هي تارو، جيڪو اسان جي ڄمڻ وقت اسان ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو
آهي، سو تمام امپارٽنٽ تارو آهي. ائسٽرالاجيءَ ۾
هن تاري کي ”برٿ اسٽار“ چئبو آهي؛ پر پاڻ هن تاري
جا افعال ڏسي، اُن کي هن مضمون ۾ ”بيحيا تارو“
چونداسين. هن مضمون ۾ جڏهن به اسان بيحيا تاري جو
ذڪر ڪريون، تڏهن اوهان سمجهي وڃو، اسان جو اشارو
برٿ اسٽار ڏانهن آهي. هاڻ اسان ٻه مثال ڏينداسين.
هڪڙو مثال اسان جو پنهنجو آهي، ۽ ٻيو مثال اسان
پنهنجي پياري انجم جو ٿا ڏيون. (هاءِ انجم!) هونئن
فقط انجم جو مثال ئي کوڙ آهي. اسان جو پنهنجو
انٽريسٽ به انجم ۾ ئي آهي (هاءِ انجم!)
اسان جو پنهنجو برٿ اسٽار وينس آهي، ڇو ته اسان جي ڄم وقت اهو
تارو اُڀري رهيو هو، ۽ انجم (هاءِ انجم!) جو برٿ
اسٽار مارس آهي، ڇو ته انجم جي ڄم وقت اهو تارو
اُڀري رهيو هو. اسان هي ٻه مثال اجايا ورتا آهن،
ڇو ته هاڻي اسان کي پاڻ کي خبر نٿي پوي، ته اڳتي
ڇا لکون! پر خير، ماهر ائسٽرالاجرس وانگي پاڻ هڪڙو
سوال اُٿاري پنهنجي جند ڇڏايون ٿا. سوال آهي ته
اسان کي خبر ڪيئن پوي، ته فلاڻي انسان جي ڄمڻ مهل
فلاڻو تارو اُڀري رهيو هو. جنهن ڪتاب ۾ لکيل هوندو
آهي، ته ڪهڙي ڏينهن، ڪيتري بجي، ڪهڙو تارو اُڀري
رهيو هو. تنهن ڪتاب کي يوفيمري چئبو اهي. يوفيمري
لکيل اهڙي نموني هوندو آهي، جو يوفيميرس پڙهڻ ۾
ايندو آهي؛ پر اصل اُچار يوفيمري آهي. يوفيمرين جي
جمع کي يوفيميرائڊس چئبو آهي. هاءِ انجم! (نوٽ-
هاءِ انجم چوڻ لاءِ هي موقعو مناسب نه هو.)
پر ترسو. پهرين اسان ڏسون ته اسان ڪٿي ڪا غلطي ته نه ڪري آيا
آهيون. ها، اسان هڪڙي عظيم الشان ۽ شاندار غلطي
ڪري آيا آهيون. اسان جو ڪم هو ته پهرين اسان
سمجهايون ها ته هائوس ڇا آهي ۽ سائن ڇا آهي، ۽
پوءِ سمجهايون ها ته برٿ اسٽار ڇا آهي. تنهن ڪري
هاڻي اسان وري ٻي نهايت شاندار غلطي ڪنداسين. اسان
پهرين سمجهائينداسين ته سائن ڇا آهي، ۽ پوءِ ارام
سان ويهي پڇتائينداسين، ته اسان پهرين هائوس ڇو نه
سمجهايو. انجم جي طبيعت به اهڙي هئي. پاڻ سان
پاڻيهي پنهنجي ساهيڙي وٺي ايندي رهي؛ پر پوءِ جڏهن
اسان کي سندس اها ساهيڙي وڻڻ لڳي، تڏهن پاڻيهي
ويهي پڇتائڻ لڳي، ته اڪيلي ڇو نه ايندي رهي. هاءِ
انجم جي ساهيڙي! شرمائڻ جي ڳالهه ڪانهي؛ پر
ائسٽرالاجي آهي ئي منجهيل معاملو. هونئن
ائسٽرالاجي آهي به سراسر دوکو. ڀلا تارن جو انسان
جي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ پر تنهن هوندي به
ائسٽرالاجيءَ مان ايترو فائدو ضرور آهي، جو گهٽ ۾
گهٽ اها خبر پئجيو وڃي، ته تارن جو انسان جي
زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي.
ولي محمد طاهرزادو
سر صدقو لڄن تان
(ڳالهه)
متاري مڱريي جي وانڍ واهڻ کان ويهارو کن وکون پرڀرو، ڀڏي ڀرسان،
پراڻن پڊن تي، ڏوران پئي ڏسبي هئي. ان وانڍ جي
اولي ۾، متارو، سندس سلڇڻي سدوري نوبني نينگر
نورڀري ۽ ماڻس ملوڪان، آڪهه ۾ ڪل ٽي ڀاتي رهيا ٿي.
ننڍي لاڪر نور ڀري گهرو حاج ڪم ۾ هٿو باري ڪندي هٿ ونڊائيندي
رهي. گهيڙ تان گهڙا ڀري اچڻ، مال جو مٽانگو ميڙي
اروڙيءَ تي اُڇلڻ، گهر ٻهاري، ٻُهر ٻاهر سَٽڻ،
ٿڦيريءَ تي ڇيڻا ٿڦڻ، ڪم اُڪلائي ماءُ سان گوڏو
گڏي ڀرت ڀرڻ، سبوٽ سبڻ سکندي هئي. ٽُڪر ڀور، ڀاڄي
ٻوڙ، ماڻس رڌيندي هئي ته هند وِڇاڻو پاڻ ڪندي
پکيڙيندي هئي. واري وٽيءَ تي اڻورچ ٿيون پيون حاج
۾ هٿ پير هڻنديون هيون.
متاري کي موراهين مال سان محبت هئي. مهاڳي ۾ ٻه نمبر ٻنيءَ جا
به هئس. موسم سارو پوکي راهي ڪري پيٽ پيو پاريندو
هو. هي مڇيءَ مانيءَ وارا ڌيڻائي ڌڻي هئا.
نور ڀري ٻارهن ورهين جي ٻالڪيءَ مان کڻي جا اوڌ ڏني ته سورهن
سالن جي سنو پري سونهن سوڀيا ۾ سرس ٿي پيئي.
هت رڳو متارو واهڻ کان وائکو ويٺل هو، ٻيا مٽ مائٽ مڙئي واهڻ جي
جهرمٽ ۾ جهوپا جوڙيو، ورا ڏيو ويڙها ٺاهيو ويٺا
هئا. نور ڀريءَ جي ناناڻي نُک وسينءَ ۾ وڌيل
ويجهيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ اچڻ سان ڳوٺاڻيون
ڳؤريون ڳيجهو ٿي وٽس اچي ڳوڙهه ڳاهٽ ٿينديون هيون.
هوءَ به ساهيڙين سرتين، جيڏين سان جوڙ ٿي گهمي
گهتي ريجهه رهاڻ ۽ رؤنڪا ڪري گهر رواني ٿيندي هئي.
اتي ٽهيءَ واري ٽوليءَ سان ٽيلهاڙن ۾ ٻانهينءَ
واري ٻانهن هڻي اُٿي هلندي هئي، ته ڄڻ مور پيو
ٽيلي سان ٽِلي. تڏهن کان ئي وڏيري ويڌل جي ڇاتيءَ
۾ ڇڻڙاٽ پيا پوندا هئا. چپن کي چاٻو ڏيئي چوندو
هو: ”وهيءَ چڙهي، ڇوري واهه جا ٿيندي!“ نور ڀري
هئي به نارين ۾ نُور!
نور ڀريءَ کي ماڻس ملوڪان نُور نچوئي، ڀنڀرڪي توڻي ڀرت ڀريندي،
پالي، سُکيو سانڍيو ساماڻو هو. هن جي وارَ وارَ
تان ٻلهار پئي ويندي هئي. ماءُ جي دل! انهن اوجاڳن
اوسيئڙي ڪندي هوءَ هڄي هڄي ڇڄي پئي. دائما دق تپ
ديرو ڪري ويهي رهيس. دوائون درمل، اوڦٽو علاج،
ڏَسن پنڌن جا پُوج پر ٻنڌ ڪيائون، پر ڪنڌ ڪين
کنيائين. آخر تڳي تڳي، چُڙي چُڙي، هڪڙي هِڏڪيءَ
سان حق جي حوالي ٿي ويئي.
مانجهي، مامهس متاري سان ملي، ٻني ٻاري، هر هلر ۾ همراهي پيو
ڪرائيندو هو. ڍڳن ڪاڻ ڪُترين جا ڍيرَ، جوڳ جهلڻ،
پاڻيءَ جو وارو وٺڻ، پيار ڪرائڻ، کنڌيون کڻڻ، ائين
ئي ٻني ٻاري کي چاهه سان چُهٽيو چنبڙيو پيو هوندو
هو. ڄڻي وڻي ٿي ڄاتو ته نور ڀري نڌان مانجهي
ماڻيندو.
مانجهي، ارڙهن ورهين جو ارڏو اڙٻنگ، ڪُوپو ڪنڌار، جانٺو جوان
هو. جڏهن جهنگ مان جاڙوکار ۽ جاکوڙ ڪري، مامهس جي
گهر مانيءَ ڪاڻ، ماندو ٿي، هٿ مُنهن ڌوئي،مَنهيءَ
۾ اچي اهلرندو هو، ته نور ڀريءَ اُتس نگاهه پوڻ
سان اُٿي مکڻ ماني يا ڪا چَهرَ چٽڻي نيئي مهندان
رکندي هيس. هو کائڻ ۾ کُپي ويندو هو ته نور ڀري
اکيون اٽڪائي، مانجهيءَ جي ماني کائڻ، گرانهه
ڳڙڪائڻ تي پيئي سَرهي ٿي سِرڪندي هئي. مانجهي به
اکٽيٽ سان هن جو گلابي مکڙو ڏسيو پيو گد گد ٿيندو
هو ۽ ٻاجهاري ٻولي ٻڌي، هينئين جي هُدڪ هُدڪ ۽
هورا کورا هٽائيندو هو. پرت جا پُور پچائيندو، ڳٽي
تي ڳٽو کڻندو کائيندو ڳت سان ڳهندو ويندو هو.
سورهن سالن جي نهٺائيءَ واري نور ڀريءَ جي حُسن جي هُڳاءُ جو ڌؤ
جي ديوارن تي ٿي پيو، ته مرداني ملوڪت ۾ مانجهي به
ڪَسو ڪونه هو. نور ڀري جي سونهن سوڀيا ۾ سلوڻي ۽
نرت نزاڪت ۾ نهوڙڻ واري هئي؛ ته مانجهي به من
مُهڻن جو مَٽ، ٺاهوڪن جو ٺاٺ هو: پينا پُٺا،هيبت
واري هاٺي، مروٽ مُڇن جي رِيهه ريک رِليل، مڻيادار
مڙسالو هڏ ڪاٺ هو. ٻنهي ۾ ٻيائي ڪانه هئي، ٻيئي
مَرڪڻ مور هئا؛ هڪٻئي تان اور گهور هئا. کلندي خوش
ٿيندي ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا، پوري پڪ هئن ته اسان جا
ٿيندا لايا سجايا! وچ ۾ ٻيو ڪو ڏَمون ڏڦير به ڪونه
ٿي ڏٺو، رڳو وڏيري ويڌي کي وٽ وڪڙ ٿي وڙهيا.
مامهس متارو به ڪو پرمتڙيو ڪونه هو. ڀليءَ ڀَتِ ڀانيائين ٿي ته
اَن جو منهن جنڊ ڏانهن آهي؛ کڏ اندر هجي ته ٻُهر
ٻاهر نه ڦٽو ڪجي! اهو پڪو پهه ڪيو هئائين، ته نور
ڀري اڳو پوءِ مانجهيءَ جي مِلڪ آهي؛ پر تڏهن به
لوڪ لڄا ڪري، دڙڪي کڙڪي، لٺ چٽ، ڏکي ٻاٻيس سان
مانجهيءَ کي مُٺ ۾ رکيو آيو.
اڄ نور ڀريءَ ڳئون ڳولڻ ڪاڻ جهنگ ۾ جهُوتون ٿي ڏنيون. ٻڌي جي
ڀِڪ ڀرسان مانجهي ملي ويس.
مانجهي: او نور ڀري! چئي ٿڌو شوڪارو ڀري، ڪوڏر ڪُلهي تان لاهي،
ونگڙي ٻيانگڙيءَ سان للاٽ جو پگهر پسوئي، رئي رتي
رهاڻ ڪرڻ ۽ اندر جي اُڌمن اورڻ ۽ هٻڪي هٻڪي حال
ڪرڻ خاطر پڌر ٿي پيٺو. نور ڀري به نواحي جي نهار
ڪري ڀر ۾ بيهي رهيس.
مانجهي: نور ڀري، ڳوٺ ۾ ڳالهه پئي ڳائجي ته متارو نور ڀريءَ جو
مڱڻو ۽ وهانءُ مانجهيءَ ساڻ ئي ڪندو.
نور ڀري: الله سائين ايئن ئي ڪندو!
مانجهي: پر مامي کي مٺيان نسوري نڪ تي رکي آهي! ڪم ڪار ۾ ڪروڌ
لڳو پيو اٿس! مون پاڻ پئي مَنايو ته ڪو مينههُ ملي
ته نور ڀريءَ کي نياپو ڪريان، الله ڪري اچي ته
سورَ سليان! ڀاڳين سَڀاڳين اڪيلي اچي ويئي آهين.
مون کي من تي محبت جو مونجهارو آهي. مامي ساڻ
مُنهن ڏيئي مذڪور به ڪري نٿو سگهان، حجت نٿي هليم،
ڇا ڪريان ڪيئن ڪريان؟
نور ڀري: بابي جي وڏپڻ جي وهي آهي. ان جي تک تاءَ، تڙي تابش،
تؤنس دؤنس جي دل ۾ نه ڪر، همٿ نه هار!
مانجهي: ويل ته آءٌ به ڪونه آهيان، هن جي حشمت وارين هڪلن هوڪرن
هَٻو ڪري وڌو اٿم، مڇڻ ڌڪي ڌار نه ڪرينم!
نور ڀري: مولا ڪندو ته تون ئي مون کي ماڻيندين، آءٌ تنهنجي
تائبي (تابعيداري) ۾ ٻانهن ٻڌي ٻانهي ٿي رهنديس.
مانجهي! ننڍپڻ جو نينهن نڀائينديس، ناتو ڇنان ته
ڇوري ٿيان!
مانجهي: مامو متان مُڪرجي وڃي. اهو ڌيڄو ڪريو، دل دهلجيو وڃي!
نور ڀري: بروبر ابو اٻوجهه آهي، جيئن ماڻهو ٿا مواسينس تيئن ٿو
تو مٿئون طبل ڪري.
مانجهي: ڀلا، ڪنهن جي اري انگڙيءَ ۾ اچي اُلجهي ته ڪونه ويندو،
نهڪار ۽ نابري ته ڪونه واريندو.
نور ڀري: اسان جي الله پاران انگ اٽڪڻ ۾ ڇڙو ويڌو ارهو آهي،
باقي ٻيو ڪو.....
مانجهي: حقئون ناحقئون وڏيري ويڌي ڪُٽي کڻي وير وڌو آهي! پر تون
ته تن جي ڪانه ٿيندينءَ نه؟
نور ڀري: مانجهي! سواءِ تنهنجي، سڀاڻي ڪنهن سياءَ منهنجو سڱ
سوٺيو، ته نور ڀريءَ جون لانئون سوليءَ تي سڻندين
۽ سر سانگ تي سوار! تون هينئون نه هار، هورا کورا
۽ اڻتڻ اندر مان ڪڍي ڇڏ، وياڪل ٿي وسواس نه وڌاءِ،
نڪي وماسجي وسمي ۾ پئو، چِت ۽ چيتو جاءِ ڪر، تون
ته جوڌو جوان ڪُوپو ڪونڌر آهين!
مانجهي: ٻيو وري ڪهڙو ماءُ جو وڌيڪ، سوئر جو پٽ منهنجي سسيءَ ۾
ساهه هوندي، تنهنجو سڱ سڳائيندو ۽ نور ڀري نبهندس!
مون کي مَڄو ۽ موٿاج نه ڄاڻ، چري! ”ڌن صدقو سرن
جو، سر صدقو لَڄن تان!“
آءٌ مڙس آهيان، مڙس جو پٽ آهيان، جيڪو منهنجي نور ڀريءَ تي بُري
نيت سان رڳي نگاهه وجهندو ته ٿينديون به صفايون،
ٻڌبيون به اڇيون پٽيون، کڄنديون به کٽون. مون کي
ڪچو ڪيم ڀانئجانءِ!
نور ڀري: ته بيڌڙڪ ابي جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهه. آءٌ اڻهي اڻهي
ڪاڻ تنهنجي آهيان. خاطري ڪر، الله تي رک!
پوءِ ٻيئي پاڻ ۾ وعدا وچن قول اقرار ڪري واٽ وارُو ٿيا.
هڪڙي ڏيهاڙي ويرانڍ جي وير مانجهي مشڪندو مامهس جي گهر آيو.
آڳنڌ اُڪرندي ئي نور ڀريءَ تي نظر پيس. نور ڀريءَ
کي چِٽو چئي ڏنائين:
مانجهي: نور ڀري! سُڌ ڪا سئي اٿئي؟ اڄ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين
قصو ٿي ڪيو ته هيلو ڪو سائو (سُهائو) سومار ويهون
واري ڇڏيندو. تنهنجو سؤٽيون، ماساتيون پڦاٽيون،
جيڏيون سرتيون، گَنديون ڪپڙا پيون سِبن ڀرين. تون
به ڪا ترت تياري ڪري وٺ. ادي وڏي مامي کان اچي
موڪلائيندي. هيل ته پاڻ به هلي درگاهه جو ديدار
ڪنداسون، مرشدن جا مڪان ڏسنداسين، ملاقاتون
ڪنداسون، اوليائن کان الاهي دعائون گهرنداسين. هل
ته ولين کي واجهايون، سوال ڪري ستايون ته من مامي
کي من ۾ مِهر پوي، سڪاڄ سرن، جوڙيون سجوڙيون ٿين!
نور ڀري: مانجهي، منهنجي ميڙن مارڪن (معرڪن)، رؤنشن تماشن سان
پويئي ڪين. ڳويون ڏُهيو، تنهنجو منهن ڏسيو، سُکي
سَرهي ويٺي آهيان.
مانجهي: نه نه، ائين نه ڪر، چوڻ کڻي مڃ، رسامو ۽ رنج ڇڏ! پاڻ پڻ
انسان آهيون. ڪڏهن ته ڪو کيل تماشو ڏسئون واسئون ۽
آساس وٺون. اڻهي وهٽن وانگي پيا وهنداسين ۽
ڳهنداسين ڪيئن؟ ڇڏ ڇانگرا، منٿ مڃ. مَن! هيءُ
ماپيرو (ماهه پهريون) سومار نه، پر ٻاراهو (ٻارهن
ماهو) سومار آهي. هن جي ٻولي ئي ٻي آهي، هن سومار
جي ساک سرس ۽ سنوالي آهي ڇا، سڻئي؟
نور ڀري: (ڪَرَ موڙيندي) تون ٿو چئين ته اجها حاضر آهيان. ٻه
وڳا سبيا ڀريا رکيا اٿم، ڳاڙهو حلواڻ وارو وڳو
ويهي ٿي وِهٽيان ۽ جيڪو سائو اوڍيل اونڌر توکي
سيڀائتو آهي، سو وري کڻي اوڍي نڪرنديس. رهيو اڇو
جوڙو سبوٽ وارو، سو اتي هلي پائينديس. ائين چڱو
ٿيندو نه؟
مانجهي: هائو هائو. ائين ڪجانءِ ائين.
نور ڀري: جيڪو منهنجي مور جو حڪم! ننڍپڻ جو ناتو ڇنان ته ڇوري
ٿيان!
”سڀاڻي سائو سومار آهي، سڀاڻي سائو سومار آهي.“ ڳوٺ ۾ ڄڻڪ واءُ
وکوڙجي، واچوڙو وري ويو. پانڌيئڙا پنڌ جو پرٻنڌ
ڪرڻ لڳا. جڏهن هلڻهارڪا ٿيا ته ڀِت تي ڀيرٻ ڀوائتو
ڀؤشن ڏنو: ”گهُو آ.....“. تتر به تنواريو ۽ چٻري
به چرڙاٽ ڪيو ”سوڻ سٺو ڪينهي“ نور ڀريءَ جي من ۾
مانڌاڻ مچي ويو. چي، هي سائو سومار سڻائو سڀاڳو
نٿو سُجهي!
هن سومار تي ٻارهن ورهين جون ٻالڪيون، سورهن سالن جون سنو
پريون، ويهن ورهين جون وينگسون، پنجويهن سالن جون
پوپريون، ٻڍيون ٻائڙيون، ڇوڪريون ڏوڪريون، سڀئي
سُتت سهي سنبهي سينگارجي اسهيون. هوڏانهن وري ڳوٺ
جا ڳوڌا: ڳڀرو ڳرٽ، ڇورا ڇٽيلا ڇانگ ڇوڪرن جي، ڪي
بانڪا بهادر ۽ ٻِنڊا ٻلوان، ڪي راوت رستم ته ڪي
ڪَرڙوڍ ۽ اڌڙوٽ ڪُڏ پئي ڪهاڙيون ڪلهن تي لٺيون
لوڏي اُٿي هليا. مايون مجرا مڃينديون ڳيچ
ڳائينديون هليون:
پيارا پِڙَ منهنجي پِيرل جا پَسبا،
اڇا اڱڻ منهنجي مرشد جا وسندا.
سڀئي سوالڻيون اَڪنڊ سان اچي درگاهه جو دالان وارو در مَٽي پير
جي پڙ ۾ پهتيون. پاٿاري ٺاهڻ بعد، سماع سُڻڻ ڪاڻ
ساجهر ئي ڀتيون ڀري ويٺيون. ويٺي لقاءَ جو ٺڪاءُ
ڏٺائون.
هيڏانهن ميڙي متي، بازارن ۾ پير پائڻ سان مَڻين مٺايون ميوا،
ڪشمش کاڄا ڪيلا، ريوڙيون پتاشا، توت صوف کاشا،
شربت شيرا، پلا پڪل کيرا، ڦالودا ڦُلا، گجر گدرا
گَلا، نان پڪوان، ٻيڙيون پان. ڇا کائي ڇا کائجي!
ڀانسالين ۽ ڀوڳڙين جون بٺيون، سَنج ساڄ ۽ لٺيون،
کٿا ڪمرون ۽ کٿيون. ڇا ڇا ڏسي ڇا ڏسجي! ڪوپ
ڪٽليون، برف بوتلون، چوڙا چمڪيليون، ڳانا
ڀؤنرڪليون، رانديڪا ۽ رليون. ڇا وٺي ڇا وٺجي!
مڙس مڙئي ميڙي جي مزن ۾ مشغول، ميدان ۾ وَر وَر ڪري پئي وڙڪيا.
هئو مئو ٽريو. مڙس ملاکڙي ۾ هئا، پيرل پنهنجي پاٿاريءَ تي پيڙهه
هڻيو، ٻالو ڀولو ٻگهلو، ٻابو ٻُڌو بڻيو وَڪڙ سان
ويٺو هو.
گائلو گهٽ ڏسي، ڪامڻين قبي اندر وڃڻ جو قصد ڪيو. ڇيڏڪ ڇڏينديون،
ڇيرن جو ڇمڪو، ٽهه ٽهه ٽشڪو، مرڪنديون مشڪنديون،
جڏهن چانئٺ چڙهيون ته نور ڀريءَ تي ناسوريءَ جي
نگاهه پئي: ڳورا ڳل، ڀورو بدن، پوشيدي پوشاڪ، ناز
نزاڪتدار نڪڻي اڇي اُجري! جن کي ڪن نه جن، تن جي
ڪيوپڊ جو ڪانُ ڪاپار ۾ کُپي ويس. وايون ولهليون ٿي
ويس، گِگ ڳڙي اچي گوڏي تي ڪريس. توائي ٿي اک جي
اهنڃ سان خاصي خليفي کي ڏهنائي ڏنائين.
خليفو خود خيانتي بحري باز هو. متوليءَ جي منشا موجب هاسيڪار
هنن ڪامڻين جي ڪڍ ڪهي ويو. هنن کان حال احوال وٺڻ
لڳو: ”ابا، توهين ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو؟ ڪٿي
پاٿاري ڪئي اٿوَ، قندوري ڪئي اٿوَ يا نه؟ ننگر نه
مليو هجيوَ ته نٽائجو نه! سائين مريدن تي ماڳهين
ساهه پساهه ٿا ڇڏين. جي مريدن کي مانُ ۽ ماني نٿي
ملي ته نوڪرن چاڪرن، خليفن خادمن تي ڪروڌ ٿا ڪن.
توهان کي ڪا تڪليف هجي ته بيڌڙڪ ٻڌايو: ٽپڙ ٽاڙي،
رلي روڳڙي، تڏو تؤنري، ڇل مَٽ، مرڳو جيڪي نه هجي
سو گهري وٺو. هي پنهنجا پير فقير اٿوَ، حجاب هرگز
نه ڪجو.
هاڻي هلي اچو ته زياتون ڪرايانوَ: هي سائين سَڌ سرير شاهه ۽
چاچس چمچير شاهه جون مزارون آهن، هي ٺوڪڻ شاهه ۽
ڀاڻس ٻوڪڻ شاهه ٻئي ڀاڪر پايو پيا آهن. هو
پيرانديءَ کان فُلطرو فقير جي بُٺي آهي. ڀلي گل
وجهونِ ۽ دعا پنونِ. هننن جي هادي سائين وٽ
هيڪاندي هلندي آهي، سڄي دنيا جو دؤر سندن صلاح سان
ٿو سِري ڦري. وٽانئن ڪوبه سوالي هٿين خالي نٿو
وڃي. اتي جو اتي هٿن تي پرتا ڪريو ٿا ڏيکارين.
صلاح جو سبق سڻي، سڀني دليؤن جانيؤن دعائون گهريون. پڃري تي پاڻ
پلٽيائون، خاڪ کڻي کاڌائون، ڪجهه منهن کي مکيائون،
من مرادون مڱيائون، پوءِ پيرين پٺيريون ٻاهر نڪري
پيرل کي پيرين پوڻ لڳيون. ٻين کي ته ٻه آڱريون مس
ٿي آڇيائين، پر جڏهن نور ڀري نوڙي ته جهاٻو ڏيئي
هٿ هٿ ۾ جهلي، آڱر جي اُٿڙي اوکڙ سان تريءَ تي
تتنتاري ڪرڻ لڳس. بس اتي ئي ڄڻ نور ڀريءَ جو نڪ
وڍجي ويو!
ڀنجر ڀڄي پيس، ڀئون ڀنواٽي ورتس، سرير ست ڇڏي ويس. پر ڇرڪ ڀري
همٿ ڪري هن حريف هاتڪ کان هٿ ڇڙڪ ڇڪ ڏيئي ڇڏائي
اُٿي. شرم کان شل، ڌڪ هڻوس ته رت ڦڙي اوسراڻ،
تاڻائي تانگهائي، هٽي هٽي هلڻ لڳي. ٿڙندي ٿاٻڙندي،
سلهڙ ٿي ساهيڙين سان سلهاڙجي ڀت ڀران پاڻ کي بيمار
بنائي، ڪنڌ لاڙي ليٽي پئي. اوچتي چنتا کي چيتاريو
پئي چيتاري. چي، مرشد ٿيو مائٽ جي مَٽ. سو ههڙيون
حرامڙايون ۽ حرڪتون ڪري! سي به انهن سان جيڪي پرپٺ
هنن کي هريي ڦُل سان هڪلڻ جي هام هڻندا هجن! اسان
جڏهن هيڻا آهيون، تڏهن ٿا اسان سان هيڏيون
اهنڊايون ڪن! سوچيندي سوچيندي، دل کي دڌڪو اچي
ويس، چت ۾ چرڪا چير پوڻ لڳس. اکيون ڏسوس ته شوخ
سُرخ جهڙا شمَ! بدن تي باهه جا بٺ پيا ٻرن، ڪر
ڪُهڙ پيا سڙن. ويچاريو ويچاريو وسواس ۾ وساميو ٿي
ويئي. چرڪو چرڪو کارون کائي، کوڙو ڀڃي اُٿي کڙي
ٿي. مولا ڪو موت ڏئيس! ماڻهو سامُن تي سر ڏين، هن
کي تڏي جو ترس، آئي نياڻيءَ جو به ننگ نه پيو!
ماريي کي ماڳين مرجادا ڪا مرٽ ڪانهي! بنهين ڪو
نبريل آهي. مايا جي موپ ۾ مست ٿيو مڇريو ويٺو آهي!
مري، مولا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو!
(هردي ۾ هٿ وجهي)، الا، هوندي سوندي به ههڙو هٻڇي هائو ڄرڪو!
پوءِ مؤسو ڪري ماڻهو موڪلي مانجهيءَ کي ميڙي مان
موٽارايائين. جيڪو وهلو وري آيو.
نور ڀري: مانجهي، منهنجو مٿو پيو ڦري، منهنجو من ميڙي جي مزن
کان ماٺو ٿي پيو آهي، مون اڳهين اُهڃاڻ ڏنو هو
مانءِ. مهر ڪر، مون کي ماڳ اُماڻ.
مانجهي: (منهن ۾ منهن ڏيئي) نور ڀري، ڇو ڇو، ڇا ٿيو، ڇو ڇرڪي
آهين؟ ويڳاڻي ٿي نه ويهه، ڊپ ڊاءُ نه ڪر! چري، نه
ڏٺئي ته واٺئي ويهڻ سان ورچي پئي آهين، ونجهليو
پئي وهلور وڃين:
مانجهيءَ جي موڙڻ تي نور ڀري نپوڙي موڳي ٿي مرڳو کڻي ماٺ ڪئي.
هن جي مونجهه ۽ ماندڪائي ڏسي، سڀني جو ساهه سوڙهو
ٿي مُٺ ۾ اچي ويو. پوءِ ڪابه ميڙي ۾ ڪيڏانهن چُري
نه ڦِري.
چنڊ ناسيو، چانڊوڪي چلي چڪي، انڌيري رات رڙهي، آڌي لڙهي ۽ شغل
گل ٿيڻ تي هو. هي هجوم پاٿاريءَ تي پهچڻ ڪاڻ اٿي
پنڌ پيو. جيئن ئي درگاهه جي دلي دروازي جي دنگ وٽ
ٿيا ته بدمعاشن جي بهير، فقيري فوج جي بيک ۾
ڀؤنترا ڀپ، اوڪڙو اکيون پايو وڇوٽيءَ تي ويٺا هئا.
ونگن وريل محرابين مان مونن ڀر مُڙي، ڦُڙتيءَ سان
ڦيرو کائي سمورن کي سامهون ڦري آيا، جهٽ ۾ جنبي
ويا. جنبي وڃڻ کان پوءِ گُٿم گُٿا، گوڙ گهمسان، ٺڪ
ٺڪا، ڪاري رات اونداهي ٻاٽ، اک نه ڏسي گوڏي کي،
ڌُڪن جا ڌماڪا، بانٺن جي بڇو بڇ، گهوٻاٽن جا گهاٽا
گهاءَ هئا! مارا ماريءَ ۾ مانجهيءَ به مڙسيون
ڏيکاريون: ڪهاڙيءَ کي اُبتو سبتو واڪيائن، واهه جو
وڄايائين ۽ وهايائين. اها ڪَل ڪانه ٿي پئي ته ڪير
آهن، ڪوهه ڪاهه ڪئي اٿن! هان هان، ڇو، ڇو، ڇاهي،
ڪير آهي. هُل هنگامي ۾ هن جونجهار به ججهن جا جيرا
اوجهريون ۽ آنڊا اُڊيڙي وڌا؛ پر لاڳيتين لٺين ۽
ڌوڌو ڌڪن مڙس جا ماشا منجهائي ڇڏيا. ڌڱ مڙس داٻجي
رتو ڇاڻ، رت ريلا وهائيندي، مٿو ڦاڙائي، سُرت
ساڃاهي، هوش حواس وڃائي، ڍرڪي ڍڪرجي، قبي جي ڪُنڊ
وٽ وڃي ڪِريو. |