سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:18 

تعارف:

محترم حاتم علي علوي ڪراچي جي دائودي بوهرا قبيلي مان هو. سندس ڏاڏو ڪريم جي اصل مانڊوي ڪڇ جو ويٺل هو. جتي روزگار لاءِ حالتون ناسازگار سمجھي، پنهنجي چئن ئي پٽن کي جدا جدا ملڪن ۾ قسمت آزمائي لاءِ موڪليو. جن مان پهريون اسماعيل جي، “ماڊا گاسڪر” ڏانهن ويو، ابراهيم جي “سيلون” ڏانهن ويو، جعفر جي “ايسٽ آفريڪا” ڏانهن ويو ۽ چوٿون علي ڀائي 1866ع ڌاري ڪراچي ۾ آيو[1].

        سڀني ڀائرن پنهنجي پنهنجي نون ملڪن ۾ محنت ۽ لياقت ذريعي واپار وڌائي چڱي حيثيت حاصل ڪري ورتي. سيٺ علي ڀائي ڪراچي ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ هلندي پڄندي وارو ٿي ويو. 1868ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي تي سرڪار سيٺ علي ڀائي کي ميمبر ڪري نامزد ڪيو.

        حاتم علي علوي 6 نومبر 1898ع تي پالنپور ۾ ڄائو[2]. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 7 نومبر 1912ع تي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ پهرين انگريزي ۾ داخلا ورتائين[3]. هو صاحب مئٽرڪ ڪلاس ۾ هو ته انگريز سرڪار خلاف اعتراض جوڳو مضمون لکيائين. جنهن ڪري پرنسپال وائينس کيس مدرسي مان 13 اپريل 1917ع تي ڪڍي ڇڏيو[4]. ان کان پوءِ هن سمورو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪرڻ لڳو. گھر ويٺي هڪ وسيع مطالعو ڪري پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار بڻائي ورتو.

مدرسي جو اثر:

       انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پرنسپال وائينس جو دور سنڌ مدرسي لاءِ هڪ سونهري دور هو. مگر ان هوندي به انهيءَ حقيقت کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگھجي ته مسٽر وائينس حڪمران قوم جو فرد هو. جنهن جو نه رڳو مذهب ٻيو هو، پر سندس سياسي سوچ به علحده هئي. هو انگريز سرڪار خلاف ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو هو[5]. سندس اهڙي روش حاتم علي علوي تي گھڻو اثر ڪيو ۽ هو اڳتي هلي قومي ڪارڪن بڻيو.

        علوي صاحب جڏهن سنڌ مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، ته انگريزن خلاف مضمون لکيائين. جڏهن اها خبر پرنسپال وائينس کي پئي ته انهيءَ انتقامي ڪاروائي ڪندي حاتم علي علوي کي مدرسي مان خارج ڪري ڇڏيو. انهيءَ واقعي حاتم صاحب جي زندگي ۾ هڪ انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو صاحب هڪ واپاري ۽ تجارتي خاندان سان واسطو رکندي به تحريڪ آزاديءَ جو هڪ سچو سپاهي ٿي پيو[6].

        حاتم علوي پنهنجي زندگيءَ جو ڪيترو ئي وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” سان وابسته رهيو. کيس “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان 1929ع کان 1939ع تائين مدرسه بورڊ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو[7]، پاڻ 1932ع کان 1941ع تائين مدرسه بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو[8]. حاتم صاحب کي سنڌ سرڪار 1939ع ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي لاءِ ميمبر جي حيثيت سان مقرر ڪيو، جتي پاڻ 1942ع تائين سنڌ مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو[9] ۽ وقت به وقت مالي مدد به ڪندو رهندو هو.

سياست ۾ حصو:

       جناب حاتم علي علوي جو خاندان گھڻي وقت کان وٺي ڪراچي ميونسپالٽيءَ سان وابسته پي رهيو هو. “سندس والد سيٺ علي ڀائي، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سگھو ئي ان جو سرڪار طرفان ميمبر نامزد ڪيو ويو. سيٺ علي ڀائي 1901ع ۾ انتقال ڪيو، ان کان اڳ سندس وڏو پٽ سيٺ يوسف علي علوي 1896ع کان 1921ع تائين ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو. عمر جي ضعيفي سبب علحده ٿيو. ته 1921ع کان 1924ع تائين سيٺ طيب علي ڪم ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ سيٺ محمد علي کي چونڊيو ويو جيڪو 1924ع کان 1927ع تائين رهيو”[10].

        جناب حاتم علي علوي 1924ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو رڪن منتخب ٿيو ۽ 1948ع تائين سندس رڪنيت جو سلسلو قائم رهيو. اهڙي طرح سماجي ڪارڪن ۽ ڪراچي جي شهري اداري جي رڪن جي حيثيت سان سندس خدمت پورن چوويهن سالن تائين پکڙيل هئي[11]. حاتم صاحب 6 مئي 1938ع کان 5 مئي 1939ع تائين هڪ سال لاءِ ڪراچي ڪارپوريشن جو “ميئر” به رهيو[12].

        حاتم علوي صاحب کي سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جو جذبو پنهنجي خاندان مان ورثي طور مليو. هن خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو. جيئن ته پاڻ “ٿياسافيڪل سوسائٽي” جو ميمبر هو، ان ڪري انتهاپسندي کان پري رهيو. نمايان طور ڪانگريس تحريڪ ۾ حصو وٺي جيل ته نه ويو پر چندا گڏ ڪرڻ، لٺ بازي جي ڦٽيلن جي نظرداري ڪرڻ، صلاح مشوره ۽ همدردي ۾ هميشه سندس ساٿ ڪانگريس سان هو.

        جڏهن آل انڊيا آئيني سوالن تان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته هو وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. حاتم علوي تنهن کان پوءِ قائد اعظم جي انهن رفيقن مان هڪ ٿي پيو، جن کي قائد اعظم سان بلڪل ويجھو ۽ پهرين صف ۾ رهي ڪري حصولِ آزادي ۽ تحريڪ پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هجي.

        1943ع کان وٺي حاتم علوي صاحب “آل انڊيا مسلم ليگ” جي “منصوبه پاڪستان ڪاميٽي” جي رڪن جا فرائض به ادا ڪيا ۽ قائد اعظم پاڪستان جي لاءِ منصوبي تيار ڪرڻ جهڙي ذميداري به هن کي ئي ڏني.

        حاتم علي علوي نه رڳو سياستدان هو، پر هو هڪ سماجي ورڪر ۽ وڏو واپاري پڻ هو. هو “سنڌ يونيورسٽي ڪميشن”، “ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ” ۽ “علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ڪورٽ” جو ميمبر ٿي رهيو. ان کان سواءِ هو پاڪستان جي مختلف بئنڪن جو چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. اهڙين بينڪن مان ڪراچي اربن ڪو آپريٽو سوسائٽي بئنڪ “سنڌ پراونشل ڪو آپريٽو بئنڪ” ۽ “اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان” جا نالا قابل ذڪر آهن[13]. هن صاحب خانگي ۽ سرڪاري طور تي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جن مان چند ملڪن جا نالا هيٺين ريت آهن:

1

پاڪستان گُڊ ول مشن، انڊونيشيا ڏانهن

ليڊر

2

پاڪستان گُڊ ول مشن، مصر ڏانهن

ليڊر

3

پاڪستان اڪنامڪس تعلقات، جپان ڏانهن

عيوضي

4

پاڪستان اڪنامڪس ڪانفرنس، ماسڪو ڏانهن

عيوضي

5

پاڪستان ڊيليگيشن، اقوام متحده ڏانهن

عيوضي

6

اسٽرونگ بئلنس وفد، برطانيه ڏانهن

عيوضي[14]

 

        حاتم علي علوي صاحب پنهنجي زندگي جو هر لمحو ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ صرف ڪيو. پاڻ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو پر خلوص پوئلڳ ۽ ڪراچي واسين جو خادم هو. حاتم صاحب پنهنجي زندگي جي آخري سفر تي “ماريش” ويل هو، جتي 26 جنوري 1976ع تي هميشه جي لاءِ هن دنيا مان هليو ويو[15].

خانبهادر محمد ايوب کهڙو:

تعارف:

       محمد ايوب کهڙو 15 آگسٽ 1901ع تي خميس جي ڏينهن لاڙڪاڻي تعلقي جي عاقل ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو[16]. سندس والد رئيس شاهه محمد خان کهڙو پنهنجي ضلعي جو نامور ۽ بااثر زميندار هو.

        کهڙي صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مدرسي ۾ داخلا ورتائين[17]. جتان ڇهه درجا پاس ڪري اچي “سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ 1920ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو[18]. جتان صرف پهريون سال پاس ڪري ڪن مجبورين سبب تعليم اڌوري ڇڏي اچي زمينداري ڪرڻ لڳو.

مدرسي جو اثر:

       کهڙو صاحب، پرنسپال وائينس (Vines) جي وقت ۾ مدرسي جو شاگرد رهيو. هن دور ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو، جنهن ۾ سيد ميران محمد شاهه، مير الهه بخش خان، محمد هاشم گذدر، ڊاڪٽر حاجي ۽ قاضي فضل الله جا نالا قابل ذڪر آهن.

        اهو وائينس جي شخصيت، تدبر ۽ انتظام جو نتيجو هو، جنهن ڪري سنڌ مدرسة الاسلام پنهنجي شاگردن جي شخصيت ۽ ڪردار جي تڪميل لاءِ موقعا فراهم ڪيا. “اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” مدرسي جي شاگردن کي ٻاهرين دنيا سان ڳنڍي رکيو ۽ “ڊبيٽنگ سوسائٽي”، “مدرسه منٿلي”، توڙي ٻين غير نصابي شغلن شاگردن کي پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ جو سهوليتون ڏنيون. کهڙو صاحب نصابي ڪمن سان گڏ انهن غير نصابي شغلن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. هي صاحب پنهنجي دور جو وڏو منتظم ۽ مدبر سياستدان سڏيو وڃي ٿو. سندس انهن لياقتن ۽ صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جو وڏو هٿ آهي[19].

          محمد ايوب کهڙو نه رڳو سنڌ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو، پر عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به سالن جا سال مدرسه بورڊ سان وابسته رهيو. پاڻ 1927ع کان وٺي 1931ع تائين “سنڌ مدرسه بورڊ” جو ميمبر ٿي رهيو[20] ۽ وقت به وقت مدرسي جي مالي مدد به ڪندو رهيو[21]. 1943ع ۾ جڏهن “سنڌ مدرسه آرٽس ڪاليج” کوليو ويو ته کهڙي صاحب پنج هزار روپيا چندو ڏنو[22].

سياست ۾ حصو:

       محمد ايوب کهڙي 1924ع کان سياست ۾ قدم رکيو ۽ مطالعي هيٺ آيل دور تائين سنڌ جي سياست تي ڇانيل رهيو. 1924ع ۾ هو پهريون دفعو “بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل” تي لاڙڪاڻي ضلع مان چونڊجي ويو[23] ۽  انهيءَ ساڳي عهدي تي 1936ع تائين قائم رهيو. “بمبئي ڪائونسل” ۾ ڪيترن ئي سليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين ۽ هوشيار پارليامينٽرين مان هڪ ٿي پيو.

        هي صاحب 1928ع کان “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو ميمبر ٿيو ۽ 1930ع تائين انهن جماعتن سان وابسته رهيو، انهيءَ جماعت ۾ ڪيتري وقت لاءِ وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو[24].

        “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ۾ شموليت واري زماني ۾ سنڌ ۾ بمبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ هلي رهي هئي، هن تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين اڳواڻن به چڱو بهرو ورتو، پر انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا جدوجهد کهڙي صاحب ڪئي، سا سنڌ جي آزادي جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکي ويندي. صاحب موصوف سنڌ جي جدائي جو آواز نه فقط سنڌ ۾ بلند ڪيو، پر بمبئي ڪائونسل ۾ به انهيءَ لاءِ لڙندو رهيو. نه فقط ايترو ڪيائين پر لنڊن وڃي “جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي” اڳيان انهيءَ تحريڪ جي تائيد ۾ ناقابل ترديد انگ اکر پيش ڪيائين. سنڌ جي معتصب مگر ذهين هندو ليڊر پروفيسر ڇٻلاڻي جي اعتراض جا باطن شڪن جواب ڏنائين. ان کان سواءِ برطانوي عوام جي اخلاقي حمايت ڪرڻ لاءِ پرزور پريس بيان جاري ڪندو رهيو[25].

        سال 1928ع ۾ انگلنڊ جي پارليامينٽ سر جان “سائمن” جي سرڪردگي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي هئي ته جاچ ڪري ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي ردوبدل ڪجي. 1929ع جي ابتدا ۾ “سائمن ڪميشن” ڪراچي ۾ وارد ٿي. انهيءَ ڪميشن جي اڳيان “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي سفارش کهڙي صاحب جي سرڪردگي ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ آئي[26]، جنهن زوردار نموني ۾ سنڌ صوبي جي علحدگي جو مطالبو پيش ڪيو.

        پهرين گول ميز ڪانفرنس جا 12 نومبر 1930ع  کان 19 جنوري 1931ع تائين لنڊن ۾ هلي هئي، تنهن سنڌ جي مالي معاملي ۾ تحقيقات ڪرڻ لاءِ مسٽر “مائيلس ارونگ” (Miles Irwing) جي زير صدارت هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، انهيءَ ڪاميٽيءَ آگسٽ 1931ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ اچي جاچ ڪئي، ڪاميٽي تي ٻيو انگريز ميمبر مسٽر هئرسن (Harrison) هو. انهيءَ ڪاميٽي اڳيان سنڌ جي مسلمانن جي طرفان کهڙي صاحب، سر حاجي عبدالله هارون، ميان الهه بخش خان سومري ۽ سيد ميران محمد شاهه شاهديون ڏنيون[27].

        ٻي گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ سيپٽمبر 1931ع کان ڊسمبر 1931ع تائين هلي. انهيءَ ڪانفرنس جي فيصلي موجب ۽ انگلنڊ جي وزيراعظم جي اعلان مطابق هند سرڪار اپريل 1932ع ۾ مسٽر برين (Mr: Brain) جي صدارت هيٺ سنڌ جي هندو مسلم نمائندن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي ته سنڌ جي جدائي واري سلسلي ۾ 97 لکن ۽ 40 هزار روپين جي جيڪا کوٽ “مائيلس ارونگ” ڪاميٽي ظاهر ڪئي آهي، سا ڪيتري قدر ٺيڪ آهي ۽ ان جي ڪهڙي نموني پورائي ڪجي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ کهڙي صاحب مسلمانن جي طرفان بهرو ورتو. جنهن جو اقرار صدر خود پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو هو. “برين ڪانفرنس” پنهنجو ڪم مئي 1932ع ۾ ختم ڪيو ۽ جون 1932ع ۾ هند سرڪار کي رپورٽ موڪلي[28].

        16 نومبر 1932ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ “سنڌ آزاد ڪانفرنس” سڏائي هئي[29]. جنهن جو صدر علامه عبدالله يوسف علي هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائي جو ٺهراءُ پاس ڪري، ان جا نقل هند جي سيڪريٽري ۽ انگلنڊ جي وڏي وزير ڏانهن ولايت موڪليا ويا. انهيءَ ڪانفرنس هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي هئي، جنهن جو نائب صدر کهڙي صاحب کي منتخب ڪيو ويو ۽ انهيءَ عهدي تي 1936ع تائين رهيو.

          مارچ 1933ع ۾ انگلنڊ جي پارليامينٽ هندستان جي حڪومت جي مسودي تي غور ڪرڻ لاءِ جائنٽ پارليمينٽري ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، جنهن اپريل 1933ع ۾ “سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي صدر ڏانهن تار موڪلي ته جيئن هڪ نمائندو موڪليو ته اچي سنڌ جي مسلمانن طرفان شاهدي ڏي. انهيءَ تي “سنڌ آزاد ڪانفرنس” کهڙي صاحب کي منتخب ڪري موڪليو. کهڙي صاحب 20 جولائي 1933ع تي لنڊن ۾ جائنٽ پارليامينٽري اڳيان زبردست شاهدي ڏني[30].

        اڃا انهيءَ “جائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي” پنهنجي ڪاروائي لنڊن ۾ پي هلائي ته هتي هند سرڪار پنهنجي هڪ انتظامي ڪاميٽي “سر ڊؤ” (Sir Dow) جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي. اها ڪاميٽي 17 آڪٽوبر 1933ع تي ڪراچي ۾ ويٺي. جنهن جا ميمبر محمد ايوب کهڙو ۽ حاجي عبدالله هارون هئا. کهڙي صاحب انهيءَ ڪاميٽي اڳيان پنهنجي رپورٽ 6 مارچ 1934ع تي هند سرڪار کي پيش ڪئي[31]. جنهن ۾ سفارش ڪئي ته جيستائين نوان سڌارا ملڪ ۾ مروج ڪيا وڃن، تيستائين گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال اڳ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو وڃي.

        جولائي 1934ع ۾ ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ٻي “سنڌ آزاد ڪانفرنس” شيخ غلام حسين هدايت الله جي زير صدارت ٿي. هن ڪانفرنس پنهنجو نائب صدر کهڙي صاحب کي منتخب ڪيو[32].

        کهڙي صاحب سنڌ جي علحدگي جي تحريڪ  جو ساٿ هر حال ۾ ڏنو، انهيءَ سلسلي ۾ سندس تصنيف “A Story of  the sufferings of Sind” سنڌ جي سياسي ادب ۾ اڄ به اهم ۽ اعليٰ مقام رکي ٿي[33].

        اپريل 1936ع ۾ جيئن سنڌ صوبي بمبئي علائقي کان علحده ٿيو ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر لانسيلاٽ گراهم (Sir Lancelot Graham) صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ في الحال هڪ صلاحڪار ڪائونسل بنائي، تڏهن کهڙو صاحب به ان ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ ان عهدي تي اپريل 1936ع کان مارچ 1937ع تائين رهيو[34].

        1938ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. ان وقت “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” عملي طور تي بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. ان ڪري کهڙي صاحب وقت ۽ حالتن جو ساٿ ڏيندي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هو صاحب 1938ع کان 1947ع تائين “آل انڊيا مسلم ليگ” ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1938ع کان 1942ع تائين “صوبه سنڌ مسلم ليگ” جو نائب صدر ۽ 1942ع کان 1943ع تائين ان جو صدر رهيو. وري ڊسمبر 1948ع کان نومبر 1957ع تائين 9 سال مسلسل بنا ڪنهن مقابلي جي سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو[35].

        1936ع ۾ جڏهن سنڌ جدا ٿي ته هڪ سال پوءِ 1937ع ۾ “سنڌ ليجسليٽو” اسيمبليءَ جون عام چونڊون ٿيون ته هي صاحب لاڙڪاڻي شهر ۽ تعلقي جي تڪ مان چونڊجي آيو[36]. جڏهن سنڌ ۾ ڌار صوبائي حڪومت ٺهي ۽ صوبي کي خود مختياري ملي ته کهڙي صاحب نئين دور جي سياست ۾ حزب اختلاف جي ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي نئين سياسي زندگي جي ابتدا ڪئي. هي صاحب جنوري 1939ع کان مارچ 1940ع ۽ پوءِ مارچ 1941ع کان آڪٽوبر 1942ع تائين مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿي رهيو[37]. هو صاحب 1955ع تائين مختلف وقتن تي ڪابينا جي ميمبر کان ويندي وڏي وزير جي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ جو وچور هن ريت آهي:

1.   مير بنده علي خان جي وزارت ۾، مارچ 1940ع کان مارچ 1941ع تائين، پي - ڊبليو - ڊي کاتي جو وزير.

2.  سر غلام حسين شيخ جي وزارت ۾، آڪٽوبر 1942ع کان سيپٽمبر 1944ع تائين، روينيو ۽ امداد باهمي کاتن جو وزير.

3.  سر غلام حسين شيخ جي وزارت ۾، فيبروري 1946ع کان جولائي 1947ع تائين، ڊپٽي چيف منسٽر ۽ پي - ڊبليو - ڊي[38].

4.  قيام پاڪستان بعد:

 

(الف)

آگسٽ 1947ع کان اپريل 1948ع تائين

چيف منسٽر سنڌ

(ب)

مارچ 1951ع کان ڊسمبر 1952ع تائين

چيف منسٽر سنڌ

(ٻ)

1954ع کان 1955ع تائين

چيف منسٽر سنڌ[39]

(پ)

1956ع کان آڪٽوبر 1958ع تائين

روينيو وزير مغربي پاڪستان[40]

        ون يونٽ جي زماني ۾ کهڙو صاحب ڪجھه وقت لاءِ مغربي پاڪستان جو روينيو وزير هو. ان کان پوءِ 1958 ۾ سنڌ ۾ متحد محاذ قائم ڪيو ويو. جنهن جو کيس ليڊر چونڊيو ويو[41]. جڏهن آڪٽوبر 1958ع ۾ مارشل لا لڳي ته هن صاحب تي ايبڊو تحت پابندي وڌي ويئي ۽ پاڻ ڪيترو ئي وقت سياست کان ڪناره ڪش رهيو. وري 1970ع ۾ عام چونڊن  ۾ هن صاحب لاڙڪاڻي تڪ مان جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان قومي اسيمبلي لاءِ مقابلو ڪيو. مگر کيس زبردست شڪست ملي. اهڙي شڪست کان کهڙو صاحب دل شڪستو ٿي، سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. سندس وفات 20 آڪٽوبر 1980ع تي ٿي.

قاضي فضل الله:

تعارف:

قاضي فضل الله 15 جنوري 1902ع تي نوشهري ۾ ڄائو[42]. هي شهر سنڌ جي ساهتي حصي ۾ واقع آهي. هن حصي مان ڪيترائي نامور حڪمران، عالم، فاضل، سياستدان ۽ سورهيه پيدا ٿيا آهن. قاضي صاحب هڪ اهڙي فرد جي گھر ۾ اک کولي، جيڪو اهلِ زبان، اهلِ علم، خدا ترس انسان ۽ قانع استاد هو.

        قاضي صاحب پنهنجي والد ميان عبيدالله جو چوٿون ۽ سڀ کان ننڍو پٽ هو. هن جو ٽيون نمبر ڀاءُ حڪيم شمس الدين احمد سنڌ جي چوٽيءَ جي حڪمين مان ٿي گذريو آهي. انهيءَ صاحب خلافت تحريڪ ۾ گھڻو بهرو ورتو ۽ صوبه سنڌ خلافت ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو[43].

        قاضي صاحب ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي، جنهن کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ نوشهري مدرسي ۾ داخل ٿيو. جتي ڇهين درجي انگريزي تائين تعليم حاصل ڪيائين[44]. ان کان پوءِ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچيءَ ۾ 17 مارچ 1918ع تي ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو[45]، جتان 1920ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[46]. ساڳي سال علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ ويو. پاڻ انهيءَ دور ۾ انگريز دشمني وارن جذبن سان سرشار هو. جڏهن خلافت تحريڪ هلي ته هن صاحب مولانا محمد علي جوهر جي مشوري سان ڪاليج کي الوداع چئي، ٻين ڪيترن ئي ڪاليج جي ساٿين سان گڏ اچي تحريڪ ۾ حصو ورتو. پاڻ اهڙي نموني 1923ع تائين خلافت تحريڪ جو ڪارڪن ٿي رهيو. جڏهن خلافت تحريڪ سرد ٿي ويئي ته هن صاحب 1923ع ۾ اچي حيدرآباد جي “نيشنل ڪاليج” ۾ داخلا ورتي[47]. جتان پوءِ ڇڏي وڃي ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ 1925ع ۾ داخلا ورتي[48]، اتان 1927ع ۾ گريجوئيشن ڪري وڪالت پڙهڻ لاءِ “شاهاڻي لا ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. جتان 1929ع ۾ ايل - ايل - بي جو امتحان پاس ڪيائين[49].

مدرسي جو اثر:

       قاضي فضل الله جنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي جو اچي شاگرد ٿيو، اهو مسلمانن جي جاڳرتا ۽ بيداري وارو دور هو. سنڌ مدرسو جنهن مقصد ۽ مطلب لاءِ کوليو ويو هو تنهن جو اثر سنڌ جي سياست تي نمايان نظر اچي ٿو. هن وقت تائين سنڌ مدرسي جي سياستدان، ليڊر ۽ رهبر پيدا ڪيا هئا، تن مسلمانن جي مفادن جي لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو هو. پر قاضي صاحب وارن جي بيچ هڪ باعمل شاگردن جي پيداوار جو نمونو هيو. اهو ئي سبب آهي جو قاضي صاحب مدرسي مان نڪرندي ئي ٿوري وقت کان پوءِ وڃي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو.

        قاضي صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار تي سنڌ مدرسي جيڪو اثر ڪيو ان جو اظهار قاضي صاحب هن ريت ڪري ٿو: “آئون نوشهري مدرسي ۾ هيس ته جارج پنجين جي خلاف هڪ نظم لکيم، جنهن جي خبر جڏهن پرنسپال کي پئي ته هن مون کي سخت مار ڏني. وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو پرنسپال مسلمان هيو، پر آئون جڏهن سنڌ مدرسي ۾ آيس ته مون کي تصوير جو ٻيو رُخ ڏسڻ ۾ آيو. هتي جيڪڏهن شاگرد ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ، انگريزن کان نفرت ڪرڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪجھه ڍرا ٿي پوندا هئا ته استاد انهن ۾ نئون روح ڦوڪيندا هئا. آئون ننڍپڻ ۾ جيڪي جذبا ۽ امنگ رکندو هيس، تن کي پروان چاڙهڻ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو وڏو حصو آهي. اڄ کڻي سنڌ مدرسي جي حالت ڪهڙي به هجي، پر سندس شاندار ماضي ۽ بي مثال خدمتن جو ڪوبه منڪر ٿي نٿو سگھي، هن مدرسي هڪ نه پر هزارها قاضي فضل الله جهڙن خادمن کي پيدا ڪيو آهي”[50].

سياست ۾ حصو:

       1920ع ۾ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽي بند ٿي ته اتان جا مسلمان سنڌي شاگرد سنڌ ۾ خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مقرر ٿيا. لاڙڪاڻي ۾ پير الهه بخش خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ساڳيءَ ريت قاضي فضل الله کي ضلع ٺٽي ۾ سر عبدالله هارون جي صدارت هيٺ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

        1921ع ۾ سکر خلافت ڪانگريس ٿي هئي جنهن ۾ قاضي صاحب سرگرميءَ سان حصو ورتو هو. سندس ۽ ڊاڪٽر حاجي غلام حسين قاسم جي ڪوشش سان ان وقت “بمبئي ڪرانيڪل” جي ايڊيٽر ۽ سوامي سيتاديو هن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي[51].

        قاضي صاحب 1930ع کان 1937ع تائين ڪانگريس سان وابسته رهيو[52]. پر پارٽيءَ لاءِ ڪو خاص ڪارنامو يا خدمت سر انجام نه ڏني، جنهن کي قابل ذڪر ڄاڻي هتي بيان ڪجي. 1938ع کان قاضي صاحب مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو ۽ پاڻ “آل انڊيا مسلم ليگ” جو ميمبر پڻ ٿي رهيو[53].

        قاضي صاحب پهريون دفعو 1941ع ۾ ميرو خان جي تڪ مان 18 سالن کان چونڊجي ايندڙ ميمبر خان صاحب عبدالحق خان ڀٽي کي شڪست ڏئي لاڙڪاڻي ضلعي جي لوڪلبورڊ جو ميمبر ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻيو دفعو 1945ع ۾ ڏوڪري تڪ مان بنا مقابلي ميمبر ٿيو[54].

        هن کان اڳ لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ جو صدر نبي بخش خان ڀٽو هو. جيڪو سر شاهنواز خان ڀٽي کان پوءِ لوڪلبورڊ جو مسلسل صدر ٿيندو ٿي آيو ۽ آخرڪار 1945ع ۾ قاضي صاحب هٿان شڪست کاڌائين. انهيءَ دوران قاضي صاحب ڊسٽرڪٽ اسڪول لوڪلبورڊ جو چيئرمين به ٿيو[55].

        قاضي صاحب پهريون دفعو صوبائي اليڪشن ۾ 1946 ۾ اميدوار بيٺو ، سندس مخالفت ۾ نبي بخش خان ڀٽو هو. جنهن کي شڪست ڏني جلدي وري نئين سر صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٻيو دفعو ٿيون، جنهن ۾ هن صاحب مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ڏوڪريءَ تڪ مان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو مقابلو ڪيو. فتح جو ڪڻو قاضي صاحب جي جھولي ۾ پيو ۽ ڪامريڊ کي شڪست ملي[56].

        1947ع ۾ خانبهادر کهڙي جي وزارت ۾ قاضي صاحب کي به وزير ڪري کنيو ويو ۽ کيس روينيو ۽ قانون جا کاتا ڏنا ويا[57]. جتي 18 فيبروري 1949ع تائين وزير رهندو آيو[58]. ساڳي سال جڏهن يوسف هارون وزارت ٺاهي ته قاضي صاحب کي داخلا، قانون، تعليم، مڪاني ادارا ۽ صحت جا کاتا ڏنا ويا[59] ۽ مئي 1950ع ۾ وزير اعليٰ مقرر ٿيو ۽ انهيءَ عهدي تي مارچ 1951ع تائين فائز رهيو[60]، مارچ 1951ع ۾ جڏهن خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي وزارت ٺاهي ته قاضي صاحب کي وزير جي حيثيت سان کنيو ويو ۽ کيس داخلا ۽ صنعت جا کاتا ڏنا ويا[61]. جتي پاڻ 28 ڊسمبر 1951ع تائين ڪم ڪندو رهيو.

        ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ 1956ع ۾ جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبلي جون  چونڊيون ٿيون ته قاضي صاحب به لاڙڪاڻي ضلع مان ميمبر چونڊجي ويو. جڏهن ڊاڪٽر خانصاحب وزارت ٺاهي ته قاضي صاحب کي آبپاشي، بجلي ۽ انڊسٽريز جا کاتا ڏنا ويا جتي پاڻ 8 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير رهيو[62]. ان کان پوءِ قاضي صاحب وڪالت ڪرڻ لڳو.

        1967ع ۾ قاضي صاحب کي وري وزير ڪري کنيو ويو، جتي پاڻ مارچ 1969ع واري ٻي مارشل لا لڳڻ تائين ڪم ڪندو رهيو[63].

        قاضي فضل الله 1970ع وارين چونڊن ۾ لاڙڪاڻي تڪ مان جناب ممتاز علي ڀٽي جي مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اميدوار بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگھيو[64] ۽ دل شڪستو ٿي سياست کان رٽائر ڪيائين.

غلام علي الانا (جي. الانا):

تعارف:

غلام علي الانا جيڪو “جي - الانا” جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي، خواجن جي “ولياڻي” ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو. سندس وڏا لاڙي بندر جا سکيا ستابا واپاري هئا، جن جو ڏيهن ۾ واپار هلندو هيو. لاڙي بندر جي خشڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ اهي لڏي اچي پهريون جھرڪن ۾ ويٺا ۽ پوءِ ڪراچي لڏي آيا. غلام علي الانا 22 جون 1906ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو[65].

        هن پنهنجي تعليم “سنڌ مدرسي”، “سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول”، “سنڌ مسلم ڪاليج”، “ڊي - جي ڪاليج” ۽ “فرگوسن ڪاليج” پوني ۾ ورتي. وڏي عمر ٿيڻ سبب انٽر کان مٿي تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ۽ پوءِ موٽي اچي 1928ع ۾ اباڻي ڌنڌي سان لڳو[66].

مدرسي جو اثر:

       پاڻ چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت مسٽر غلام محمد، سنڌ مدرسي ۾ سندس استاد هو. جيڪو سخت مزاج، پر بااصول ۽ بهترين منتظم هو. ٻارن کي ڏاڍي آواز سان پڙهائڻ سندس طريقه تعليم جي خاص خوبي هئي. الانا صاحب انهيءَ استاد جا ڏنل سبق ڏاڍي آواز سان پڙهيا جن کيس اڳتي هلي مقرر بڻائي ڇڏيو. سندس زندگيءَ ۾ جا سادگي ۽ اصول پرستي نظر اچي ٿي، اهو سڀ ڪجھه مدرسي جي ماحول جو ئي نتيجو آهي[67].

سياست ۾ حصو:

       الانا صاحب سياست ۾ قدم رکڻ کان پوءِ تحريڪ پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي ڀرپور خدمت ڪئي. کيس 1938ع ۾ پراونشل مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ٻن سال کان پوءِ سندس ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي، جنهن جوسيڪريٽري مسٽر عبدالعزيز ايڊووڪيٽ ۽ صدر جي- الانا ٿيو. 1944ع ۾ الانا صاحب کي هڪ ئي وقت تي “سنڌ پراونشل مسلم ليگ” جي اليڪشن ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري بڻايو ويو ۽ انهيءَ سان گڏ کيس “آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل” جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو. 1946ع ۾ سنڌ اندر چونڊن ۾ جيڪا مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي، ان ۾ الانا صاحب جي ڪيل خدمتن جي اهميت کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي[68].

        پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ جڏهن “آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل” بدران “پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل” تشڪيل ڏني ويئي ته کيس 1948ع ۾ ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو[69].

        جڏهن ملڪ جي الهندي ڀاڱي کي ون يونٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو، تڏهن کان ملڪي سياست ۾ غلط روايتون جنم وٺڻ لڳيون. “مسلم ليگ جي اندروني اختلافن ۽ ڪمزورين سبب مغربي پاڪستان جي واڳ انهيءَ پارٽيءَ بدران “ريپبليڪن پارٽيءَ” جي هٿ ۾ آئي ۽ اهڙي ريت ملڪ جي سياسي حالتن ۾ خلفشار پيدا ٿيندو رهيو. ايستائين جو آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. انهيءَ وقت الانا صاحب “آل پاڪستان مسلم ليگ” جو فنانس سيڪريٽري هو. اهڙين حالتن کيس مايوس ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ عملي طور تي سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو.

        جي الانا کي ڪيترو ئي وقت عوامي نمائندگي ڪرڻ جو به موقعو مليو. هي صاحب 20 سال ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر ٿي رهيو ۽ 1948ع ۾ ڪراچي شهر جو “ميئر” ٿيو، ان کان سواءِ 1956ع کان 1958ع تائين “ويسٽ پاڪستان ليجسليٽو اسيمبليءَ ” جو پڻ ميمبر ٿي رهيو[70].

        جي الانا ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي موقعن تي به نمائندگي ڪئي آهي جيئن:

1.      ڪميشن آف هيومن رائٽس (يونائيٽيڊ نيشن): صدر / ميمبر، 1947ع کان 1977ع تائين.

2.     انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جنيوا: گورننگ باڊيءَ جو ميمبر، 1948ع کان 1957ع تائين.

3.     انٽرنيشنل اسلامڪ چئمبر آف ڪامرس: صدر، 1949ع ۾.

4.     انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف اميلائيرس: صدر، 1956ع ۾.

5.     انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن، جنيوا: ايشن ايڊوائزري ڪميٽي ميمبر، 1957ع کان 1960ع تائين.

6.     جنرل اسيمبلي، يونائيٽيڊ نيشن: اقتصادي ڪميٽيءَ جو وائس چيئرمين، 1960ع ۾.

7.     جنرل اسيمبلي، (پاڪستاني وفد): ائڪٽنگ ليڊر، 1962ع ۾.

8.     ايڊهاڪ ورڪنگ گروپ آف چلي، (پاڪستاني وفد): چيئرمين، 1976ع ۾[71].

 

        الانا صاحب اٽڪل 60 پرڏيهي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. هو پنهنجي ذاتي واپاري ڪمپنيءَ کان سواءِ “ايسو پاڪستان فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ”، “آلسن انڊسٽريز لميٽيڊ”، “اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان” ۽ “هاشواڻي هوٽلس لميٽيڊ” جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو.

        الانا صاحب بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، کيس “سان فرانسڪو”، “پئرس”، “پراگ”، “بفيلو”، “روم”، “پيٽرس” ۽ “جينوا” جي شهرين طرفان سونيون ڪنجيون پيش ڪيون ويون[72].

        سنڌ واسين جي قابليت ۽ ذهانت جو پتو انهيءَ مان لڳائي سگھجي ٿو ته جي الانا بنيادي طور تي فقط انٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، مگر هن انهيءَ معمولي تعليمي لياقت جي باوجود غير معمولي علمي ۽ ادبي ڪم ڪيا ۽ پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو نالو روشن ڪيو، کيس علمي ۽ ادبي ڪارنامن سبب “ميڊل” ۽ ڊاڪٽريءَ جي اعزازي ڊگري ملي چڪي آهي. ٻين ٻولين کان سواءِ هي صاحب انگريزي زبان جو وڏو ڄاڻو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انگريزي زبان جي شعر و شاعري ۾ به پاڪستان اندر ڪو سندس ثاني نه آهي، سندس تصنيفن جو وچور هن ريت آهي:

(شخصيات)

Al – Biruni.

1.       

(اسلاميات)

A Rosary of  Islamic Reading.

2.      

(شخصيات)

His Highness Aga Khan – III.

3.      

(شاعري)

In cense and Echoes.

4.      

(لوڪ ادب)

Love Tales of  the East.

5.      

(شخصيات)

Our Freedom Fighters.

6.      

(سياسيات)

Pakistan movement: Historic Documents.

7.      

(شخصيات)

Pen - Portraits of  Musicians.

8.      

(شخصيات)

Pen - Portraits of  Painters.

9.      

(شاعري)

Presenting Pakistan Poetry.

10.  

(شخصيات)

Quaid - e - Azam Jinnah: The Story of  a Nation.

11.   

(شاعري)

Reflection on Respect, Reeverence and Revolt.

12.  

(يادگيريون)

Some of my yesterdays.

13.  

 

The Silent Voices of Intition.

14.  

(شاعري)

Thus spage Man.

15.  

(شاعري)

The Silent Hour.

16.  

(شاعري)

The World within.

17.  

(سياسيات)[73]

The Pakistan movement Struggle.

18.  

جي- الانا 8 مارچ 1985ع تي وفات ڪئي.

اي - ڪي بروهي:

تعارف:

الهه بخش ڪريم بخش بروهي 24 ڊسمبر 1915ع تي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو[74]. ابتدائي تعليم ميونسپل اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ ورتي، جنهن کان پوءِ 28 جولائي 1926ع تي اچي سنڌ مدرسة الاسلام ” ڪراچي ۾ پهرين درجي انگريزي ۾ داخل ٿيو[75]، جتان 1933ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[76]. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ “ڊي - جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. جتان 1937ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين[77]. ان کان پوءِ 1939ع ۾ هڪ ئي سال ۾ ايم - اي ۽ ايل - ايل - بي پاس ڪيائين[78]. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بروهي صاحب “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ 1939ع ۾ مقرر ٿيو جتان 1941ع ۾ استعيفا ڏنائين[79].

        بروهي صاحب، سنڌ مدرسي جي شاگردي واري زماني ۾ ٽي مکيه پرنسپال ڏٺا، مسٽر ميٿوز، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ مسٽر هئريسن. علامه دائود پوٽي جي پرنسپاليءَ وارو زمانو بروهي صاحب جي شعور وارو زمانو هو. علامه صاحب پنهنجي دور ۾ ديني تعليم ڏانهن خاص توجھه ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو سندس زماني جا شاگرد ٻين جي ڀيٽ ۾ دين ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکن ٿا. بروهي صاحب جا سياسي توڙي مذهبي عقيدا علامه دائود پوٽي جي انتظام ۽ اصول جي پيداوار آهن. علامه صاحب نه رڳو مذهبي تعليم ڏانهن توجھه ڏنو هو، پر عام پڙهائي تي به گھڻو ڌيان ڏيندو هو. هن جي وقت ۾ مئٽرڪ جا نتيجا تمام سٺا نڪتا، جن کان بروهي صاحب به متاثر ٿيو.

        علامه دائود پوٽي جي وڃڻ کان پوءِ مسٽر هئريسن مدرسي جو پرنسپال ٿيو. اُن وقت ۾ پورو برصغير بيدار ٿي چڪو هو ۽ آزادي جي تحريڪ زور و شور سان هلي رهي هئي. جنهن جو اثر مدرسي جي شاگردن تي به پيو، جن مان اي - ڪي - بروهي به هڪ هو. مختصر لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته علم سان چاهه، مذهب سان محبت ۽ سياست سان دلچسپي کيس مدرسي جي اثر ڪري ئي مليا[80].

        اي ڪي بروهي سيپٽمبر 1987ع ۾ وفات ڪئي.

سياست ۾ حصو:

       1941ع ۾ بروهي صاحب سنڌ جي چيف ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي، 1947ع ۾ جڏهن “سنڌ مسلم لا ڪاليج” قائم ٿيو ته بروهي صاحب ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو[81]. 1951ع ۾ کيس سنڌ صوبي جو ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو[82]، ساڳي سال بروهي صاحب چليءَ ۾ منعقد ٿيل “اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل” ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪئي[83]. چليءَ کان واپس موٽي اچڻ تي کيس “راولپنڊي سازش ڪيس” جو چيف پراسيڪيوشن ڪائونسل مقرر ڪيو ويو[84]. اپريل 1953ع ۾ پاڪستان سرڪار جو قانون ۽ پارليامينٽري امور جو وزير مقرر ٿيو. پاڻ 24 آڪٽوبر 1954ع تي انهيءَ عهدي تان مستعفي ٿيو[85]. 1955ع ۾ جڏهن اقوام متحده جو ڏهون اجلاس ٿيو ته اي - ڪي بروهي کي پاڪستان جي وفد جو ڊپٽي ليڊر مقرر ڪيو ويو[86]. کيس 1958ع ۾ يونيسڪو جي ڏهين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ پاڪستان جي وفد جو ليڊر مقرر ڪيو ويو[87]. 1960ع ۾ بروهي صاحب کي هندستان ۾ پاڪستان پاران ايلجي مقرر ڪيو ويو، جتي 31 مارچ 1961ع تائين پنهنجا فرض ادا ڪندو رهيو[88]. ساڳي سال “اسيف” (Ecafe) جو دهلي ۾ اجلاس ٿيو ته کيس پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڏني ويئي[89]. جون 1961ع ۾ وڪيلن جي عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو[90]. جولائي ۽ سيپٽمبر 1961ع ۾ يورپ جا دورا ڪيائين، جتي “هيگ يونيورسٽي” ۽ “آمريڪن بار ائسوسيئيشن” ۾ تقرير ڪيائين[91].

        بروهي صاحب 1962ع ۾ “هيگ اڪيڊمي ۾ پبلڪ انٽرنيشنل لا” تي وڃي تقريرون ڪيون. 1963ع ۾ جينوا يونيورسٽي ۾ “بين الاقوامي قانون” تي تقريرون ڪيون[92]. 1965ع ۾ کيس اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري خاص دعوت ڏئي گھرايو، جتي هن “بين الاقوامي سهڪار” جي موضوع تي تقريرون ڪيون[93]. 1970ع ۾ جماعت اسلامي جي مدد سان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو، پر ڪامياب ٿي نه سگھيو[94].

        5 مئي 1977ع تي ٽيون دفعو ملڪ سان مارشل لا، لاڳو ڪئي ويئي ۽ فوج اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ورتو ته سابق حڪومت فوج جي انهيءَ عمل کي ملڪ جي “سپريم ڪورٽ” ۾ چئلينج ڪيو. جنهن ۾ مارشل لا حڪومت کي بروهي صاحب جي خدمتن جي ضرورت پئي ۽ سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ جلد از جلد مناسب وقت اندر چونڊون ڪرائڻ جي اميد تي “مارشل لا” کي وقت جي تقاضا جي اصول تحت آئيني قرار ڏنو[95].

        اي - ڪي بروهي کي 14 جنوري 1978ع تي مارشل لا حڪومت ۾ قانون، پارليامينٽري معاملن، مذهبي ۽ اقليتي امور جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو[96]. 5 جولائي  1978ع تي ساڳين ئي کاتن جو وزير مقرر ڪيو ويو[97].

        بروهي صاحب تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو رهيو آهي، سندس ٻه ڪتاب:

1.      An Adventure in self expression.

2.     Fundamental law in Pakistan.

قابل ذڪر آهن، سندس پهريون ڪتاب 1954ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب 1957ع ۾ شايع ٿيو.

 


 

حوالا ۽ حاشيا


 

354 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -216.

[2] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 986.

[3] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 986.

[4] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 986.

358 ڏسو: روزنامه الوحيد، ڪراچي، جلد - 1، نمبر 36، مورخه 9 جون 1920ع، ص -1.

359 معلومات جناب حاتم علي علوي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 25 ڊسمبر 1975ع تي ورتي ويئي.

[7] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1929-30, P-20 & report 1939-40, P-2.

[8] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1932-33, P-19 & report 1941-42, P-1.

[9] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939-40, P-2 & report 1942-43, P-1.

363 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -226.

364 ڏسو: روزنامه جنگ، ڪراچي، (ايڊيٽوريل) تاريخ 29 جنوري، 1976ع، ص - 3.

[12] See: Daily Dawn, Karachi, dated,29th January 1976 , P - 10.

366 معلومات جناب حاتم علي علوي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 25 ڊسمبر 1975ع تي ورتي ويئي.

367 معلومات جناب حاتم علي علوي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 25 ڊسمبر 1975ع تي ورتي ويئي.

368 ڏسو: روزنامه جنگ، ڪراچي، تاريخ 30 جنوري، 1976ع، ص - 3.

369 عبدالله عباسي، محمد ايوب کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 4.

370 عبدالله عباسي، محمد ايوب کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 5.

[18] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S.College, Karachi 1887 to 1937, Educational Printinig Press, 1939, P-114.

372 عبدالله عباسي: محمد ايوب کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 5.

[20] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1927-28, P-2 & report 1931-32, P-2.

[21] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1928 - 29, P - 9.

[22] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1943 - 44, P - 7.

[23] See: Indian & Pakistan Year Book, Bombay, Times of Indian Press, 1948, P - 1223.

377 اعجاز احمد انصاري: جناب الحاج محمد ايوب خان کهڙو، (مضمون)، حيدرآباد، مهراڻ، سوانح نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 645.

378 اعجاز احمد انصاري: جناب الحاج محمد ايوب خان کهڙو، (مضمون)، حيدرآباد، مهراڻ، سوانح نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 646.

[26] See: Indian & Pakistan Year Book, Bombay, Times of Indian Press, 1948.

380 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگيءَ جي تواريخ، (مضمون)، الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سنڌ آزاد نمبر، مورخه 15 جون 1935ع، ص - 117.

381 عبدالله عباسي: محمد ايوب کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 9.

[29] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette Press, 1932, P - 40.

[30] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 2426.

[31] See: Pakistan Year Book, Karachi, Kitabistan, 1949, P - 845.

385 عبدالله عباسي: محمد ايوب کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 12.

[33] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette Press, 1932, P - 40.

[34] See: Indian & Pakistan Year Book, Bombay, Times of Indian Press, 1948, P - 1223.

388 اعجاز احمد انصاري: جناب الحاج محمد ايوب خان کهڙو، (مضمون)، حيدرآباد، مهراڻ، سوانح نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص  - 647.

[36] See: Pakistan Year Book, Karachi, Kitabistan, 1949, P - 845.

[37] See: Indian & Pakistan Year Book, Bombay, Times of Indian Press, 1948, P - 1223.

[38] See: Indian & Pakistan Year Book, Bombay, Times of Indian Press, 1948, P - 1223.

[39] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 2426.

393 ڏسو: عوامي دور- 4، ڪراچي، سنڌ سرڪار جي تعلقات عامه، 1972ع، ص - 40.

394 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 202.

395 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 244.

396 معلومات جناب قاضي فضل الله کان تاريخ 14 ڊسمبر 1975ع تي انٽرويو وسيلي ورتي ويئي.

397 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 244.

[45] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 2049.

[46] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1920 - 21, P - ?.

400 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 244.

[48] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of D.J.S.College, 1887-1937, Part-II, Karachi, Educational Printing Press. 1939, P-18.

402 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 244.

403 معلومات جناب قاضي فضل الله کان تاريخ 16 ڊسمبر 1975ع تي انٽرويو وسيلي ورتي ويئي.

404 معلومات جناب قاضي فضل الله کان تاريخ 16 ڊسمبر 1975ع تي انٽرويو وسيلي ورتي ويئي.

405 معلومات جناب قاضي فضل الله کان تاريخ 16 ڊسمبر 1975ع تي انٽرويو وسيلي ورتي ويئي.

[53] See: Biographical Encyclopedia of Pakistan, Lahore Biographical Research Institute Pakistan, Edition, 1966, P59.

406 معلومات جناب قاضي فضل الله کان تاريخ 16 ڊسمبر 1975ع تي انٽرويو وسيلي ورتي ويئي.

[55] See: Biographical Encyclopedia of Pakistan, Lahore Biographical Research Institute Pakistan, Edition, 1966,
P-59.

[56] Altaf Gauhar: Twenty Years of Pakistan 1947 - 1967, Karachi, Pakistan, Publication, P - 765.

410 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص- 245.

411 ڏسو: عوامي دور- 4، ڪراچي، سنڌ سرڪار جي تعلقات عامه، 1972ع، ص - 36.

412 ڏسو: عوامي دور- 4، ڪراچي، سنڌ سرڪار جي تعلقات عامه، 1972ع، ص - 36.

[60] Altaf Gauhar: Twenty Years of Pakistan 1947 - 1967, Karachi, Pakistan, Publication, P - 765.

414 ڏسو: عوامي دور -4، ڪراچي، سنڌ سرڪار جي تعلقات عامه، 1972ع، ص - 37.

[62] Altaf Gauhar: Twenty Years of Pakistan 1947 - 1967, Karachi, Pakistan, Publication, P - 765.

416 ڏسو: عوامي دور -4، ڪراچي، سنڌ سرڪار جي تعلقات عامه، 1972ع، ص - 41.

417 ڏسو: هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، مورخه 30 ڊسمبر 1970ع، ص - 10.

[65] See: The Pakistan Year Book and Who’s who, Karachi, Kitabistan, 1949, P - 829.

[66] See: The Pakistan Year Book and Who’s who, Karachi, Kitabistan, 1949, P - 829.

420 معلومات انٽرويو وسيلي 25-10-1977ع تي ورتي ويئي.

421 معلومات انٽرويو وسيلي 25-10-1977ع تي ورتي ويئي.

422 معلومات انٽرويو وسيلي 25-10-1977ع تي ورتي ويئي.

423 معلومات انٽرويو وسيلي 25-10-1977ع تي ورتي ويئي.

424 معلومات انٽرويو وسيلي 25-10-1977ع تي ورتي ويئي.

[72] Prof: Amena Khamisani: Sind Contribution to English Institute of Sindhiology University of Sind, 1975,
P-41, 42.

426 ڊاڪٽر غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974، ص-156.

[74] See: Biographical Encyclopedia of Pakistan, Lahore Biographical Research Institute Pakistan, Edition, 1966,
P-105.

[75] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 4, G.R.No: 290.

[76] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 4, G.R.No: 290.

[77] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 2412.

[78] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 2412.

[79] See: Standing Committee Book, Karachi, No: 2 of Sind Madressahtul Islam, P - 65.

[80] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[81] Jamiluddin Ahmed Khan: Sind Muslim Law College, Karachi, The Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam, Section IV, 1960, P - 73.

[82] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[83] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[84] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 2412.

[85] See: Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Section, VI, 1960, P - 2.

[86] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[87] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[88] See: Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Section, VI, 1960, P - 2.

442 مسرور ڪيفي: جديد شعراءِ سنڌي، ڪراچي، اداره فروغ ادب، 1964ع، ص - 14.

443 مسرور ڪيفي: جديد شعراءِ سنڌي، ڪراچي، اداره فروغ ادب، 1964ع، ص - 14.

[91] Prof: Amena Khamisani: Sind Contribution to English Institute of Sindhiology University of Sind, 1975, P - 50.

[92] Prof: Amena Khamisani: Sind Contribution to English Institute of Sindhiology University of Sind, 1975, P - 50.

[93] Prof: Amena Khamisani: Sind Contribution to English Institute of Sindhiology University of Sind, 1975, P - 50.

447 ڏسو هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، مورخه 30 ڊسمبر، 1970ع، ص - 10.

448 هفت روزه معيار شماره 41 جلد 2، کراچي پپلز فائونڊيشن پريس يکم اکتوبر تا 18 اکتوبر 1977ع،  ص-23.

[96] See: Daily Dawn Karachi, dated 15 - 7 - 1978, P - 10.

[97] See: Who’s who in Pakistan, Karachi, Berque’s Pakistan, 1972, P - 241.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org