سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:3 

باب ٻيو

تعليمي جاڳرتا ۽ ان جو ردِ عمل

الف: تعليم جي ترقي لاءِ اجتمائي ڪوششون ۽ مجمع محمدي جو قيام:

انگريز راڄ برصغير جي تهذيب ۽ تمدن تي گهرا گهاءَ وڌا، سنڌ سندن آخري نشانو بڻي. انهيءَ ڪارڻ سنڌ، انگريز سرڪار جو اثر ايترو قبول نه ڪيو. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هتان جا رهواسي امن پسند ۽ آزادي جا متوالا پئي رهيا آهن. سنڌ تنهن وقت آزاد هئي، ۽ باقي هندستان انگريزن جي مُٺ ۾ بند هو، سيد احمد شهيد 30-1829ع ۾ سکن خلاف جهاد ڪيو. ته سنڌ واسين انهيءَ جي ڀرپور مدد ڪئي[1].

ان کان پوءِ 1857 جي پهرين آزادي جي لڙائي هر هنڌ ماڻهن ۾ سجاڳي آڻي ڇڏي ۽ پوري هندستان ۾ انگريزن خلاف باهه ڀڙڪي پئي، سنڌ به انهيءَ جدوجهد کان پوئتي پير نه پاتو. حيدرآباد ۾ سپاهي ڪامياب ٿي نه سگهيا ۽ ڪراچي جي “بمبئي رجمينٽ” ۾ بغاوت جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ آيا هئا. انگريز آفيسرن خلاف حملي جون تياريون ٿي ويون هيون. پر ڳالهه کلي پئي سپاهين کان هٿيار ڦريا ويا ۽ پنجن ڄڻن کي توبن سان ٻڌي اُڏايو ويو[2]. انهيءَ کان پوءِ ڪراچي ۾ رهندڙ “جوکين” ڇانوڻي تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي به ڪامياب ٿي نه سگهيا[3].

      هن آزادي جي جدوجهد کان پوءِ انگريزن جي پاليسي ۾ تبديلي اچي ويئي، “مسلم دشمن - هندو نواز پاليسي” اختيار ڪئي. مسلمانن کي ڪيترائي ڏک ڏسڻ پيا ۽ اهي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي، مطلب ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ پوئتي پوڻ لڳا. انهيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته مسلمانن پنهنجي مڙسي تي انفرادي ڪوششون ڪري تڪليفون ۽ ڏک سهي ڪا نه ڪا منزل ماڻي.

“انگريزدان مسلمان ڪو ڪو هوندو هو، جيڪو ٿيو سو به اڪثر پنهنجي مُنهن پهرين ٻن ٽن درجن کان پوءِ محنت ۽ ڪشالي ڪرڻ سان ۽ نه زياده تعليم حاصل ڪرڻ يا وڏن امتحانن پاس ڪرڻ سان اهڙو مثال خانبهادر خداداد خان ۽ ميان حسن علي جو آهي. سردار محمد يعقوب ۽ شيخ صادق علي به مئٽرڪيوليشن تائين مَس پڙهيا، پوءِ نوڪريءَ ۾ داخل ٿي درجي به درجي زياده مايو حاصل ڪيائون”[4].

سنڌ ۾ 1867ع کان 1871ع تائين ڏيڍ سو رپيا ماهوار جيتري پگهار کڻندڙ هندو ۽ مسلمانن جو نوڪرين ۾ تعداد هن ريت هو[5].

نمبر

سال

هندو

مسلمان

1.       

1867

9

3

2.      

1868

4

1

3.      

1869

9

5

4.      

1870

5

6

5.      

1871

3

1

اهڙين حالتن مسلمانن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن ڏٺو ته انگريز حڪومت کي سامهون ٿيڻ سان ڪجهه ڪين ورندو. تڏهن وڃايل آزادي کي وري حاصل ڪرڻ ۽ ڏتڙيل مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ٻيا طريقا سوچڻ لڳا. جيستائين عام ماڻهن ۾ سجاڳي، رهڻي ڪرڻي ۽ هلت چلت ۾ انقلاب نه ايندو تيستائين ڪو به مسئلو حل نه ٿي سگهندو. انهيءَ لاءِ تعليم خاص وسيلو ٿي سگهي ٿي.

انهن حالتن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شخص مٿي چڙهي آيا تن پنهنجي تجربي جي آڌار تي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سوچڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ 1880ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جي هڪ انجمن ٺاهي ويئي جيڪا وڏن ماڻهن جي اختلاف ۽ عهدن جي تڪرار جي نذر ٿي ويئي[6].

ڪجهه وقت کان پوءِ وري خانبهادر حسن علي آفندي ۽ الهه بخش اٻوجهي طرفان هڪ نئين جذبي سان ٻِئي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ آخرڪار 16 مارچ 1884ع تي “مجمع محمدي” جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي[7].

مولوي الهه بخش اٻوجهي سنڌ جو تفصلي دورو ڪيو ۽ 18 جون 1884ع تي شڪارپور ۾ مرزا علي محمد جي مدد سان، 20 سيپٽمبر 1884ع تي مرزا قلب علي جي واهر سان، 15 فيبروري 1885ع تي سکر ۾ ۽ 13 مارچ 1885ع تي حيدرآباد ۾ “مجمع محمدي” جون شاخون برپا ڪيون ويون[8]. هن “مجمع محمدي انجمن” جو پهريون صدر خان بهادر حسن علي آفندي ٿيو ۽ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي مولانا الهه بخش اٻوجهي کي مقرر ڪيو ويو[9].

جماعت جا ٻيا مکيه ڪارڪن هن ريت هئا:

1.      خانبهادر نجم الدين.

2.     سردار محمد يعقوب.

3.     شيخ محمد اسماعيل.

4.     خانبهادر خداداد خان.

5.     خانبهادر ولي محمد حسن علي.

6.     خانبهادر علي محمد حسن علي.

7.     شيخ صادق علي.

8.     سيٺ علي ڀائي ڪريم جي.

9.     سيٺ غلام حسين ڇاڳلا.

10. سيٺ نور محمد لالڻ.

11.  سيٺ صالح محمد عمر ڏوسل.

12. سيٺ غلام حسن خالقڏنو.

13. سيٺ فيض محمد فتح علي.

14. صاحبزاده محمد يعقوب.

15. شمس الدين طيب الدين.

16. آخوند حبيب الله.

17. مرزا علي احمد بيگ.

18. مرزا آصف.

19. مرزا مخلص علي.

20.            مولا نورنگزاده.

21. جناب عبدالرحمان محمد يعقوب.

22.            شيخ محمد ابراهيم. [10].

مجمع محمدي، مسلمانن جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻندي “سنڌ مدرسه بورڊ” تشڪيل ڏنو[11]. جيڪو هيٺين عهدن تي مشتمل هو.

1.      خانبهادر حسن علي آفندي                        صدر

2.     خانبهادر نجم الدين                               نائب صدر

3.     سردار محمد يعقوب                               ميمبر

4.     خانبهادر خداداد خان                               =

5.     خابهادر ولي محمد حسن علي            =

6.     خانبهادر علي محمد حسن علي          =

7.     سيٺ علي ڀائي ڪريم جي                       =

8.     سيٺ غلام حسين ڇاڳلا                  =

9.     سيٺ نور محمد لالڻ                              =

10. سيٺ صالح محمد عمر ڏوسل             =

11.  سيٺ غلام حسين خالقڏنو                        =

12. سيٺ فيض محمد فتح علي                      =

13. شهزاده محمد يعقوب                      =

“مدرسه بورڊ” انهيءَ ڪري قائم ڪيو ويو ته جيئن مسلمانن لاءِ ڪو اهڙو مدرسو قائم ڪجي جنهن ۾ انگريزي تعليم سان گڏ مذهبي تعليم به ڏني وڃي ۽ شاگردن جي لاءِ رهائش جو بندوبست به ڪيو وڃي[12].

    “مجمع محمدي” ۽ “مدرسه بورڊ” جي ڪارڪردگي ڏسي حريفن مخالفت جي ابتدا ڪئي. نيٺ اهي هڪ ڏينهن متحد ٿي 13 اپريل 1885ع تي “واحد ڏنو مسجد” ڪراچي ۾ گڏ ٿيا ته جيئن پنهنجي ڌار انجمن ٺاهين[13]. هن انجمن جي مخالفت جي باوجود “مدرسه بورڊ” پنهنجون ڪوششون جاري رکيون. تان جو اهو ڏينهن به آيو جڏهن “سنڌ مدرسة الاسلام” قائم ڪيو ويو.

ب: سنڌ مدرسة الاسلام جو افتتاح:

    سنڌ مدرسه جو افتتاحي جلسو پهرين سيپٽمبر 1885ع تي ٿيو[14]. جنهن ۾ نوشهري ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڊويزنل مئجسٽريٽ، خانبهادر قادرداد خان، خانبهادر نجم الدين، خانصاحب ولي محمد حسن علي، ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر حيدرآباد، خانصاحب محمد يعقوب، محمد صادق مختيارڪار ڪوٽڙي، خانصاحب محمد علي انسپيڪٽر آف رجسٽريشن ائنڊ اسٽامپس سنڌ، خانصاحب شير دل خان مختيارڪار هرينا، بلوچستان، خانبهادر غلام دستگير انسپيڪٽر آف پوليس، ميان محمد جعفر فزيشن ۽ سيڪريٽري حيدرآباد، پير ميان عبدالعزيز سرهندي، مولوي تاج محمد، محمد عثمان، مولوي فضل عليم آف پنجاب يونيورسٽي، مولوي عمرالدين، مولانا الهه بخش اٻوجهو سيڪريٽري، حافظ محمد يعقوب قاضي محمد شفيع، محمد هاشم، سيد امام بخش، مرزا محمد سعدي، محمد جعفر ايڊيٽر “مفرح القلوب” ۽ “معين الاسلام”، مرزا محمد حڪيم، خانصاحب علي ڀائي ڪريم جي، عبدالله علوي، آدم علي علوي، غلام حسين ڇاڳلا، سيٺ خالقڏنو رحيم ڏنو، نور محمد لالڻ، يوسف عبدالله، حاجي عمر ڊوسل، ۽ ٻين شرڪت ڪئي[15].

ابتدا ۾ خانبهادر حسن علي آفندي پنهنجي تقرير ڪئي جنهن ۾ مسلمانن جي تعليمي حالت ۽ مدرسي جي قيام جي اهميت ۽ افاديت تي ڀرپور روشني وڌي. انهيءَ کان پوءِ مرزا محمد جعفر، مسٽر علي احمد حسن علي ۽ مولانا الهه بخش اٻوجهي تقريرون ڪيون. مولانا الهه بخش اٻوجهي پنهنجي تقرير ۾ مدرسي جو نالو حاضرين کي ٻڌايو ۽ نالي جي مطلب تي پڻ روشني وڌي. ان کان پوءِ مولانا تاج محمد سولجر بازار واري شڪراني جي دعا گهري[16].

سنڌ جي مسلمانن کي اهو ڏينهن هميشه ياد رهندو. هن ئي ڏينهن تي سندن تعليمي ترقي لاءِ رٿيل وڏي کان وڏي اسڪيم عمل ۾ آئي. جنهن سنڌ واسين جي مقدر بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ج: هڪ ضروري وضاحت:

        “سنڌ مدرسة الاسلام” ۽ “سنڌ محمدن ائسوسئيشن” جي تاريخ لکڻ وقت ڪيترن ئي صاحبن انهن بنهي ادارن سان وڏي تاريخي زيادتي ڪئي آهي. اڪثر ليکڪن جي اِها راءِ آهي ته “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”، جسٽس امير علي جي ڪوشش ۽ “سنڌ مدرسة الاسلام” علي ڳڙهه تحريڪ جو پڙاڏو آهن[17]. پر حقيقت ائين نه آهي، “سنڌ مدرسة الاسلام” سنڌ جي هڪ تعليمي تحريڪ هئي، ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” نج سنڌ جي هڪ سماجي، مذهبي، سياسي ۽ تعليمي جماعت هئي، هن عظيم اداري ۽ جماعت جو برصغير جي ڪنهن به ٻئي اداري يا جماعت يا شخصيت سان تِر جيترو به واسطو نه هو.

هن تاريخي غلطي جي ازالي ڪرڻ لاءِ هن هيٺ انهيءَ مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بي مهل نه ٿيندي؛

1- اها تاريخي غلطي سوچيل سمجهيل سازش هئي، جا اڳتي هلي روايت بڻجڻ لڳي

“سنڌ مدرسة الاسلام” جو قيام رجعت پسند قوتن لاءِ ڪنهن به مصيبت کان گهٽ نه هو. سنڌ واسين جي بدخواهن هن اداري جي قائم ٿيڻ سان ئي پنهنجي مخالفت جي ابتدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو “سنڌ مدرسه بورڊ” کي انهيءَ مخالفت کي منهن ڏيڻ لاءِ “معاون” اخبار جاري ڪرڻي پئي. “سنڌ مدرسة الاسلام” جا مخالف مدرسي جي ديوارن تي “حسن علي وڪيل تجهي الله ڪري ذليل” جهڙا واهيات ۽ نفرت آميز جملا لکي ويندا هئا[18]. انهيءَ گروهه جڏهن مدرسي کي ڪامياب ٿيندو ڏٺو ته پنهنجي مخالفت کي سازش جو روپ ڏيندي سنڌ واسين جي هن نج علمي ۽ ادبي انقلاب کي ننڍي کنڊ جي ٻين تحريڪن ۽ شخصيتن جي پيداوار ڄاڻائڻ لڳا ۽ اهي مخالف هن سازش تي ايترو ته منظم نموني سان ڪم ڪندا رهيا، جو وقت گذرڻ کان پوءِ اها هڪ روايت بڻجي ويئي ۽ ليکڪ انڌي پيروي ڪندي هن اداري ۽ جماعت جون پاڙون علي ڳڙهه ڪلڪتي ۾ ڳولهڻ لڳا.

2- جسٽس امير علي ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”

چيو وڃي ٿو ته: “مشهور ۽ معروف بئريسٽر ۽ پريوي ڪائونسل جو ميمبر سيد امير علي ڪنهن مقدمي جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو ۽ سندس ملاقات خانبهادر حسن علي آفندي سان ٿي. هي ٻئي قوم جي درد سان سرشار هئا ۽ هندن ۽ هندن جي پاليسن کان نالان هئا. گفتگو جي دوران سنڌ جي حالت به زير بحث آئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ به“محمدن ائسوسيئيشن” جي شاخ قائم ڪئي وڃي[19] ۽ ائين “سنڌ محمد ائسوسيئيشن” قائم ٿي.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سيد امير علي ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو هو، پر هو صاحب 31 آگسٽ 1884ع ۾ سنڌ ۾ اچي ٿو[20]. پر اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته “محمدن ائسوسيئيشن” 16 مارچ 1884ع تي قائم ٿي[21] ۽ انهيءَ وقت جماعت جي سيڪريٽري جنرل مولانا الهه بخش اٻوجهي سنڌ جو دورو ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي جماعت جون شاخون قائم ڪيون.

ازانسواءِ جيڪڏهن اسان سنڌ مدرسة الاسلام ۾ آيل مهمانن، آفيسرن ۽ ليڊرن جي وچور تي نظر ڪيون ٿا ته جسٽس امير علي جو ڪٿي به نالو نه ٿو ملي.

3- سنڌ جي هنن ادارن جو برصغير جي ادارن يا شخصيتن سان ڪو به تاريخي لاڳاپو نظر نه ٿو اچي

جيڪڏهن “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” يا سنڌ مدرسة الاسلام ڪلڪتي جي “نيشنل محمدن ائسوسيئيشن” يا علي ڳڙهه تحريڪ جي پيداوار هجي ها، ته پوءِ مطالعي هيٺ آيل دور ۽ اسان کي سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڃاڻ يا لاڳاپا نظر اچن ها.

سنڌ مدرسي جو خرچ ٻين ذريعن سان گڏ سرڪاري ۽ غير سرڪاري امدادن مان پورو ڪيو ويندو هو. مدرسي جون پوريون بجيٽون مخيئر حضرات، ميونسپالٽين، لوڪل بورڊن ۽ گورنمينٽ جي امداد جي وچورن سان ڀريون پيون آهن، پر انهن ۾ ڪٿي به جسٽس امير علي، ان جي ائسوسيئيشن يا علي ڳڙهه تحريڪ جي ڪنهن اڳواڻ جو نالو نه ٿو ملي.

4- سنڌ مدرسة الاسلام حقيقت ۾ علي ڳڙهه ڪاليج کي متاثر ڪيو

ائين چوڻ ته “سنڌ مدرسة الاسلام” علي ڳڙهه جي پيداوار آهي، سراسر ناانصافي ٿيندي ۽ زيادتي آهي، ڇو ته هي ادارو سنڌ واسين جي تعليمي بيداري جو نتيجو هو. جنهن نه صرف برصغير جي تعليمي ادارن کي متاثر ڪيو پر دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن؛ آفريڪا، آسٽريليا، افغانستان، ايران، آئيسلينڊ، بغداد، بصره، ترڪي، زنجبار، عدن، عربستان، ڪوئيت، مسقط، مڪران ۽ ممباسا کي متاثر ڪيو. جنهن جا شاگرد “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ اچي پڙهيا، ان کان سواءِ هن ڳالهه جا “سنڌ مدرسة الاسلام” جا جنرل رجسٽر اڄ به شاهد آهن ته برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ نڪي ٻه پر هزارين شاگردن اچي مدرسي مان فيض حاصل ڪيو، ايتريقدر جو خود علي ڳڙهه جا ڪيترائي شاگرد اچي مدرسي ۾ داخل ٿيا. اها سنڌ مدرسة الاسلام جي تاريخي عظمت ۽ اهميت ئي هئي جنهن ڪري ٽي-ايڇ وائنس (T.H. Vines) متاثر ٿي علي ڳڙهه ڪاليج ڇڏي اچي هتي نوڪري ڪيائين.

5- ٻنهي جماعتن ۾ واضع فرق نظر اچي ٿو

جسٽس امير علي جي جماعت جو نالو “نيشنل محمدن ائسوسيئيشن” ڄاڻايو وڃي ٿو. حالانڪ سنڌ ۾ خانبهادر حسن علي آفندي ۽ مولانا الهه بخش اٻوجهي جي ڪوشش سان “مجمع محمدي” ٺاهي وڃي ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته انهن ٻنهي جماعتن جي نالن ۾ به فرق آهي. پر جيئن ته انگريزن جو دور هو ۽ سموري لکپڙهه انگريزيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. انهيءَ ڪري “مجمع محمدي” کي “محمدن ائسوسيئيشن” ڪري لکيو ويندو هو. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جيڪڏهن ڪلڪتي جي “نيشنل محمدن ائسوسيئيشن” جي هڪ شاخ قبول ڪئي به وڃي ته پوءِ به اها ڳالهه ثابت نه ٿي ٿئي ته جسٽس امير علي پنهنجي جماعت جي هن شاخ جي ڪارڪردگي ۾ دلچسپي وٺندو هو. “سنڌ محمد ائسوسيئيشن” هڪ الڳ آزاد ۽ خود مختيار جماعت هئي، جنهن کي پنهنجي عهديدارن جي چونڊ جو پورو پورو حق حاصل هو ۽ اها پنهنجي راءِ ۽ خودمختياري سان سنڌ ۾ شاخون به قائم ڪري سگهي پئي، نه صرف ايترو پر انهن ٻنهي ادارن جي اغراض و مقاصد ۾ به زمين آسمان جو تضاد نظر اچي ٿو. جيڪڏهن “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ڪلڪتي جي نيشنل محمدن ائسوسيئيشن جي برانچ هجي ها ته تضاد نظر نه اچي ها. “نيشنل محمد ائسوسيئيشن” بنيادي طور تي هڪ سياسي جماعت هئي[22] ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” هڪ تعليمي ۽ سماجي جماعت هئي.

6- هڪ واضع ثابتي:

        “سنڌ مدرسة الاسلام”، “مجمع محمدي” يا “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو ڪارنامو هو. “سنڌ مدرسة الاسلام” جي هي باني جماعت، سنڌ جي هڪ الڳ، خودمختيار ۽ آزاد جماعت هئي. انهيءَ جي ثابتي مدرسه بورڊ جي رڪارڊ مان به ملي ٿي.

        1887ع ۾ ان وقت جي گورنر جنرل سنڌ مدرسة الاسلام جي نئين عمارت جي بنياد جو پئه رکيو هو[23]. مولانا الهه بخش اٻوجهي، محمدن ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ انهيءَ موقعي تي سپاس نامو پيش ڪيو هو، انهيءَ سپاس نامي جي ڪنهن به حصي ۾ جسٽس امير علي، ان جي جماعت يا علي ڳڙهه جو ذڪر نٿو ملي[24]. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي هنن ادارن جي برعڪس هي ادارا نج سنڌ ۽ سنڌ واسين جا پيداوار هئا.


حوالا ۽ حاشيا:

 

[1] ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ثاني، (مقالو)، حيدرآباد ٽماهي مهراڻ، سوانح نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-251.

[2] Seth Naomal: Memories of Seth Naomal, London, William Pollerd and Company Ltd., 1915, P-176.

[3] Letter No: 297 from Capt: Merewether. Political Superintendent to Comissioner Records of the Commissioner in Sindh, Karachi, 1932, P-263-64.

[4] مرزا قليچ بيگ: خانبهادر ميان حسن علي آفندي جي سوانح عمري، 1925ع، ص-26.

[5] ڪريم بخش خالد: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص-54، (حاشيه).

[6] الهه بخش اٻوجهو: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-54، (حاشيه).

[7] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-56.

[8] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-56.

9 ڏسو: نئين زندگي، ڪراچي، (حسن علي آفندي نمبر)، سيپٽمبر 1960ع ص-5.

10 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-60.

[11] Khwaja Ali Muhammad: History of Sind Madrisatul Islam, Karachi, Sind Madrisah Golden Jubilee, 1935, P-8.

[12] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1886-87, P-2.

[13]  مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-57.

[14] See: The Sind Gazette, Karachi, Friday 4th September 1885, P-5.

[15] See: The Sind Gazette, Karachi, Friday 4th September, 1885, P-5.

16 مولانا قاضي عبدالرزاق: سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي مختصر تاريخ، ڪراچي نئين زندگي (حسن علي آفندي نمبر)، سيپٽمبر 1960ع، ص-14.

17 (الف) سيد مصطفيٰ علي بريلوي: مسلمانانِ ڪراچي و سنڌ ڪي تعليم، ڪراچي، اڪيڊمي آف ايجوڪيشنل ريسرچ آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس، 1968ع، ص-112.

(ب) علم و آگهي ڪراچي، گورنمينٽ نيشنل ڪاليج، 74-1973ع، ص-97-98.

(ج) ظفر حسن خان: تاريخ تعليم، ڪراچي، الجعفر اڪيڊمي، 1973ع، ص-307.

 (د) Dr. Azimusshan Haider: History of Karachi, Karachi, Feroz Sons, 1974, P-31.

[18] Khwaja Ali Mohammad: History of Madressah, An article; Sindh Madressah Chronicle Golden Jubilee, No. 1935, Karachi, Sind Madressahtul Islam, 1935, P-11.

19 ظفر حسن خان: تاريخ تعليم، ڪراچي، الجعفر اڪيڊمي، 1973ع، ص-207.

[20] Dr. Azimussah Haider: History of Karachi, Karachi, Feroze Sons, 1974, P-31.

[21] مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجهو، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع ص-56.

[22] Welfred Cantwell Smith: Modern Islam in India, Lahore, Monerva Book Shop, Anarkali, 1943, P-

[23] مرزا قليچ بيگ: خانبهادر حسن علي آفندي جي سوانح عمري، حيدرآباد، 1925ع ص-35.

[24] See: Copy of the Address: Presented to H.E. The Viceroy of India by the Molvi Allah Bux, Dated 14th November, 1887.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org