اُن وقت سنڌ جا ڪجھه هندو سياستدان هن تحريڪ جي
خلاف ٿي بيٺا. خاص ڪري پروفيسر ڇٻلاڻي “ائنٽي سنڌ
سيپريشن مومينٽ”
(Anti Sind Seperation Movement)
جو آغاز ڪيو. پر ڪيترائي هندو سنڌ جي علحدگي جي
فائدي ۾ هئا. هندن جي انهيءَ ٻٽي خيال کي نظر ۾
رکندي 1928ع ۾ “آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي” سَر
پرشوتم داس جي صدارت هيٺ سنڌ جي مالي حالت جي جاچ
ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي ۽ ان کان سواءِ جڏهن
نهرو رپورٽ ظاهر ٿي ته ان ۾ به سنڌ جي جدائي کي
ڪجھه هندن جي مخالفت جي باوجود به تسليم ڪيو ويو.
مئي 1928ع ۾ لکنو ۾ نيشنل ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ سنڌ
جي شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مير محمد بلوچ، سوامي
گووند آنند، ڊاڪٽر چوئٿرام، ڄيٺرامداس، پروفيسر
گھنشامداس، ڄيٺمل پرسرام ۽ لالچند امر ڏنو مل شرڪت
ڪئي. هن ڪنوينشن ۾ هڪ فارمولا تيار ڪيو ويو، جنهن
۾ سنڌ جي جدائي جي اصول کي تسليم ڪيو ويو هو
[1].
1928ع ۾ “سائمن ڪميشن”
(Simon Commision)
مقرر ڪئي ويئي[2]،
جنهن جي مدد لاءِ “بمبئي ڪائونسل” طرفان سَر
شاهنواز ڀٽي جي چيئرميني هيٺ هڪ صوبائي ڪميٽي ٺاهي
ويئي، ان تي سنڌ مان ٻيو ميمبر سيد ميران محمد
شاهه کنيو ويو. اها ڪميٽي “سائمن ڪميشن”
(Simon Commision)
سان گڏ ڪراچي ۾ آئي. خانبهادر ولي محمد حسن علي،
مير ايوب خان ۽ مسٽر عبدالرحمان جن خانبهادر محمد
ايوب کهڙي جي سرپرستي ۾ انهيءَ ڪميشن آڏو سنڌ جي
بمبئي کان جدائي وارو مسئلو پيش ڪيو ويو[3].
1929ع ۾ بمبئي ڪميٽيءَ جي سڀني ميمبرن “سائمن
ڪميشن”
(Simon Commision)
کي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي خلاف راءِ
ڏني ويئي هئي. سر شاهنواز خان ڀٽي سنڌ جي جدائي
خلاف ووٽ ڏنو[4].
۽ سيد ميران محمد شاهه باقي ٻين ميمبرن سان اختلاف
ڪيو[5].
ان کان پوءِ مرڪزي اسيمبلي طرفان مقرر ڪيل ڪميٽي
سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ راءِ ڏني، پر “سائمن
ڪميشن”
(Simon Commision)
پنهنجي رپورٽ ۾ ان جي مخالفت ڪئي[6]،
انهيءَ سال ڪلڪتي ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پڻ
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري مسئلي تي غور ڪيو
ويو. هن کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجن
چوڏهن نڪتن ۾ سنڌ واسين جي جذبات جي ترجماني ڪئي[7].
1930ع ۾ “گول ميز ڪانفرنس” سڏائي ويئي[8]،
جنهن ۾ سَر شاهنواز خان ڀُٽي ۽ سَر غلام حسين
هدايت الله سنڌ جا نمائندا ڪري کنيا ويا. هن دفعي
سَر شاهنواز ڀُٽي عام راءِ آڏو جھڪندي مسٽر رام سي
ميڪيڊونالڊ کي هڪ زبردست احتجاجي خط لکيو ته سنڌ
جي مسئلي تي هڪ ڌار ڪميٽي ٺاهي وڃي. نتيجو اهو
نڪتو جو “ارل رسل”
(Uril Russel)
جي صدارت هيٺ “سنڌ سب ڪميٽي” ٺاهي ويئي جنهن اڳيان
سَر آغا خان، قائد اعظم محمد علي جناح، سَر محمد
شفيع، سَر غلام حسين هدايت الله ۽ سَر شاهنواز خان
ڀٽي ڀرپور تقريرون ڪيون ۽ شاهديون ڏنيون. سَر آغا
خان هن ڪميٽيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڻ پنهنجي
ڪوششن تي روشني وجھندي لکن ٿا ته:
“انهيءَ ڪميٽيءَ جي مسلم نمائندن، جن ۾ آئون شامل
هوس، فرقه وارانه طرز تي دليل بازي نه ڪئي، اسان
زور لاتو ته سنڌ جي باشندن جي حق تلفي ڪرڻ جي آڌار
تي ۽ عملي ۽ انتظامي لحاظن جي بنيادن تي ان کي
بمبئيءَ کان جدا ڪيو وڃي، هڪ يا ٻه ميمبر جن بمبئي
جي نمائندگي ٿي ڪئي ۽ علحدگيءَ خلاف هئا، تن کان
سواءِ اسان جي ٻين هندو ساٿين اسان جي تاعيد ڪئي ۽
اسان جي رٿ منظور ٿي ويئي”[9].
انهيءَ ڪميٽيءَ جي فيصلي مطابق 1931ع ۾ هند سرڪار
هڪ جاچ ڪميٽي ڪراچي موڪلي[10]،
هن ڪميٽي مسٽر مائيلس ارونگ
(Miles Irwing)
جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ گڏجاڻيون ڪيون. خانبهادر
الهه بخش سومري، حاجي عبدالله هارون، خانبهادر
محمد ايوب کُهڙي ۽ سيد ميران محمد شاهه وفد جي
صورت ۾ سنڌ جي مالي حالت ٺيڪ ثابت ڪرڻ لاءِ
شاهديون ڏنيون. هن وقت پرنسپال گوڪليءَ، ديواچند
ٿڌاڻي ۽ رستم سڌوا مسلمان شاهدن جي علمي ۽ عملي
مدد ڪئي، پر پروفيسر ڇٻلاڻي، ديوان ڀوڄنگ ۽
ڊاڪٽرهنگوراڻي مخالفت ۾ دليل ڏنا ۽ آخر ۾ سنڌ جي
کوٽ 97 لک 40 هزار روپيا ڏيکاري ۽ اهو به ڏيکاريو
ويو ته سنڌ جي جدائي کان پوءِ نئون خرچ 10 لک 26
هزار روپيا ٿيندو[11].
1931ع ۾ ٻي “گول ميز ڪانفرنس” ٿي جنهن جي
فيصلي مطابق وزير اعظم انگلئنڊ سنڌ جي مالي حالت
جي نئين سر جائزي وٺڻ لاءِ هڪ ٻي ڪانفرنس ڪوٺائي،
جنهن جو صدر مسٽر برين
(Mr. Brain)
کي ڪيو ويو. جنهن 1932ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا کي
پنهنجي رپورٽ ڏني[12].
آگسٽ 1932ع ۾ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي
گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلمانن پاران
سنڌ جي جدائي لاءِ زور دار مطالبو ڪيو وڃي ۽ هر
هنڌ سنڌ آزاد جماعتون برپا ڪيون وڃن. هن فيصلي جي
نتيجي ۾ پوري سنڌ ۾ “سنڌ آزاد” ڏينهن ملهايو ويو ۽
گڏجاڻيون ڪيون ويون[13].
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ جو هيءُ ڄڻ ته
هڪ نئون موڙ هو. هن وقت تحريڪ جي قيادت “سنڌ مدرسة
الاسلام” جي پيدا ڪيل سياستدانن جي هٿ ۾ هئي، جن ۾
سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر
محمد ايوب کهڙو ۽ خانبهادر ولي محمد حسن جا نالا
قابل ذڪر آهن.
1933ع ۾ “جائنٽ پارليامينٽري سليڪٽ ڪميٽي”
لنڊن ۾ هندستان جي پارليامينٽ جي سڌارن بابت رپورٽ
ڪرڻ لاءِ ويهاري ويئي. هن ڪميٽي سنڌ آزاد ڪانفرنس
کي هڪ عيوضي موڪلڻ لاءِ دعوت ڏني جنهن تي سنڌ مان
خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي موڪليو ويو، جنهن سنڌ
جي مسئلي کي سهڻي نموني سان پيش ڪيو[14].
ساڳي سال هند سرڪار “سنڌ انتظامي ڪميٽي”
مقرر ڪئي، جنهن 1934ع ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. هن
ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ته جيستائين
هندستان ۾ سڌارا رائج ڪيا وڃن، تيستائين گھٽ ۾ گھٽ
هڪ سال اڳ سنڌ کي ڌار ٿيڻ گھرجي[15].
آخرڪار 1935ع ۾ انڊيا ائڪٽ هندستان سان
لاڳو ڪيو ويو[16]،
جنهن جي فقره نمبر 46 موجب سنڌ جدا پرڳڻي جي
حيثيت سان تسليم ڪئي ويئي هئي. انهيءَ ائڪٽ جي
روشني ۾ 22 جون 1936ع تي سنڌ جي علحدگي جو حڪم
نامو جاري ٿيو ۽ نيٺ پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ
بمبئي کان جدا ٿي[17].
حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو ته “سنڌ جي
بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ سنڌ واسين جي سياسي
بصيرت، تدبر ۽ اتحاد جو ڦل هئي. سر آغا خان جهڙي
عظيم روحاني ۽ سياسي رهبر جي ذاتي دلچسپيءَ هن
تحريڪ ۾ وزن پيدا ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح جي
توجھه هن تحريڪ کي برصغير جي مسلمانن ۾ مقبول
بنايو ۽ سنڌ جي هندو سياستدانن جي اڪثريت معاملي
فهمي ۽ غير فرقيوارانه سوچ جو ثبوت ڏنو، جنهن ڪري
“آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي” به هن مسئلي جي
سنجيدگيءَ کي محسوس ڪيو.
“سنڌ مدرسة الاسلام” هن تحريڪ کان متاثر
به ٿيو ته ان تي اثر انداز به ٿيو، هن تحريڪ جا
مسلمان اڳواڻ جهڙوڪ حاجي عبدالله هارون، سر
شاهنواز ڀٽو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو،
سيد ميران محمد شاهه ۽ مير ايوب خان “سنڌ مدرسة
الاسلام” جا پيدا ڪيل سياستدان هئا، ان ڪري چئي
سگھجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ مدرسو نه هجي ها ته سنڌ به
بمبئي کان الڳ نه ٿي سگھي ها.
هن تحريڪ مدرسي کي به متاثر ڪيو، جڏهن سڄي
سنڌ ۾ “سنڌ آزاد” ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون ته سنڌ
مدرسي جي ماحول تي به اثر پيو. جڏهن ڪراچيءَ ۾
اهڙي ڪانفرنس ٿي ته سنڌ مدرسي جي شاگردن انهيءَ ۾
ڀرپور حصو ورتو. هن تحريڪ مدرسي جي انتظام تي به
دور رس اثر ڇڏيا، سنڌ کي جڏهن صوبائي خود مختياري
ملي ته“سنڌ مدرسه بورڊ” جي تشڪيل، ڪارڪردگي ۽ آئين
۾ انقلابي تبديليون آيون. هن کان اڳ سنڌ جو ڪمشنر
“مدرسه بورڊ” جو چيئرمين هوندو هو، پر سنڌ جي
بمبئي کان علحدگي کان پوءِ سنڌ سرڪار جي تعليم
کاتي جي وزير انهيءَ بورڊ جو چيئرمين ٿيڻ لڳو[18].
هه: سنڌ مدرسة الاسلام جو خلافت تحريڪ ۾ حصو:
مغل سلطنت جو خاتمو ننڍي کنڊ پاڪ و هند ۾ مسلمانن
جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ نازڪ موڙ هو. مسلمانن جلد ئي
پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻين قومن سان گڏجي 1857ع
۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪئي. هي بغاوت هند توڙي سنڌ
واسين جي بهادري ۽ دليري جو ثبوت هئي. جنهن نتيجي
۾ آزادي جي تحريڪ هڪ منظم سياسي روپ ورتو[19].
اها بغاوت ئي حقيقت ۾ آزادي جي جنگ جو روپ هو.
بدقسمتيءَ سان انهيءَ ڪوشش ۾ برصغير جي ڪابه
ڪاميابي ٿي. الٽو انگريزن جو تسلط وڌيڪ مضبوط ٿي
ويو.
هڪ طرف 1857ع وارو واقعو ۽ ٻئي طرف ڌارين
جو راڄ مسلمانن جي دلين جا زخم بڻجي چڪا هئا.
هوڏانهن وري ترڪيءَ جي سلطنت جي پوين پساهن
مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو.
ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ترڪي عجيب حالتن
جو شڪار ٿيڻ لڳو. “ترڪي کي انهيءَ زماني ۾ “يورپ
جو بيمار مرد” سڏيو ويندو هو. هڪ طرف 1911ع ۾
اٽليءَ، ترڪن خلاف طرابلس ۾ بنا سبب جنگ شروع ڪري
ان تي قبضو ڪيو، ته ٻئي طرف 1912ع ۾ بلقاني
رياستن، جن ۾ يونان به شامل هو، گڏجي ترڪيءَ تي
حملو ڪيو ۽ هن جنگ ۾ سئلونيڪا
(Salonica)
جي ايراضي ترڪن هٿان نڪري ويئي. جنهن تي برطانيه
جي وزير اعظم ائسڪيٿ
(Escekath)
تبصرو ڪندي چيو ته سئلونيڪا
(Salonica)
عيسائين جو هڪ دروازو آهي. برطانيه جي هن پاليسي
برصغير جي مسلمانن جون اکيون کولي ڇڏيون”[20].
1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، جنهن ۾
برطانيه، اتحادين جو پاسو وٺي جنگ ۾ شريڪ ٿي ويو ۽
ترڪي کي وري انهيءَ جي برعڪس جرمني جو ساٿ ڏيڻو
پيو. هن جنگ ترڪن کي پاش پاش ڪري ڇڏيو[21].
هن جنگ دوران برصغير جا مسلمان انگريزن جون اکيون
ڏسي چڪا هئا. انگريزن عربن کي اڀاري قوميت جي
بنياد تي کين ترڪن خلاف ڪري چڪا هئا. هن کان ڪجھه
وقت اڳ ڪانگريس ۽ “مسلم ليگ” به باهمي اختلاف
بدران باهمي اتحاد جي پاليسي اختيار ڪري چڪيون
هيون. اهڙين حالتن کين اڃا به وڌيڪ ويجھو آڻي ڇڏيو
۽ جنهن جي نتيجي ۾ 1916ع ۾ لکنو پئڪٽ ٿيو[22].
1916ع ۾ايني بيسنت پاران “هوم رول ليگ” قائم ڪئي
ويئي، جنهن هند واسين کي سياسي طور تي بيدار ڪرڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو[23].
پهرين لڙائي دوران هندستان جو ڪچو مال، ڌن ۽ دولت
۽ خود ڪيترائي هند واسي برطانيه سرڪار جي ننگ ۽
ناموس جو ٻل ٿيا. جنهن ڪري پوري هندستان م ڏڪار
جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون. انهيءَ جي نتيجي ۾
هندستان فسادن ۽ هنگامن جو مرڪز بڻجي ويو. جنهن تي
سرڪار 1919ع ۾ روولٽ ائڪٽ پاس ڪيو. هن ائڪٽ موجب
سرڪار کي مڪمل اختيار ملي ويو ته هو جنهن کي چاهي
تنهن کي جلاوطن ڪري سگھي ٿي. پريس تي پابندي لڳائي
سگھي ٿي ۽ سياسي قيدين تي ڪيس هلائڻ لاءِ خاص
ٽربيونل مقرر ڪري سگھي ٿي[24].
اهڙين حالتن هند واسين کي وڌيڪ منظم ڪيو.
جلد ئي پوءِ جليانوالا باغ وارو عظيم سانحو ٿيو.
جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون موت جو شڪار ٿيون، اهڙن
واقعن هندو مسلم اتحاد کي مضبوط ڪيو.
هندستان ۾ هند مسلم اتحاد ۽ مسلمانن جي
دٻاءُ انگريزن تي ڪو به اثر نه ڪيو. اهي حاڪم جيڪي
اڳ واعدو ڪندا ٿي آيا ته ترڪي کي ٽڪرا ٽڪرا نه ڪيو
ويندو، سي پاڻ انهيءَ ورهاست ۾ ڀائيوار ٿي بيٺا.
اهڙين حالتن سبب نومبر 1919ع ۾ دهلي ۾ خلافت
ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو[25].
انهيءَ جدوجهد ۾ سنڌ به پوئتي پير نه پاتو ۽ ڀاڱي
ڀائيوار ٿي بيٺي.
جيڪڏهن ڳوڙهي غور سان ڏسبو ته خلافت
ڪميٽيءَ کي وجود ۾ آڻڻ جو سهرو سنڌ واسين جي سر
آهي. انهيءَ ۾ به “سنڌ مدرسة الاسلام” جو نالو سَر
فهرست آهي. “سنڌ مدرسة الاسلام” نه رڳو سنڌ ۾
تعليم جي سرچشمي جي حيثيت رکي ٿو، پر هن اداري سنڌ
توڙي هند جي سياست تي به اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ جيڪي به سياسي تحريڪون هليون
انهن ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” وقت ۽ حالتن مطابق اهم
ڪردار ادا ڪيو. “خلافت تحريڪ” نج ۽ اصل مسلمانن جي
تحريڪ هئي. هن تحريڪ کي عروج تي رسائڻ ۾ “سنڌ
مدرسة الاسلام” جو وڏي ۾ وڏو هٿ هو. هن تحريڪ جي
سنڌي رهبرن جا اڪثريت “سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيدا
ڪيل شاگردن تي مشتمل هئي. انهن مان چند اهڙن
“تحريڪي رهبرن” جو جيڪڏهن مختصر وچور ٺاهبو ته اهو
هن ريت ٿيندو:
1.
حاجي عبدالله هارون 1919ع ۾ صوبي سنڌ خلافت
ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو جتي 1924ع تائين ڪم
ڪندو رهيو.
2.
ڊاڪٽر حاجي غلام حسين 1919ع ۾ رڪن جي حيثيت ۾
“خلافت تحريڪ” ۾ شامل ٿيو ۽ آخري وقت تائين تحريڪ
لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.
3.
عبدالجبار محمد يعقوب 1919ع ۾ تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽
1924ع تائين جدوجهد ۾ شريڪ رهيو.
4.
رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو 1919ع ۾ جيئن
خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائين
۽ مرڻ گھڙي تائين خلافت تحريڪ لاءِ پنهنجو پاڻ
پتوڙيندو رهيو.
5.
شيخ عبدالمجيد سنڌي 1920ع ۾ تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽
آخر تائين ڪم ڪندو رهيو.
6.
مير الهه بخش 1920ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي خلافت ڪميٽيءَ
جو سيڪريٽري چونڊيو ۽ 1924ع تائين رهيو.
7.
قاضي عبدالرحمان 1920ع کان خلافت تحريڪ جي ڪاميابي
لاءِ جدوجهد ڪيائين.
8.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1920ع کان مرڻ گھڙي تائين
تحريڪ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.
9.
قاضي فضل الله تعليم اڌوري ڇڏي 1921ع کان خلافت
تحريڪ ۾ وڏي جذبي سان شريڪ ٿيو ۽ 1923ع تائين
جدوجهد ۾ شريڪ رهيو.
هن تحريڪ کي ڪامياب ۽ ڪامران بنائڻ ۾ سنڌ مدرسي جي
پيدا ڪيل سياستدانن عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جن
کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگھجي. جناب قائد
اعظم محمد علي جناح هن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ
“مسلم ليگ” جي پليٽ فارم کي ڪم ۾ آندو[26].
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي محض ترڪيءَ جي عهدنامي تي
رنجش ظاهر ڪندي 1920ع ۾ “بمبئي ڪائونسل” جي
ميمبرشپ تان استعيفا ڏني[27]؛
۽ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي هجرت جو آغاز
ڪيو[28]
نه صرف ايترو پر سنڌ مدرسي جا تعليم يافته
سياستدان تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مشترڪه طور
تي 1920ع ۾ “الوحيد” اخبار جاري ڪيائون[29]،
جنهن جو پهريون ايڊيٽر به وري سنڌ مدرسي جو تعليم
يافته ٿيو، نه رڳو ايترو پر سنڌ مدرسي جي ڪيترن
شاگردن هن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجي
تعليم کي اڌورو ڇڏي ڏنو، قاضي فضل الله ۽ مير الهه
بخش جا نالا قابل ذڪر آهن.
سنڌ ۽ “سنڌ مدرسة الاسلام” هن تحريڪ ۾ ننڍي کنڊ جي
ڀيٽ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهيا. حقيقت ته هي آهي ته
سنڌ جا مسلمان انگريزن جي افعالن کان چڱي طرح واقف
هئا ۽ خلافت جي مسئلي جي سنگينيءَ جو کين شروع کان
وٺي احساس هو.
سنڌ ۾ “خلافت تحريڪ” جي سلسلي جي پهرين گڏجاڻي
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي شهر ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾
“خلافت تحريڪ” جا خدوخال واضح ڪيا ويا[30].
ان کان پوءِ 17 آڪٽوبر 1919ع تي سڄي ملڪ ۾ “خلافت
جو ڏينهن” ملهايو ويو ۽ اهڙي طرح سان سنڌ ۾ “خلافت
تحريڪ” جو آغاز ٿيو[31].
هن ڏينهن تي سنڌ جي سڀني مسلمانن مڪمل هڙتال ڪئي.
اسڪول ۽ ڪاليج بند ڪيا ويا ۽ وڏن شهرن ۾ جلسا ۽
جلوس ڪڍيا ويا. سنڌ مدرسي جي شاگردن نه رڳو هن
ڏينهن کي ڪامياب بڻايو، بلڪ ساڳي سال نومبر مهيني
۾ جڏهن سرڪار طرفان “جشن صلح” ملهايو ته مدرسي جي
شاگردن انهيءَ جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪيو. ان کان
جلد پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن تي خلافت ڪميٽيون
ٺهيون، جن جي تشڪيل ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي
تعليم يافته شاگردن اهم ڪردار ادا ڪيو. رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي هن تحريڪ جي مرڪز ۾ قيادت ڪئي،
حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي تحريڪ
خلافت جي صوبائي سطح تي رهبري ڪئي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي
وڏو ڪم ڪيو ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ خلافت جي قيادت گھڻو
تڻو مير الهه بخش جي هٿ هيٺ رهي. حيدرآباد ضلعي ۾
تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ ۾ نور محمد وڪيل جو وڏو هٿ
هيو، اهي سڀ “سنڌ مدرسة الاسلام” جا تعليم يافته
سياستدان هئا.
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي تعليم يافته سياستدانن سنڌ
جي عالمن، مدبرن ۽ دانشورن سان گڏجي هن تحريڪ کي
سگھارو بڻايو. عالمن مان مولانا تاج محمد امروٽي،
مولوي عبدالڪريم درس، مولانا محمد صادق، مولانا
عبدالڪريم چشتي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، هن تحريڪ لاءِ وڏو ڪم ڪيو.
پيرن مان وري لاڙڪاڻي جي پير تراب علي شاهه،
حيدرآباد جي اسد الله شاهه ٽکڙائي، جھنڊي وارن
بزرگن سرگرميءَ سان تحريڪ لاءِ ڪم ڪيو.
سنڌ ۾ جڏهن “خلافت ڪميٽيون” تشڪيل ڏنيون ويون ته
ان کان پوءِ خلافت ڪانفرنس جو آغاز ٿيو. سنڌ ۾
جيڪي به خلافت جون ڪانفرنسون ٿيون، انهن ۾ مدرسي
جي مڙني تعليم يافته سياستدانن سرگرميءَ سان حصو
ورتو.
سنڌ ۾ پهرين “خلافت ڪانفرنس” جنوري 1920ع ۾
حيدرآباد ۾ ٿي، ان کان پوءِ ٻئي “خلافت ڪانفرنس”
سيوهڻ ۾ ٿي، جنهن ۾ پهريون دفعو “ترڪ موالات” جو
سوال اٿاريو ويو[32]،
ٽين “خلافت ڪانفرنس” جون 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي،
جنهن ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجا سڀ
اعزاز ۽ ڊگريون واپس ڪرڻ جو تاريخي اعلان ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ سن، حيدرآباد، چڪ، جيڪب آباد ۾ به
اهڙيون ڪانفرنسون ٿيون، پر سڀ کان اهم ۽ تاريخي
ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي. هي ڪانفرنس 8 جولائي 1921ع
تي مولانا محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ ٿي[33].
هن ئي ڪانفرنس تي ڏمرجي حڪومت علي برادران تي
بغاوت جو ڪيس هلايو، جو پڻ ڪراچيءَ جي خالقڏنه هال
۾ هلايو ويو.
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي تعليم يافته سياستدان نه
رڳو انهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، پر انهن کي ڪامياب
به بنايو. انهن نه صرف سنڌ ۾ “خلافت تحريڪ” جي
رهبري ڪئي پر “مرڪزي خلافت تحريڪ” ۾ به اهم ڪردار
ادا ڪيو. هو اتي جيئن پنهنجي سياسي بصيرت، قومي
غيرت ۽ ذاتي لياقتن جو ثبوت ڏين ٿا، انهيءَ کان
ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگھجي.
فيبروري 1920ع ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” جو
بمبئي ۾ اجلاس ٿيو ته ان جي صدارت رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙي ڪئي[34].وري
جڏهن مئي 1920ع تي “قطع تعلقات” جي ٺهراء پاس ڪرڻ
لاءِ “آل انڊيا خلافت ڪميٽيءَ” جو اجلاس ٿيو ته
مهاتما گانڌيءَ سان گڏ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌي جلسي کي خطاب ڪيو[35].
پهرين جون 1920ع تي الهه آباد ۾ “هندو مسلم اتحاد”
۽ “خلافت تحريڪ” جي باري ۾ وڏو ميڙ ڪٺو ٿيو، جنهن
۾ سنڌ طرفان مولانا مولوي تاج محمود امروٽي، مولوي
محمد صادق کڏي واري کان سواءِ “سنڌ مدرسة الاسلام”
جي پيدا ڪيل سياستدانن جهڙوڪ: عبدالله هارون، شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ نور محمد وڪيل به شرڪت ڪئي[36].
نه صرف “سنڌ مدرسة الاسلام” پنهنجي پيدا ڪيل
سياستدانن جي وسيلي “خلافت تحريڪ” تي اثر انداز
ٿيو، پر ان سان گڏ پاڻ به هن تحريڪ کان متاثر ٿيو.
“خلافت تحريڪ” جي آغاز سان گڏ سنڌ مدرسي جي ماحول
۾ به نيون تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون. جيئن ته ان
وقت جو پرنسپال مسٽر وائنس
(Mr Vines)
هڪ انگريز هو، ان ڪري فطري طور تي شاگردن، استادن
۽ عام ماڻهن ۾ هن خلاف نفرت ڀڙڪڻ لڳي، تان جو عوام
طرفان پرنسپال وائنس کي هٽائڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا.
اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرنسپال وائنس
(Vines)
جي خيرخواهن “صلح” نالي هڪ رسالو شايع ڪرائي،
مدرسي جي شاگردن ۽ استادن کان سواءِ عام ماڻهن ۾
مفت ورهايو. هن رسالي ۾ پرنسپال وائنس
(Vines)
کي بالياقت ۽ عظيم تعليم دان جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هن رسالي جو اهو اثر ٿيو جو
شاگردن انهيءَ جون ڪيتريون ڪاپيون مدرسي جي احاطي
اندر ساڙي ڇڏيون. ڳالهه اتي دنگ نه ڪيو، پر
پرنسپال وائنس
(Vines)
ڪيتروئي وقت اخبارن جي مضمونن ۽ خطن جو موضوع بڻيو
رهيو[37].
جڏهن سياسي ليڊرن ۽ مسلمان عالمن “ترڪ موالات” جي
تحريڪ هلائي ۽ انگريزن جي هر شيءِ کان نفرت ڪرڻ
لڳا ته اهو اثر سنڌ مدرسي تي به پيو. سنڌ مدرسي جا
ڪيترائي شاگرد خلافت جي طرف حڪومت جي غير منصفانه
۽ غير دوستانه روش ڪري پنهنجي ليڊرن جي حڪم موجب
مدرسو ڇڏي ويا ۽ ڪيترن “هجرت” وقت ملڪ ڇڏي وڃڻ
وارن جي لسٽن ۾ نالا درج ڪرايا. جيتوڻيڪ وقت جي
پرنسپال لٺ ۽ چٺ جي پاليسي اختيار ڪئي، پر ان
هوندي به کيس ڪجھه هڙ پلئه نه پيو[38].
مختصر طور تي ائين چئي سگھجي ٿو ته “سنڌ مدرسة
الاسلام” “خلافت تحريڪ” ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هي
ادارو نه صرف “خلافت تحريڪ” کان متاثر ٿيو پر
انهيءَ تي اثر انداز به ٿيو. مدرسي جي پيدا ڪيل
خلافتي سياستدانن جو ذڪر اڳتي تفصيل سان ڪيو ويو
آهي.
ن: سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ اتحاد پارٽي ۾ حصو:
سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ کان پوءِ ڏيهي سياست کي
هڪ نئون موڙ مليو، سنڌ جي سياست کي پهريون دفعو
پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر
ٿيو. پر جيئن ته ان وقت تائين “مسلم ليگ” ۽
“ڪانگريس” جهڙيون برصغير جون ٻه وڏيون پارٽيون سنڌ
۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري چڪيون هيون، انهن ٻنهي
پارٽين جي سياست تي مذهبي، قومي ۽ فرقيوارانه رنگ
چڙهيل هو، ڪانگريس محض هندن جي بالادستي قائم ڪرڻ
جي خيال ۾ غرق هئي ۽ “مسلم ليگ” وري مسلمانن جي
سياسي حفاظت لاءِ جاکوڙي رهي هئي.
اهڙين حالتن ۾ اها وقت جي تقاضا هئي ته سنڌ ۾ هڪ
اهڙي غير فرقيوارانه پارٽي قائم ٿئي، جا سنڌ جي
مخصوص سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن مطابق هتان جي
سياست کي جھموري طريقي تي هلائي.
“سنڌ مدرسة الاسلام” سنڌ جي هن نازڪ سياسي دور ۾
به اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس پراڻن شاگردن، جي اُن
وقت جا چوٽيءَ جا سياستدان هئا. ٻين سياستدانن سان
گڏجي هڪ نئين پارٽي قائم ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي.
انهيءَ سلسلي ۾ 30 جون 1936ع تي سنڌ جي
سياستدانن جي هڪ گڏجاڻي ٿي[39].
جنهن ۾ جي - ايم سيد، خانبهادر الهه بخش، خانبهادر
محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علامه آءِ
آءِ قاضي، سر غلام حسين هدايت الله، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، محمد هاشم گزدر، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، مسٽر
حاتم علي علوي، سيد ميران محمد شاهه ۽ سر حاجي
عبدالله هارون شرڪت ڪئي[40].
“سنڌ اتحاد پارٽي” جي قيام لاءِ اها سنڌ
جي سياستدانن جي پهرين ڪوشش هئي، ان کان پوءِ 23
جولائي 1936ع، تي سنڌ جي سياستدانن جي ٻي گڏجاڻي
ٿي، جنهن ۾ هن پارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ويو[41].
هن پارٽيءَ کي وڌيڪ منظم ۽ ڪامياب بنائڻ
لاءِ وقت جي سڀني چوٽيءَ جي سياستدانن سان لهه وچڙ
ڪئي ويئي ۽ انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ 31 آڪٽوبر 1936ع
تي هن جماعت جو پهريون ساليانو اجلاس سڏايو ويو،
جنهن ۾ عهديدارن جي چونڊ هن ريت ڪئي ويئي[42].
سر عبدالله هارون = ليڊر
سر شاهنواز ڀٽو = ڊپٽي ليڊر
سيد ميران محمد شاهه = ڊپٽي
ليڊر
انهيءَ اجلاس ۾ سر غلام حسين کي به ڊپٽي ليڊر جي
حيثيت سان چونڊيو ويو، پر سيد ميران محمد شاهه جي
چونڊ تي سر غلام حسين اجلاس مان ڪاوڙجي هليو ويو ۽
انهيءَ رات “مسلم پوليٽيڪل پارٽي” قائم ڪيائين[43].
ان کان پوءِ اتحاد پارٽي جي چونڊ هن ريت ڪئي ويئي:
سر شاهنواز ڀٽو = ليڊر
سر عبدالله هارون = ڊپٽي ليڊر
سيد ميران محمد شاهه = جنرل
سيڪريٽري
جناب محمد هاشم گذدر = خزانچي[44].
پارٽيءَ جي مکيه عهديدارن جو وچور ئي اها
حقيقت ثابت ڪري ٿو ته هن پارٽيءَ جي قيام ۾ سڌو
سنئون “سنڌ مدرسة الاسلام” جو حصو هو. ٻين لفظن ۾
ائين چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کان
پوءِ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڀرپور طريقي سان سنڌ جي
سياست تي اثر انداز ٿيڻ لڳو هو.
هن پارٽيءَ جا اغراض و مقاصد هن ريت هئا:
1.
“اقتصادي بنيادن تي فرقيوارانه
ساز سلوڪ پيدا ڪرڻ.
2.
ملڪ جي سڀني فرقن کي نوڪرين، تعليم واپار ۾
سهوليتون پيدا ڪري ڏيڻ.
3.
آبادگارن ۽ مزدورن جي مفاد کي ترقي ڏيارڻ ۽ نان
بئراج ايراضيءَ لاءِ آبپاشي جو خاص طور انتظام
ڪرڻ.
4.
ڳوٺن جي سڌاري، گھرو هنرن جي واڌاري ۽ ڳوٺاڻي کي
موجوده زمانه جون سهوليتون مهيا ڪري ڏيڻ.
5.
ننڍن کاتيدارن کي وياج خورن ۽ زميندارن جي چنبي
کان بچائڻ.
6.
هارين جي حقن جي حفاظت.
7.
آبادگارن کي قرض کان آجو ڪرائڻ.
8.
ملڪ جي تعليم، تندرستي، رشوت دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش
ڪرڻ.
9.
صوبي جي مڪمل آٽانومي (خودمختياري) لاءِ ڪوشش ڪرڻ”[45].
“سنڌ اتحاد پارٽي” جي قيام کان اڳ اها ڀرپور ڪوشش
ڪئي ويئي هئي ته جيئن هن پارٽيءَ تي فرقيوارانه
رنگ نه چڙهي سگھي. پر سنڌ جا مسلمان سياستدان
انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيا، ڇو ته هندن جي طرفان
سندن ڪنهن به قسم جي همت افزائي ٿي نه سگھي. سنڌ
جدا ٿيڻ کان پوءِ پهرين اليڪشن ٿي ته “اتحاد
پارٽي” پنهنجا اميدوار بيهاريا، پر ڪو به هندو
“اتحاد پارٽي” جي ٽڪيٽ تي نه بيٺو.
“سنڌ اتحاد پارٽي” کي پهرين صوبائي اليڪشن ۾
شاندار ڪاميابي حاصل ٿي، جيتوڻيڪ سندس ليڊر ۽ ڊپٽي
ليڊر، سر عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو ڪامياب
ٿي نه سگھيا[46]،
پر ان هوندي به هن پارٽيءَ 22 سيٽون حاصل ڪيون[47].
وقت جي انگريز سرڪار پنهنجي غير جھموري
طريقن جو استعمال ڪندي “سنڌ اتحاد پارٽيءَ” جهڙي
اڪثريت واري پارٽي کي نظر انداز ڪري “مسلم
پوليٽيڪل پارٽي” جي ليڊر سر غلام حسين هدايت الله
کي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. جيتوڻيڪ “مسلم
پوليٽيڪل پارٽي” اليڪشن ۾ صرف 3 سيٽون حاصل ڪيون
هيون[48]
۽ “اتحاد پارٽي” جي مقابلي ۾ هن جماعت جي سنڌ
واسين ۾ ڪابه مقبوليت نه هئي. تنهن هوندي به وقت
جي سرڪار غيرقانوني طريقا استعمال ڪيا، جنهن جي
نتيجي ۾ “سنڌ اتحاد پارٽي” سنڌ اسيمبليءَ ۾مخالف
ڌر جي حيثيت سان پنهنجي پارليامينٽري سياست جو
آغاز ڪيو.
“سنڌ اتحاد پارٽي” کي جيتوڻيڪ اقتدار حاصل
نه ٿيو تڏهن به هن عوامي خدمت جي راهه نه ڇڏي، پر
“سنڌ ڪانگريس” سان وقتي اتحاد ڪري سنڌ واسين جي
ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندي رهي. انهيءَ جو نتيجو اهو
نڪتو ته “اتحاد پارٽي” روز بروز عوام ۾ مقبول
ٿيندي ويئي، تان جو وقت جو وزير اعظم سر غلام حسين
هدايت الله به هن پارٽيءَ کان خوف کائڻ لڳو ۽
هيٺين اصولن تي اتحاد ڪرڻ تي مجبور ٿيو:
1.
هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا وزارت کي قانون
سازي جي سوالن ۽ اصولي مسئلن، انتظامي طريقه ڪار
بنسبت مشوره ڏيئي رهبري ڪرڻ واري هوندي.
2.
ملڪ جي تعمير ۽ ماڻهن جي ترقيءَ لاءِ هڪ گڏيل
پروگرام ٺاهيو وڃي جنهن کي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي
هدايتن موجب وزارت عمل ۾ آڻڻ واري هوندي.
3.
ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ٻنهي پارٽين جا هڪ جيترا
کنيا ويندا.
4.
وزارت، ورڪنگ ڪاميٽي جي هدايتن جي پابند هوندي[49].
“سنڌ اتحاد پارٽي” ۽ اقتدار ۾ آيل پارٽي جي گڏيل
اتحاد سنڌ ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ڪيو. ورڪنگ
ڪاميٽيءَ جون ڪيتريون ئي ميٽنگون ٿيون ۽ ڪيترائي
سنڌ واسين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ٺهراءَ پاس ٿيا ۽
حڪومت ڪن ٺهرائن تي عمل ڪيو، جيڪي هيٺين ريت هئا:
1.
“روينيو زمين تان چوپايو مال جي پنچري معاف ڪرڻ.
2.
ٻيلن ۾ مال تي پنچريءَ جو اگھه گھٽائڻ.
3.
پراڻن تقاوي قرضن کي سهولت سان قسطن ۾ وصول ڪرڻ ۽
رهيل وياج معاف ڪرڻ.
4.
ڪمشنر ۽ ڪليڪٽر جي درٻارن جي ڪرسين جي پروانه ڏيڻ
جي رسم بند ڪرڻ.
5.
لوڪلبورڊن تي ميمبر نامزد ڪرڻ جي دستور کي ختم ڪيو
ويو”[50].
“سنڌ اتحاد پارٽي” سر غلام حسين هدايت الله سان
سمجھوتي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ اهم حيثيت
حاصل ڪئي، پر هي اتحاد دائمي ثابت ٿي نه سگھيو.
سر غلام حسين هدايت الله هن کان اڳ
ڪانگريس ۽ هندو آزاد گروپ ۾ به پنهنجي زبردست
مخالفت ڪرائي چڪو هو. انهيءَ مخالفت جو ڪارڻ اِهو
هو جو هي صاحب انهن پارٽين جو اعتماد قائم نه رکي
سگھيو هو. اڳتي هلي “اتحاد پارٽي” واري اتحاد کي
به شيهو رسايو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سر غلام
حسين هدايت الله جي وزارت قائم نه رهي سگھي ۽ هڪ
سال اندر سندس وزارت جو خاتمو اچي ويو. انهيءَ
وزارت کي ڊاهڻ ۾ جي - ايم سيد ۽ علي محمد راشدي جو
وڏو هٿ هو[51].
“مسلم پوليٽيڪل پارٽي” جڏهن اقتدار کان
ٻاهر آئي ته “سنڌ اتحاد پارٽي” ڪانگريس ۽ “هندو
آزاد گروپ” جي مدد سان خانبهادر الهه بخش جي
اڳواڻي هيٺ 23 مارچ 1938ع تي وزارت ٺاهي[52]
۽ ائين پهريون دفعو “سنڌ اتحاد پارٽي” سنڌ جي
حڪومت سنڀالي.
“اتحاد پارٽي” اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جلد
پوءِ سنڌ جي عوام جي خدمت جو آغاز ڪيو. هن پارٽي
جي وزارت جلد عوام سان ملڻ لاءِ هڪ پروگرام رٿيو.
پارٽيءَ جي وزيرن ساري سنڌ جو دورو ڪيو، انهيءَ
گشت دوران عام سنڌ واسين کي سجاڳ ڪيو ويو.
“اتحاد پارٽي” پنهنجي انقلابي پروگرامن تي
اڃا عمل ئي شروع نه ڪيو ته “ڪانگريس” ۽ “هندو آزاد
گروپ” ۾ سياسي رساڪشيءَ جو آغاز ٿيو. ان جو نتيجو
اهو نڪتو جو “اتحاد پارٽيءَ” جا ميمبر به متاثر
ٿيا.
“سنڌ اتحاد پارٽي” جڏهن هن نئين سياسي
رشاڪشي کي ختم ڪرڻ تي توجھه ڏنو ته انهيءَ جي
نتيجي ۾ پارٽيءَ جي پروگرامن تي عمل ٿي نه سگھيو[53].
هن نئين صورتحال کي پارٽيءَ جو سرگرم ۽ ترقي پسند
ڌڙو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري جي - ايم
سيد ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي جهڙا سرگرم ڪارڪن
پنهنجي ئي اقتدار واري ڌڙي خلاف ٿي بيٺا ۽ ائين
پارٽيءَ ۾ باهمي نفاق جي ابتدا ٿي، تان جو هي
پارٽي انهيءَ نفاق جو شڪار ٿي هميشه هميشه لاءِ
ختم ٿي ويئي[54].
“سنڌ اتحاد پارٽي” جيترو وقت به سنڌ جي
سياست ۾ فعال جماعت ٿي رهي، اوترو وقت سنڌ جي عوام
جي ڀرپور خدمت ڪيائين، هن پارٽي جي ميمبرن جي
اڪثريت “سنڌ مدرسة الاسلام” مان پڙهي نڪتل
سياستدانن جي هئي. انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته
“سنڌ اتحاد پارٽي” جو قيام ۽ ان جي ڪارڪردگي ۾
“سنڌ مدرسة الاسلام” هڪ اهم ۽ ناقابل فراموش ڪردار
ادا ڪيو آهي.
حوالا ۽ حاشيا
75 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص -
50.
[2]
K.K. Aziz: Britian & Muslim India,
London, William Heionemann Ltd. 1963,
P-115.
77 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص -
52.
78 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص
- 148.
79 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص
-
251.
[6]
Moulana Muhammad Irfan: A Brief History
of the movement of Seperation of Sind,
Karachi, Alwahid Special Edition 15,
June, 1936, P – 57.
[7]
B.G. Kanshik: The House that Jinnah
Built, Bombay, Paclma, Publication Ltd,
1944, P – 33.
82 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص
- 148.
83 محبوب: هزرائل هائينس سر سلطان محمد
شاهه پرنس آغا خان، ڪراچي اسماعيليه
ائسوسيئيشن پاڪستان، 1959، ص - 348.
84 عبدالله عباسي: خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، ڪراچي، مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 8.
85 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تاريخ (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر،
15 جون 1936ع، ص - 117.
86 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص - 83
-84.
[13]
See: Indian & Pakistan Year Book,
Bombay, The Time of India Press, 1948,
P- 249.
88 عبدالله عباسي: خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، ڪراچي، مڪتبه اسحاقيه، 1951ع، ص -
10.
89 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص
- 11.
[16]
A.K Aziz: Discovery of Pakistan, Lahore,
Sh: Ghulam Ali & Sons, 1957, P-295.
[17]
See: Indian & Pakistan Year Book,
Bombay, The Time of India Press, 1948,
P- 249.
92
See: Annual Report of Sind Madressah tul
Islam, Karachi, for the year, 1938 – 39,
P – 2.
93
Adward Thompson and G.T. Garrat: Rise
and Fulfilment of British Rule in India,
London, Macmillan & Company Ltd, 1935, P
– 462.
94 در محمد پٺاڻ: مولانا دين محمد وفائي،
(مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر -
آڪٽوبر، 1974ع، ص -74.
[21]
Hanfi M.A: Muslim Rule in Indo-
Pakistanm Dacca, Libarary, 1964, P- 292.
[22]
Richard V.Weeks: Pakistan Birth and
growth of a Muslim Nation, London, D.Van
Nostrand Company, 1964,
P-78.
[23]
Ram Gopal: Indian Muslim, Bombay, Asia
Publishing house, 1964, P -137.
[24]
P.D.Kanshik: The Congress Ideology and
Programe, Bombay, Allied Publisher
Private Ltd, 1964, P -223.
99 سيد هاشمي: تاريخ مسلمانان پاڪ و ڀارت،
ڪراچي، انجمن ترقي اردو، 1953ع، ص - 547.
[26]
K.K. Aziz: Britian & Muslim India,
London, William Heinemar Ltd, 1963, P –
105.
101 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 26، تاريخ 26 مئي 1920ع، ص - 4.
102 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 24، تاريخ 16 جولائي 1920ع، ص - 3.
[29]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 23rd
february, 1920, P – 5.
[30]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 23rd
September, 1919, P – 8.
[31]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 18th
October, 1919, P -5.
106 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 21، تاريخ 21 اپريل 1920ع، ص - 3.
107 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين،
(جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1927ع، ص - 84.
108 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين،
(جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1927ع، ص - 47.
109 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 19، تاريخ 16 مئي 1920ع، ص - 3.
110 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 35، تاريخ 8 جون 1920ع، ص - 2.
111 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 36، تاريخ 9 جون 1920ع، ص - 1.
112 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد -1،
نمبر – 75، تاريخ 4 آگسٽ 1920ع، ص - 3.
113 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص - 8.
114 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص - 8
- 9.
[41]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
24.7.1936, P -3.
116 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1927ع، ص
- 170.
117 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص -9 -
10.
118 يار محمد ٽانوري “مسلم”: منهنجون
يادگيريون، ڪراچي، نئين زندگي، جنوري
1924ع، ص - 38.
119 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص -
10.
120 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين،
(جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1927ع، ص - 156.
121 مير رحيم داد خان مولائي شيدائي؛
سياست سندهه، مترجم: محمد رحمت الله
قريشي، سکر، منياره بک اسٽور، 1961ع، ص -
27.
122 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص -
11.
123 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص -
14.
124 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنس، 1950ع، ص -
14.
125 پير علي محمد راشدي: اهي ڏينهن اهي
شينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ. 1947ع،
ص - 301.
[52]
See: Daily Gazette Karachi, Dated 24. 3.
1938, P- 3.
127 مير رحيم داد خان مولائي شيدائي؛
سياست سندهه، مترجم: محمد رحمت الله قريشي، سکر، منياره بک اسٽور، 1961ع، ص -
29.
128 معلومات جناب غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي کان
انٽرويو وسيلي 14 جنوري 1978ع تي ورتي
ويئي.
|