سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1978ع (1)

 

صفحو :15

علي بابا ڪارونجهر جي ڪور

                        ]اڻٽيليڪاسٽ ٽي-وي ناٽڪ[

]ڏيک-1، آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[

]ڪئميرا Long shot ۾ پاريسر جي ڳاڙهي ٽڪريءَ مٿان، سج جي شعاعن جا تجلا ڏيکاري ٿي. (Sound effects مورن جي راڙ وغيره ) پاريسر جي ٽڪري سج جي روشنيءَ ۾ آڳ اُلا رفليڪشن ڏئي، ٽانڊن جيان ٻرندي ٿي نظر اچي، ڄڻ پرٿويءَ تي ٽانڊن جا پهاڙ پکڙجندا ٿا وڃن. يا ٻرندڙ جبل ٿڌو ٿي رهيو هجي. ڪئميرا پين ڪندي، پاريسر جي ٽڪريءَ تان ڦرندي، ڏکڻ ۾ ڪارونجهر پهاڙ جي اوڍر ۾ ننگر پارڪر شهر جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. موسيقي Bang سان تکي، ٿرٿلي جو تاثر اُڀاريندي ٿي وڃي. ڪئميرا ڪارونجهر جون گمڀير انگاس چوٽيون ڏيکاري ٿي- چوٽيون، چوٽين مٿان دونهاٽيل چوٽيون. ڪٿي ختم نه ٿيندڙ چوٽيون، اُڀيون، اًڏيون ترڇيون، سج جي روشنين ۾ تجلا ڏيندڙ، رفليڪشن پيدا ڪندڙ. انهن ئي چوٽين مٿان Title ”ڪارونجهر جي ڪور“ اچي ٿو.

ٽائيٽل جي آخر ۾ ڪئميرا پين ڪندي گوڙ ڌرو نديءَ جي پهاڙي ڇوڙ واريءَ خوبصورت مهاڙ تي اچي ٿي_ ڪارونجهر جي هر شيءَ سپني سمان ٿي لڳي. جيئن ئي ٽائيتل ختم ٿئي ٿو، ڪئميرا جسوڌن کي ويڙهيل اخبار هٿ ۾ کنيو، خوشيءَ مان اتاولن جيان ڊوڙندو ڏيکاري ٿي. هو بي انتها خوشيءَ کان سهڪندو، زمين کان ٻه فٽ مٿي ڄڻ اڏاڻو ٿو وڃي. (Happy dreaming effect in slow motion) ڪيمرا Long shot کان Zoom in ڪري، کيس گوڙڌرو نديءَ جي مُهاڙ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي_ پريان، نديءَ جي دُٻن ۾ ڪجهه ڌوٻي ڪپڙا سٽيندا ٿا نظر اچن_

        (Slow motion cut)

ڪيمرا جسوڌن کي پوري طاقت سان خوشين مان، پيرن جا پڙاڏا ڇڏيندو، گوڙڌرو جي مهاڙ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي _ ڌوٻي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مشغول ٿا نظر اچن.

جسوڌن پوري طاقت سان ڊوڙندو هڪ جهوني ڌوٻيءَ کي خوشيءَ مان ڌڪ هڻي ٿو. هٿ جي زوردار ٿڦڪي[

جسوڌن: ڪاڪا روڻيا، توهجو جسو پاش ٿي ويو پاش ... ڦس ڪلاس پاش.

] جسو بنا بيهڻ جي، ساڳيءَ طرح پري گوڙڌرو جي سڪل ڦاڙ مان ڊوڙندو ٿو وڃي.

ڪيمرا پوڙهي راڻي جي بيڪ سائيڊ کان جسوڌن کي پري ويندو ٿي ڏيکاري.

ٻيا وڏا توڙي ننڍا ڌوٻي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ماپيا نٿا سمائن _ [

(اوچتي ڌڪ سان ڪجهه به نه سمجهندي، ڪاوڙجهندي )

راڻو: يي ڇورو ڇورو، آپ زورو _ ڄڻ گهوڙي ويائي ٿس. اسان مڙهن سان ٻلهاڙا ڪري.

(خوشيءَ مان )

هڪ ڌوٻي: ڪاڪا، اڄ نه ٻِلهاڙا ڪيندو ته ڪڏهان ڪيندو. جسو پاش ٿيو آ.

(اچرج مان )

راڻو: ڇا؟...

ٻيو ڌوٻي: ڪاڪا، جسو پاش ٿيو آ.

(نٻاڻ خوشيءَ کان دعا لاءِ هٿ ڦهلائيندي )

راڻو: جسو پاش ٿيو آ _ هي موجا رب پاڪ، توجا لک لک شڪرانا، گريبان جو ڇورو پاش ٿيو آ. جتيم _ اي رب رزاق شڪرانا.

(خوشيءَ مان، ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي، ٺڪراهين سلفي ڪڍندي )

ٽيون ڏوٻي: واهه ڙي جسو واهه ... جَس هجئي ... بابا جسوڌن ڪير سڏائي ...

ٻيو ڌوٻي: ڪاڪا، اڄ ته مِنٺاڻي لڳي.

(مُڇ کي تاءُ ڏيندي )

راڻو: اڙي مٺاين جا گاڏا ... کُٽل هون، تڏهن ڀي کانُ هون ...

                        Cut

] ڪئميرا جسوڌن کي گوڙڌرو جي ڦاڙ مان خوشيءَ مان ڊوڙندو ڏيکاري ٿي.

جسوڌن خوشيءَ مان سامهون کان ڪاٺين جي ڀرڙي کنيو، ايندڙ اڌ روٽ ڪولهڻ جي ڀريءَ مان جهلي، کيسا ڦيرائڻ لڳي ٿو.[

(پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي )

ڪولهڻ : هي هي، ڇورا ڪار منهان توجو ماٿو ڦريو آ.

ڇمڪي : اڙي جسو، کُدا تهجو کانو کراب ڪري. توهجا هٿ سُجندا، او جسو، کُدا ڪيندو ناپاش ٿيندي _ نوڪري ڪانه مليندي ... انگريچاڻي زال ڇا، ڪُتي به ڪانه مليندي ...

(جلدي جلدي هيٺ مٿي ڪريل، ڦهليل سڱريون ۽ کئونر چونڊيندي، منهن ڀيلو ڪري )

ڇمڪي: اونهن ... سڄو ڏينهن وڻان ۾ لڙڪي لڙڪي سڱري سڱري ڪري چونڊي _ هڪ ئي ڌڪ سان هاري ويو _ نُگرو، اونٿڙو ڏيڻ، ڏئونت ... ڀلو پٽ پانس ٿيو آ!

(ڇمڪي سڱريون چونڊيندي، ڇٻيءَ ۾ وجهندي ٿي وڃي )

                                Cut

] ڪئميرا جسوڌن کي پوري طاقت سان ڪارونجهر جي وچ ۾، ڪارونجهر جيڏي اُتانگهه ڀِٽ جي چوٽيءَ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي. هو سهڪندو مٿي، ساڙڌرو جي جهرڻي ڏانهن چڙهندو ٿو وڃي. ڪيمرا سهڪندڙ جسوڌن جي سائيڊ کان ساڙڌرو جي جهرڻي جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. جهرڻي جو پاڻي ڏاڍي گمڀيرتا سان هيٺ ٽِمندو ٿو وڃي. سهڪندي، اٿاهه موهه مان جسوڌن واڪو ڪري [

جسوڌن : او ساڙڌرو جا جهرڻا، تهجو جسو پاس ٿي ويو ...

(ويڙهيل اخبار لهرائيندي، سهڪي سان )

جسوڌن: او جهرڻا ... جسو پاس ٿي ويو آهي.

        (Echo Sound Effects)  

جسوڌن جو آواز اُتانگهه چوٽين سان ٽڪرائجندو، پڙاڏو پئدا ڪندو، پري پري تائين چوٽيءَ چوٽيءَ ٻُرندو ٿو وڃي.

جسوڌن وڏي سهڪي ۽ اٿاهه موهه مان جهرڻي ڏانهن نهاريندي، الائي ڇا سوچيندو، نهار ڦيرائي، ساڙڌرو جي قديم ٽڪاڻي، ننڍڙي اسڪول ۽ پوءِ هيٺ، پهاڙ جي حسين وڏي ويڪريءَ، هزارين فوٽ ترائيءَ ۾ نهاريندو ٿو رهي.

(Back Side Shot)

ڪيمرا long shot  ۾ ترائيءَ جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. ترائيءَ جي تلاوَ مان پاڻي ڀرڻ لاءِ رٻارين جون عورتون ٻيلهه ٽيلهه گهڙا ۽ تجلا ڏيندڙ گهاگهرون کنيو، پاڻي ڀرڻ لاءِ اينديون وينديون نظر اچن ٿيون _ پري پري تائين فضائن ۾ مورن جي راڙي جا آواز، ڪارونجهر جي چوٽين سان ٽڪرائيندا، پڙاڏو ڇڏيندا ٿا وڃن.

(Sound Effect )

                      جسوڌن خوشين ڀريل اونهون ساهه ڀري، ڏاڍي گمڀيرتا سان، هيٺ وڌڻ لڳي ٿو. هيٺ ٽِڪائي واري ساميءَ ڏانهن، ڏاڍي ادب ۽ نياوَ ساڻ.

] ڪيمرا جسوڌ کي ڪٽ ڪري، تِڙڪي تي ويٺل، وڏن وارن واري گمڀير ساميءَ کي ڏيکاري ٿي[

(ڏاڍي ادب سان، خوشيءَ مان )

جسوڌن: بابا ... آئون ... پاس ٿي ويس ...

] ساميءَ جي چهري تي کن لاءِ مرڪ پکڙجي وڃي ٿي، سندس چهري تي خوشيءَ جا هڪڙا تهه لهندا ٻيا چڙهندا رهن ٿا[

(عجيب خوشين ڀريل آواز سان )

سامي: جسو، مون کي اڳيئي خبر هئي ته تون پاس ٿيندين، علم ته تنهنجي نراڙ تي لکيل آهي، مبارڪ هجئي جسو.

جسو: مهرباني ...

سامي: جسو، هڪ نه هڪ ڏينهن، اهي ڏولاون جا ڏينهن اُلهي وڃڻا آهن. بس رڳو ماڻهوءَ کي پنهنجي ڳال تي اٽل رهڻ کپي ... شاباس هاڻ ڀلي گهر وڃ ... اها خبر ٻڌي تنهنجي ماءُ ڏاڍي سرهي ٿيندي __

(هڪ وارو وري ڪنڌ جهڪائيندي )

جسوڌن: مهرباني ...

] جسوڌن اُتساهه مان هيٺ ترائيءَ ۽ پهاڙ جي اوڍر ۾ چؤنرن ڏانهن نهاريندو، پري پاڻيءَ جي تلاو ڏانهن وڌندو ٿو وڃي، جتي ڪجهه رٻارڻيون، ننڍيون توڙي وڏيون وٽن سان تلاو مان پاڻي ڀرينديون نظر اچن ٿيون. ڪجهه ڪپڙا سٽينديون هڪ- ٻه تيل ميٽ جي وٽن سان مٿو ڌوئينديون نظر اچن ٿيون. ڪيمرا ڪٽ ڪري، پاڻي ڀريندڙ عورتن جي بيڪ سائيڊ کان، جسوڌن کي داڦا هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، پينٽ جي اڳين گيدن ۾ هٿ وجهيو، تلاو ڏانهن ڏاڍي ٽانءَ ۽ شرارت مان وڌنڌڙ ڏيکاري ٿي.[

(رٻارڻيون هڪٻئي کي اشاري سان ٺونٺيون هڻن ٿيون)

هڪڙي: ڀلا مڙس توهجي ٽيش.

ٻي: هئو، اڄ مڙيئي ڳالهه اٿوَ.

] سڀ رٻارڻيون ڏاڍي چالاڪيءَ مان پاڻي ڀرينديون، جسوءَ ڏانهن نهارينديون رهن ٿيون[

(هڪ رٻارڻ چوٽ ڪندي )

رٻارڻ: ڇو جسو، ڪهڙي کوشي اٿئي. اڄ ته توڏي جان داڦا هڻندو ٿو هلين؟

(گيدن ۾ هٿ وجهيو، ڏاڍي ٽانءَ مان رٻارڻين جي آڏو هاسيڪاري بيهجي ويندي )

جسوڌن: ڇو؟ داڦا ڇو نه هڻان؟ کوسيءَ مهل ته تو جيڙي پوڙهي ڏاچي به ڏهه هڻندي آهي، پوءِ مان توڏي جيان تيرهن ڇو نه هڻان.

(وچ تلاءُ ۾ ڳائي ٿو )

ڇنڇر پاڻي ڪيڏو ... هيڏو ڇنڇر پاڻي ڪيڏو، هيڏو.

]  تڙاو تي ٽهڪڙو پيدا ٿي وڃي ٿو [

(ڌڪ بچائيندي )

اڌروٽ رٻارڻ: ڇو، تو ڪا جال تاڻين آ.

جسوڌن: جال ٻال کي هڻ گولي __ جسو پاس ٿيو آ.

] تڙاو تي سڀني عورتن ۽ نينگرين جا منهن خوشيءَ مان ٻهڪي وڃن ٿا [

(ڄڻ ويساهه نه ايندي )

هڪ نينگري: جسو، تون پاش ٿي وئين!

(ڀوڳ مان، گيدن ۾ هٿ وجهي وڏي واڪي )

جسو: ها، ٻاڪو ڇو ڦاٽي ويو ٿئي. اوان سڀني جسوءَ کي سمجهيو ڇاهي؟ اوان سڀني کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جسو انگريجاڻي جال آڻيندو.

]  جسوڌن اوچتو ڇال ڏيئي، هڪ-ٻن عورتن جا دلا ڀڃي، تلاو مان بوٽن سوڌو شاپڙ ڪندو ڀڄي ٿو وڃي [

(هڪ پوڙهي رڙيون ڪندي )

پوڙهي: ڇورو ڇورو، اونٿڙو _ مائي هي اڦال ڏسو _ او جسو، موجو دلو ڏاڏنهن به ڀري ڏيندي _ ٻوٿ ٿئي انگريجاڻيءَ جهڙو!

] جسوڌن ڊوڙندو، دڳ ۾ کيڏندڙ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن کي خوشين مان هوائن ۾ ڦيرائندو، چؤنرن ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙندو ٿو وڃي[

ڏيک _ 2

] اِن ڊور، ڏينهن ويلا[

] ڪيمرا جسوڌن کي ڊوڙندو، پنهنجي وڏي، پٽيءَ ڇت واري چؤنري جي گهر آڏو ايندو ڏيکاري ٿي _ هو وڌي ٻنهي هٿن سان چؤنري جو ٻيڪڙيل در کولي ٿو.

کن لاءِ جسوڌن جا ڦهليل هٿ چؤنري جي کليل در تي ئي رهجي وڃن ٿا_ هو عجيب اتساهه ڀريل نيڻن سان پنهنجي رنجور، گهٽ نظر، اُداس ماءُ ۾ نهاريندو رهي ٿو. جا سامهون، هڪ کٽ جي ڀر ۾ ننڍڙي منجيءَ تي ويٺي، ڇڄ ۾ ان ڇڙهي[

( ماءُ جو ڪلوز اپ )

(ماءُ جسوءَ کي ڏسي ڪجهه بيچين ٿي وڃي ٿي )

جسو: امان ... آئون پاس ٿي ويس ...

(ڏک گاڏڙ اٿاهه خوشين مان، ڄڻ ويساهه نه آڻيندي )

ماءُ: تون ... پاش ٿي وئين جسو ... تون پاش ٿي وئين.

(ڏاڍي موهه مان، ماءُ جي ڪلهن تي هٿ رکي اخبار سندس چوٽيءَ پٺيان جهلي )

جسو: ها ... مان پاس ٿي ويس ... پاس ...

( اٿاهه خوشين ۾ اچانگ اُٻهرن خيالن ۽ سوچن ۾ ولوٽجندي انتهائي ڏک مان ٽرن ڪندي )

ماءُ: جسو ... ٿر ڏاڍو ڏتڙيو، ڏڪاريو آ .... ٽي ٽي مندون، مينهن ڀٽن ڏانهن مُهاڙ ئي ڪونه ڪري. ويچارا مارو مُرٽ، ڀُرٽ ۽ سانئن لاءِ سِڪيو مرن ... ڏس، متان وڏو آڦيسر ٿي، مارن کان منهن مٽي وڃين _ حشر ويل حساب، ٿڃ ڪانه بخشيندي سانءَ ... مون تو جو نالو ڏاڍو سوچي سمجهي رکيو آهي.

(Reaction  جسو انتهائي نماڻائيءَ سان مرڪي ٿو پوي )

جسو: امان_ ڪيڙا الاپ پئي ڪرين. تو جسوڌر کي ڪارونجهر جون ماکيون، سنڱريون، گگر، کئونر ميڙي پاليو آ_ اهي سڀ ڳالهيون جسو ڪيئن وساريندو ... ڪيئن ... ڪنهن پر ...

( پيار مان ڏکو ڪندي )

ماءُ: چڱو چڱو وڏو تروٽ ماريو ٿئي _ روپ ٿي پئين. هاڻ اهو سونٽ لاهي اباڻا ڍڪ ته بک نه مرين، ماني کائڻي ٿئي ڪين نه.

(ماءُ چؤنري جي ٻئي ڀاڱي ۾ هلي ٿي وڃي_ ۽ ڇڪي مان ٻاجهر جي ماني ۽ لسي ڪڍي ٿي.

جسوڌن کن لاءِ چؤنري جي وڏي ويڪري حصي ۾ پينٽ جي اڳين گيدن ۾ هٿ وجهيو، ڏاڍيءَ ٽانءِ مان، هڪ ڪنڊ ۾ اسٽينڊ تي رکيل ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو ٿو رهي. )

] چؤنري جي مٽيءَ جي گاري هاڻي ڀت تي ڪلينڊر وغيره ٽنگيل آهن. هڪ پاسي ڪتابن جو ريڪ ۽ جسوءَ جي لکڻ پڙهڻ جي ميز آهي. جتي جسوڌن جا پنهنجا ٺاهيل هڪ ٻه ٺڪر جا مجسما آهن.)

جسو ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو ٿو رهي _ نقشي ۾ ڪارونجهر مان ڀٽياڻي ۽ گوڙڌرو وهنديون نظر اچن_ پري جتي گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي وڃي ملن ٿيون، اتي هڪ ننڍڙو ڊيم ٺهيل آهي، جنهن جو مٿاهون بند هڪ پاسي کان ڪارونجهر سان اچي ٿو ملي ۽ ٻئي پاسي کان پري پاريسر جي ٽڪريءَ سان وڃي ٿو ملي _ ان تمام ايراضيءَ ۾ پاڻي سمنڊ جيان لهرون هڻندو ٿو نظر اچي ___ اسٽئنڊ جي ويجهو هڪ مسودو رکيل آهي، جنهن جي مٿان لکيل آهي ”عظيم ٿرپارڪر“  ليکڪ : جسوڌن رٻاري.

جسوڌن کن لاءِ سانت ڀريل نيڻن سان ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو، مسودي جا پنا اٿلائيندو ٿو رهي ۽ پوءِ پاڻ مرادو مرڪي ٿو پوي.[

(چؤنري جي ٻئي پاسي کان آواز ڏيندي).

ماءُ: اچان ... ڪپڙا مٽايئه؟...

(اوچتو ڇرڪي، خيال مان ٻاهر ايندي.)

جسو: اڙي ... مون کي ته وسري ويو.

(آواز ڪنائيندي).

ماءُ: ڌوڙ، مون کي اچرج ته تو امتانِ ڪيئن بانس ڪيو!...

(منجهي ويندي ).

جسوڌن: بس ڪيو ...

(ٻئي ماءُ- پٽ کلي پون ٿا).

ماءُ: ڀلا هٿ ڌوئيندين ڪين ائين بس.

(ڀوڳ مان).

جسوڌن: شينهن جا هٿ ڌوتا پيا آهن.

(ماني اڳيان رکندي ).

ماءُ: هل بُڇا، هٿ ڌوئي آ.

(جسوڌن منهن بڇڙو ڪري هٿ ڌوئي ٿو. ڪنڌ کي ڪاوڙ مان ڌوڻ ڏئي).

ماءُ: توبهن، هي مهانڊو ڪلٽر ٿيندو ...

(موٽڻ مهل جسو هٿ اگهندي ڏاڍو پريشان ٿو لڳي).

ماءُ: ڇو ٻوٿرا، هاڻ وري ڪوه ٿِيئي؟

(پريشانيءَ مان )

جسو: هون ... ڪجهه به نه، پرينهن حيدرآباد ۾ منهنجو انٽرويو آهي .......... سوچان ٿو، پئسا ڪٿان ايندا؟...

ماءُ: مر نه، چار ڏوڪڙ جڙي پوندا. سارو جنب ڪتيندي گذري ويو--- ايترو به نه جڙندو ڪيئن هڙ مان....

(جسو ماءُ ڏانهن نهاريندو  رهجي ٿو وڃي، دکي پراسرار نيڻن سان).

(Cut)

ڏيک 3

]اِن ڊور ڏينهن ويلا [

(ڪيمرا جسوڌن کي هڪ وڏيءَ بلڊنگ ۾، ڪجهه نوجوانن سان ويٽنگ روم ۾ ويٺل ڏيکاري ٿي.سڀ نوجوان ڏاڍا پريشان آهن؛ پر جسوڌن تمام فريش ۽ ماڊ ٿو لڳي، سڀ ساٿي نوجوان فل سوٽن ۽ نيڪ ٽاين سان آهن ۽ جسوڌن جين جي جاڪيٽ ۽ پينٽ ۾).

اندران وڏي هال مان، پٽيوالو اچي ٿو ___ (۽ هڪ خوبصورت موڳاٽيل نوجوان به).

پٽيوالو: مسٽر جسوڌن فرام ٿرپارڪر.

جسوڌو: ٿئنڪ يو جئنٽل مين، مان آهيان جسوڌن فرام ٿرپارڪر.

(اندر وڃي ٿو. ڪيمرا وڏي هال ۾ انٽرويو وٺندڙن ٽن پوڙهن عينڪن وارن کي ڏيکاري ٿي، جن جي اڳيان ڪاغذ اُڏري ساري هال ۾ پکڙي رهيا آهن. ۽ ٽيئي پوڙها وڏي مشڪل سان ڪاغذ سنڀالڻ لاءِ پريشان ٿا ڏسجن.)

جسوڌن کن لاءِ ٽنهين پوڙهن کي تاڻي، ڪجهه محسوس ڪندي پکي جو بٽڻ آف ڪندي نهايت ئي شاندار نموني ڪاغذ سهڙيندي، شرارت مان مرڪندي.

جسوڌن: يور پيپرز ... بٽ سر، اٽز اي ويري اولڊ فارم ... اِز اٽ اولڊ فارم آر ناٽ؟...

(ٽيئي پوڙها ڪاغذ وٺندي مهربانيءَ لاءِ هٿ وڌائيندي ).

(ٽنهي جي وڌايل هٿن کي محسوس ڪندي )

جسوڌن: نو سر، ... نو... آءِ هَئِو ماءِ اون مينرز ... هو از دي چئرمين؟

(ڪيمرا فاسٽ پين ڪري چيئرمين تي اچي ٿي. چيئرمين عينڪ مان ڏاڍين گمڀير نظرن سان ڏانهس نهاري ٿو. کيس انتهائي پراڻي قسم جو فل سوٽ پهريل آهي ۽ جنجير واري پاڪيٽ واچ به . ڏاڍي موهه مان، هٿ وڌائيندي. سنڌي اسٽائل انگريزيءَ سان ).

چيئرمين: اوهه .... اي نائيس بواءِ يو آر __ ڪم آن ... ڪم آن __

(پهرين چيئرمين ۽ پوءِ ٻين ٻنهين سان هٿ ملائيندي).

جسوڌن: ٿئنڪ يو.

چيئرمين: تنهنجون مارڪون تمام سٺيون آهن.

جسوڌن: ڇو، آئون خراب آهيان ڇا؟

(ٽيئي کلن ٿا)

چيئرمين: تون ٿر جو آهين، ڊيزرٽ لئنڊ جو ... تون ٻڌائي سگهين ٿو ته ٿر کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا؟...

جسوڌن: او _ يس. آءُ ان تي ڪتاب لکي رهيو آهيان. هاڪڙو جي سڪي وڃڻ کان وٺي، ڀٽياڻيءَ ۽ گوڙڌرو جي پاڻيءَ جو رڻ ۾ وڃي ڌٻڻيون ٺاهڻ تائين. مونکي سُٺي ڄاڻ آهي، ته ڪٿي ڪيئن ۽ ڇا پوکجي. نين جا منهن، رڻن ڏانهن وڃڻ بدران وسندين ٿرن ۽ برن ڏانهن ڪيئن موٽائجن، آءِ هيِو اي لارج اسٽڊي ائنڊ ابزرويشن.

(غور سان ٻڌيندي).

چيئرمين: گڊ ... گڊ ... پر تون ڪتاب ڇو ٿو لکڻ چاهين؟.

جسوڌن: ڇو، ڇا مون کي ڪتاب لکڻ جو حق ناهي ڇا! ...ڇا اوهان چاهيو ٿا ته هڪ وارو  وري برٽشيئن اچن ۽ سنڌ جي جاگرافيڪل ڪنڊيشن تي ڪتاب لکن. اسين سر جان مارشل، فريئر، رچرڊ برٽن، ليمبرڪ، پاٽنچر، سورلي يا اهڙن ٻين عالمن کان تمام گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون. هر فيلڊ ۾.

چيئرمين: بٽ ناٽ اِن سائنس اينڊ ٽيڪنولاجي؟

جسوڌن: ها، ان جو ڪارڻ آهي. آءُ ڪار نٿو هلائي سگهان، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ 12 سالن جون ڇوڪريون ڪار چيزنگ ڪنديون آهن؛ پر ان جو مطلب اهو ته نه آهي، ته آءُ جڏو مُڏو ۽ ڪورو ڄٽ آهيان.

(هلڪو مُرڪي )

چيئرمين: تو وٽ پنهنجي بچاوَ لاءِ سٺا دليل آهن؛ پر ٻڌ شراب لاءِ تنهنجو ڇا خيال آهي.

(سوچيندي غور سان چيئرمين ڏانهن نهاريندي ).

جسوڌن: شراب لاءِ ...هن ملڪ ۾ ... جڏهن جتي ڪٿي ٻارڙا ٻن آنن جي دوا لاءِ چُڙي چڙي مري رهيا هجن، Vat 69  هجي يا واٽ ون ... منهنجي نڙيءَ تان ڏاڍو ڏکيو لهندو.

چيئرمين: وائيلڊ لائف لاءِ تنهنجو ڇا خيال آهي؟

جسوڌن: حضرت عليءَ جي چوڻ موجب پنهنجي پيٽ کي جانورن جو قبرستان نه سمجهيو.

چيئرمين: تون پاڻ ڇا ٿو چئين.

جسوڌن: آءُ ... آءُ چوان ٿو ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن ٿر جي ڏهرين مان ته ڇا، اوهان جي راڻي باغ جي پڃرن مان به مور کٽي وڃن ۽ اوهان رڳو مور جا ڦوٽو کنيو ويٺا هجو ته مور ههڙا هئا.

ٻيو ميمبر: آر يو اي ٿِنڪر؟

جسوڌن: ييس، آءِ ايم ٿنڪر.

چيئرمين: ڪنهن ايم. اين. اي يا ايم. پي. اي سان ڄاڻ سڃاڻ اٿئي؟

(غور مان چيئرمين ۾ نهاريندي ڪجهه ڪنبي ويندي.)

جسوڌن: نه آءُ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻان.

(جسوڌن ٽنهين ۾ نهاريو ڏاڍيءَ پيڙا مان، ٻئي در کان نڪري ٿو وڃي.)

(Cut)

ڏيک—4

] آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[

ڪيمرا long shot  ۾ ننگرپارڪر شهر جو منظر پيش ڪري ٿي. ڪيمرا پين ڪندي ننڍڙي اسڪول ڏيکاري ٿي. اسڪول جي عمارت مان گهنٽيءَ جو آواز زور زور سان وڄندو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪيمرا ننڍڙن ننڍڙن ٻارڙن سان گڏ گونڌل ۽ هڪ ٻن ٻين ماسترياڻين کي پڙا لمڪائينديون ٻاهر اينديون ڏيکاري ٿي.

Cut

ڪيمرا گونڌل کي ٻن ننڍڙن ٻارڙن سان ريسٽ هائوس واري ٽڪريءَ وٽان پري ڀوڏيسر جي تلاءُ واري پاسي ڏانهن ويندو ڏيکاري ٿي.

ڪيمرا ڀٽياڻيءَ جي ڦاڙ ۾ بيٺل وڏن وڏن نمن جي وڻن جو منظر پيش ڪري ٿي، جن جون پاڙون زمين کان اڌ تائين ٻاهر نڪتل آهن.

سامهون جسوڌن هڪ وڻ جي سهاري گونڌل جي واٽ ۾ ڏاڍي بيچينيءَ سان بيٺل نظر ٿو اچي ٿو. کن لاءِ ٻنهين جون نظرون ٽڪرائن ٿيون.

جسوڌن جي نيڻن ۾ موهه جا سوين ڄار سمويل آهن _ پر گونڌل جي نيڻن ۾ پريشانين، گهٻراهٽ، نٽاوَ ۽ ڏک آهن، جن کي هوءَ لڪائڻ چاهي ٿي. گونڌل جئين ئي جسوڌن وٽان لنگهي ٿي، جسوڌن بيچين ٿي کيس سڏ ٿو ڪري.

جسوڌن: گونڌلي ... ڇا ٿي ويو اٿئي ...؟ ...

گونڌل: هون ... ڪجهه به ڪين ... مون سان گڏ هلندو هل ...

جسوڌن: نه، ڪجهه ته آهي، تون لڪائين پئي؟ .........

گونڌل: نه ته .......

جسوڌن: نه .... تون لڪائين پئي مون کان ها يا نه ....

(هلندي منجهي )

گونڌلي: الائي .... تون ڇا پيو چوڻ گهرين؟

(گونڌل سان وک وک گڏ هلندي، انتهائي ڏک مان، بيهجي ويندي )

جسوڌن: مان .... مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان ...

الاهين ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان، شاهه ۽ اياز جيان مون وٽ به سهڻن، جادو ڀريل لفظن جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن. چوڻ لاءِ مون وٽ الاهي ڪجهه آهي، پر نه ... اڃا، نه ... اڃا ته مون کي نوڪري ڪٿي ملي آ....

(ڳالهاءُ روڪي، اونهو ساهه ڀري )

جسوڌن: توبهه، ماڻهو نوڪريءَ لاءِ ڪيڏو نه محتاج آهي ... آهي نه گونڌلي؟....

(گونڌل چوٽ کائي ڏانهس نهاريندي وري هلڻ شروع ڪري ٿي. گڏ هلندي )

جسوڌن: گونڌلي، مان انٽرويو ڏئي آيو آهيان هڪ به سوال اهڙو نه هو جنهن جو جواب مون صحيح نه ڏنو هجي.

(بيچين ٿي بيهي ويندي، ڪجهه خارن مان )

گونڌل: پوءِ ڇا ٿيو؟...

جسوڌن: ڇا ٿيندو ... هتي ٽئلينٽ ڪا شيءَ ناهي، سفارش کان سواءِ هڪ رٻاري ڇوڪري جو آفيسر ٿيڻ Impossible  آهي، بلڪل ناممڪن..

(گونڌل سندس منهن ۾ نهاريندي رهجي ٿي وڃي )

گونڌل: پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي!؟ ڇا ٿو چئي سگهجي!  

(ڪجهه منجهي ويندي )

جسوڌن: ڏس تون راڻي جا ٻار پڙهائين ٿي، انفرادي طرح راڻو خراب ماڻهو ڪينهين. هو جيڪڏهن منهنجي سفارش ڪري ته پوءِ پڪ مون کي نوڪري ملي ويندي. آءُ سمجهان ٿو ته، هو تنهنجو چوڻ ڪيئن ٽاريندو.

(بيهي ويندي )

گونڌل: بس .......

(انتهائي خارن مان، جذباتي ٿي ويندي )

جسوڌن: ها، ٻڌاءِ نه، ان کان وڌيڪ ڪهڙو ڦاهو کان. سفارش، اُها به توکي چئڻي پوي، ٻيو ٿوٻي مليان ڇا پنهنجي منهن کي؟.....

(جسوڌن روئڻ جهڙو ٿي وڃي ٿو. گونڌل ڏانهس ڏک مان نهاريندي )

گونڌل: اڄ شام جو مان راڻي کي چونديس، منهنجو وات ڪونه ڏکندو. اهو ته منهنجو حق آهي.

(خارن مان پٿر اڇائيندي، گونڌل جي چهري ۾ نهارڻ کان سواءِ ٽرن ڪندي، ڪنڌ ڌوڻيندي، پوئتي ويندي )

جسوڌن: مهرباني .O.K. Thanks  

(عجيب موهه ۽ ڏک ڀريل نيڻن سان )

گونڌل: چڱو الله توهار.

(گونڌل جلدي پاڻ سنڀالي، پنهنجي واٽ وڃڻ لڳي ٿي.

ڪيمرا جسوڌن تي اچي ٿي، هلندي هلندي، اندر جي ڪنهن پيڙا کان گونڌلي ڏانهن نهاري ٿو__

ڪيمرا جسوڌن جي سائيڊ کان پري ويندڙ گونڌليءَ کي ڏيکاري ٿي هوءَ مڙي نهاري به نٿي، ٻارڙن سان چپ چاپ پٺڀري هلندي ٿي وڃي فضائن ۾ مورن جا راڙا آهن.)

Desolve

ڏيک-5

] اِن ڊور، ڏينهن ويلا[

(ڪيمرا راڻي جي ننڍڙي قديم محلات نما جاءِ جو اندريون ڏيک پيش ڪري ٿي.

هڪ وڏي ويڪري خوبصورت ڪمري ۽ گونڌل، راڻي جي ٻارهن سالن جي ڌيءَ ۽ ٻن ننڍڙن پٽن کي پڙهائيندي نظر اچي ٿي.

گونڌل جو ذهن ڄڻ پڙهائڻ ۾ نٿو لڳي، هوءَ واچ ۾ نهاري ٿي.)

گونڌل: ليسن نمبر فور ”اينڊراڪلس ائنڊ دي لائن.“

ڇوڪرو: نه نه ادي، اڄ ڪهاڻي ٻڌاءِ.

گونڌل: ادڙا هيءُ به ته ڪهاڻي آهي، ڏسو ائنڊراڪلس شينهن جي پير مان ڪنڊو ڪيئن ٿو ڪڍي؟

 ڇوڪري: نه نه دادي، مونکي ماچيسن واريءَ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي وڻندي آهي، ”The little match girl

گونڌل: ها، اُها ته ڏاڍي سٺي ڪهاڻي آهي. ڏاڍي دردناڪ ...

(هٿ ۾ ٻڌل واچ ۾ نهاريندي )

پر اڄ مون کي راڻا صاحب سان ملڻو آهي. سڀاڻ اوهان کي ڪهاڻي ٻڌائينديس. هڪ نه، ٻه. بس ...

(ايتري ۾ نوڪرياڻي چانهه جو خالي ڪپ کڻڻ اچي ٿي )

نوڪرياڻي: امڙ، راڻا صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي __ سانئڻ به آهي. تون ڀل اچ.

(اٿندي )

گونڌل: مهرباني ...

] گونڌل نوڪرياڻيءَ جي پٺيان هلي ٿي ٻارڙا به سندس پٺيان ڊوڙن ٿا.

ڪيمرا گونڌل کي جهاٻن جهولڻن وارو وڏو پردو هٽائي، راڻا صاحب جي وڏي ڪمري ۾ ايندي ڏيکاري ٿي. راڻو زال سان هڪ وڏي ڪرسيءَ تي ويٺو سوپاري چٻاڙيندو نظر اچي ٿو _ راڻي جي پٺيان وڏن وڏن ٿلهن ڪتابن جي الماري آهي. گونڌل سندس آڏو اچي ٿي، سندس هٿن ۾ ڪتاب آهن.[

(گونڌل کي ڏسي )

راڻو: اچو اچو ... ٻارڙا ته ٺيڪ پيا پڙهن نه.

(گهٻراهٽ تي قابو پائيندي )

گونڌل: جي ها، اوهان جا ٻارڙا ڏاڍا ذهين آهن.

راڻو: مهرباني.

گونڌل: مون ڪجهه عرض ڪرڻ پئي گهريو.

راڻو: چئه؟

گونڌل: هو ... جسوڌن آهي نه، رٻارين جو ڇوڪرو ، اُن ايم.اي فرسٽ ڪلاس سان ڪئي آهي، ۽ نوڪريءَ لاءِ انٽرويو به شاندار نموني سان ڏئي آيو آهي؛ پر سفارش کان سواءِ سندس چونڊجڻ ڏکيو آهي. اوهان جي سندس سفارش ڪيو ته پوءِ پڪ کيس نوڪري ملي ويندي.

(ڪجهه محسوس ڪندي، گونڌل ۾ غور سان نهاريندي )

راڻو: جسوڌن ... رٻارين جو ڇوڪرو!

(انتهائي ايلاز مان)

گونڌل: جي ها، ڏاڍو غريب آ، ماءُ ويلا ڪڍي پڙهايو آ. هو هر طرح سان ان نوڪريءَ جي لائق آهي، اهو ڏاڍو خير جو ڪم ٿيندو.

(عجيب انداز سان ڏانهس نهاريندي)

راڻو: تو جو مائٽ ٿئي.

] ڪيمرا گونڌل تي اچي ٿي، گونڌل جو ذهن ڄڻ ڌوڏو کائي ٿو وڃي (تڪڙ مان )[

گونڌل: جي نه، جي نه، .... هو نونڊڪي لاڪي کان مون سان گڏ پڙهيو آ، ننگرپارڪر هاءِ اسڪول ۾.

(ڳالهه ٺاهيندي )

ڪال هن جي ماءُ آئي هئي، چيائين ته تون راڻي جا ٻار پڙهائين ٿي، راڻو توهجي ڳال ڪين ٽاريندو.

(ڳالهه کي محسوس ڪندي، چپن ۾ مرڪ دٻائيندي )

راڻو: هون ... ٺيڪ آ. هونئن به مان ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان، اها ڪا ڳالهه ڪانهي.

(ادب سان ڪنڌ کي نماءُ ڏيندي )

گونڌل: مهرباني.

] گونڌل راڻي جي ڪمري کان نڪري ٻارڙن کان موڪلائي، راڻي جي گهر مان نڪري ٿي وڃي.

ڪيمرا گونڌليءَ کي ڪارونجهر جا سهڻا گام ڏيو، پري پنهنجي ڳوٺ ويندي ڏيکاري ٿي.

ڪيمرا راڻي کي دريءَ مان گونڌل ڏانهن نهاريندي ڏيکاري ٿي.[

راڻو: مار .... ڇوري بور آ بور... اسين ته قوم جا ابا ٿي مري وياسين.

]ڪيمرا راڻي جي بيڪ سائيڊ کان گونڌل کي پري ويندو ڏيکاري ٿي[

]  ڏيک _6[

]  اِن ڊور [

] رات ويلا [

] ڪيمرا راڻي جي اوطاق تي وڏي محفل متل ڏيکاري ٿي. چلم جو نڙ چئني پاسي پيو ڦري. هندو-مسلم ذات وڏيرو راڻي جي ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ٻڌيو ويٺل نظر اچي ٿو. آفيم، سوپارين ۽ ڦوٽن ۽ مصريءَ جي ڪُپي چوڌاري ڦرندي ٿي نظر اچي – سڄي ڪمري ۾ ميڻ بتين جون روشنيون، اگر ۽ لوبان جو دونهون اُڏامندو ٿو نظر اچي. ٻاهر جيپ بيهڻ جو آواز اچي ٿو.[

ڪچهري ۾ رئيس ڌڱاڻو خان اچي ٿو.

راڻو: رئيس ڌڱاڻي خان جو خير، ڀلي ڀلي ڪري آئين، اڄ ته اوير ڪري ڇڏيئه.

رئيس: راڻا، پاڻ وارا وکِت ٿي ويا پورا، هاڻي مڙي ٿيا ڏيهه پورا ڪرڻا.

راڻو: رئيس، ٻيلي، هيڻي مَ ٻول، اڃا ته راڄاڻ لڳا پيا هون.

(چوٽ ڪندي )

رئيس: ڀلو راڄاڻ ... راڻا، زمانو الائي ڪٿ پيو ڳالهائي _ هاڻ ته رٻارين جو وات ڳاڙهو ڇورو به آفيسري ڪندو.

(آفيم جي ٻوڏڙن ۾ )

هڪ ماڻهو: ها سائين، کُدا پاڪ جي جوڙ، ماءُ مُوري ته پٽ وري پتائي گجر ...

(ڳالهه کي محسوس ڪندي )

راڻو: بس بس رئيس، تو واري ڳجهارت وئي _ پر رٻاري به ته اسان مان ٿيا. مان ته پاڻ سندس سفارش لاءِ پئي سوچيو، اُڙئي ٿُڙئي ڪم اچي ويندو.

(خارن مان )

رئيس: ها، ڇو نه، سڀاڻ ان ٽڪي جي ڇوري ڏانهن مهنديءَ رتيون ڏاڙهيون ٺنگرائي پهرين اپيلون کڻي هلنداسين، پوءِ ٽپيلون، ته سائين وڏا، تپيدار کي چئي زمين سروي ڪرائي ڏي. پوءِ صاب چوندو سڀاڻ اچو، پوءِ سڀاڻ مهينن تي هلي ويندي، پوءِ اوچتو خبر پوندي ته وڏو صاب دوري تي ويو هليو.

هڪ ماڻهو: بابا رئيس سچو، پر راڻا، توک سُپارش جو لاچار ڪيهو پيو؟

(ڪجهه ڪيٻائيندي )

راڻو: يار ... هوءَ ماسترياڻي منهنجا ٻارڙا ٿي پڙهائي ... ان کي ته عزت ڏيڻي ٿي.

ٻيو: ابور ... ابا راڻي تي وڏو لوڊ پيو آ.

ٽيون: اي سوڍا، هاڻ ڪڇين ڪونه ٿو؟

سوڍو: ڇڏ يار، ڪنهن جي ڍڪي ڀلي آ.

ٽيون: ڀلو ڍڪي ڀلي آ_ کڻي چئه ته ڇوري سان ڦٽل آ ٻيو.

راڻو: ڇا؟...

رئيس: ڇا وري ڇا، سومار سچو آ ٻيو.

راڻو: ڇورو اهڙو ڪو افلاطون آ ڇا؟

رئيس: يي ڇوري تي چڙهيا پيا هِن پَٿر پيو _ هلي ٿو  ته ڄڻ ڪاڪ ڌڻي آ.

سوڍو: ڏسجو، ڇورو جنهن ڏينهن آڦيسر ٿيو، ان ڏينهن ماسترياڻيءَ سان زوري لائون لهندو. (کُنڊ وجهي راڻي ڏانهن نهاري ) راڻا، ڪڍ ڪني مڇي گهر مان.

هڪ ساٿاري: ڀلو، نڪاح وجهندو جو راڻي جا دڦتر کڻي ويا هِن ڪتا.

ٻيو:  هئو ٻيلي، پروڙيوسين. اسين به چئون ته ڳال ڇاهي. او اِتي.

(ڪُنڊ مان ٻوڏڙن سان اُٿندي )

هڪ موالي: يي ڳال اڇان ڳاڇا پڌر پٽ پئي آ ٻيو _ رجپوت راڻن هوندي ٿي انهيءَ رٻاريءَ جي دال ڳري، يي لانو لهي نه ته پگهار ٻڌي هاڻ ٻڌايو، آڦيم جي ٻوڏڙن ۾ اوان ڪي مان؟

ٻڌايو ...؟

(ڪچهريءَ ۾ چوڏس ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي )

هڪ ڄڻو: واهه ڙي سوڍا واهه ... ڀڃي ڇڏيئيس. واهه ڙي واهه...

(راڻو ڪچهريءَ ۾ آڦيم جي نشي ۾ ڪيٻائيندو، مڇ مروٽيندو، الائي ڇا سوچندو ٿو رهي.

سڀ ٽهڪڙن ۾ الوٽ آهن.)

] ڏيک_ 7 [

] آوٽ ڊور [

]ڏينهن ويلا [

                   (گهڻي وقت گذرڻ جو تاثر )

] ڪيمرا ڪارونجهر  جي چوٽين مٿان سج کي تجلا ڏيندو اڀرندو ڏيکاري ٿي.

ڪيمرا پين ڪندي Long shot ۾ ننگرپارڪر شهر جو منظر ڏيکاري ٿي ۽ Zoom in  ڪري ننگرپارڪر جي هڪ خوبصورت ڳليءَ جو منظر پيش ڪري ٿي. هڪ ننڍڙي هوٽل آڏو، ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن جو ڇاپرو آهي _ جسوڌن ڳليءَ مان هلندو، اخبار واري کان انگريزي اخبار وٺي ٿو ۽ تڙ تڪڙ مان کولي پڙهڻ لڳي ٿو _ هو پنا اُٿلائي، هڪ ڪالم ڳولي پڙهڻ لڳي ٿو.

(Close up )

ڪالم پڙهندي (پنهنجو نالو اخبار ۾ نه ڏسندي ) جسوڌن کي ڏاڍي حيرت ۽ مايوسي ويڙهيندي ٿي وڃي. هو وري ٻيهر ڪالم پڙهي ٿو، سندي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تهه چڙهندا ٿا وڃن. هوسٽ سان اخبار ويڙهي مروڙي، بي دليءَ سان ڪنهن پاسي وڃڻ لڳي ٿو _

Cut

جسوڌن ننگرپارڪر جي شهر کان ٻاهر، ڪارونجهر آڏو ڳاڙهي ٽامي جيان ٻهڪندڙ ٽڪريءَ ڏانهن هلندو ٿو وڃي _ ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ويندڙ ماڻهو کيس ڏسيو، پري کان خوشيءَ مان هٿ لهرائيندا ٿا وڃن.

جسوڌن منجهاڻو هلندو ٿو وڃي، اوچتو ٻه همراهه سامهون کان اچي ٿا وڃينس.[

هڪ: يي جسو کوش.

جسوڌن: ها ... ها ...خوش آهيان ... ڏاڍو خوش آهيان.

ٻيو: اکبار ٻکبار جي ڪا خبر. ملڪ جا ڪٿي حال ايوال.

جسو: هون ... ڪا خبر ڪانهين ... الائي ڇا آهي ... الائي ...

جسوڌن منجهاڻو، واساما کائيندو اڳتي وڌي ٿو وڃي. ڪولهي حيرت مان ڏانهس نهاريندا رهجي ٿا وڃن.

هڪ: ٻيلي کير ته آ_ جسوءَ جي ته ٻولتي بند آ؟

ٻيو: بابا عشق چڱن کي چريو ڪريو وجهي _

(ٿڌو ساهه ڀري )

هڪ: هئو، جواڻي ديواڻي آ ...

Cut

جسوڌن واساما کائيندو گوڙڌرو واري ڦاڙ ڏانهن وڌي ٿو _ اوڇتو ڌوٻين کي ڪپڙا سٽيندو ڏسي، کيس ڄڻ ڳنڍڙيون وٺيو وڃن _ هو منجهي، رستو بدلائي، ڪارونجهر جو ٻاهريون گس ڏئي هلڻ ٿو لڳي _

ڪارونجهر کيس تپندڙ، اُلا ڇڏيندڙ ٿو نظر اچي.

] اُداس سنگيت جو تاثر [

] مورن جا اُداس راڙا [

] ڪيمرا پهاڙ جي اوڍر ۾ ٻن ٽن ڪولهياڻين کي ڪاٺين جون ڀريون رکيو، ساهي پٽيندو ڏيکاري ٿي. جسوڌن سامهون کان ايندو ٿو نظر اچي.

(هڪ ڪولهڻ ٻين کي اک ڀڃي )

هڪ ڪولهڻ: جسو کُدا سَتان پُٽان جو پي ڪينئي، ڀريون کڻاءِ.

] جسوڌن ٽنهين کي ڀريون کڻائي ٿو [

(ڏاڍي موهه مان)

هڪ ڪولهڻ: جسو، الا ڪيندو، ماسٽراڻي پرڻيندو.

] ڪولهياڻيون مرڪون ڦهلائينديون، ڀريون کنيو هلڻ لڳن ٿيون. پري ننگرپايڪر جي شهر مان اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٽن ٽن ڪندا وڄندا ٿا رهن[

(Close up)

(جسوڌن گهري اونهين اُداس ساهه سان پهرين ڪولهياڻين، پوءِ اسڪول جي گهنٽيءَ ڏانهن ڪَنائي ٿو _ هو خارن مان اخبار کي مروٽيندو، ٽڪرا ٽڪرا ڪندو ٿو وڃي [

(Cut)

        ] آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا [

] ڪيمرا جسوڌن کي گهر آڏو ڪاٺيون ڦوڙيندو ڏيکاري ٿي _ هو وزني ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سان ٿلهيون ٿلهيون بنڊيون ڦوڙيندو ٿو رهي _ ڪيمرا ملوڪان ۽ هڪ-ٻن ٻين نينگرين کي ٿوروئي پرتي کان پاڻيءَ جا دلا کنيو ايندي ڏيکاري ٿي [

                (چيڙائيندي )

ملوڪان: ڇو جسو، اڄ ڪاٺين ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا ٿئي. سڄي جَماني جون ڪسرون ڪاٺين مان ٿو ڪڍين ڇا؟...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com