مقابلي جي ماٺي ٿيڻ تي وينگس کي اچي ورتائون. جنهن جي روح مان
ريهه نڪتي، ”رسجانءِ رسول رب جا“. ويرم ۾ ويري
وات ٻڌي، وراڪا ڏيئي وڪوڙي، هَلر هولي مان چار
ڄڻيون چونڊي برک مُک، ملوڪ مهانڊن واريون ۽ نور
ڀريءَ کي ناڙي ٻوڪڙ ٻڌي، کسڪائي کڻي ويا. ٻين کي
ته ٻسٽن ٻئي ڪنهن هنڌ ٻوهي ۾ ٻَجهلائي، نِلو نور
ڀريءَ جي ٻانهن نيئي، ديري جو پٺيون در اپٽائي،
ڪِيس واري ڪوٺيءَ ۾ قابو ڪرڻ ڪاڻ، ڏائڻ ڏونٽيءَ کي
ڏنائون. انهيءَ ڪوس واري ڪمري ۾ سائينءَ جي سَڌ
پوري ڪرڻ واري سواريءَ جو سامان سٿيل هوندو هو؛
پيگ پيالا، نيش نوش نِولا، مُمسڪ مسالا. پورن پنجن
ڏينهن تائين رنگ رليون رِلائي، پريم جون پينگون
پياري، پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ جون کنڀڙاٽيون کوهي، ڪام
ديوتا جو ڪرٽ وهائي، ڪرم يوگي ڪنانئس ڪنار ڪندو
هو. پوءِ وري ٿيندو هو نئون شوق شڪار شروع.
ڏائڻ ڏونٽيءَ جو ننڍي لاڪر نانءُ ”ٻيگهي ٻائي“ هو. وڏو پير هن
کي ”واگهڻ“، ڊنل ديري واريون دايون ڀوَ کان
”درگاهه جي داروغڻ“، ۽ اڻبڻت وارا، اوڦٽو ۽ اڻواقف
بُڇان کان ”ڏائڻ ڏونٽي“ ڪري ڪوٺيندا هئس: ڪاري
ڪوجهي، بدو بڇڙي، هاٿڻ جهڙو حُليو، جهڙو بيگنا
واهه جو بُنڊ، ڄڻ پنج واتي بلا هئي. ڦڪل سان
ڦاسايل ڦوٽڙيون مورتون ماترائي چترائي، ريبي
ريجهائي، متوليءَ کي مجن موجن وٺڻ ڪاڻ موجود ڪري
ڏيئي پاڻ ملهائيندي هئي. هاڻيون ماڻيون به هن جي
هڪڙي ئي ڇنڊ ڪڍڻ تي هيسجي سکڻي هائوڪار ڪري
هلنديون هيون. ڪل ئي ڪارينديون ڪنانئس ڪؤڪنديون
هيون . ڏيڍي تي ڍڳو، داٻو ۽ ڌاڪو هئس . اڙي اوڌي
سائين وڏي جي سڏ تي سُر سان سُر ملائيندي هئي
.ڪيتريون ڪچ- لڱيون ڇوڪريون هن جي ڇيڙ تي ڇؤنڪجي
وينديون هيون. ڇو جو شرارت ۾ شيطاني شهڪارن جي
سَند حاصل هيس، انهيءَ ڪري اڻهي آقائن وٽ آگهائتي
هئي.
نور ڀري جيئن چورن جي ور چڙهي، تيئن سرير جو سُڌ سماءُ نه رهيس.
سج اڀريو، ڏينهن ڏٺو ته پاڻ کي هڪڙي بنگلي ۾
بلائتو بند ڏٺائين. ڏائڻ ڏونٽي ڏٽا ۽ ڏکا ڏيئي چئي
رهي هيس: اُٿي هٿ منهن ڌو، ماني ٽڪر کاءُ، ماڻهپي
۾ اچ. جن کان وڇڙي آهين، تن ماروئڙن وٽ تهتان وري
ويندينءَ، ٿانئيڪي ٿي پوندينءَ؛ هت توکي مارڻ ڪاڻ
ڪونه پر مزن موجن ماڻڻ ڪاڻ آندو اٿن. نور ڀري نستي
ٿيو، مُنهن ويڙهيو، راتوڪي رڻ ٿيڻ واريءَ سودا ۾
سُتي پئي هئي. ڏائڻ جي ڏند ڪٿا سڻي، ڏانهنس اکيون
اڌو گابريون اُپٽي، نفرت سان نهاري، پاسو ورائي
پٺيري ٿي ويٺي. نڪا ٿي ڪُڇي نڪا ٿي پُڇي، پنهنجن
ئي گوندرن ۾ گم هئي.
اوٽي تي آنٽا ڏيندي پِير پچارون ڪرڻ لڳو. ٻوليون پيو ٻولي. چي،
ڏاڏو سائين ڪندو ته اڄ ڪا پدمڻي هن پڌر تي پڌاربي،
پيرل کي پڙپندي، ديري ۾ پير ڌريندي!
ڏسندي ڏسندي، ڏائڻ ڏونٽيءَ متوليءَ کي اچي ڏانءِ ڏني. ڇوري پختي
پڙهايل آهي، هٿناٽن، هُشين هوشڪارڻ تي هَڙپي هرکي
نٿي، تڏهن به توهان جي هٿ وس ۽ هٿ جس ۾ ٿيندي، همٿ
ڪري هلي هٿ ڦيريوس، هيٺانهين وٺجوس. ڪندو درگاهه
ڌڻي ته ڊٻري ڍيري ٿي پوندي، توڙي جو ڇوريءَ جو
خوءِ خراب آهي، ان جو خيال رکجو، باقي آهي لُڏڻ
لاڏلي!
ڏائڻ جي ڏڍن ڏيڻ تي پير مرشد اٿي دارونءَ جو دُنگ چاڙهيو ۽ مڇون
مروٽڻ ويٺو. جڏهن خمارن جا بخار بِرُ ٿيس ته
آجهڙجي اٿيو، گينوار ۾ گهِڏندو گهِرڪندو، گيهرَبو
صفي سامهون ڪوس واري ڪمري ۾ ڪُڏي پيو. اندر اچڻ
سان ڇا ٿو ڏسي ته نينگر پلنگ بجاءِ پٽ تي گيرٽ
پيئي کائي. اکيون اُڀ ڏي اٿس، بي ڳهني ڳالهيون پئي
ڪري. متوليءَ جو منهن ڏسندي ئي مٿو چڪرايس، اندر
جو آلاپ آيس ”الا“! هيءَ ڪا گهاڻي گهتيل ئي
متوليءَ جي آهي! تڏهن به ڌيان ڌاري، ڏُکندو ڏاڍو
ڪري هلي اوري آئي.
نور ڀري: (ڏُکاري ٿي) منهنجا مرشد سائين سڳورا، منهنجي ڀاڳين
توکي الله کڻي آندو آهي! الاجي ڪهڙن ڪميڻن مون کي
ڇانگ کان ڇني هتي آڻي قيد ڪيو آهي. آيو آهين ته
مون کي هن ڪونڀ مان ڪڍي ٻاهر ڪر. بند کان بچاءِ،
پيڪن پهچاءِ. تون ٿَڪن ٿاهر، ڏُتڙين جو ڏڍ آهين،
هِن دنيا ۽ هُن دنيا جو داڙوُ ۽ درمان آهين، هيڻن
جو حامي. سڏيءَ سَڏُ ڏيڻ وارو آهين، اوکيءَ ۾
اڙياتن جو آڌار آهين، واهر وسيلو آهين. (وڌي پيرن
تي ڪريس ٿي) مون بي وڙيءَ سان پنهنجو وڙ ڪر، تون
ئي نِڌر جو ننگ آهين، تنهنجي ئي ابي ڏاڏي جي اگلي
اُمتياڻي آهيان، مون کي مائٽن سان مِلاءِ! سائين
آهين، سردار آهين، هر وقت حاضر آهين. (اوڇنگارون
ڏيئي روئي ٿي)
متولي اول ته سِسو وسو ٿي ويو، متيون منجهي ويس ته ڇا ڪري، پر
پوءِ پڪو منهن جهلي، خنڪيءَ سان کنگهار ڪري، هن کي
پيرن مان اُٿاري، ڳراٽي پائي، ٻوٿ کي بوڇڻ آڏو
ڏيئي، دڙ دلاسو ۽ آٿت ڏيڻ لڳو:
متولي: مڇڻ دلگير ٿي آهين، گهٻرائي هيرائي نه، متان هئيسان هوري
ڪرين، ڊپ ڌيڄو ڪومَ ڪر، اُڀساهي ڪين وٺنئه، ساهه
پَٽ، سامت ۾ اچ! آءٌ تنهنجي طلبڻ تي ڪٿان کان
ڪَهي، پنڌ پئي، پڌاريو، پرگهٽ ٿيو آهيان. تنهنجو
سڏ سئو ڪوهه تي سُئم! انهيءَ وچ ۾ ڇوڪريءَ کي ڀاڪر
۾ ڀچائي، متولي ٿڌڙا ڪڍڻ ۽ ڪتڪتايون ڪرڻ، هٿڙا
ڦيرڻ، مُموءَ ۽ مسامن کي مساس، جُثي ۽ جسم کي مهٽ
مروٽ ڪرڻ لڳو. جنهن تي جَلي، نور ڀريءَ ننگائتي
نموني چيس:
نور ڀري: تون منهنجو مرشد مائٽ آهين، آءٌ اهڙي ڪانه آهيان،
حياءُ ڪر، شرم ڪر، ننگائتو وڙائتو ٿيءُ! مون سان
مرم واري مشڪري نه ڪر! الله جي نالي هٿچراند ڇڏ،
توکي سُنهن آهي سچي سائينءَ جو! پنهنجين نياڻين
سياڻين وارو آهين!
متولي: مان توکي اوليائن جي امر ڌاران ستائي نٿو سگهان. اڄ تو
ڪاڻ جيئن درگاهه مان دعا گهرڻ ويس، ته هاتفي حڪم
ٿيو، ته انهيءَ نينگر سان نڪاح ڪر، اُن مان
تنهنجيون ست پيڙهيون سِرجنديون، ولين جا وصي وارث
پيدا ٿيندا. هت نِمُن جون ڇائون ۽ درگاهه جون
دعائون هُت حورون هندورن ۾ لوڏيندءِ. جنت ۾ جايون،
ٻيو ڇا کپئي! اهو تنهنجو احسان الله لوڪن تي
ٿيندو. ڇا ٿي چوين؟ نڀاڳي نه ٿيءُ، وجهه نه وڃاءِ،
اڄ ئي الله وٽ اگهائي ويندئين! ائين چئي چُمي ڏيڻ
ڪارڻ وات پٽي ڳوريءَ جي ڳل کي ڳٽيائين ته دارونءَ
جي ڌپ ڪوٺيءَ کي ڪنو ڪري ڇڏيو. ڇوريءَ ڇال ڏيئي
جند ڇڏائي، پري ٿي، پلنگ جو پسر سوڌو پاڳو سٽ ڏيئي
اکوڙي، سوگهو جهلي نور ڀريءَ نعرو هنيو: هلا ٿئي
حرامي، ڪامي ڪُتا، شهوتي شيطان! ڀورڙين کي ڀرمايو،
ڀُلايو ڀنڀلايو اٿئي! ڪنهن ڪاري ڍڳي جي قيمت ڪٿڻ
واري ڪامڻيءَ سان ڪم ڪونه پيو اٿئي! پوءِ پِڙ ڪڍي
بيٺس، پاڳي جي پاهن سان پيٽ ۽ پٺن تي پنبي کڻي
ٻڌائينس. بَمڪايو پئي بمڪايائينس! پِير به سور
پِي، سونٽا سهي، ٻانهن آڏي ڏيئي، جوانيءَ وارو جوش
ڏيکاريو؛ ٻِڌ ڏيئي، ٻيئي ٻانهون جهلي، ارهه ۾
اوراٽي، ڀانيو ته پاڳو ڦري، ٻکن ۾ ٻيڻو ڪري، دسي،
ٻُسي ٻوساٽي ويهانس؛ پر هن به دسجي ڊهڻ کان مهند
ٺاهي ٺوڪي، ٺڪاءُ جو مترڪو مغز ۾ ڪرايس، ته رت
ڪُتائي نه چٽينس! اصل رت جا ريلا، گهاءَ ۾ گهارا !
اهو ڏيک ڏسي، ڏند ڀيڙي، چپ چَڪي چوريائين ”ننڍپڻ
جو نينهن ڇنان ته ڇوري ٿيان!“ ڏمر کان لاڻي
وانگيان پئي لُڏي، ڪايا پئي ڪلپيس ۽ ڏيل پئي ڏڪيس.
تپي تپي ٽامو ٿي پئي. هوڏانهن ٺٺ ٺانگر وارو پير
ٺاپر ڪري، ٺومڻي ٺپائي، ٺينڊيون ٽمائيندو، رت جون
ريڳاڙيون ڳاڙيندو، گهوڙا گهوڙا ڪندو، ڊوڙي نڪتو در
کان ٻاهر. اڱڻ تي اچي واڪو ڪيائين: ور ڙي واگهڻ
ور! اچي مرشد جو منهن ڏس! رت ڌئار!
ديري ۾ دانهن ٿي، هُل هُلاچو هُلي ويو، پڙلاءُ پئجي ويو: پيرَ
پدمڻي هٿان پادر کاڌا ڙي، پير پادر کاڌا!
پير به پُرجهي ويو، وري ڪُداچت ڪوٺيءَ ڏي ڪياڙي به ڪين ڪيائين.
واگهڻ واري وسائيندي آئي.
واگهڻ: (رت ڏسي) قربان وڃان، هيءُ ڪهڙو قهر ٿيو؟ ڪهڙي ڪميڻيءَ
پنهنجي قيامت ڪاري ڪئي. هاڻي! شل هنڌ ٿئيس!
متولي: (رت اُگهندي ۽ سور کان سيسڙاٽ ڪندي) انهيءَ گڏهي گُڏيو
اٿم. راتوڪيءَ رُليل، تو واريءَ لُڏڻ لاڏلي!
ڏائڻ ڏونٽي ڪروڌ ڪاوڙ ۾ ڪاري ٿي، ڪست مان ڪاهي ڪوٺيءَ ڏي وڃي
(ڀونڊو ڏيئي) لخنالت (لک جي لعنت) هجئي چئي، نور
ڀريءَ سان نوڙ ٿي ويئي. لتون، لپاٽون، چڪ، چنبا
چماٽون، ٿُڪون مُڪون، ٿڦڙ ٿڦاڪيون هڻي رت رت ڪري
رکيائينس.
واگهڻ: رن رنگيلي، روَ ڪيا اٿئي! چگهن جي چاڳلي، وڌءِ کانجهاڻو
ڪيئي خچر کلو! منهنجي مرشد موتيءَ جي داڻي پير
پارس کي لوهوءَ ۾ لال ڪري ڇڏيئه، ڪچو نه کائي
ڇڏيانءِ! ڌيجان ڪميڻي، ڪسيرڪ ڪنهن جاءِ جي! تون
شاهن سان ٿي سينو ساهين، اُگهتي آهين؟ هتي اچيو
ماڻهو من جا مطلب مڱن، کير پُٽ پنن، دين ايمان
لاءِ دعائون گهرن، اگها سگها ٿين، تن جا درد دفعا
ٿين، ڀليلن جو ڀلڪارون بخش ٿين، سمي پاڻي سڻڀا،
سکيا ستابا ٿين. تنهنجي ستياناس ٿئي! تون آئي آهين
پاڻ پٽائڻ! پنهنجي شڪل شبيهه به سڃاڻ، اول انهن جي
جتيءَ جکات جهڙي آهين؟ کٿڙيل کوٻلي، ڪن ڪري ڇڏ،
جيستوڻي، سائينءَ سان سؤنتري سرچي پرچي پرڀي پير
نه ڀريندينءَ، تيستوڻي ڏسج ته آءُ تنهنجي ڪهڙي نه
سوڪ ماني ٿي پچايان؛ جي تنهنجون ٻيئي اکيون انبورن
سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڪتن ڪانگن کي نه
ڏنيم ته منهنجو نالو لاهي ڪتيءَ تي رکج! هيءَ بڇڙي
بلا آئي آهي بادشاهن سان برميچڻ! ريجالي رانٽي،
گنگان تان گَهي، پو ٿو ڏياري، چو تو چاڙهي، سونَ
جو سونگو، چيلهه سان چهٽائي، اجها هاڻ اچي لٿي
آهي!
ائين چئي، دڙي داڦي، گاريون گند ڏيئي، ويڻ وائري، وڃي سائين
چچريل شاهه جي چاڪري کي لڳي.
هوڏانهن پوري ڏهين ڏينهن، ويڄ وٽ وات ۾ حب مٿان پاڻي پيئندي،
مانجهيءَ اک پٽي. مائٽن ۽ سنگتين شڪرانا ڪيا.
مانجهي منجهي منجهي ماندو ٿي پڇيو: ته ماسي متاري
کي نورڀريءَ وارين جي ماجرا جي ڪا معلومات آهي ڪي
نه؟ ٻين چيو. هائو، چوي ٿو ته مانجهي مرد جاڙ وارو
جوان آهي، پنهنجي عزت عرش مان به اولي آڻيندو؛ پر
چاڪر چوي ٿو ته مانجهي مرڳو چئن ڏيهاڙن ۾ چاق چڱو
ڀلو ٿي اٿندو. هاڻ ماٺ ڪر، من نه هڻ! اسان هڙئي
توسان همراهه آهيون. نورڀريءَ ۽ نارين کي نوسي
نوسي نهاري، نظاري نروار ڪنداسون. جن حرامين هيڏي
حرڪت ڪئي آهي، تن جا گهينگها گهٽي، رنون رولي
پاڙون پٽينداسون. سموري سنگت ساهه جو سانگو کڻي،
سچي ٿي بيٺي آهي. سرن وڃائڻ سميت شامل آهيون.
نورڀريءَ جي نهوڙجي نگهوسار ٿيڻ مانجهيءَ جو من مايوس، ننڊ حرام
ڪري وڌي هئي. سو سِگهو سَگهو ٿيڻ، ڪرائيءَ قوت وٺڻ
۾ ڪو ويلو وقت لڳي ويس.
هڪڙي رات هند ڇڏي، هيڪلو... پير پاريٻو ڪري دلداري دلبري ڏئي،
هن کي ٽارڻ جو ٽڻ ٻڌو،
متولي: يار، توکي ڪهڙي ڪل! ان رات کان وٺي اسان کي انَ پاڻي
حرام آهي، ڪنڌ کڻڻ جهڙا ڪين رهيا آهيون. گودڙيي جي
گام مان گجرون گنئون ٿي ويون آهن. ميان، ڪهڙو امن
امانُ دين ايمان رهيو. اشرافن جو اولاد ڪڏهن ڪاڻ
هت ڪين ايندو، موراهين مڃتائون ڪين مڃيون، نڪي
سکائون سکيون. اصل ڌرتي جاءِ ڏي ته ڍري پئون! ابا
مانجهي، مولا تي رک، سائين سڀ جي سولي ڪندو. توهين
اسان جا پراڻا پوئلڳ آهيو. توهان جا ٻچا، سي اسان
جا ٻچا. جيستائين حد جي هڙني لچن لوفرن کي لاڪب
ڪرائي، حق وارن کي حق نه ڏياريان، تيستائين مون کي
داڻو ڪڻو کائڻ ’حي‘ حرام آهي. تون وڃي گهر سکيو
ٿيءُ. آءُ توڏي ماڻهو منجندس. بابا، پڪ سان وسِهه
ته اها تعدي توهان سان نه، پر اسان سان ٿي آهي.
مانجهي مرشد جا منهن مکان ٻول ٻڌي ٻاهر آيو. ڪو وقت ڳهيلو ڳوٺ
جون ڳليون ڪوچا، ڪنڊون ڪڻڇا، تڪڻ جهوتڻ ۽ پڇائن
ڳاڇائن ۾ رڌو رهيو: من ڪو پرينءَ جو ڪٿان پار پتو
پوي!
چوڌاري چاري پئي چليا. ڪير ڪڇي، ڪير ڪَل ڏئي ته انهن ديني
درسگاهن ۾ اڻهي آپدائن، ويڌنن ۽ ويلن جا درياهه ٿا
وهن، جن ۾ ڪيترن ڪمعقل ۽ ٻُڌو ٻچڙيوالن جا ٻيڙا
ٻڏندا ٿا رهن.
ٻه ٻانهيون پاڻ ۾ لهواريون اوڀاريون .... ڪنديون، مانجهيءَ وٽان
اچي مٽيون.
پهرين: آهي مڙني کان ملوڪ چون ٿيون ته ماڳهين مڃي نٿي، ڪنڌ
ڍاريو اوڳي ٿيو پٽ ۾ پئي آهي، نڪي ٿي ڳالهائي نڪي
ٿي کائي پِئي. ائين پئي آکي ته ”ننڍپڻ جو ناتو
ڇنان ته ڇوري ٿيان!“
ٻي: تڏهن ڇوري ڪنهن سان اڳهين اٽڪيل آهي. پر ڇوريءَ سان ڇيهه
لڳا پيا آهن. هن کي خاوند خدا نويڪلو پنهنجن هٿن
سان خود ويهي ٺاهيو ٺپيو آهي! سهڻيون سوين سُٺيون
ٻڌيونسين؛ پر واهه ڇوڪري تنهنجا ورن اکيون انبور،
نڪ نيلوفر، صاروفن سُٿري. چوانءِ ٿي ته تور تُريا
پيا اٿس!
پهرين: جوءِ اها جنهن جي جوءِ واکاڻ ڪري. پير جي بريز بريز پئي
پوي. چي، پرڀائي پرسن ڪري، پريم رويي پاٿاريءَ تي
پهچائي ڏيوم.
ٻي: مائي، اجها آئي رهي. هت هر تالڻيون به هيسجي حيا وڃائي
ويٺيون، ڪيتريون سورميون سورٺون به سيل سٺ
سٽائيندون رهيون، ڪلهڙيون ڪونڌريون به ڪُسي ويون؛
سو هيءَ ڳلن ڳاڙهي ڪٿي ٿي ڏنگن ڏنڀن جي ڏهڪاءُ کان
بچي!
اها سس پس سڻي مانجهي به ڍونگ ڌاري ڍرڙو، اويسلو اوڳو ٿي ڀين جي
ڀر ڏئي اڳڀرو سجهائتو سرندو، ڳالهين تي ڳهن ڏيندو،
گهلبو گسرندو ويو.
پهرين: مون کي به ڇوڪري هانءَ ۾ گهڙي ويئي آهي: ڳالهائي ٿي ته
جهڙو چيهو پيو چانگاري! پاڻي ٿي پيئي ته نڙيءَ مان
ٿو نڪريس! سهڻي جهڙا سڻيءَ جا گل! هٿين پيرين
ارکڻي آهي. ناز به اهڙو اٿس جو ڪُر ٿي کڻي ته
ڪرائي ٿي ڪڙهيس!
ٻي: ائين تون به نه چئو. جهنگ جي جاٽولي، مارڻي مينهن آهي. پير
جي ته پادرن سان هڻي پرهه کڻي ڇڏي اٿس!
پهرين: الله ايمان ڏنو اٿس، هران ڀران ڇوري ڇيڳري ڪانهي.
ائين قصا ڪٽنديون ڪًوتون ڪنديون، حويليءَ ڏانهن هليون ويون.
اهي سمڪون سڻي، مانجهيءَ کي پوري پڪ ٿي ته هن جي هينئين جو هار،
ساهه جو سينگار، روح جي ورونهه، هن دولابيءَ جي
ديري اندر آهي. هاڻ هٿ ڪيئن ڪجي؟
وراڪو ڏيئي، هن ڪچهريءَ ۾ وري وڃي گوڏي ٻيڪڙ ڪئي،
متولي: (وائڙو ٿي ) ابا، ڇو وري واهڻ ڪونه وئين ڇا؟
مانجهي: سائين، ٻانهن جو ڏس پتو هتي ئي مليو ويو آهي. تڏهن ته
توهان وٽ وري وارو ڪيو اٿم.
متولي: (اٻهرو اتاولو ٿي ) ڪٿي ڪٿي، ڪنهن وٽ؟ مون کي ڏس ته ڏي
ته ماري سُڌيون ڏيانس!
مانجهي: مون کي اوهان جي ڪوڙن جي ڪًل پئجي ويئي آهي. اسان جون
ٻانهون ڏائڻ ڏونٽي ڏيڍيءَ ۾ ڏُڙ پيو ويٺي آهي.
متولي؛ (اکيون ڦوٽاڙي) خبردار! يخ بڪ بند ڪر، ڏيڍيءَ جو ڏنڀ نه
لڳئي، ادب ڪر. سمجهين سوچين ٿو ته ڇا ٿو چئين.
اشرافن کي عيب ٿو لائين؟ ماڻهو آهين ڪي....؟
مانجهي: هائو، ڀليءَ ڀت ڄاڻو سڃاڻو ٿا. اوهان جو مريد آهيان.
ڀلائي ڪري ٻانهون ڪڍي ٻاهر ڪريو. سر هڪڙو آهي ٻه
ڪينهن، سو به صدقو لڄن تان.
متولي: ڇتو ٿيو آهين ڇا؟ اسين ولي تي ويهي، اهڙا ڪُڌا ڪم ڪريون
ته هيءُ ڪانيون ڪرامتون ڪيئن هلن، نذر نياز ننگر
ڪٿان اچن؟ اسين تُتبا تڏهن ڪريون، جڏهن ڪا خير
کوٽي، جوف جو کائي هجي. الله جو ڏنو تنهنجي مرشد
وٽ مڙئي ڪجهه آهي. سڻايئين ٿو ته هت پار پئي وهي!
اسان تي گُٿا، گستاخيءَ جا گفتا نه گهڙ!
مانجهي ماڳهين مڇڏ بوهي ٿي بيٺس. ويڌن کي وريو وريو ورجائي، دک
درد کي دُهرايو دُهرائي.
مانجهي: (هيٺانهين وٺندي) مرشد مٺا، ٻنهي جهانن جو جهالو مهڄر
(محشر) جي ماڙ آهين. مُهت ڏينم. چڱن کان چڱايون
ٿين، تو بنان ڪنڌي ڪانهي. نبيءَ جي سونهاري سٿ جا
سڀاريل، عيبدار امت جي پارت سپارت آهيون. مون کي
ٻانهون اُڀ مان به اُڍائي اَڻائي ڏيو. ڪرم ڪريو،
تون پهتل آهين!
متولي: ڪنهن ڪافر توکي چوري چريو ڪيو آهي؛ اسان جي دشمنن توکي
دلبو ڏنو آهي ته پيرن جا اپليا پرڪار پريندي پڌرا
آهين. سو اهو پيرن جو پٽيو قيامت ۾ انڌو ٿي
اُٿندو! جنهن گلا جو گانگهو تنهنجي گلي ۾ گهٽتيو
آهي، آءُ چوان ٿو ته انهيءَ تريءَ تيل ناهي، تون
ڌيان ڌار!
مانجهي: توهان کي سائين سگهه ڏني آهي، توهان جون ٻانهون ڊگهيون
آهن، جي نورڀريءَ سوڌيون لڄون، تنهنجي نيهي نُک
ناهن ته ڪنهن لَڇ لانبڙ جي لڙهه لڳيون آهن، ته
انهن کي ڏڏوڏيڪر، مار موچڙو ڪرائي، نور ڀريءَ
واريون نهارائي ڏيئي نوازيم. هن کان پوءِ آءُ جڳ ۾
جِي جالي نه سگهندس: ٺُوڙ ٿُڪون هڻندم. سنگتي
سِٺيندم سُوٽيندم، ٽرڙا ٽوڪون ڪندا ته لڄون لوئائي
لُٻائي،لل لنوائي، لوليو لورو ٿي آيو! اوهان جو
ڳُڻن ڳڌو ٻانهون ٿي رهندس، اوهان جي ٻڙڪ تان ٻلهار
پيو ويندس.
متولي؛ بنهين ڪو بي گُنو، نڪ وڍيرو نِرڄو ٿو ڏسجين! ڪُڏ ڪري
آيو آهين اسان کي اوڀالا، ڏوراپا ۽ ڏوٻاسا ڏيڻ.
ٻوٿ ٻڌ، هران ڀران هلائون نه ڪر، نڪي ٻاڦ، نڪي
داڦ! وڃي ووڙ! پسوري پڌري نه ڪراءَ! اسان درويش،
دنيا جي دوکن دلبن ۽ دورنگي چالن مان ڇا ڄاڻون.
منهنجن ملائڪن کي به مام ڪونهي ته نوري ڇاهي ۽
ناري ڇاهي!
مانجهيءَ منٿون ميڙون، ڪهڪائجي ڪِيرتون ڪيون، آزيون نيازيون
ايلاز ڪِيا، ليلايو ستايو، ڏاهُون ڏيئي ڏانايو،
پيرين پئي هٿ ٻڌي ٻاڏايو. رُنو رڙيو، پر ڪجهه به
نه وريو؛ تڏهن چڙي چوڻ لڳو:
مانجهي: جي اسان جا ننگ ۽ نورڀري نٿا ڏيوم ته آءُ به بدمعاش بي
گرو بي پيرو آهيان، جئين وڻيو تئين ڄاڻو؛ ڪمذات
ڪميڻو ڪسيرو آهيان. اڄ ساهه کان آهو پليم؛ ”سر
صدقو لڄن تان!“
متولي؛ چڱو چڱو! تنهنجن ڀڀڪين کان بنهين ڀؤ ڀانيم! ڀڄي وڃ،
چارئي واٽون ويڪريون پيون اٿئي! جيڪا ڪاهڻي هجئي
سا وڃي ڪاهي، ٽارو اٿئي جو ٽريو آهين!
مانجهي مرشد تي نااميديءَ جي نگاهه وجهي اٿيو. ڪِلي ڪنڌ ۾،
سنئين ڳاٽ اُچاٽ، سيٽجي سُواٽو ٿيو. پنهنجيءَ پر ۾
جک ماريندو، چمڙي چڪيندو، سِٽون سٽيندو، ڦڙدي تان
ڦانۡ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪِري، وڏي وڻ وٽ ويهي وًهِي
واچڻ ويٺو.
”ميان مانجهي، مرشدن جي ميڙن ۾ اهي مهميزون ۽ مصيبتون ٿينديون
ئي رهن ٿيون. انهيءَ ڪري ٽوٽن کان ٽهي، سڀڪو شريف
پرڀرو پاسو ڪريو پيو هلي. هي شير شاهه جا شڪرا،
تيسمار خان ٽڙيو پکڙيو وسوڙلن کي وگهه وجهندا ٿا
وتن! ڪنهن ٽِڻي ٽامڻيءَ کي طاقت ناهي جو دادلي
درگاهه مان، پير روشن ضمير جي پِڙ مان، اسان جهڙن
آسن اميدن وارن جون وينگسون، سچائي صدق وارن جون
صورتون، پريدن ملاقاتين مان ڪو زوراور زيارتي کڻي
۽ کڻائي وڃي، ٿي نٿو سگهي! وڃي ڪو بلو ڀيڻي ڪر.
اهو جهان خان، تنهنجو نبيرو هر گز نه ڪندو. ويٺي
ڪين ورندءِ، وڃ وڃ، وقت نه وڃاءِ!“
گهڻيون گهڙيون ڪين گذريون ته ڪن شاهينگن، ڪيڪان ڪڏائي، ٽپهريءَ
ٽاڻي، هڪلي اچي ڏيڍيءَ کي ڏنئون ڏنو: مفتخورا
ماري، خفا خون ڪري، اک-ڇنڀ ۾ اپڇرائون، الهه تلهه،
سون مين، سيلونتيون، سندريون، ڳوٺن جون ڳوريون،
گام جون گُجرون، جيڪي گشن ۽ بهاني بازيءَ سان اندر
ڪرم يوگين جي ڪوٽن ڪڙولن ڪرفن ۾ قيد قابو هيون، جن
کي ڏنجهه، ڏنڀ ڏنگ ڏيهاڙي ڏيندا هئا، ڏک، ڏولاوا
ڏوجهرا ڏسي رهيون هيون، جيڪي رماڪن تي روڪايل
رکاتون ۽ حق بخشايل، سدا لاءِ خانداني تُرم ڪاٽي
رهيون هيون. حويليءَ جون هڙئي دايون ٻانهيون ٻڌي،
بغلن ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري، ڪڇن ۾ قابو ڪري، کنڀي کڻي
ويا. تيڏانهن تم ٿيا، جيڏانهن کان جُلهه ڪئي
هئائون. |