سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:14 

باب ٽيون

سنڌ مدرسة الاسلام جا پيدا ڪيل سياستدان

 

هن کان اڳ مطالعي هيٺ آيل دور جي مکيه سياسي پارٽين ۽ تحريڪن جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ مختصر طور تي اهو ٻڌايو ويو آهي ته “سنڌ مدرسة الاسلام” جا پيدا ڪيل سياستدان ڪيئن نه سياسي تاريخ جي هر باب ۾ اهم جاءِ والاريون بيٺا آهن. پر جيستائين “سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل سياستدانن جي زندگين جو خاڪو به پيش نه ڪبو ان وقت تائين “سنڌ مدرسة الاسلام” جي سنڌ جي سياست ۾ حصي کي سمجھي نه سگھبو. انهيءَ ڪري هن هيٺ مدرسي جي پيدا ڪيل مکيه سياستدانن جو احوال ڏجي ٿو:

غلام علي غلام حسين چاڳلا:

الف: تعارف:

غلام علي چاڳلا جا وڏا ڪراچيءَ جي خواجه جماعت مان هئا. هن صاحب جو ڏاڏو سيٺ خالقڏنو هڪ دولتمند واپاري ۽ هزهاءِنيس آغا خان جي مريدن مان هڪ هو. سيٺ غلام حسين به پنهنجي د‍ؤر جو وڏو ماڻهو ٿي گذريو آهي. هن صاحب جي نالي تي ايم - اي جناح روڊ تي مکيه “پبلڪ هال” (خالقڏنه هال) ٺهيل آهي. ان کان سواءِ “غلام حسين خالقڏنه گرلس اسڪول” ڪراچي ۽ “غلام حسين خالقڏنه اسپتال” به سندس ئي نالي تي قائم ٿيل آهن.

        سيٺ غلام حسين خالقڏنه اهو پهريون ماڻهو هو جنهن مولوي الهه بخش اٻوجھي سان گڏجي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي جي قائم ڪرڻ لاءِ خانبهادر حسن علي آفندي جي مدد ڪئي[i]، ان کان سواءِ پهرين “سنڌ مدرسه بورڊ” جو هي ميمبر نامزد ٿيو جتي 1902ع تائين مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو[ii].

        غلام علي غلام حسين چاڳلا جو جنم 1871ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيو[iii]. هن صاحب ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ ورتي ۽ پوءِ پهرين سيپٽمبر 1858ع ۾ اچي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتائين. هي صاحب مدرسي جي انهن پهرين چوڏهن شاگردن مان هڪ آهي، جنهن سڀ کان اول هن مدرسي ۾ داخلا ورتي[iv]، هن صاحب 1892ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو[v]، ان کان پوءِ گورنمينٽ جي اسڪالرشپ تي ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين[vi]. هڪ سال کان پوءِ تعليم کي خيرباد چئي اچي گھر ۾ ئي پنهنجي محنت ۽ شوق سان فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي.

مدرسي جو اثر:

       غلام علي غلام حسين چاڳلا مدرسي کُلڻ جي پهرين ڏينهن تي اچي داخلا ورتي. مدرسي جو اهو زمانو پنهنجي تاريخ جو سونهري دؤر هو، استاد ۽ عملو هڪ نئين جوش ۽ جذبي تحت ڪم ڪندا هئا. جيئن ئي شروعات ۾ ٻارن جو تعداد بلڪل گھٽ هو، تنهن ڪري هر هڪ استاد جو سڌو سنئون اثر شاگرد جي شخصيت ۽ ڪردار تي پيو. غلام علي چاڳلا جن استادن جو اثر قبول ڪيو، انهن ۾ محمد هاشم تيجاڻي، خانصاحب مريد علي ۽ محمد عثمان نورنگزادو جا نالا قابل ذڪر آهن.

        غلام علي غلام حسين چاڳلا “سنڌ مدرسة الاسلام” جي اهميت ۽ افاديت کي تسليم ڪندي لکي ٿو ته: “سنڌ مدرسي، سنڌ جي مسلمانن لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي، مدرسي جي کُلڻ کان اڳ انگريزدان مسلمانن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو هوندو هو. مسلمان سرڪاري لکپڙهه ڪرڻ لاءِ هندو ڪلارڪن جا محتاج هوندا هئا. ان کان سواءِ مسلمان آفيسرن جو سنڌ جي آفيسن ۾ پري پري تائين پتو به نه پوندو هو. پر سنڌ مدرسي، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي مسلمانن جي تقدير بدلائي ڇڏي. آئون به هن مدرسي جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي زندگي ۾ انقلاب پيدا ڪيو”[vii].

        غلام علي غلام حسين چاڳلا سنڌ مدرسي جي قيام ۽ ان جي نتيجن واري دؤر کي پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن شاگردي واري زماني ۾ پنهنجي استادن کان علم ۽ اخلاق جي روشني حاصل ڪئي. مدرسي جي اثر کيس هڪ بي لوث سماجي ڪارڪن بڻائي ڇڏيو. مدرسي مان هو صاحب سکيو هو ته علم پرائي ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪيو، سندس زندگي انهيءَ اصول جو عملي روپ هئي، اهو ئي سبب هو جو چاڳلا صاحب علمي ڪمن ۾ خاص دلچسپي رکندو هو.

        غلام علي چاڳلا پنهنجي زندگي ۾ مدرسي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪيو، پاڻ جڏهن عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيائون ته انهيءَ سان گڏوگڏ مدرسي سان به وابستگي رکڻ شروع ڪئي. پاڻ 1903-1902ع کان وٺي 1918-1917ع تائين “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”[viii] طرفان ۽ 1919-1918ع کان وٺي 1922-1921ع تائين “ڪراچي ميونسپالٽيءَ” طرفان “سنڌ مدرسه بورڊ” جو ميمبر ٿي رهيو[ix]، 1940ع کان 1942ع تائين “مدرسه بورڊ” جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

        چاڳلا صاحب وقت به وقت مدرسي جي مالي مدد به ڪندو رهندو هو، پاڻ بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ ڪيترن ئي غريب شاگردن جي کاڌي جو خرچ 1905ع کان وٺي 1923ع تائين ڀريندو رهيو[x]. “چاڳلا پرائز فند” قائم ڪيو ويو. جنهن مان ضرورت مند شاگردن جي مدد ڪئي ويندي هئي.

ج: سياست ۾ حصو:

       سيٺ غلام علي غلام حسين چاڳلا، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ هرچندراءِ وشنداس جو همعصر ۽ ساٿي سياستدان هو ۽ اڪثر ڪري قومي تحريڪن ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئا، هن صاحب 1913ع کان ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي[xi]. پر ڪڏهن به ان جي گرم ڌر سان واسطو نه رکيائين. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ هر چند راءِ وشنداس جيان هن تي به ائني بسنت جي مذهبي ۽ سياسي فلسفي جو اثر هو، اهو ئي سبب هو جو هي صاحب “هوم رول ليگ” ۾ به دلچسپي وٺندو هو، 1917ع ۾ جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کلي[xii]، ته هي صاحب ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو[xiii] چاڳلا صاحب گھڻي وقت تائين “مسلم ليگ” ۽ “ڪانگريس” جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو ۽ ٻنهي پارٽين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو.

        چاڳلا صاحب ڪيترو ئي وقت ميونسپل ڪائونسلر ٿي رهيو ۽ 1921ع ۽ 1922ع ۾ کيس ميونسپالٽيءَ جو صدر مقرر ڪيو ويو، جتان اپريل 1922ع تي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين[xiv].

        غلام علي چاڳلا پنهنجي اثنا عشري فرقي لاءِ جيڪي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون، سي هميشه يادگار رهنديون. هن صاحب تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اثنا عشري خواجه جماعت جي فلاح ۽ بهبود لاءِ گھڻي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ جماعت جو تاحيات صدر ٿي رهيو. پاڻ اڪثر ڪري نوجوان “اثنا عشري ڪرڪيٽ ڪلب” ۾ وڃي پنهنجي فرقي وارن کي مذهب ۽ اخلاق جي موضوع تي ليڪچر ڏيندو هو. علمي ڪمن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو علي ڳڙهه يونيورسٽي کي ڏهه هزار روپيا چندو ڏياري موڪليائين ۽ انهيءَ يونيورسٽي جي “بورڊ” جو ڪيتري ئي وقت تائين ميمبر به ٿي رهيو[xv].

        پاڻ “غلام حسين خالقڏنه ٽرسٽ” جو 45 سالن تائين سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ پنهنجي اثنا عشري نوجوانن لاءِ سنڌي ۽ گجراتي زبان ۾ گڏيل ماهوار رسالو “سوکڙي” نالي سان ڪڍندو هو. جنهن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي مضمون ڇپبا هئا. خواجه عورتن لاءِ هڪ گشتي لائبرري شروع ڪيائين. جنهن مان عورتن کي گھر ويٺي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏنا ويندا هئا. ڏهه هزار روپين جي خرچ سان “کارا در” تي شيعا حضرات لاءِ هڪ وڏي مسجد ٺهرايائين جنهن ۾ ڪن ٻين پڄندي وارن به انهيءَ خير جي ڪم ۾ سندس مدد ڪئي[xvi].

        غلام علي غلام حسين چاڳلا عابد، موحد، سخي، حليم، قوم پرست، يارويس، وڏو عالم ۽ علم دوست انسان هو. پاڻ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي لاءِ ۽ ٻيون سماجي خدمتون ڪيون سي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکڻ جهڙيون آهن، هي 26 جون 1950ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو[xvii].

سر حاجي عبدالله هارون:

الف: تعارف:

سر حاجي عبدالله هارون جا وڏا اصل ۾ هندو لوهاڻا هئا، جن پوءِ دين اسلام قبول ڪيو ۽ ميمڻ سڏجڻ لڳا. اهي ڪڇ ۾ رهندا هئا ۽ سندس واپار سانگي برصغير جي ٻين هنڌن تي به اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، حاجي عبدالله جو والد 1858ع ڌاري واپار سانگي اچي ڪراچي ۾ رهيو ۽ اهڙي ريت هميشه لاءِ هتي رهجي ويو[xviii].

        حاجي عبدالله هارون 7 نومبر 1872ع تي ڪراچي ۾ ڄائو[xix]، پاڻ چئن سالن جو هو ته سندس والد 1876ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ انهيءَ وقت سندس والده فقط ارڙهن ورهين جي هئي[xx]. سندس والده ننڍي عمر جي باوجود به هن جي اهڙي طرح پرورش ڪئي جو هو اڳتي هلي خوددار، سمجھدار ۽ همت وارو انسان ٿي پيو. حاجي عبدالله هارون ابتدائي تعليم پنهنجي گھر ۾ ورتي جنهن کان پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي گجراتي برانچ ۾ داخل ٿيو، ان کان پوءِ مدرسي جي انگريزي برانچ ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيو جتي انگريزي جي ٽئين درجي ۾ پي پڙهيو ته ڪن مجبورين سبب 10 مارچ 1888ع تي مدرسي کي ڇڏي ويو[xxi].

        مدرسو ڇڏڻ کان پوءِ هن غربت سبب گھوريئڙي جي حيثيت ۾ رزق ڪمائڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي هڪ مائيٽ سيٺ صالح محمد وٽ چار روپيه پگھار تي نوڪريءَ تي وڃي بيٺو، ٿوري ئي وقت ۾ هو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي ويو. پهرين عالمگير جنگ سندس قسمت ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو ۽ هو مالدار ماڻهن مان هڪ ٿي پيو.

مدرسي جو اثر:

       سر عبدالله هارون سڄا سارا چار سال سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪئي، اهو عرصو سندس ٻالپڻي جو زمانو هو. جنهن ۾ سندس ڪچي ذهن مدرسي جي ماحول جو ڀرپور اثر قبول ڪيو. استادن جي شفقت ۽ مدرسي جو انتظام شروعاتي شاگردن جي شخصيت ۽ ڪردار کي نوان موڙ ڏنا. مدرسي جا پهريان استاد پنهنجي منصب کي اهڙي نموني سان نڀائيندا هئا جيئن ڪو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگھجي. خود پرنسپال ولي محمد حسن علي هڪ آدرشي استاد جي حيثيت رکندو هو. جيتوڻيڪ عبدالله هارون هن انسان ساز اداري ۾ ٿورو وقت رهيو. پر ان هوندي به مدرسي جو گھڻو اثر قبول ڪيائين. 1915ع ۾ حاجي صاحب غريب شاگردن جي مدد لاءِ ڪجھه پئسا ڏياري موڪليا ۽ ان سان گڏ هڪ ليٽر به موڪليائين جنهن ۾ لکيائين ته: مون کي اهي ڏينهن چٽيءَ طرح ياد آهن جڏهن مون جهڙي غريب شاگرد کي انهيءَ مدرسي علم جي نور سان نوازيو. مون جيڪي ڪجھه مدرسي مان پرايو، اهو منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهي. آئون اهي ڏينهن ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگھندس. مدرسي جي خدمت ڪرڻ آئون پنهنجو اولين فرض ڄاڻندو آهيان[xxii].

        حاجي عبدالله هارون پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به مدرسي کي ڪڏهن نه وساريو. پاڻ 1912ع کان 1920ع تائين “مدرسه بورڊ” جو ميمبر ٿي رهيو[xxiii]، وري 1929ع کان 1938ع تائين “مدرسه بورڊ” جو ميمبر نامزد ٿيو[xxiv]. ان کان سواءِ حاجي صاحب هيٺ ڄاڻايل ڪميٽين تي به ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو:

        سنڌ مدرسه اسٽينڊنگ ڪميٽي:

1916-1915 کان 18-1917ع تائين[xxv]، 30-1929ع کان 33-1932ع تائين[xxvi]

        مدرسه محمدن ڪاميٽي:

1903-1902ع کان 18-1917ع تائين[xxvii]، 28-1927ع صرف هڪ سال لاءِ[xxviii]

        ان کان سواءِ حاجي صاحب، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي طرفان 25-1924ع کان 27-1926ع تائين “مدرسه بورڊ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. پاڻ وقت به وقت مدرسه جي مالي ۽ اخلاقي مدد به ڪندو رهندو هو، 1909ع کان 1920ع تائين بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ غريب شاگردن جو ساليانو هاسٽل جو خرچ ادا ڪندو هو[xxix]. “پوئر بوائز فنڊ”، “انڊومينٽ فنڊ” ۽ مدرسه لائبرري لاءِ به ڪافي رقم عطيه طور ڏيندو رهندو هو.

سياست ۾ حصو:

       حاجي عبدالله هارون پنهنجي پيرن تي بيهڻ کان جلد ئي پوءِ پنهنجي معاشري ۽ ماحول ۾ صحيح مقام وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ويهين صديءَ جي ابتدائي ڏينهن ۾ ڪراچي جي عوامي زندگي ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. محنت ۽ صلاحيت تڪڙو ئي کيس شهر جي ناليوارن همعصر ماڻهن جي صف ۾ آڻي بيهاريو.

        1910ع ۾ هن صاحب “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ۾ شموليت اختيار ڪئي[xxx] ۽ مقامي نوعيت جي سماجي ۽ مذهبي جماعتن ۽ تحريڪن ۾ حصو وٺڻ لڳو، خاص ڪري پهرين عالمگير جنگ جي خاتمي کان پوءِ هو صاحب ڀرپور نموني سان سياسي ميدان ۾ عملي طور تي حصو وٺڻ لڳو.

        1913ع کان پاڻ ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو، صرف هڪ ٽرم جي ناغي کان سواءِ هو 1933ع تائين انهيءَ اعزاز ۽ عوام جي اعتماد کي ڪراچي واسين جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ استعمال ڪندو رهيو[xxxi].

        حاجي عبدالله هارون پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ابتدا “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي ۽ انتها اچي مسلم ليگ تي ڪيائين، حاجي صاحب 1917ع ۾ ڪانگريس پارٽي ۾ شرڪت ڪئي[xxxii]. پر انهيءَ ۾ سندس فعال ڪردار نظر نٿو اچي. 1919ع ۾ جڏهن مولانا محمد علي ۽ شوڪت علي والده سان گڏ صوبي سنڌ خلافت ڪانفرنس جي ٻئي اجلاس لاءِ ڪراچي آيا ته اهي حاجي صاحب جا مهمان ٿي رهيا. انهيءَ سال کان هن صاحب خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پاڻ 1919ع کان 1924ع تائين سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر ٿي رهيو[xxxiii]. انهيءَ عرصي دوران مقامي ۽ مرڪزي خلافت جي گڏجاڻين ۾ باقائدگي سان شرڪت ڪندو رهيو[xxxiv].

        1920ع ۾ حاجي عبدالله هارون، سکر ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪانفرنس جي اجلاس جي صدارت ڪئي. 1917ع ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سنڌ ۾ “سنڌ مسلم ليگ” قائم ڪئي ۽ اُن جو حاجي صاحب کي 1920ع ۾ صدر مقرر ڪيو ويو[xxxv]. 1923ع ۾ ڪراچي شهر طرفان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. 1926ع کان 1942ع تائين مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو[xxxvi]، 1927ع ۾ حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي سان گڏجي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي جدائي لاءِ رٿ پيش ڪئي[xxxvii]، 1928ع ۾ ڪانگريس طرفان مسٽر پرشوتم داس جي چيئرميني هيٺ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويئي ته جيئن سنڌ جي جدائي واري مسئلي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. شيخ عبدالمجيد سنڌي سان گڏ انهيءَ ڪاميٽي تي سيٺ عبدالله هارون کي به ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو[xxxviii]، ساڳي سال کيس “آل انڊيا خلافت ڪاميٽي” جو صدر چونڊيو ويو[xxxix].

        1930ع ۾ سنڌ جي مسلمانن پنهنجي ملڪ جي مالي حالت بابت جاچ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي جنهن جو سيڪريٽري سر حاجي عبدالله هارون کي مقرر ڪيو ويو. 1931ع ۾ سرڪار ساڳي مقصد خاطر “ارونگ ڪاميٽي” مقرر ڪئي جنهن ۾ حاجي صاحب کي ميمبر ڪري کنيو ويو[xl]. ساڳي سال جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي سياسي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت پڻ حاجي صاحب ڪئي. نومبر 1933ع ۾ هند سرڪار مسٽر ڊو جي چيئرميني هيٺ سنڌ انتظامي ڪاميٽي مقرر ڪئي ته جيئن جڏهن سنڌ آزاد ٿئي ته نئين صوبي لاءِ انتظامي صلاح ۽ مشوره ڏنا وڃن. حاجي عبدالله هارون انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو[xli]. 1934ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جو ٻيو اجلاس ٿيو ته سيٺ عبدالله هارون انهيءَ ۾ مرحبائي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيو.

          1936ع ۾ عبدالله هارون، جي - ايم سيد ۽ سَر شاهنواز ڀٽي جي ڪوشش سان سنڌ آزاد پارٽي قائم ٿي، جنهن جو پهريون ڊپٽي ليڊر حاجي صاحب ٿيو [xlii]، 1938ع ۾ باضابطه طور تي مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهيءَ سال ڪراچي ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جي سالياني اجلاس ۾ مرحبائي ڪاميٽي جي صدر جي حيثيت سان ڪم ڪيو[xliii]. هن صاحب قليل عرصي ۾ مسلم ليگ لاءِ ايترو ته ڪم ڪيو جو 1939ع ۾ صوبي سنڌ جي مسلم ليگ جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏني ويئي[xliv]. هڪ سال پوءِ پاڻ “آل انڊيا مسلم ليگ” جي ورڪنگ ڪميٽي تي به ميمبر چونڊيو ويو ۽ کيس پرڏيهي معاملات لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

        جيئن ته حاجي صاحب  هڪ غريب ماڻهو مان ترقي ڪري وڃي، وڏو مقام ماڻيو، انهيءَ سبب هن زندگي جا مختلف موڙ ۽ لاها چاڙها ڏٺا. هو هڪ ئي وقت واپاري، ڪارخانيدار، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن هو. پاڻ محنت ۽ صلاحيتن سان وڃي سرڪار جي نظرن ۾ عزت ۽ عظمت وارو شخص ٿي پيو، اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪجھه وقت لاءِ آنرري مئجسٽريٽ جو عهدو به مليو، ان کان سواءِ هو صاحب وقت به وقت ڪيترن ئي سرڪاري تنظيمن ۽ ڪميٽين تي به مقرر ٿيندو آيو جيئن:

1929ع ۾ “بينڪنگ انڪوائري ڪميٽيءَ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

19129ع ۾ “حج انڪوائري ڪميٽيءَ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

1930ع ۾ “سنڌ فنائنشل انڪوائري ڪميٽيءَ” جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

1932ع ۾ مسلمانن طرفان “دي امپيريل اڪانامڪس ڪانفرنس اوٽاوا” لاءِ ڪوٺ ٿي.

1933ع ۾ “ڪراچي پورٽ حج ڪميٽيءَ” جو چيئرمين چونڊيو ويو.

1933ع ۾ “سنڌ انتظامي ڪميٽيءَ” جو ميمبر چونڊيو ويو.

1935ع ۾ “سنڌ ڊيليميٽيشن ڪميٽيءَ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

1936ع ۾ “پراونشل ايگريڪلچر ريسرچ ڪميٽيءَ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

1936ع ۾ “ڪوئيٽا سليويج ايڊوائزري ڪميٽيءَ” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

1937ع ۾ “حج ڪميٽيءَ” جو صدر ٿيو.

1938ع ۾ “انڊين ٽرانسڪانٽينينٽل ائرويز لميٽيڊ” جو “ڊائريڪٽر” مقرر ڪيو ويو [xlv].

سرڪار هن صاحب جي قدرداني ڪندي کيس 1937ع ۾ “سر” جو خطاب عطا ڪيو[xlvi].

        حاجي صاحب جي سماجي خدمتن کي به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. هن غربت جي زندگي گذاري هئي، انهي ڪارڻ کيس ڏکن ۽ سورن جي چڱي سڌ هئي. اهو ئي سبب آهي جو هن اجتماعي توڙي انفرادي طور خاص ڪري پنهنجي ڪميونٽي توڙي ٻين لاءِ جيڪي خير جا ڪم ڪيا ان جو وچور هن ريت آهي:

1920ع ۾ هن صاحب سنڌي صحافت ۽ سياست ۾ انقلاب آڻيندڙ روزنامه “الوحيد” جاري ڪئي.

1923ع ۾ “جامعه اسلاميه يتيم خانه” قائم ڪيائين.

1927ع ۾ “ڪراچي مسلم جيمخانه” قائم ڪيائين.

1940ع ۾ “سکر رليف فنڊ” قائم ڪيائين.

1941ع ۾ “چيئيريٽيبل ٽرسٽ” قائم ڪيائين[xlvii].

        پاڻ وقت به وقت ڪيترن ئي سماجي، مذهبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن کي دل کولي عطيا ڏيندو هو. هن صاحب طرفان ڏنل اهم عطين جو مختصر وچور هن ريت آهي:

(الف) سماجي مقصدن خاطر ڏنل عطيا:

1

مسلم جيمخانه ڪراچي

00-15000

2

سيٺ اُڌا داس اسپتال شڪارپور

00-7000

3

ڊفرن هاسپيٽل چلڊرين وارڊ ڪراچي

00-5000

4

مسلم ليڊيز هال دهلي

00-5000

5

خواجه مها ودياله هال ڪراچي

00-20000

6

ڀڄ ڏڪار فنڊ

00-2000

7

انڊين ريڊ ڪراس

00-5000

8

جامعه اسلاميه يتيم خانه

00-80000

9

گوان ميموريل فنڊ

00-250

10

رليف فنڊ

00-2000[xlviii]

(ب) تعليمي مقصدن لاءِ ڏنل عطيا:

1

حاجاڻي حنيفه ٻائي ميمڻ گرلس اسڪول

00-20000

2

مسلم يونيورسٽي

00-14000

3

مسلم يونيورسٽي

00-5000

4

ڪتابن جي تقسيم

00-1033

5

اسلاميه هاءِ اسڪول

00-105

6

اسڪولي شاگردن جو فيون

00-180

7

اليڪٽريڪل انسٽيٽيوٽ کڏو

00-17118

8

اسڪالرشپ سيڪنڊري ٽيچرس ڪاليج

00-240

9

اسڪالرشپ انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر سڪرنڊ

00-1200

10

حميده گرلز اسڪول فنڊ

00-250[xlix]

11

مدرسة البينات حيدرآباد

00-5000

12

عربڪ يونيورسٽي حيدرآباد

00-1000

(ج) مذهبي مقصدن لاءِ ڏنل عطيه:

1

حاجي غائب مسجد جي مرمت

00-510

2

مدرسه فخري عثمانيه مڪو شريف

00-250[l]

3

مسجد منزل گاهه جي ڪيس لاءِ

00-500

4

بخاري پير مسجد

00-12541

5

ڪياماڙي مسجد

00-1293

6

مسجد فنڊ

00-2500

7

ڪلان ڪوٽ مسجد

00-92

8

مدرسه ابراهيم حيدري

00-480

9

ڪياماڙي مسجد

00-180[li]

      سنڌ جي هن عظيم سماجي ڪارڪن، برک سياستدان ۽ قوم جي هڏ ڏوکي انسان 27 اپريل 1942ع تي اوچتو دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب هن دنيا مان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو[lii].

قائد اعظم محمد علي جناح:

الف: تعارف:

قائد اعظم محمد علي جناح جو ڏاڏو پونجا ميگھه جي 1856ع ڌاري واپار سانگي ڪاٺياواڙ رياست مان لڏي اچي ڪراچي جي کارا در وٽ ويٺو[liii]. جناح صاحب جي والد جناح پونجا چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. سندن چمڙي جي فرم “والجي پونجا جي” جي نالي سان سڏبي هئي[liv].

        قائد اعظم محمد علي جناح جي ولادت 9 ذوالحج 1293هه مطابق 25 ڊسمبر 1876ع تي ٿي[lv]، پر سندس جنم “سنڌ مدرسة الاسلام” جي جنرل رجسٽر موجب 20 آڪٽوبر 1875ع آهي[lvi]. ابتدائي تعليم 1882ع ۾ کارا در جي هڪ مڪتب ۾ ڪجھه وقت حاصل ڪيائين[lvii]، ان کان پوءِ “گوڪلداس تيج گجراتي پرائمري اسڪول” ۾ بمبئي ۾ داخل ٿيو[lviii]، جنهن کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 4 جولاءِ 1887ع تي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ انگريزي جي پهرين درجي ۾ داخل ٿيو[lix] ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ پهرين درجي ۾ مدرسو ڇڏي بمبئي هليو ويو، 23 ڊسمبر 1887ع تي وري اچي مدرسي ۾ پهرين درجي ۾ داخلا ورتائين[lx]، وري ڪن مجبورين سبب 5 جنوري 1891ع تي چوٿين درجي مان مدرسي کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو وري 9 فيبروري 1891ع تي اچي سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتائين، اڃا پنجين درجي ۾ هو ته پنهنجي شادي سبب 30 جنوري 1892ع تي مدرسي کي خيرباد چئي ويو[lxi]. ان کان پوءِ “مشن هاءِ اسڪول” ۾ داخل ٿيو جتي اڃا زير تعليم هو ته سندس والد کي سندس هڪ انگريز دوست سرفريڊرڪ ڪرافٽ صلاح ڏني ته: “محمد علي کي بئريسٽري جي تعليم لاءِ ولايت موڪلڻ گھرجي[lxii]، اهو ئي سبب هو جو جناح صاحب ڇهين درجي ۾ هو ته 31 آڪٽوبر 1892ع تي “مشن هاءِ اسڪول” ڇڏي ڏنائين[lxiii] ۽ جنوري 1893ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ خاطر لنڊن روانو ٿي ويو[lxiv] ۽ ان وقت بئريسٽري جي داخلا لاءِ مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ لازمي هو. محمد علي جناح لنڊن ۾ پنجن مهينن جي اندر پرائيويٽ طور مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 5 جون 1893ع تي لنڊن جي مشهور قانوني درسگاهه “لنڪنزان” ۾ داخلا ورتي[lxv]. ٽن سالن کان پوءِ يعني 1896ع ۾ جڏهن سندن عمر فقط 20 سال هئي ته بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين[lxvi]. لنڊن کان واپس اچڻ کان پوءِ 1897ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين، پر ڪجھه ڏينهن کان پوءِ بمبئي وڃي وڪالت ڪرڻ لڳو[lxvii]. 1900ع ۾ بمبئي ۾ پريزيڊنسي ۾ هڪ مئجسٽريٽ جي جاءِ خالي ٿي پئي ته قائد اعظم انهيءَ جاءِ تي مقرر ٿيو[lxviii]. سخت محنت سان ڪم ڪري هو صاحب پنهنجي بالا آفيسرن کي ته خوش ڪري پي سگھيو، پر سندس بااعتماد دل انگريز سرڪار جي ملازمت ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي، ان ڪري ٽن مهينن کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين[lxix].

ب: مدرسي جو اثر:

       وڻ کي ان جي ڦل، پيءُ کي پنهنجي پٽ ۽ تعليمي اداري کي پنهنجي شاگرد مان سڃاتو ويندو آهي، عظيم تعليمي ادارا ئي عظيم انسانن کي جنم ڏين ٿا. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته پاڪستان قائد اعظم جو ڪارنامو آهي ۽ قائد اعظم وري “سنڌ مدرسة الاسلام” جو ڪارنامو آهي.

        اهو “سنڌ مدرسة الاسلام” جو ماحول ئي هو، جنهن سبب قائد اعظم کي هن اداري ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا داخلا وٺڻي پئي. پاڻ خانبهادر ولي محمد حسن علي جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو. هن اداري ۾ پنهنجو ٻالپڻو به گذاريو ته جواني به گھاري ۽ انهيءَ دوران استادن، شاگردن، انتظام ۽ ماحول کان بي حد متاثر ٿيو. انهيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ پنهنجي هٿن سان 21 جون 1943ع ۾ “سنڌ مسلم ڪاليج” جو افتتاح ڪيائين[lxx]، اڳتي هلي جڏهن “سنڌ مدرسه بورڊ” مالي مشڪلاتن سبب اهو ڪاليج سرڪار جي حوالي ڪرڻ گھريو ته پاڻ اداري جي تاريخي ڪردار کي ذهن ۾ رکندي فرمايائين ته:

        “آئون ڪاليج کي سرڪار جي حوالي ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان، آئون ڪڏهن به ڪنهن حڪومت تي اعتبار ڪري نٿو سگھان، پوءِ ڇو نه کڻي اها منهنجي ئي حڪومت هجي. جيڪڏهن برطانيه جي سرڪار “آڪسفورڊ” ۽ “ڪئمبرج يونيورسٽي” کي پنهنجي انتظام ۾ کڻي ته جيڪر اتان جا ماڻهو گھٽين ۾ نڪري بغاوت ڪن. جيڪڏهن اوهان ڪاليج کي هلائي نه ٿا سگھو ته هٿ ڪڍو، آئون پاڻ اهو ڪاليج هلائيندس”[lxxi].

        اهو “سنڌ مدرسة الاسلام” جو اثر ئي هو جو پاڻ وصيت فرمائي ويو هو ته سندس سموري ملڪيت جو ٽيون حصو مدرسي جي حوالي ڪيو وڃي[lxxii].

ج: سياست ۾ حصو:

       قائد اعظم محمد علي جناح جڏهن لنڊن ۾ داخلا ورتي ته انهيءَ سال سندس ڄاڻ سڃاڻ دادا ڀائي نورو جي سان ٿي. جناح صاحب کيس تنهن سال جي چونڊن ۾ ڀرپور مدد ڪئي ۽ اهڙي ريت پنهنجي سياسي صلاحيتن جو ثبوت ڏئي انهن کي استعمال ڪرڻ جي ابتدا ڪيائين، 1906ع ۾ دادا ڀائي نورو جي صدارت ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانگريس جو جلسو ٿيو. محمد علي جناح، دادا ڀائي جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي[lxxiii] ۽ اڳتي هلي گوپال ڪرشن کي پنهنجو رهنما تسليم ڪيائين، 1908ع جي مدراس واري اجلاس ۾ هندستان جي مستقبل جي آئيني سوال تي لارڊ مارلي (Lord Morely) جي رپورٽ تي پيش ٿيل ٺهراءُ تي بحث ڪيائين[lxxiv]. پاڻ پورا چار سال هن جماعت جو هڪ مخلص ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو[lxxv]. 1909ع ۾ وائسراءِ هند جي قانوني ڪائونسل جو بنا مقابلي ميمبر ٿيو[lxxvi]، 1910ع ۾ پاڻ قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر مقرر ٿيو[lxxvii].

        قائد اعظم محمد علي جناح هڪ “صلح جو سفير” هو. شروع ۾ پاڻ عملي طور تي امن ۽ سڪون لاءِ ڪم به ڪيائين. هن صاحب هندو مسلم اختلافات کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪو اهم ڪردار 1910ع ۾ الهه آباد ۾ سڏايل “هندو مسلم ڪانفرنس” ۾ ادا ڪيو، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. هن ڪانفرنس ۾ قائد اعظم هڪ رابطي جي ذريعي جو ڪم ڏنو[lxxviii].

        ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته قائد اعظم محمد علي جناح انهيءَ سال ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن سال “مسلم ليگ” جو قيام عمل ۾ آندو ويو. سندس اهو عمل به هن جي سياسي حڪمت عملي جو ٺوس ثبوت آهي. قائد اعظم جهڙي ذهين انسان جو ڪانگريس ۾ هئڻ پاڻ مسلمانن جي مفاد ۾ هو. ڪانگريس ميمبر هئڻ جي باوجود به پاڻ “مسلم ليگ” سان رشتو رکندو ٿي آيو. 1912ع ۾ جڏهن هن جماعت جو اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿيو ته پاڻ هڪ مهمان جي حيثيت سان ان ۾ شريڪ ٿيو[lxxix]. 1913ع ۾ محمد علي جناح، مسٽر گوڪلي سان گڏجي انگلنڊ ويو، جتي ٻنهي ڄڻن گڏجي محنت ۽ جدوجهد سان “انڊين لنڊن ائسوسيئيشن” قائم ڪئي[lxxx]. اتان واپس اچي ساڳي سال “مسلم ليگ” ۾ شموليت اختيار ڪيائين[lxxxi].  سندس اهڙي عمل سان “مسلم ليگ” کي تمام گھڻي سگھه ملي ۽ مضبوط کان مضبوط تر ٿي وئي.

        1914ع ۾ برطانيه سرڪار “انڊيا ڪائونسل” ۾ سڌارا آڻڻ جي لاءِ هندستان جي سياسي اڳواڻن کي صلاح مشوري لاءِ لنڊن طلب ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ “آل انڊيا ڪانگريس وفد” تشڪيل ڏنو ويو، جنهن ۾ محمد علي جناح کي به هڪ ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو[lxxxii]. 1909ع ۾ انڊين ڪائونسل ائڪٽ لاڳو ڪري مسلمانن کي علحده چونڊ وڙهڻ جو حق ته ڏنو ويو هو پر ان مان مسلمانن کي نالي ماتر فائدو رسيو. ڇو ته مسلمانن سياسي، اقتصادي ۽ علمي ميدان ۾ پوئتي هئڻ سبب ڪائونسلن ۾ پنهنجا ترجمان موڪلي نه ٿي سگھيا، جيڪڏهن ڪو کڻي چونڊجي به ٿي آيو ته انگريزن جي گرفت ۽ هندن جي اڪثريت کيس مسلمانن جي مفاد خاطر ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪافي هيون. هڪ طرف مسلمانن جو اهو حال هو ۽ ٻئي طرف هندو “جداگانه انتخاب” کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا، اهڙين حالتن ۾ محمد علي جناح سخت محنت ۽ جدوجهد ڪئي. جنهن ڪري 1915ع ۾ هندو مسلم اختلاف کي ختم ڪرڻ لاءِ “ڪانگريس ۽ مسلم ليگ” جي هڪ مشترڪه ڪاميٽي ٺاهي[lxxxiii]، انهيءَ ڪاميٽيءَ جي ڪوشش اڳتي هلي “لکنؤ پئڪٽ” جو روپ ورتو، جيڪو 25 ڊسمبر 1916ع تي “ڪانگريس ۽ مسلم ليگ” جي گڏيل اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو[lxxxiv].


 

1 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص - 60.

[ii]  See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1901 -02, P- 15.

3 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 200.

[iv] See: General Register No: 1, of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No:17, P-1.

[v] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1892 -93, P- 17.

[vi] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of D.J.Sind College, Karachi, 1887, Educational Printing press, 1939, P- 90.

[vii] Ghulam Ali Ghulam Hussain Chagla: Message, Sind Madressah Chronicle, The Platinum Jubilee Book, of Sind Madressahtul Islam, Karachi, 1960, Section III, P – 37.

[viii]: See Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1902 -03, P- 12, and report 1917- 8, P- 14.

[ix] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1918 -19, P- 17, and report 1921-22, P- 17.

[x] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1905 -06, P-13, and report 1921-122, P -10.

11 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 202.

12 ڏسو: الوحيد آزاد نمبر، ڪراچي اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون، 1936ع، ص - 166.

13 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 202.

[xiv] See: Who’s who: Karachi, Daily Gazette, 1932, P – 7.

[xv] Rahim Ali G.Chagla: Late Seth Ghulam Ali Ghulam Hussain Chagla, Karachi, The Platinum Jubilee Book of Sind Madressahtul Islam, Section III, 1960, P – 37.

16 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 201.

17 حسيني سليمان: مرحوم سيٺ غلام علي چاڳلا، ڪراچي، نئين زندگي، جون آڪٽوبر 1953ع، ص - 6.

18 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 39.

[xix] Ahmed Shafi M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year?, P-232

20 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 40.

[xxi] See: General Register No: 1, of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No:131, P-8.

[xxii] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, March, 1915, P- 18.

[xxiii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1912 -13, P-20 & report 1920 - 21, P - 15.

[xxiv] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1929 -30, P -3 & report 1938 39, P – 2.

[xxv] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1915 -16, P – 16 & 1917 18, P – 1.

[xxvi] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1929 -30, P – 2,3 & 1932 – 33, P – 1.

[xxvii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1902 -03, P – 3 & 1917 18, P – 12.

[xxviii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1927 -28, P – 02, 3.

[xxix] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1909 -10, P – 15 & 1919 20, P – 11.

30 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 45.

31 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 45.

[xxxii] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, 233

33 ڏسو: سالياني رپورٽ جميعت خلافت صوبه سنڌ، ڪراچي، سيپٽمبر 1933ع کان آگسٽ 1924ع، الوحيد پريس، ص -7.

34 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 46.

35 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص – 49.

36 محمد موسيٰ سومرو: حاجي عبدالله هارون، (مضمون)، ڪراچي نئين زندگي، آگسٽ 1929ع، ص - 49.

[xxxvii] See: Who’s Who & Why, Karachi, Daily Gazette, Press, 1932, P -35.

38 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ارباب نور محمد، 1928ع، ص – 49.

[xxxix] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P-233-34

40 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي تواريخ، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص -117.

41 خانبهادر محمد ايوب کهڙو: سنڌ کي آزاد ۽ مستقل صوبو بنائڻ جي تحريڪ، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص - 124.

[xlii] Hatim A. Alvi: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Daily Dawn, 27th April 1974, P – 3.

43 پير علي محمد شاهه راشدي: سيٺ حاجي عبدالله هارون، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر 1927ع، ص -14.

44 معلومات جناب غلام محمد ڀرڳڙيءَ کان تاريخ 25 جون 1978ع تي روبرو ورتي ويئي.

[xlv] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 237.

[xlvi] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 237.

[xlvii] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 233 -34.

[xlviii] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 233 -34.

[xlix] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 233 -34.

[l] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 233 -34.

[li] Ahmed Shafi, M.A: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Pakistan Herald Press, Year ?, P – 233 -34.

[lii] See: Daily Gazette, Karachi, dated 28.4.1942, P – 1.

53 رضوان احمد: جناح پونجا، هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، 22 تا 29 سيپٽمبر 1976ع، ص -11.

54 رضوان احمد: جناح پونجا، هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، 29 سيپٽمبر تا 6 آڪٽوبر 1976ع، ص -34.

[lv] G.A. Allana: Quaid-e-Azam Jinnah The Story of Nation, Lahore, Feroz Sons Ltd. 1967.

[lvi] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, No: 1, Karachi, G.R.No: 178, P – 10.

57 محمد عبدالله قريشي: قائد اعظم محمد علي جناح کي کهاني کچهه ميري زياده تر ان کي زباني، برگ گل، کراچي، وفاقي گورنمينٽ اردو کاليج، 1976ع، ص - 25.

58 جي - ايم سيد: جديد سياست جا نورتن ، ارباب نور محمد پليجو، سنڌ 1976ع، ص – 179.

[lix] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, No: 1, Karachi, G.R.No: 114, P – 7.

[lx] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, No: 1, Karachi, G.R.No: 178, P – 10.

[lxi] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, No: 1, Karachi, G.R. No 430, P – 109.

62 جي - الانا: قائد اعظم ايڪ قوم کي سرگذشت، رئيس امروهوي، ڪراچي، فيروز سنز، 1976ع، ص - 23.

63 رضوان احمد: نو عمر محمد علي، هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، مورخه 3 تا 10 نومبر 1976ع، ص- 23.

64 رضوان احمد: نو عمر محمد علي، هفت روزه اخبار جهان، ڪراچي، مورخه 3 تا 10 نومبر 1976ع، ص- 11.

65 رضوان احمد: قائد اعظم، ابتدائي تيس سال اور ينگ جناح، ڪراچي، هفت روزه اخبار جهان، مورخه 17 تا 24 نومبر 1976ع، ص - 11.

[lxvi] Nisar Ahmed: Jinnah the Lawyer, Lahore, Mansoor Book House, 1976, P - 4.

[lxvii] Ahmed Saeed: The Green Titan, Lahore, Sang-e- Meel, Publication, 1976, P - 32.

68 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -20.

[lxix] Majumdar, S.K.: Jinnah & Gandhi, Lahore, People Publication House, 1976, P - 20.

[lxx] See: Sind Madressahtul Islam, Karachi Prospects, Karachi, Liberty Printers, Year 1943-44, P - 22.

[lxxi] Prof: Abdul Sattar Quhatti: Sind Muslim College, Karachi, The Platinum Jubilee Book, S.M. Islam, Section IV, 1960, P - 71.

72 ڏسو: روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، 11 اپريل، 1976ع ،ص - 6.

73 محمد عبدالله قريشي: قائد اعظم محمد علي جناح کي کهاني کچهه ميري زياده تر ان کي زباني، برگ گل، کراچي، وفاقي گورنمينٽ اردو کاليج، 1976ع، ص - 27.

74 جي - ايم سيد: جديد سياست جا نورتن، ارباب نور محمد پليجو، سنڌ 1976ع، ص - 181.

75 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -32.

76 حميد الله هاشمي: باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح، لائلپور، محبوب بک ڊيپو، 1976ع، ص - 27.

77 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 72، دوسرا ايڊيشن.

78 رئيس احمد جعفري: تاريخ مسلم ليگ يا حيات محمد علي جناح، ڪراچي کتب خانه تاج آفيس، 1946ع، ص -40.

79 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -168.

80 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -168.

[lxxxi] Hector Bolitho: Jinnah creat of Pakistan, London, Great Britian & Tanner Ltd, 1957, P - 57.

[lxxxii] Mohammad Hanif Shahid: Tribute to Quaid Azam, Lahore, Sang-e-Mell Publication, 1976, P - 32.

[lxxxiii] Hector Bolitho: Jinnah creat of Pakistan, London, Great Britian & Tanner Ltd, 1957, P - 64.

[lxxxiv] Rafique Akhtar: The Quaid-e- Azam, Karachi, East & West Publishing Co:, 1976, P - 43.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org