيان. انهيءَ شيءِ کان ٿو ڊڄان، جيڪا هڪ ڏينهن ته هونئن به اچڻي آهي. ته پوءِ جڏهن هن زندگيءَ ۾ ڪابه سونهن، ڪابه سُرۡهاڻ ڪانهي، ته موت اچڻ کان اڳ ان جي آجيان ڇو نه ڪرڻ کپي. مصيبتن مان پاڻ ئي پنهنجي جند آزاد ڇونه ڪجي؟ ڪنهن شيءِ جي انتظار جو فائدو ڪهڙو آهي؟ فائدو به ڪهڙو آهي؟....

مونجهه_

سوچ_

ها آپگهات ئي_

پوءِ؟...

ڳوٺ ۾ رهان؟... ڳو....

ڳوٺ ۾ وري.... ڀلا ڪراچيءَ ۾ وري....

نه ڪراچيءَ ۾ ....

ته ڪاڏي وڃان؟ ڪجهه ته ڪرڻ کپي. ڪوته ڇوٽڪارو هجي. ڪوته هوندو. ڪهڙو آهي!؟

ڇا ڪيان! هان؟...

آپگهات... ڳوٺ... ڪراچي...

آ... ڳـ... ڪ...ڱـ.... ڪ....آ...؟

آخر ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪجهه ته ڪرڻ ئي کپي_ ڪوبه هڪ فيصلو... ها، ڪوبه هڪ... پر ڪهڙو؟ ڪاڏي وڃان؟ ڇا ڪريان؟

انهيءَ پل تي منجهيو ويٺو آهي.

سوچ لوچ ۽ آنڌ مانڌ جي ٽياس تي ٽنگيل هُو!

رعنا حنيف صديقي

پولار

ثمرين گيٽ تي بيٺي هئي. جڏهن هن جي ڪار سامهون اچي بيٺي. بينا ڪار مان هيٺ لٿي ۽ ڪار جو گيئر (Gear) وري سٽارٽ ٿيڻ لاءِ بدلايو ويو، ته ثمرين ڪار جي دريءَ ۾ اندر جهاتي پاتي. ”اونو، ادا منظور توهان ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ توهان کي اندر اچڻو پوندو. آءُ توهان ٻنهي کي ڀاءُ سان ملائڻ ٿي چاهيان No excuse me please--۽ منظور خان کي نه چاهيندي به لهڻو پيو.

ثمرين جو ڀاءُ عمر، جيڪو عالمي شهرت جو چترڪار ته نه، پر هڪڙو شيشاگر هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جرمنيءَ ۾ ڪرسٽلن (Crystals)جي نمائش ڪرائي موٽيو هو، بينا ۽ منظور سان ملاقات ٿي هيس ۽ منظور کان سندس آئل ڪمپني بابت پڇڻ لڳو، جتي هو مئنيجر هو.

بينا کي پارٽيءَ ۾ الاهي پراڻا ساٿي ملي ويا. هوءَ پيرس ۾ پنهنجي ٽن سالن جي پڙهائيءَ بابت ٻڌائڻ لڳي ۽ کانئن سندن باري ۾ ڳالهيون پڇڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ بينا پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو، جيڪو بيوسيءَ جي حالت ۾ بيٺو، عمر جي سوالن جا اُبتا سبتا جواب ڏيئي رهيو هو. هن کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏسي، منظور ڏاڍيءَ مشڪل سان عمر کي ڇڏي هن وٽ آيو ۽ سرٻاٽ ۾ چيائين: ”آءُ وڃان ٿو هتي اجايو ڦاسي ويو هوس. پوءِ ايندس توکي وٺڻ.“

بينا جي چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي ۽ هن هائو ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو چهرو امن ۽ شانتيءَ جو ڳالهائيندڙ چتر هو، ڇو جو هن جي من ۾ به امن ئي امن هو. نه صرف پاڻ سان بلڪ ٻين سان به امن امان!

منظور بنا ڪنهن کان موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ بينا ديوار تي ٽنگيل مغل پينٽنگ کي ساراهڻ لڳي. ايتري ۾ عمر ٻه آرنج جوس جا گلاس کڻي هن جي پاسي ۾ اچي بيٺو.

”ثمرين وٽ ڪي ڏاڍيون قيمتي ۽ قديم شيون آهن.“ بينا هڪڙو گلاس کڻندي چيو.

”ها، ثمرين جي هنن تي ڏاڍي دل آهي.“ عمر چيو ”پر اسان کي انهن پراڻن، antiques کي رڳو ساراهڻ کپي، آرتي نه ڪرڻ کپي.“

”توهان ٺيڪ ٿا چئو، آءُ به سوچيندي آهيان، ته انهن کي ايتريقدر چاهي اسان پنهنجي زماني جي فن ۽ هنر کي وساري ٿا ڇڏيون. پنهنجن قوتن کي گهٽ ٿا سمجهون.“

”ثمرين پئي ٻڌايو ته تو ائڊورٽائزنگ (advertising) ۾ ڪي نوان ۽ خاص ميڊيا (media) ڪتب آندا آهن. تنهنجي ڪم جي ڏاڍي واکاڻ ٻڌي اٿم.“ عمر سندس باري ۾ چيو.

”نه، اهو صحيح نه آهي. آءُ ته رواجي ڪم ڪندي آهيان، جيڪو ڪم وندر به هوندو آهي ۽ هونئن به اسان سڀئي گڏجي ڪندا آهيون.“ بينا مرڪندي چيو. ”خاص ته توهان جهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سڄي قوم جي سڀيتا ۽ آرٽ جي رهبري ڪندا آهن. قومن ۾ يگن ۾ هڪڙو ڀيرو ڪو جينيس (genius) اُڀرندو آهي، جيڪو پنهنجي قوم جي اتهاس ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو آهي.“ هن عمر ڏانهن پنهنجي ڳالهه جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڏٺو، جيڪو سندس ڳالهه ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. ”اهو جينيس (genius) ڪهڙي به شعبي جو هجي. چترڪار، ليڊر يا سائينٽسٽ. توهان به انهيءَ اُتم پد تي پهچي ويا آهيو.“

”پر فنڪار ته سڀ selfish هوندا آهن. هو ٻين جي لاءِ نه، پر پنهنجي satisfication لاءِ ڪنهن تخليق کي جنم ڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان قوم جا سونهان آهيون. ڀاڳ وارا ته توهان آهيو، جيڪي unconsciously قوم جي اڳواڻي ڪندا آهيو.“ عمر جي مرڪ ۾ ٽوڪ هئي. بينا کي هن جي سچ چوندڙ مرڪندڙ اکين کان الاءِ ڇو ڊپ محسوس ٿيو.

”لڳي ٿو ته توهان اسان جي پيشي کي سٺو نٿا سمجهو. ائين ته نه آهي جو توهان advertising کي فن جو دشمن ٿا سمجهو؟“ بينا پچيو.

”دشمن ته نه، پر ها، ان کيsoap operas  ۽ entertainment shows  وانگر اوچي قسم جي فن جو هيٺاهون substitute ضرور سمجهندو آهيان.“

”ڪجهه به سمجهو، پر اسين ته عام ماڻهو وٽ پهچي ويندا آهيون ۽ هنن کي ذري گهٽ جندڙيءَ جي اوچن قدرن سان سڃاڻپ ڪرائيندا آهيون.“ بينا پنهنجي ڌنڌي جو پاسو وٺندي وراڻيو.

”تون ڇا به چوين پر ڳالهه اها آهي ته اسان create  ڪندا آهيون ۽ توهان نقل ڪندا آهيو.“

”چڱو سائين، مڃيوسين.“ بينا هٿ جوڙيندي چيو ۽ ٻيئي کلڻ لڳا. ”پر پوري طرح تڏهن مڃينديس جڏهن توهان مون کي پنهنجي glass work  جو ڪو پيس ڏيندئو.“

”تنهنجو مڃڻ ته مون کي اِلاهي مهانگو پيو.“ عمر کلندي چيو.

”بينا عمر کان شيشي جي فن بابت پڇيو. ”توهان مون کي ڪجهه blowing glass بابت ٻڌايو. هونئن ته هميشه فيڪٽرين ۾ ئي گلاس جون ڪارائتيون شيون هزارن جي تعداد ۾ ٺهنديون آهن؛ پر توهان ته glass blowing کي individual art  جي پکيڙ ۾ آڻي فن جي دنيا ۾ نواڻ آندي آهي.“

”هي فن منهنجي ڳولها ته اصل ڪانهي؛ پر هيءُ اهڙو فن ضرور آهي، جنهن ۾ هر ڪلاڪار ڪا نئين شئي آڻيندو آهي. دنيا ۾ ڪي به ٻه پيس هڪ جهڙا نٿا ٿي سگهن. شيشي ۾ ايتريون ته خوبيون آهن، بينا، جو آءُ هر ڀيري ڪا نئين شئي ٺاهيندي حيران رهجي ويندو آهيان، ڇو جو هر ڀيري مون تي ان جو ڪو نئون گڻ ظاهر ٿيندو آهي.مون جاچيو آ ته شيشو چيڪي مٽيءَ کان به وڌيڪ نرم ۽ لچڪيدار آهي. هي هڪڙو ڌاتو آهي، پر ساڳي وقت هي پاڻياٺ  liquid به آهي. اهڙو liquid  جنهن کي پگهرايو وڃي، ته ماکيءَ جهڙو محسوس ٿئي ٿو. پوءِ ان کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر blow pipe  سان ڦوڪي ڪوبه آڪار ڏيئي سگهجي ٿو.“ عمر پنهنجي آرٽ جي باري ۾ ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ بينا اچرج ۽ دلچسپيءَ سان سڻندي رهي.

رات جو جڏهن منظور بينا کي وٺڻ آيو، ته عمر بينا جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو؛ ”لڳي ٿو، تون پاڻ کي under estimate  ٿي ڪرين.“

گهر ڏانهن ويندي، بينا سوچڻ لڳي ته عمر جو ڇا مطلب هو. هن منظور ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڏاڍي سڪون ۽ لاپرواهيءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. ’عمر ائين ڇو چيو؟‘ هن پاڻ کان سوال ڪيو. سندس سوچون Pendulum  وانگر عمر کان منظور ۽ منظور کان عمر تائين لُڏي رهيون هيون. سندس نهار منظور جي profile  تي اٽڪيل هئي. خوش ۽ مطمئن منظور، شريف ۽ خاموش. ’ڍنڍ جيئن بند ٿيل ۽ بيٺل‘ بينا پنهنجي منهن بڻڪيو.

”ڇا؟“ منظور سمجهيو بينا کيس ڪجهه چئي رهي هئي.

”ڪجهه به نه.“ بينا گهرو ساهه کڻندي چيو. چهري تي اهو ئي سڪون.

رات جا ٻه لڳا هئا. بينا کي رات جو رڳو ٽي_چار ڪلاڪ ننڊ ايندي هئي. جڏهن هوءَ سمهڻ لاءِ ليٽيندي هئي، ته احساس ٿيندو هئس، ڄڻ هوءَ اجايو وقت وڃائي رهي هئي. ۽ هوءَ اُٿي اچي studio  ۾ ڪم ڪندي هئي. هن مهل به هوءَ sketches  ٺاهي رهي هئي. سندس ڌيان ٻئي ڪمري ۾ ستل منظور ڏانهن ويو. پيءُ جي مرضيءَ سان بينا هن سان شادي ڪئي هئي. پڻس جي چوڻ تي هوءَ منظور سان ملي، هن سان ڳالهايائين ۽ هائو ڪيائين. پيءُ کي آٿت هو ۽ منظور خوش هو، ته هن کي پسند ڪيو ويو آهي_ پر بينا ڇا هئي؟ هائو ڇو ڪيائين؟ اهو ڪوبه سمجهي نه سگهيو.

انسان ٻن دنيائن ۾ رهندو آهي. هڪڙي ٻاهر جي دنيا Concrete  ۽ محدود، جنهن ۾ انساني سۡڱ قائم هئا. ٻي اندر جي دنيا؛ پورالي ۽ وشال. بينا جو سڄو وقت اندر جي دنيا ۾ گذرندو هو. ٻاهر جي دنيا جي وجود کي هوءَ بيشڪ لازمي سمجهندي هئي؛ پر ان سان ذري گهٽ ڪوبه ناتو نه هئس. تنهن ڪري ان سان ٺاهه هو، امن هو! انهيءَ امن جي ڪري ٻاهر جي دنيا، اندر جي دنيا جي ڪڏهن به وچ ۾ ڪانه آئي. شادي ٻاهرين دنيا جو لازمي ڀاڱو هئي. انهيءَ کان وڌيڪ شاديءَ جي ڪابه اهميت ڪانه هئي.

بينا جي ذهن جي ڪُن جي ڪنهن به وڪڙ ۾ منظور جو وجود ڪونه هو. ان ڳالهه کان منظور شايد اڻڄاڻ هو. هو ته رڳو ان ڳالهه ۾ ئي مگن هو، ته سندس زال هڪڙي وڏي گهر جي ڇوڪري آهي، پڙهيل لکيل! بينا آڏو منظور جي ٻن اڻپڙهيل ڀينرن ۽ ماسيءَ جي ڌيئرن جا معصوم چهرا اچي ويا. هن کي محسوس ٿيو، ته هوءَ پاڻ هڪڙو چمڪندڙ ٿانءُ هئي، جنهن جي ابتي پاسي Made in England  جو ليبل لڳل هجي ۽ جنهن کي ڪنڀر پنهنجي ئي هٿن سان جوڙيل ٺِڪر جي ٿانءُ تي سرسي ڏي! ’هي پنهنجا ٿانو انڌيري جاءِ ۾ ڇو ٿو ڦِٽي ڪري؟ ڄڻ ان مِٽيءَ سان هن جي هن جي ڪابه مائٽي ڪونهي.‘ بينا کي پهريون ڀيرو منظور تي ڪاوڙ آئي، ڇو جو منظور پهريون ڀيرو هن جي اندر جي دنيا ۾ Interfere  ڪيو هو ۽ سندس هميشه جيان امن پسند من ۾ جنگ ڇڙي پئي.

عمر گهڻو ڪري ثمرين ۽ بينا سان ملڻ سندن آفيس ۾ ايندو هو ۽ Advertising  کان ملوڪ جي معاشي حالت کي نقصان جي باري ۾ بحث ڪري کيس چيڙائيندو هو ۽ هوءَ پنهنجا Lay Outs  ٺاهيندي ويندي هئي ۽ موٽ ۾ جواب ڏيندي ويندي هئي.

هڪڙو ڀيرو هو ثمرين جي گهر ويٺي Sketches  ٺاهي رهي هئي. عمر به اتي ويٺو هو. ثمرين فون جي گهنٽيءَ جو آواز ٻڌي فون Receive  ڪرڻ هلي ويئي.

”آءُ توکي سمجهي ويو آهيان ته تون ڇا آهين.“ اوچتو عمر بينا کي چيو.

بينا حيران ٿي ڏانهنس ڏٺو. ”پر آءُ ڪا اهڙي Mysterious  شخصيت ته ڪانه آهيان، جو توهان جي سمجهه ۾ نه اچان. هڪڙي عام ڇوڪري آهيان!“

”ياد اٿئي، پهريون ڀيرو جڏهن آءُ توسان مليو هئس، تڏهن توکي ڪجهه چيو هئم؟“

”نه... ڇا چيو هيئي؟“ پر عمر جي اکين ۾ حقيقت پۡسي، بينا ڊڄي ويئي ۽ اکيون هيٺ ڪري چيائين، ”ها، ياد اٿم، ڀلا ٻڌاءِ ته آئون ڇا آهيان؟“ هن ڳالهه ڦيرائيندي پڇيو.

”تنهنجي اسٽار Cancer  توکي آرسيءَ وانگر پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.“ عمر چيو. ”تنهنجي اسٽار جو نشان Crab  آهي. اندران نرم ۽ نازڪ، پر ٻاهران لاپرواهي ۽ سخت مزاجيءَ جو خول چڙهيل!“

”ڇا مطلب؟“ بينا شايد وڌيڪ چٽائيءَ سان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيو.

”اهوئي ته تون ڏکن ۽ ايذائن کان، جن کان تون ڀڄڻ لاءِ محبت جي جذبي کان به بچڻ ٿي چاهين. پر اهو ايذاءُ، اُنهن ايذائن کان، جن کان تون ڀڄي رهي آهين، وڌيڪ ڀوائتو آهي.“

”بس؟ يا ٻي ڪا ڪسر رهجي ويئي آهي؟“ بينا جي آواز ۾ سندس چهري جهڙي شانتي هئي، پر سندس احتجاج جي ان انداز عمر کي Distrub ڪري ڇڏيو.

”هڪ ٻئي جي Analysis  ته سٺي ڳالهه آهي بينا. تون به مون تي Criticize  ڪري سگهين ٿي.“ هن چيو.

”آءُ ته ماڻهن کي ڪڏهن به نٿي سمجهي سگهان. ڪير ڇا آهي؟ اهو سوال ته منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به نٿو اچي.“ اهو هو به سچ. بينا ايتري قدر Introvert  هئي، جو هن پنهنجي خول کان نڪري  ٻين کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ڳالهه بدلائي عمر کان سوال ڪيو؛ ”ڀلا هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ. تون Cancerians  تي چنڊ جي اثر کي ڪيتري حد تائين درست ٿو سمجهين؟“ ۽ عمر سمنڊ جي لهرين ۽ چنڊ جي اثر هيٺ اچڻ واري اسٽار Cancer  جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو.

رات جا چار لڳي رهيا هئا ۽ بينا Studio  ۾ پنهنجي ميز تي ويٺي ڪم ڪيو. ڪم ايترو ضروري به ڪونه هو، پر پوءِ به اڄ کيس اصل ننڊ ڪانه پئي آئي. هن ڪم ڇڏي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجون ٿڪل اکيون ٻوٽيون. ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي اڳيان ڀت تي لڳل تصوير کي ڏسڻ لڳي، جنهن تي چار سال اڳ کيس Photography Club  پاران انعام مليو هو. ڳاڙهي، پيلي آڪاش تي هڪڙو اڪيلو ڪارو پکي اُڏري رهيو هو؛

’جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي

منهنجو من، جيون بن

اڏري اڏري پوندو ٿڪجي

تنها تن، منهنجو من

جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي.‘

هن کي اياز جو نظم ياد اچي ويو ۽ تڏهن ئي تنهائيءَ جو احساس ڪنهن ڄاتل سڃاتل ڌڪ جهڙو لڳس. اِهو ڌڪ کيس پهريون ڀيرو پيرس ۾ لڳو هو، تڏهن هن پنهنجي من اندر امن آڻي سوچيو هو؛ اڪيلائيءَ جو احساس ته هر فنڪار کي ٿيندو آهي. هو پنهنجي فن ۾ ايتري قدر ٻُڏي ويندو آهي، جو ٻاهرين دنيا جا سڀ ناتا ۽ پيار وڃائي ڇڏيندو آهي.

پر اڄ. ... اڄ وري هي خيال.... احساس هئس ته عمر سان مليو آهي. عمر، جنهن هن جي ڪٽ لڳل ذهن کي Metal Stimulation  ڏني هئي. جنهن جو Subtle humour  منظور جي سستي مذاق کان ڪيترو نه مختلف هو.اڄ شدت سان احساس ٿيس ته جيڪر مڙسنهس وهندڙ نهر هجي ها، بند ٿيل ۽ بيٺل ڍنڍ نه، ته هوءَ پاڻ کي ڪيترو نه سوڀاڳيه سمجهي ها! هوءَ مايوسين جي اونهي اوڙاهه ۾ ڪري رهي هئي، جتان واپسيءَ جي ڪابه واٽ نه هوندي آهي. سندس اکين آڏو پراڻو ڏٺل ڪنهن فلم جو ڏيک گهمي ويو؛ جنهن ۾ هڪڙو پولاري (Astronaut)  ڀُل کان راڪيٽ جي ٻاهر رهجي ويندو آهي. راڪيٽ اڳتي زوزاٽ ڪري نڪري ويندو آهي ۽ هو ويچارو پولار (space)  جي اونهي اوڙاهه ۾ ترندو رهندو آهي. نه پٺيان ڪو ماضي، نه اڳيان ڪو مستقبل!

رزاق مهر  مومل موءِ کان پوءِ......

هو اڳتي وڌي ميران جي پيرن ۾ ويهي رهيو.

ڏهه ڏينهن اڳ، جڏهن ميران وٽ رکيل پئسن مان پنج روپيا آفيم لاءِ گهرڻ لڳو هو، تڏهن ميران چيو هوس، ”علوءَ جا پيءُ، ڪجهه هونش ڪر_ ٻه هزار مٿان قرض بيٺو آهي. ٻارن کي ڏس، لڱن تي لٽو به ناهي! انهن جو ايترو به خيال نه اٿئي جيترو آفيم جو“.

ميران جو ايترو چوڻ، ۽ پيرل جو هٿ هڪدم وڃي ميران جي وارن ۾ پوڻ. ڇڪي ٻيڻو ڪري ڇڏيائينس. ميران پاڻ ڇڏائڻ چاهيو.

پيرل مڇربو ويو. اکيون ڀوائتون. وات گِڦ. ”اصل چريو ٿي پيو هو“. ”ڪميڻي! مون کي ٿي مِهڻا ڏين. گهڻا گهمرا سمجهايو ٿي مانءِ ته گهري موچڙا نه کائيندي ڪر.“

هو ميران جا وار ڇڏي ڀت جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽيءَ ڏانهن ڀڳو. سونٽي کڻي اچي ورتائينس. هڪ زومائتي سونٽي لڳڻ سبب ميران ڪُسندڙ ڍور جيان رنڀ ڪئي: ”ائي ابا ڙي“. ۽ پيرل ڪجهه سوچي، سونٽي ڦٽي ڪئي. پوءِ ڌڪ مڪون ۽ وري لتن سان ورتائينس_ ۽ هوءَ فوٽ بال جيان ٿڏبي رهي.ميران هميشه جيان صبر سان ڪٽبي رهي، ۽ هميشه جيان روئي کڻي رڇ ڀريائين.

ان ڏينهن پيرل هن کي ڌرتيءَ تي ئي اڌ مئل ڪري ڇڏي، ڪٻٽ مان وڃي پئسا کنيا، ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو. تڏهن ميران ڏند ڪرٽي اڇنگار ڏني هئي، ”ماريا شل ڪو منهنجو صبر پُڄندئي“. هوءَ رڙهندي ڪنجهندي کٽ ڏانهن وڌي وئي هئي.

اها مار ميران لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. ٻيو ته ٺهيو، پر هر عيد تي جڏهن گهر گهر خوشين جي ورکا ٿيندي هئي، تڏهن به ميران بي زباني جانور جيان ڪٽبي هئي. تڏهن به هن جي گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني روڄ راڙو ضرور ٿيندو هو. هن جا ٻار، جيڪي مهيني کان عيد اچڻ جا ڏينهن ڳڻندا هئا، اهي ان ڏينهن گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ منهن ڀيلو ڪري ويهي رهندا هئا. تڏهن ميران ٻارن جا لٿل منهن ڏسي، دل ۾ جهير پوندا محسوس ڪندي هئي.

هوءَ چاهيندي هئي، ٻارن کي سڄي جڳ جو خوشيون ڏي، پر هن وٽ رڳو نه کٽندڙ غمن جا انبار هئا. هوءَ ٻارن کي خوشيون ڏئي نه سگهندي هئي، ته پنهنجي نصيب تي روئي پوندي هئي. گذريل عيد تي پيرل جيئن ئي نماز پڙهي گهر آيو هو ته ڏٺو هئائين، ديڳڙو اڃا دم تي هو. اڃا ڪجهه گهڙيون هيون چانورن رڌجڻ ۾. پيرل جي نظر ۾ اها ميران جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، جنهن کي معاف ڪرڻ هن جي اصول جي بلڪل خلاف هو. هن کي هڪدم باهه لڳي وئي_ ٻه چار ڪچيون گاريون ڏئي، ديڳڙو کڻي اونڌو ڪيائن. رڌل چانور ڌرتيءَ جي نذر ٿي ويا. جن منجهان نظرون ڪڍي ٻار پيءُ جي ڪاوڙيل چهري ڏانهن خوفزده نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. 

”ذليل مان وڃي ماڻهين جي گهر وڃين روزو کوليان“. کٽ جو ڀڳل پائو کڻي اچي ورتائينس. پوءِ جڏهن مار ڏئي توائيءَ مان گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو، ته ميران پويان چيو هو، مئا شل ڪاريءَ واءُ جي سٽ ايندئي“.

ڪاريءَ واءُ جي سٽ پيرل کي ته نه آئي، پر ميران پاڻ ئي هي جڳ ڇڏي هلي وئي. ڇهه ڏينهن اڳ ميران کي ٻار ڄائو هو، ۽ جنهن ڏينهن هن جي ڇٺي هئي، ان ڏينهن ميران مري وئي.

ٽين ڏينهن جي ئي ته ڳالهه آهي، جو ميران پيرل کي چيو هو، ”علوءَ جا پيءُ، دائيءَ چيو آ ته مون کي زرڪان ٿي پيو آ، تڏهن سُڄي پئي آهين“.

تڏهن ميرل چڙي پيو هو. چيو هئائين، ”مڪر ڇڏ، مڪر ڇڏ ته وٺانءِ نه سونٽن سان“.

۽ هن وڌيڪ نه ڪڇيو هو. ان ڏينهن کان پوءِ سندس حالت وئي جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي. اهڙي حال ۾ به هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهي. ڄڻ هوءَ عورت نه هئي، ڪنهن مڇي مارڪيٽ جي رول ڪتي هئي.

هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پيرل پاڙي ۾ ٺهندڙ نئين جاءِ جي ڪم تي وڃي رهيو هو، تڏهن ميران کيس ڪنجهندي التجا ڪئي هئي، ”علوءَ جا پيءُ، مان مري وينديسانءِ ٻيلي، منهنجو ڪو احساس ڪر.“

تون ڏائڻ، تون مرندينءَ؟ کٽڪو نه ڪر، رن! تون مون کي ماري پوءِ مرندينءَ.“

پوءِ جڏهن هو ڪم تي هليو ويو هو، تڏهن ميران ڏانهس پنهنجو وڏو پٽ علو، جيڪو ستن سالن جو هو، موڪليوهو. جڏهن پيرل آيو ته ميران پنهنجون بند ٿيل اکيون کوليون ۽ وري بند ڪري ڇڏيون. انهيءَ تي پيرل کي چڙ لڳي وئي، مٺيون ڀيڪوڙجي ويس. ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”شهند نه ڪر، مان ڏاڍو حرامي آهيان. اصل هڏ گڏ ڀڃي وجهندومانءِ“.

تڏهن ميران ڊپ کان کڻي نماڻا نيڻ کوليا هئا.

ان ڏينهن پيرل ۽ ٻارن لاءِ ماني پاڙي جي وڏي مائي سڀائيءَ موڪلي هئي. پيرل کي اها ڳالهه وڻي ته ڪونه هئي، پر سڀائيءَ جو چوڻ موٽائڻ هن لاءِ ڪجهه ڏکيرو ٿي پيو هو. ان لاءِ به جو سڀائيءَ جا هن جي مٿان وڏا احسان ڪيل هئا.

ٻي ڏينهن جڏهن ميران اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي وئي، تڏهن سڀائيءَ پيرل کي ڪجهه چيو، ۽ ميرل ڪنڌ ڌوڻي، ٽانگو ڪرائي ميران کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويو. پر ان مهل وقت گذري چڪو هو، ڊاڪٽر کيس جواب ڏئي ڇڏيو. هو گهر ڏانهن واپس پئي آيو ٽانگو اڄا رستي ۾ ئي هو ته ميران به موت جي ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ گم ٿي وئي، پنهنجي نصيبن جي سج جيان.

گهر ۾ ماتم مچي ويو. (ان روڄ ۾ ڇهن ڏينهن جي نئين ڄاول ٻار جون رڙيون به شامل هيون، جنهن کي پوءِ پاڙي جي هڪ عورت کي ٿڃ لاءِ ڏنو ويو.)

ميران جي ماءُ ڏانهن تار موڪلي وئي، پر هوءَ اڃا نه پهتي هئي. هن جي اچڻ تائين ميران جو لاش هڪ ڏينهن تائين رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. در جي ٻاهران تڏو وڇايو ويو هو، جنهن تي آهستي آهستي ماڻهو اچي ويهڻ لڳا هئا.

پيرل تڏي تان اٿي اندر آيو. ان مهل پاڙي جي وڏي مائي سڀائي ميرل جي ٻارن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي_ جيڪي رڙيون ڪري روئي رهيا هئا.

سڀائي جي نظر جڏهن پيرل تي پئي ته هوءَ هن ڏانهن وڌي آئي. “ابا پيرل، ٻار بس ئي نٿا ڪن. تون ڪو هنن کي چپ ڪراءِ“.

پيرل ڪجهه نه ڪڇيو، رڳو اڳتي وڌي آيو. ٻار هن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، پنهنجو پاڻ ئي چپ ٿي ويا.

”ابا ڳالهه ٻڌ“. مائي سڀائي هن جي ڀرسان ايندي چيو.

ان کان اڳ جو مائي سڀائي قرض ڏنل پئسن جي گهر ڪري، پيرل هڪدم چئي ڏنو، ”ماسي، تنهنجي پائي پائي مان لاهيندس. تون اسان سان وڏا ڳن ڏنا آهن. بس، هاڻي ڪجهه ڏينهن رڳو مهلت ڏي“.

مائي سڀائيءَ ميران جي لاش ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”پيرل، جيڪي ميران مون کان جاءِ لاءِ ٻه هزار ورتا هئا_ اهي ياد اٿئي نه؟“

”ها ماسي، گهر ۾ نه کائبو پهريان تنهنجو قرض لاهبو.“

مائي سڀائي ميران جي لاش تان نظرون هٽائي، ٿڌو ساهه کنيو. چيائين، ”ابا، سچي ڳالهه اها اٿئي ته ميران رڳو نانءُ منهنجو ڪيو، نه ته اهي پئسا پاڻ پورهيو ڪري ميڙيا هئائين.“

”هي ڇا پئي چوين ماسي!“ هو وائڙو ٿي ويو.

”ها ابا، جڏهن تون ڪم تي ويندو هئين ته ميران ويچاري هِن هُن جي گهر وڃي پورهيو ڪندي هئي. هاڻي جڏهن اها شيءِ ئي هلي وئي ته لڪ لڪاءُ ڇا جو.“

پيرل جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. هن پنهنجو ٺوس وجود برف جيان ڳرندي محسوس ڪيو. سيني ۾ هلڪي هلڪي سور جون سٽون اُڀرڻ لڳس. جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نظر ٻارن تي وڌائين، جيڪي ڏانهس خوف وچان ڏسي رهيا هئا _ ۽ ٻي نظر چادر ۾ ڍڪيل ميران جي لاش ڏانهن_ وڌائين. هن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو ميران جي لاءِ ڳوڙها ڀرجي آيا. پيءُ کي رئندو ڏسي ٻار ماءُ لاءِ وري روئڻ لڳا، ۽ هن اڳتي وڌي ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ ڍورن وانگر ڍڪڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com