سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:9 

باب ٽيون

سنڌ مدرسة الاسلام جا پيدا ڪيل عالم، اديب ۽ شاعر

 

تعارف:

       جيئن اڳين صفحن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته “سنڌ مدرسة الاسلام” مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، ايڊيٽر ۽ دانشور پيدا ڪيا. جن پنهنجي ڄمار سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گھڙا ڀريندي گذاري ۽ ڪيترا اڄ به اِها تند تنواري رهيا آهن. جيئن ته انهن سڀني عالمن، اديبن، شاعرن، ايڊيٽرن ۽ دانشورن جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ ممڪن نه آهي. ان ڪري هن هيٺ مکيه اديبن ۽ شاعرن جو احوال ڏجي ٿو. باقي ڪن ادبي شخصيتن جو وچور ضميمي نمبر ڏهين ۾ ڏنو ويو آهي.

علي خان ابڙو:

الف: تعارف:

علي خان ولد محمد عمر ابڙي جي ولادت 1888ع ۾ لڳ گودڙئي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ٿي[1]. سندس والد محمد عمر صوفي منش هو. علي خان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1901ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخلا ورتي[2]. جتان 1906ع ۾ شاندار ڪاميابي سان مئٽرڪ پاس ڪيائين، ايتري قدر جو ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين ۽ “بمبئي يونيورسٽي” مان ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين[3]. پرنسپال وائنس (Vines) جي شفقت ۽ همت افزائي سان کيس جھونا ڳڙهه ۽ بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. جتي پاڻ “فيلو” ٿي رهيو. سنڌ جو هي پهريون ماڻهو هو، جنهن 1912ع ۾ ايم-اي پاس ڪئي[4].

        تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو، جتان 1944ع ۾ رٽائر ڪيائين[5]. هن لائق ۽ فائق انسان جو لاڏاڻو 16 جولائي 1954ع تي ٿيو[6].

ب: مدرسي جو اثر:

        مرحوم علي خان ابڙو، پرنسپال وائنس (Vines) جي زماني جو شاگرد هو. وائنس (Vines) جو زمانو سنڌ مدرسي جي بهترين انتظام ۽ ڪارڪردگي جي ڪري سونهري دور چئي سگھجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته وائنس (Vines) خود مرحوم ابڙي جو قدردان هو ۽ مٿائنس ڪيتريون ئي مهربانيون ڪيائين، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ابڙي صاحب مئٽرڪ جي امتحان ۾ پهريون نمبر آيو، ته پرنسپال وائنس سنڌ واسين کي اپيل ڪئي، ته “هن ذهين شاگرد جي مالي مدد ڪري کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت موڪليو وڃي”[7].

        علي خان ابڙو مدرسي جي انتظامي اثر کان پنهنجو پاڻ بچائي نه سگھيو. اڳ ئي گھرو ماحول سندس سوچ کي انقلابي موڙ ڏيئي ڇڏيو هو، ويتر مدرسي جي ماحول انهي تي وڏو اثر وڌو. علي خان ابڙو پاڻ لکي ٿو ته:

        “سنڌ مدرسي ۾ پنج ئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي ۽ روزا رکايا ويندا هئا، مولوي صاحب هر جمع تي وعظ ڪندو هو. سمجھڻ ۾ ائين ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبراً نماز پڙهائي ٿي وڃي، تيئن مولوي صاحب به مجبوراً وعظ ٿو ڪري”[8].

        جيئن ته علي خان ابڙي کي پاڻ پنهنجي والد جي مذهبي خيالن ۽ روايتن سان اختلاف هوندو هو[9]. ان ڪري مدرسي جي اثر وري کيس ويتر “ملاازم” کان باغي ڪري ڇڏيو. سندس لکڻيون انهيءَ رنگ ۾ رتل آهن.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        مرحوم علي خان ابڙي جي پرورش اهڙي انداز ۾ ٿي ۽ کيس ماحول ڪجھه اهڙو مليو، جنهن سندس ذهن کي مذهبي ۽ سماجي خرابين کي تڙي ڪڍڻ ڏانهن راغب ڪيو ، هُو هڪ پڪو مسلمان ۽ سچو انسان هو، جنهن جي دل هميشه سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ تڙپندي رهندي هئي. پاڻ اهڙن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا. جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1.   حالات نبوي (شخصيات)

2.  احاديث نبوي (مذهبيات)

3.   رسومات تباهي (اخلاقيات)

4.  اسلام ۽ ترقي 4 حصا (مذهبيات)

5.   نئون اروگيان ( علم صحت)

6.  ترقي سنڌ مسلم (سماجيات)

7.   اخلاقي گلدستو (اخلاقيات)

8.  اسلام ۾ چونڊون (مذهبيات)

9.   تفسير قرآن مجيد (مذهبيات)

10. اسلام ۾ ڪميونزم (مذهبيات)

11. اسلام جو  مالي نظام (مذهبيات)

12. سُر سامونڊي (لطيفيات)

13. نئون سنڌي ويا ڪرڻ (لسانيات)

14. تعليم الاسلام 2 حصا (مذهبيات)[10].

15. يوسف زليخا (قصو)

16. پيسٽالازي (شخصيات)[11].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو  تنقيدي جائزو:

ڪتاب پيسٽالازي جو جائزو:

تعارف:      

ڪريم ڪارساز جيڪي به انسان خلقيا آهن، اُهي پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن آهر هڪ ٻئي کان مختلف ۽ منفرد آهن. ڏيهن جي ڏاتار هر هڪ ماڻهو کي ڪانه ڪا ڏات ڏني آهي. اِهو ڪارڻ آهي جو هر انسان جو مطالعو نه صرف دلچسپ ٿئي ٿو ، پر معلوماتي به. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “پيسٽالازي” به هڪ شخصيت ۽ ان جي ڪردار جو مختصر خاڪو آهي. هي ڪتاب محترم علي خان ابڙي تاليف ڪيو، جيڪو پهريون دفعو 1925ع ۾ سنڌ پبلشنگ هائوس، حيدرآباد شايع ڪرايو، ڪتاب جو تنقيدي جائزو هن ريت آهي:

 

مواد:

        ڪتاب کي جيڪڏهن ڏٺو ويندو ته اهو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پيسٽالازي جي شخصيت ۽ ان جو ڪردار، انهن ٻنهي جو تت هيٺين ريت آهي.

شخصيت:

        پيسٽالازي 1746ع تي سئٽزرلينڊ جي زيورچ شهر ۾ ڄائو، پنجن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو کيس سندس والده نپائي وڏو ڪيو، اڃا زير تعليم هو ته سماج جي سڌاري وارين تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي وڪالت جو ڪم سکڻ شروع ڪيائين. پر ان کان جلد ئي تنگ ٿي پيو ۽ ڇڏي وڃي ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ لڳو، جتي غريب ۽ڏتڙيل هارين کان ڪافي متاثر ٿيو. 1774ع ۾ نيو هوپ (New Hope) نالي شهر ۾ غريب هارين جي ٻارن لاءِ اسڪول کوليائين جنهن ۾ ٻارن کي زرعي ڪم سيکاريندو هو. مگر پئسي جي تنگي سبب 1780ع ۾ اهو اسڪول بند ڪرڻو پيس.

        ان کان پوءِ 18 سال ڏکيا ڏينهن ڏٺائين، آخر هڪ رسالي ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين، جنهن سبب ڪافي شهرت مليس. هڪ ڪتاب “ليون نارڊ ۽ جرٽروڊ” نالي سان غريب هارين جي تعليم بابت لکيائين.

        1798ع ۾ “سٽئنز” ڳوٺ ۾ يتيم ٻارن لاءِ هڪ اسڪول کوليائين، جيڪو ڪن مجبورين سبب هلي نه سگھيو، 1800ع ۾ سرڪار “برگڊراف” جو اسڪول سندس حوالي ڪيو. جيڪو تمام گھڻو ڪاميابي سان هلايائين، جنهن سبب چڱو نالو ڪڍيائين، پر پڇاڙيءَ جو ڪجھه، ٻين واسطيدارن سان اختلاف سبب اسڪول کي خيرباد چيائين.

        1815ع ۾ سندس همدرد ۽ مددگار زال گذاري وئي، 1827ع ۾ پاڻ به هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.

ڪردار:

        پيسٽالازي دنيا جي تعليم جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڏک ڏاکڙا ڏسي، تڪليفون ۽ سختيون سهي تعليم جو نئون طريقو ايجاد ڪيو. پيسٽالازي پنهنجي فڪر کي پهريون دفعو ميموريل رسالي ۾ مضمون لکي ظاهر ڪيو. هن غريب عوام جي ويجھو ويهي مطالعو ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته جيڪڏهن کين نئين ڍنگ ۽ رنگ سان تعليم ڏني وڃي ته انهن جي اخلاقي ۽ دماغي حالت سڌري سگھي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ هن پهريون پهريون 1774ع ۾ ٻار گڏ ڪري پنهنجي فڪر جو تجربو جاري ڪيو.

        پيسٽالازي انسان ذات جو خيرخواهه هيو، سندس ڪردار انهيءَ حقيقت جو ٺوس ثبوت آهي ته هن پيار ۽ خلوص، نيڪ نيتي سان ٻارن جي مدد ڪئي ۽ سندن سار سنڀال لڌي هن کي ڪهڙن ٻارن سان واسطو پوندو هو، انهيءَ جو حال هن ريت آهي:

“اهي ٻار گھڻو ڪري ٻئي ڏينهن جونئن ۽ ٻين جيتن سان ڀرجي ايندا هئا، پهريون اچڻ وقت گھڻا ٻار انسانيت جي بدترين مثال حالت جا نمونا هئا. ڪيترن کي چمڙيءَ جو دائمي مرض هو. جنهن جي ڪري هلي به مس ٿي سگھيا. يا مٿي ۾ پِت هئن، يا جونئن سان ڀريل ٿڳڙيون ڍڪيل هئن، انهيءَ مان ڪيترائي وري اهڙا ضعيف هئا جو ڄڻ هڏن جا پڃرا هئا، سندن چهرا اهڙا دردناڪ هئا ۽ ڊپ کان نهاري نٿي سگھيا. ڪي وري وڏا بدمعاش هئا، جي پنڻ، ڪوڙ ۽ دغا ۾ پڪا ٿي ويا هئا، ٻيا وري مصيبت زده هئا، منجھن محبت جو انگ بلڪل ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. انهن ۾ ڪي وري کريل ٻار به هئا، جن دنيا جي عيش عشرت جو مزو چکيو هو ۽ انهيءَ ڪري هٺ ءَ فراخ دل ٿي ڏيکاريائون[12].

        پيسٽالازي ڪنهن مطلب ۽ غرض کان سواءِ انسان ذات جي خدمت ڪئي، هو اٽل ۽ اڏول رهيو ۽ قدرت وري کيس انهيءَ ۾ ڪاميابي ڏني جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نيڪ نيتي جا جذبا هميشه رنگ ٿا لائن، پيسٽالازي جي تعليمي فلسفي جو وڏي کان وڏو مقصد اهو هو ته ٻارن جي اخلاقي ۽ جسماني حالت سڌاري وڃي. ڪتاب جي مطالعي مان اهي ڄاڻ پوي ٿي ته پيسٽالازي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهيو.

ٻولي:

        علي خان ابڙي جو هي ڪتاب اصلوڪو نه آهي، پر انگريزي تان ترجمو ڪيل آهي. فاضل مترجم اصلي ڪتاب جو عنوان يا ليکڪ جو نالو نه ڏنو آهي. سندس ترجمو سليس ۽ آسان آهي، هن عام رواجي ٻولي استعمال ڪئي آهي. جيڪا قابل فهم ضرور آهي. پر مايه دار نظر نٿي اچي. ان ڪري ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب علمي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ نه لکيو ويو آهي. پر ان جي برعڪس عام جي ڄاڻ ۽ واقفيت وڌائڻ لاءِ لکيو ويو آهي. ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن رنگيني ۽ دلچسپي نه آهي، ان هوندي به ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان متاثر نٿي ٿئي، سندس اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“منهنجي مار ڪڏهن ضد پيدا نه ڪيو، جن ٻارن کي مون ماريو، تن کي گھڙي کن پوءِ جڏهن هٿ ٿي ڏنم ۽ چميون ٿي ڏنم، تڏهن هنجي اکين مان چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگھيس، ته منهنجي ڌڪن جو آخرين نتيجو سچ به خوشي هئي، منهنجي هن قسم جي مار جيڪو اثر بعضي ڏيکاريندي هئي، تنهنجو هڪ مثال ٿو توهان کي ٻڌايان، هڪڙي ڏينهن هڪڙي ٻار جنهن کي مان سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو هوس، تنهن انهيءَ پيار جي ڀروسي تي هڪڙي سنگتيءَ کي ناحق دڙڪا ڏنا. مون کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ مار ڏني مانس. هو پهريائين ايتريقدر دل شڪستو ٿيو، جو گھٽ ۾ گھٽ پاءُ ڪلاڪ سخت رنائين جڏهن مان ٻاهر ويس تڏهن هو اٿيو ۽ انهيءَ سنگتيءَ وٽ وڃي معافي گھريائين ۽ هن جا مٿس دانهن ڏني هئي، تنهن لاءِ شڪر گذاري ڪيائين. اي منهنجا دوست، هي چرچو نه آهي، ڇوڪري اهڙو حال اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو”[13].

مقصديت:

        هن ڪتاب ۾ انسان ذات جي هڪ خيرخواهه، مشهور تعليم دان ۽ بي لوث استاد جي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي. جنهن جي پڙهڻ سان نت نوان خيال ظاهر ٿين ٿا ۽ پڙهندڙ کي ائين لڳي ٿو ته اندر جا اڌما،  جذبا، امنگ، لياقتون ۽ صلاحيتون اجاگر ٿين ٿيون.

        پيسٽالازي ڪڏهن به ذاتي مفادن کي قومي مفادن اڳيان ڪابه اهميت نه ڏني. هو انسان ذات جو هڪ سچو خيرخواهه هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي عوام جي خدمت نه ڪئي، هن جا تعليمي نظريا اڄ به اوترائي ڪارگر آهن. جيترا پيش ڪرڻ وقت هئا.

        مطلب ته هن جي شخصيت ۽ نظرين جي پوري جھلڪ هن ڪتاب ۾ ڏني ويئي آهي. ان ڪري هي ڪتاب وڏي اهميت ۽ افاديت جو رکي ٿو.

مخدوم محمد صالح ڀٽي:

الف: تعارف:

مخدوم محمد صالح ڀٽي ولد مخدوم محمد ابراهيم 8 مئي 1889ع تي هالا پراڻا ۾ ڄائو[14]. پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ جولاءِ 1901ع تي اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو[15]. جتان 1908ع ۾ سنڌي فائنل[16]، 1909ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[17].

        1910ع ۾ ئي کيس پوني جي زرعي ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي[18]، پرنسپال ٽي-ايڇ وائنس (T.H.Vines) جي آڇيل نوڪري قبول ڪري “سنڌي مدرسي” ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو[19]، 1920ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ مُلا اسڪولن جو ففٿ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل مقرر ڪيو ويو[20]، 1922ع ۾ کيس وري سيڪنڊ اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو، پاڻ انهن عهدن دوران حيدرآباد، ڪراچي، ٿرپارڪر ۽نوابشاهه ۾ نوڪري ڪيائين. 1927ع ۾ حيدرآباد لوڪلبورڊ طرفان هن کي سيڪنڊ ايڊيشنل سپروائيزر مقرر ڪيو[21]. پاڻ اتي ٻارهن ورهن تائين ملازمت ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1939ع ۾ سرڪار وري کيس حيدرآباد ۾ مُلا اسڪولن جو فرسٽ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو[22]. ٻن ورهن کان پوءِ ڀٽي صاحب کي ڊپٽيءَ جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي. پر جلد ئي کيس وري ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ٿرپارڪر جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو[23]. هڪ سال کان پوءِ وري ملا اسڪولن جو ڊپٽي مقرر ٿيو. 1943ع ۾ کيس نوابشاهه ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر ڪري رکيو ويو. جتان ئي 1944ع ۾ رٽائر ڪيائين[24]. سندس وفات 27 ڊسمبر 1954ع مطابق 19ربيع الثاني 1373هه ڏينهن آچر تي ٿي[25].

ب: مدرسي جو اثر:

        مخدوم محمد صالح ڀٽي جي زندگي جي احوال جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس شخصيت ۽ ڪردار تي سنڌ مدرسي جو گھاٽو اثر پيو هو. پاڻ شاگرديءَ واري زماني ۾ نه رڳو هڪ بهترين ڪرڪيٽ پليئر هو، پر مدرسي جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. پرنسپال وائنس (Vines)  هن تي ڏاڍو مهربان هوندو هو. اهو ئي سبب هيو جو کيس مدرسي ۾ ئي ماستري ڏنائين. ڀٽي مرحوم هڪ بهترين منظم ۽ سٺو قلم ڌڻي ٿي گذريو آهي. انتظامي صلاحيتون کيس پرنسپال وائنس جي بهترين انتظام جي اثر جون سوکڙيون هيون ۽ سندس علم ادب سان چاهه مدرسي جي ماحول جو نتيجو هو[26].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        مخدوم محمد صالح ڀٽي شاگردي واري زماني کان وٺي علم ادب سان شوق رکندو هو پاڻ جڏهن “سنڌ مدرسي” جو استاد ٿيو ته ان ئي وقت کيس “الاسلام” نالي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن کي ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ۽ ادبي جماعتن ۽ ڪميٽين ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جن مان “مسلم ايڊيوڪيشن سليبس ڪميٽي”، “سنڌي لٽريچر سينٽرل ائڊوائزري بورڊ آف ڪنٽرول”، “ٽيڪسٽ بوڪ رويزن ڪميٽي” ۽ “سنڌي ادبي سوسائٽي” قابل ذڪر آهن[27].

مخدوم محمد صالح ڀٽي 1935ع کان وٺي شعر و شاعري جي ابتدا ڪئي، جنهن ۾ محمد صديق مسافر کي استاد تسليم ڪندو هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1. صديق اڪبر (شخصيات)

2. سيده النساء (شخصيات)

3. بيبي رابع بصري (شخصيات)

4. منهاج المومنين (اسلاميات)

5. اخلاقي جواهر (اخلاقيات)

6. منصور حلاج (شخصيات)

7. فاروق اعظم (شخصيات)

8. واندڪائي جي وندر (ڪهاڻيون)

9. فتوحات اسلام (تاريخ)

10. عروس ڪربلا (ناول)

11. سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت (علم سماجيات)

12. سنڌي ويا ڪرڻ (لسانيات)

13.سنڌي گرامر 3 ڀاڱا (لسانيات)

14. ڪيڏارو (لطيفيات)

15. نئون سنڌي گرامر چوٿين درجي لاءِ

16. اسان جو پيارو آقا (مذهبيات)

17. سقراط (شخصيات)[28]

18. المرتضيٰ (اڻڇپيل)

19. حيات سعدي (اڻڇپيل)

20. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (اڻڇپيل)

21. ڪلام مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (اڻڇپيل)

22. ڪلام صالح (اڻڇپيل)[29]

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        مخدوم محمد صالح ڀٽي کي شعروشاعري جو شوق “سنڌ مدرسة الاسلام” جي شاگرديءَ واري زماني ۾ ٿيو. محمد صديق “مسافر” سندس شاعري ۾ استاد هو. مخدوم صاحب سنڌي مسلمانن جي بيداريءَ واري زماني ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي. وقت ۽ حالتن سان گڏ سندس نوڪري به هن جي شاعريءَ کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. اهو ئي سبب هيو جو هن روايتي قسم جي عشقيه شاعريءَ کان منهن موڙي مذهب ۽ قومي شاعري جي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام جو ڳچ حصو انهن ئي مضمونن سان ڀريل نظر اچي ٿو.

        ڀٽي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ مذهب ۽ قوميت جي هر پهلوءَ  کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سندس ڪلام جي پڙهڻ کان پوءِ اهو تاثر ٿو ملي ته هو صاحب سنڌ جي انهن شاعرن منجھان هو. جن پنهنجي شاعراڻي ڏات کي خدا جي نعمت ڄاڻي مسلم مفاد لاءِ ڪم آندو.

        ڀٽي صاحب عروضي شاعريءَ جي هر هڪ صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر “غزل” ۽ “قصيدو” سندس پسنديده صنفون هيون. سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن مان هن صاحب “بيت” جي صنف تي گھڻو توجھه ڏنو ۽ ڪيترائي بيت لکيائين.

        مخدوم جو ڪلام پُر اثر آهي، جيتوڻيڪ هن فارسي آلوده ترڪيبون استعارا ۽ تشبيهون ڪم آنديون آهن، پر ان هوندي به انداز بيان سبب سندس شاعري ۾ هڪ انوکي جدت جا اهڃاڻ ملن ٿا. جيڪا کيس سنڌي شاعري ۾ منفرد مقام ڏياري ٿي.

        سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

نعتيه غزل

محمد ﷺ شفيع الوريٰ بنجي آيو
نبين جو پڻ پيشوا بنجي آيو

عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن
نبي پاڪ نور الهديٰ بنجي آيو

مسيحا سندس ٿي بشارت سڻائي
خليل الله جي سو دعا بنجي آيو

يتيمن جو ياور، ضعيفن جو ضامن
دنيا جو ته حاجت روا بنجي آيو

مصيبت ۾ جن جي ٿي گذري حياتي
مٺو تن لئي مشڪل ڪُشا بنجي آيو

ثناءِ محمد ﷺ، خدا کي وڻي ٿي
محمد ﷺ، خدا جي ثنا بنجي آيو

ڪلامِ محمد ﷺ جو هي شان آهي
جو بندو حبيبِ خدا بنجي آيو

خدا خود ٿو ڄاڻي صفت ان بشر جي
عرب ۾ جو بدرالدجيٰ بنجي آيو

ملائڪ به جنهن جا رهيا ٿي سلامي
اسان وٽ الاهي عطا بنجي آيو

حِرا ۾ رسالت ملي جنهن مٺي کي
سو مَعراج تان مصطفيٰ ﷺ بنجي آيو

سبق آهي وحدت جو قرآن مان مليو
سڳورو ڌڻي جي صدا بنجي آيو

ڪنهن کي نه پرواهه رهي سيمه زر جي
هو هڪ نسخهءِ ڪيميا بنجي آيو

حشر روز هيڻن جو اوهي نه واهي
بچائي جو خير الوريٰ بنجي آيو

اٿي خاڪ مان جڏهن صالح اگھاڙو
ڍڪي جو مجسم حيا بنجي آيو[30].

 

ڪتاب “عروس ڪربلا” جو جائزو:

تعارف:

        سنڌي ادب کي ڪڏهن به موضوعن جي کوٽ نه رهي آهي، اسان جي اديبن جڏهن به لکيو آهي ۽ جيڪو به لکيو آهي، ان ۾ نواڻ جو رنگ ضرور نظر اچي ٿو. ناول “عروس ڪربلا” ڪربلا جي گمنام گوريلن جي همت ۽ جوانمردي جي هڪ ڪهاڻي آهي. فاضل مصنف ڪربلا جي روايت ڪهاڻي کان هٽي ڪري ان سان واسطو رکندڙ هڪ هڪ انسان جي ڪهاڻي چٽي آهي. ناول محمد صالح هالائي جي قلمي ڪاوش جو نتيجو آهي. انهيءَ ادبي شهپاري جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

آکاڻي:

مطالعي هيٺ آيل ناول جي آکاڻي انساني تاريخ جي اهم واقعي ڪربلا جي قضيي سان واسطو رکي ٿي. فاضل ناول نويس ڪربلا جي جنگ جي ڪجھه گمنام ڪردارن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

        ناول جي آکاڻي اهل بيت جي حُبدار خاندان جي ڪهاڻي آهي. آکاڻيءَ جو مختصر خاڪو هن ريت آهي، ته ڪلثوم جا والدين شير خدا علي المرتضيٰ جي حق ۾ امير معاويه جي لشڪر سان مقابلو ڪن ٿا، کين نه ته شهادت نصيب ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري ڏکن جي پڄاڻي ٿئين ٿي. ماءُ ڪلثوم کي جنم ڏيئي موت سان وڃي ملي ٿي ۽ پيءُ عاصم، امير معاويه کي زهر ڏيندي پڪڙجي پوي ٿو ۽ ماريو وڃي ٿو. ڪلثوم کي قدرت ڪيتريون ئي ٺوڪرون کارائي ٿي، پر آخر ۾ نيٺ هن جي ڏُکن ۽ سُورن جي پڄاڻي ٿئي ٿي.

        مطالعي هيٺ آيل ناول جو پلاٽ سنڌي ناول “سندري” جي نموني جهڙو آهي، پر ترتيب ۽ رٿا جي لحاظ کان ٻنهي ناولن ۾ زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو. جيئن ته هن ناول جو پلاٽ ۽ آکاڻي ڪربلا جي واقعي سان وابسته آهي. ان ڪري فاضل ناول نگار ڪوشش جي باوجود به پنهنجي مرڪزي خيال ۾ اثر پيدا نه ڪري سگھيو آهي، آخر اهو ڪري به ڪيئن پئي سگھيو. جڏهن ته هڪ طرف هن ٻن پلاٽن کي هڪ وقت هٿ ۾ کنيو ۽ ٻئي طرف وري هڪ ئي وقت حضرت امام حسينؒ ۽ سندس شيدائن جو گڏي ذڪر ڪيو اٿس.

        فني نقطهِ نگاهه کان پلاٽ ڍلي قسم جو آهي. جنهن جي واقعن ۾ ايترو تسلسل نظر نٿو اچي. ان جي برعڪس ڪردار ڄڻڪ واقعن جي پٺيان گھمي رهيا آهن. آکاڻي ۾ اڻ ٿيڻين ڳالهين جي به ڪمي نظر ڪانه ٿي اچي. هيٺيان مثال ڏسو:

الف.

ڪلثوم جي ڄمڻ وقت هڪ عورت سندس پٺيءَ تي پنهنجو نالو اُڪري ڇڏيو[31]. جيڪا هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.

ب.

ڪلثوم لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته هن جو نيپاج عيسائين وٽ ٿيو، پر اُن لاءِ اِهو به ٻڌايو ويو آهي ته قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته قرآن شريف ڪٿان آيو ۽ اهڙي ماحول ۾ کيس اسلامي تعليم ڪنهن ڏني؟

ج.

ڪلثوم جڏهن برج ۾ بند ڪئي وئي ته عبيد اچي سندس مدد ڪري ٿو. سوال اِهو ٿو اڀري ته عبيد اتي ڪٿان آيو ۽ کيس ڪنهن ٻڌايو ته ڪلثوم برج ۾ بند آهي.

د.

ڪلثوم پنهنجي چاچي کان وڇڙي ٿي، ته سندس چاچو انڌو ٿي وڃي ٿو؛ پر جڏهن کيس وڏي عرصي کان پوءِ ملي ٿي ته هو وري سڄو ٿي وڃي ٿو.

ڪردار نگاري:

        مطالعي هيٺ آيل ناول ۾ اڻ ڳڻيا ڪردار ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ حضرت امام حسينؒ، حضرت ابو مسلم، امير معاويه، يزيد، ڪلثوم، عاصم، خالد، معيره، پليٽو، ابن زياد، ابن سعد ۽ عبيد وغيره.

        مٿي ذڪر ڪيل ڪردارن جي اڪثريت انساني ۽ اسلامي تاريخ جي اهم ڪردارن جي حيثيت رکن ٿا، پر مطالعي هيٺ آيل ناول ۾ ڪلثوم ۽ عبيد مرڪزي ڪردارن جي جاءِ والارين ٿا. انهن ٻنهي ڪردارن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

·         ڪلثوم:

        ڪلثوم جا والدين حضرت علي ڪرم الله وجه جي عاشقن مان هئا، جن سندس حق ۾ امير معاويه سان جنگ جوٽي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هو ڪشتي ۾ چڙهي ڪنهن اڻ ڏٺي منزل طرف وڃي رهيا هئا، ته وچ درياءَ ۾ ڪلثوم ڄمي ٿي. ڪلثوم جي ڄمڻ سان ئي سندس ماءُ مري وڃي ٿي ۽ سندس پيءُ امير معاويه کي زهر ڏيندي پڪڙجي پوي ٿو ۽ کيس ماريو وڃي ٿو سندس وصيت موجب ڪلثوم پنهنجي چاچي خالد کي ڏني وڃي ٿي. پر هڪ ڏينهن سندس چاچي کيس کوهه ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي، جتان هرقل جو ڀائيٽيو پليٽو کيس ڪڍي پنهنجي گھر آڻي ٿو. پليٽو کي اولاد ڪونه هو، ان ڪري ڪلثوم جي سُک جا ڏينهن شروع ٿيا. ڇوڪري جوان ٿي ته هڪ طرف عبيد سان ڏيٺ ٿيس ۽ ٻئي طرف مذهب اسلام ڏانهن راغب ٿي. جنهن تي ڏمرجي کيس برج ۾ بند ڪيو ويو ۽ پوءِ نابري وارڻ تي کيس باهه ۾ ساڙڻ جون سَٽُون سَٽِيون وَيون، پر عبيد اچي هن لاءِ رحمت بڻجي ٿو، ۽ کيس پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. قسمت وري کيس قيد ڪرائي پليٽو وٽ وٺي اچي ٿي، جيڪو سندس زوري شادي ڪرائي ٿو. پر عين شادي جي رات هوءَ پنهنجي ٿيندڙ مڙس کي ماري عبيد سان گڏ نڪري وڃي ٿي.

        ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو ٻيو دور شروع ٿئي ٿو. پهريائين هوءَ ابو مسلم جي ٻن ٻچڙن جي قاتل ظالم حارث کي ماري ٿي ۽ ان کان پوءِ ابن زياد کي ختم ڪرڻ جو منصوبو رِٿي ٿي، پر پڪڙجي پوي ٿي، پر اُتان جان بچائي اچي ڪربلا جي ميدان جنگ ۾ شامل ٿئي ٿي ۽ پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاري ٿي. اتي ابن سعد کيس گرفتار ڪري ٿو ۽ هو ساڻس زوريءَ نڪاح پڙهائي ٿو پر جڏهن ابن زياد کي خبر پوي ٿي ته ٻنهيءَ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پوي ٿو. تان جو ڳالهه وڃي يزيد جي درٻار تائين پهچي ٿي. يزيد هنن ٻنهي کي لٺيون چٺيون ڏيکاري هٿين خالي موڪلي ڇڏي ٿو ۽ پاڻ ڪلثوم سان شادي ڪرڻ جو منصوبو رٿي ٿو. پر عبيد جي مدد سان ڪلثوم اتان نڪري اچي ٿي ۽ پوءِ قدرت وري کيس پنهنجي چاچي سان ملائي ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ هوءَ عبيد سان گڏ زندگي گذارڻ لڳي ٿي.

        ڪلثوم هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي ۽ ناول جو نالو مٿس ٺهڪي اچي ٿو. فاضل ناول نويس هن ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ اهڙن واقعن جو انتخاب ڪيو آهي، جن مان اهو احساس ملي ٿو، ته ڪلثوم هڪ انسان نه پر آسماني مخلوق هئي، جا هر مصيبت مان آسانيءَ سان جند آزاد ڪرائي پئي وڃي. بهرحال ان هوندي به هن ڪردار جي زندگي پڙهندڙن لاءِ همت، قرباني ۽ صبر جو هڪ درس ڏئي ٿي.

·         عبيد:

        عبيد هن ناول جو ٻيو مکيه ڪردار آهي. فاضل ناول نويس هن ڪردار جي شخصيت کي پاڻ ڏانهن اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوشش نه ورتي آهي. هو ڪن مکيه واقعن کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو، نه ته سمورو وقت گمنامي ۾ لڳي ٿو. هو سڄي ڪهاڻي ۾ ڪلثوم جو مددگار ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندڙ جي حيثيت رکي ٿو. هن گمنام ڪردار جو عمل پڙهندڙ کي ايترو متاثر نٿو ڪري، پر ڪن ڪن هنڌن تي ته عجيب، غريب پيو لڳي. پاڻ اهلبيت جو حُبدار آهي ۽ سمورو وقت سندن حق ۾ وڙهندو ۽ لڪندو رهي ٿو. پر جڏهن ڪلثوم سان ملي ٿو ته سڀ ڳالهيون کائنس وسري وڃن ٿيون.

گفتگو:

        مطالعي هيٺ آيل ناول جو هي فني جزو مڪالمه نگاري جي عين مطابق آهي. ناول جي ڪردارن جي گفتگو مختصر، جامع، وقتائتي آهي. نه صرف ايترو پر ڪردارن جي شخصيت ۽ عمل جي مطابق پڻ آهي. اُنهن سمورين ڳالهين کان مٿي گفتگو جي مکيه خوبي آهي، پُر اثر هجڻ، گفتگو جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

ابن سعد: اول ته انهن ڳالهين ۾ به شڪ آهي ته؛ تون ڪا عيسائڻ هونديئن؟

پر جي سچ پچ ائين ئي آهي، تڏهن ته جو مذهب تنهنجو سو منهنجو.

ڪئٿرن: ته ڇا؛ تون عيسائي ٿيڻ لاءِ تيار آهين؟

ابن سعد: هيءَ پرولي اڃا منهنجي مغز ۾ ئي نٿي ويهي، ته هڪ عيسائي عورت جو امام سان ڪهڙو واسطو، جو حياتي تان هٿ کڻي ساهه تان آسرو لاهي جنگ جي ميدان ۾ هلي اچي؟

ڪئٿرن: شهيدِ ڪربلا مظلوم هو، سندس حمايت مذهب سان واسطو  نٿي رکيو، مگر انسانيت جو فرض هو.

ابن سعد: جيڪڏهن اهو راز نه، پر واقعو آهي، ته جڏهن دل ۽ جان ٻئي توکي ڏيئي چڪس، تڏهن مذهب ڪهڙي شيءِ آهي؟

ڪئٿرن: واقعو، ها، برابر واقعو آهي. تڏهن ته مهلت گھري اٿم”[32].

ٻولي:

        مطالعي هيٺ آيل ناول نهايت آسان ۽ پُر اثر ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، پر انهيءَ جي ٻوليءَ مان نظم جو هڳاءُ اچي رهيو آهي. فاضل ناول نويس چپي چپي تي محاوره، پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻين جو ڀرپور استعمال ڪيو، استعمال ڪيل اصطلاحن ۽ چوڻين جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

(الف) دل لوڏڻ، همت هارڻ، حياتي وه ٿيڻ، سڌيون سڻائن ۽ پهه پچائڻ.

(ب) ڏڌو کير وري ٿڻين پوڻ مشڪل، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.

        ناول جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن ڪنهن هنڌ تي ٻولي خيالن جي ترجماني ڪرڻ کان قاصر نظر اچي ٿي. اهڙا ڪجھه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

·         لفظن جو غلط استعمال:

غلط: “هتي نانگ ۽ وڇون هڪ پل ۾ توکي درست بنائي وجھندا”[33].

صحيح: هتي نانگ ۽ وڇون هڪ پل ۾ توکي درست ڪري ڇڏيندا.

·         خيالن ۽ حقيقتن جي غلط ترجماني:

غلط: “هوا پنهنجي لازوال قوت جو اظهار ڪري رهي هئي”[34].

صحيح: هوا کي لازوال سڏي نٿو سگھجي ڇو ته ڪيڏا به تيز طوفان ايندا آهن ته اهي ختم ٿي ويندا آهن، تيز هوا کي تڪڙو زوال ايندو آهي.

        بهرحال انهن مختصر غلطين کي نظر انداز ڪري، وري به اهو چوڻو ٿو پوي، ته ناول جي ٻولي پياري ۽ نياري آهي. ٻوليءَ جي اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“اجل اڻٽر ۽ موت يقيني امر آهي. موت ڏاڍي بُري بَلا آهي. موت جو رڳو خيال ئي ماڻهن کي ڪنبايو ڇڏي پر ڪهڙن ماڻهن کي؟ نه انهن کي جن پاڻ کي موليٰ جي محبت کان محو ڪري وڌو آهي ۽ جن انسانيت جا فرض سڃاتا آهن. جن پنهنجي پئدائش جو مقصد سمجھي ورتو آهي، تن لاءِ موت هرگز ڊيڄاريندڙ ٿي نه ٿو سگھي. جي آخرت جي سفر لاءِ تيار آهن، جن وٽ زادِ راه موجود آهي. سي موت جي خوفناڪ شڪل کان نه ڪڏهن ڊنا آهن ۽ نه ڊڄن ئي ٿا. اُهي موت ۾ ابدي حياتي سمجھن ٿا، اِهي موت کي محبوب جي ميلاپ جو ذريعو ڄاڻن ٿا، اُنهن لاءِ موت ۾ مزو آهي، نه آهي، ته انهن واسطي جن حياتيءَ جون گھڙيون مفت گھاريون، جن اهو قيمتي وقت اجايو وڃايو، جن نه پنهنجي پئدائش جو مقصد سمجھيو ۽ نه ان جي سمجھڻ جو ڪڏهن فڪر ئي ڪيو”[35].

فطرت نگاري:

        فطرت نگاري ناول نويسيءَ جي مکيه خوبين ۽ فني جذبن ۾ شمار ٿئي ٿي. مطالعي هيٺ آيل ناول ۾ هن جذبي کي به نظر انداز نه ڪيو ويو آهي، فطرت نگاري جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“اٺن ڏينهن کان به زياده عرصو گذري چڪو هو، مگر برسات جي بوندُن بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، ماڻهو حيران ۽ ڍور ڍڳا پريشان هئا، پر وڄُون چمڪڻ کان نه ٿي رهيون ان سان گڏ وري جا هئي اونده انڌوڪار، تنهن ته هيڪاري متيون ئي منجھايون. نيل نديءَ جو لهريون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون، آسپاس جون ٻنيون تاراج ۽ پوکون برباد ٿي چڪيون هيون”[36].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ڪربلا جي واقعي ۾ ڪجهه گمنام غازين جي خدمتن ۽ ڪارنامن کي ڪتاب جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن ڪتاب ۾ جتي مظلوم حسينؑ جي صبر ۽ رضا جا داستان ٻڌايا آهن، اتي سندس گمنام فدائين جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪربلا جي واقعي کي روايتي انداز ۾ بيان ڪرڻ بدران هن جنگ جي جوڌن ۽ جوانن جو اهڙي ته نموني ذڪر ڪيو ويو آهي. جو انسان رڳو اکين مان پاڻي وهائڻ بدران حق ۽ ناحق جي تميز ڪرڻ تي متوجھه ٿئي ٿو، هو انهيءَ جنگ جو مڙس مٿيرن وانگر پاڻ کي حق ۽ سچ تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.

        فاضل ليکڪ هن ڏکوئيندڙ واقعي کي هڪ ناول جي روپ ۾ پيش ڪري نئين جدت جو بنياد وڌو آهي، ان کان سواءِ مهل ۽ موقعي تي پٽاندر اخلاقي مصيبتون به ڏيندو ويو آهي. اهڙو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“اسلام وارن اُهي اُهي ڪم ڪيا ۽ اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا جيڪي تاريخ جي صفحن تان ڪڏهن به مٽجي نه سگھندا، علمي توڙي عملي ميدانن ۾ جولان ڏنائون، اهڙن سخت ۽ سرڪش شهنشاهن کي سر ۽ سرنگون ڪيائون، جن جو ثاني دنيا ۾ ڳولڻ سان به نه ٿو لڀي. قيصر ۽ ڪسريٰ کان پڇو؟ ايران ۽ شام جا ميدان ان تي شاهد آهن. اسلام اڄ به اُهو ئي اسلام آهي. اسلام جو جوهر اڄ به اهڙي طرح موجود ۽ تيار آهي. اسلام وارا ٿيون ۽ ان جوهر کان ڪم وٺون، ان روشني کي پنهنجو رهبر بنايون ته اڄ به ٻيڙا پار آهن”[37].

آغا غلام نبي “صوفي”:

الف: تعارف:

آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو[38]. پرائمري تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1898ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين جنهن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو[39].

        مدرسي مان تعليم ختم ڪري پنهنجي والد وٽ خيرپور ميرس ويو، جتي هو ان وقت جي ميرن جو نائب وزير هو. آغا صوفي کي اتي استاد مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ ترقي ڪندو تعليمي ادارن جو سپريٽينڊنٽ مقرر ٿيو[40]. پاڻ 1909ع ۾ ملازمت ڇڏي لاهور جي طبيه ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. جتان طب ۾ سَند وٺي اچي شڪارپور ۾ شفا خانو کوليائين[41]. سندس لاڏاڻو 19 جولائي 1938ع تي ٿيو[42].

ب: مدرسي جو اثر:

        آغا صوفي پرسي هائيڊ ۽ پرنسپال وائنس جي زماني ۾ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو. پرسي هائيڊ (Percey Hide)  جو “سنڌ مدرسي” جو اهو پهريون پرنسپال هو، جنهن ٽالپورن جي تعليم ڏانهن توجھه ڏنو. آغا صوفي جو والد آغا گل حسن به تنهن زماني ۾ خيرپور رياست جو ميرن وٽ نائب وزير هو ۽ انهيءَ اثر هيٺ پنهنجي پٽ کي مدرسي ۾ داخل ڪرايو.

        آغا صوفي کي علم ۽ ادب جو ذوق ورثي ۾ مليو هو. “سنڌ مدرسي” وري کيس اهڙو ئي ماحول مهيا ڪري ڏنو. تنهن زماني ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” طرفان “مدرسه منٿلي” رسالو نڪرندو هو. جنهن جو ايڊيٽر مدرسي جو قابل ۽ لائق استاد، شاعر مولانا نورنگزادو هو. مولانا نورنگزادي جي ذات ۽ مدرسه منٿليءَ ڪيترن ئي شاگردن کي متاثر ڪيو. جن مان آغا صاحب به هڪ هو. پاڻ انهيءَ ماحول ۾ شعروشاعري سکي ۽ کيس شاعري جو شوق ايترو ته ٿيو جو مئٽرڪ جي امتحان ۾ سوالن جا جواب شعروشاعري ۾ لکيائين[43].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        آغا صوفي هڪ عروضي شاعر ۽ سٺو ڊراما نويس ٿي گذريو آهي. پاڻ ڪيترائي ڊراما لکيا اٿس، جن مان: “شانِ اسلام”، “انقلابِ يورپ”، “ڪاليج ڪا زمانه” ۽ “دنيا دورنگي” قابل ذڪر آهن[44]. ان کان سواءِ “سچل سرمست” جي نالي سان سچل سرمست جي سوانح، فن ۽ فڪر بابت ڪتاب به هن ئي صاحب جو لکيل آهي. هن هيٺ سندس “شاعري” ۽ ڊرامي “دنيا دورنگي” جو تنقيدي جائزو ڏجي ٿو:

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        سنڌ جو مشهور ڊرامه نگار آغا صوفي نه صرف دنيا دورنگي جهڙي ادبي شاهڪار ڪري سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو، پر شعروشاعري جي دنيا ۾ هن جي خدمتن کي ڪيتري وقت تائين ياد ڪيو ويندو. شاعراڻي ڏات کيس پنهنجي مرشد حضرت سخي قبول محمد درازيءَ جي عقيدت طفيلي ملي. پاڻ هن درگاهه جو پانڌيئڙو هيو ۽ انهيءَ پريت رنگ لاتو. شروعات ۾ مرشد سچل جو ڪلام جھونگارڻ لڳو ۽ پوءِ پاڻ شاعر ٿي پيو.

        آغا “صوفي” کي شعروشاعري جو انتهائي شوق هو. ان جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن مئٽرڪ جي امتحان جي سوالن جا جواب به نظم ۾ لکيا هئا. ان کان سواءِ طب تي هڪ ڪتاب “طبي جواهر” به لکيائين، جو سڄو منظوم آهي. ڪمال اهو جو شعر جو لطف به قائم آهي، ته نسخي ۽ تشخيص جي وضاحت به ٿيو وڃي. مثال طور هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو:

 

تپ اندر ۾ آهه توکي جي دوا،
 پيءُ بنفشو تولو کن صبح و مسا،

کنگھه ان سان جي اٿي نه تان تون ته پوءِ،
 ملهٽي به ميل، ان سان ڪجھه ذرو[45].

 

آغا صوفي هڪ ڪهنه مشق عروضي شاعر هو. تصوف جو رنگ هن جي شاعري تي نمايان طور تي نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن مذهب ۽ اخلاق جي موضوع تي گھڻي شاعري ڪئي آهي. سنڌي شاعري جون ڪلاسيڪل صنفون تصوف جي تعليم ۽ تبليغ جون مرهونِ منت آهن. سنڌ جي صوفي بزرگ شاعرن ڪافي، وائي ۽ بيت جي فن کي عروج تي رسايو آهي. آغا صوفي به اِها روايت برقرار رکي آهي، ۽ سُهڻي نموني سان انهيءَ کي نڀايو به اٿس.

        آغا صوفي جو ڪلام سلاست ۽ سادگيءَ جو بهترين مثال آهي، ان ۾ جدت کان وڌيڪ جوش جو عنصر غالب نظر اچي ٿو. اشاريت ۽ معنويت هن جي ڪلام جون خاص خصوصيتون آهن. سندس ڪلام ۾ نازڪ خيالي ۽ بلند پروازيءَ جي به ڪا کوٽ نه آهي.

        سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

غزل

لائق اوهان جي بزم جو اغيار ٿيو آ
 هي جان نثار خارج دربار ٿيو آ

مون کي ته شرم ٿو اچي، ڪهڙو جواب ڏيان؟
 ٿي خلق پڇي ڇا تي هي تڪرار ٿيو آ

صدما نوان نوان ۽ مصيبت نئين نئين،
 آهون ٻڌيم نصيب ڀي بيزار ٿيو آ

تربت جي لاءِ آغا جي گل نه بچايئي
 اغيار کي عطا ته سڄو هار ٿيو آ[46].
 

 “دنيا دورنگي” ڪتاب جو جائزو:

تعارف:

        مطالعي هيٺ آيل دور ۾ اصلوڪا ڊراما به لکيا ويا ته غير سنڌي ادب مان ترجمو به ڪيا ويا. طبعزاد ڊرامن ۾ به ليکڪن فني تجربا ڪيا. آغا صوفي انهن نوان تجربا ڪندڙ ڊراما نگارن مان هڪ آهي. پاڻ “شانِ اسلام”، “انقلابِ يورپ”، “ڪاليج ڪا زمانه” ۽ “دنيا دورنگي” ڊراما لکيائين. سندس آخري ڊرامو فني تجربي جو بهترين مثال آهي. هي ڊرامو نظم ۽ مسجع توڙي مقفيٰ نثر ۾ لکيو ويو آهي، ڊرامي جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

آکاڻي:

        ڊرامي جي آکاڻي هن ريت آهي ته مهلقا حُسن ۽ بهترين ڪردار جو هڪ مجسمو هئي. جنهن جو ممتاز نالي هڪ نوجوان سان نينهن جو ناتو لڳي ويو. سندن پيار ۽ پريت آدرشي نوعيت جو هيو. شمشاد نالي هڪ بدڪردار مهلقا کي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ناڪامياب ويو. ان کان پوءِ هن سٽ سٽي مهلقا جي ڀاءُ جميل کي برغلايو ۽ مهلقا تي ڪاريءَ هئڻ جو الزام لڳائي سندس ڀاءُ هٿان مارايو. پوليس پنهنجي روايتي بي انصافي کان ڪم وٺي ٿي ۽ ممتاز کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ڪيس هلندي ٽمبڪٽو نالي هڪ شخص راز فاش ڪري ٿو ۽ جميل ڏوهه جو اقراري ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ جميل ۽ شمشاد کي موت جي سزا اچي ٿي.

        آکاڻي جي جائزي وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڊراما نگار هڪ مختصر ڳالهه کي اجايو طول ڏنو آهي ۽ ڊرامو نزاع جي حد تائين چڱي طرح پهچي ئي نٿو. آکاڻي جي شروعات اهڙي انداز سان ڪئي ويئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن پرستان جو قصو ڏسڻو يا ٻڌڻو پوي ٿو، جنهن ۾ باغ ۽ باغيچا، سهيليون ۽ سنگتياڻيون، عشق بازي ۽ آواره گردي ساڳي ريت نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ ڊرامو حزنيه قسم جو آهي پر انهيءَ کي خواه مخواه آخر ۾ طريبه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن جي ڪري ڊرامو ڪو به تاثر نٿو ڇڏي.

ڪردارنگاري:

        مهلقا، ممتاز، شمشاد، ٽمبڪٽو هن ڊرامي جا مکيه ڪردار آهن. جن ۾ ممتاز ۽ مهلقا مرڪزي حيثيت رکن ٿا، شمشاد بدمعاش جو روپ وٺي ٿو ۽ ٽمبڪٽو مسخري جو پارٽ ادا ڪري ٿو. ڪهاڻي ته انهن مکيه ڪردارن تي ٻڌل آهي، پر ڪردارن جو باهمي تعلق يا لاڳاپو چٽيءَ طرح سان واضح نه ڪيو ويو آهي.

        دنيا دورنگي ڊرامي جا ڪردار بي وس، مجبور ۽ ڊراما نگار جي هٿن ۾ ڪٽ پتلي جهڙي حيثيت رکن ٿا. اهي ڊراما نگار جي مرضي کان سواءِ ڪجھه به ڪرڻ کان قاصر آهن. مهلقا کي ڀاءُ مارڻ لاءِ وٺي وڃي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ طرف جميل کي ڪنهن ڄڻ چاٻي ڏيئي ڇڏي آهي ته ٻئي طرف وري مهلقا حضرت اسماعيل وانگي پاڻ ڪُهائڻ تي راضي نظر اچي ٿي ۽ پنهنجي موت تي ڪو به احتجاج نٿي ڪري، ساڳي حالت وري ممتاز جي به آهي، کيس اڳ ۾ خبر پوي ٿي ته دشمن سندس جان جي پٺيان آهن، ان هوندي به هو ڪو توجھه نٿو ڏي ۽ پنهنجي محبوبه کي مارائي ڇڏي ٿو، نه صرف ايترو پر جڏهن پوليس جي گرفت ۾ اچي ٿو تڏهن به گونگن وانگي حقيقت ظاهر نٿو ڪري. ٽمبڪٽو کي معلوم هيو ته مهلقا مرڻ واري آهي. ان هوندي به هن حضرت ايوب جهڙو صبر ڪيو. ان کان پوءِ ڪيس جون ڪيتريون شنوايون ٿي وڃن ٿيون ته به هن کي سچ ۽ حق ياد نٿو اچي، هو تڏهن سچ ڳالهائي ٿو جڏهن ڊراما نگار کانئس ڪجھه چوائڻ گُھري ٿو.

        ڪردارن جي شخصيت کي چڱي طرح اجاگر نه ڪيو ويو آهي. نه صرف ايترو پر ڪهاڻي کي خواه مخواه طويل ڪرڻ لاءِ ڪردارن کي گھٽ وڌ ڪري ڏيکاريا ويا آهن. مثال طور هڪ جنگ ۾ ٽمبڪٽو کي ايندي ڏيکارجي ٿو. اتي چور به اچي وڃي ٿو جو سندس پئسا کسي ٿو. وري الائي ڪٿان ٻه انڌا، سي به جھنگ ۾ پنهنجا پئسا لڪائڻ اچن ٿا. هي انهن جا پئسا چورائي ٿو. انڌا دانهون  ۽ ڪوڪون ڪن ٿا ته پوليس به اچي پهچي ٿي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڊراما نگار جھنگ ۾ رنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

گفتگو:

        ڊرامي جي گفتگو سراسري طور تي وقتائتي وڻندڙ ۽ ڪردارن جي مطابق آهي. ليڪن ڪنهن ڪنهن هنڌ تي ڪهاڻي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪردار ۽ ان جي گفتگو ۽ زمين آسمان جو فرق ڏيکاريو ويو آهي: مثال طور ڊراما نگار کي اجايو ممتاز کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي اچڻو هيو، انهيءَ ڪري سندس زبان تي ڄڻ مهر هڻي ڇڏي ٿو ۽ هو پوليس کان پڪڙجڻ وقت ڪجھه به نٿو ڪڇي. ساڳي نموني سان ڪنهن ڪنهن هنڌ تي اهڙي گفتگو ڪرائي وئي آهي، جيڪا نازيبا لڳي ٿي.

ٻولي:

        غلام نبي خان آغا هي سمورو ڊرامو  نظم، مسجع ۽ مقفيٰ نثر ۾ لکيو آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن ڪنهن هنڌ تي هو فن سان انصاف ڪندي ڪندي ٻوليءَ سان ڏاڍ ڪري ويو آهي. بحر ۽ وزن کي برقرار رکڻ لاءِ فارسي ۽ عربي لفظن جو ڪثرت سان استعمال ڪري رهيو آهي. اهڙو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“هي عشق وارن جو پيغام آهي، يعني هي رومال بيمثال ۽ هي هار مهلقا جي عاشقزاد دلفگار، محرم راز ممتاز ڏنو آهي. قبول ٿئي ناقبوليءَ سان دل ملول نه ٿئي”[47].

        ان هوندي به ائين چئي سگھجي ٿو ته ڊرامي جي ٻولي کي آسان ۽ سهل بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي آهي، موزون هنڌن تي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ڏنا ويا آهن. اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“روح: هاءِ پيارا ممتاز هي ڇا حال آهي، ڪهڙو ملال آهي؟ مرڻ وارن جي غم ۾ روئڻ، انهن جي ماتم ۾ جان کوئڻ، هي خيال خام آهي، هن آه و زاري ۽ اشڪبازيءَ کان مسافر اُن عدم موٽي ڪين ٿا اچن، ان ڪري انسان کي لازم آهي ته حق جي رضا تي راضي رهي، ۽ صبر اختيار ڪري”[48].

مقصديت:

        ڊرامو دنيا دورنگي خامين جي باوجود، مقصديت سان همڪنار آهي. ڊرامي جي پهرين خوبي اها آهي ته اهو نئون فني تجربو آهي. هي تجربو نون ناٽڪ نگارن کي اڃان به وڌيڪ فني تجربن ڪرڻ جي ريس ڏياري ٿو. ان کان سواءِ هن ڊرامي جي متن توڙي مواد ۾ هڪ طرف وقت ۽ حالتن جي ڀرپور جھلڪ نظر اچي ٿي، ته ٻئي طرف طنزومزاح جي ڪثرت سبب اڄ به روئيندڙ انسان کي کِل ۽ خوشي جا ٻه ٽهڪ ڏيڻ جو ماحول ميسر ٿئي ٿو.

قاضي عبدالرزاق:

الف: تعارف:

 قاضي عبدالرزاق جي ولادت 19 سيپٽمبر 1892ع ۾ روهڙي ۾ ٿي[49] ابتدائي تعليم روهڙي ۾ حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ ڪجھه وقت لاءِ خيرپور ميرس مدرسه ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ 5، ڊسمبر 1907ع تي اچي سنڌ مدرسي ۾ انگريزي چوٿون درجو پڙهڻ ويٺو، جتان 1910ع ۾ مدرسي کي خيرباد چئي ويو[50]. جنهن کان پوءِ پير جھنڊي تعلقي سعيدآباد، ضلع مٽياري جي مدرسي ۾ عربي استاد ٿيو[51]. 1916ع ۾ اسڪول بورڊ سکر جي آڇ تي ٻن سالن لاءِ سکر ۾ هائوس ماستر ٿيو. جنهن کان پوءِ نومبر 1919ع ۾ “سنڌ مدرسي” جو استاد مقرر ٿيو[52].

        قاضي صاحب 14 آڪٽوبر 1935ع کان 25 جولائي 1937ع تائين موڪل تي لٿو[53]. انهيءَ عرصي دوران صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيائين، 1930ع ۾ ماهوار “علمي دنيا” ۽ 1933ع ۾ ماهوار “ڪاميابي” رسالو جاري ڪيائين، ڪجھه وقت لاءِ“ الوحيد” اخبار ۾ به ڪم ڪرڻ جو موقعو کيس مليو.

        23 ڊسمبر 1936ع تي وري ڪراچي ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ ملازمت ڪرڻ لڳو، جتي 1947ع تائين عربي جو استاد ٿي رهيو[54]. ساڳي سال کيس اين-جي-وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ماستري ملي، جتي 1957ع تائين پنهنجا فرض بجا آڻيندو رهيو[55]. سندس وفات 18 جون 1961ع تي ٿي[56].

ب: مدرسي جو اثر:

        “سنڌ مدرسي” سنڌ جي سياست ۾ علم ادب تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌ مدرسو پنهنجي شاگردن لاءِ مذهبي، سياسي ۽ علمي تربيت گاهه هيو. هن اداري جا شاگرد سنڌ جي مرڪزي شهر ڪراچي ۾ هئڻ ڪري ڪيترن ئي اڳواڻن سان ملي جلي سگھندا هئا. جنهن وقت قاضي صاحب مدرسي ۾ زير تعليم هيو، انهيءَ زماني ۾ شاگردن کي سياسي توڙي علمي ۽ ادبي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ لاءِ همٿايو ويندو هو، 1910ع ۾ قاضي صاحب جڏهن مئٽرڪ ۾ هيو ته هڪ ڏينهن ڪراچي جي خالقڏنه هال ۾ سنڌ جي عظيم رهنما، سياسي رهبر ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيد الله سنڌي جي تقرير ٻڌڻ جو موقعو مليس. مدرسي جي ماحول ۽ اثر هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ اڳئي قومي، مذهبي ۽ علمي رنگ ڀري ڇڏيو هيو. پر مولانا عبيد الله سنڌي جي تقرير هن کي آسانيءَ سان زندگي جي نئين راهه اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري سگھي[57]

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        قاضي عبدالرزاق نه رڳو هڪ استاد هو، پر ان سان گڏوگڏ هڪ صحافي، سياستدان ۽ اديب پڻ هو. سرڪار سندس علمي ڪاوشن جي قدرداني ڪندي کيس ڪيترين ئي ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، 1940ع ۾ کيس “سينٽرل بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر” جو ميمبر ۽ 1949ع ۾ پرائمري اسڪولن جي ”درسي ڪتابن جي نظر ثاني ڪرڻ واي ڪميٽي” جو ميمبر ۽ 1960ع ۾ “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو[58]. سندس تصنيفن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

1. سيرة عائشهؓ  (شخصيات)

2. دين ۽ دنيا (مذهبيات)

3. دانائي جا سبق (اخلاقيات)

4. مسلمانن جي موجودهه پستيءَ جو واحد علاج (اخلاقيات)

5. نبوي اخلاق (اخلاقيات)

6. مقاصد اسلام (مذهبيات)

7. معلم القرآن (مذهبيات)

8. حقيقت اسلام (مذهبيات)

9. پياري نبي جي حڪمت ڀري تعليم (شخصيات)

10. تفسير فتح رحمان (مذهبيات)

11. اسلامي تاريخي ڪهاڻيون (مذهبيات)

12. ديني نصاب (ٻه ڀاڱا) (مذهبيات)

13. غار (مذهبيات)

14. اسان جو پيارو نبي (مذهبيات)

15. هدايت القرآن مجيد (مذهبيات)

16. ارشاد الاسلام (مذهبيات)

17. غازي انور ڪمال (شخصيات)

18. تاريخ القرآن (مذهبيات)

19. محنت جو ڦل (اخلاقيات)

20. اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال

21. اسان جي پياري رسول جي عملي زندگي

22. صحت صفائي (علم صحت)

23. سيرت حضرت علي ڪرم الله وجهه

24. سيرت حضرت عثمان غنيؓ

25. سيرت حضرت عمرؓ

26. موهني (ناول)

27. فولادي شهزادو (ناول)

28. آئينه محبت (ناول)

29. امانت (مذهبيات)

30. معلم العربيه (درسي)

31. گلزار سنت (مذهبيات)

32. مصباح الادب (درسي)[59].

 

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

“اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال” ڪتاب جو جائزو:

تعارف:

        “سوانح نگاري” سنڌي ادب جو مقبول ۽ مکيه موضوع پئي رهيو آهي. سومرن جي دور واري “دودي چنيسر” جي داستان کان وٺي لاکيڻي لطيف جي سمورين سورمين تائين، سنڌي شاعري سوانح نگاري جي بهترين تاريخ آهي.

        انگريزن جي آمد هن موضوع کي انقلابي موڙ ڏنو. جتي اڳ سنڌ جي سورمن ۽ روحاني رهبرن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويندا هئا، انهن جي جاءِ تي اڻ سونهن ۽ ڌارين انسانن تي ڪتاب لکجڻ لڳا. سنڌي عالمن ۽ اديبن انهيءَ نئين تبديلي کي پاڻ لاءِ چيلينج ڪري قبول ڪيو. “مشهور هستيون” انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هي ڪتاب قاضي عبدالرزاق جو ترجمو ٿيل آهي. ڪتاب جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺين ريت آهي.

مواد:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب اردو ڪتاب “مشاهير الاسلام” جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ 176 صفحن تي مشتمل جن ايڪٽيهن مشهور شخصيتن جي سوانح ڏني ويئي آهي، اُهي آهن: اسان جو نبي سڳورو ﷺ، حضرت ابوبڪر صديقؓ  حضرت عمر فاروقؓ، حضرت عثمانؓ، حضرت علي المرتضيٰؓ، حضرت طلحهؓ بن عبيد الله، حضرت عبدالرحمٰنؓ، حضرت سعدؓ بن ابي وقاص، حضرت ابو عبيدههؓ بن الجرام، حضرت اسامؓ، حضرت خالد بن وليدؓ، حضرت عمر بن عبدالعزيزؓ، طارق بن زياد فاتح اندلس، جعفر برمڪي، خليفو مامون رشيد، سلطان صلاح الدين اعظم، خواجه معين الدين چشتيؒ، حضرت امام ربانيؒ، خواجه قطب الدينؒ، محمد بن قاسم فاتح سنڌ، سلطان محمود غزنوي، سلطان علاؤ الدين خلجي، سلطان فيروز شاهه تغلق، شهاب الدين محمد شاهجان، اورنگزيب عالمگيرؒ، ٽيپو سلطانؒ، مصطفيٰ ڪمال، سرسيد احمد خان، مولانا محمد عليؒ، علامه سر محمد اقبال ۽ قائد اعظم محمد علي جناح.

        شخصيتن جو مطالعو انسان جي ڄاڻ ۾ قابل قدر اضافو آڻي ٿو. پڙهندڙ جڳ مشهور شخصيتن جي تجربن مشاهدن، نتيجن جي روشني ۾ پنهنجي زندگي سنواري ۽ سڌاري سگھي ٿو. انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي اهميت توڙي افاديت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگھجي. ڪتاب ۾ مشهور شخصيتن جي سوانح جي مکيه پهلوئن تي ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي. البت ڪنهن ڪنهن هنڌ تي پروفن جو غلطيون غلط معلومات ڏيڻ جو ذريعو بڻجي پون ٿيون. مثال طور قائد اعظم جو ذڪر ڪندي لکي ويو آهي ته: “ان ڪري سنه 1945ع کان 1962ع تائين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا ساليانه جلسا هڪ ئي هنڌ هڪ ئي زماني ۾ ٿيندا رهيا”[60]. يا ساڳي ئي مضمون ۾ ٻي جاءِ تي لکيل آهي ته: “انگريزي حڪومت ان گھر کي مانٽيگو چيمسفورڊ فارم جي صورت ۾ پورو ڪيو.”[61] پروفن جون اهڙيون غلطيون ڪتاب کي غير مستند بنائي ڇڏين ٿيون.

ٻولي:

         ڪتاب عام فهم ۽ سليس زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. عام ماڻهو ۽ ٿورو پڙهيل انسان به هن ڪتاب مان آسانيءَ سان استفادو حاصل ڪري سگھي ٿو. ڪتاب جي عبارت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“پهلواني ۽ بهادري کان سواءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه سياست ۽ تدبر، حڪمت ۽ بصيرت ۾ به سڀني کان وڌيڪ هو. فصاحت ۽ بلاغت ۾ لاثاني هو، هو حضور صه جن جي خدمت ۾ گھڻو وقت رهيو هو ۽ خاص ڪاتب جو ڪم به ڪيو هئائين، تنهن ڪري ڪلام پاڪ جي سمجھڻ ۽ دين جي احڪامن ۽ مسئلن ٻڌائڻ جي کيس پوري مشق هئي. پرهيزگاري، عبادت، نرمي ۽ نهٺائي، رياضت، شفقت، ايثار ۽ سخا جي صفتن ۾ جهڙس ٻيو ڪو ڪونه هو. شرعي حڪمن جو کيس پورو پورو علم هو. امير المومنين جي حيثيت ۾ حڪومت جي ڪارڪنن ۽ فوج جي آفيسرن تي سخت نظر رکندو هو ۽ ننڍي غلطي تي به پڪڙ ڪندو هو. هميشه سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته مسلمانن جا مال بيڪار ۽ بي موقعي خرچ نه ٿين”[62].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ سنڌي مسلمانن جي مذهبي ۽ روحاني رهبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا آنحضرت محمد ﷺ جي متبرڪ ۽ مبارڪ ذات جي ذڪر سان ٿئي ٿي ۽ انتها وري پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ جي احوال ڏيڻ سان ڪئي ويئي آهي. ڪتاب مختلف ۽ مشهور شخصيتن جي ڪيترن ئي پهلوئن تي مفيد معلومات ڏيئي ٿو

محنت جو ڦل” ڪتاب جو جائزو:

تعارف:

        قاضي عبدالرزاق نثري ادب جي مختلف صنفن تي قلم کنيو هو، جن ۾ مضمون، افسانا ۽ ناولٽ قابل ذڪر آهن. مطالعي هيٺ آيل ناولٽ سندس ورهاڱي کان اڳ جي ادبي تخليق آهي. ناولٽ جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

آکاڻي:

        هن آکاڻي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مشتاق، مرزا محبوب عالم جو چوٿون ۽ لاڏلو پٽ هو،جيڪو بي علمي ۽ بيڪاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس شادي ڪرائي وڃي ٿي. هن نئين جوڙي جي زندگي ڪجھه وقت سُک ۽ سڪون سان گذري ٿي. پيسو هنن وٽ اچي ٿو پر عقل مشتاق کان موڪلائي وڃي ٿو، ان ڪري هو بدڪارين ۾ ڦاسي پوي ٿو. تان جو هن جو مڏيون ۽ مال سڀ چٽ ٿي وڃن ٿا. ان کان پوءِ کيس هوش اچي ٿو، پر هن لاءِ رهيو به ڇا هو؟ ڪاريءَ وارا ڪک.

        نيٺ شهر ڇڏي ڏيساور ۾ وڃي رهي ٿو. سندس گھر واري ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ٿي. محنت ۽ مشقت سان ڪم ڪن ٿا. زال گھر ۾ ته مڙس شهر ۾، آخرڪار سال ڏيڍ ۾ وڃي مڇي مانيءَ جي لائق ٿين ٿا. کين محنت جو ڦل ملي ٿو ۽ پوءِ زال ۽ مڙس واپس وطن ورن ٿا.

        آکاڻي ۾ ڪٿي به جھول يا تمنع نظر نٿو اچي. واقعا تسلسل جي ڌارا ۾ پوئيل نظر اچن ٿا. پوري آکاڻي گھڻو تڻو بياني انداز ۾ ڏني ويئي آهي.

ڪردار نگاري:

        ناولٽ ،“محنت جو ڦل” هڪ گھر جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ زال ۽ مڙس کي مرڪزي ڪردارن جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. مشتاق جي زندگي لاهن ۽ چاڙهن سان پُر ڏيکاري ويئي آهي ۽ سندس زال ماهه بانو کي سُگھڙ عورت جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. قصه نويس قابل تعريف ڪردار نگاري ڪئي آهي. هن جا ڪردار عام رواجي ۽ اسان جهڙا آهن. هو انسانن جيان غلطيون ۽ خطائون ڪن ٿا ۽ پشيمان ٿين ٿا. هو مافوق الفطرت هستيون نه آهن جو پنهنجي عيبن کي اک ڇنڀ ۾ لاهي ڇڏين يا ڏکيئي وقت ۾ پاڻ لاءِ تريءَ تي بهشت ڪري سگھن.

        مشتاق کي گھڻي دولت ۽ غلط ماحول مليو ته هو انسانيت جا ليڪا لتاڙڻ لاءِ به تيار ٿي ويو. ماهه بانو کي مڙس جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪل پيئي ته سندس اکين رت ضرور رنو، پر هن منهن نه مٽيو، هوءَ مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. ساڳي نموني مشتاق رڳو پڇتايو نه پر پنهنجي وڃايل منزل کي وري هٿ ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي، محنت ڪئي ۽ جدوجهد ڪئي، ناولٽ جا ڪردار عام رواجي پر مثالي نوعيت جا آهن، ڪردار نگاريءَ لاءِ فاضل مصنف مبارڪ جو مستحق آهي.

گفتگو:

        ڪهاڻي هجي، يا آکاڻي، ناول هجي يا ناولٽ، ڊرامو هجي يا افسانو، “مڪالمه” ۾ ٿين ٿا. مصنف پنهنجي لياقت ۽ صلاحيتن آهر هن فني جزي جو استعمال ڪيو آهي. ڪي مڪالمي وسيلي ڪهاڻي کي اڳتي وڌائن ٿا، ته به ڪن مڪالمي ذريعي ڪردار جي اندر جي اُڌمن ۽ اُمنگن کي پڙهندڙ اڳيان ظاهر ڪن ٿا. بهترين ڊائيلاگ ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو تقرير جيان طويل ۽ اشارن جيان مختصر نه هجي، جنهن وسيلي ڪردارن تي روشني پوي ته ڪهاڻي کي اوسر ملي. گفتگو لاءِ اهو به ضروري آهي ته اهو متاثر ڪن ۽ وقت ۽ حالتن جي مطابق هجي.

        هن ناولٽ جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي سموريون خوبيون هن ناولٽ جي گفتگو ۾ موجود آهن. گفتگو جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“اهي ڳالهيون ٻڌي ماهه بانو جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ان چيو ته: ‘مونکي سڀ ڪجھه منظور آهي مگر آئون ائين ڪڏهن به نه ڪنديس جو توکي ڏکن ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيان’. مرزا چيس ته: ‘ڇا پرديس ۾ به مون سان هلندين؟ آئون ته بنا ڪنهن اطلاع جي نڪري ويندس ۽ جيسين منهنجي حالت نه سڌرندي آئون هن طرف منهن به نه ڪندس’. ماهه بانو چيو ته: ‘مونکي تنهنجيون سڀ ڳالهيون اکين تي ۽ آئون هر حالت ۾ توسان گڏ رهنديس’[63].

ٻولي:

        ناولٽ ۾ ٻولي ڏاڍي سليس ۽ سولي استعمال ڪئي ويئي آهي. جنهن کي اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن سان سينگاريو ويو آهي. پر ڪن هنڌن تي لفظن جي صورتخطي ۾ ڪجھه غلطيون ڪيون ويون آهن. اهي غلطيون ٽن قسمن جون آهن؛ جيئن:

الف: زائد حرف:

        مثال (1): “سنک”، هن ۾ “ن” زائد آهي.

ب: حرف جي ڪمي:

        مثال (1): “حيله” هن جي آخر جو “و” کٽل آهي

                  (2): “زمانه” هن جي آخر جو ”و” کٽل آهي.

ٻ: صورتخطي جي غلطي:

        مثال (1) “انمان” جو لکڻ گھرجي “اُن” “مان”

ناولٽ جي اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:          

“مرزا مشتاق لاءِ پنهنجي دڪان کي ٻيو ڀيرو ڪامياب بنائڻ واسطي اها رقم بلڪل ڪافي هئي، پر هو انڌ جي گھوڙي تي سوار هو سو ڪٿان ٿو ائين ڪري. اها رقم به انهن ئي خراب ڪمن ۾ خرچ ٿيڻ لڳي. اها رقم به ڇهن مهينن جي اندر ڦوڪي ڇڏيائين. هاڻي سندس نظر وڃي جاءِ وڪڻڻ تي بيٺي. آخر اها به وڪڻي ڀنگ  ڀڳڙو ڪري نفس کي خوب راضي ڪيائين هاڻي ڇا هو؟ هاڻي وڃي گھر جي ٽپڙن تي بيٺو. مگر انهن مان ته اها پورائي ڪانه ٿيڻي هئي جو نفس جي پورائي ڪري. هاڻي عملاً ۽ فعلاً ته ٺهيا پر زال مڙس جي پيٽ قوت جو سوال ئي ڳرو ٿي پيو”[64].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ناولٽ نهايت دلچسپ، دلپسند، نتيجه خيز ۽ پنهنجي دور ۾ نئين نموني جو آهي. فاضل ناولٽ نگار ادب کي زندگي جو ترجمان ڄاڻي قلم هٿ ۾ کنيو آهي. هن ناولٽ جو پلاٽ سنڌ جي سماجي حالتن مان اخذ ڪيو آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن  انسان محنت ڪري ٿو ته اُن کي ڦل اوس ئي ملي ٿو.

غلام علي “مسرور”:

الف: تعارف:

غلام علي “مسرور” ولد رحيم بخش بدوي جي ولادت 26 ذوالحج 1311هه / 1892ع  ۾ سنڌ جي مردم خيز شهر شڪارپور ۾ ٿي[65]. هن ابتدائي تعليم اتي ئي ورتي ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ شڪارپورهاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. پاڻ اڃا پنجين درجي انگريزي ۾ هو ته صوفين جي صحبت جو اثر ٿيس، ان ڪري تعليم اڌوري ڇڏي وڃي روهڙي ۾ حضرت بيدل جي درگاهه تي معتڪف ٿيو[66]. اهو ڏسي سندس والد کيس 13 نومبر 1908ع تي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ ڇهين درجي ۾ انگريزي ۾ داخل ڪرايو[67]. جتي هڪ سال تائين پڙهيو. پاڻ اڃا مئٽرڪ ڪلاس ۾ هيو ته 1909ع ۾  مدرسي کي ڇڏي ويو[68].

        “مسرور” 1910ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري تپيداري ٽريننگ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتي[69]. ٻن سالن کان پوءِ هن صاحب ٽريننگ مڪمل ڪري تپيداري جي نوڪري اختيار ڪئي، جتان 1948ع ۾ سپروائيزرنگ تپيدار جي عهدي تان پينشن ورتي، ان کان پوءِ خانگي ملازمت اختيار ڪئي سندس لاڏاڻو 19، آگسٽ 1953ع تي ٿيو[70].

ب: مدرسي جو اثر:

        غلام علي “مسرور” سنڌ مدرسي ۾ ٿورو عرصو رهيو، پر اتي کيس اهڙو ماحول مليو جنهن سندس صلاحيتن ۽ لياقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪمي نه ڇڏي. هو صاحب “بيدل” فقير جي عقيدت مند ٿيڻ کان پوءِ شاعريءَ جي سنگ لاخ زمين تي پير رکي چڪو هو. جڏهن “سنڌ مدرسي” ۾ داخل ٿيو ته اتي کيس مولوي محمد عثمان نورنگزادو “فقيه” جهڙو استاد مليو، جنهن سندس شعر ۽ شاعري جي شوق کي هوا ڏني ۽ نئين تازگي به ڏني[71]. ان ڪري انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته “مسرور” جي بهترين شاعر هئڻ ۾ “سنڌ مدرسي” کي وڏو دخل حاصل آهي.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        غلام علي “مسرور” نه فقط هڪ صوفي شاعر هو، پر چڱو عالم به هو . ان وقت جي بلند پايه شاعرن واصف، حاجي محمود “خادم” ۽ ٻين سان گھرا تعلقات هيس. “جميعت الشعراءِ” جي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو [72]. انفرادي طور تي به هن جي عقيدي ۽ اصول سنڌي عوامي شاعري تي چڱو اثر ڇڏيو. سندس شڪارپور وارو اوتارو ڄڻ صوفين جي ڪيف ۽ مستي جو آشيانو بڻجي ويو هو. ڪيترائي صوفي شاعر هن اوتاري تي ايندا هئا. جن ۾ “غمدل فقير” ۽ “فقير هدايت علي نجفي” (تارڪ) جا نالا قابل ذڪر آهن[73].

        “مسرور” جي ڪلام جو مجموعو “هيرن جو هار” ڇپجي چڪوآهي.

مسرور فقير بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ فرد هو سندس فڪري رغبت سچل سائين جي سلسلي جي فقير قادر بخش “بيدل” جي درگاهه سان هئي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ تحرير ڪيائون جيڪي هن ريت آهن[74].

1.      مسدس مسرور عرف هيرن جو هار (1944ع) هن ڪتاب جا هن وقت تائين نَوَ (9) ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

2.     واچوڙو مل، (ناٽڪ)، 1966ع

3.     راڳ جي شرعي حيثيت (ترجمو)، (هي شروعات ۾ ماهوار پيغام ۾ مئي - جون 1981ع ۾ ڇپيو بعد ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.)

4.     ڪليات مسرور (حصو پهريون 2000ع، حصو ٻيو 2010ع.

5.     فوائد المعنوي (فقير بيدل جي عربي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)

6.     مثنوي هير رانجھو، 2007ع.

7.     قيامت نامو (ترجمو)، 2015ع.

8.     سلطاني سهاڳ، 2016ع.

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

1. شاعري:

        غلام علي “مسرور” سنڌي صوفي شاعرن جي صف ۾ شمار ٿئي ٿو. هو جڏهن “بيدل” فقير جي درگاهه جو پانڌيئڙو ٿيو، ته انهيءَ جي پرت ۽ پيار رنگ لاتو. راڳ ويراڳ ۽ صوفين جي سنگت سندس روحاني غذا ٿي پئي. جڏهن روح راضي ٿيس ته شاعري جي ڏات اکيون کوليون ۽ هو تصوف جي تند تنوارڻ لڳو:

 

عرش تئون جو تڙجي نڪتو، شرم تڏهن شيطان ٿيو،
هوڏ هڻايس هاڃي ۾ جو بنديل ۽ نافرمان ٿيو.

جنهن ۾ ڏمرجي ڏيهه ڌڻي سو غفلت ۾ غلطان ٿيو،
جنهن تي راز رباني سوئي سالڪ سُرت سبحان ٿيو.

اشرف صورت آدم واري اعليٰ ان جو شان ٿيو،
توڙي پيدا پاڻ ڪيو ته به آگي جو احسان ٿيو.

موجد وارو مشرب اعليٰ مردن جو ميدان ٿيو،
سانگو سِر جو ڪين ڪري جو سورهيه سو سلطان ٿيو.

ڪين ڇڏيو “مسرور” ادب کي آخر تان انسان ٿيو،
“الانسان سري واَنا سرہ” توڙي سِر سبحان ٿيو[75].

 

        تصوف جي رنگ “مسرور” کي رڳو مئخانه مُرشد جي درگاهه تائين محدود نه رکيو پر جيئن ته پاڻ چڱو عالم به هو، اُن ڪري وقت جي بلند پايه شاعرن جهڙوڪ “واصف” ۽ محمود “خادم” توڙي ٻين شاعرن سان سندس گھاٽا لاڳاپا هئا. انهن جي صحبت ۽ سنگت سبب ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن توڙي ميڙن ۾ شرڪت ڪندو هو.

        “مسرور” موضوع جي لحاظ کان صوفي مت جو هڪ پرچاري شاعر هيو ۽ فني نقطه نگاهه کان هڪ ڪهنه مشق عروضي شاعر هو. هن ڌارين فني پابندين کان پاڻ بچائي شعروشاعري جي دنيا ۾ عروضي ۽ ڏيهي شاعريءَ جي فني ميلاپ جا ڪامياب تجربا ڪيا. اهوئي سبب آهي، جو هن جا غزل  فني نقطه نگاهه سان ڪافيءَ جي رنگ ۾ رتل نظر اچن ٿا.

        “مسرور” جو اسلوب بيان پيارو ۽ نيارو آهي ۽ ان سان گڏ پُر اثر به. سنڌي شعر پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي به اها ئي ڪيفيت  طاري ٿي وڃي ٿي، جيڪا خود ان وقت شاعر تي طاري هئي، جڏهن هو ڪلام لکي رهيو هو. سندس ٻولي آسان ۽ سليس استعمال ڪئي آهي. شعر ۾ پختگي ۽ رواني هن جي ڪلام جون خاص خوبيون آهن.

        سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

 

نه ڏينهن ڏٺو نه رات چٽي نه شمس قمر شهاب عجب.
نه سرد گرم نه ريت مٽي نه جاڳ رهي نه خواب عجب.

اهو ته عجب ديس ڏٺم گھمي به لقا لبيس ڏٺم.
نه ريس اُتي نه سيس ڏٺم نواب نه ڪو جواب ڏٺم.

نه جوڙ اُهو نه جسم اُهو نه قد اُهو نه قِسم اُهو.
نه عين اُهو نه اسم اُهو، نقاب نه ڪو حجاب عجب.

نه ٻار ٻڍو جوان جڏو ڪمال اُهو ته ڪونه وڏو.
نر وير ڏٺم نه ڦير ڦڏو حساب نه ڪو ڪتاب ڏٺم.

اچي نه وڃي وري نه وري، مري نه ڄمي؛ ڄمي نه مري
ڌڻي به ته ڪو خيال ڪري سوال سڻي جواب عجب.

نه بيگ نه ڪي حقير اُتي غريب گدا امير اُتي
“غلام علي” فقير اُتي نه ڏوهه نه ڪو ثواب عجب[76].

 

 

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو:

الف: تعارف:

عمر بن محمد دائود پوٽو “سنڌ مدرسة الاسلام” جي رڪارڊ موجب 1، جون 1897ع تي ٽلٽيءَ ۾ ڄائو[77]. حالانڪ سندس ولادت جي اصلي تاريخ 25 مارچ 1896ع بمطابق 9 شوال 1313هه آهي[78]. هن صاحب کي 1903 ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 1910ع تائين تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ کيس ٽلٽي جي اي - وي اسڪول ۾ ويهاريو ويو، جتان 1913ع ۾ انگريزي چوٿون درجو پاس ڪيائين، 1914ع ۾ کيس لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر طرفان مفت رهائش منظور ٿي ملي، ان ڪري لاڙڪاڻي مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو. پر 1915ع ۾ وري “نوشهري فيروز ” جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين[79]. پر جلد ئي پوءِ 20 جولائي 1915ع تي سنڌ مدرسي ۾ اچي داخل ٿيو[80]. علامه صاحب “سنڌ مدرسة الاسلام ” مان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نهايت شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو ۽ ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر اچي “سنڌ ايگزيمينيشن پرائز” کٽيائين[81].

        ساڳي سال ڊي - جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. جتان 1921ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين[82]. جيئن ته پاڻ سڄي سنڌ ۾ بي- اي فارسي جي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ آيو هو، تنهن ڪري ڪاليج جي “ڍڪشنا فيلوشپ” حاصل ڪيائين، 1923ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم - اي عربي ۾ ڪيائين ۽ چانسلر ميڊل کٽيائين. اهو يونيورسٽي ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز ليکيو ويندو هو. جو انهيءَ وقت تائين ڪنهن سنڌي شاگرد کي حاصل نه ٿيو هو[83].

        1924ع ۾ هند سرڪار طرفان ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ “اسٽيٽ اسڪالر شپ” ملڻ ڪري انگلنڊ ويو. جتي ڪئمبرج يونيورسٽي جي ايمبونل ڪاليج ۾ داخل ٿيو[84]. ڊاڪٽر صاحب اتي ٽي سال رهي نهايت محنت سان پي - ايڇ - ڊي جي ڊگري حاصل ڪري وطن واپس وريو.

        ڊاڪٽر صاحب اڃا ولايت ۾ هو ته کيس سنڌ مدرسي جي پرنسپال ٿيڻ جي آڇ ڏني ويئي. هي صاحب 17 سيپٽمبر 1927ع تي انگلنڊ کان ڪراچي پهتو ۽ کيس 21 سيپٽمبر 1927ع تي پرنسپال جي حيثيت سان چارج ورتي[85].  ٽن سالن جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ سنڌ مدرسي جو تعليمي معيار بلند ڪيائين. مدرسي جي مالي حالت سڌري ويئي ۽ شاگردن جو تعداد به وڌيو[86]. علامه صاحب مدرسي جي انتظام ۽ تعليم ڏانهن تمام گھڻو توجهه ڏيندو هو. سندن بهترين ڪارڪردگي جو اهو ٺوس ثبوت آهي جو مئٽرڪ جي امتحان ۾ 27 شاگردن مان 23 شاگرد پاس ٿيا، جن مان 15 فرسٽ ڪلاس ۾ آيا[87]. هن کان اڳ ڪڏهن اهڙو سٺو نتيجو نه آيو هو. نومبر 1930ع ۾ ڪن مجبورين سبب علامه صاحب مدرسي کي خير باد چئي ويو[88]؛ ۽ ساڳي سال ڊاڪٽر صاحب بمبئي جي “اسماعيل ڪاليج اَنڌري” ۾ عربي جو پروفيسر مقرر ٿيو[89]. نون سالن جي عرصي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي 10 مارچ 1939ع تي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جهڙي اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو ويو[90]، 1950ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جتي پنجن ورهين تائين هن اهم عهدي جون ذميداريون نهايت ايمانداري، ديانتداري سان بجا آڻيندو رهيو[91]. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ وري کيس 1955ع ۾ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جتان 1956ع ۾ پينشن تي لٿو[92]. سندس وفات 22 نومبر 1958ع تي ٿي[93].

ب: مدرسي جو اثر:

        سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ علامه دائود پوٽي کي هميشه منفرد مقام ڏنو ويندو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون نه رڳو معياري آهن، پر لازوال به. جيڪڏهن ويهي سندس علمي مقام ۽ ادبي منزل جي سببن جي جاچ ڪبي ته سڀ کان اڳ ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جو نالو اسان جي زبان تي ايندو. سنڌ مدرسي سندس شخصيت ۽ ڪردار تي وڏو اثر ڇڏيو. علامه دائود پوٽي هڪ شاگرد جي حيثيت سان مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ مدرسي وري کيس عالم بڻائي ڇڏيو. هو هٿين خالي مدرسي ۾ آيو ۽ مدرسي کيس اجھو ڏنو، هو ڏتڙيل حالت ۾ آيو ۽ مدرسي کيس روشن مستقبل ڏنو. علامه صاحب عزت نفس، “ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ”، ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ سخت محنت ڪرڻ جا گُڻ هن ئي مدرسي مان پرايا[94].

        علامه دائود پوٽو وائنس صاحب جي زماني ۾ مدرسه جو شاگرد ٿي رهيو ۽ هميشه وائنس صاحب جي سرپرستي، پيار ۽ خلوص سندس زندگي ۾ علمي انقلاب آڻي ڇڏيو. علامه صاحب جي زندگي ۾ مدرسي جي قابل ۽ لائق استادن جي سرپرستي هيٺ انقلاب پڻ اچي ويو. محنتي ۽ سخت ڪوشش ڪندڙ ته اصل کان ئي هو، پر مدرسي سندس انهيءَ وصف کي وڌيڪ مهميز ڏني. هن جا استاد، ڊي- پي ڪوٽوال، مولوي عبدالرحيم مگسي، مرزا غلام دستگير ۽ مرزا سليمان صفوي هر وقت ۽ هميشه پئي سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪندا هئا[95]. ڊي- پي ڪوٽوال منجھانئس مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪري ڇڏيو. مولوي عبدالرحيم هن کي مذهب سان محبت ڪرڻ سيکاري، غلام دستگير ۽ آغا تاج محمد پٺاڻ منجھس سياسي سوجهه ٻوجهه پيدا ڪرڻ جا باعث بڻيا[96]. ۽ مرزا سليمان صفوي جي ذات جي اثر هيٺ هن صاحب فارسي ادب جو مطالعو ڪيو[97]. انهن استادن جي محنتن ۽ ڪوششن اڳتي هلي رنگ لاتو جو عمر دائود پوٽو نه صرف ڊاڪٽر ٿيو پر شمس العلماء جي حيثيت سان به پاڻ مڃايائين. انهيءَ ڪاميابي ۽ ڪامراني جو اولين ۽ آخرين باعث “سنڌ مدرسو” ئي آهي.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        علامه دائود پوٽو سنڌ جي انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي، جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ميدان ۾ هميشه هميشه لاءِ پنهنجا نشان ڇڏيا. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو هڪ اديب هو، پر محقق ۽ مؤرخ به هو. کيس سنڌي ٻولي کان سواءِ انگريزي، عربي، فارسي، فرينچ، جرمن، اسپينش ۽ ليٽن ٻوليون اينديون هيون.

        هن صاحب نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ مغربي انداز تي تحقيقات جي ابتدا ڪئي، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ٻانهن ٻيلي ٿي کيس شاهه جي رسالي مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جي بانين مان هڪ هو، ۽ “مهراڻ” رسالي جي جاري ٿيڻ ۾ به هن جو خاص ڪردار هو[98]. پاڻ 1957 ۾ هن رسالي جو ايڊيٽر پڻ ٿيو[99]. علامه صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا جن جو وچور هيٺين ريت آهي:

الف: شايع ٿيل ڪتاب

1.       

طيبات سعدي (انگريزي ترجمو)

1923ع

2.      

شاهه جو رسالو (ڊاڪٽر گربخشاڻي سان شرڪت)

1923ع

3.      

مرشد المبتدي ٻه ڀاڱا (عربي)

1929-1931ع

4.      

سرها گل (چونڊ سنڌي ادب)

1932ع

5.      

روائج بوستان انتخاب ۽ ترجمو، (انگريزي)

1934ع

6.      

سياست نامو نظام الملوڪ طوسي

1934ع

7.      

نغمات حافظ (انگريزي ترجمو)

1934ع

8.      

عيار دانش ابو الفضل

1934ع

9.      

انتخاب نثر ۽ نظم (فارسي)

1946ع

10.  

مجموعته النثر والنظم (عربي)

1936ع

11.   

بيان العارفين (سنڌي) شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام

1936ع

12.  

منهاج العاشقين (سنڌي)

1937ع

13.  

عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر (انگريزي)

1937ع

14.  

دي سروي آف ماس ايجوڪيشن (انگريزي)

1937ع

15.  

قطعات ابن يعين (انتخاب ۽ ترجمو انگريزي)

1938ع

16.  

سفر نامه ناصر خسرو (فارسي)

1938ع

17.  

تاريخ معصومي (فارسي)

1938ع

18.  

“سليڪشن فرام حافظ اينڊ عارف” (انگريزي)

1938ع

19.  

چچنامه (فارسي)

1939ع

20.                         

ابيات سنڌي (شرح سان)

1939ع

21.  

حضرت الاصفهاني هڪ باب (انگريزي ترجمو)

1939ع

22.                         

سنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب

1940ع

23.                         

سنڌي نظم (انتخاب)

1944ع

24.                         

سنڌي چونڊ نثر ۽ نظم (3 ڀاڱا)

1948ع

25.                         

مدارج القراعت العربيه (3 ڀاڱا)

1950ع

26.                         

آغاز فارسي (4 حصا)

1951ع

27.                         

دروس العربيه (4 حصا)

1953ع

28.                         

ڪلام گرهوڙي

1957ع

29.                         

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي

1959ع[100].

 

       ان کان سواءِ پاڻ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيائون جيڪي سندن وفات بعد ٻن مختلف ڪتابن ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايا ويا:

1.      مضمون ۽ مقالا، (مرتب: خانم خديجه دائود پوٽو، 1978ع)

2.     سون برابر سڳڙا، (مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، 1997ع

3.      

ب: مسودات:

1. شاهه جو رسالو (بصورت مڪمل مسودو) 2. ينابيع الحيات الابديه (خاڪو)

3. ڪتاب النجات (مسودو) 4. مقدمه ابن خلدون پهريون ڀاڱو مڪمل (انگريزي)

5. “عربي ادب ۽ تمدن اسپين ۾ (انگريزي) 6. ميين عيسيٰ جو ڪلام (مڪمل مسودو) 7. ڪلام غلام محمد خانزئي جو رسالو (مسودو) 8. ابن خلدون سنڌي ترجمو (مسودو) 9. مرشد المبتدي (ٽيون ڀاڱو) (مسودو)[101].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

منهاج العاشقين ڪتاب جو جائزو

تعارف:      

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب مرحوم شمس العلماء علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جي مشهور ۽ معروف تاليف مان هڪ بينظير تاليف آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ٻه دفعا شايع ٿي چڪو آهي. پهريون دفعو 1934ع ۾ ۽ ٻيو دفعو پورا ٽيهه سال پوءِ شايع ٿيو.

        هي ڪتاب اصل ۾ مولوي ميان غلام محمد ولد خان محمد خانزئي جو لکيل آهي. ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل هو. جنهن جو ليکڪ تحت لفظ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو هو. ڊاڪٽر صاحب اصل ۽ نقل ٻنهي کي پيش نظر رکي ڪتاب جو ترجمو ڪيو. ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺين ريت آهي:

مواد:

        ڪتاب جو مصنف مرحوم غلام محمد پاڻ ڪتاب جي تصنيف جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:

        “ڪو سائل سوال ڪري ته مجنون ۽ ليلا، پنهون ۽ سسئي، ميهار ۽ سهڻي، عمر ۽ مارئي، راڻو ۽ مومل، راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، رانجھو ۽ هير، چنيسر ۽ ليلان، ڄام تماچي، ڄام جکرو، ڄام سپڙ ۽ ٻيا عاشق جيڪي اول کان وٺي اڄ تائين شاعرن ۽ عام ماڻهن جي وات تي آهن ۽ جن جي مهما اڃا تائين ڳائبي اچي ٿي، تنهن جو سبب ڪهڙو آهي ۽ منجھائن ڪهڙا ڪنايا يعني مرادون وٺبيون”[102].

        مصنف انهن مشهور رومانوي داستانن جي روحاني رمزن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مولوي صاحب پهريون شخص آهي جنهن اهڙو ڪرتب بادستور لکيو آهي ۽ روحاني رمزن کي اصلاحي ۽ عملي معنيٰ ڏني اٿس. جيتوڻيڪ سمجھاڻيون بلڪل مختصر آهن ۽ ڪٿي ڪٿي مونجھارو پيدا ڪن ٿيون.

        مصنف مشهور رومانوي داستانن جا جيڪي ڪنايا بيان ڪيا آهن تن مان نموني طور هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:

·         ڄام سپڙ:

        ڄام سپڙ، مڱڻهارن، آواز سرود جي، طلب ٻڌڻ سرود جي، ساراهڻ مڱڻهار جو ڄام سپڙ کي، خيرات جو ڏيڻ، هزار مڱڻهار جا ڳائيندڙ ڄام سپڙ، مڱڻهارن، سرود، خيرات ڏيڻ ڄام سپڙ جو[103].

        قابل مصنف مٿي ڄاڻايل ڪردارن، واقعن ۽ اِسمن وغيرهه جا ڪنايا تصوف جي رنگ ۾ رچي سمجھايا آهن. اهو دنيا جو دستور آهي ته انسان جنهن رنگ ۾ رتل آهي، تنهن کي پوري دنيا ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ جي نظر ايندي. هونئن به اها چوڻي آهي ته عقل ۽ سُونهن جي بک ڪنهن کي ڪانهي. مصنف هر ڪردار ۽ واقعي کي لاهي پاهي تصوف سان وڃي ڳنڍيو آهي. جيڪڏهن باريڪ بيني سان مطالعو ڪبو ته ڪيترن ئي هنڌن تي مصنف تضاد جو شڪار ٿي ويو آهي. مثال طور پنهون ۽ سسئي جي داستان جا ڪنايا سمجھائيندي، درياهه مان مراد ورتي اٿس: “حقيقي ماءُ جي جھولي جا پناهه وارن کي پناهه ۾ رکندڙ ۽ اَمن امان ڏيندڙ آهي”، پر اڳتي هلي سَاهڙ ۽ سُهڻي جا ڪنايا ٻڌائيندي درياهه مان مراد ورتي اٿس: “شريعت جي واٽ ۾ پنڌ”، هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ليکڪ هڪ ئي اسم جا ٻه مختلف مطلب ظاهر ڪيا آهن.

        ڪتاب جي آخر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٻن بيتن جو روحاني مطلب سمجھايو ويو آهي. جن تي به اختلاف ڪري سگھجي ٿو.

        شاهه صاحب کي محض صوفي شاعر تصور ڪرڻ هن جي ڏات، عظمت ۽ شاعراڻي عظمت جي خلاف آهي. اها هڪ تسليم شدهه حقيقت آهي ته انسان جي شخصيت مختلف پهلوئن جو گلدستو آهي. جيڪڏهن انسان روح ٿئي ٿو ته سندس جسم کان به انڪار ڪري نٿو سگھجي. انسان ڪيڏو به ڪٽر مذهبي هجي پر کيس ساڳي وقت کيس سماجي معاملن ۽ مسئلن کان جدا ڪري نه ٿو سگھجي. انسان کي جذبا ٿين ٿا ۽ نه رڳي هڪڙي امنگ. ماڻهو جنهن معاشري ۾ رهي ٿو سو، سياست، مذهب، سماج ۽ معيشت وغيرهه جي رنگ ۾ رتل ٿئي ٿو. خود شاهه صاحب به هڪ فعال انسان وانگر هن معاشري ۾ زندگي بسر ڪئي، هن ڪيترا ئي ڏک ۽ سُک ڏٺا، شاهه صاحب جي هر طرف سندس ذات با ڪمال آهي. جيڪڏهن صرف شاعر ڪري ليکبس ته شاعرن جو شاهه هو، جيڪڏهن صوفين جي صف ۾ شمار ڪبس ته فاني في الله هو ۽ جيڪڏهن عاشقن جي قطار ۾ ڳڻبس ته عاشقن جو سرتاج هو. سندس ڪماليت جو دامن نهايت وسيع آهي[104]. شاهه صاحب وڏو عالم ۽ ڄاڻو هو، دور انديش ۽ فيلسوف هو. هن رڳو مذهبي شاعري نه ڪئي آهي پر دل کولي دنيا توڙي پنهنجي ڌرتيءَ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن تي روشني وڌي آهي ۽ انهن جو اثر پڻ قبول ڪيو آهي.

        منهاج العاشقين ۾ شاهه صاحب جا جيڪي ٻه بيت روحاني تشريح سان ڏنا ويا آهن، انهن مان هڪ هن ريت آهي:

ڪين هاڙهي هل، مَ ڪين ويل ڀنڀور ۾
ڪوڙي ڪج مَ ڪنهن سان، سچي ساک مَ سل
جانب ڪاڻ مَ جل، ساک مَ سسئي[105]

 

        مصنف هن بيت جي معنيٰ ڪجهه هن ريت ڪئي آهي: “هاڙهي” مان مراد، “ملڪ شريعت جو” ۽ “ڀنڀور” مان مراد، “هي جهان” ورتو اٿس، بيت جو مطلب سمجھائيندي چوي ٿو ته:

“ڪوڙي ڪج مَ ڪنهن سان، تنهن مان مراد آهي، “ذات پاڪ جي اثباتي” جڏهن (طالب) فنا في الله جي درجي کي رسيو ۽ پنهنجي حقيقي پنهون کي قلب منجھه ڏٺائين، تڏهن ما سواالله (خدا کان سواءِ) سڀ دفع ٿي ويو. تهان پوءِ هاڙهو ۽ ڀنڀور ٻئي “هئڻ” جي ڦرهي تان ميسارجي ويا پوءِ جڏهن سال “هئڻ” جو ويو ۽ ذات جي اثبات ٿي. تڏهن حقيقي پنهون جي ذات اثبات ڪرڻ سو پڻ عين ڪوڙ آهي”[106].

        هن بيت مان جيڪڏهن وقتي طور تي اهو مطلب حاصل ڪجي جيڪو مصنف ڏنو آهي ته اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته شاهه صاحب انهيءَ تصوف ۽ اسلام ۾ ڪوبه ظاهري۽ باطني اختلاف ئي نٿو رکي.

        هن بيت ۾ شاهه صاحب جي ٻوليءَ جو جيڪڏهن جائزو ورتو ويندو ته بيت جو “ترغيبي تاثر” وارو بيت آهي. شاهه صاحب هن بيت ۾ نه ڪا ڪردار نگاري ڪئي آهي ۽ نه وري واقع نگاري. هي بيت پڙهندڙن کي تجسس ۽ عمل جي ترغيب ڏئي ٿو. حقيقت ۾ هن بيت وسيلي شاهه صاحب اسلامي تاريخ کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بيت ۾ هجرت وقت انهيءَ ڌنار جي ذهني ڪيفيت جي تصوير چٽي آهي. جيڪو اسين انهيءَ واقعي کي نظر ۾ رکي بيت جي معنيٰ ڪنداسين ته اها هن ريت ٿيندي:

        جڏهن ٻڪرار پاڻ سائين جن جي دشمنن کي غار طرف ايندي ڏٺو ته هو پريشان ٿي ويو ۽ بي دليو ٿي پنهنجي جيءَ ۾ جھاتي پائي اندر واري سان سوال جواب ڪرڻ لڳو ۽ پاڻ کي دلجاءِ ڏيندو رهيو، هو پاڻ کي سمجھائڻ لڳو ته مون کي نه ڀڄي وڃڻ گھرجي ۽ نه وري اتي ئي ويهڻ کپي ڇو ته ٻنهي ڳالهين ۾ حضور پُر نور جي دشمنن کي شڪ پوندو، مون کي ڪا اهڙي چال چلڻ گھرجي جيئن اها به سچي نه ڪيان ته پاڻ سائين جن غار ۾ آهن ۽ نه وري ڪوڙ ئي ڳالهائڻو پوي... مون کي پاڻ سائين جن جو ايترو خيال نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته هو الله جو رسول ﷺ آهي ۽ اهو ئي سندس نگهباني ڪندو.

        عجب اتفاق آهي منهاج العاشقين هن بيت جي شاهدي ۾ جيڪو بيت ڏنو آهي؛ سوبه اسان جي ئي راءِ جي تصديق ڪري ٿو ۽ انهيءَ بيت مان ڌنار جي عقل، ارادي ۽ سياڻپ جو ثبوت ملي ٿو، بيت آهي:

ڪلمون پڙهان ته ڪافر ٿيان، گھِڙان نه انهيءَ گھيڙ
جاڏي راهه رسول جي، تاڏي نه پايان پير
تن سان منهنجو وير، جيڪي پڇن راهه رسول جي[107]

 

        ائين ٿو محسوس ٿئي ته علامه دائود پوٽه صاحب مواد جي  چڱي طرح ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي آهي. حالانڪ هن ڪتاب لاءِ سندس ئي راءِ آهي ته:

“ هن کان اڳ جو شاهه جا پڙهندڙ عشقي قصن جي مضمونن کي پنهنجي پنهنجي خيال موجب معنائون ۽ ورجيسون ڏيندا هئا. جن ۾ نه ڪو ربط هوندو هو ۽ نه وري ڪو ضبط ۽ سڀ ڪو پنهنجي دل کي بهلائيندو هو ته مان ڪو وڏو ڄاڻو آهيان جو اِهي اونها اسرار سمجھي سگھان ٿو تن جي لاءِ هي “منهاج العاشقين” جو ننڍڙو ڪتاب هڪ رهبر ثابت ٿيندو”[108].

        علامه دائود پوٽي کي هنن چند اَڻ لکين اوڻائين لاءِ ميار نٿي ڏيئي سگھجي ڇو ته ان صاحب کي ڪيترن ئي ڳالهين ۾ مصنف سان اختلاف آهي ۽ انهيءَ جو هو اظهار به ڪري چڪو آهي. پر ان هوندي به اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته ڊاڪٽر دائود پوٽي کي هن ڪتاب تي تفصيلي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ گھربي هئي.

ٻولي:

        ڪتاب جي ٻولي فارسي آموز هئڻ سان گڏ سليس به آهي، مصنف پنهنجي ڏات کي عام فهم ٻولي وسيلي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عبارت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“هن حال جو اصل مطلب خدا تعاليٰ جل شانه ٿو ڄاڻي، ڇو ته انسان جي مورانهين ويسارو آهي، سو الله تعاليٰ جي حقيقت ڇا معلوم ڪري سگھندو. ڪابه طاقت نٿو رکي، پنهنجي قدرت موجب گھڻائي پَر ۽ کنڀڙاٽيون هڻندو، پر عنقا کي نه رسندو. دانائن چيو آهي ته پڇندڙ کي پنهنجي ناقص عقل موجب جواب ڏيڻ شرط آهي، اگرچه جواب باصواب ۽ پورن دليلن سان اهو ڏئي سگھندو، جنهن کي رسول ڪريم ﷺ جهڙو عقل ڪل عطا ٿيل آهي. ٻين کي سمجھه ۽ پروڙ اهڙي پوندي جهڙي سنهي سُئي اونهي سمنڊ ۾، پر سڀڪو شخص پنهنجي عقل ۽ علم موجب جواب ڏيئي سگھي ٿو.”[109]

مقصديت:

        ڊاڪٽر دائود پوٽي جنهن نيڪ نيتي، خلوص، محنت ۽ محبت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. اهو ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۽ ڪتب خانه بيني جو اثر هيو، جنهن سبب “منهاج العاشقين” جهڙو ڪتاب اسان جي اڳيان آيو.

        هن ڪتاب ۾ ڀٽائي جي روماني آکاڻين جون روحاني رمزون سمجھايون ويون آهن. ان ڪري هي ڪتاب پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته صوفي مزاج، صاف طبع انسان لاءِ ڄڻ هڪڙي روحاني غذا آهي، ان ڪري روحانيت پسند انسانن لاءِ هي ڪتاب وڏي مقصديت، اهميت ۽ افاديت رکي ٿو.

شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام:

تعارف:

        شاهه ڪريم، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ماضيءَ جو املهه ورثو آهي. پاڻ اهو پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جو گھڻي کان گھڻو ڪلام ملي ٿو ۽ محفوظ ٿي سگھيو آهي. شاهه ڪريم جي حياتيءَ جو مفصل احوال، ڪرامتون، ۽ ملفوظات سندن هڪ مريد محمد رضا بن واسع ٺٺوي گڏ ڪري “بيان العارفين و تنبيهه الغافلين” نالي هڪ ڪتاب لکيو. هي ڪتاب 1038هه ۾ لکيو ويو. 172 سالن جي گمناميءَ کان پوءِ عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ٻانڀڻ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو. سنه 1293هه / 1876ع ۾ مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي ڪتاب ۾ ٿوري ترميم ڪري شايع ڪرايو. 1904ع ۾ وري مرزا قليچ بيگ مختلف نسخن کي ڀيٽي “رساله ڪريمي” نالي ڪتاب ڇپرايو.

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ڊاڪٽر دائود پوٽي تحقيقي ڪوشش جو نتيجو آهي. ڪتاب جو تنقيدي جائزو هن ريت آهي:

مواد:

        ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تاليف ٿيل “شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام” جو مطالعو ڪبو ته اسان کي هيٺين حصن ۾ ورهايل نظر ايندو.

1.      ديپاچو: هن ۾ ڊاڪٽر صاحب بيان العارفين جي 1038هه / 1627ع کان ويندي 1356هه / 1937ع جي تصنيف، تاليف، ترجمي ۽ اشاعت جو تنقيدي جائزو ورتو آهي.

2.      شاهه ڪريم جي سوانح حيات: هن حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب، شاهه ڪريم جي زندگي جي احوال ۽ سندس روحاني مقام ۽ منزلت بابت وقت جي ڪن بزرگن جا رايا، مذهب ۽ مشرب، علميت اخلاق ۽ عادتن ۽ شجري کان سواءِ شاهه ڪريم جي شاعري جو تنقيدي جائزو به ورتو آهي. شاهه صاحب جي زندگي جو احوال ڏيندي، ڊاڪٽر صاحب مختلف حاشين ۽ تفصيل سان وضاحتون ڏنيون آهن.

3.      اصلي مواد: ڪتاب جو هي حصو شاهه ڪريم جي فرمودن ۽ بيتن تي مشتمل آهي. اصلي مواد کي هيٺين ستن بابن ۾ ورهايو ويو آهي:

باب 1- حق جي يادگيري، خود قرباني، راز لڪائڻ، تجريد، تعزير وغيرهه جي بيان ۾.

باب 2- سوالن جا جواب.

باب 3- حلمر، تواضع، مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾.

باب 4- سماع، وجد، محبت ۽ شوق جي بيان ۾.

باب 5- توحيد جي بيان ۾.

باب 6- نبين، ولين ۽ بزرگن جا نڪتا.

باب 7- تعرفاتن، دعائن ۽ ڪرامتن جي بيان ۾.

4.      متفرقات:  متفرقات ۾ هيٺيون ڳالهيون ڏنيون ويون آهن:

(الف) نج سنڌي، عربي، فارسي لفظن جو وچور.

(ب) شاهه ڪريم جا سهيوگي.

(ٻ) سنڌ جي شهرن، پرڳڻن ۽ دريائن جا نالا جي بيان العارفين ۾ آيل آهن.

(پ) غلطنامو.

        جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته علامه دائود پوٽي کان اڳ به هن موضوع تي ڪم ڪيو ويو هو. پر انهيءَ ڪم جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو ته اسان کي ڪيتريون ئي خاميون نظر اينديون. مخدوم عبدالصمد، مضمون کي مختصر ڪري ڪتاب منجھه وڏا نقص ۽ خاميون رهائي ڇڏيون. اصلوڪي فارسي نسخي جو سلسلو پڻ مٽايو ويو. جنهن ڪري ڪيترن ئي هنڌن ميل جول مورڳوئي نه رهيو. شاهه ڪريم جي سنڌي شاعري ته حد کان وڌيڪ متاثر ٿي. مرزا قليچ بيگ جهڙي عالم ۽ فاضل کان به ساڳيون ئي غلطيون دهرائجي ويون. انهن غلطين جو نتيجو هي نڪتو جو شاهه ڪريم جي خاص بيتن مان اٽڪل اڌواڌ غلط لکيا ويا، بيتن جي تُڪن ۾ وڌ گھٽائي ٿي ويئي.

        ڊاڪٽر صاحب پاڻ کي هر ممڪن حد تائين غلطين کان بچائڻ خاطر سنڌي بيتن سان گڏ مصنف جو فارسي ترجمو سنڌي مطلب سميت ڏنو آهي. هن صاحب، شاهه ڪريم جي سڀني بيتن ۾ محمد رضا جون پڙهڻيون قائم رکيون آهن ۽ ٻين نسخن جا اختلاف حاشي ۾ درج ڪيا آهن. انهيءَ کان سواءِ شاهه ڪريم جا صوفيانا چونڊ نڪتا ۽ قول به بيتن سان گڏ موافق جاين تي ڏنا ويا آهن. جنهن جي ڪري بيتن جي مطلب ۽ مفهوم تي وڌيڪ روشني پوي ٿي. هن صاحب نبين، ولين ۽ بزرگن جون ڳالهيون نظر انداز ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن مان فقط اِهي ڏنيون آهن جن جو بيتن سان لاڳاپو آهي.

        بيتن جو تلفظ به اڪثر ڪري ساڳيوئي رکيو ويو آهي. پر ٻولي جي نحوي بناوٽن ۾ ڪي قدر ڦير ڦار ڪيون اٿائين، جيئن:

“انهيءَ” جي بدران “اِهي”، “ڏيئي” جي بدران “ڏي”، “پسجي” جي بدران “پسي”.

ڊاڪٽر صاحب مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جي تاليف لاءِ “بيان العارفين” جا هيٺيان نسخا ۽ ڇاپا نثر مان ڪڍيا آهن.

1.      محمد رضا وارو اصلوڪو “بيان العارفين” جو نسخو.

2.      فقيه ڌڻي پرتي وارو اتاريل نسخو.

3.      پير جھنڊي واري ڪتب خاني جو قلمي نسخو.

4.      “بيان العارفين” سنڌي  بمبي سنگي ڇاپو.

5.      “رساله ڪريمي” مرزا قليچ بيگ وارو[110].

 

ٻولي:

        ڊاڪٽر صاحب جي ٻولي سليس ۽ بامحاورا آهي. پاڻ عام فهم ٻوليءَ جو حامي هو، البته موقعي آهر هن ڪتاب ۾ عربي ۽ فارسي لفظ به ڪم آندا اٿس عبارت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“شاهه ڪريم جو شعر قدامت جي ڪري سنڌي ساهت ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجھس مضمون جي گوناگوني سان آهي، باقي سچ، سُونهن ۽ ستوگڻ سڀئي ان ۾ چڱي انداز ۾ موجود آهن. پڙهندڙ کي اُن مان گھڻو رَس ۽ راحت ايندي. سندس ڪلام سريلو ۽ دل جھٻائيندڙ آهي. ڪيترا بيت اهڙا آهن جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن  ۽ انهيءَ وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گھڻا سلوڪ ئي تصوف تي آهن؛ جن ۾ عرفان ۽ ايمان جا موتي پوتل آهن. اهي پڻ ان وقت جي روحاني حالت جو چٽو نقشو ڏين ٿا، توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت، وصال وغيرهه جا باريڪ نڪتا نهايت خوبي سان بيان ڪيل آهن. مطلب ته شاهه ڪريم جا بيت سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن. جن کان سواءِ هوند سندس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. هتي هيترو چوڻ ڪافي آهي ته ذوق وارن کي گھرجي ته پنهنجي پنهنجي روشنيءَ سان انهن جو حقيقي مطلب سمجھن ۽ جيڪي روحاني، فني ۽ ادبي خوبيون منجھن سمايل آهن، سي ڪڍي نروار ڪن”[111].

مقصديت:

        شاهه ڪريم سنڌي ادب جو “وهائو تارو” آهي. سندس ڪلام سنڌي ٻولي جي ساک ۽ سُونهن جو سُهڻو نمونو آهي. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جديد تحقيقي ڪوششن جي رنگ ۾ رتل آهي. جنهن ڪري هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڪتاب نه رڳو سنڌي محققن لاءِ ادبي خدمت جي نموني جي حيثيت رکي ٿو، پر عام پڙهندڙ کي به شاهه ڪريم جي پيغام سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.

سيد ميران محمد شاهه “مير”:

الف: تعارف:

سيد ميران محمد شاهه ولد حاجي زين العابدين شاهه جي ولادت 11 مارچ 1898ع تي ٿي[112]. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري “لوڪلبورڊ ورنيڪيولر” اسڪول[113] ۽ اي - وي اسڪول ڪوٽڙي ۾ ورتائين، ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ جي لاءِ فيبروري 1910ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو[114]. جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[115]. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ  ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1921ع ۾ بي - اي جي ڊگري ورتائين[116]. 1924ع ۾ ايل - ايل - بي جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين[117].

        سيد ميران محمد شاهه هڪ پخته شاعر هئڻ سان گڏو گڏ ناميارو سياستدان به هو. سندس زندگي جو احوال ۽ سنڌ جي سياست ۾ حصي تي تفصيل سان مقالي جي ٻئي هنڌ تي ذڪر ڪيو ويو آهي. هتي رڳو سندس شاعري ۽ ادب سان دلچسپي جو ذڪر ڪيو ويندو.

        هن باڪمال شاعر جي وفات 16 نومبر 1963ع تي ٿي[118].

ب: مدرسي جو اثر:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو. جن ۾ ميران محمد شاهه به هڪ هو. سيد ميران محمد شاهه سنڌ جي سياست ۽ ادب جي ميدان تي چمڪندڙ هڪ ستارو هو. کيس فرش کان عرش تي پهچائڻ وارو ئي “سنڌ مدرسة الاسلام” هو. سنڌ مدرسي کيس محنت ۽ محبت سان علم حاصل ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس استادن جهڙوڪ؛ ڊي - پي ڪوٽوال، مولانا صفوي ۽ مولوي عبدالرحيم جي محنت، شفقت ۽ تربيت هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ اِهي رنگ ڀريا، جنهن سبب هو اڳتي هلي هڪ بهترين اديب ۽ بلند پايه شاعر ٿيو[119]. جيتوڻيڪ ٽکڙ جي ادبي ماحول کيس علم دوستي ۽ ادب پروري ورثي ۾ ڏني، پر سنڌ مدرسي انهن جذبن کي عملي جامو پهرايو. شاهه صاحب مدرسي جي علمي ۽ ادبي سرگرمين توڙي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شرڪت ڪندو هو ۽ پاڻ لکڻ جي ابتدا انهيءَ ماحول ۾ ڪيائين. پاڻ انهيءَ زماني ۾ علامه دائود پوٽي سان گڏجي شعر پڻ چوندو هو[120].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        علمي ۽ ادبي ميدان ۾ جناب شاهه صاحب جن ڪيتريون ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون آهن، 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا “سنڌي ادبي سوسائٽي” قائم ٿي هئي، شاهه صاحب ان جو منتظم ۽ صدر هو[121]. انهيءَ سوسائٽي ڪيترائي مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري کي زور وٺايو. انهيءَ ئي سوسائٽي سنڌ ۾ پهريون زنانو مسلم هاءِ اسڪول کوليو جيڪو اڄ تائين حيدرآباد ۾ “مدرسة البنات” جي نالي سان قائم آهي[122]، 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي ته شاهه صاحب انهيءَ جو مرڻ گھڙي تائين صدر ٿي رهيو[123].

        1941ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هڪ سنڌي مرڪزي بورڊ قائم ڪيو. شاهه صاحب 1951ع تائين ڏهه سال انهيءَ بورڊ جو چئرمين ٿي رهيو، 1951ع ۾ اڳيون بورڊ بدلائي نئون بورڊ وجود ۾ آندو ويو، ميران محمد شاهه انهيءَ هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رهندو آيو[124].

        پنهنجي وزارت واري وقت ۾ سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي سالياني ورسي ملهائڻ جي جيڪا شاندار روايت قائم ڪئي، اُهو سندس زندگيءَ جو جس جوڳو ۽ يادگار ڪارنامو آهي[125]. شاهه صاحب، “شاهه لطيف يادگار ڪائونسل” قائم ڪئي ۽ مرڻ گھڙي تائين انهيءَ جو صدر ٿي رهيو. ادب سان گڏو گڏ شاهه صاحب تعليمي خدمتن ڏانهن به مائل رهيو. سترنهن سالن تائين، بمبئي يونيورسٽي ۽ ان سان متعلق ادارن مثلاً: “سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي بورڊ”، وغيرهه جو ميمبر ٿي رهيو. جڏهن سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي کلي ته شاهه صاحب کي ان جي “سينيٽ” توڙي “سينڊيڪيٽ” توڙي “اڪئڊيمڪ ڪائونسل” تي ميمبر نامزد ڪيو ويو[126]. شاهه صاحب ڪيتري ئي وقت تائين سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف آرٽس جو “ڊين” ٿي رهيو.

        مختلف شاعرن جي ڪلام تي مشتمل مجموعو “گلزار خيال” به تاليف ڪيائين. کين شعر و شاعري سان اونهو لڳاءُ هوندو هيو. شاعري ۾ پهريائين پاڻ “مجھور” ۽ بعد ۾ “مير” تخلص اختيار ڪيائون. شاعريءَ ۾ علامه “فدا” ۽ حافظ شاهه مرحوم سندس استاد هئا[127]. “ڪليات ميران” سندس شاعري جو مجموعو آهي. جيڪو سيد غلام رسول شاهه “سوز” جي ترتيب سان سنه 1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پريس پاران شايع ٿيو.

 

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        سيد ميران محمد شاهه بنيادي طور تي هڪ سياستدان هو، پر علم دوستي ۽ ادب پروري کيس ورثي ۾ ملي هئي، هن جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان هو، جنهن ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. هن جو لاڳاپو هڪ اهڙي خاندان سان هو جنهن ڪيترن ئي علم دوست ۽ قلم ڌڻين کي جنم ڏنو.

        ميران محمد شاهه سياست جهڙين خشڪ ۽ پريشان ڪُن مشغولين جي باوجود به سخن جوئي ۽ نڪته سنجيءَ جي ذوق جو مظهر هو. نڪته نوازي، سخن طرازي، ادبي ذوق ۽ شعري شوق، وجد انگيز ڪيفيات ۽ محبت انگيز جذبات هن جي زندگيءَ جو حصو هئا. ميران محمد شاهه سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. سندس شاعري جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

        شاهه صاحب بنيادي طور تي عروضي شاعر هو. پر هن سنڌ جي نج شاعريءَ کي به نه وساريو. ٿُلهي ليکي هن جي شاعري ڪافين، نظمن، غزلن ۽ قطعات تي مشتمل آهي. موضوع جي لحاظ سان هن جي قلم جو ميدان تمام وسيع آهي.

        ميران محمد شاهه هڪ سڌو سادو مسلمان هو. جنهن گھراڻي ۾ هن اکيون کوليون ، تنهنجا فرد نه رڳو مذهبي خيالن جا پوئلڳ هئا، پر مذهبي اڳواڻ به هئا. گھر جو اثر هر حالت ۾ هن تي پيو. ان ڪري هو باعمل مسلمان هو. هن جا مذهبي امنگ ۽ جذبا وقت جي حالتن جي وهڪري ۾ روز روشن جيان ٿي ويا ۽ اهو عڪس هن جي شاعري ۾ به نظر اچي ٿو:

پاڻ مذهب جو مروج فلسفو هن ريت ٻڌائي ٿو:

ڪر فرض خدا جي ادائي، جو جنت جلد رسائي
پئي ڪر ناهي ڪا ڪائي، ري پسڻ پرين جي پيشاني
ڪر خوفِ خدا اي بندا!، رهه صاف ڇڏي گند گندا
وٺ راهه رسول جي انڌا، جيڪو آهي قول قرآني[128]

 

شاهه صاحب پنهنجي عقيدي ۽ رسول ڪريم سان عقيدت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

محمد ﷺ کي مڃيم من سان، پڙهان ڪلمو همه تن سان
چمان قرآن چشمن سان، خدا جو اي ڪرم مون تي
ابوبڪرؓ و عمرؓ، عثمانؓ، عليؓ، شاهه کي مڃيم من سان
رکان دل سڀ امامن سان، مڃڻ واجب حرم مون تي
محي الدين جيلانيؓ، سچو محبوب سبحاني
تون گوندر لاهه گيلاني، مَ رک ڪنهن جو مرم مون تي
سوالي آهي “ميران شاهه” تنهن جو، آگاهه عرض اوناءِ
هلان آئون شل مديني راهه، ٿئي ڪلمو ڪرم مون تي[129]

 

        ڌڙڪندڙ دل سڀني کي ٿئي، ڪوجھو هجي يا ڪارو، ننڍو هجي يا وڏو، امير هجي يا غريب، سڀني کي سينو ۽ سيني ۾ سور ٿئي ٿو. عجيب ڳالهه آهي جو الله سڀني کي سُونهن جي بک نه ڏني آهي. پر سُونهن کي پسند ڪرڻ جي بک مڙني کي ٿئي. ميران محمد شاهه به هڪ انسان هو. سُونهن ۽ سُندرپڻي جو ثناخوان، حُسن ۽ سوڀيا جو پارکو، پريت جي ريت جو ڄاڻو، سوز ۽ گداز جو واقفڪار، انتظاري ۽ بي قراري سهڻ جو ڪوڏيو، سِڪ ۽ سُونهن جي سُور سَهڻ لائق ۽ قابل، هن جي شاعري ۾ به اهڙي جھلڪ نظر اچي ٿي. هو قاصد کان هيئن ڪم وٺي ٿو:

ادا قاصد، اُڏامي حال هي ڏج منهنجي سڄڻ کي
ٻڌي ڪو عرض عاجز جو، ڪري من عفو عاصين جو[130]

 

شاهه صاحب هڪ ناميارو سياستدان هو. ٻالپڻي کان ئي هن ڌارين جي راڄ ۽ بين الاقوامي سازش کي پنهنجي اکين سان ڏٺو. رب ڪريم کيس اِها دل ڏني هئي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ درد هو. الله تعاليٰ کيس اهڙو دماغ ڏنو جنهن سان هن مسلمانن جي خدمت ڪئي. سندس شاعري ۾ اهڙن جذبن جي جھلڪ نظر اچي ٿي.

خلافت جي تحريڪ هلي ٿي ته هن جي دل هيئن ڌڙڪي ٿي:

والي ولايتن جو، سلطان وحيد الدين ٿئي
حشمت سنديس جي، هيبت خاور کان باختر ڪر

 

        شاهه صاحب پنهنجي شعر و شاعري جي ٻاهرين جوڙجڪ، مصنوعي ٺاهه ٺوهه، عروضي ڀڃ گھڙ ۽ لفظي ايچ پيچ کان مٿي فقط شاعرانه خيال تي گھڻو توجھه ڏنو آهي. جنهن جي ڪلام ۾ سادگي ۽ برجستگي آهي. ان ۾ پختگي کان وڌيڪ بي ساختگي آهي. سُونهن ۽ وَرُونهن آهي. هن جو ڪلام ڪي قدر وجد انگيز آهي ۽ معياري به آهي.

        هن دقيق ٻولي استعمال ڪرڻ کان گريز ڪيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي سليس، آسان ۽ عام مروج ٻولي استعمال ڪئي آهي. شاهه صاحب جي شاعري سندس ٻولي لاءِ محبت واري جذبي جي پيداوار آهي. جنهن جو نهايت خلوص سان اظهار ڪيو ويو آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

دلربا جي دلبريءَ کي ٿو سدا مان ساريان
درد فرقت ۾ سندس هر دم هنجون هاريان

جان جادوگر هڻي جادو کڻي ويو ڪنهن ولات
اڄ پتو ان جو پڇڻ لئي واٽ ويندا واريان

وصل جي هڪڙي گھڙي ڪئي التجا آزي ڪيم
ان گھڙي ءَ کان گھور گھنڊ جا گھاءُ کايو گھاريان

تون اچين مون وٽ نٿو مون کي مقدر قيد ڪيو
پوءِ پرين تو سان پيارا پرت مان ڪيئن پارسان؟

سُور مان ڪنهن سان سليان سهڻا سندءِ سختيءَ سندا
دل پيو محبوب تنهنجي ڳڻتين ۾ ڳاريان

قرب مان ٿي قول ڪيئي سُهڻا قسم سَو سَو کڻي
پر نه پورا ڪيئي پرين سي داغ دل تي ڌاريان

منهن منور پنهنجو “ميران شاهه” کي هيڪر پساءِ
تان ته پنهنجي جان جند جيري جگر ٺاريان[131]

 

سيد عطا حسين شاهه موسوي:

الف: تعارف:

سيد عطا حسين شاهه ولد ميان وڌيل شاهه جي ولادت 8 آڪٽوبر 1898ع تي ٿي[132]. سندس وڏا مرزا شاهه بيگ ارغون سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ ڪيترو ئي وقت اقتدار وارن حاڪمن جي ويجھو رهيا[133].عطا حسين شاهه ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ ورتي. شڪارپور ۾ ڇهه درجا انگريزي پاس ڪري جون 1915ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام ” ۾ داخلا ورتائين[134]. جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[135]. پاڻ ڪاليج جو پهريون سال جھونا ڳڙهه ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪيائين، باقي ٽي سال ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪراچي ۾ پڙهيو، 1921ع ۾ بي - اي (آنرس) پاس ڪيائين[136].

        1921ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو[137]. 1923ع ۾ بمبئي مان بي - ٽي جو امتحان پاس ڪري نوشهري مدرسي ۾ ماستر ٿيو، ان کان پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ميرپور خاص هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو[138]. 1927ع ۾ کيس هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستري ملي، ٻه سال پوءِ مُلا اسڪول جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو[139]. ساڳي ئي سال يعني 1929ع ۾ کيس ضلعي ٿرپارڪر جي اسڪولن جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي 1941ع  تائين ڪم ڪندو رهيو، 1941ع ۾ هن کي اپر سنڌ جي اسڪولن جو “اسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر” مقرر ويو، 1947ع ۾ کيس ڇوڪرن جي اسڪول لاءِ ڊائريڪٽر ۽ 1950ع ۾ سنڌ جي يتيم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1953ع ۾ پينشن تي لٿو[140]، سندس لاڏاڻو 8 جون 1966ع تي ٿيو[141].

ب: مدرسي جو اثر:

        سنڌ مدرسو سنڌ جو هڪ اعليٰ پايه جو درسگاهه آهي. سنڌي ٻولي ۽ علم جا ڪيترائي شاعر ۽ اديب توڙي ملڪ جا ناميارا سياستدان هن ئي مدرسي  جي پيداوار آهن. عطا حسين شاهه موسوي به هن ئي مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو هو. جيتوڻيڪ پاڻ مدرسي ۾ ٿورو عرصو رهيو، اُن هوندي به هن جيڪو “سنڌ مدرسي” جو اثر قبول ڪيو، تنهن سندس شخصيت ۽ ڪردار کي نئون موڙ ڏنو. هڪ طرف کيس پرنسپال وائنس، مولانا عبدالرحيم مگسي، ڊي - پي ڪوٽوال ۽ سليمان صفوي، جهڙا استاد نصيب ٿيا ۽ ٻئي طرف دائود پوٽي ۽ ميران محمد شاهه جهڙا هم ڪلاسي مليا[142]، جنهن جي محبت ۽ صحبت کيس علم ۽ ادب جي ميدان ڏانهن راغب ڪيو.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        علم ۽ ادب جي خدمت توڙي محبت شاهه صاحب کي پنهنجي ورثي ۾ ملي، سندس والد تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ هن انهيءَ جي پيروي ڪندي ٻين کاتن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. عطا حسين شاهه موسوي پينشن وٺڻ کان پوءِ به علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. سندس ئي ڪوششن سان 1957ع ۾ “سکر ايڊيوڪيشن سوسائٽي” تشڪيل ڏني ويئي[143]. جنهن طرفان سکر ۾ “اورينٽل ڪاليج” ۽ روهڙي ۾ “انٽرميڊئيٽ ڪاليج” کوليا ويا. جنهن سبب تعليمي ماحول ۾ رونق اچي وئي.

        سندس مقالات سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپبا هئا. ان کان سواءِ وقت جي سنڌي اخبارن ۾ پڻ سندس مضمون شايع ٿيندا هئا[144]

        شاهه صاحب سنڌي ادب کي هڪ شاهپارو ڏنو، اهو آهي مضمونن جو مجموعو “ڪچ ڪوڏيون” ۽ “پير ميان صاحبڏني شاهه بلڙائي” واري جي ڪافين جي ترتيب پڻ ڏنائون[145].  جيڪو شايع نه ٿيو آهي.

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

ڪتاب ڪچ ڪوڏيون جو جائزو:

تعارف:

        سنڌي ادب جي بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌي نثر کي زور وٺائڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌي نثر جو سرمايو اڃان ايترو ڪو نه وڌيو آهي، جنهن تي اطمينان سان چپ ڪري ويهي رهجي. سنڌي نثر تي شروع کان وٺي ڪم ٿيندو پيو اچي. برٽش راڄ ۾ سنڌي نثر گهڻو تڻو ڌارين ٻولين ۽ خيالن جو ئي ترجمو هو. جنهن روايت کي تقريباً هن وقت ترڪ ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سنڌي نثر جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته نثر نويس سنڌ جي شهري ٻوليءِ کي ئي پنهنجي فن ۽ فڪر لاءِ استعمال ڪيو آهي. نثر نويسن پنهنجي ذاتي وکر کي پنهنجي عوامي ٻولي ۾ پيش ڪرڻ جي گهٽ ڪوشش ڪئي آهي.

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “ڪچ ڪوڏيون” سيد عطا حسين شاهه موسوي جي پنهنجي فن ۽ فڪر جي تخليق آهي. هن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ڪتاب جو تنقيدي جائزو هن ريت آهي.

مواد:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب 19 مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نثر نويس مختلف موضوعن تي پنهنجي نقطه نگاهه سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن مضمونن جو موضوع وار ذڪر هيٺين ريت آهي:

·         مذهبي مواد:

        “خيالات”، “دل جا دليل” ۽ “انڊلٺ جو ارٿ”، هن مجموعي  جا  نج مذهبي نوعيت وارا مضمون آهن، جن ۾ پهريون مضمون “خيالات” ۾ خالق ۽ ان جي پياري مخلوق انسان جي لاڳاپن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي نه نموني انسان الله تعاليٰ جي عنايتن ۽ نوازشن جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي. “دل جا دليل” ۾ رب پاڪ جي ذات جي سُهڻي ۽ سُندر نموني سان تعريف ڪئي ويئي آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هو، بي مثل پاڪ ذات آهي، جنهن ساري جڳ کي خلقيو آهي، ۽ سَاري ڪائنات ڪنهن نه ڪنهن نموني سندس ڳُڻ ڳائي ٿي. “انڊلٺ جو ارٿ” مضمونن وري فاضل مضمون نگار جي اندر واري آئيني جو هڪ عڪس آهي. هن مضمون ۽ ليکڪ فطرت جو شاگرد بڻجي ڪک پن کان به قدرت جي رستي ۽ راضپي جي نشاندهي ڪرائي ٿو.

·         فلسفانه مواد:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب تي فلسفي جو گهڻو تڻو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. ليکڪ چپي چپي تي ويهي پنهنجي ذهن کي جنجهوڙيو آهي، ۽ فڪر جي گهري عميق ۾ٽٻيون هڻي حڪمت جا موتي ميڙي، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ “حياتي جي حيرت”، “دنيا مڙيوئي ڌوڙ، ڌوڙ دنيا جي منهن ۾” ۽ “فلسفه موت” انهيءَ سلسلي جون مکيه ڪڙيون آهن.

        مضمون “حياتي جي حيرت” ۾ ليکڪ زندگي ۾ پاڻي جي بهترين ڀيٽ ڪئي آهي. هو پاڻي جي وهڪري کي ڄمار جي وهڪري سان تشبيهه ڏي ٿو. سندس خيال ۾ جيئن ڪنڌيءَ کان پاڻي مٺو ٿي وهندو آهي تيئن ٻاراڻي اوساتا ماٺ ميٺ ۾ گذري وڃي ٿي. هو ڪنڌيءَ کان پوءِ واري پاڻي کي حياتي جي درياهه سان ڀيٽي ٿو، جنهن ۾ انسان نفساني خواهشن جو وهڪري بڻجي وڃي ٿو. سيڪس کي فاضل مضمون نگار جوانيءَ سان تشبيهه ڏي ٿو.

        مضمون، “دنيا مڙوئي ڌوڙ، ڌوڙ دنيا جي منهن ۾” ۾ مضمون نگار فلسفانه انداز ۾ ثابت ٿو ڪري ته ساري دنيا ڌوڙ آهي. هو ان لاءِ مثال ٿو ڏي ته اوهان جڏهن مٿاهين واري جاءِ جبل جي چوٽيءَ يا اوچائي تان هيٺ ڏسندا ته اوهان کي سرسبز شاداب ۽ آباد بستيون به پري کان ڌوڙ جا دڙا نظر اينديون.

        مضمون “فلسفه موت” ۾ هو وري ظاهر ٿو ڪري ته جيڪڏهن موت نه هجي ها ته هوند هن دنيا ۾ ايتري مخلوق وڌي وڃي ها جو اڄ تِر ڇٽڻ جي به جاءِ نه هجي ها.

·         مزاحيه مواد:

        هي دنيا دوکي جي نگري آهي. اسان جي سماج پنهنجي ئي هٿن سان ان ۾ رنگ نسل، ذات پات ۽ ننڍ وڏائي جا نانگ ڇڏي ڏنا آهن. جيڪي ڏينهن رات ڏنگڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ڪونه ٿا ڪن. هر طرف بک، بيروزگاري، ظلم ستم، ڏاڍ ڏمر، ٺڳي فريب ۽ بي ايماني جي بازار گرم ٿيل نظر اچي ٿي. اڄ جو انسان اٽي، لٽي ۽ اجھي لاءِ واجھائي رهيو آهي. هو پنهنجي فرسوده نظام کان نراس ۽ نااميد نظر اچي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ضروري آهي ته ڳوڙها ڳاڙيندڙ انسان کي ڪڏهن ڪڏهن کلڻ تي به مجبور ڪجي ته جيئن سندس دل جو بار ٿوري گھڙي لاءِ ڍرو ٿئي. انهيءَ فلسفي کي ذهن ۾ رکندي عالم، اديب ۽ دانشور پنهنجي تخليق ۾ مزاحيه عنصر وجھي ڇڏيندا آهن.

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ به فاضل مضمون نگار اهڙي ڪوشش ڪئي آهي. “جي نوٽن جو مينهن وسي ته” ۽ “شڪار” ٻه اهڙا مضمون آهن جن کي مزاحيه مضمون چئي سگھجي ٿو. پهرين مضمون ۾ جيڪڏهن ليکڪ کلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان سان گڏ ڄڻ هن حقيقت تان پردو کنيو اٿس ته اسان جي معاشري ۾ ڪيتري نه غربت آهي ۽ اِها غربت ڪيڏن نه عظيم گناهن کي جنم ڏي ٿي. ٻئي مضمون “شڪار” ۾ هن انهيءَ حالت جو مزاحيه انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب سندن شڪار بيڪار ٿي وڃي ٿو. شڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ سان اهڙو ماڻهو کڻن ٿا جنهن کي ڏٺي سڄو ڪم ٺپ ٿي وڃي ٿو ۽ هر وقت کين منهن جي ڏسڻي پوي ٿي.

        هن مجموعي ۾ ٻين موضوعن تي به ڪجھه مضمون ڏنا ويا آهن جن ۾ “دوست” مضمون اسان جي سماج ۾ مصيبت جهڙن دوستن جون اڍنگيون خاصيتون ۽ خوبيون بيان ڪيون ويون آهن. “حضرت انسان”، “نشو” ۽ “ڪوڙ” نج اخلاقي مضمون آهن ۽ “ڪافي” وري هڪ خالص تنقيدي مضمون آهي، جنهن ۾ فاضل ليکڪ عالمانه انداز ۾ ڪافي جي لفظ تي روشني وڌي آهي ۽ ڪافي ۽ وائي جا مثال ڏيئي ٻنهيءَ جو واضح فرق ٻڌايو آهي.

ٻولي:

        مصنف بلڪل عام عنوانن کي نهايت دلچسپ پيرائي ۾ پيش ڪيو آهي. سادن ۽ سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي هڪ انوکي نوعيت ڏني آهي. سندس عبارت ۾ اختصار آهي ۽ نه اپٽار. هن صاحب ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن، جيئن “ڪک هيٺان لک” “پنجئي آڱريون گهه ۾” ۽ “بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري” وغيرهه.

        هن صاحب پنهنجي مضمونن ۾ معنويت پيدا ڪرڻ لاءِ چپي چپي تي سنڌي، اردو ۽ فارسي بيت ڏنا آهن.

ٻوليءَ جو اسلوب هيٺ ڏجي ٿو:

“جهانگير بادشاهه هميشه پيرن، فقيرن، ساڌن، جوڳين سان مجلسون ۽ رهاڻيون ڪندو هو. جي ڪي گوشه نشين وٽس نه ويندا هئا ته پاڻ انهن وٽ وڃڻ کان عار ڪين ڪندو هو. هڪڙي وقت ڪنهن خدا رسيدهه بزرگ وٽ سندس وڃڻ ٿيو. ٻاهران ڪتو ويٺو هو، جو بادشاهه کي ڏسي ڀونڪيو؛ بادشاهه سلامت جي طبيعت رنجيدهه ٿي ۽ پاڻ فرمايائون “در درويش را دربان نه بايد” يعني درويشن جي در تي دربان نه هئڻ گھرجي. فقير ٺهه پهه جواب ڏنو “بايد تا سگي دنيا نه آيد” هئڻ گھرجي جو دنيائي ڪتو نه اچي”[146].

مقصديت:

        معنوي لحاظ کان ڪجھه اوڻاين کان سواءِ مضمونن جو هي مجموعو نهايت قيمتي آهي. هر مضمون ۾ مصنف جي طبع زاد خيالن ڪو نئون نڪته نروار ڪري نئين ڪيفيت پيدا ڪئي آهي. ڪيترن مضمونن جون پيرائون پڙهڻ کان پوءِ فاضل مضمون نگار کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي، مثال طور:

“دولتمند هن نشي ۾ غريبن جو رت چوسي، پنهنجو ڀڀ ڀرين، ڪاڻيارن کي ڪٽي، ڪک ڪانا بڻائن، پاڻ اطلس ۽ ڪيمخواب پائين ته ولهن ويچارن کي ليڙن ۾ ليٽائين. پاڻ موٽرن ۾ سير ڪن، ته گھرجائن کي هلائي هلائي پيرن ۾ پٿون پوائين. پنهنجي هر هڪ اميد جا خالق ۽ مالڪ پر بي واهن جو واهون بند ڪن ۽ اميدون خاڪ ڪن. هي اُهي آهن، جي ٽپري گيهه تي وياج چاڙهي، ڳائون وٺن. سَوَ ڏيئي، هزار لکائي وٺن. هي اُهي آهن جي گارين ۽ بد خلقي سان پيش اچڻ کان موشو ڪونه ڪن. چوندا به ائين ته هل، پڻهين ڏاڏنهن جي ڌراوت رکي آهي ڇا؟ ٽر اکين اڳيان “هردور دنيادار جو پاهڻ کان به پر”. پئسا ڪارا ٿيا سهندا پر ڪنهن پرميشور جي پيار کي پئسو ڏيڻ کان ٻرو پيو چڙهندن”[147].

محمد ابراهيم “خليل”:

الف: تعارف:

ڊاڪٽر محمد ابراهيم “خليل” ولد محمد يوسف، 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچي ۾ تولد ٿيو[148]. پاڻ ابتدائي تعليم “سنڌ مدرسي”، پرائمري اسڪول حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان جي پرائمري اسڪولن ۾ ورتائين[149]. انگريزي تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۽ اين - جي - وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ورتائين. هن 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڊي - جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. جتي ٿورو وقت رهي بمبئي هليو ويو ۽ 1935ع ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪيائين[150].

        ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جي ميڊيڪل اسڪول، ڊوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو[151]. هن صاحب 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيو[152]. ۽ 18 نومبر 1982ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

ب: مدرسي جو اثر:

        ڊاڪٽر ابراهيم “خليل” سنڌ مدرسي ۾ ٿورو وقت تعليم حاصل ڪئي پر هن اداري جو اثر گھڻي کان گھڻو قبول ڪيائين مولوي محمد عثمان نورنگزادو سندس انهن استادن مان هڪ هو جن جي صُحبت ۽ سرپرستي کيس علم ادب جي دنيا ڏانهن راغب ڪيو[153].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        ڊاڪٽر ابراهيم “خليل” سنڌي جو ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو، 1913ع ۾ شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. پهريائين “غافل” تخلص هوس پوءِ “خليل” اختيار ڪيائين. شاعري ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس استاد هيو. هي صاحب 1946ع کان 1957ع تائين “جميعت الشعراءِ سنڌ” جو صدر رهيو. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي جي “سنڌي ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ” ۽ “انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي” سان پڻ وابسته رهيو آهي[154]. تصنيف ۽ تاليف جي ميدان ۾ به چڱو پاڻ موکيو اٿس. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو[155].

1.      بيت الله ۽ مسجد نبوي جي تاريخ

2.      رهنماءِ شاعري (4 ڀاڱا) (تنقيد)

3.      ادب ۽ تنقيد (تنقيد)

4.      بُلبل سنڌ (شخصيات)

5.      عبرت ڪدهه (3 ڀاڱا) (افسانا)

6.      عمرو بن عاص (شخصيات)

7.      علم قافيه (شاعري)

8.      عيوب سخن (شاعري)

9.      شاهه لطيف (لطيفيات)

10.  سنڌي رباعيون (شاعري)

11.  سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر (شاعري)

12.  ڪلياتِ خليل (شاعري)

13.  ديوانِ خليل (شاعري)

14.  رباعياتِ خليل (شاعري)

15.  گلزارِ خليل (شاعري)

16.  انتخابِ خليل (شاعري)

17.  پنهنجا افسانا

18.  پراوا افسانا

19.  اسلامي افسانا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org