مهراڻ نيم سرڪاري ادارو آهي. منجهس ڇپيل لکڻين تي نه ماهي يا
ڇهه ماهي انعامن جو به اعلان ڪري سگهجي ٿو، جنهن
سان سنڌي ادبين ۽ ليکڪن جي همت افزائي به ٿي
سهگندي_
مهراڻ جو ادارو رعايتي اگهن تي سنڌي ليکڪن کي سندن ڪتاب به
ڇپائي ڏئي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪتابن جي
ڇپائي مهانگي هئڻ ڪري، بي انداز ليکڪ پنهنجا ڪتاب
ڇپائي نه ٿا سگهن، ۽ ان ڪري سنڌي ادب ۾ ڪتابن جي
کوٽ به رهي ٿي.
مهراڻ جو هڪ خاص ڀٽائي نمبر پڻ شايع ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ
بابت صرف ترقي پسند ليکڪن کان لکڻيون گهرايون وڃن.
مهراڻ مالي معاوضي تي تمام اهم کوجنا واريون ادبي ٿيسس پڻ
لکرائي سگهي ٿو_ ۽ مهراڻ ۾ لکندڙ کي مالي ادائيگي
به ٿي سگهي ٿي.
ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ ڇا نه ٿي سگهي ٿو؟ ان جو ڪوبه ٺوس معيار ڪونهي.
سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي! هئڻ،
ٿيڻ ۽ ڪرڻ وارا شعوري مصدر ئي ته آهن، جيڪي انساني
فعل کي جوڙن ٿا، ۽ انساني فعل پڻ لازمي به ٿيندا
آهن، ته متشڪي پڻ، جن کي ڀاڙيا فعل به سڏيو ويندو
آهي.
_انور
مهراڻ 1977ع جو نمبر 1_2 ڏسي، تنهنجي جرئت ۽ همت کي داد ڏيڻ
کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.سچ پچ تو نوَن قدرن، گهرجن
۽ وقتائين عظيم لاڙن رکندڙ نئين نسل کي مٿاهون
درجو ڏنو آهي، جنهن جو هو تاريخي حقدار آهي. اسان
وٽ پيڙهي وڇوٽيءَ کي نٿو مڃيو وڃي. جڏهن ته اُهو
قدرتي، سماجي، تاريخي
Evolution۽
Revolution
تي دارومدار رکندڙ، انساني سماج ۾ انساني ذهن جي
مصحلت، منافقيءَ، ارڏائپ ۽ بُلنديءَ کي ڌار ڌار
ڪندڙ فاصلو آهي_ تو نئين نسل کي جڳهه ڏئي، اُن
اونداهي وڇوٽيءَ جي سڃاڻپ ڪرائي آهي، جنهن کي اڄ
ڏينهن تائين اسان جا ابا ڏاڏا_ سوجهرو، روشني،
ابد، ابد_ چوندي ٿڪبائي ڪونه هئا.
_شرجيل
وڏي ۽ ڊگهي انتظارکانپوءِ ”مهراڻ، جو مڪمل پرچو ڏسڻ جو موقعو
مليو اٿم. هڪ ساهيءَ دوستن به پڙهڻ ڪين ڏنو، تڏهن
به هڻي ڌڻي پڙهي پڄايو اٿم. جيڪي هضم ڪري سگهيو
آهيان، سو اِجهو هي ٿي:
نياز جو ماهيا پڙهندي لڳو ڄڻ جوڳيئڙو پاڻ پنهنجي سر اکيون پوريو
سامهون ويٺو پيو جهونگاري، تنوير عباسي جي شاعريءَ
جا ڪجهه پيارا بند: ”سڀڪو سپنا ماڻي، ساڀيا ماڻي
ڪو ڪو“. ”ٿڃ جي توهي جيان شعر نڪتو ذهن مان.“
سوڪهڙي ته ساوڪ آئي، ”ساوڻ مينهن پيا، توسان نينهن
ٿيا“ ”اوهان پٿرن کي، اسان ئي گهڙيون ٿا“، من جي
اونهائين تائين رسي ڄڻ ذهن تي اُڪرجي ويا آهن. تاج
بلوچ جو ”دل دوزخ، دل جنت“ توڙي ”مون به ماڻي
زندگي“ سٺا آهن. الطاف عباسيءَ جو ”ڇهاءُ“،
”ننڊاکڙا نيڻ“ ۽ ”سچي ڳالهه“ پيار، وس ۽ وت جو سٺو
تجزيو آهي. مثال طور سندس شعر جي هڪ سٽ: ”اُڀ مان
تارا لاهڻ منهنجو وس ناهي.“ سحر امداد ڪوتائن لکڻ
۾ ڏاڍي ڀَڙُ ٿي وئي آهي.هن جي هاڻوڪي شاعريءَ ۾
داخلي ڪيفيت جا ڪيئي مڪمل ۽ مختلف سرگم ٻُرڻ لڳا
آهن، جن جو بنياد هڪ ئي ٺاٺ: پيار، تي ٻڌل آهي،
سندس ”آد“ ۽ ”انت“ مان جيڪي احساس ملن ٿا، سي به
سندس ڏات جو ثمر آهن. جڏهن تنهن جو ڪوئي پيارو
پيارو شعر پڙهندو آهيان، ته من ئي من ۾ ڪروڙين
سوچون بخين وانگر اُڊڙندي، ڌاڳن وانگر مُنجهندي
محسوس ٿينديون اٿم. سچ پڇين ته اهي احساس ايترا ته
حقيقي ۽ وزنائتا هوندا آهن، جو ڪيتري به ڪوشش ڪندس
ته شايد جيڪر پوريءَ ريت اهي ظاهر به ڪري نه
سگهندس. منهنجي خيال ۾ سنڌي شاعريءَ خاص ڪري اياز،
تنهنجي ۽ انور جي شاعريءَ مان جيڪي خيال اُڀرندا
آهن، تن جذبن، احساسن ۽ اُڌمن کي لفظن جي مالا ۾
پوئڻ مون لاءِ ڏکيو آهي ۽ مان اهو به ڄاڻان ٿو،
ته مان لفظي يا زباني تعريف ڪري نه سگهندو آهيان،
رڳو محسوس ڪري سگهندو آهيان.
نسرين جوڻيجو جو نالو ڪنهن ادبي ڪتاب يا گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو ۽
ٻُڌو ته اٿم، پر ڌيان ڇڪجي وڃڻ جو مون لاءِ پهريون
اتفاق آهي. واقعي سٺو ٿي لکي.
ليکڪن جي فهرست ۾ ”رفيق“ جو شامل ٿيڻ نيڪ فال آهي. (فوٽ پاٿي
طوطي وارو فال نه) ادبي پرچي مهراڻ جي هن خوبصورت
پرچي وارو خوبصورت فال، جنهن جي ساري سٽاءُ مان
تنهنجي ۽ ٻين ساٿين جي محنت جو پتو پوي ٿو. ها ته
ڳالهه ٿي ڪم ڪيم رفيق جي- جو مون ٿي چيو ته رفيق
لاءِ لگن شرط آهي.
تاج جويو، نوجوانن مان سٺو شاعر نڪتو آهي، خاص ڪري وائي ۽ غزل
۾. هن جي ٻولي، وزن توڙي موضوع تمام وڻندڙ ۽ محسوس
ٿيندڙ هوندا آهن. رسول ميمڻ جو ته بس هڪڙو نظم
پڙهيو هو مون، جيڪو سندس ڪهاڻين جي ڳٽڪي ”امن جي
نالي“ جي مُهڙ ۾ شايد ”غدار“ عنوان سان هو. توهان
ان کي مهراڻ ۾ به ڇاپيو؛ ته جيئن ڪجهه وڏڙن ۽
جهونن کي به خبر پوي ته نوجوان ڇا ٿا لکن.
توکان پوءِ انور ئي آهي، جنهن جي شاعري هر وقت پيو پڙهندو
آهيان. سندس هنن تازن شعرن ۾ جا لئي آهي، سا وڌيڪ
پختي ۽ صحيح آهي—جنهن جو مثال آهي: ”ٽوپيل نڪ مان
سڳڙو سوري“ ۽ ”پنهنجي دل جي زخمن جو اڄ هڪ هڪ ٽاڪو
آءٌ اُڊيڙڻ چاهيان ٿو.“ ڪجهه شاعر نثري نظمن جو
وزن، جملن جي گرامر کي بدلائي، برقرار رکندا آهن،
جنهن سان مقصد ته حل ٿي ويندو آهي، پر تسلسل جي
ڪمي رهجي ويندي آهي ۽ شعر ۾ اکرن جو ٻوجهه ئي نظر
ايندو آهي؛ پر انور جي نثري نظمن ۾ اکرن جي اُکيڙ
ئي اهڙي هوندي آهي، جو رواني ۽ ڪنٽيونٽي پنهنجو
پاڻ پيدا ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري ليءِ، تسلسل،
رواني، موضوع، مقصد، ۽ سٽاءُ پنهنجي پنهنجي مناسبت
سان نظر ايندا آهن.
ماڻڪ زندگيءَ جي اهڙين حقيقتن کي موضوع بڻائيندو آهي، جن کي
شايد ئي ڪو ٻيو اديب ايڏي بيباڪيءَ سان ظاهر ڪري
سگهي. ڪهاڻيءَ جي نواڻ، هر صورت ۾ ماڻڪ وٽ موجود
آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته لفظن جي صحيح چونڊ جي ڪري
هدايتن ۽ بيان جو مقصد ٿورن ئي اکرن ۾ تفصيل سان
حل ٿي ٿو وڃي.
شرجيل جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي ذهني اوچائي ۽ عظمت آهي. سندس
ڪردار جو رويو ڏاڍو پوتر ۽ مستقبل جي معمارن جي
نمائندگي ڪندڙ آهي. ”سمنڊ جي ڦيڻڻ جي ٽريٽمينٽ ۽
خاص ڪري نوٽبڪ ۾ لکيل خيال شرجيل جي پختي ذهن ۽
محنت جو اولڙو آهن. هاڻي اهي ڳالهيون جيڪي هضم نه
ٿي سگهيون آهن.
مهراڻ جي دير سان ڇپجڻ لاءِ توهان جو پڙهندڙن کان پڇڻ جو برابر
پورو حق آهي، پر توهان سهائيءَ ۾ شوڪت جو ڪالم ته
پڙهيو ئي هوندو، ان باري ۾ ڇا خيال اٿو؟
نعيم دريشاڻيءَ اڄ جي سنڌي شاعريءَ کي لفظن جي لٻاڙ سڏي چڱي
لٻاڙ هنئي آهي. اڄڪلهه اسان جي ڪجهه شاعرن ڪتبا
لکڻ شروع ڪيا آهن، خير ته آهي؟ نعيم پاڻ کي هپڪرٽ
نٿو سمجهي. پيارا، صحيح معنيٰ ۾ غور ڪجي، ته خبر
پئجي ويندي، ته هپوڪريٽ ڪير ناهي؟ رڳو پاڻ کي
هپوڪريٽ نه سڏڻ هيپوڪريسي ناهي؟ پنهنجي ڪنهن عمل
جي (Justification)
پاڻ کي ئي انفرادي طور تي تڏهن ئي سمجهه ۾ اچي،
جڏهن معلوم ٿئي ٿو، ته سماج، ماحول يا فلاڻو غير
حقيقتن کي سيني سان لائي پيو ساهه کڻي، تڏهن ڪير
ٿو هام هڻي سگهي، ته غير حقيقي نظرين جي حامي سماج
۾، حقيقي فرد جو سمورو عمل آزاد ۽ -- سندس ئي صحيح
نظرين پٽاندر آهي؟
نعيم جي اُها شاعري جيڪڏهن ائبسٽرئڪٽ شاعري آهي، پوءِ ته نون
صفحن تي ڦهلجي وڃڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، ٻيءَ صورت ۾
اها نواڻ ۽ ايڏو پکڙجڻ اڻ وڻندڙ آهي.
هتي هڪڙو اهو عرض ڪندو هلان ته جيئن نعيم دريشاڻيءَ جي شعرن
هيٺان فُٽنوٽ ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيون لکيل
آهن، تيئن سندس عربي ۽ فارسي لفظن جي معنيٰ ڏيڻ ان
کان وڌيڪ اهم هئي. خير آئيندي خيال رکجو.
شرجيل جو شعر ”ڀڳل ڳجهارت“ تمام سٺو آهي، پر ان ۾ ”هي جيون“ ۽
”منهن جون“ جي اکرن سبب شعر کي ٻيهر ۽ غور سان
پڙهڻو پيو، ڇو ته جڏهن منهنجيون يا منهنجا لکبو ته
ائين گڏي لکبو.
باقي پرچو مجموعي طرح تمام سٺو سينگاريل آهي. شاعريءَ جي حصي ۾
شعرن جي ڪمپوزيشن تمام عمدي آهي، جڏهن ته توهان کي
پيسٽنگ جي سهوليت ناهي، پوءِ به صفحن جو سينگار
اکين کي وڻندڙ ٿو لڳي.
”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ کي لاڳيتو رکو ته بهتر.
ها- سچ، ڪهاڻين ۾ نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻيءَ تي ٽيڪا ڪرڻ وسري
وئي اٿم- ڇرڪو نه، اهڙي پياري ڪهاڻيءَ جي ڪا گلا
ڪرڻ وارو ناهيان، پر هڪڙي ننڍڙي صلاح ڏيڻي اٿم.-
سا اها ته اندر جي اونهائين ۾ لهي ويندڙ، گهٽيل
احساس جي اپٽار سٺي، پر ”ڪڻس“ لفظن چوڏهن ڀيرا
ورجائڻ الائي ڇو مون کي سٺو ڪونه لڳو. منهنجي خيال
۾ ڪنهن به لفظ جي گهڻي استعمال سان اهو لفظ چرچي
طور استعمال ٿيڻ لڳندو آهي.
بيدل
اٽڪل چار مهينا کن ٿيندا، جو مون هڪ ڪهاڻي ”روئان رهن نه سپرين“
موڪلي هئي. منڍ ۾ جڏهن توهان جو واجد ڏانهن لکيل
خط پڙهيو هئم ته لڳو هو، اوهان مهراڻ جي ايڊيٽر
واري ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ چينج نه ٿيا آهيو.
مون کان ۽ ڪيهر کان ڪهاڻي گهرڻ تي منهنجي وهم ۽
گمان ۾ به اها ڳالهه نه ويٺي هئي، ته ڪو ان ڪرسيءَ
تي ٺهي ٺڪي ويهڻ کانپوءِ اوهان روايتي ايڊيٽر بڻجي
اسان کان امداد حسيني کسي وٺندا. هي خط منهنجو
مهراڻ جي ايڊيٽر ڏانهن لکيل آهي، ۽ ان ڪري هڪ ليکڪ
جي حيثيت ۾ آئون رڳو ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو، ته
مولانا گراميءَ ته ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي به جواب
ڏيڻ کان نه ڪيٻايو هو؛ پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اوهان
منهنجي ڪهاڻيءَ تي ٻه لفظ لکي، مون کي اهو ٻڌائڻ
جي ضرورت به محسوس نه ڪئي، ته اها ڪهاڻي شايع نه
ٿيندي؟ ان ڪهاڻيءَ جي نه ڇپجڻ جي مون کي تڏهن خبر
پئي، جڏهن پرچو مارڪيٽ ۾ اچي ويو. مان پڙهندڙن سان
ڳانڍاپو ٽوڙڻ نه ٿو چاهيان ۽ ان ڪري هيءَ ٻي ڪهاڻي
”پيڙيل وجودن جي ڪهاڻي“ مهراڻ لاءِ موڪلي رهيو
آهيان. ساڳي وينتي مهراڻ جي ايڊيٽر کي آهي، ته
پرچي آئوٽ ٿيڻ کان اڳ رڳو ايترو ٻڌائڻ جي تڪليف
ڪري، ته اها ڪهاڻي ڇپبي يا نه؟
رزاق مهر
گذارش کي نئون موڙ ڏنو اٿو. اوهان جڏهن مهراڻ جي (باوجود سهولتن
هئڻ جي) دير سان اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي، تڏهن
اوهان جو اهو سوال به درست آهي، ته ڪنهن اديب،
اداري يا اخبار اهڙو ڪو سوال به ڪيو آهي؟
شاعريءَ ۾ اياز جون وايون، نياز جا ماهيا، تنوير جو ”ٿڃ جا
گوها“، تاج جو ”دل دوزخ، دل جنت“، سحر جو ”نينهن
نه ڇڄڻ جهڙو“، نصير جو ”سپنو“، سارنگ ۽ تاج جويي
جا غزل ۽ خاص ڪري انور جو نظم ”ٽوپيل نڪ ۾ سڳڙو
سوري“ بيحد وڻيا. اهڙي ڇرڪائيندڙ شاعريءَ کانپوءِ،
نعيم دريشاڻيءَ جي وائي ”لفظن جي لٻاڙ“ ٿي پڙهجي،
ته ان ۾ ڪوبه تاثر نٿو رهي. فينامينن به دماغي
اختراع ٿي معلوم ٿئي. مهراڻ جا صفحا قيمتي آهن،
نواڻ جي نالي انهن کي خراب نه ڪيو.
ڪهاڻين ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ”ڄار“ ۽ نورالهديٰ
شاهه جي ”شريف زادي“ پرچي جون سٺيون ڪهاڻيون آهن.
شوڪت شوري جي ڪهاڻي ”رات جا رنگ“ ۾ انساني احساسن
۽ جذبن جي حقيقي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ”سمنڊ جي ڦيڻ“
شرجيل جي بهترين ڪهاڻين مان آهي- البته ”۽ منهنجو
من“ ۽ ”احسان“ ڪو خاص تاثر نه ٿيون ڇڏين. ”ٿوهر جي
ماکي: ”آغا سليم“ سُڃاڻ جو نئون ڍنگ آهي. ”ٽانڊاڻي
جي لاٽ“ سٺو سلسلو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو
”هائيڪو“ تي لکيل مضمون سٺي معلومات ٿو ڏئي. ”سنڌي
شاعريءَ جا بانيڪار“ ۾ قاضي قادن کي هڪ هنڌ غدار ۽
ٻئي هنڌ گهڻي ساراهه ڪيل آهي. اسان جا نوان پڙهندڙ
۽ نئون نسل ڪهڙي راءِ قائم ڪري؟ ”دنگي منجهه
درياهه“ ٽي وي تي به ڏٺو اٿم، پر پڙهڻ سان اهو ئي
چس ملي ٿو، حقيقت ۾ علي بابا سنڌيءَ جو مڃيل ۽
عظيم ليکڪ آهي.
- ساحر پريمي.
1-2/1977 جي ”مهراڻ“ ۾ ڪهاڻيڪارن سڌاري کان وڌيڪ سيڪس ڏانهن ڊوڙ
پاتي آهي. ڄڻ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ واري پيا ڪن.
نسيم جي ڪهاڻيءَ ”ڪاري رات“ جي پڄاڻي ٺيڪ ته آهي.
نورالهديٰ جي ”فردوس“ ايترو ته ڪري سگهي، ته جڏهن
وڻيس تڏهن شوق ڪري ٿي؛ پر ايترو نٿي ڪري سگهي، جو
ڪنهن سان شادي ڪري عمر لاءِ ان جي ٿي وڃي. ڪهاڻيءَ
کي ان انداز سان پيش ڪرڻ کپي ها. اهو دؤر ختم ٿي
ويو، جڏهن عورت پنهنجي مرضيءَ سان، مائٽن جي مرضي
به ڏسندي هئي- پوءِ مائٽن جي مرضي حاصل نه ٿيندي
هيس، تڏهن ”فردوس“ جيان پڙدي هيٺان مائٽن جي منهن
تي دانگي مليندي هئي.
تنوير عباسيءَ جو ”جپاني هائيڪو“ ۽ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو ”سنڌي
شاعريءَ جا بانيڪار- 1“ هن پرچي جا اهم ليک آهن.
- عبدالاحد ”آزاد“
”مهراڻ سٺو نڪتو آهي، توڙي جو حد کان وڌيڪ دير مزو نه ڪيو. پوءِ
به تنهنجي محنت کان انڪار ڪونهي. نواڻ وڻندڙ هئي.
ڊگهن ۽ بور مضمونن بدران مختصر ۽ وزنائتا مضمون
ساراهڻ جوڳي تبديلي آهي. باقي شاعرن جي گهڻائيءَ
کي راضي ڪرڻ لاءِ شاعريءَ واري ڀاڱي کي هرو ڀرو
ريلوي جو مال گودام نه بڻائي.
- اياز گل
”مهراڻ“ جو پرچو اوچو ۽ معياري آهي.’شاعريءَ واري ڀاڱي ۾، مڙني
شاعرن جي شاعريءَ کي بهترين ليکي سگهجي ٿو. خاص
ڪري تاج بلوچ جا نظم وڻندڙ آهن- پر نعيم دريشاڻيءَ
جي شاعريءَ ۾ جدت جا نوان رنگ موجود آهن. ايڏي
اَڇوتي ۽ سادن لفظن ۾، پر اونهي معنيٰ واري شاعري
سندس ئي مَرڪ آهي.
- شهناز ميمڻ
(”گرامي نمبر“ تي)
·
اسان پير مرد ليکڪ اها آڻ مڃون ٿا، ته اوهان
نوجوان اسان جا سرواڻ آهيو. ان لاءِ اسان کي ڪو
اعتراض ڪونهي؛ پر ابن رشد سميت دنيا جي سڀني مفڪرن
۽ عالمن جو متفق رايو آهي ته ”نوجوان عالمن ۽
اديبن کي، تڏهن به اها سرواڻي، پنهنجي پير مرد
عالمن جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي!“ روشنيءَ
جا طلبگار اوهان به آهيو ۽ اسان به! مقصد به ساڳيو
آهي؛ پر اختلاف جي هڪ کاهي آهي وچ ۾. اوهان پنهنجي
مشعل ٻين جي ڏيئي مان روشن ڪريو ٿا ۽ هِتان هُتان
ڪک- پن ميڙي ڪا نئين مشعل ٻاريو ٿا-- ۽ اسين پير
مرد روئون ٿا ۽ اوهان کان پڇون ٿا ته، توهان جي
وڏڙن جي اها ڪافوري شمع ڪيڏانهن وئي، جنهن گهر جون
چارئي ڪنڊون روشن ڪري ڇڏيون هيون!- حيوانيت جي
آخري سرحد کان انسانيت جي سرحد شروع ٿئي ٿي، جنهن
جا ڪماندار اديب ۽ شاعر آهن، جن کي قدرت خدائي نور
عطا ڪندي آهي، ته جيئن هن دنيا آڏو اهو ئي نور
پکيڙين؛ جيئن چنڊ، سج کان حاصل ڪيل روشني زمين تي
پکيڙيندو آهي. اديب ۽ شاعر به ڪامل انسان آهن، هو
به اهو ئي فرض ادا ڪندا آهن.
انساني ترقيءَ لاءِ علم اصل شرط آهي، پر مفڪر ان
تي به متفق آهن ته، انساني سعادت لاءِ فقط سماجي
تعليم بلڪل بيڪار آهي! اخلاقي ڪتاب اخلاقي درس
وسيلي ماڻهن کي روئاڙي سگهن ٿا، پر انهن جون دليون
نٿا ڦيري سگهن. قانون ڏوهاريءَ جي هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽
پيرن ۾ زنجير ته وجهي سگهي ٿو، پر ڏوهه ڪرڻ کان
نٿو رڪي سگهي. ان جي اُبتڙ هڪ باعمل سعادتمند
انسان، نه رڳو قوم جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، پر
دنيا جي ڪمانداري به سندس حصي ۾ ايندي. اهڙن ئي
انسانن کي آثار قديمه جي زبان سمجهه ۾ ايندي. تون
اڄ ئي وڃي سنڌوءَ جي ڪناري ۽ موهن جي دڙي جي پاڙ
وٽ بيهي ڪن ڏي، شايد توکي اها زبان سمجهه ۾ اچي—جي
نه ته پوءِ وڃي دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه
عنايت شهيد، غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ هوشوءَ جي قبر وٽ
وڃي بيهه ۽ کين سلام ڪر، شايد هو توکي ڪو جواب
ڏين! جي اها زبان نٿا سمجهو ته پوءِ اوهان جي
تعليم اڻپوري ليکبي ۽ اڃا وڌيڪ جوڳ پچائڻو پوندوَ!
- شخصيت پرستي ۽ بُت پرستيءَ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي،
مشاهير ۽ سلف پرستيءَ جو اصل مقصد ته اهو آهي ته،
سندن سٺن ڪارنامن جي ياد تازي رکجي، سندن ڏسيل
نيڪيءَ ۽ صداقت جي اُصولن جي پيروي ڪجي؛ پر ڪيو ان
جي اُبتڙ ويندو آهي.... اهو ئي سبب آهي، جو ”گرامي
نمبر“ ۾ سندن نجي محفلن، يارين دوستين، تقريرن ۽
مقالن جو ذڪر ته تفصيل سان ڪيو ويو آهي ۽ کين
عالم، شاعر، اديب، مفڪر، محقق ته ڇا، اصل علامه جي
درجي تي وڃي رسايو اٿئون؛ پر علمي طور تي اهو ثابت
نه ڪيو ويو آهي! اهو ياد ئي نه رهيو اٿئون، ته
اسان ”گرامي نمبر“ لاءِ علمي مضمون لکي رهيا
آهيون، نه ڪه عذر خواهي واري خاص ثنا خواني!
- انسان لاءِ اصل معرفت جو سرچشمو آهي تفڪر ۽
تجسس، جنهن لاءِ قرآن ڪريم ۾ هر هر تاڪيد ڪيل آهي،
جيڪڏهن ان سرچشمي جو ڪنارو وٺون ها، ته پوءِ
”گرامي نمبر“ هيئن نه هجي ها! گرامي رحه تي ته
علمي بحث ٿين ها ۽ سندن لکڻين کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ
تي پرکي، ثابت ڪيو وڃي ها، ته اهي ڇو انساني
ڀلائيءَ لاءِ ضروري آهن ۽ ڪهڙين تصنيفن مان ماخوذ
آهن ۽ فلسفي ۽ علم سان انهن جو ڪهڙو تعلق آهي؟
صحيح آهن يا غلط؟- حد ته اسان ات وڃي ڪئي آهي، جو
سندن نسلي تعلق ڏاڏاڻڻ طرفان جاگيردارن سان ۽
ناناڻن طرفان درويشن سان وڃي ملايو آهي—گرامي رحه
جن جي اها دعويٰ ته عرب فاتحن سنڌ جا ڪتاب ساڙيا
هئا، تيستائين ڪوبه وزن نٿي رکي، جيستائين تاريخي
حوالن سان ثابت نه ڪئي وڃي.
- ”شهادت“ دراصل اجاين خواهشن کي، قتل ڪرڻ جو نالو
آهي ۽ ان شهادت بنا، علمي درجو حاصل ڪرڻ ممڪن نه
آهي. ان باب ۾ هڪ خاص علمي مضمون لکي چڪا آهيون،
جنهن کي سنڌ جا برک عالم پنهنجي نظرن مان ڪڍي،
پسند ڪري چڪا آهن؛ هينئر اهو مضمون سنڌ جي هڪ عالم
۽ اديب جي زيرِ نظر آهي! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“
شايع ڪري؛ پر چيو وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو
ڪونه ڇپبو! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“ شايع ڪري؛ پر
چيو وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو ڪونه ڇپبو! پڇيم
”ڇو؟“ جواب مليو آهي ته: هاڻي اهڙيون علمي شيون
”مهراڻ“ ڪونه ڇاپيندو، ڇو ته هاٿيءَ جا کائڻ وارا
هڪڙا ۽ ڏيکارڻ وارا ٻيا آهن ۽ اهائي پاليسي سنڌي
ادبي بورڊ جي آهي!
- نور محمد سنڌي
·
مهراڻ جي ”گرامي نمبر“ ۾ ظفر حسن جو مضمون
پڙهيو اٿم. هڪ ڀيرو نه، ٻه ٽي ڀيرا. هي لفظ:
”..... پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه ڳالهائي ته ڳنڀيرتا جو
ثبوت ڏنم، پر هڪ مظلوم ماڻهوءَ جون زباني خوشيون
به روڪي، اُن تي وڌيڪ ظلم ڪيم ۽ هاڻي آئون سوچيان
ٿو، ته اهو ظلم مون تي به هو ۽ هاڻي منهنجون
حسرتون آهن، جي هاڻي ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون.“ |