سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:17 

ب: مدرسي جو اثر:

سر شاهنواز ڀٽي جي شخصيت ۽ ڪردار تي جهڙي نموني سان سنڌ مدرسي اثر ڄمايو، انهيءَ جو پاڻ ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “مون کي هن عظيم اداري جا اهي اڻ وسرندڙ ڏينهن اڃا ياد آهن ۽ مون وانگر هر انهيءَ پراڻي شاگرد کي ياد رهندا، جنهن هن اداري ۾ تعليم ورتي هوندي. هڪ طرف هن مدرسي پنهنجي شاگردن کي مذهب اسلام جي فلسفي ۽ مثالي اصولن توڙي روايتن جي تعليم ڏني ۽ ٻئي طرف سندن طبعي ۽ جسماني تربيت جو بندوبست ڪيو، هن روحاني توڙي مادي ترقي جي باعث ئي سنڌ مدرسي جا شاگرد اڄ قول ۽ فعل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

        منهنجي خيال ۾ ته هي ادارو سنڌ جي مسلمانن جي ترقي جو مکيه سبب آهي ۽ مون کي يقين آهي ته مدرسي جي اهميت توڙي افاديت وقت ۽ حالتن سان گڏ وڌنڌي رهندي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن دنيا ڏسندي ته سنڌ جون واڳون مدرسي مان پڙهي نڪتل عالمن، سياستدانن ۽ دانشورن جي هٿ ۾ هونديون. آئون خدا جي فضل ۽ ڪرم سان اڄ هن منزل تي پهتو آهيان، تنهن ۾ وڏي ۾ وڏو حصو سنڌ مدرسي جي تعليم ۽ تربيت جو آهي”[i].

        سر شاهنواز ڀٽي اميراڻو ٻار هئڻ ڪري سنڌ مدرسي جي هر هڪ تربيتي ۽ تعليمي سهولت جو ڀرپور فائدو ورتو. هو صاحب اُن وقت جي “اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” جو سالن جا سال ميمبر رهيو. ان کان سواءِ وقت به وقت مدرسي جي مالي ۽ اخلاقي مدد به ڪندو رهيو.

ج: سياست ۾ حصو:

       سر شاهنواز ڀُٽي 1910ع کان وٺي سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ انهيءَ سال ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر منتخب ٿيو[ii]، 1919ع ۾ هندستان سان “منٽو مارلي سڌارا” لاڳو ڪيا ويا ۽ “امپيريل ڪائونسل” جون چونڊون ڪرايون ويون ته سر شاهنواز ڀٽو هڪ سال لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان انهيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو[iii]. انهيءَ سال کيس او - بي - او (O.B.O) جو خطاب مليو[iv]. 1920ع ۾ ڀٽو صاحب ضلع لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو صدر منتخب ٿيو، جنهن عهدي تي 1934ع تائين رهندو آيو[v]. ساڳي سال سرڪار طرفان هن کي فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن جاءِ تي پاڻ 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو[vi].

        “مانٽيگو چئمس بورڊ رفارمس” کان پوءِ 1921ع ۾ لاڙڪاڻي ضلع مان بمبئي ڪائونسل تي ميمبر منتخب ٿيو[vii] ۽ انهيءَ سال کيس سرڪار طرفان “خانبهادر” جو خطاب مليو[viii]. 1924ع ۾ ڀٽي صاحب کي “قيصر هند” جو خطاب مليو ۽ هڪ سال کان پوءِ وري کيس سي - آءِ - اِي (C.I.E) جو لقب مليو. پاڻ ڪيترو ئي وقت “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو ميمبر ٿي رهيو. 1925ع ۾ کيس هن جماعت جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ انهيءَ عهدي تي 1933ع تائين فائز رهيو[ix]. وري 1930ع ۾ کيس “سر” جو خطاب مليو.

        پاڻ جڏهن بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ هو ته سرڪار “سائمن ڪميشن” ٺاهي هئي ته جيئن هندستان جي آئيني سڌارن جو جائزو ورتو وڃي انهيءَ ڪميشن جي مدد ڪرڻ لاءِ وري بمبئي علائقي طرفان “لوڪل پراونشل ڪميٽي” ٺاهي ويئي ۽ هي صاحب انهيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. کيس 1930ع ۽ 1931ع ۾ لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس لاءِ سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو[x]. شاهنواز خان ڀُٽي گول ميز ڪانفرنس جي اجلاسن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي نمائندن جي رهنما جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ نائين نمبر “سب ڪاميٽي” انهيءَ لاءِ تشڪيل ڏني ويئي ته جيئن سنڌ جي علحدگي واري سوال تي غور ويچار ڪيو وڃي. هن “سب ڪاميٽي” جو چيئرمين “ارل رسل” (Earl Russel) هو. هي ڪاميٽي سر شاهنواز ڀٽي جي زور بار وجھڻ سبب ٺاهي ويئي هئي[xi]. هندستاني نمائندن مان انهيءَ “سب ڪاميٽي” جا ميمبر هئا: آغا خان، قائد اعظم، سر غلام حسين هدايت الله، سر عبدالقيوم، سر محمد شفيع، ڊاڪٽر شفاعت احمد خان، سردار سمپورن سنگھه. ڊاڪٽر بي - ايس مولجي، مسٽر ايم - آر - جيڪار، سر فيروز ستا ۽ مسٽر ايم - ايڇ مودي. هن سب ڪاميٽي جي اڳيان سر شاهنواز ڀُٽي جا تقرير ڪئي، اها تمام زوردار ۽ مدلل هئي، انهيءَ تقرير ۾ هن چيو ته: “اسين سنڌ جي علحدگي جو مطالبو خود اختياري جي بنياد تي ڪري رهيا آهيون”[xii].

        هن صاحب سنڌ جي علحدگي لاءِ هر هنڌ ۽ هر محاذ تي ڪوشش ڪئي، گول ميز ڪانفرنس ۾ زوردار تقرير ڪرڻ وارو هي ئي صاحب هو. “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان سنڌ جي علحدگي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ هن جو ئي هٿ هو. ساڳي وقت سنڌ جي عام راءِ کي هم خيال بنائڻ لاءِ “سنڌ آزاد ڪانفرنس جي صدر” جي حيثيت سان وڏي ڪوشش ورتائين[xiii].

        1933ع ۾ ڀُٽي صاحب کي بمبئي سرڪار ۾ “لوڪل سيلف گورنمينٽ” جو وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن تي مارچ 1936ع تائين رهيو[xiv]،1934ع ۾ هن صاحب سنڌ ۾ “پيپلز پارٽي” نالي هڪ سياسي جماعت قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ سربراهه مقرر ٿيو[xv]. 1936ع ۾ وري جڏهن سنڌ اتحاد پارٽي قائم ٿي ته کيس انهيءَ جو ليڊر مقرر ڪيو ويو[xvi].

        سنڌ جڏهن بمبئي کان آزاد ٿي ته 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي لاءِ پهريون دفعو چونڊون ڪرايون ويون ته سر شاهنواز خان ڀٽو، شيخ عبدالمجيد سنڌي جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو پر ڪامياب ٿي نه سگھيو[xvii]. انهيءَ سال کيس  پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. جنهن تي پاڻ 1945ع تائين ڪم ڪيائين[xviii]. 1945ع ۾ “جھونا ڳڙهه اسٽيٽ” جو ديوان مقرر ٿيو، پر جڏهن اسٽيٽ تي هندستان قبضو ڪيو ته اتان جي نواب سان گڏجي هي صاحب به پاڪستان آيو ۽ ديوان جي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏيائين[xix]، جنهن کان پوءِ زندگي جا باقي ڏينهن پنهنجي زمينداري ۾ گذاريائين. سندس وفات 19 نومبر 1957ع تي ٿي[xx].

قاضي خدا بخش:

الف: تعارف:

قاضي خدا بخش سنڌ جي مردم خيز ڳوٺ مورو ضلع نواب شاهه جي سرزمين تي پيدا ٿيو. قاضي صاحب جا وڏا پنهنجي دور جي اهل علم ۽ اهل قلم وارن جي دنيا ۾ ڏاڍي عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا. سندن سومرو ذات کي ايتري مشهوري نه ملي پر پنهنجي منصب ۽ حڪومت جي قدرشناسي سبب قاضي سڏجڻ لڳا. قاضي صاحب جو والد قاضي نبي بخش مورائي به پنهنجي ڳوٺ جو مشهور عالم هو. ان کان سواءِ سندس وڏو ڀاءُ مولوي عبدالخالق تخلص “خليق مورائي” پنهنجي دور جو بهترين عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.

        قاضي خدا بخش پهرين آگسٽ 1894ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو[xxi]. هن صاحب جو ننڍپڻ پنهنجي  علمي ۽ ادبي ماحول ۾ گذريو. سندس والد قاضي صاحب جي تعليم جو چڱو بندوبست ڪيو. کيس ابتدائي تعليم پنهنجي مدرسي ۾ ۽ پوءِ سنڌي پرائمري اسڪول موري ۾ ڏياري. ان کان پوءِ هن صاحب کي 3 مارچ 1908ع تي سنڌ مدرسي ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو[xxii]، جتان 1914ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين[xxiii]. ان کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ جتي ٻه مهينا تعليم حاصل ڪيائين[xxiv]. جيئن ته سندس والد ان وقت سياسي، سماجي، مذهبي ۽ تعليمي تحريڪن ۽ جماعتن ۾ دلچسپي رکندو هو. انهيءَ ڪري هن صاحب پنهنجي پٽ جي لاءِ عليڳڙهه ڪاليج پسند ڪيو. جنهن ڪري قاضي صاحب کي عليڳڙهه وڃڻو پيو. جتي 1921ع تائين رهيو[xxv]، اُتي هن جي ڄاڻ سڃاڻ مرحوم ڊاڪٽر ذاڪر حسين، نواب حميد الله خان، ڀوپال جي والي پروفيسر رشيد احمد صديقي ۽ ٻين ڪيترن ئي مايه ناز هستين سان ٿي. “خلافت تحريڪ” ۾ حصي وٺڻ سبب ڪاليج کي ڇڏي ڏنائين، وري جڏهن تحريڪ سرد ٿي ويئي ته ميرٺ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتان 1926ع ۾ ايل.ايل.بي جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين[xxvi].

ب: مدرسي جو اثر:

       قاضي خدابخش جنهن زماني ۾ تعليم حاصل ڪئي، اهو پرنسپال وائنس (Vines) جو زمانو هو. هن کي ڊي - پي ڪوٽوال ۽ ايم - آر - شيرازي جهڙن لائق ۽ قابل استادن جي نگهباني ۽ نظرداري نصيب ٿي جن سندس شخصيت ۽ ڪردار تي وڏو اثر وڌو.

        قاضي صاحب “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۾ وڏي چاهه سان حصو وٺندو هو ۽ تقريرون ڪندو هو. هن جي بهترين مقرر ٿيڻ ۾ انهيءَ سوسائٽيءَ جو وڏو هٿ هو. ان کان سواءِ “سنڌ مدرسة الاسلام” سندس شخصيت ۽ ڪردار تي جيڪو اثر وڌو، ان لاءِ قاضي صاحب پاڻ لکي ٿو ته: “مون سڄا سارا ست سال سنڌ مدرسي ۾ گذاريا. صبح جو ڊرل، لازمي رانديون، مسجد ۾ وقت تي پهچڻ ۽ دوستن سان ويلي ويلي تي گڏجڻ منهنجي زندگي جو حصو بڻجي ويو هو. انهيءَ معمول منهنجي حياتي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو. آئون جڏهن ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته پنهنجي پياري مدرسي جي ڪابه ڳالهه نظر نه آئي، عجيب ماحول ۽ انوکيون رسمون. ائين پئي لڳو ڄڻ نئين دنيا ۾ اچي ويو آهيان. اهڙي دنيا جتي اُنس ڪونهي ۽ سڪون به ڪونهي ۽ پوءِ آئون ٻن مهينن ۾ ڪاليج ئي ڇڏي ويس”[xxvii].

        قاضي صاحب عملي زندگي ۾ به ڪيترو ئي وقت مدرسي سان وابستگي رکندو آيو. 1942ع - 1943ع ۾ “مدرسه بورڊ” تي ميمبر جي حيثيت سان نامزد ٿيو[xxviii]. 1943ع - 1944ع واري سال “مدرسه بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي رهيو[xxix]. “سنڌ مدرسه آرٽس ڪاليج” کولائڻ ۾ قاضي صاحب جيڪا اخلاقي ۽ مالي مدد ڪئي ان کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.

سياست ۾ حصو:

       خلافت تحريڪ واري زماني ۾ قاضي صاحب عليڳڙهه ڪاليج ۾ جڏهن زير تعليم هو. اهو وقت برصغير جي لاءِ هڪ آزمائش جو دور هو. سامراجي ظلم ۽ تشدد عوام ۾ انگريزن خلاف نفرت ۽ بيزاري جي جذبي کي ڀڙڪائي ڇڏيو هو. جڏهن خلافت تحريڪ هلي ته هندو مسلمان هڪ ٿي ويا. اها اهڙي تحريڪ هئي جنهن سچ پچ ته برصغير جي هر هڪ ماڻهو کي متاثر ڪيو. قاضي صاحب اهڙي ڪشمڪش واري دور ۾ ئي ساهه کڻي رهيو هو. هو هڪ مخلص ۽ دردمند مسلمان ۽ آزادي جو متوالو هو. انهيءَ ڪري ملڪ جي سياسي حالت کان متاثر ٿيڻ بغير رهي نه سگھيو. هن خلافت تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ جوش ۽ جذبي جي قرباني، خلوص ۽ جان فروشي جي تڙپ، تقرير ۽ تحرير جي ڏات، تنظيمي صلاحيت ۽ ذاتي قابليت کي خلافت تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هُو صاحب جلد ئي محمد علي “جوهر” جو قرب ۽ اعتماد حاصل ڪري ويو ۽ انهيءَ عظيم ليڊر جو پرسنل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو[xxx].

        قاضي صاحب کي اهڙي نموني سان اُسرندو ڏسي انگريز سرڪار لالچ ۽ لوڀ جي آڇ ڪئي. زور بار رکيو ويو. پر هن صاحب سچ جي نعري بلند ڪرڻ ۽ تحريڪ سان ساٿ ڏيڻ قبول ڪيو. انهيءَ ڪري 1922ع ۾ هن صاحب کي هڪ سال لاءِ جيل موڪليو ويو[xxxi]. پهريون چند ڏينهن ڪراچي جيل ۾ رهيو پوءِ کيس “ڀون” جيل موڪليو ويو.

        1934ع کان قاضي صاحب جي زندگيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو. هي صاحب انهيءَ سال سرعبدالله هارون جي مقابلي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر شپ لاءِ اميدوار بيٺو پر سر عبدالله هارون سندس لياقتن، صلاحيتن ۽ قابليت جو قدر ڪندي دست بردار ٿي ويو ۽ هي صاحب بنا مقابلي “ڊپٽي ميئر” منتخب ٿي ويو[xxxii]. 1935ع ۾ هي صاحب ڪراچي جي “ميئر” ٿيڻ لاءِ اميدوار بيٺو. هن جو مقابلو ڪراچيءَ جي مشهور دولتمند تاجر ۽ سماجي ڪارڪن مرحوم حاتم علي علوي سان هو، جنهن کي شڪست ڏنائين ۽ 3 مئي 1935ع کان 9 مئي 1936ع تائين ميئر منتخب ٿيو[xxxiii]. هي صاحب ڪراچيءَ جو پهريون مسلمان سنڌي ميئر منتخب ٿيو هو.

        قاضي صاحب پنهنجي ميئر شپ جي زماني ۾ ڪيترائي اردو اسڪول کوليا ۽ ڪراچي ۾ وڏا سڌارا آندا. 1935ع ۾ ڪوئيٽا ۾ زبردست زلزلو آيو. جنهن لاءِ قاضي صاحب جي انسان دوستي تڙپي اٿي ۽ جلدي ئي “ميئر رليف فنڊ” قائم ڪيو ۽ شروعات ۾ پاڻ ٻه هزار روپيا جمع ڪرايائين. قاضي صاحب هڪ خاص ٽرين ڪري ڪوئيٽا ويو ۽ زلزلي جي ڏتڙيل ماڻهن کي وٺي اچي ڪراچي آباد ڪرايائين[xxxiv]. 1936ع ۾ سندس انسان دوستي ۽ خدمت جو احترام ڪندي انگريز سرڪار کيس “سر” جي خطاب جي پيش ڪش ڪئي پر هن انهيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وري کيس “قيصر هند” تمغه جي آڇ ٿي جيڪا قبول ڪيائين[xxxv].

        قاضي صاحب سياسي چڪرن کان سواءِ سماجي ڪمن ۾ به تمام گھڻي دلچسپي وٺندو هو. 1937ع ۾ سر راس مسعود ڪراچي آيو ته سندس مشوري تي قاضي صاحب ڪراچي ۾ “عليڳڙهه اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” قائم ڪئي ۽ ان جو مرڻ گھڙي تائين صدر رهيو. ساڳي سال قاضي صاحب ڪراچي “چلڊرين ويلفيئر سوسائٽي” قائم ڪئي، آخر ۾ مسلم ليگي حڪومت، قاضي صاحب کي 1943ع ۾ سنڌ صوبي جو وڏو سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو ۽ پاڻ آخري دم تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو[xxxvi].

        قاضي صاحب پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن کي ڪراچيءَ جي ميئر ٿيڻ جو موقعو مليو. پاڻ پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن کي عليڳڙهه جي شاگرد جماعت جو صدر چونڊيو ويو. هو صاحب مرڻ وقت تائين “سنڌ مدرسه بورڊ” جو پڻ ميمبر هو. هي عظيم انسان 20 فيبروري 1944ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو[xxxvii].

خانبهادر الهه بخش گبول:

الف: تعارف:

خانبهادر الهه بخش جو تعلق “آکواڻي” گبولن مان هو. هن جو والد خداداد خان گبول سرنديءَ وارو ماڻهو هو، جيڪو محنت ۽ ڪفايت جي سهاري سان زر ۽ زمين جو مالڪ بڻجي ويو. هو صاحب اڪثر ڪري مال جو واپار ڪندو هو[xxxviii].

        الهه بخش گبول جي پيدائش 15 آگسٽ 1895ع تي ديهه  گڏاپ ۾ ٿي، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن 11 نومبر 1910ع تي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي[xxxix]. 1915ع ۾ جڏهن پاڻ انگريزي جي چوٿين درجي ۾ هو ته گھڻي گُسائڻ سبب سندس نالو مدرسي مان خارج ڪيو ويو[xl].

مدرسي جو اثر:

        گبول صاحب پورا چار سال “سنڌ مدرسة الاسلام” جو شاگرد ٿي رهيو، انهيءَ عرصي دوران “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۽ مدرسي سان واسطو رکندڙ ٻين نصابي توڙي غير نصابي شغلن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. کيس پرنسپال وائنس (Vines) جهڙو پرنسپال ۽ ڪوٽوال، مولوي عبدالرحيم، مريد علي ۽ خواجه علي محمد جهڙا قابل استاد مليا. هن صاحب پنهنجن شفيق استادن کان ايترو ڪجھه پرايو جو اڳتي هلي سندس اهي مشاهدا ۽ تجربا زندگي سنوارڻ جو اهم ڪارڻ بڻيا.

        گبول صاحب نه رڳو تعليم ۽ تحصيل جا چار سال مدرسي ۾ رهيو. پر ان کان پوءِ به سندس مدرسي سان وابستگي رهندي آئي. پاڻ 1929ع کان 1932ع تائين “مدرسه بورڊ” جو ميمبر رهيو[xli] ۽ وري 1939ع کان 1941ع تائين مدرسه بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو[xlii]. هن صاحب پنهنجي زندگيءَ جو بيشتر حصو “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي جي خدمت ۾ گذاريو، پاڻ مدرسه بورڊ جي پريزيڊنٽ جي عهدي تي فائز هو جو سندس وفات ٿي.

سياست ۾ حصو:

       گبول صاحب پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز 1922ع ۾ ڪيو. سڀ کان اڳ هي پهريون دفعو ڪراچي تعلقي جي لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1925ع ۾ ڪراچي تعلقي جي لوڪلبورڊ جو صدر منتخب ٿيو[xliii]. 1927ع تائين پنهنجي اثر رسوخ جو دائرو وسيع ڪري چڪو هو، ايتري قدر جو کيس انهيءَ سال وقت جي ڪليڪٽر “گبسن” (Gibson) ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ڪائونسلر نامزد ڪيو ۽ پوءِ هو 30 سالن تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ڪائونسلر مقرر ٿيندو آيو[xliv]. هي صاحب انهيءَ عرصي دوران مختلف ڪميٽين ۽ سب ڪاميٽين جو ميمبر به بڻيو آيو. کيس ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ڊپٽي ميئر ٿيڻ جو موقعو مليو[xlv]. 1927ع ۾ هن کي آنرري فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن تي پندرهن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو[xlvi]. جلد ئي پوءِ کيس “خان صاحب” ۽ “خانبهادر” جا لقب مليا. 1928ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ مقرر ٿيو[xlvii] ۽ 1933ع کان پندرهن سالن تائين لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيائين[xlviii]. ساڳي سال مسٽر گبسن(Mr. Gibson)، جمشيد نسروانجي ۽ هن صاحب کي ڪراچي ميوسنپل ڪارپوريشن بل پاس ڪرڻ وقت بمبئي ڪائونسل تي قانوني ماهر طور نامزد ڪيو[xlix]. 1934ع کان آنرري اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو جنهن عهدي تي 15 سال ڪم ڪيائين. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کان پوءِ هي صاحب چونڊن ۾ ڪامياب ٿي آيو، ته کيس سنڌ اسميبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ڪيو ويو. پاڻ سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت دوران سنڌ جو چيف پارليامينٽري سيڪريٽري ٿي رهيو. ڊسمبر 1956ع ڌاري جڏهن سرڪار طرفان ڪارپوريشن کي معطل ڪيو ويو ته انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي. گبول صاحب انهيءَ ڪاميٽي جو 12 جون 1958ع تائين چيئرمين ٿي رهيو. 1959 ۾ بنيادي جھموريت جي نظام تحت هي صاحب يونين ڪاميٽي تي اڪثريت سان چونڊجي آيو[l]. ان کان پوءِ مغربي پاڪستان صلاحڪار بورڊ جو ميمبر نامزد ٿيو[li].

        خانبهادر الهه بخش گبول وقت به وقت سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ سماجي تنظيمن، جماعتن ۽ ڪاميٽين جو گھڻي عرصي تائين ميمبر رهيو جن مان چند هن ريت آهن:

 

1

حج ڪاميٽي

ميمبر ۽ وائيس چيئرمين

2

ڪراچي سول اسپتال

ميمبر

3

ليڊي ڊفرن اسپتال

ميمبر

4

آر - جي گورڌنداس اکين جو اسپتال

ميمبر

5

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ

ٽرسٽي

6

ريلوي صلاحڪار ڪاميٽي

ميمبر

7

ڪراچي ڪلب

ميمبر

8

فري ميسنري

ميمبر

9

ڪراچي ريس ڪورس

ميمبر[lii].

        خانبهادر الهه بخش گبول 26 سيپٽمبر 1969ع تي وفات ڪري ويو.

محمد هاشم گذدر:

تعارف:  

محمد هاشم گذدر پهرين فيبروري 1895ع تي جيسلمير ۾ ڄائو[liii]. ابتدائي تعليم کان پوءِ  1903ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو. جتان 1910ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[liv]، 1911ع ۾ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتان 1912ع ۾ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ بي – اِي (B.E) جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين پونا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهيو[lv].

مدرسي جو اثر:

        عجيب اتفاق آهي جو محمد هاشم گذدر شاگرد جي حيثيت ۾ ۽ مسٽر وائينس پرنسپال جي حيثيت ۾ هڪ ئي سال مدرسي ۾ داخل ٿين ٿا. محمد هاشم گذدر انهن شاگردن مان هڪ آهي جن پرنسپال وائينس جي انقلابي دور جي شروعات ڏٺي. هن کان اڳ مدرسي ۾ “ڊبيٽنگ سوسائٽي” قائم ٿيل هئي. وائينس جي اچڻ کان پوءِ 1906ع ۾ “اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” قائم ٿي، محمد هاشم گذدر کي انهن ٻنهي جماعتن ڏاڍو متاثر ڪيو. هو مدرسي جي “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۾ باقائدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو[lvi] ۽ جڏهن “اولڊ بوائز ايسوسيئيشن” جا ميڙ ٿيندا هئا ته انهن ۾ پڻ شرڪت ڪندو هو. وڏن ماڻهن کي ڏسي ڪري کيس به وڏو ماڻهو ٿيڻ جو شوق ٿيو. انهيءَ شوق ۽ جستجو کي وري قابل استادن جي صحبت، تربيت ۽ شفقت، حقيقت بنائڻ ۾ وڏي هٿي هئي. سندس زماني ۾ ڊي - پي  ڪوٽوال، لعلچند امر ڏنو مل ۽ مريد علي خواجه جهڙا هوشيار استاد ٿي گذريا آهن. جيڪي پنهنجي علمي لياقت، ادبي خدمتن ۽ صلاحيتن کان سواءِ قومي امنگن جا مجموعا به هئا. انهيءَ سموري ماحول محمد هاشم گذدر کي ڏاڍو متاثر ڪيو[lvii]، جو هن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ صحيح مقام ماڻيو. ان کان سواءِ گذدر صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ سنڌ مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ “مدرسه بورڊ” 1949ع کان 1960ع تائين پريزيڊنٽ ٿي رهيو[lviii].

سياست ۾ حصو:

محمد هاشم گذدر تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1933ع تائين سرڪاري ملازمت ڪئي. جنهن کان پوءِ سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. هو صاحب 1934ع کان سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ وقت تائين بمبئي ليجسليٽوڪائونسل جو  ميمبر رهيو ۽ ان کان پوءِ هڪ سال سنڌ جي انتظامي ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو[lix]. ان کان سواءِ ساڳي سال کان وٺي 1958ع تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. جنهن دوران 1941ع کان 1942ع تائين ڪراچيءَ جو ميئر به رهيو[lx].

        گذدر صاحب مختلف سياسي جماعتن ۾ رهي ڪم ڪيو، جن ۾ “اتحاد پارٽي ”، “ڊيموڪريٽڪ پارٽي” ۽ “مسلم ليگ” قابل ذڪر آهن، پاڻ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي ابتدا کان وٺي 1946ع تائين ميمبر رهيو. انهيءَ دوران 1942ع کان 1945ع تائين وزير ٿي رهيو[lxi]. کيس 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ طرفان “ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبليءَ” جو ميمبر چونڊيو ويو. هو پاڻ ون يونٽ ٺهڻ تائين قانون ساز اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهيو[lxii]. ون يونٽ جي ابتدا کان وٺي 1958ع تائين اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1961ع ۾ سياست تان رٽائر ڪيائين[lxiii].

        محمد هاشم گذدر پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ ڪيترائي مکيه عهدا ماڻيا. پاڻ هڪ طرف ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو “ميئر” ٿيو ته ٻئي طرف قانون ساز اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهيو. هڪ طرف بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو ته ٻئي طرف اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. هڪ طرف سنڌ جي انتظامي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ته ٻئي طرف سنڌ جو صوبائي وزير ٿيو. هن صاحب ايوبي دور جي آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته سياست بي اصوليءَ، ٺڳيءَ ۽ فريب جو نالو وڃي رهيو آهي ته پاڻ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو. سندس وفات 25 فيبروري 1965ع تي ٿي[lxiv].

قاضي عبدالرحمان:

تعارف:

قاضي عبدالرحمان محمد صديق اڄڻ جي ولادت 1898ع ۾ اڇي مسجد تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿي[lxv]. جيئن ته ماستر محمد صديق اڄڻ پنهنجي تر جو واحد تعليم يافته شخص هو، ان ڪري وقت جي سرڪار کيس اتان جو قاضي مقرر ڪيو ۽ پوءِ هي قاضي سڏجڻ لڳا[lxvi].

        قاضي عبدالرحمان ابتدائي تعليم درٻيلي، نوشهري ۽ ڀريا ۾ ورتي ان کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان 1914ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[lxvii]. جنهن کان پوءِ قاضي صاحب “بهاءُ الدين ڪاليج” جھونا ڳڙهه ۾ وڃي داخل ٿيو جتان 1920ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين.

مدرسي جو اثر:

       علم سان چاهه ۽ ادب سان محبت قاضي صاحب کي جيتوڻيڪ ورثي ۾ مليا پر سنڌ مدرسي جي اثر انهيءَ تي سون تي سهاڳي جهڙو ڪم ڪيو. قاضي صاحب سنڌ مدرسي جي شاگردي واري زماني ۾ سنڌ مدرسه ڪرانيڪل جو “شاگرد ايڊيٽر” ٿي رهيو[lxviii] ۽ انهيءَ وقت سنڌ جي مشهور اخبار “الحق” ۾ مضمون وغيره لکندو هيو. انهن ڳالهين قاضي صاحب جي مستقبل کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو، جو پاڻ اڳتي هلي مسلمانن جي نامياري اخبار “الوحيد” جو پهريون ايڊيٽر” مقرر ٿيو.

        قاضي صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علم، ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هوندي هئي. 1920ع  ۾ کيس “الوحيد” اخبار جي پهرين ايڊيٽر هئڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ پاڻ 1928ع تائين هن اخبار سان وابسته رهيو. کيس ايڊيٽريءِ جي دوران حق ۽ سچ لکڻ تي ٻارهن مهينا جيل به ڀوڳڻو پيو. هن 1924ع ۾ “مسلم ايڊووڪيٽ” اخبار به جاري ڪئي. 1924ع ۾ جڏهن “سنڌ ايڊيٽرس ايسوسيئيشن” ٺاهي ويئي ته هي صاحب ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ٻيو دفعو 1945ع ۾ “الوحيد” جو ايڊيٽر پڻ مقرر ڪيو ويو.

 

سياست ۾ حصو:

       قاضي عبدالرحمان صحافت ۽ سياست جو آغاز گڏوگڏ ڪيو. شروعات ۾ ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪيائين. 1921ع ۾ انگريز سرڪار جي غلط سرشتي خلاف مضمون لکيائين ته حڪومت هن تي سياسي ڪيس هلائي هڪ سال سزا ڏيئي ڇڏي[lxix]. 1922ع ۾ “سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪاميٽيءَ” جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ڪجھه وقت کان پوءِ ساڳي ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي 1924ع تائين ڪم ڪندو رهيو[lxx] ۽ 1923ع کان 1928ع تائين حاجي عبدالله هارون جو سياسي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو.  1924ع ۾ ڪانگريس ڪاميٽيءَ تان استعيفا ڏيئي، “سنڌ پراونشل خلافت تحريڪ” جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. جتي پاڻ 1926ع تائين زور شور سان ڪم ڪندو رهيو[lxxi].

        قاضي صاحب 1927ع کان 1929ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪائونسلر ٿي رهيو[lxxii]. 1930ع ۾ جڏهن ڪانگريس پوري هندستان ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي ته سنڌ ۾ قاضي صاحب انهيءَ تحريڪ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. جڏهن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي تحريڪ هلي ته هن صاحب کي “سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي تي کنيو ويو. “ارونگ ڪاميٽي” جي ڏنل رپورٽ جي جاچ لاءِ جڏهن اپريل 1932ع ۾ مسٽر برين (Mr: Brain) جي صدارت هيٺ سنڌ جي هندو مسلم نمائندن جي هڪ سنڌ ڪانفرنس مقرر ڪئي ويئي جنهن تي قاضي صاحب کي ميمبر ڪري کنيو ويو[lxxiii].

        ٻي جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان پوءِ قاضي صاحب کي “ڪراچي ڊسٽرڪٽ وار ڪاميٽي” تي آنرري سيڪريٽري ڪري کنيو ويو. 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته کيس سنڌ جو پهريون ڊائريڪٽر آف انفرميشن ائنڊ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ڪيو ويو جتي 1951ع تائين ڪم ڪندو رهيو[lxxiv].

        قاضي صاحب پنهنجي پوري زندگي صحافت ۽ سياست ۾ گذاري. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندي 24 جون 1958ع تي هن دنيا مان موڪلائي ويو[lxxv].

سيد ميران محمد شاهه:

تعارف:

سيد ميران محمد شاهه جا وڏا 12 هجريءَ جي اوائل ڌاري پنهنجي گذر سفر جي سانگي مٽياري مان لڏي اچي لاڙ ۾ رهيا. سندس پڙڏاڏو سيد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ، ماهر طبيب ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي[lxxvi]. شاهه صاحب جو ڏاڏو سيد ميران محمد شاهه (اول) وڏو بزرگ ۽ فاضل حڪيم هو. نثر ۽ نظم تي دسترس حاصل هيس. سندس ڪتاب “سڌه توره ڪڌه توره” ۽ “مفيد الصيبان” اڄ علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. شاهه صاحب جو والد سيد زين العابدين پنهنجي وقت جو هڪ مشهور ماهر طبيب ٿي گذريو آهي.

        سيد ميران محمد شاهه جي ولادت 11 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ ٿي[lxxvii]. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري لوڪلبورڊ ورنيڪيولر اسڪول ۽ اي - وي اسڪول ڪوٽڙي ۾ ورتائين. ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ فيبروري 1910ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو[lxxviii]، جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[lxxix]. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتان 1921ع ۾ بي - اي جي ڊگري حاصل ڪيائين[lxxx]. سيد ميران محمد شاهه 1924ع ۾ ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي[lxxxi].

مدرسي جو اثر:

       سيد ميران محمد شاهه اهڙن شاگردن مان هڪ آهي، جن تي سنڌ مدرسي ڀرپور اثر ڪيو. شاهه صاحب پرنسپال وائينس جي زماني ۾ مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. پرنسپال وائينس اهو ماڻهو هو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي حڪومت خلاف ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو هو[lxxxii]، اهو ئي سبب هو جو سندس دور ۾ ڪيترن مسلمان شاگردن کي مدرسي مان خارج ڪيو ويو. سيد ميران محمد شاهه جي پرنسپال وائنس سان اڻبڻت ٿي پئي. جنهن واقعي هن نوجوان تي وڏو اثر ڪيو جو هو اڳتي هلي انگريز سامراج جو مخالف ٿي پيو.

        1917ع ۾ پرنسپال وائينس کيس مئٽرڪ جي امتحان لاءِ سرٽيفاءِ نه ٿي ڪيو، جنهن حادثي کان متاثر ٿي ميران محمد شاهه جي ڏکويل دل دانهون ڪرڻ لڳي ته:

عطا ڪر اسان کي وڏو مرتبو
نه هيئن ڪافرن کي ڊگھو ڏي رسو
وري سرخرو ڪر اسان کي سگھو
ڪريو قرب مون تي قائم قديم

ڪيم علم خنزير خر جو قبول
نه مک صنفعت جو ٿيو ڪو حصول
سڄي عمر برباد ٿي باالفضول
ٿيس ڇو نه ٿي ابتدا کان فهيم

 

ڪيان واءِ ويلا وڃي ڪنهن جي در
سُجھي ڪونه تو کان سواءِ ڪنهن جو در
ولهي تي اي والي ڪريو هاڻ ور
سراپا اي سائين مان آهيان سقيم

 

مان مظلوم آهيان هو ظالم زبر
ستم کان اسان جي جلي ٿو جگر
نه ڪن ٿيون انت التجائون اثر
اسان تي وري مهر ڪريو حليم

 

نه ٿي “مير” جي پوري ڪا آرزو
رهي ٿي سدا علم جي جستجو[lxxxiii]

 

        شاهه صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به “سنڌ مدرسة الاسلام” جي وقت به وقت مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندو رهيو. پاڻ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان “سنڌ مدرسه بورڊ” جو 1932ع کان 1939ع تائين ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو[lxxxiv].

سياست ۾ حصو:

       سيد ميران محمد شاهه وڪالت ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو. 1924ع ۾ کيس حيدرآباد جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر منتخب ڪيو ويو[lxxxv]، پوءِ کيس ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو[lxxxvi]. 1928ع ۾ جڏهن سر غلام حسين هدايت الله ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو ته سندس جاءِ خالي ٿي پئي ۽ هي صاحب شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ بمبئي ليجسليٽو جو ميمبر چونڊجي ويو[lxxxvii]. ساڳي سال سرڪار “سائمن ڪميشن” مقرر ڪئي، جنهن جي مدد لاءِ بمبئي ڪائونسل طرفان سر شاهنواز ڀٽي جي چيئرميني هيٺ هڪ صوبائي ڪاميٽي ٺاهي ويئي، ان تي سنڌ مان سيد ميران محمد شاهه کي ميمبر کنيو ويو، جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي سنڌ جي عوام جي مڪمل ترجماني ڪيائين[lxxxviii]. 1929ع ۾ کيس حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ منتخب ڪيو ويو. 1930ع ۾ کيس ٻيو ڀيرو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو[lxxxix]. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ته  سرگرهام پهريون گورنر ۽ مسٽر ڪرپلاڻي پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ٿي آيا. تنهن وقت سيد ميران محمد شاهه، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ ان ڪائونسل جو چيئرمين سر غلام حسين هدايت الله هو. شاهنواز ڀٽو، راءِ بهادر هيرانند کيم سنگھه گورنر جا صلاحڪار هئا. سيد ميران محمد شاهه به ان “ايڊوائيزر ڪائونسل” جو ميمبر هو[xc].

        1937ع ۾ جڏهن آزاد سنڌ جي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، ته مسٽر نور محمد وڪيل ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ حيدرآباد شهر ۽ تعلقي مان ميمبر چونڊجي ويو. ڪجھه وقت سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري رهيو ۽ پوءِ ديوان ڀوڄسنگ اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي 3 مئي 1948ع تائين فائز رهيو[xci]. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ۾ وزارت جي عهدي تي مختلف وڏن وزيرن جي وزارتن ۾ 1951 تائين رهيو.

1.      پير الاهي بخش جي وزارت ۾، مئي 1946ع کان فيبروري 1949ع تائين: خزانو، صحت، مڪاني خود حڪومت ۽ مهاجرن جي آبادڪاري[xcii].

2.     يوسف هارون جي وزارت ۾، فيبروري 1949ع کان مئي 1950ع تائين:

پي - ڊبليو - ڊي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري[xciii].

3.     قاضي فضل الله جي وزارت ۾، مئي 1950ع کان مارچ 1951ع تائين:

پي - ڊبليو - ڊي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري[xciv].

4.     خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي وزارت ۾ ، مارچ 1951ع کان ڊسمبر 1951ع پي - ڊبليو - ڊي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري[xcv].

1952ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان “اسپين” جو سفير مقرر ڪيو ويو[xcvi]. 1953ع ۾ حڪومت جي سفارتي عهدن تي سرڪاري عملدارن کي مقرر ڪرڻ واري پاليسي سبب کانئس اهو عهدو واپس ورتو ويو[xcvii]. 1954ع کان 1957ع تائين “ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ” جو چيئرمين ٿيو[xcviii].

        شاهه صاحب ڪيترو ئي وقت صاحبِ اقتدار ۾ رهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي خدمت دل ۽ جان سان ڪندو رهيو. سنڌ جو هي سياستدان شاعر ۽ اديب 16 نومبر 1963ع تي وفات ڪري ويو[xcix]. سندس علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو.

حاتم علي علوي:


 

[i] S.N.Bhutto: Message, Karachi, Sind Madressah Chronicle, Golden Jubilee 1935, Sind Madressahtul Islam, 1935, P -I & ii.

256 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -167.

257 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 168.

258 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 167.

[v] See: Biographical Encyclipedia of Pakistan, Lahore, Biographical research Institute, 1966, P - 55.

[vi] See: Who’s who & Why: Daily Gazette Press, Karachi, 1932, P - 4. 

[vii] See: Who’s who & Why: Daily Gazette Press, Karachi, 1932, P - 4.

262 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع ، ص -167.

[ix] See: Biographical Encyclipedia of Pakistan, Lahore, Biographical research Institute, 1966, P - 55.

[x] See: Who’s who & Why: Daily Gazette Press, Karachi, 1932, P - 4.

265 ڪوثر نيازي: ديده ور، ڪراچي، شيخ غلام علي ائنڊ سنز، 1977ع، ص - 33.

266 مظهر يوسف: شاهنواز بهڻو کي گول ميز کانفرنس مين تقرير، کراچي، روزنامه جنگ، 31 جنوري 1977ع، ص - 4.

267 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص - 91 ۽ 92.

268 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -168.

269 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 169.

[xvi] Hatim A. Alvi: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Daily Dawn, 27th April 1974.

271 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -171.

272 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -171.

[xix] See: Biographical Encyclipedia of Pakistan, Lahore, Biographical research Institute, 1966, P - 55.

274 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع ، ص -172.

275 معلومات قاضي نبي بخش ولد قاضي خدا بخش کان تاريخ 24 اپريل 1977ع تي روبرو ورتي ويئي.

[xxii] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 1389.

[xxiii] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1914 - 15, P - 23.

[xxiv] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Bool, of D.J.S.College, Karachi 1887 - 1937, Educational Printing Press, Karachi 1939, P - 79.

[xxv] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Bool, of D.J.S.College, Karachi 1887 - 1937, Educational Printing Press, Karachi 1939, P - 79.

280 ڏسو: روزنامه جنگ، کراچي، مورخه 15 اپريل 1976ع، ص - 3.

[xxvii] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Bool, of D.J.S.College, Karachi 1887 - 1937, Educational Printing Press, Karachi 1939, P - 79.

[xxviii] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1942 - 43, P - 12.

[xxix] See: Minutes Book No: 2, of Sind Madresah Board, P - 180.

284 معلومات قاضي نبي بخش ولد قاضي خدا بخش کان تاريخ 24 اپريل 1977ع تي روبرو ورتي ويئي.

285 ڏسو: روزنامه جنگ، کراچي، مورخه 15 اپريل 1976ع، ص - 3.

286 ڏسو: روزنامه جنگ، کراچي، مورخه 15 اپريل 1976ع، ص - 3.

[xxxiii] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Bool, of D.J.S.College, Karachi 1887 - 1937, Educational Printing Press, Karachi 1939, P - 112.

288 معلومات انٽرويو وسيلي قاضي محمد اڪبرولد قاضي خدا بخش کان تاريخ 12 اپريل 1976ع تي ورتي ويئي.

289 خان محمد پهنور: سنڌ جو پهريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، جولائي - آگسٽ 1974ع ، ص - 50.

290 خان محمد پهنور: سنڌ جو پهريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، جولائي - آگسٽ 1974ع ، ص - 50.

[xxxvii] See: Sind Madressah Standing Committee Book No: 5, P - 161.

292 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -266.

[xxxix] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 618.

[xl] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 618.

[xli] See: Annual Report of Sin Madressahtul Islam, Karachi for the year 1929-30, P-14 & report 1932-33, P - 1.

[xlii] See: Annual Report of Sin Madressahtul Islam, Karachi for the year 1939-40, P-2 & report 1941-42, P - 1.

[xliii] See: Who’s who, Daily Gazette Press Karachi, 1932, P-34.

[xliv] See: Who’s who, Daily Gazette Press Karachi, 1932, P-34.

[xlv] See: The Platinum Jubilee Book Karachi, Sind Madressahtul Islam, Section VI, 1960, P-6.

[xlvi] See: Who’s who, Daily Gazette Press Karachi, 1932, P-34.

301 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -267.

302 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -267.

303 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -267.

[l] See: The Platinum Jubilee Book Karachi, Sind Madressahtul Islam, Section VI, 1960, P-6.

305 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -268.

[lii] See: The Platinum Jubilee Book Karachi, Sind Madressahtul Islam, Section VI, 1960, P-6.

[liii] S.A.R: Bilgerami: The Pakistan year Book & Who’s who, Kitabistan, Karachi, 1949, P - 838.

[liv] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1910 - 11, P - 23

309 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -256.

[lvi] See: Madressah Monthly, karachi, Sind Madressahtul Islam, March, 1908, P - 5.

[lvii] M.H.Gazdar: Message, Karachi, The Platinum Jubilee Book, Sind Madressahtul Islam, 1960, P - 16.

[lviii] See: The Platinum Jubilee Book Karachi, Sind Madressahtul Islam, Section IV, 1960, P-66.

313 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -257.

[lx] See: The Indian & Pakistan Year Book & Who’s who, Bombay, The Times of India Press, 1948, P - 1182.

316 ڏسو: عوامي دور - 4، ڪراچي، تعلقات عامه، 1972ع، ص - 33.

317 معلومات جناب شوڪت حسين ولد محمد هاشم گذدر کان تاريخ 28 جولائي 1976ع تي ورتي ويئي.

318 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -258.

319 معلومات جناب شوڪت حسين ولد محمد هاشم گذدر کان تاريخ 28 جولائي 1976ع تي ورتي ويئي.

320 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -260.

321 ڏسو: روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، مورخه 24-06-1975ع، ص - 3 ۽ 4.

[lxvii] See: 29th Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the Year 1914 - 15, P - 23.

[lxviii] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, Nov: 1913, Title Cover.

323 سلميٰ صديق قاضي: سنڌ جي صحافت ۽ سياست جو جرڪندڙ ستارو، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 24 جون، 1975ع، ص - 3.  

324 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -260.

325 سلميٰ صديق قاضي: سنڌ جي صحافت ۽ سياست جو جرڪندڙ ستارو، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 24 جون، 1975ع، ص - 3.

[lxxii] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette, 1932,  P - 23.

327 سلميٰ صديق قاضي: سنڌ جي صحافت ۽ سياست جو جرڪندڙ ستارو، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 24 جون، 1975ع، ص - 3.

328 سلميٰ صديق قاضي: سنڌ جي صحافت ۽ سياست جو جرڪندڙ ستارو، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 24 جون، 1975ع، ص - 3.

329 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -261.

330 سيد غلام رسول شاهه: “سوز”: ڪليات ميران، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1960ع ، ص - الف.

[lxxvii]  See: Genaral register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 1499.

[lxxviii] See: Genaral register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 3, G.R.No: 1499.

[lxxix] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1917 - 18, P - 22.

[lxxx] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of D.J.S.College, 1887-1937, Karachi, Educational Printing Press. 1939, P-15.

335 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -251.

336 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي ، جلد، 36، 9 جون 1920ع، ص - 1.

337 سيد غلام رسول شاهه: “سوز”: ڪليات ميران، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1960ع ، ص - 47.

[lxxxiv] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi for the year 1932 - 33, P-20 & report 1938-39, P- 14.

339 سيد غلام رسول شاهه: “سوز”: ڪليات ميران، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1960ع ، ص - ب.

340 ڏسو: سه ماهي مهراڻ: سوانح نمبر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 263.

341 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -252.

342 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968، ص - 252.

343 اسد الله “اسد”: تذڪره شعراءِ ٽکڙ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص - 174.

344 يار محمد ٽانوري: منهنجون ادبي يادگيريون، ڪراچي نئين زندگي، جنوري 1964ع، ص - 38.

345 احمد خان آصف مصراڻي: مرحوم سيد ميران محمد شاهه مير و مهجور، ڪراچي، (مقالو) نئين زندگي، جنوري 1964ع، ص - 23.

346 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، تعلقات عامه کاتو، 1972ع، ص - 36-35.

347 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، تعلقات عامه کاتو، 1972ع، ص - 36-37.

348 ڏسو: عوامي دور، ڪراچي، تعلقات عامه کاتو، 1972ع، ص - 36.

349 ڏسو: عوامي دور -4، ڪراچي، تعلقات عامه کاتو، 1972ع، ص - 36-37.

350 سيد غلام رسول شاهه: سيد ميران محمد شاهه (مقالو)، ڪراچي نئين زندگي جنوري 1964ع، ص - 19.

351 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -253.

352 خواجه ڊاڪٽر غلام علي الانا: لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ڄامشورو ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1977ع، ص - 371.

[xcix] See: Daily Dawn, Karachi, dated, 17.11.1963, P - 1.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org