ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪهاڻي جنمڻ ـــــ ٻه الڳ واٽون آهن. هڪ ٺهيل ٺوڪيل
واٽ آهي، جنهن تي بنا ڪنهن کٽڪي پير ڌري اڳتي وڌي
سگهجي ٿو ۽ ماڳ (پڄاڻي) تي رسي سگهجي ٿو. ٻي واٽ
نئين ۽ آڄاتي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ آهي، ان واٽ
تي پير ڌرڻ لاءِ تجربي جي جوکم کائڻ جو ساهس ضروري
آهي. ائين ئي هڪ ڪهاڻيڪار ـــ هڪ ڪلاڪار پنهنجي
تجربي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ پڙهندڙ جي من ۾ آميو
اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو.
حميد سنڌي ٺوٺ ڌرتي
مستن تي ڪهڙي ميار. پرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو.
ڊگهي چولي جو پلو مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون
ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛
”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“.
رب جي ذات وڏي آهي. اگهي ته ڪائو ڪچ، نه ته مالڪن کي به موٽ.
پر جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا
به وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نه هو ڪائو ڪچ، نه هن
آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنهن
جي هيٺيان ڪجهه به نه هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو.
رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي.
جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست ته گهڻئي، پر پرو
سڏبوئي هو ”مينهاڻي مست!“ پرو ڪهڙو جي ”مينهاڻي
مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙ. اک اک منجهس.
سندس هر چُر پُر تي ماڻهن جي چُر پُر اچيو ٿي
ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پئي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛
”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا
گوڏي جيڏو.“
”جيڏو تنهنجو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي
هئي. پگهر پئي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند
هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾.
اڃا ته ڪٿي به آگم جو اُهاءُ نه هو. ابر جو اُهڃاڻ
نه هو. پر آسروند اهوئي آسرو کنيو بيٺا هئا ته رب
جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي ته وڏ ڦڙو، اچي ته
اڱڻ اگهاري، برسي ته بهاري، اُٺي ته اُڃايل
پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڏرتي ٺوٺ هئي،
سوڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا.
انهيءَ ٺوٺ ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو ازلي ناتو
هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ مان مينهاڻي
مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونه هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار
ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو،
هيٺان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ،
مٽيءَ سان راند، ٻاراڻيءَ وهي جي مستي، کيس انهيءَ
ڳالهه جو پتو ئي نه رهيو ته هُن جا پيءُ ماءُ مري
ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي
مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولر
وڏي نعمت هو. کيڏن، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس
هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيهي جڏهن ٻارن
جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو ته سندس ڪيفيت
ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس
ڪابه اهميت ڪانه هئي؛ پر هو پنهنجي دليريءَ جا
داو ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منهن
لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو. هو هڪ يتيم ٻار
هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا.
پرو انهيءَ ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن
پنهنجي سوٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو.
هوءَ جڏهن پدمڙا پير کڻي هن سان گڏ آڱڻ ۾ هلندي
هئي، ته هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان
کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل ته ڏس
ڪيئن هلي ٿي، جهڙي ڊيل!“
پڦي جنهن پروءَ کي پنهنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي
هيس، ”ها، ها پريل مومل ته ڊيلن جي به راڻي آهي.“
هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو
هلندو هو؛ ”هلي منهنجي ڊيل راڻي، هلي منهنجي ڊيل
راڻي___!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيهندو هو. پڦي
هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ
ته ڊيل آهي. تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ ته پرو مومل
کي ڇڏي ٻانهون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي
ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آڙهڙ جا
ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهونڳيءَ جي موسم
پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا ڏينهن هوندا
هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽
خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ
سندس سئوٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن
جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چانديءَ جا گولا.“
”ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي“ پر پروءَ جو وڻندڙ
نعرو هوندو هو؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻڻ
۾ هو بنهه مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينهن پوندو
هو، ٻار سڀ اندر ورانڊيءَ ۾ ڊوڙي ويندا هئا، ته به
پرو بيٺو هوندو هو سندس رڳ رڳ بهاريءَ ۾ هوندي
هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينهن
ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي
لائيندو، منهن تي مليندو ۽ ڪڏهن ته دُٻن مان پاڻي
پيئندو هو، پڦيس رڙيون ڪندي هيس؛ ”پروءَ، اڙي پرو،
مري پوندين، اندر اچ،“ پر هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته
ٻڌندو ئي نه هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽
ورانڊي مان اُلاريندو هيس؛ ”اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ
گڏ ڀڃي ڇڏيندوسانءِ“. تڏهن لاچار اندر ايندو هو.
پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي،
ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي، مينهن جي ڪا لار
جهٽي وٺندو هو.
مينهن اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پۡٽ، پۡٽ پٽيهر
بڻجي پوندا هئا، هو لهي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو
هو، خوشي جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن
سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ ساڻ مومل کي
کڻندو ۽ چوندس، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ
پٽيهر تي. هت نه هلي ته سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾
هلندينءَ؟“
يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر
پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ ته لوهه پيو آهي“.
”چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ ته هلندي؟“
”چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي
۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نه ڪري
مومل جڏهن چِٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي؛
”پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي!“ پڦي وراڻيندي هيس؛ ”ٻولي
سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون
هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ کڳندو هو ۽ مومل به هاڻ
ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه
ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ تروڄ ڪيو هو، ۽
کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم جو ئي
ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري
آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇاجو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ
بهاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن
کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي، جيستائين گهر
نه پهتو. هُن دانهن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“
سڀني سرتين گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“
مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين
ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄ
وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري
لارون بڻي، پرو تيئن بهاريءَ ۾ آيو؛ ”هڻ مولا ڪو
گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا
به مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان
آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي؛
”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو _ گوڏي جيڏو مولا
_!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄُ وراڪو
ڏئي، وڄُ جو وۡڄ اڃا وڄي بس ڪري، ته بادل بر ٿي
بيهن ۽ گوڙ جا ٺڪاءُ هنيانءُ ڏڪائن،پر پروءَ
مستيءَ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ
ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا صدين
جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو هاڻ
پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا
هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندس ڀتيون
ٿي لُڏيون، ڇتيون ته اڳيئي وهي هليون هيون. گهر
وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو.هر هڪ اهو پي وراڻيو،
”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺل هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه
ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي
ا...........“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي
هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽
بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون
۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو.
مينهن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينهن
اصل پوريون ڪري ڇڏيون.
ماسي نعمت ته وهلور پئي ويئي، ”هئڙو مينهن نه ڏٺوسين نه ٻڌوسين.
اصل قيامت آهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينهن بس
نه ڪري، ائين سڀ ڪنهن کي محسوس ٿيو ته ڪا خاموشي
آهي. هاڻ مينهن گوڙ، وِڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز
بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اُڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو،
پۡرُو اُتي ئي بيٺو هو، هاڻ هو نعرو نه هڻي رهيو
هو. هو مينهن جهٽي رهيو هو، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيو
هو، ”واهه ڙي مولا واهه، بنهه بهاري ڪري ڇڏيئه
مولا، اصل رنگ لڳي ويا، واهه منهنجا مولا!“
اِئين چاچي وڃي ڳٿر کان جهليس. کنڀي اندر کنڻي آيس، ”ڪتي جا ڦر،
اسان جو ٿو وڃي سِرُ ۽ تون آن بهارين ۾. ’هڻ مولا
گوڏي جيڏو‘، هاڻي جهل دٻ. جاءِ جهڪي آ، ڇت وهي آ،
اڃا به مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽
اچي ورتائينس؛ ”اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو.
پڻهين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻهين گارو ڪندي __ توکي
اصل نه ڇڏيندس، اڙي ٻيا ڪهڙا هئا، جن گوڏي جيڏو جو
نعرو هنيو هو؟“
ٻين نينگرن جو ساهه مٺ ۾ هو. ڪن ته ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽
شيرل ته کٽ هيٺان وڃي لڪا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو،
اڙي ورُو، شمو، يارو هيڏي اچو.“
ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو، ”اڙي گهوڙا ڙي مري
وياسين، اڙي بابا ڙي، الاڙي __ گهوڙا ڙي“ پي پئي.
اِئين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، اُن سان گڏ
”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو،
رنڌڻي جي ڇت ويهي وئي هئي. اُن سان گڏ سڀني ڏٺو ته
پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيهي رهيو، ننڍڙا
هٿ مٿي کڻي چيائين ”مولا، هاڻ ۾ هالار هارينس.“
هُن وري صدا هنئي ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“
”مولا__ مولا__ منهنجا مولا!“
پروءَ جي صدا به ڪا صدا هئي. مينهن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نه
گذري جو مينهن بس ٿي ويو. پرو اُتي ايستائين بيٺو
رهيو جيستائين، ڪڪر ٽڙي پکڙي نه ويا هاڻ ته ڏينهن
شينهن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ
وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳي. اِئين وڏي
واڪي چاچس کي چيائين، ”ادا نصير، هيءُ ڇوڪرو فقير
اٿئي، ملنگ مست اٿئي، آئيندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر.
سندس ڪرامت ڏٺئي!“
گهر وارا سڀئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آياهئا، هن کي ائين ڏسي رهيا
هئا، ڄڻ ڪا نئين شيءَ ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو
اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪِريل رنڌڻي
ڏانهن وڌي ويو. هاڻ ته مومل به پدمڙا پير کڻندي
ٻاهر نڪري آئي هئي.
”پلو_ مولا دوڏي ديڏو نه، ڊيل راني هلي ڪيون.“پرو هن کي
هلائيندو، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي“ ڪندو، ٻاهر نڪري
ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي، هن کي
مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪوبه اعتراض نه هو. پرو
سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بهار،
اُٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو
هو،جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جهڙي پئي لڳي. هيءُ
ڌوتل پوتل وڻ، اُجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويهي رهيو،
مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بهاري ۾ هو، مينهن
وسيا هئا، بهاريون ٿيون هيون، ڊيل راڻي ساڻس هئي.
هوڏانهن ماسي نعمت کي برقعو نه ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾
اهائي وات وائي هئي، ’پرو ڪاني ڪرامت وارو آهي‘ ۽
ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. الائي
ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي
گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کائنس دعا
گهرائيندا هئا. پرو منڍ ۾ ته حيران هو، ته هيُ آهي
ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو،
مار موچڙو بنهه گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويهي
رهيو. چاچي نصير ۽ ڦڦي زينوءَ جي ته چاندي هئي.
آهستي آهستي گهر ۾ رونق اچڻ لڳي. پرو ڪوڙا سچا
ليڪا پائيندو وڃي، ”حق ا هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽
چاندي نه وسي!
جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻبو ويو. هو
ڪڏهن ڪڏهن پڦيءَ کان پڇندو هو، ”پر پڦي مون کي ته
ڪجهه به نه ٿو اچي، مان قرآن به پڙهيل ناهيان. الف
بي به پوري نه اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس؟“
پڦي، هُش ڪري آهستي چوندي هيس، ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي
ٻاهرين علم جي ضرورت نه هوندي آهي. توکي باطني علم
آهي پٽ! تون رڳو نيت سان ابتو ليڪو ٿو پائين يا
هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ ٿو شوڪارين يا پاڻيءَ ۾
ٿو هٿ ٻوڙين ته سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ اُن
سان گڏ اسان جا به ڪم سولا!“
پرو ڪجهه به نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جيئن جيئن وڏو
ٿيندو ويو، سڀ ڳالهه کيس سمجهه ۾ ايندي وئي. هن
چاچي جي مجبوري به سمجهي، سڄي گهر جي بي وسيءَ جو
به پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ
هنن جي گهر ۾ غريبيءَ جو نانءُ نشان نه هو. ڪچي
گهر مان پڪو گهر ٿي ويو، اوطاق ٺهي وئي، وڏي ڳالهه
ته پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺهيو، جنهن کي آڏو سهڻو
ڇاپرو هو، سڀڪجهه چاچي نصير جي نظراندازيءَ هيٺ
ٺهيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ ته سندس هٿ به
ڏڪندا هئا، پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو!
هونءَ به کيس رازپي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا به
عجيب رنگ آهن، ڪنهن کي هٿ ۾ شفاع ڏئي، ڪنهن کي هٿ
۾ ڪرامت ۽ پروءَ جو ننڍڙو هٿ کڄيو ناهي، ۽ سواليءَ
جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ ته پروءَ جا هٿ مضبوط،
جوانن وارا هٿ هئا، ڪرامت ۾ به اوڏوئي زور هو.
پروءَ لاءِ هاڻ اِها ڳالهه ڪا دلچسپيءَ واري ڳالهه نه هئي، هن
لاءِ جيڪي ڪجهه هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري
ڊيل راڻي هئي. هوءَ هُن جي سامهون جوڻ مٽائيندي
رهي. هاڻ هوءَ هڪ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽
جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سهڻي راڻي هئي.
پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تيئن سڏيندو
ايندو هيس. مومل جو چاهه به رنگ مٽائيندو رهيو.
هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس
هٿ وٺي، هٿ ۾ وجهندو هو، ته ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾
ڦهلجي ويندو هو. اُهو پاڻي ٻين لاءِ ته شفاع جو
پاڻي هو؛ پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز اُن
هٿ لاءِ واجهائيندي رهندي هئي، ته ڪڏهن ٿو پرو
سندس هٿ وٺي. هوءَ نه چوندي به چوندي هيس؛ ”پرو،
منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي شفا آهي؟ تون منهنجو هٿ ڇو ٿو مٽ
۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منهن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.
پرو اُن ڏينهن ته بنهه سندس ويجهو وهندو هو. جنهن ڏينهن هوءَ
وهنجي سنهجي اُجريل ڪپڙا ڍڪي، آلا وار پکيڙي
دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ اُن تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي،
ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي
رکي، کيس ٻانهن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾
نهاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اڻيل تاڃي
پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساهه کڻندو هو،
اُن مهل بي اختيار ٿي چوندو هو ”رب منهنجي جي
قدرت!“ مومل ورُ ورُ ڪري پڇندي هيس ۽ اُن جو جواب
به ساڳيو ملندو هيس، ته به هوءَ چوندي هيس؛ ”پرو،
ان ۾ ڪهڙي رب جي قدرت آهي؟“
”راڻي تنهنجي آلن وارن مان اُهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اُٺي ويل
ڌرتي ڇڏيندي آهي، ۽ ملڪ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا
اهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“
اُٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو، اُٺي جون بهاريون آيون
ناهن، پرو ڇاپري ۾ نڪري ايندو،سندس صدا اُها ئي
هوندي؛ ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ اڃا هڪ ٻه صدا مس
هڻندو، ته مومل پري کان ڊوڙندي ايندس. ”بس پريل!“
هو ماٺ ٿي ويندو؛ پر آهو ٿي پيو نچندو، مينهن بت
تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دُٻن مان
ڍُڪ ڀريندو، مٽي کڻي بُت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ
جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس
ته ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس
۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي
انگ اُگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾
پيل ٺِڪر جي چِٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ
انگوڇو وٺي، پاڻ کي پاڻ اُگهندو هو. هوءَ چپ چاپ
ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيهندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي
ڀر ۾ بيهندو هيس. مومل سندس اکين ۾ نهاري چوندي
هيس؛”پريل تون مينهاڻي مست ڇو آهين؟ مينهن توکي
مست ڇو ٿو ڪري؟“
پرو مرڪي چوندو هيس: ”راڻي، مينهن ۽ هن ڌرتيءَ جو ازلي لاڳاپو
آهي. اسين هن ڌرتيءَ جا ننڍڙا ڌڻي آهيون؛ اسين به
مست نه ٿينداسين ته ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينهن
مست نه ڪندو آ؟ هن جُهڙ ڦُڙ جي بهاري ۾ تون ڪجهه
به محسوس نه ٿي ڪرين؟“
مومل انهيءَ جملي سان ڄڻ ته ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽
پوءِ سامهون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي هٽي
ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هئيس: ”پرو مون کي پتو
ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انهيءَ
ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي، جنهن ۾ سندس ساهه هو
۽ پرو يڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:
”انهيءَ ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي ته ٿو پر سولو نه. ڪاڏي
ويندو، نيٺ ته هن هٿ وس ايندو.“
مومل مرڪي چوندي هيس، ”هاڻي تنهنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر به ته
تنهنجو آهي!“
”نه راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي هٿ لال ڪري، تنهنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ
وجهي انهيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس، پوءِ
جيڪي نصيب!“
مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساهه اُڀو
کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو ته هوءَ هٿ وڌائي
چوندي هيس:
پرو انهيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منهنجو شاديءَ ۾
ايمان نه ٿو بيهي، هونئن به پرو شادي محبت جو
معراج ته ڪونهي.“
پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالهه
ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون به ڪنهن کان گهٽ ناهين.
بنهه مست آهين، مون کان به وڌيڪ_ تو ۾ هونئن به
مڻيا آهي؛ پر راڻي جڏهن سمجهه ڀريو ڳالهائين ٿي ته
بس، پوءِ اسان پارو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“
ائين ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير
لڙڪايو ويٺي هئي، سامهون ورانڊي مان اهو نظارو پئي
پسندي هئي. نُور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي
نصير کي پتو به نه ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي
ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي، ”ادا، هو جوڙو ڏسين
ٿو؟“
”ڪهڙو جوڙو“.
”پکين جو؟“
”مينهن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن.“
هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس؛ ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“
”توکي به رکيو رکيو ٿا پُور پون. ا ڪري جُڙي هجين، پارت ڇو ٿو ڪرين.“ ”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نه ڪجانءِ، نه ته
سڀڪجهه ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي، اِهو به
ٻڌايان ٿي ته هيءُ ٺهيا ئي هڪٻئي لاءِ...“ ۽ اچي
کنگهه ڇڙندي هيس، هوءَ ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو
نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمهاريندو هو.
”چري، ڱڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالهه آهي، ڪا پري آهي ڇا،
ڪنهن ڏينهن مۡکاميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي
هو مرڪي به ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري به ڏيندو هو.
پر پريان ماسي نعمت ڪن لايو ويٺي هوندي هئي؛ ڪوڙو
منهن ڪريو، موڙو ڏيندي هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي
هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منهنجو شيرل روزگار سان
لڳي؛ ڏس ته مان ڪيئن ٿي پنهنجا ٻيڙا ٻني لايان.“
ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو ته
ا ڏي هلي؛ پر چاچي نصير به ڌڪ نه جهليو، مِٺي ڀيڻ
جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا؛
پر جيءَ جو ڪهڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وسۡ. وڻيس ته
جياري وڻيس ڪۡکُ پن ڪري ڇڏي.
پروءَ کي ڪنهن به اڄ تائين رئندي نه ڏٺو هو، سو وسيو ۽ سندس
اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي
پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ تڏهن بنهه کاڄي ويو، جڏهن
هڪ ڏينهن مومل ڏانهنس نه لڙي، منجهند جو ماني به
ماسي نعمت کڻي آيس. هُن رات تائين صبر ڪيو؛ پر
جڏهن رات جو به ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني
اڇلائي، تڏهن هو بِر ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“
”مومل ڪا تنهنجي ڳڌل ٻانهي آ جو هر ويلي تنهنجي ماني کڻي اچي،
ٽهل ٽڪور ڪري.“
”ماسي مستن کي نه ڇيڙ“، پروءَ رڙ ڪئي اُن سان گڏ سندس اکيون
ڳاڙهي ٿي ويون.
”اِهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اِهو مينهاڻي مست تون ٻين لاءِ
هوندين، مان سڃاڻانءِ ٿي ته تون ڪهڙو مست فقير آن!
مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندين، ته وجهندس هٿ برقعي
۾. جيئن مون پاڙي پاڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو، هاڻ
تنهنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“
پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اُڇلائي، ”نڪري وڃ هتان.“
”وڃان ٿي پر اِهو ياد رک ته مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي،
جي تو اُن جو نالو به کنيو آهي، ته مون جهڙو بڇڙو
نه ٿيندءِ!“
پرو حيران ٿي سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو، ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ
ته ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين،
مۡستن وانگر مست ٿي ويو، دانهن اهڙي ڪيائين جو
ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي ”مولا،
ڪٿي آهين، مولا، ڪٿي آهين!“ ۽ هو جوُجڪيءَ ۾ ٻاهر
نڪري آيو، اڱڻ ۾ ڊوڙڻ لڳو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي
جيڏو! مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
ٺار جا ڏينهن هئا، سڀ ورانڊي ۾ نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ
جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس، ”ماسي ڇا ڪيس!“
”اڙي امان مارۡيئي کي ڇا ڪيم، ”چيومانس ته منهنجي مومل جو نالو
نه کڻي.“
”ماسي توکي جهليو به هيم ته في الحال ڳالهه نه ڪر؛ پر اصل پيٽ
جي هلڪي آهين. هوڏانهن ڇوڪر کي به بند ڪيو اٿئي،
جا پئي جهڄِي. هيڏانهن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“
”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي؛ رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو
وسائڻ؛ مينهن جي ڪا موسم آ، جو بس هاڻ اُڀ ڏري
پوندو!“
پروءَ رڙي رڙي، اڃا ساهه کنيو ۽ آسمان ڏانهن ڏٺو، پر اُتي ڪجهه
به نه هو. اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ
واري ڪمري جو حدون لتاڙيندو، ورانڊو ٽپندو، سندس
مستيءَ کي مست ڪندو ويو، ”پۡرو، پۡرو!“
پروءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري. سندس هٿ مٿي
کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين ۽ ڊوڙ
پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پهتو، اندرين ڪوٺيءَ کي
ڪلف هو. اندران اُهوئي آواز ”پۡرو، پۡرو!“ هُن ڪلف
کي سٽ ڏني، پر نه کُليو. هُن مستيءَ ۾ در کي هڪ
ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منهن تي اها
ئي مستي هئي. هو پاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو، ”منهنجا
مولا! ڪٿي آهين. ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو ته نه__ بس
مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بهاري!“ هو رت
ڳاڙيندو رهيو، ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير به
سندس ويجهو نه پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو؛
پر شيرل اُتي ئي ڄمي ويو. سندس ٻيا سئوٽ پري بيٺا
هئا. پۡرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪِري پيو. کيس ائين
محسوس ٿيو ته هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هُن
اُٿڻ جي ڪئي پر اُٿي نه سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي
کنئين، هاڻ رت جو مينهن هو، جو پئي وسيو. اِئين
گوڙ جو آواز ٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر
ڀڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪارنهن سڄي آسمان کي ويڙهي ويئي
هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ، ٻيو وڄ جو چمڪاٽ ، اوندهه
انڌوڪار ٿي ويو، وڄ جي روشني ويتر ٿي هنيانءُ
ڇِنو. ۽ ائين اچي وڏڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينهن به مينهن
هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو نئين، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري
پيو هاري. پروءَ جي چاچيءَ ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو ۽
هوءَ پٺي پير واپس وري، پروءَ کي اورانگهي وڃي
ڪُلف کوليائين. پۡروُ بي سرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در
کوليندي وسامي ويئي،مومل به ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو
پئي هئي، يڪدم دانهن ڪيائين.
”اڙي، مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گُلو، اڙي هيڏانهن اۡچو__ .“
سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائون. ڪو سرمو کڻي آيو،
ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو ”پريل!“
سڀني اوڏانهن نهاريو، جت پۡرو پيو هو. هوءَ ڌڪ جي
پرواهه نه ڪري پروءَ ڏانهن وڌي، نئڙي هُن کي
ڏٺائين. ڳوڙها ڳڙهي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي
چيائين، ”ادا گُلو! هن کي کنڻوس.“ هُن پاڻ بيهي
پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس. آهستي آهستي
هن جي ڀرسان ويهي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا به
وهلور پئي ويئي، تنهن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو
ته پۡروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اُڇلي اچو. مومل
سُرٻاٽ ٻڌو. ڪنڌ کڻي چيائين ”خبردار جو ڪنهن پروءَ
کي هٿ لاتو آهي. رڳو پنهنجو خير گهرو.“
اُن ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنهن ورانڊي مان دانهن ڪئي، ”رڌڻو ويو.“
اُن ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو، ”وهنجڻ جاءِ وئي.“
ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا، ”ورانڊي جو هڪ حصو به هليو.“
ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناهه ورتي. مومل پروءَ کي ڏسي رهي
هئي، جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون
هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اُٿيو، وڄ جو چمڪاٽ
ڏٺائين، مينهن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لهي
بيٺو، مومل ٻانهن کان ورتس، پر هو اڳتي هلندو ويو،
ائين چوندو ويو، ”واهه منهنجا مولا اصل بهاري ڪري
ڇڏيئه، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئه، واهه منهنجا سائين؟“
هو ورانڊي ۾ ئي هو ته ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين، رڙيون واڪا،
اُن سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز اچڻ لڳو. مومل
اچي ڀرسان بيٺس؛ ”پريل هاڻي بس، ربجي ذات بيشڪ وڏي
آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“
”مومل، منهنجي مولا آڏو سڀ بندا برابر آهن. تون به ٻاڏاءِ اچ
مون سان.“
وچ اڱڻ ۾، مينهن جي پناهه وٺيو ٻيئي بيٺا هئا. مومل هٿڙا اُڀا
ڪيا، ”مولا هاڻي بس_“ ”منهنجا مولا هاڻي هالار ۾
هارينس“ ”منهنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ
ٻاڏائيندي رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو
رهيو. ائين مينهن جهڪو ٿيو، تان جو ڦڙ ڦڙ وڃي بچي.
ويل ئي ڪانه گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا.
پروءَ آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي
ڦيرايو، ”راڻي اِهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج
ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه
ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي ملڻ ڪهڙا،
جدايون ته ڪينهن منهنجا سائين!“ پرو آهستي سندس
هٿڙو ڇڏائي وڌيو، ۽ ڏيڍيءَ وٽ بيهي مومل کي
ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي
مڙي ويا هئا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو، ”ٻڙي، هن
جو خيال ڪيو، هيءُ ا لوڪ نينگر اۡٿو، ڪرامت ڪانه
ڏٺو. وٺي هلي اندر ويهاريوس، هئڙا ا لوڪ ماڻهو
ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن. پرو ڪڙو
کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي
پئي، دانهن ڪيائين، ”پريل_پريل!“ پرو جيئن ڏيڍي
چائنٺ ٽپيو تيئن وري نه آيو هو هاڻي سچو پچو
مينهاڻي مست هو، هڪ الفيءَ ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان
تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون پيو
پائيندو، رکي رکي دانهن پئي پوندس، ”هاڻي جهڙ ڦڙ
بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا.“
ڪو ڳالهائڻ جي ڪندس ته وارن ۾ ڍڪيل چپ کُلي پوندس ۽ کِلي چوندو،
”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪو دل جليو اُتي ئي پڇندس، ”مينهاڻي مست! پوءِ محبت جو معراج ڇا
آهي!“
”جهڙ ڦڙ جي بهاري ۽ وسندڙن جو خير!“
”پر تون چئين ٿو ته هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي جهڙ ڦڙ جي بهاري
نه ٿيندي.“
”اکين جي جهڙ ڦڙ کي ڪنهن روڪيو آ!“
پرو غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويهندو هو، غلاموءَ سان دل به
هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دِڪيءَ تي سمهي
پوندو هو. ٿڌ ۾، ولهه ۾، سۡوڙ يا رلي به نه
ورتائين، دڪان مان ٻه_ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين،
جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو،
جو پاڻ به ڦٽيل هو، ڪو نينهن لاتو هئائين، پر دل
جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو
ته يڪدم دانهن ڪري ڇڏيندو هو، ”پريل! دل ڪنهن سان
لائجي؟ هنن ماڻهو سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس، ”پنهنجي مولا جا غلام، تون هن مولا جي
ڌرتيءَ جو به غلام آهين، هن ڌرتيءَ سان نينهن
لاءِ، ڏاڍي سوادي اٿئي. “پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾
وجهندو، منهن تي مکيندو، ڌڌڙ اُڏائيندو، ڊوڙندو
ويندو، ”واهه منهنجا مولا، اصل بهاريون ڪري
ڇڏيئي.“
هاڻي ته واقعي مٽيءَ جو مينهن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون مندون ٽري
ويون، ۽ هيءَ نئين مند به خير سان پوري ٿيڻ تي
هئي، مينهن جو ته پتو ئي نه هو، چوڌاري خشڪيءَ جو
سمنڊ هو، جنهن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون،
ڪسيون، ڪُورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽڻ پکي
پکڻ، ڍور ڍڳو سوڪهڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا، ڪن
دم ٿي ڏنو، ته ڪي پوين پساهن ۾ هئا؛ ٻنيون ٻارا ته
ٻري ٻارڻ ٿيا، هاڻ ماڻهن جو وارو هو.
سڀ پروءَ کي ڦري ايندا هئا؛ پر هو دانهن ڪري چوندو هو؛ ”هاڻ جهڙ
ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻ مينهن نه وسندا.“
۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاهه واري ميدان ۾ لهي ويندو
هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ چيس، ”پرو،
ائين نه ڪر، مينهن وساءِ!“ ”مينهن منهجي مولا جي
هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪهڙي طاقت آهي.“
”پر پرو تنهنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ، تون کڻي دعا گُهر، ڏس ڌرتي
سڄي ٺوٺ رهي ته اسين سڀ ٺوٺ ٿي ويئي آ، هاڻ ته
کوهيون به سڪي ويون آهن، باقي بچيو آَ مارڪيٽ وارو
کوهه، اهو به گهڻا ڏينهن؟ هيءَ ڌرتي وڌيڪ ٺوٺ ٿي
وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس؛ ”منهنجي مولا جا غلام،
منهنجي مولا جي ڌرتيءَ جا غلام، هن ڌرتيءَ ۽ سندس
ماڻهن جي ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد رک ته
ڌرتي هميشه دان گهرندي آهي، سمجهيئه! ڌرتي دان
گهري ٿي!“
غلاموءَ دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين، ۽ خير خيراتون شروع
ٿي ويون، پر شايد اُتي نه اگهاميون يا اڃا دير
هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پروءَ منهن تي چڙهيو، اصل بِرُ ٿي
بيٺس؛ ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينهاڻي مست آن!
تون ا لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن. مومل جي عشق ۾
حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتيءَ سان به عشق؟ ڌرتي
دان گهري ٿي، ڌوڙ نه ڇائي. هاڻي وڃي ڌوڙ پاءِ،
مومل ڪارو منهن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا
آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانهي، اڄ
دعا گهرندي، ڏس ته منهنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيهي رهيو، پوءِ ڊوڙ پاتائين. سڌو وڃي پنهنجي
گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پهتو، پر چائنٽ نه ٽپيو. اندران
مومل جو آواز پئي آيو، ”مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“
”ڀيڄ مولا، منهنجا مولا رحم!“ پروءَ اُت بيٺي ئي سين هنئي؛ ”ڀيڄ
مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي
ڏيڍيءَ وٽ پهتي. پرو هن کي سڃاڻي نه سگهيو، هڏن جو
پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون
پناهه واريون، ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر
عنبير جا هڳاو! هو هڪ ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتيءَ کي ڏسي
رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منهن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو خوش
ڪانه ٿي. اۡڇي اُجري ماڻهوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي
تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي، پروءَ
ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اُتي اُهو ئي ٺڪر جو چٽيل
ڇۡلو موجود هو؛ هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس، ”راڻي!
هاڻ بهاريون ٿينديون، مينهن وسندا، سڀڪجهه اُجري
پوندو، تون دل نه لاهه.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو ته ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس، ”ابا، پٺتي نه
موٽ. بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ به تنهنجي آهي،
تنهنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانهن نهاريو، ”ماسي،
مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ ته تنهنجي شيري کي خاڪ
ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
”اڙي ابا، هن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن تنهنجي ڊپ کان مومل سان
شادي ئي نه ڪئي.“
”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙجي ويس. ”هيءُ
مومل ٿوروئي آهي؛ هيءُ ته منهنجي ڌرتي آهي ۽ هن
سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي، ڌرتيءَ لاءِ
سِر ڏيڻ سُٿرو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ ڪنهن جي
ڪانهي، سمجهئه ماسي!“
ماسي ڪجهه به نه سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي. پروءَ مرڪي، مومل جو
هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽ صدائون هڻدو
ٻاهر نڪري ويو، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ جيئن گهٽي
ٽپي پرئين ڀر ٿيو، ته نظر وڃي رئيسن واري باغ تي
پيس، جتي هاڻ سلا به سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي
ڄڻ ڪنهن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي لهي ان وٽ تي
بيٺو، جيڪو ڪنهن وقت هن لاءِ پٽ پٽيهر هو، جنهن جي
سائي گاهه تي هو ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ
تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت
اختيار ڪري چڪو هو، جنهن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو
هو. گهڙيءَ ۾ ماڻهو اچي مڙيا. سڀ آسائتا، آسرُندا،
اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي.
هاڻ پروءَ جي مينهاڻي مست هجڻ مان ماڻهن جو به ايمان کڄڻ لڳو.
پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا
ڏيئي کنڀڙاٽيون هڻي سهڪي پيو هو، سندس نڙي ويهجي
وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي هئي،
اُهائي صدا، پر منهنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي
آهي، جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو،
اوچتو هن دانهن ڪئي؛
”ها منهنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو ريج گهري
ٿي، تون سو منهن نه موڙ، باقي بندو حاضر آهي.“
ائين چئي پرو نِوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش کنيائين ۽
زور سان ڌرتيءَ تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي ورهين جي
اُڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رُڪ ٿي لڳس، ٻئي ڌڪ ۾ رت جون
ٺينڍيون وهڻ لڳس؛ ڀلا خشڪ زمين رت ائين پيئندي وڃي
جيئن ڪو اُڃايل اُڃ لاهيندو آهي، پر پروءَ به ريج
ڏيندو وڃيس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو، جيستائين
اۡبر ۾ اُهاءُ نه ٿيو ۽ پهرين ڦڙي مٿس وسڪارو نه
ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو، ”واهه منهنجا
مولا اصل بهاريون ڪري ڇڏيئه، اصل رنگ ڪري ڇڏيئه،
بنهه بهاريون...!“ پرو وڌيڪ چئي نه سگهيو ۽ وڃي
ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت به ڌوپيو پئي
ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينهن جي ڌارائن ۾
گڏجيو ڦهلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنهن طرف هو، ڪو وهڪرو
ڪنهن طرف، رت جي لالائي پاڻيءَ جي سونهن کي وڌيڪ
سهڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ جو رڳون آهستي آهستي اُن
ڳاڙهي پاڻيءَ کي کڻي رهيون هيون. سڀني اهو به ڏٺو
ته مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي،اتان جيڪي به
وهڪرا آيا پئي، تن ۾ به اهائي لالائي، اُهائي سرخي
هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا ته سڄي
ڌرتي پٽ پٽيهر جو وڳو کڻي پاتو. |