اسان انگريز اديبن کي، آمريڪا جي اديبن کان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي.
ڇو ته آمريڪي اديب پنهنجي ماضيءَ جي اديبن جي لکڻ
جي نموني جو نقل ڪونه ٿا ڪن، جيئن اسان وٽ دستور
ٿي ويو آهي. هنن جون لکڻيون سندن آسپاس ٿيندڙ
گفتگوءَ کان متاثر ٿين ٿيون. انهن ليکن ۾ اهي لفظ
ڪتب آيل آهن، جي ماڻهو عام طرح ڳالهائين ٿا، ان
ڪري اهي ليک زوردار ۽ اثرائتا به آهن.
ان معاملي ۾ اخبارون ڏاڍو ڪمائتيون ٿي سگهن
ٿيون. انهن ۾ ڏيهاڙي ڪم ايندڙ ۽ مروج ٻولي
استعمال ئي ٿي. انهن ۾ حاضر دؤر جي واقعن ۽ وٿن
جا نالا ۽ نين نين شين جا نوان نوان نالا معلوم
ٿي سگهن ٿا اخبارن مان دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي
بيان ڪرڻ جو ڍنگ به سکي سگهجي ٿو. آمريڪا جا ڳچ
اديب اخبارن جا خاطو، عيوضي ۽ ايڊيٽر ٿي رهي چڪا
آهن.
عوام جي احساس کي، عوام جي ٻوليءَ ۾ شعري روپ ڏيڻ
واري خوددار شاعر عبدالڪريم گدائيءَ، کي اڌ رنگ جي
موذي جهڙپ عوام کان کسي ورتو. گدائي خوش فڪر ۽ خوش
گو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سٺو صحافي ۽ اديب پڻ هو.
خلافت هلچل ۾ عملي بهرو وٺي سياسي زندگيءَ جي
ابتدا ڪيائين. سدائين اهوئي لکيائين، جيڪو سچ
سمجهيائين. قصيدي گوئي ۽ درٻارداري سندس مزاج ۾ نه
هئي ”گدائي“ تخلص اختيار ڪيائين ۽ عملي طور تي
”مولائي“ رهيو.
سندس وفات جو ڏک تهائين وڌيو وڃي، جو سنڌي ٻوليءَ
جي هن مڃيل شاعر جي موت جي خبر به صحيح نموني
اخبارن ۾ نه ڇپي وئي، ايستائين جو ريڊيو ۽ ٽي وي
تان سندس وفات جي خبر به نشر نه ٿي؛ پر ان سان ڇا
ٿو ٿئي! ڇا عوام ان شاعر کي وساري ڇڏيندو، جنهن
سندس جذبن کي زبان ڏني هئي. ثقافتي پرماريت خلاف
جاکوڙ به اقتصادي پرماريت خلاف جاکوڙ جو ڀاڱو آهي.
ان جاکوڙ کي تيز ڪري اسين گدائيءَ سان پنهنجي سڪ ۽
اڪير جو اظهار ڪري سگهون ٿا.
(الفتح، 3، 10، 1978)
فورم الهداد ٻوهيو
آڳاٽو جڏهن توهان ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي عهدي جي چارج سنڀالي
هئي؛ توهان جو خط آيو هو. مان ايترو به لکي نه
سگهيو هوس ته؛ خط پهتو مهرباني، پر ايتري ذري
جيتريءَ ڳالهه لکڻ لاءِ ويٺو آهيان، ته ويچار آيو
آهي، ته توهان سان ”ڳالهه ڪجي“ يا توهان سان توهان
جي ڳالهه ڪجي. برابر خطن لکڻ ۽ جوابن ڏيڻ جو اهو
طريقو ’هر دل عزيز‘ نه آهي، پر ڇا ڪجي هر
دلعزيزيءَ جي فڪر ۾ رهي رهي مرڻ به ڏاڍو مهانگو
ٿو پوي. چون ٿا ته ماڻهو قبرن کان به بدلو وٺندا
آهن ۽ مون ڏانهن ته هونئن حساب ڪتاب وڏو رهيو پيو
آهي. سو وڌيڪ وقت وڃائڻ کانسواءِ ئي آءُ هي ٻه اکر
توهان جي خط جي جواب ۾ انهيءَ خيال کان لکڻ ٿو
گهران، ته مهراڻ جي باري ۾ عام طور تي انهيءَ
ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري وڃان، جيڪا توهان کان سواءِ
باقي گهڻن ئي دوستن ۾ ڏسي ٿي سگهجي.
برابر، جيئن توهان جي خطن مان ظاهر آهي، توهان مهراڻ کي هن دؤر
جي تقاضا پٽاندر، نئين طريقي سان ڪڍڻ ٿا گهرو؛ پر
اها به حقيقت آهي، ته توهان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
ائين ڪري نه سگهيا آهيو ۽ اها ڳالهه اديبن جي حلقن
۾ وڏيءَ چؤ پچؤ جو سبب بڻي آهي. ان قسم جي بيچيني
۽ بي آرامي، جا ’مهراڻ‘ جي باري ۾ محسوس ڪئي ٿي
وڃي، سا سنڌ جي ٻين ادبي ۽ علمي ادارن جي باري ۾
به محسوس ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ به عام طور اسان جي همدرد دوستن جي حلقي
۾، تنقيد ۽ ڪنهن حد تائين بيزاريءَ جو سبب بڻجي
رهيا آهن؛ پر مان نٿو سمجهان ته سنڌي ادبي بورڊ به
ٻاهرينءَ دنيا کان اها بي نيازي ڏيکارڻ سان عافيت
۾ رهندو، جيڪا اُهي ٻيا ادارا ڏيکاري رهيا آهن، جن
جي نالن سان لفظ”سنڌ“ ڳنڍيو ويو آهي.
وري توهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو، ته جيئن پوءِ تيئن ماڻهن ۾ ”چوڻ“
۽ ”چئي ڏيڻ“ کان مٿي هاڻي ”پڇا ڪرڻ“ جي همت پيدا
ٿيندي ٿي وڃي. سچ پچ ته ذميواري سنڀالڻ اڄڪلهه
ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. پر توهان کي جس هجي جو
توهان هڪ وڏيءَ ذميواريءَ کي منهن ڏيڻ جو عزم ڪيو
۽ پوءِ اها ذميواري توهان تي عائد به ٿي وئي.
هڪ عام پڙهيل ماڻهوءَ جيان مون کي به معلوم آهي ته :
·
مهراڻ جي ايڊيٽر کي اجرت به ملي ٿي ۽ اها ادبي
بزرگي ۽ اهميت به ملي ٿي، جنهن جو هو پاڻ کي اهل
ثابت ڪري ٿو. جيئن جناب جويي ۽ جناب گراميءَ جي
حالت ۾ ٿيو آهي.
·
سنڌي زبان ۾ فقط ٻه اهڙا رسالا نڪرن ٿا، جن جو
سڄو خرچ سرڪاري گرانٽن يا بجيٽن مان پورو ڪيو ٿو
وڃي ۽ مهراڻ به اهڙوئي هڪ رسالو آهي.
·
نئين زندگيءَ جي موجودگيءَ ۾ مهراڻ جو مطلب
آهي بهتر ڪارڪردگي، وسيع تر مقصدن جي پوئيواري،
وڌيڪ ادبي شرڪت، بهتر ادبي خدمت، بهتر اهليت، وڏي
ادبي عظمت ۽ ’سنڌ شناسي‘.
·
ادبي بورڊ ۾ اُهو جذبو ڪار فرما رهيو آهي،
جنهن ۾ اهليت ۽ بي لوث خدمت کي باقي سڀني ڳالهين
تي فوقيت حاصل رهي آهي ۽ جيئن توهان کي معلوم
آهي، سنڌي زبان جي ترقيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو وڏو هٿ
آهي، جيڪو مهراڻ ۽ ادبي بورڊ جي معرفت ڪارفرما آهي
(ڪن حالتن ۾ هن جذبي تي حرف به آيو آهي).
·
هن دور ۾ مهراڻ کي اڙدوءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌي
جي ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي نه رڳو زندهه، پر
سدا سلامت ۽ تازو توانو به رکڻو آهي.
·
توهان کان اها ڳالهه به ڳجهي ناهي، ته اسان جي
ملڪ ۾ خودمختيار علمي ۽ ادبي ادارن جو وڏو بحران
رڳو هڪڙي شيءَ جي موجودگيءَ جي سببان آهي ۽ اُها
شيءَ آهي ’نااهليت‘. نااهليت ڪا جسماني بيماري نه
آهي. نااهل ماڻهو مست مگن رهي ٿو، مڇون مروٽيندو ۽
سينڍ تي مارئي ڳائيندو وتندو آهي. نا اهل ماڻهو
’ڳورو‘ ۽ ’وزندار‘ هوندو آهي. هُن جا هٿ ”ڊگها“ به
هوندا آهن ۽ پاڻ به قد کان بي نياز، پر هونئن
سماجي طور تي” قداور“ اديب آهي، ته ڪٿي با اثر
آفيسر ۽ اختيار جو صاحب ته ڪٿي هلنديءَ پڄنديءَ
وارو مڙس امير. نااهليت هڪ سماجي بيماري آهي، جا
سفارش ڪم آڻڻ سان پکڙجي ٿي، گلم تي بندوقن ڇوڙڻ
سان وڌي ٿي ۽ پوءِ سياسي حڪمت عمليءَ جو هڪ جزو
بڻجي ٿي وڃي ۽ ”ٿڌي ظلم“
(Cold injustice ) جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ٿي ڪري. اِهائي اُها بيماري آهي، جا
اڄڪلهه اسان جي انهن ادارن ۾ به پئجي وئي آهي، جن
جو نالو لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌي“ سان شروع ٿئي ٿو. ان
بيماريءَ انهيءَ پوري ۽ ڪوڙي تقدس مان قو ت حاصل
ڪئي آهي، جيڪو نااهليت کي اڀارڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو
هڪ اهم وسيلو رهيو آهي. ادارا بورڊن لڳائڻ ۽ جاين
۽ عمارتن اڏائڻ ۽ باغيچن رکڻ سان تعمير ڪري نه ٿا
سگهجن. ادارو انهيءَ چيمبر کي به نه ٿو چئجي، جنهن
۾ صاحبِ اختيار ڪم جي وقت ننڊون ٿو ڪري ۽ ننڊ جي
قوت ۾ جاڳي ٿو، توڙي جو اُهو چيمبر انهيءَ مقصد
لاءِ ٺاهيو ويو هو، ته اهليت انهيءَ جاءِ تي ٿوري
وقت لاءِ ترسندي ۽ اداري کي قوت فراهم ڪندي.
جڏهن هن دؤر جي ڪن اهم تقاضائن ۽ پنهنجيءَ حالت تي ويچار ٿو ڪجي
ته معلوم ٿو ٿئي ته:
·
اسان سڀ (توهان مان ۽ ٻيا علمي ۽ ادبي
”قداور“ ماڻهو) هن ٽيڪنيڪي، ٽيڪنولاجيڪل ۽ سائنسي
دنيا ۾ ٿا رهون. ان قسم جو ماحول هڪ وڏو، ويڪرو ۽
ڦرندڙ گهرندڙ ماحول آهي. اسان جو سماج تڪڙو يا ڍرو
انهيءَ ڦير گهير کي قبول ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جا پڙهندڙ ۽ اديب به انهيءَ ڦير گهير کي
قبول ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ سائنسي سوچ، غير
جانبدار راءِ ۽ خالص سچ جا موقعا ملن ٿا.
·
اسان مان تمام گهڻن لکڻ وارن، اڃا سوڌو انهيءَ
بدلجندڙ سماج ۽ ادب جي وڌندڙ ۽ ترقي ڪندڙ سماجي
ڪردار تي ويچار نه ڪيو آهي، جيڪو ”باعمل سرگرم قوت
حيات“ (Charging Vitality)
جيان سڄيءَ دنيا کي متاثر ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي تڪڙو
هڪڙي طوفان جيان، اُڀرندي توڙي اُلهندي، اُتر توڙي
ڏکڻ کان اسان ڏانهن به ڪاهيندو ٿو اچي. سُڌ هجي ته
اُهو طوفان ڪنهن هٿ ٺوڪي افلاطونيت جهڙو نه آهي.
اُهو طوفان ڪاسائيءَ کي قاصائي ۽ ٻڪريءَ کي ٻڪري
ٿو چوي. اُهو طوفان انهيءَ تصوراتي چڱمڙسيءَ جو
مخالف آهي، جنهن جي آڙ ۾ اسان جو هڪڙو اڇن وارن
وارو صاحبء علم ”سڦل زندگيءَ“ جا مضمون لکي اسان
کي گمراهه ٿو ڪري، توڙي جو کيس معلوم آهي ته قربان
ڪرڻ وقت ٻڪر کي به ائين ئي چيو ويندو آهي، ته
”توکي مبارڪ هجي جو تنهنجي زندگي وڏي ڪارائتي ثابت
ٿي“ ۽ پوءِ قرباني ڏيڻ واري صاحب کي به مبارڪون
ڏنيون وينديون آهن، ته هُن زندگيءَ جو هڪڙو وڏو
نيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇا اسان جا اديب انهيءَ ذهنيت جا
ماريل نه آهن، جيڪا قاتل کي به مبارڪ ڏيندي آهي ۽
مقتول کي به، جيڪا ظالم کي به ڪلهي تي چاڙهي سير
ڪرائيندي آهي ۽ مظلوم کي به. جيئن قربانيءَ جي
ٻڪريءَ کي وهنجاري، ميندي لائي گهٽين ۾ گهمايون
ويندو آهي. آخر اُها سڦل زندگي آهي ڪهڙي شيءِ؟
جنهن کي رڳو اسان جي عالمن وڃي هٿ ڪيو آهي!
·
قدر توڙي ٽيڪنڪ جي هڪ تبديل اسان کي به اثر
وجهڻ لاءِ موجود آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي، ته مهراڻ
اڃا سوڌو ڪنهن به قدر يا ٽيڪنڪ جي نئين صورت جي
مدد ڪري نه سگهيو آهي.
·
معلوم هئڻ گهرجي ته هن دؤر ۾ هر دؤر جو وڏي ۾
وڏو راڪاس اُهو هوندو آهي، جنهن کي همعصر تاريخ (Contemporary
History)
ٿو چئجي. همعصر تاريخ جون حقيقتون اسان جي روح ۽
اسان جي ڪلچري ۽ تمدني زندگيءَ تي محيط آهن. اهي
حقيقتون اسان جي داش ۾ حل ٿي چڪيون آهن، ان ڪري
اسان جون اهي تحريرون، جيڪي ”سچائيءَ“ ۽ ”زندگيءَ“
کان پري، مساڻن ۽ مقبرن، قبن ۽ قبرن ۾ پوريل
حقيقتن جي تلاش ۾ لکيون ويون آهن، سي اهڙيون آهن،
جهڙو نپٽ ڪوڙ يا جهڙو سينور. اسان کي گهرجي ته
اسان ادب جي انهيءَ اُصول جو اقرار ڪريون ۽ ان تي
ايمان آڻيون، ته هرڪو بهتر ليکڪ ٻن مائن مان پيدا
ٿئي ٿو، انهن مان هڪ آهي ”سچائي“، اها سچائي جا هر
ڪنهن ڪوڙ جي مخالفت ۾ جنبي جهيڙي ٿي سگهي ۽ ٻي آهي
اها ”زندگي“، جا پراڻي، مئل ۽ ڪوڙ جي مخالفت ۾
برسرِ پيڪار آهي.
عظيم ادب اهو آهي، جيڪو هڪ طرف ”تاريخ شناسيءَ“ جو فرض پورو
ڪري، ته ٻئي طرف ادب جي انهيءَ ڪردار کي ادا ڪرڻ
لاءِ ادب پيدا ڪري، جنهن کي ”باعمل ۽ سرگرم قوت
حيات“ (Charging Vitality)
سڏي سگهجي.
اِن پڄاڻا آءٌ اِها اُميد به ڪري ٿو سگهان، ته بنيادي طور تي
توهان جي انهيءَ سوال جي باري ۾ مون ضروري گذارش
ڪري ڇڏي آهي، ته ”مهراڻ“ کي نين حالتن ۾ ڇا ڪرڻ
گهرجي.
اسان کي ياد هئڻ گهرجي، ته سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا، ڪن غير
ملڪي حاڪمن کان سندن خدمتن جي انعام طور عطا نه
ڪيا ويا آهن. هي ادارا باغيرت ۽ پُروقار اديبن،
عالمن ۽ عوامي قوتن گڏجي انهيءَ لاءِ ٺاهيا آهن،
ته سنڌ جو فڪر ۽ اهليت، امن عالم ۽ انساني ڀائپيءَ
جي وڏن مقصدن جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي. هي ادارا
نااهليت ۽ عيش ڪوشيءَ جو بار کڻي نه ٿا سگهن. هي
ادارا باخبر ۽ لڳاتار محنت ۽ خلوص جي تقاضا ڪن ٿا
۽ مهراڻ کي به اهڙن ئي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد
ڪرڻ گهرجي. هي ادارا گهرن ٿا ته سنڌي زبان، ساهت،
سڀيتا ۽ دانش سان گڏ اديبن جي حقن جي حفاظت ۽ عظمت
لاءِ، اخلاقي طور تي جرئت ڀري حڪمت عملي اختيار
ڪئي وڃي.
پر وري به وڏي اختصار سان آءٌ هن هيٺ پنهنجي طرفان ڪي ٺوس مشورا
به لکان ٿو. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا ادارا
(علمي، تعليمي ۽ ادبي) سڀ نااهليت ۽ روڳ کان نجات
حاصل ڪن. ڌانڌليءَ، ٺڙڪ ٺڳيءَ ۽ چيمبر بازيءَ کان
پري، خلوص ۽ خدمت خلق جي جذبي سان ڪم ڪن. نه ته:
”سڀان سڀيئي پسبيون پاتار ۾.“
(شاهه)
مهراڻ ۾ هر واري هڪ اديب کي بين الاقوامي معيارن تي آڻي پيش
ڪجي، ته جيئن پاڻ وٽ يا ٻاهرينءَ دنيا ۾ ان جو هڪ
اميج، جنهن جو هو واقعي لائق هجي، سو قائم ڪري
سگهجي (ان باري ۾ هڪڙيءَ سٽا جي ضرورت آهي.)
تخليقي ادب جي باري ۾ هر دفعي هڪ مضمون ڏنو وڃي، ته جيئن اسان
جي نوجوان اديبن جي تربيتي پروگرام کي هلائي
سگهجي.
·
ترقي پسند ادب جي باري ۾، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ
نمائنده اديبن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ۽ ادبي
بورڊ ان جو انتظام ڪري.
·
عظيم ۽ بين الاقوامي اهميت جي شخصيتن مان،
ڪنهن به هڪ تي هر پرچي ۾ هڪ مضمون ڏنو وڃي (ترجيح
اديبن ۽ دانشورن کي ڏني وڃي).
·
باصلاحيت ليکڪن جي تحريرن کي وڌيڪ اهميت ڏني
وڃي؛ پر سچائيءَ ۽ زندگيءَ جي ادبي نظرئي کان هٽي
لکڻ وارن کي، باصلاحيت تصور ڪرڻ سان نقصان به ٿي
سگهي ٿو.
·
ادبي تنقيد جي سوال کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ، هر
مهيني هڪ نظم يا هڪ مضمون کي تنقيد سميت شايع ڪيو
وڃي. (ڪهاڻي يا ننڍڙو ناٽڪ به شامل ڪجي).
·
مهراڻ ۾ تصويرن ۽ ليکڪن جي فوٽن کي به جاءِ
ڏني وڃي.
·
سر ورق جي پراڻن ۽ بار بار آيل نمونن کي وڌيڪ
نه دهرايو وڃي ۽ هاڻي اڳتي ڪنهن نه ڪنهن آرٽسٽ جون
خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
·
آزاد ۽ غير جانبدار راءِ جي راءِ ”فورم“ قائم
ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ صفحا مقرر ڪيا وڃن.
·
بين الاقوامي اهميت جي واقعن ۽ مسئلن تي مضمون
لکائي شايع ڪيا وڃن. ان باري ۾ اقتصاديات، نفسيات،
بين الاقوامي معاملات، سماجيات ۽ ٻيا اهڙا مضمون
آڻڻ گهرجن. تعليم کي به پوري اهميت ڏني وڃي.
(ماهرن جي خدمتن حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.)
·
سنڌ ۽ پاڪستان تي هر دفعي هڪڙو جامع مضمون ڏنو
وڃي.
·
بين الاقوامي اهميت جي هڪڙي ڪتاب تي هر دفعي
مڪمل تعارف ڏنو وڃي.
·
نظم جي حصي ۾ هڪڙي شاعر جو رڳو هڪڙو نظم شايع
ڪيو وڃي، پر اُهو نظم هر لحاظ کان معياري هئڻ
گهرجي.
·
پني، ڇپائي ۽ ايڊيٽنگ جي طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو
وڃي.
-- الهداد ٻوهيو
سنڌي ڊپارٽمينٽ، ڪراچي يونيورسٽي
ون يونٽي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پرائمري ليول تائين واڙيو ويو،
جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي وئي، تڏهن
صوبائي ڪٽرپڻي جو ريڊي ميڊ الزام هڻي سنڌي ٻوليءَ
کي پنهنجي ئي گهر مان تڙڻ جي سٽ سٽي ويئي. ڪراچي
سنڌ جي گادي هئي، اتي اهو هاڃو وڌيڪ ٿيو. سنڌي
ميڊيم اسڪول ٿاڏارجي ويا ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جتي
پرڏيهي ٻولين جا کاتا هئا، اتي سنڌي ٻولي ميساريل
رهي.
سنڌي جي ڳچيءَ مان ون يونٽ جو ڳاٽي ڀڳو ڳٽ نڪتو ته ڊسمبر 1971ع
۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي کاتو کليو. هاڻ 5
استاد آهن. پهرين رڳو ايم اي جا ڪلاس شروع ٿيا ۽
بي اي ـــ آنرس جا ڪلاس 74-1973ع کان شروع ٿي
سگهيا.
آنرس ۽ ايم اي تي رکيل ڪورس جي ڪتابن ۾ اڻاٺ پئي رهي آهي. ڪجهه
ڪتابن کي ڇڏي ٻيا اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي ادبي گهٽ ۽
نصابي وڌيڪ آهن. ڪيترائي ڪورس جا ڪتاب اڻلڀ آهن.
هڪ اڌ لائبرري ۾ هجن ته هجن ۽ شاگردن جو انهن
تائين پهچڻ به مسئلو آهي. سنڌي کاتي ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي استادن ان کوٽ کي ڀرڻ لاءِ پنهنجي
مدد پاڻ جي اصول تي هڪ اشاعتي اداري ”ورسٽي سنڌي
پبليڪيشن“ جي پيڙهه رکي آهي. هيءَ ادارو جتي نوان
ادبي ڪتاب ڇپائي رهيو آهي، اتي پراڻا ۽ اڻلڀ ڪتاب
پڻ ڇپائي رهيو آهي. هيل تائين هيٺيان ڪتاب ڇپائي
چڪو آهي.
1)
هٻڪار (چونڊ مضمون) سهڙيندڙ نواز علي ”شوق“
2)
پشو پاشا جمال ابڙو
3)
مقدمه لطيفي ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي
4)
نورجهان ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي
اهي چارئي سنڌيءَ جا اهم ڪتاب آهن، جيڪي شاگردن توڙي عام
پڙهندڙن لاءِ پڻ ڪارائتا آهن. ادارو ڪلاچي مئگزين
پڻ ڪڍي چڪو آهي. هن وقت ”ورسٽي پبليڪيشن“ جا 3
ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن.
1) روح رهاڻ ڊاڪٽر
هوتچند گربخشاڻي
2) بلو دادا اياز
حسين قادري
3) شبنم شبنم، ڪنول ڪنول نسيم احمد
کرل
مهراڻ جي پڙهندڙن کي ”ورسٽي پبليڪيشن“ جا اهي ڪتاب خريد ڪري
پڙهڻ کپن ۽ ان اداري سان عملي سهڪار ڪري پنهنجو
فرض پورو ڪرڻ کپي.
تبصرا
رڻ سڄو رت ڦُڙا:
نئين ٽهي، جيڪا اڄ هام هڻي پنهنجن پوڙهن، کک گنجن اديبن ۽ ادب
تي راڪاس وارا هٿ کُپائي وهڻ وارن ٺيڪيدارن
کان پاڻ کي ٺڪرايل ڄاڻي ٿي، ته اها انفرادي طور ڪن
نئين ٽهيءَ جي جُڙتو ۽ پاڻ ٿاڦيل حامين جي تنگ
نظري آهي. اهو مون چند سالن کان محسوس ڪيو آهي، ته
نوان لکندڙ نه رڳو جلد ڇپجڻ گهرن ٿا، پر جلد
واکاڻجڻ به گهُرن ٿا. اهو به گهرن ٿا ته پوڙهن ککن
مان ڪو گهوڙي تي وڃي رهيو هجي ته کين ڏسڻ سان
هڪدم گهوڙي تان لهي چوي ته، ”واهه فلاڻا! تو ته وڻ
وڄائي ڇڏيا. شاهڪار لکيو اٿئي. فلاڻي کي ته اجايو
ساراهيوسين، تون ته باهه جو ٽڪرو آهين!“ سنڌي
اڪيڊميءَ جو مهتمم اسلم لغاري ڪتابن اڳيان ”تکا
مٺا ٻول“ لکندو رهيو آهي. هن ڀيري انهن تکن ٻولن ۾
هُن ذوالفقار سيال جي ڪلام جي قدر ۽ قيمت کي
گهٽايو آهي ۽ ڌڪار وارا لفظ لکي، هُن ڪو چڱو
ڪارنامو ڪونه ڪيو آهي.
اديب ڪوبه کک ڪونهي. ڪوبه ادب جو ٺيڪيدار ڪونهي، جيڪڏهن ماضيءَ
جي روايت کي ٽوڙي، ڪو اديب اڳتي وڌي ٿو، ته فقط
ادبي تبصرن سان ائين ڪونه ٿو ٿي سگهي.
ذوالفقار سيال جي شعر جو مجموعو رڻ سڄو رت ڦڙا هڪ اهڙو
مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪيترو شعر آهي، جنهن کي ساراهي
سگهجي ٿو. سماج کي صاف صاف لفظن ۾ چٽيو ويو آهي.
شاعر روايت کي سراسر رد ڪري، اُهو اڃا ته ڪونه ٿيو
آهي. جزوي ڳالهيون نوان شاعر بدلائيندا رهيا آهن.
اهو ئي عمل آهي، جنهن سان شاعريءَ جو قافلو اڳتي
وڌي ٿو. جيڪي ڳالهيون پراڻين سنڌي ڳاهن ۾ هيون،
اهي جي شاهه ڀٽائي به بيان ڪري ها ۽ سندس ڪلام جي
هيئت ۾ نواڻ نه هجي ها، ته ڪير کيس منفرد ڄاڻي ها!
وري جيڪي گدائي، اياز، امداد، تنوير، شمشير ۽ نياز
ڏنو، اُن ۾ به نواڻ هئي. هڪ نئين پڪار هئي، وقت جو
آواز هو. اهو به ناهي ته وقت جو آواز چوڻ سان اُها
شاعري ايندڙ وقت جي ناهي. اڄ به شاهه ڀتائيءَ جو
ڪلام نئون آهي. پويان ايندڙ شاعر، اڳوڻن جي فن ۽
فڪر مان گهڻو پرائين ٿا. انهن کي مدي خارج
چوڻ ۽ کک چئي پنهنجي ٽهيءَ ۽ وهيءَ کي فريب
نه ڏيڻ کپي. اسان وٽ قصو هيئن آهي، جي شاعر نه
ڪُڇي ته حمايتي ٻه وکون مرڳو اڳتي آهي. روايت ۽
تجربي جو عمل شاعريءَ ۾ جاري آهي. نئون شاعر ڪٿي
نئون ورق ورائي ٿو، ته ڪٿي انهن ئي وڪڙن ۾ ڦاٿل
نظر اچي ٿو، جن ۾ صدي اڳ جا شاعر ڦاٿل هئا. سيال
به ائين روايتي غزل گوئيءَ جي حدن ۾ نظر اچي ٿو:
شمع جلندي ائين رهندي ته پروانن جو ڇا ٿيندو؟
ازل کان جي ائين تڙپيا ته ارمانن جو ڇا ٿيندو؟
فارسي اهڃاڻن واري شاعريءَ جو عڪس سيال وٽ موجود آهي، ته نئون
نڪورو انداز به آهي:
سانڍي رکجانءِ ڪورو آهي،
منهنجو نينهن نڪورو آهي.
فني لحاظ کان عروضي نظام ۽ علم قافيه موجب هن شعر تي اعتراض ڪيو
ويندو، پر نئين سنڌي شاعريءَ جو مقبول رنگ ئي اهو
آهي. نئين رنگ کي انور پيرزادي، ادل سومري، عثمان
ميمڻ، سيال يا ڪنهن به نئين، بلڪه نئين کان نئين
شاعر دلپسند بڻايو آهي، ته به ان جون جڙون اياز ۽
نياز، تنوير ۽ شمشير، امداد ۽ تاج جي ٽهيءَ کان
موجود آهن. ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ پنهنجي ڀرپاسي
کان اکيون پوري هرو ڀرو هٿوراڙيون ڏيڻ جي برابر
آهي.
ذوالفقار سيال ۽ سندس ٽهيءَ جا شاعر تازو ادبي ميدان ۾ آيا آهن.
هنن کي اڃان گهڻو پڙهڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻو آهي.
ذوالفقار جي ڪلام ۾ اُتساهت ڪرڻ وارا جذبا موجود آهن ۽ انهن
جذبن سان شاعر ذهنن تان ڏک جا ڏونگر ٽاري انهن کي
اُميد ڏياري ٿو:
پنهنجو پنڌ سجايو ٿيندو، ملندو نيٺ ته ماڳ،
الو ميان، نيٺ ته ملندو ماڳ
هو دنيا جي رنگ محل ۾ پنهنجو من اُداس پيو ڀانئي، ته اهو به هڪ
اندروني دنيا جو ڏيک آهي، جيڪو اسين شعر ۾ ڏسون
ٿا:
جهِرمر جهرمر دنيا ساري، منهنجو جيءُ اُداس،
مٽڪا خالي مڌ جا.
يا
چارڻ بڻجي چنگ وڄايم، پوءِ به جهولي خالي،
آءٌ سوالي.
شاعر جي دل جي دنيا ائين ئي هوندي آهي. هو قومي سطح تي گفتگو
ڪري ٿو، ته هڪڙا رنگ ظاهر ٿين ٿا. اڪثر اندر جي
دنيا جي اُجهام به ظاهر ڪري ٿو. خارجي پهلوءَ سان
گڏ داخلي پهلو پڙهندڙ جي اڳيان ٿو اچي بيهي.
سماج جي ڇاپ به ذوالفقار جي ڪلام تي آهي. هو پنهنجي سماج ۾ جيڪو
ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ زوري توڙي ٻهروپيائي ڏسي ٿو،
اُن جا پاڇولا سندس ڪلام ۾ موجود آهن. نظم ”غيرت“
۾ اهڙي فقط هڪ اشراف جو نموني طور ذڪر ڪيو ويو
آهي:
”ڏهن سالن کان
”رن“ وڏيرو
پنهنجي گهر ۾
ويهاريو اچي ٿو.“
پر ڪنهن صلاح ڏني ته ”سائين شادي ڪري ڇڏ“ اهڙو ڪڌو ڪم ڀلا اشراف
ماڻهو ڪيئن ڪري؟ ڪڃريءَ سان شادي ڪيئن ڪري؟ اِهو
عڪس آهي، پنهنجن اشراف وڏيرن جو ۽ گهڻا ڏسڻا
وائسڻا، سيٺيون ۽ دانشور به ان ”نيڪ ڪم“ ۾ شامل
آهن.
سماجي موضوعن تي هن مجموعي ۾ ٻيا به نظم آهن، جهڙوڪ: ”عڪس“-
”پڙلاءٌ“- ”ڪاري“- ”قدر“ ۽ ”مهمان“ وغيره. منهنجي
خيال ۾ نظم جو ڏانءُ ذوالفقار کي ڪجهه وڌيڪ آهي.
غزل ۾ هن ڪيترا سهڻا شعر ڏنا آهن ۽ جن ۾ زبان ۽ بيان جو چشڪو هڪ
طرف ته جذبو ۽ تانگهه ٻئي طرف آهي. هن توازن قائم
رکڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو جو نئون سنڌي غزل
ايترو نازڪ بڻجي ويو آهي، جو ٿوري بيپرواهيءَ سان
اُن فرسوده رنگ ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ پنجاهه
سال اڳ هو. مون کي غزلن جا هيٺيان شعر جلد زبان تي
چڙهي آيا:
پنهنجن پيرن ۾ زنجيرون،
ڄڻ ڪا پايل پايل آهي.
-
شهر ۾ ڇو اڄ خوشبو آهي،
شايد ڪوئي آيو هوندو.
-
هيل اسان وٽ ساوڻ رُت ۾،
پنڇي سُڏڪي گيت چون ٿا.
ننڍن بحرن وارا غزل وڌيڪ سُريلا آهن. وڏن بحرن ۾ هو خاص طور
روايتي غزل گوئيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. ذوالفقار
سڀني صنفن ۾ فني لحاظ کان
Average
سطح تي آهي ۽ هن ۾ اڳتي وڌڻ جون صلاحيتون آهن. شعر
جو وڌيڪ اڀياس ڪرڻ سان هُو انهن عيبن کي دور ڪري
سگهي ٿو، جيڪي اڃا هُن ۾ آهن. بلڪه وڏو عيب تبصري
نگارن ۽ دوستن جون پوزيون هونديون آهن. انهن کان
آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي. اسين اوهين ڏسون پيا، ته
اڪثر دوست ”نئين ٽهيءَ“ کي هرو ڀرو اجايا چاڙهه
ڏين ٿا ۽ جيڪي نئين ٽهيءَ جا ننڍي گجيءَ وارا يار
آهن، سي اهڙين گهنترين کي ٻڌي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي
بالم بڻجي ويهي رهن ٿا ۽ رڳو واکاڻيندڙن جي پٺيان
نائب ٿيو هلندا وتن. ائين پاڻ کي ڇيهو ٿا رسائين.
اُميد آهي ته ذوالفقار ائين نائب ٿي هلڻ بدران
پنهنجو وقت اڀياس ۾ سجايو ڪندو، جيڪو هڪ شاعر لاءِ
تمام ضروري آهي.
هي ڪتب ”سنڌي اڪيڊمي“ حيدرآباد ڇپايو آهي، قيمت سادي ڪاپي 6
روپيا ۽ اوچي ڪاپي 8 روپيا اٿس ۽ صفحا 108.
(ڇپائيندڙ: سنڌي اڪيڊمي، حيدرآبا، سائيز: ڊيمي، صفحا 108.
قيمت: (سادي ڪاپي) ڇهه روپيا، (اُچي ڪاپي) اٺ روپيا)
عبدالجبار جوڻيجو.
شعر فارسي در بلوچستان.:
پاڪستان جي سر زمين کي اهو فخر حاصل آهي جو اُها فارسي زبان جي
ادب ۽ ايراني فرهنگ و هنر مان صدين کان بهره ور
ٿيندي پئي رهي آهي ۽ اڃا تائين ايران ۽ پاڪستان جا
ادبي ۽ فرهنگي ناتا نهايت نزديڪ تر آهن ۽ فارسي
زبان، ادب ۽ فرهنگ و هنر جا نقش هتي جي سڀني صوبن
۾، پاڪستان ۽ ايران جي اتحاد ۽ يگانگيءَ جو مظهر
آهن. هتي فارسي زبان ۾ سڀني صنفن جي شاعري، نثر ۾
علم طب، تصوف ۽ تاريخ تي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن ۽
اُنهيءَ علمي ذخيري تي محقق عالمن ۽ اديبن وقت جي
حالتن پٽاندڙ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي فارسي زبان ۾
تصنيف ٿيل ناياب ڪتاب شعر، ادب، تاريخ، تصوف، ۽ طب
وغيره تي شايع ٿيا آهن.
ايران جي شهنشاهه آريا مهر رضا شاهه پهلوي ۽ اسلاميا جمهوريا
پاڪستان جي تعاون سان علم، ادب ۽ فرهنگ و هنر جي
فروغ لاءِ اسلام آباد ۾ ”انتشارات مرڪز تحقيقات
فارسي ايران و پاڪستان“ جي نالي سان ادارو وجود ۾
آيو. ان ئي اداري جي ڪوشش سان، هتي جي فارسي زبان
جي سڀني صنفن جي ڪتابن تي تحقيق ۽ تدوين جو ڪم ٿي
رهيو آهي. بلوچستان ۾ فارسي شاعريءَ جو تذڪرو به
ان اداري جي نگرانيءَ هيٺ ڇپيو آهي. ان ڪتاب جو
مؤلف ڪُهنه مشق ،اديب، شاعر ۽ محقق محترم پروفيسر
ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر آهي. فاضل مؤلف ڪتاب جي
سموهڻ ۽ سهيڙڻ ۾ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، سا ساراهه
جوڳي آهي، ڇو ته بلوچستان جي وسيع ترين ۽ دشوار
ترين علائقي ۾ فارسي شعر جو ٽڙيل پکڙيل مواد
ڏورانهن هنڌن تي وڃي هٿ ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾
مؤلف وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، هي فارسي شاعرن جو تذڪرو
محترم ڊاڪٽر ڪوثر صاحب جي ڏهن سالن جي تحقيق ۽
تدوين جو نتيجوآهي.
فارسي شاعرن جي هن تذڪري ۾ چاليهن شاعرن جو احوال ۽ ڪجهه ڪلام
به ڏنو ويو آهي ۽ سڀ کان اول ٽين ۽ چوٿين صدي
هجريءَ جي مشهور شاعره، رودڪي جي همعصر، رابعه
خضداريءَ جو احوال ۽ آثار پيش ڪيو ويو آهي. شاعرن
جي احوال قلمبند ڪرڻ ۾ گهڻي جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.
تذڪري جي آخر ۾ ماخذ ۽ منايع، فهارس نامهاي اشخاص
و قبيله ها و فرقعه ها و اصطلاحات، خطي ڪتابن جا
ڪجهه فوٽو، شاعرن ۽ انهن جي آخري آرامگاهه جون
ڪجهه تصويرون پڻ شامل آهن. اهو سمورو ڪم مؤلف جي
سخت محنت ۽ دلچسپيءَ جي باعث ٿيو آهي.
بلوچستان ۾ فارسي شاعرن جو هي تذڪرو ”انشارات مرڪز تحقيقات
فارسي، ايران و پاڪستان“ پوسٽ باڪس نبر 1277، اسلم
آباد مان ملي سگهي ٿو.
]ڇپائيدڙ:
مرڪز.تحقيقات فارسي، ايران و پاڪستان، اسلام آباد.
(پ.ب. نمبر 1277) سائيز: 24×17 س.م. قيمت: چاليهه رپيا.[
--ڊاڪٽر گل حسن لغاري
ٻه هفتا اڳ الطاف مون کي چيو ته ”توکي تنوير
گهرايو آهي، سکر هل.“
منهنجي اِنڪار ڪرڻ تي منهنجي زال کي چيائين ته ”هي
شرافت سان نه هلندو ته مان چرس جي گولي هن جي کيسي
۾ وجهي هن کي گرفتار ڪري سکر وٺي ويندس.“
وفات کان ٻه ڏينهن اڳ مون وٽ سنڌ آبزرور جي آفيس ۾ رفيق ڪاڇيلي
سان گڏجي آيو ۽ چيائين ته ”سڀاڻي نوابشاهه هل، شام
جو توکي آفيس پهچائيندس“ مون انڪار ڪيو.
فقط ٽي هفتا اڳ هن مون کي پنهنجو هڪڙو شعر ٻڌايو هو. شعر ڪجهه
اهڙي قسم جو هو ته ”تون جي چئين ته مان شراب پيئڻ
ڇڏي ڏيان“ مون هن جي شعر تي هڪڙو ننڍڙو شعر تيار
ڪيو، جنهن جي پهرين سٽ مون لکي ته ”تون ٿي چئين ته
مان شراب نه پيان، جو تون قانون نافذ ڪندڙ اداري ۾
شامل ٿي ويٺي آهين شايد.“
_حليم بروهي
(روزانه ”سنڌ نيوز“ 8_ فيبروري 1978)
پڙهندڙن وٽان
”مهراڻ“ مليو آهي. اڃا نه پڙهيو اٿم. هڪ ٻه ڀيرا راءِ لکڻ جي
خيال کان پڙهن جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ هر ڀيري ايڏو
اتساهه مليو اٿم، جو هڪ نئون نظم لکي سمهي پيو
آهيان. ان ڪري هاڻي راءِ لکڻ وقت ڄاڻي واڻي
”مهراڻ“ پاسي تي ڪري رکيو اٿم.
هن وقت تائين جيڪو پڙهيو اٿم، تنهن ۾ سحر جو نظم، ماڻڪ جي ڪهاڻي
۽ تنوير جو جاپاني هائيڪي تي مضمون ڏاڍو وڻيو اٿم.
ماڻڪ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل شاعري ڏاڍي وڻي، سحر جي
شاعريءَ ۾ خيال جي بهادريءَ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽
تنوير هن مضمون ۾ ٻه ڪم ڪيا آهن. هڪ ته هن جاپاني
هائيڪي جي اصل گهاڙيٽن بابت فني ڄاڻ لکي نون شاعرن
کي تعليم ڏني آهي ۽ ٻيو ته هن جاپاني ڪلاسيڪي
شاعرانا عڪس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڀٽائيءَ کان پوءِ
ڪيل نئين سنڌي شاعريءَ تي ڄڻ جامع تنقيد ڪئي آهي.
جو به شاعر پنهنجي فن جو اندازو لڳائڻ چاهي، سو
”مهراڻ“ کولي جپاني شاعريءَ جي آئيني ۾ پاڻ کي
ڏسي. تنهنجي شاعريءَ بابت راءِ نٿو ڏيان. ماڻهو
چوندا، ايڊيٽر سمجهي خوشامد ڪئي اٿس. البت جڏهن
کان پڙهيو اٿم هڪ هنڌ ته ”امداد جي شاعري ۾ شريعت
ڪانهي“، تڏهن کان تياري پيو ڪريان، ته ”امداد جي
شاعريءَ ۾شريعت
Poetics“
تي هڪ مضمون لکان؛ پر عذاب اهو آهي، ته تنهنجيون
تخليقون سرءُ جي پنن وانگي وکريون پيون آهن ۽ انهن
کي گڏ ڪرڻ زندگيءَ جي هن پَن ڇڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو آهي؛
پر بهرحال اهو ڪم ضرور ڪندس.
نعيم دريشاڻيءَ جو نظم فنامينن تمام سٺي ڪوشش آهي؛ پر سنگتيءَ
کي اڃا فني تاڃي پيٽي کان وڌيڪ شاعراڻي خيال تي
ڌيان ڏيڻو پوندو. هن جي سنڌي شاعريءَ بابت وائي
غير حقيقت پسند ناهي. هڪ هندي ڪهاڻيءَ جو ترجمو
ڇپي تمام سٺو ڪيو اٿوَ. اڃا به ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته سٺا ترجما ڇپيا وڃن. ڇاڪاڻ جو اسان جو ليکڪ
غير جمهوري سماج ۾ رهڻ ڪري، تنقيد برداشت ڪرڻ
جيتري اخلاقي جرات نه ٿو رکي. ان لاءِ ضروري آهي،
ته هو بهترين پرڏيهي ادب جي آئيني ۾ پاڻ ڏسي ۽ پاڻ
ئي پاڻ تي تنقيد ڪري.
”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد مجموعي طور ڪجهه روايتي آهي ۽
ڪجهه نواڻ به رکي ٿو. جن شين ۾ نواڻ آهي، انهن ۾
تاج بلوچ به آهي. توکان سواءِ، تاج واري ٽهي ذري
گهٽ سنڍ ٿي وئي آهي. پوءِ به تاج ائين ٿو لڳي، ته
اڃا ”آهي“.
He Exists In His Non- Existent Emotional Life
مان جڏهن به ٽي-ويءَ تي نيلام گهر ڏسندو آهيان ته ڊڄي ويندو
آهيان.طارق عزيز کي ڏسي_ ۽ هڪ دفعو وري اهو سوچي
هانوَ کي جهُٻو اچي ويندو آهي، ته هڪ آرٽسٽ يا
انٽيليڪچوئل جو سرمائيدارنه سماج ۾ اهو به حال ٿي
سگهي ٿو. ٿورو آئيندي ۾ گهوري ڊڄي ويندو آهيان، ته
شل اسان جي سنڌي پروفيشنل ليکڪن جو به نه اهو حال
ٿي وڃي! بهرحال سنڌي ادبي سنگت سان هلڻ هلڻ ڪري،
تاج بلوچ ڪجهه نوان نظم پڻ لکيا آهن، جيڪي ٻڌندين،
ته ڏاڍا وڻندءِ.
مهراڻ لاءِ تجويزون ته گهڻيون آهن. دل ٿي چاهي ته تنهنجي
ايڊيٽرشپ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪا جامع تاريخ ڇپجي
وڃي.شمشير هاڻي ٻڌو اٿئون، ته وقت جو ڏاڍو پابند ۽
ملٽري ڊسيپلين جو قائل ٿي پيو آهي. هن سنڌي عوام
سان وعدو ڪيو آهي، ته هو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ
مرتب ڪندو. |