تُنهنجي تاتِ تڳاءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
مون کان پو منهنجا پرين،
سَڏّ نه هوندو ساءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
پنڌُ تڪيندو پيرڙا،
واڪا ڪندو واءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
لَڪن ۾ پيو لڙڪندو،
مُنهنجو لونءَ لڳاءُ،
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
ڪهڙيءَ پَر ايندين پرين،
ڪنهن کي سُڌِ سَماءُ؟
تنهنجي توههَ جيئان پيو.
تُنهنجيءَ جوڙَ جهلڪ
موهَن، مون مَن موهيو.
مون ۾ ور وَر وسوسا،
پيارَ نه ڪائي پَڪّ.
مون من ڪامَهه ويڙهيو،
ٻاهَر جهولا جهَڪّ.
پَٽ پَٽيهر ٿي ويا،
مون لئه تِرڇا لَڪّ.
کوڙَ کٿُوريءَ تون ميان،
وِرچي ناسَ نه نڪّ.
ڏُکّ به ڏاڙهونءَ گُلڙا،
ڌَڪّ به ڪهڙا ڌڪّ!
مون ۾ سَڀّ کان اڳُ ۾،
تُنهنجي مينهَن مَهڪّ.
او شل اچين اوچتو،
واريءَ ڦُلن اَڪّ!
صدين کان سرچي وڃي،
منهنجو پَلُ پَلڪُ.
سروپچندر شاد
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو
ڪنهن جو وهيو آ رت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو!
ڪنهن جو روز آتو مڌ ماتو سج ڪري سواگت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
ڪنهن جا ڳيت ڳائي وڻ وڻ ٿو، پريت ڳائي پريت،
الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
واٽ واٽ تي واس گلن جو، وک وک تي امرت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
سرويچن جا سر هٿن ۾، اَڏيءَ سان اُلفت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
ڳڀرو گهاءُ گلابي چاهن، مورک چاهن مت، الاڙي،
چئني پاسي ٿيو چٽاڻو.
تاج جويو
ٽنڪا (Tanka)
ٽِم ٽِم ٽِم آڪاش-
ماڻهوءَ جو وچ روڊ تي
رَتَ ۾ لت پت لاشُ!
کولي پيو ڪو کيسن کي،
ڳولا ۾ آ پئسن جي.
----
پورهيت منهنجا ڀاءُ!
سينو چيري ڌرتيءَ جو،
تنهنجو هٿُ- ڇُهاءُ،
پيٽُ ڀري ٿو بستيءَ جو-
مَٽُ نه تنهنجيءَ هستيءَ جو.
----
موتين- مالهائون،
ڳوڙها ڳوڙها ڳل تي،
انڊلٺ ريکائون-
هنج لٿا ڄڻ تل تي،
اُجري اُجري جَل تي.
منهنجا گيت گلاب
او جل جر سمان، سپنو منهنجي سوچ جو!
جنهن ۾ جيئڻ جوت آ، آزاديءَ ايمان،
سپنو منهنجي سوچ جو!
مارڳ ۾ وڙهندي مران، منهنجو موت مهان،
سپنو منهنجي سوچ جو!
آزاديءَ جي آس ريءَ، مور نه مان انسان،
سپنو منهنجي سوچ جو!
پورهيت- پگهر واسئان،
منهنجا گيت گلاب،
سارو لوڪ سڳنڌيو!
آهه صحيفو سونهن جو،
ماڻهوءَ مک ڪتاب!
منهنجا گيت گلاب
انسانيت جي عشق جو،
نيارو آهه، نصاب!
منهنجا گيت گلاب
ڌرتيءَ سينڌ- سنوار ريءَ،
ساريون سوچون خواب!
منهنجا گيت گلاب
خاڪي جويو
وائي
پيرين پنڌَ وسار،
اکين جي آڌار،
پئج پرينءَ جي پيچري.
آڏو لَڪَ اُڀا ٿيا،
ٽاڪي تن کي ٽار،
پئج پرينءَ جي پيچري.
ترهو وڏيءَ تار مان،
پنهنجو پار اُڪار،
پئج پرينءَ جي پيچري.
کاهوڙين جي کوج جا،
”خاڪي“ خيال نه کار،
پئج پرينءَ جي پيچري.
ذوالفقار سيال
سهس صديون اڳ
پيلو وڻُ هيم
هاڻي پنهنجي جُوڻ مٽائي
ماڻهو ٿيان هان
پر منهنجي اندر
رنگ اڃا آ ساڳو
گؤنچ گلن مان
رت ٺهيو آ
پوءِ به پنهنجي چهري تي
پيلو رنگ سجائي
(بنا ڪنهن چاهنا جي)
ورجايان ٿو
پنهنجي ئي تاريخ.
ابراهيم اسير ملاح
منهنجي دلڙي مينهن جي ڦڙي
سمنڊ کان رٺل
آسمان کان ٽٽل
بي يار و مددگار
نه هن پار نه هُن پار
تپي تنور جيئن
ساريم سور تيئن
دردن جا داستان
دل اندر مهمان
درياهه جو نه نڀايو
هوا ٿي اُڏي ويس
نه ڪي آڪاس اٽڪايو
ڪڻي ٿي ڪري پيس
جهڙ سندي سوغات
ڦُڙيءَ جي ڇا بات
ائين ئي الا الا
اسير جي آ ڏات.
منهنجي دلڙي مينهن جي ڦڙي.
بشير سيتائي
ڏينڀوءَ وارا ڏنگ (ٽيڙو)
ڀري اندر ۾ آڳ،
ڏات نڪتي ڏيهه ۾
ڇوري ٿي ڇڙواڳ.
ڪاري رات اُماس،
وينگس وچ بازار
ويچي ون ۽ واس.
گهر ڇڏي کر ساڻ،
گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي
اونداهي چانڊاڻ.
اڄ وري ڄاتم،
جيون جو جنسار
پاڇا ۽ پونم.
هي ڪوڙا ليکا،
ڪنهن جي هٿ ۾
ٻئي جي
ناهي ليک ريکا.
اَلا! اُگهاڙا انگ،
ڪير سهي نه ته جان تي
ڏينڀوءَ وارا ڏنگ.
ڪلهه جا ڪهڙا پار،
اڄ به پڇ ته ڪيئن لُٽي
سونهن نگر جي نار.
ج. ع. منگهاڻي
پرهه به ڦٽندي، صبح به ٿيندو
جوتيون ٻاري، اوندهه ٽاري،
سپون موتين ڀرڙيون آڻي،
هارينداسين ڍِڳ ڪناري،
سندر سپنو سچو ٿيندو،
پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو.
سانجهي ايندي، وينديون راتيون،
باک ڦٽيءَ جو رم جهم رم جهم،
وسنديون خوشين جون برساتيون،
جيءُ به مُرڪي جهول جهليندو،
پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو.
جوت جرڪندي جڳ سمورو،
ٻهڪي ٻهڪي ٻهڪي اُٿندو،
هاڻ نه رهندو خواب اَڌورو،
ماڳ پيو هيڻن کي سڏيندو،
پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو.
وائي
ويٺي ويٺي هنج ۾، ماڳ پيو گهرين،
ڪو جي ديد ڌرين!
وک کڻي هڪڙي، پٺتي پيو ورين،
ماڳ ايندو تو ڳري،سوچي ئي ٺرين،
ڏاڍي جي اڳيان ڏري، سيس ٿو ڌرين،
ڪو جي ديد ڌرين!
راشد مورائي
نظم
ڇيڙين ٿو جي ديواني کي،
دل جا درد ٻڌي سگهندين تون؟
ڇو پنهنجو آرام ڦٽايئي، ديواني سان جو ڳالهايئي.
آڌي رات لڙي وئي آهي، ڇو هيئن ننڊ تڙي وئي آهي.
تون دانا ۽ مان ديوانو، ماٺ رهڻ ڏي من مستانو.
پٿر ڇو ٿو اُڇلائين، سمنڊ رهڻ ڏي ماٺو سائين.
ماٺ! متان ڪا وير چڙهي پئي، ۽ ڪنهن جو احساس لڙهي
پئي.
بس! متان برسات وسي پئي، هانءُ ڦِسي پئي، اکُ
پُسي پئي.
قيام ٿيندي لڙڪ لڙي پيا، جي، ڳوڙها ٽي چار ڳڙي
پيا.
ياد وري ڪا تازي ٿيندي، کٽيل، کٽجي بازي ويندي.
دل تي مس قابو پيو آهيان، چاڪ رهڻ ٿو هاڻي
چاهيان.
دور غمن کان گهاريان ويٺو، اوٺارن کي ٺاريان
ويٺو.
توکي آ لاچار به ڪهڙو، چرين لئه ويچار به ڪهڙو!
سور سُتا جاڳائين ڇو ٿو، ڇُٽندڙ ڦٽُ چِڪائين ڇو
ٿو.
مِروان موت، شڪار مَلوڪان، رحم ڪري ڏس حال غريبان.
ڪنهن جي دل تي
درد وڌي ڇو، هيئن ڏک ۾ ڪو ڪنهن کي ڏڌي ڇو.
هيءَ جا پرده پوشي آهي، بهتر سا خاموشي آهي.
ڇيڙين ٿو جي ديواني کي،
دل جا درد ٻڌي سگهندين تون؟
ادل سومرو
ڌرتيءَ تي دوزخ
جڏهن جڏهن ڀي
گندي پاڻيءَ جي دٻن ڀر تان
جهريل جهوپن ڀرسان
اچي لنگهين ٿو ٿڪ اُڇلين ٿو
ڌڪار مان تون ناسن تي رومال رکين ٿو
ڪرڀ منجهان تون منهن ۾ سونڊ وجهين ٿو
چوين ٿو:
”هي گندا ۽ جهريل جهوپا
سندر سماج جي چهري تي
ڪارنهن جو ڄڻ ٽڪو آهن
۽ رهواسي
هيچ نيچ ۽ جاهل آهن
انهن جهوپن ۾ رهندڙ ماڻهن
ڪنهن جي جوت اُجهائي ڪونهي
ڪنهن جي لڄ کڻائي ڪونهي
انهن ويچارن سادن ماڻهن
جيڪو ٽاڻو ٽاريو آهي
گوندر منجهه گذاريو آهي
سور سهن ٿا ماٺ رهن ٿا
روز مرن ٿا روز جيئن ٿا
ساري ڏينهن جا ڏنڀ سهن ٿا
اُڀ ۾ تارا روشن ڏسندي
ليڙون ليڙون جهول جهلن ٿا
چنڊ ڪري ٿو تن تي چٿرون
تارا ٽهه ٽهه ٽهڪ ڏين ٿا
۽ پوءِ دوزخ جهڙي ڌرتيءَ تي
ساڳو ڏک جو ڏينهن تپي ٿو
سورن جو سج اُڀري ٿو.
امرتا بيدل
ساري گهر ۾
ديپ جلائي
پاڻ سجائي
تلڪ لڳائي
گجرا پائي
جوڀن جوت جلائي
توکي مست بڻائڻ ڪارڻ
تنهنجي دل وندرائڻ ڪارڻ
توکي پائڻ، ماڻڻ ڪارڻ
تنهنجي سڀني ڳالهين آڏو
مون پنهنجو ڪنڌ جهڪايو آهي
جندڙيءَ ڪجهه سمجهايو آهي
تنهنجي ڪارڻ
جيءُ جرڪائي
ويٺي آهيان
پر تون راڻا
ڪٺور ڪيڏو
هڪ ڀيرو جئن
رُسي ويو آن
موٽي مور نه آيو آهين
هاڻ هلي آ سائين،
ڏس مون ڪيڏا سانگ رچائي
توکي ساجن ساريو آهي
دل جو ديپ جلايو آهي.
*
تون نه ايندين
ته ڇا
تو ٿي سمجهيو
ته مان
تو سوا
ڪيئن رهنديس جدا
پر مون
ڳالهيون پياريون
من ئي من ۾
دٻائي ڇڏيون هن
۽ ڪن کي
اجايو سڏي
وساري ڇڏيو
۽ اهو
شام جو گڏ گهمڻ
۽ راتيون سڄيون
جاڳندي ڪاٽيل
بڻجي ڪارا ڪڪر
وسي ۽ گجي
نيٺ اُڏري ويا
ڄڻ ڪوئي
غم نه هو
ڄڻ ٿيو
ڪجهه نه هو
آءٌ زندهه آهيان
ڏس جيئان ٿي اڃا
تون نه ايندين
ته ڇا
تو ٿي سمجهيو
ته مان
تو سوا
ڪيئن رهنديس جدا.
رسول ميمڻ
رَت جي ريٽي رُت ۾
ڳاڙهي رَت جي ريٽي رُت ۾، ٿو سجُ سنجها جو ايئن
لڳي،
ڏينهن دسي ڏاڍ سان، جيئن رات جو حبشي ڪنڌ ڪپي.
آ لانگ ورائي سانت سوار ۽ هيٺان اُڀ جو سينو آ،
آ ڪيڏي مونجهه انڌيرن ۾، هر تارو ڄڻ ته پسينو آ.
چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي ٿي، رات جي نانگڻ زهر ڀري،
۽ زهر جهڙي چانڊوڪيءَ ۾، اُڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري.
آ جيئن وسيهر ڇپ هنئي، ائين ڪاري رات جو سايو آ،
چنڊ ٿڌو هيڊو ۽ هاريل، سورج پاڻ ڏنگايو آ.
هن بيٺل رات جي پاڻيءَ تي، آ سانت جو سَينوَر
ڪيڏو ڪنو،
ڪنهن وقت کي آهي واڍ وڌي ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهُٽو
ڏنو.
هر سورج هِتڙي سنجها جو ٿو، اُڀ ۾ پنهنجو رتُ
رَلائي،
۽ پنهنجي بچيل پيلاڻ کڻي، ٿو انڌيارن ۾ چنڊ سڏائي.
هر ٿڪل ٽُٽل پيلو چنڊ، هت روپ لُٽائي ويندو آ،
پر ڍرڪي ڍرڪي مقتل ڏي، ڪا باک ڦُٽائي ويندو آ.
دوري
ڏوران ڏوران چنڊ ڏسي، جاڳي پيو هو من جو مور،
ڀڙڪي کائي پوءِ اُڏاميون، هاءِ اسان جو من چڪور.
تارن ۾ سو ترندو ويو، ڦڙ ڦڙُ پرڙا ماري من،
سڀ ستارا سانت هيا ۽ ڪونه چُريو ٿي ڪوئي پن.
اِئين انڌيارن ۾ اُڏري اُڏري، چندرما کي ويجهو
پائي،
وڃي ڪريو هو اونڌي منهن، هو سڀ پنهنجا کنڀ کوهائي.
هُن پنهنجا آلا نيڻ کڻي، پوءِ سهڪي سهڪي سوچيو هو،
ڇا چنڊ رڳو ئي ڇائي آ؟ هن انڌيارن لئي لوچيو هو.
ٿي ڌرتيءَ تان ائين چنڊ ڏٺو، جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن
مور ڪُٺو،
يا وسڪاري ۾ وري پيو هو، روئندي ڪنهن جو يار رُٺو.
هُت جهوني بڙ جي ڏارن مان، پيو پورنماسي ائين پسي،
ڪارونجهر تي مور نچي ۽ سانوڻ جو جيئن مينهن وسي.
ائين آڌيءَ ويلي چندرما، جيئن اُڀ ۾ گينڊا گُل
ڦُٽن،
ڇا چانڊوڪيءَ جي پت جهڙ هئي، ڄڻ رم جهم پيلا پن
ڇڻن.
ائين ڏوران ڏور چنڊ ڏسي، ڇا من اسان جو هرکيو هو،
۽ چانڊوڪيءَ جي زلفن تي، پوءِ هٿ اسان جو ترڪيو
هو.
ائين چندرما تي رئندي رئندي، ڏوران هن ٻيو چنڊ
ڏٺو،
هئي لاٽون لاٽون ماکيءَ ڌارا، هن جو ٿي ويو وات
مٺو.
سو چنڊ نه هو، سا ڌرتي هئي، پئي چندرما تان ائين
ڏٺي،
ڪو چپڙا پنهنجا گول ڪري، ڏي اُڀ کي آڌيءَ ويل مٺي.
ڇا ڪونئرا ڪونئرا بادل ها، ڄڻ ململ جو گهونگهٽ
هيو،
ڪا ننگي چيلهه ڪلالڻ جي، ان تي مڌ جو مٽ هيو.
ڇا ڪرڻا ڪرڻا زلف هيا ۽ مهڪيو تن ۾ موتيو هو،
يا اُجرو اُجرو کير مٿان، ڄڻ ٿڻ کولي ڪنهن اوتيو
هو.
ٿي ڌرتيءَ تان ائين چنڊ ڏٺو، جيئن ڪنهن جي ويهون
سال وهي،
ٿي ڌرتي چنڊ تان ائين ڏٺي، جيئن سونهن سموري هوءَ
هئي.
آ دوري ڪيڏي سونهن الا! ٿي ڪوڙ کي ڪيڏو روپ ڏئي،
آ ويجهو هر شيءِ واري واري، هير لڳڻ سان ڌوڙ اُڏي.
ڪوئي ڳائي ٽيڙو
چپ چپن سان جَڙ،
پوءِ به سانت ۾-
سمايل هوندي رَڙ. |
پائي ڪپڙا گيڙو،
بنسيءَ جي ڌُن ۾-
ڪوئي ڳائي ٽيڙو
|
وسيهر جي لات،
ننڊ پيو آ جوڳي-
چوڌر چپ چپات.
|
تنهنجي مُرڪ،
ڄڻ دل جو ڪوئي چير-
۽ کنڊ جي ٻُرڪ. |
چوڌاري سانت،
ڄڻ پڪاريو هيم توکي-
پڙاڏا ڀانت ڀانت. |
رات ڏٺو مون خواب،
ماڻهوءَ آڏو پئي وڄائي-
هڪڙي رڍ رباب. |
سارنگ ابڙو
شهر سڄي جي فوٽ پاٿن تي
اڌ اُگهاڙا
بنا غسل
بنا ڪفن جي
بنا قبرن جي
جيئرا لاش پيا آهن
هرڪو ايندڙ ويندڙ
لاش ڏسي ٿو
ٿورو ڪنبي ٿو
ٿورو سوچي ٿو
اڳتي وڌي ٿو
۽ پوءِ ٻيهر
گم ٿئي ٿو
ساڳن ڪوڙن سپنن ۾-
*
اڃا ياد آهن مون کي اهي ڏينهڙا
جڏهن تون
من ڪناري ويهي
سِرير جي سانت ساگر ۾
پريت جا پٿر اُڇلائيندو هئين
۽ لهرن جي لئي تي لالڻ!
گيت گلابي ڳائيندو هئين
اڃا ياد آهن مون کي اهي ڏينهڙا
- پر ڏس، تو بِن سانول
ڪيڏي آهي اُداسي ڇانيل
تو بِن ڪو ڀي ناهي جيڪو
سِرير جي سانت ساگر ۾
پريت جا پٿر اُڇلائي
من جي ماٺيڻين موجن ۾
محبت جي مستي مچائي
۽ لهرن جي لئي تي
گيت گلابي ڳائي.
ايس. نسرين
وقت جي هر آهٽ تي
لڳي ٿو ڄڻ
هزارين لمحا
لتاڙجن ٿا
دل جي هر پُڪار تي
ائين ڀاسيم ڄڻ
ساري هستي
ساڙيل وستي
اندر جي هرهڪ آهه تي
لڙڪ سوين اکڙين ۾
هرڪو لڙڪ اَمُلهه
لڙي ته ڪوڏيءَ جو نه رهي
نه لڙي
ته دل جو رَتُ پئي.
سور سرير منجهه گهڻان گهڻان
ڪنهن کي ڪين ٿي وڻان وڻان.
سورن جا سيني آکيرا،
نيڻ کلي ڪيئن کڻان کڻان.
فڪر فراق ساهه سُڪايو،
ورهه ڪيڙيس ڪڻان ڪڻان.
لوڪ سڄي جا طعنا مهڻا،
هئه هئه هٿڙا هڻان هڻان.
ڇا لئي هار سينگار ڪريان،
پنَ ڇَڻ ۾ ٿي ڇڻان ڇڻان.
برڪت بلوچ
رات لڙي وئي آ
رات لڙي وئي آ،
هاڻ ڪوبه نه ايندو،
لاٽ وسائي ڇڏ،
رات لڙي وئي آ.
اُداس ڇو جيئڙو ٿي،
ڪنهن جو اوسيئڙو ٿي،
ڪيسين ڪو جاڳندو-
اُٿ کڙڪي ڏئي آ،
رات لڙي وئي آ.
ڪو به نه ايندءِ،
ڪوبه نه پڇندءِ،
ڪو به نه توکي
پرچائيندو،
ڪنهن کي ڪاڻ پئي آ،
رات لڙي وئي آ. |