هيءَ حياتي
رات
ڪنهن جي تات ناهي
وقت خالي ٿانءُ ناهي
ذهن ڪوئي نانءُ ناهي
هيءَ حياتي پوءِ به ڇاهي؟
ڪجهه ته آهي
ڪجهه ته آهي.
منهنجي اک ۾ سج جو تيک
مان ڪو ڪورو ڪاڳر ناهيان
جنهن تي چاهيندين جو لکندين
ٻار جي ڦَرهي ناهيان جنهن کي
ميٽيندين ۽ لکندو رهندين
اڻ ڊهندڙ تحرير مان آهيان
۽ پنهنجي تقدير مان آهيان
مان آهيان هڪ ازلي ليکُ
منهنجي اک ۾ سج جو تيکُ.
الطاف عباسي
وصيت
جي مران ڏيهه پُڄڻ کان اڳ ۾
موت منهنجي تي ڪو ماتم نه ڪجو
سنڌ ليءِ ساهه کي سيني ۾ سانڍي ايندم
روح کي جسم مان نڪرڻ کان جهليندم ڏاڍو
موت کي منٿ ڪندم:
”ايترا سال ڇڏيو ٿئي جيئرو
هاڻ ڪجهه ترس ته ساڻيهه رسان.“
منهنجي من جي اها منشا آهي
سنڌڙيءَ لاءِ مران
سنڌڙيءَ منجهه مران
سنڌ جي هنج ۾ ٻارن جيان مان ڪنڌ رکي ساهه ڏيان
۽ جي پوري ٿئي منشا منهنجي
لاش منهنجي کي دفن ڪين ڪجو
ساهه منهنجو آهي سنڌڙيءَ جي بِلي
پر مئل جسم به سنڌڙيءَ کي ڏنم
نيڻ منهنجا ڏجو ڪنهن انڌي کي
ايل ايم سي ڏي نِجو منهنجو لاش
مڙهه منهنجي کي ڪو چيري ڦاڙي
۽ ڏسي
منهنجي اندر ۾ ڪا سنڌڙيءَ جي به سڪ آهي يا
رڳو سڌڙيو آهيان
لاش منهنجي کي ڪو سنڌي چيري
۽ وڏو ويڄُ ٿئي
۽ وطن جا سوين بيمار صحتياب ڪري
۽ جي چاهيو ٿا قبر منهنجي اڏڻ
(توڙي اُن جو نه ڪوئي آهه ضرور)
سومري ڀاءُ جي ڀر ۾ ڪو منارو اڏجو
منهنجي جذبن جيڏو
پر انهن کان به اُچو!
تون ٿي چوين
مان پيڻ ڇڏي ڏيان!
ناممڪن
تيستائين
پيئندو رهندس
جيستائين
ڀريل آهن
تنهنجا نيڻ ڪٽورا!
تهمينه مفتي
تون ۽ مان
آد کان
هيڪلا هيڪلا
رڻ ۾ اُڃايل مورجان
رڙندا وتون.
تون ۽ مان
ڏکن سکن جا
گناهن ۽ ثوابن جا
کنيو لاشا
پنهنجي سوري پاڻ گِهليندا
زندگيءَ جي اڻ کُٽندڙ واٽ تي
هلندا ئي رهون ٿا
نه مرون ٿا نه جيئون ٿا!
نانگراڻي
ماٺار
ڌرتيءَ سان منهنجي صبر جي
ڀيٽ نه ڪيو—ڇو جو،
ڌرتي صبر ڪري ڪري
نيٺ ڦاٽي ٿي
اندر جي اُڌمن کي
اُلن جو روپ ڏئي ٿي
باهه ڪڍي ٿي
پر مان
اندران اندران کامان پڄران
ٻهران برف رهان!
شرجيل
ڪا خوشي آهي توکي
جو ويڙهجي سيڙهجي
پنهنجي خوبصورت هٿن ۾
ڪو پيڪيٽ کڻي آئي آهين
ڏاڍي فارمل
۽ پرائي پرائي پئي لڳين
ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي
مان ساڳيو آهيان
رڳو وقت جا فاصلا آهن
ها، مان کاوان ٿو
تو پيڪيٽ کولي
چاڪليٽي ڪِريم لڳل
خوبصورت ڪيڪ رکيو آهي.
مون وٽ،
چاقو، ڇُري ۽ ڪانٽو ڪونهي.
ها، ترس—
مون وٽ، پينٽنگ نائيف گهڻا آهن.
پوءِ تنهنجي خوبصورت هٿن ۾
پينٽنگ نائيف ڏسي
الائي ڇو
ائين محسوس ڪيم
ڄڻ تون
ڪنهن جو اندر چيري رهي آهين.
ڄڻ—
”گلن“ کان،
”ڪنڊن“ جو ڪم وٺي رهي آهين.
لکي سگهين ته لکجانءِ
جو تمام اڪيلو آهيان
پري ۽ پري تائين
ڪجهه ڪونهي
نه آواز—
نه جسم—
نڪو ٿڌي هير—
نڪو جهولا—
۽ مينهنُ—
اڪيلو آهيان ڏاڍو
لکي سگهين ته لکجانءِ.
نورالهديٰ شاهه
عبادت
ڏيئو جلائي ساري رات
گيان- ڌيان ۾ گم آئون
پئي نهاريان
تنهنجا نيڻ
جتان ڦٽندي پرڀات
منهنجي انگ انگ ۾
جرڪن ٿيون
تنهنجن هٿن جيون ريکائون
۽، ماڪ ڦڙا
ائين ڀرجي آيا آهن
منهنجين نيرين نسن ۾
جيئن- رت ڦُڙا
بند چپن ۾
جهونگاريان پئي
تنهنجي نانءُ جا ستئي سُر
گيان- ڌيان ۾ گم آئون
پئي نهاريان
صدين کان
تنهنجن هٿن جيون ريکائون
جتان ڦٽندي پرڀات
ڏيئو جلائي ساري رات
گيان- ڌيان ۾ گم آئون—
سُرٻاٽ
ڪالهه اڃا
منهنجا هٿ جهلي پنهنجن هٿن ۾
ٻئي چپ رکي ڇڏيا هيائين
منهنجين آڱرين تي
۽ چيو هئائين
ايترو نه لکندي ڪر—
جي اهي آڱريون به ٿڪجي پيون
ته ڪيئن اونداهين ۾
منهنجو چهرو ڇهي ڏسنديئن
۽ ڪيئن آئون محسوس ڪندس
تنهنجين آڱرين جي مينديءَ جهڙي خوشبو
تون—
منهنجي چهري جي بيحد ويجهو
(ساهه کان به ويجهو)
پنهنجا چپ رکي، ڇو نٿي جهونگارين
اُهي سڀئي سِٽون
جيڪي تون لکڻ ٿي چاهين—
آدم جي نانءُ
هرڪا عورت
ناهي تنهنجي هم بستريءَ لاءِ
هر عورت جو بدن
ناهي خلقيو ويو
رت جي هڪڙي بوند لاءِ
جنهن مان تنهنجو نسل وڌي سگهي
هرڪا عورت اوچي برانڊ جي سگريٽ ناهي
جنهن کي تون ٻن چپن ۾ اٽڪائي سگهين
جنهن جو بدن
بکايل ڪُتي سمان
لوئين ۽ چيرين ڦاڙين
هڏ هڏ چٻاڙين
هوءَ دانگيءَ جي ڪارنهن به ناهي
جو پنهنجي ٻوٿ تي مَلين
۽ آرسيون سڀئي ڇڏين
ڀور ڀور ڪري.
حوا
منهنجي بدن تي
ايترا گهاءَ
جيترا آڪاس جا تارا
هر گهاءُ
من جي ڀيد کان به
گهرو- اُٿاهه
ڪيتريون
بي نانءُ ڪهاڻيون
بکايل ٻار سمان
چٽين ٿيون
منهنجي بدن جي پوترتا
منهنجين اڪيلائين جا ساٿي
رات جي گهور اونداهين ۾
منهنجي بدن جا سڀئي ڦٽ چٽي
منهنجيءَ مُٺ ۾ ڇڏي
هر ڦٽ جو مُلهه
اونداهين ۾ گم ٿيو وڃن
نئين سج اُڀرڻ کان اڳ
آئون
آدم جي وندر جو
خوبصورت رانديڪو
آئون
حوا
ازل کان تنهاٰ!
سحر امداد
هن چيو هو:
”تون منهنجي راتين جو چنڊ
ڏينهن جو سورج آهن!“
اڄ مان
پنهنجي اَڀاڳ جي اُونداهين ۾
ٺوڪرن تي ٺوڪرون کائي رهي آهيان.
سنجوڳ
ماکيءَ لار جيان
نينهن ڳڙي پيو
اوسيئڙو
پل پل ڪوڪن جان
ماس ۾
ٽُنبجي رهيو آهي
اسپيس- ايج
بس جي فوٽ بورڊ تي
هڪ هٿ سان لڙڪيل
جيون.
پوز
جيئن ”ٻيا“ چاهن
سانول سپرين ائين ئي گهاريون
ٽريڊيشنل جيون.
امداد حسيني
منهنجو سڄو ڪٽنب رهيل هو ٽِماڙ تي
۽ هيٺ آءٌ هيکلو ويرين جي ور چڙهيل
ماڙيءَ مٿان اُگهاڙي مٿي ساڻ ڀينرون
ڪَپجي وئي نهار—رڳون تاڻجي ويون
ڌرتيءَ تي پير مون به کُپائي کڻي ڇڏيا
۽ دشمنن جي اک منجهان مون نه اک ڪڍي.
ڪارڻ اَڪارڻ
ماڻهو پهرين ڪارڻ ڳوليندا آهن
۽ اسان وٽ ڪوبه ڪارڻ ڪونهي
نه رئڻ جو
نه کلڻ جو
هلو سائين،
ته پوءِ اسان وٽ جيئڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
ڪارڻ ضروري به آهي؟
پر انهيءَ سوال جو ڪارڻ آهي؟
اهڙو سوال جنهن جو ڪو جواب ناهي
سڏ آهي بنا پڙاڏي جي
پنڇي آهي اڪيلو ۽ اُداس
وشال نيلاڻ کان پري
جنهن جو ڪنهن وڻ تي آکيرو ناهي
ته سائين منهنجا،
توهان انهن ماڻهن وٽ وڃو
جن جي کيسي ۾
چالو سڪا آهن
منهنجي مُٺ ۾
ڪجهه به ته ناهي
ليڪ به نه—
سٺو ٿيو جو مرڻ وارا مري ويا
ڪارڻ اَڪارڻ
بنا جواب طلبيءَ جي
ڪوڙي جيون سان سچا رهي
اُلهي ويا هُن پار.
منهنجي گگن نراڙ تان
سڀ ستارا کڙي ويا آهن
سائين،
توهان کي انهن ماڻهن وٽ وڃڻ گهرجي
جيڪي سورج ڪارو ڏسندا آهن
مٺڙا، ڀاءُ (اوري آءُ،
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ)
مان ڪا موونگ چيئر ناهيان!
برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا.
پياسا ئي رهجي ويا، سڀ تَرايُون تَلَ.
کوهر کنڊر ٿي ويا، پٿر ٿي پيا پَلَ.
هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان، کورن کاڻي کَلَ.
هونئن ته ڪيڏي هيج مان، کاڌي انگ اُڇلَ.
اڄ ته سجُ مٿي مٿان، پيرن ڌرُ تَتَلَ.
ملير موٽي مارئي، آس اها اَڻجهَلَ.
ڪيئن لنگهيا هوندا اَلا، پاڻياريءَ جا پَلَ.
ويڙهه وڃان ته کڻي وڃان، لينگها لينگها ڳَلَ.
برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا.
بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو.
مند به آ مٺڙي جيان، مند مٿي ڇا وس وو.
جتي وسي ٿو مون پرين، اُتي وڃي تون وس وو.
اکڙين بس ڪئي کڻي، بوندن ڪانهي بس وو.
جهڙ هجي جاني هجي، پوءِ ته ڪانهي ڪس وو.
بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو.
اُهو ئي لوڪ
منهن موڪ
آتما تائين
جُڳن جي ڪارنهن مَليو
کوهن جهڙا وات پٽيو
اکر اکر ۾ زهر ڀري
ڄِڀَ ڄڀي ڪري
ٿوهر ٻانهون ڦهلايو
سايو هيڊيون ڳاڙهيون
سگنلز اکيون مِرڪايون
رستو روڪيو بيٺو آهي
او مرگهه نيڻي
او سورج ونسي
اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ جيڪا ريکا آهي—ڏور
تنهنجي منهنجي نراڙ جي ريکا آهي
پٺيان نهارڻ سان
سڀ ڪجهه پنڊ پهڻ ٿي ويندو
ريک (ليک پيار جو) ڊهي ويندي
او جيڏي
او سرتي
پاڻ کي هلندو رهڻ گهرجي
هٿ ۾ هٿ پايو
اُن ريکا تي نيڻ کُپايو!
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو
۽ ترائيل لِکئي ڏينهن لنگهي ويا آهن
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن.
ڄڻ ته ٻيلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن
وڻ جي ٿُڙ جيان ساهه ۾ آهيان سوڙهو
مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو.
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين
مان سڄو اُڃ سهي سُڃ سهي بر ئي سهي
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
هڪڙي سنسان گهٽيءَ منجهه ڦُريل گهر ئي سهي
ڇو نه ڪجهه دير وهي ٿورڙو آرام ڪرين
مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين.
ڪهاڻيون
·
علي بابا
·
مهتاب محبوب
·
قاضي خادم
·
عبدالجبار جوڻيجو
·
ڪيهرشوڪت
·
رعنا حنيف صديقي
·
رزاق مهر
·
حميد سنڌي
·
ظفر حسن
·
حليم بروهي
ڳالهه
·
ولي محمد طاهر زادو
ناٽڪ
·
علي بابا
* اڄ جو انسان اڪيچار مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. اڄ جي
انسان کي آرام ۽ سڪون گهٽ، بي آرامي، اُڻ تڻ ۽
وسوسا وڌندا پيا وڃن. انسان، درپيش پيچيده مسئلن
کي حل ڪرڻ چاهي ٿو، انسان انسان کي سمجهڻ چاهي ٿو،
۽ ساڻ پاڻ کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ اهو سلسلو جاري
آهي. انسان ۽ انسان جا اڪيچار مسئلا اديب جا
بنيادي موضوع آهن، ڇو ته اهي هن جا به مسئلا آهن.
تنهن ڪري هو جيڪي ڪجهه به تخليق ڪري ٿو ۽ ٻڌائي
ٿو، تنهن ۾ هو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان شامل
(Involve)
آهي. اها شموليت
(Involvement)
ان رچيا لاءِ تڏهن اثرائتي ۽ مفيد ثابت ٿيندي،
جڏهن ليکڪ پوري سچائيءَ ۽ ديانتدايءَ کان ڪم ورتو
هجي، ٻيءَ صورت ۾ اها رچنا کوکلي لڳندي.
* هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ اهو ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي اها تنقيدي حقيقت
نگاري
(Critical-realism)سمجهي
ويندي، ته مڙني موضوعن ۽ مسئلن کي هڪ ئي هيئت
(From)
۽ اسلوب
(Style) ۾ پيش ڪري. ڪنهن موضوع لاءِ صحيح ڊؤل ۽ طرز ادا اختيار ڪرڻ
لاءِ رچناڪار کي گهڻو اڳواٽ سوچڻو پوندو آهي. ڪو
موضوع اهڙو هوندو آهي، جنهن لاءِ بيانيه
(Discriptive-Narrative)
انداز موزون هوندو آهي، ته وري ڪو اهڙو موضوع هوندو آهي، جنهن لاءِ علامتي
(Symbolic)
انداز بيان مناسب هوندو آهي.
جديد رچنائن ۾ ته هر طرح جا تجربا ڪيا ويا آهن ۽
اڪثر بيانيه لکڻين ۾ علامتي عنصر به هوندو آهي.
انهيءَ ڪري ئي جديد ادب ۾ ٽيڪنڪ جي تجربن کي گهڻي
اهميت ڏني ويندي آهي، فقط انهيءَ مقصد ڪاڻ ته خيال
جي اظهار کي مناسب ۽ موزون شڪل ملي سگهي.
ممتاز مهر
(”زندگيءَ جو وهڪرو“ جي مهاڳ تان)
علي بابا
ڪروڌ ۽ ٻه ماڻهو
آءٌ کميا جو ماڻهو آهيان، اهنسا جو، نه ڪروڌ ۽ جيو هٿيا، ڪين
جنگ جو. هاڻ ٻڌايو امن ڪٿي آهي؟ ڌرتيءَ جي گولي تي
ته رڳو جنگ ئي جنگ آهي، جتي ڪٿي جنگ، گهر گهر جنگ.
ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وچ ۾ جنگ. ڀلا ”وار ۽ پيس“
ناول تي ايمريڪنز کي سٺي فلم ٺاهڻ لاءِ جن پيو هو
ڇا! نيٺ به ته ڇو؟ ڇا اهو تمام وڏو سوال نه
آهي؟....
آءٌ سوچيندو، واساما کائيندو، پبلشر وٽ پهچان ٿو. منهنجو پرابلم
سو روپئي جو نوٽ آهي ۽ پبلشر کي پوليٽڪس تي ڪهاڻي
گهرجي، جنهن ۾ نه عشق هجي نه سيڪس. آءُ اهڙي ڪهاڻي
لکي ويندس، واهيات ئي سهي، لکي ويندس. پوليٽڪس تي،
فرمائيشي ڪهاڻي، سو روپئي نوٽ لاءِ. سو روپيو مون
کي پيٽ لاءِ نه، اهنسا پرابلم لاءِ گهرجي_
ساري..... پيس پرابلم لاءِ. ۽ پروفيشنل ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ، صبح جو ٻارهين وڳي ڪهاڻي ڏئي
سو روپيو وٺي، دوستاڻي چانهه واري ڪچهريءَ کان
پوءِ آپي کاني ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪري، آءُ گهر پهچان
ته ناني مئي پئي آهي. 80-90 سالن جي ناني.
زندگي!...موت!... سو روپيو، ڪهاڻي. اهنسا پرابلم.
موت ڪيڏي ته ان_ نيچرل شيءِ آهي. هاڻ ته موت تي
ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. آخر کربن جي تعداد ۾ جنريشن ٽو
جنريشن، ماڻهو ڪيستائين مرندو رهندو! ڇا اهو تمان
وڏو سوال نه آهي: ڪنٽرول آن ڊيٿ؟ آن دي ورلڊ آف
سائنس، ڪنٽرول آن ڊيٿ، از ناٽ اي اِمپاسيبل مشن.
آءُ نانيءَ جي پٿر تي پنج منٽ ويهي ڪهاڻي لکڻ لاءِ
هليو وڃان ٿو_ ۽ پبلشر جي ڏنل سنڌ جي پراڻي نقشي
کي هڪ گهمرو غور سان ڏسي، ڏونگهي ڪشمش کائيندو،
ننڍڙي پٽ عشقوءُ کي آر_ سي_ سي جاءِ مان وٺي،
پنهنجي ننڍ پڻ واريءَ ساٺيڪو سال پراڻي ٽيڪاهينءَ
جاءِ ۾ اچان ٿو، جنهن ۾ بجليءَ جو هڪ بلب ٻن_ چئن
ڏينهن کان لڙڪايل آهي، چوريءَ جي بجلي. ايڏي ٿڌ
ڪانهي، پر عشقوءَ جو نڪ بند ڏسي وونڻاٺين کي ميڙي
دونهين دُکايان ٿو.
عشقو ٽن سالن جو آهي. ڏاڍو تنگ ڪندو آهي. چوندو آهي گانو ٻڌاءِ،
لۡوِ مي ٽينڊر، لۡوِ مي ٽرو. مون کي هيکل پٽ آهي،
آءُ سندس هر ضد پورو ڪندو آهيان. هو ڳائي ڳائي نچي
نچي چوندو آهي گانو ٻڌاءِ، لۡوي مي ٽينڊر_ ۽ آءُ
به جھومي جھومي ڳائيندو آهيان. ڳائيندو سٺو آهيان
۽ ان تي ناچ راڪ ۽ رول هو سٺو ڪندو آهي. نيٺ به ته
ٽيليويزن جي دور جو ٻار آهي. منهنجي غربت جيڪڏهن
کيس ڪا سئنيما اسڪوپ فلم نه ڏيکاري سگهي آهي ته ڇا
ٿيو، ٽيليويزن ته سڄي ڳوٺ ۾، گهر گهر ۾ آهن. مون
کي سندس ناچ الوز پرسلي جيتروئي وڻندو آهي ۽ ڳائڻ
به.
نانيءَ جي موت سبب، پنهنجي ٻالاپڻ جي گهروندي ۾ ٽيهارو سال کان
پوءِ اچي کن لاءِ سُن ۾ اچي وڃان ٿو. ساروڻا سانوڻ
جي سنڌوءَ جيان ڊوڙندا ٿا اچن. تيرهن_ چوڏهن سالن
تائين جي ٻالاپڻ جي ساري سانڀر جا ساروڻا.
مٿي، ڪاٺ جڙيل ڇت ڏانهن نهاريان ٿو، ڇت مون کي اوترو ئي سهڻي
پئي لڳي، جڏهن مان ٽن_ چئن سالن جو هئس، تڏهن ان
ڇت جي هڪ داسي ۾ رنگين ڪچ موتين جو ٻن_ ٻن پکن
وارو وڏو هوائي جهاز ٽنگيل هو، مون لاءِ. اۡلا،
ڪيڏو نه سهڻو جهاز هو! ضرور ڪنهن وڏي آرٽسٽ جو
ٺاهيل هوندو. اهو جهاز جي هن ڇت ۾ لڳل ناهي ته ڇا
ٿيو، منهنجي ساروڻن ۾ ته آهي. ڪي ڪي ساروڻا ساڀيان
کان وڌيڪ سهڻا ۽ چٽا هوندا آهن.
وري هيٺ ڀت ۾ لڳل پيتين رکڻ جي سگهي پيتي تکتي کي ڏسان ٿو، جنهن
تي اڄ به ٽي وڏيون پيتيون رکيل آهن؛ پر ساروڻن جون
پيتيون ڪيڏيون نه سهڻيون هيون! ڪاٺ جون. چون ٿا،
انهن مان هڪ پيتي سدائين منهنجي لاءِ بادامن ۽ ٻي
ڊراءِ فروٽ سان ڀريل هوندي هئي.مون کي بادامن جو
سواد ته ياد ڪينهين، باقي ننڍپڻ ۾ پنڊ پهڻ ٿيل
بادام ياد اٿم، جيڪي ننڍپڻ ۾ فاسلز لڌا هئم. ان
ٻالاپڻ ويلا ۾ مون چرئي چرٻٽ ٻهراڙيءَ جي ٻار کي
ڪيهي خبر ته اهي فاسلز آهن، تمام قيمتي! بس مان ته
تماشي ڏسڻ لاءِ، ماڻهن کي انهن پنڊ پهڻ جهڙن
بادامن سان دُلبو ڏئي مزو ماڻيندو هئس. اهي
ٻاويهارو کن بادام مون لاءِ ڏاڍا مزيدار هئا. مان
انهن کي ٽجوڙيءَ ۾ لڪائي رکندو هئس. ان لاءِ ته
اهي پهڻ منهنجي زندگيءَ جي بهترين ڪليڪشن هئي. اها
ٽجوڙي ته مون وٽ آهي، پر اهي بادام ڪينهن. ٻيون به
الاهين شيون کُٽل آهن. ها، منهنجي ڍڳن جا ڪي جنسار
رهجي ويا آهن. سوچجي ته زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه
هڪجهڙائي آهي.ڪيڏي نه سٽميٽڪ آهي زندگي اڳي به
آئون ڪليڪٽر هئس ۽ هينئر به ڪليڪٽر آهيان. منهنجي
پسند به هوائي جهاز رانديڪو هو. منهنجي پٽ جي پسند
به هوائي جهاز رانديڪو. منهنجي گهر ۾ هينئر به
روسي ميراج جهاز جو رانديڪو نه بلڪه ڊيڪوريشن پيس
رکيل آهي، جنهن سان صبح ساڻ اٿي، منهنجو پٽ
سائنٽيفڪ نموني سان راند کيڏيندو آهي ۽ وري پنهنجي
جڳهه تي رکي، گانو ڳائيندو آهي، آل دي اسٽارز، آل
دي اسٽارز. |