ڀاڱو ٻيو
سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌي
علم
۽
ادب جي ترقي ۾ حصو
باب
پهريون
سنڌي علم ۽ ادب جي مختصر تاريخ ۽ ترقي
“موهن جو دڙو” سنڌ جي تاريخ جي هڪ مکيه ڪڙي آهي.
هن دڙي جي ويران کنڊرن تي نظر وجھڻ سان سڳوريءَ
سنڌ جو شاندار ماضي ڪَرُ کڻي اسان جي تصور واري
دنيا تي ڇائنجي وڃي ٿو. اهي کنڊر ۽ انهن مان لڌل
شيون اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي شاهدي ڏين ٿيون.
موهن جي دڙي جي آثارن مان ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت
لکڻ ۽ پڙهڻ جو هنر جاري هو.
“موهن جي دڙي مان هن وقت تائين اهڙو پنو
يا تختي ڪانه لڌي آهي، جنهن ۾ ان وقت جي ماڻهن جا
هٿ اکر لکيل هجن[1].
البته مهرن تي تصويري اکر اڪريل آهن. گھڻين مهرن
تي جانورن جي تصويرن مٿان ٻن سٽن ۾ اکر اڪريل آهن.
تصويري اکرن کي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پراچين
سنڌ ۾ لکڻ جو هنر به هو.”[2]
سنڌ جي علمي ۽ ادبي عروج جا اُهڃاڻ عيسوي
سن کان اڳ واري دور ۾ به ملن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته “هندو راجائن جي وقت ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾
لکيل سنڌ جو پراچين ساهت ته صديون آڳاٽو هوندو ۽
تعداد ۾ به بيشمار هوندو. ان مان هن وقت تائين
ڄاتل پراڻي ۾ پراڻو گرنٿ “راجائن لاءِ سکيا”[3]
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو عيسوي سن کان اشعار ٽي صديون
آڳاٽو، راجا راول جي “منتري سپتر” ان زماني جي
سنڌي پراڪرت نثر ۾ لکيو هو.”[4]
موهن جي دڙي کان سواءِ “ڀنڀور” جي کوٽائي
به اسان جي ماضي جي علمي ۽ ادبي اوج تي چڱي خاصي
روشني وڌي آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪرين
تي لکيل اکرن تي تازو تحقيق ٿي آهي، جنهن مان ثابت
ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ واري
زماني ۾ به مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي[5].
“ڀنڀور شهر جي کوٽائي مان هڪ ٺڪر جو وڏو
ٽڪرو به مليو آهي، ان تي ديوناگري لپي ۾ “ايرڻ”[6]
لکيل آهي، اڳي پساري ٺڪر جي ٿانون ۾ پسار جون شيون
رکندا هئا ۽ سڃاڻڻ لاءِ مٿان نالا لکندا هئا، جيئن
اڄ دٻن ۾ ٿا وجھن.”[7]
انهيءَ آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾
عربن جي حڪومت جي شروعات کان به ڪافي اڳ سنڌي
ٻوليءَ ۾ علم ادب جو خزانو موجود هو، پر انهيءَ
ادبي خزاني جو ڪهڙو حشر ٿيو، تنهن لاءِ ڪجھه به
چئي نه ٿو سگھجي. مختلف عالم انهيءَ مسئلي کي
مختلف نگاهن سان ڏسن ٿا.
جيئن ته هن مقالي جي پهرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي
ماضي بعيد جي علمي ۽ تعليمي ترقيءَ تي تفصيل سان
روشني وڌي ويئي آهي، ان ڪري هتي انهن ڳالهين کي
ٻيهر دهرائڻ کان بچڻ خاطر عربن جي دور کان ادبي
اوسر جو خاڪو پيش ڪجي ٿو.
عربن جي دور جو آغاز 712ع ۾ ٿيو[8].
هن دور ۾ سنڌي علم ادب جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا. اهو
تصديق سان چئي سگھجي ٿو ته سن 270 هه / 883ع ۾
قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو ڪيو ويو[9].
جيڪو پوري دنيا ۾ پهريون ترجمو چئي سگھجي ٿو. ان
مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هن دور ۾ سنڌي ٻولي
ايتري ته آسودي ۽ معياري هئي، جو ان ۾ ترجما ڪري
ٿي سگھيا. هن دور جو ٻيو “جھوني ۾ جهونو سنڌي لکيل
پستڪ “ديول سمرتي”[10]،
چيو وڃي ٿو، جو 9-10 عيسوي صديءَ ڌاري سنسڪرت ڪوتا
۾ لکيو ويو هو.”[11]
ان کان سواءِ “ڪرم چيتي” ڪتاب به هن ئي زماني ۾
لکيو ويو، جيڪو هڪ جيني سيلاني “سميه سندرسوري”[12]
جو لکيل هو[13].
سنڌ ۾ عربي حڪومت جي شروع ٿيڻ کان پوءِ
علم ادب جي ڪافي ترقي ٿي. مذهبي ۽ سياسي يڪسانگيءَ
سنڌي ٻوليءَ ۽ محاورن کي مرڪزيت ڏيڻ لاءِ رستو صاف
ڪيو. ٻوليءَ جي لفظي خزاني ۽ لغت وارو واڌارو ٿيو.
لهجن ۽ محاورن ۾ مرڪزيت پيدا ٿي. هن عرصي دوران
ڪيترن ئي عالمن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. جيڪي
پنهنجي دور جا وڏا عالم ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن. اهڙن
عالمن ۾ مولانا اسلامي، قاضي
موسيٰ، صالح التميمي، ابراهيم بن محمد، شيخ ابو
تراب، منصور بن حاتم ۽ ابو علي سنڌي جا نالا قابل
ذڪر آهن. ان کان سواءِ ابو معشر، ابو عطا ۽ امام
اوزائي جهڙن عالمن عربستان ۾ وڃي علم ادب جي خدمت
ڪئي ۽ ڪيترن ئي جون تصنيفون اڄ به “جامع اظهر” ۾
پڙهايون وڃن ٿيون[14].
وقت جون سياسي حالتون هڪ طرف ٻوليءَ ۽ علم
ادب کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻئي طرف انهن کان متاثر
به ٿينديون آهن. ساڳي نموني سان سنڌي ٻوليءَ، علم
ادب به هن دور کان متاثر ٿيو، ۽ ڪيترا عربي لفظ
سنڌي ۾ ضِم ٿيا ۽ محاورا، اصطلاح ۽ پهاڪا مروج
ٿيا[15].
عربن جي حڪومت جي پڄاڻيءَ کان پوءِ 1051ع
کان وٺي سومرا سنڌ جا حڪمران بڻيا، جن 1351ع تائين
سنڌ تي راڄ ڪيو[16].
سومرن جي دور جي نج سنڌي ماحول ۾ ماڻهن جو توجهه
اندروني مسئلن ۽ معاملن طرف وڌيو. ملڪي آزاديءَ
سببان ماڻهن جا ذهن کليا، حاڪمن ۽ سردارن جي
ڪچهرين ذريعي مقامي قصن، ڪهاڻين، عشقيه داستانن ۽
ٻين خاص واقعن جي پچار شروع ٿي. جيتوڻيڪ هن کان اڳ
سنڌي نظم ۽ نثر جي موجودگيءَ جا ثبوت ملن ٿا، پر
هي دور سنڌي ادب لاءِ بنيادي دور هو. حقيقت ۾ هي
ئي دور آهي، جنهن تي سنڌي ادبي پيڙهه ٻڌل آهي[17].
سنڌ جا مڙئي عشقيه داستان جهڙوڪ: ليلا چنيسر، عمر
مارئي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ ۽
سيف الملوڪ هن دور سان ئي واسطو رکن ٿا، جن سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو، انهن
داستانن جا ڪردار ايندڙ دور جي اديبن لاءِ تخليقي
ادب جا ڪارڻ بڻيا ۽ هر دور جي شاعرن توڙي اديبن
انهن سان لاڳاپيل موضوعن جي وسيلي پنهنجي تخيل جي
پالوٽ ڪئي. سسئي جي همٿ، مردانگي، استقلال ۽
بربادي هجي يا ٻاگھل جي وطن تان سرگهور، ليلا جون
پشيمانيون هجن يا پريشانيون ۽ ڪوئنرو جي ڪرت، عمر
جي ڏاڍ هجي يا مارئي جي اڪير هجي. اهي سڀ ۽ سمورا
موضوع هن دور جي ئي پيداوار آهن، ۽ اهي ئي سنڌي
ادب جي عشقيه داستانن جو بنياد آهن.
هن دور ۾ سنڌي ٻولي نه رڳو سنڌ تائين
محدود رهي، پر سومرن جي طاقت جو رخ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات طرف هئڻ ڪري اها ڪڇ تائين به پهتي[18].
نه رڳو ايترو پر اسماعيلي مبلغن سنڌي ٻوليءَ جي
صورت خطي به تشڪيل ڏني، جنهن کي اڄ ڪلهه “خواجڪو
خط” يا “چاليهه اکري” سڏيو وڃي ٿو[19].
جيئن ته سومرا خود اسماعيلي فرقي سان واسطو رکندا
هئا[20]،
ان ڪري ايران جي اسماعيلي مبلغن کي سنڌ ۾ اچڻ جو
موقعو مليو. جن جي آمد هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ کي پير
نورالدين، پير شمس الدين سبزواري، پير شهاب الله ۽
پير صدر الدين جهڙا شاعر ڏنا. جن جي شاعراڻي ڏات ۾
“گنان” جي صنف جو اضافو ڪيو.
سومرن جي ٽن سو سالن جي حڪومت ۾ ڪيترائي
عوامي شاعر ۽سگھڙ پيدا ٿيا ۽ انهن منجھان ڪيترائي
سردارن جا درٻاري هئا. تنهن ڪري انهن جي شاعريءَ ۾
رجز، ساراهه يا واکاڻ جي جھلڪ نظر اچي ٿي[21].
اهڙن شاعرن ۾ سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان ۽ پير پٺو جا
نالا قابل ذڪر آهن[22].
سومرن جو دور جيتوڻيڪ سنڌ واسين لاءِ نج پنهنجو ۽
امن امان وارو دور هو. پر ان هوندي به سومرن کي
سنڌي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ هڪ طرف گجرات، ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ جي سرحدن تي جنگيون وڙهڻيون پيون، ته ٻئي
طرف وري دهلي جي غوري ۽ غلام گھراڻي جي حاڪمن سان
جنگيون جوٽيون ويون[23].
ان کان سواءِ ٻن سڳن ڀائرن، دودي ۽ چنيسر کي به هن
ئي دور ۾ ميدان ۾ منهن مقابل ٿيڻو پيو. اهڙين
حالتن سنڌ ۾ “رزميه” شاعري کي جنم ڏنو. تنهن دور
جي “رزميه” شاعري جنگ جي ماحول جي مڪمل منظر نگاري
کان سواءِ ڀرپور جذبو ۽ جولان پيدا ڪرڻ جي قوت رکي
ٿي.
ڏمڻ سونارو، مهرنگار ۽ خدا دوست جهڙا قصا
هن دور سان واسطو رکن ٿا ۽ اهي سنڌي ٻوليءَ ۾
“ڳاهن” جو اضافو ڪن ٿا. ان کان سواءِ مائي مور کان
وٺي سنڌ جي ٻين عورتن جيڪي ڳيچ ڳاتا، تن اچي اڄوڪي
دور ۾ “سهرن” جو روپ ورتو آهي. هن دور جي شاعريءَ
۾ مضمون جي وسعت آهي. چارڻن ۽ جاجڪن هن دور جي
عڪاسي ڪندي عام ۽ خاص ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ سخا
جو خاڪو پيش ڪيو آهي. انهن جي ڳاهن ۾ سنڌ جي
تاريخ، جاگرافي، تهذيب ۽ تمدن جو مواد ملي ٿو[24].
فني نقطه نگاهه کان به هن دور جي سنڌي
شاعريءَ ۾ ڪافي تجربا ڪيا ويا. اسماعيلي روحاني
پيشوائن جي “گنان” اڳتي هلي “ڪافي” ۽ “وائي” جو
روپ ورتو. مائي مور کان پهرين ڳيچ گو شاعره جي
حيثيت سان شاعريءَ ۾ “ڳيچ” جو اضافو ڪيو[25].
ان کان سواءِ “ڳاهه” توڙي بيت ۾ فني تجربا ڪيا
ويا. “دوها ڇند”، “سورٺا ڇند” ۽ گڏيل تجربن کان
سواءِ “بيت” جي مصرعن ۾ به اضافو ڪيو ويو.
سومرن جو دور 1350ع ۾ ختم ٿئي ٿو[26]
۽ سمن جي حڪومت شروع ٿئي ٿي. سمن جي ڪل 18 حاڪمن
پوڻا ٻه سو سال حڪومت ڪئي[27].
هن دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب شاندار ترقي ڪئي.
سنڌي ٻولي ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات، لسٻيلي قلات،
مڪران، سبي، ڀاڳناڙي ۽ بهاولپور تائين هن ئي دور ۾
پهتي. جنهن جي ڪري سنڌي زبان جا نوان محاورا
جھڙوڪ: ڪڇي، لاسي، جدگالي ۽ ٿري وجود ۾ آيا. ٺٽو،
سيوهڻ، بکر، درٻيلو، ٻٻرلو، ٽلٽي، هالا ڪنڊي،
نصرپور ۽ اگھاماڻي هن دور جا مشهور علمي ۽ ادبي
مرڪز رهيا.
هن دور ۾ ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا
ٿيا. جن ۾ قاضي قادن، حماد جمالي، شيخ عيسيٰ
لنگوٽي، شيخ جھنڊوپاتڻي، مخدوم بلال، مخدوم احمد
ڀٽي، اسحاق آهنگر، راڄو نظاماڻي ۽ شيخ پراڙ جهڙن
جا نالا قابل ذڪر آهن.
سما پنهنجي سخاوت جي ڪري اڄ به سنڌ جي
تاريخ ۾ وڏو مقام رکن ٿا. ڄام ابڙو، ڄام پوئندو،
ڪارائيڙو سمون ۽ پڊاماڻي پنرو، هن دور جا سخي
سردار ٿي گذريا آهن. جن جي سخا ۽ سورهيائي کي سنڌ
جي سگھڙن خوب ڳاتو ۽ اهڙي طرح “مدحيه بيت” جي اوسر
ٿي[28].
سومرن جي دور وانگر هن دور ۾ به پريت جي
ريت کي برقرار رکيو ويو. “ڄام لاکو ۽ مهر راڻي”،
“ڄام لاکو ۽ اوڏڻ”، “ڄام اوڍو ۽ هوٿل پري”، “ڄام
جراڙ ۽ بوبنا”، “ڄام تماچي ۽ نوري گندري”، “دولهه
دريا خان ۽ هيمون” جهڙن عشقيه داستانن هن دور ۾
جنم ورتو[29].
جن سنڌي علم ادب ۾ نون عشقيه داستانن کي پيدا ڪيو.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌي شاعري تي وقت
جي سياسي. سماجي ۽ مذهبي حالتن جو ڀرپور اثر نظر
اچي ٿو. جيڪڏهن ان وقت جي شاعري کي سمن جي دور جي
تاريخ چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ماموئي
فقيرن جي بيتن ۾ وقت جي سياسي حالتن کان سواءِ ملڪ
جي معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جا نشان ملن ٿا. پير
حسن، ڪبير الدين، پير نثارالدين، پير امام شاهه ۽
قاضي قادن جو ڪلام وقت جي مڪمل مذهبي تصوير چٽي
ٿو. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اسماعيلي ۽ مهدوي
تحريڪون سنڌ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪري رهيون هيون.
اسحاق آهنگر ۽ ماموئي جا ڪجھه بيت وري سنڌين جي
رهڻي ڪهڻي جي تصوير چٽن ٿا ۽ اسان کي معلوم ٿئي ٿو
ته بهه، مڇي ۽ لوڙهه توڙي ڇڄ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي
جي مکيه شيون پي رهيون آهن.
سنڌي “دوهو”، فني سٽاءَ جي لحاظ کان
تڪميلي صورت کي پهتو. “دوهي” ۽ “سورٺي” جي فني
بناوت موجب “بيت” چيا ويا، ته، دوهي ۽ “سورٺي” جي
ميل سان ڪامياب فني تجربا ڪيا ويا. نه فقط ايترو،
پر ٽن سٽن وارا به ڪيترائي بيت چيا ويا. خاص طرح
سان نئون ۽ ڪامياب تجربو هي ٿيو، جو بيت جي پوئين
سٽ “سورٺي” واري آندي ويئي. يعني پهرين سٽ جي وچ
تي قافيو آڻڻ جي روايت قائم ٿي[30].
سنڌ کي جڏهن ڄام فيروز جهڙو سُست ۽ ڪمزور
حاڪم مليو، ته درٻاري سازشن ۽ سندس سياسي غلطين
حڪومت کي ڪافي ڪمزور ڪري ڇڏيو[31].
شاهه بيگ ارغون، جيڪو اڳ بلوچستان جي “سبي” ۽
“شال” تي قابض ٿي چڪو هو، تنهن اهڙين حالتن کي ڏسي
سنڌ تي حملو ڪيو ۽ 1520ع ۾ “ٺٽو” فتح ڪيائين[32].
اهڙي ريت سمن جي حاڪميت ختم ٿي ۽ ارغونن، ترخانن ۽
مغلن جو دور شروع ٿيو. وقت جي حالتن سنڌي ٻولي ۽
علم ادب کي به حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. جيئن عربن
جي دور ۾ ڪيترائي عربي لفظ سنڌيءَ ۾ ضِم ٿيا، تيئن
هن زماني ۾ فارسي لفظ، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون
سنڌيءَ ۾ ملي ويا[33].
ارغونن فارسي زبان جي سرپرستي ڪئي[34].
“دهليءَ جي سياسي حالتن به هن دور جي سنڌي
ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. خاص ڪري همايون
جڏهن شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي
اچي ڊڪ ڊوڙ ڪيائين، تڏهن سنڌ جا ڪيترائي درويش
صوفي، اولياء، امن پسند اديب ۽ عالم ،انتشار ۽
بدامني سبب هتان ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويا. پاٽ
جي بزرگن به گجرات، دکن ۽ برهانپور طرف رخ رکيو”[35].
ان کان سواءِ وچ ايشيا ۾ وڳوڙي حالتن جي
پيدا ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي غير سنڌي اچي سنڌ ۾ رهيا.
جنهن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي ادب سنڌ ۾
پير پختا ڪرڻ لڳو.
اهڙين حالتن جي باوجود به سنڌ جي ڪيترن ئي
قلم ڌڻين، جهڙوڪ شيخ لاڏجيو، مخدوم پير محمد لکوي،
مخدوم نوحؒ، شاهه ڪريم، سيد علي ثاني ٺٽوي، درس
علاؤالدين، سيد ابوبڪر لڪياري، شاهه خيرالدين
جيلاني، فاضل بکري، سيد هارون، عثمان احساني، شاهه
لطف الله قادري ۽ شاهه عنات رضوي سنڌي ٻولي ۽ علم
ادب جي شمع کي روشن رکيو.
شيخ لاڏجيو جيتوڻيڪ سنڌ ڇڏي وڃي “برهان
پور” ۾ ويٺو، ته اتي ڪافي جي صنف کي عروج تي
رسايائين[36].
مخدوم پير محمد لکوي سنڌ جو اهو پهريون “شاعر”
آهي. جنهن جو نظم الف اشباع جي سلسلي جي پهرين ڪڙي
آهي. جنهن هن صنف ۾ عشق رسول ﷺ کي سهڻي پيرائي ۾
بيان ڪيو آهي[37].
شاهه ڪريم بلڙي وارو، سنڌي شاعرن ۾ اهو پهريون
شاعر آهي، جنهن جو گھڻي کان گھڻو ڪلام مليو آهي.
جيڪو فني ۽ فڪري خوبين جي خيالن کان به مٿانهون
آهي[38].
سيد علي ثاني ۽ درس علاؤالدين سنڌي شاعري کي نئون
موڙ ڏنو. چيو وڃي ٿو ته ٻنهي جي وچ ۾ سنڌي بيتن ۾
سوال جواب ٿيندا رهندا هئا[39].
جيڪي اڳتي هلي مناظري جي بنياد بڻيا.
سنڌي مشاعرن جو رواج هن ئي دور ۾ پيو .
موضوع جي لحاظ کان شاعرن، تصوف، عشق ۽ رومانوي
داستانن تي طبع آزمائي ڪئي. پر ان دور جي صوفيانه
شاعري تي دنيا جي بي ثباتي جو رنگ چڙهيل نظر اچي
ٿو، جيڪو شاعرن جي مايوسي ۽ نااميدي جي ترجماني
ڪري ٿو. حقيقت ۾ اِها مايوسي ۽ نااميدي کين ڌارين
جي دور جي سوکڙي ٿي ملي.
“ڪافي” کان سواءِ “بيت” به فني لحاظ کان
هن دور ۾ گھڻي ترقي ڪئي. عثمان احساني بيت جي
پوئين مصرع جي آخر ۾ قافيو ڪم آندو، شاهه لطف الله
قادري جي بيتن ۾ تڪرار جي روايت قائم ٿي، شاهه
عنات رضوي وري رومانوي داستانن تي الڳ الڳ سُر
لکيا.
مغلن جي زماني ۾ ئي ڪلهوڙا سنڌ ۾ سياسي ۽
مذهبي قوت ٿي اُڀرڻ لڳا. اورنگزيب جي وفات کان
پوءِ مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو، ته ڪلهوڙا اڳ
کان اڳرا ٿي سنڌ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا، تان
جو ميان يار محمد ڪلهوڙي باقائده طور تي1701ع ۾
مغل درٻار کان پروانو وٺي حڪومت جو پايو وڌو[40].
ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪيترائي دردناڪ واقعا ٿيا. جن
سنڌ جي سياست توڙي علم ادب تي وڏا اثر وڌا. هڪ طرف
1718ع ۾ شاهه عنات صوفي کي شهيد ڪيو ويو،[41]
ته ٻئي طرف وري کهڙن جي مخدوم عبدالرحمٰن کي
1732هه ۾ مسجد ۾ ڪُٺو ويو[42].
خارجي طور تي 1740ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪري
ملڪ جي وحدت کي ٽڪرا ڪري ڇڏيو،[43]
ته ٻئي طرف 1753ع ۾ احمد شاهه ابدالي وري سنڌ جي
ڳچ حصي کي پنهنجي ملڪ سان ملائي ڇڏيو[44].
ڪلهوڙن جي پڇاڙي واري ڏينهن ۾ مدد خان سنڌ جو سڪون
تباهه ڪيو، جنهن جي يادگيري سنڌي ٻوليءَ ۾ “مدد
پوڻ”، “گھوڙا ڙي گھوڙا” ۽ “ گھل ڙي گھل” جا اصطلاح
اڄ به اسان کي ياد ڏيارن ٿا.
ڪلهوڙن جو دور سنڌ جي تاريخ جو اهم دور
هو. جڏهن به ملڪ ۾ وڳوڙ جون حالتون پيدا ٿينديون
آهن، تڏهن ادب ۾ به انقلاب اچي ويندو آهي. اهوئي
سبب آهي، جو هن دور کي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو
سونهري دور چيو وڃي ٿو. سنڌي ادب کي ابوالحسن
سنڌي، مخدوم هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم
محمد ابراهيم ڀٽي، مولوي عبدالخالق، مولوي محمد
حسن جهڙن عالمن ۽ اديبن کان سواءِ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، غلام محمد بُگائي،
ميون عيسيٰ، خواجه محمد زمان، سيد محمد بقا، روحل
فقير، صاحب ڏنو فاروقي، جلال کٽي، صابر موچي، ڪبير
شاهه، مخدوم عبدالرحيم ڀٽي، جمن چارڻ، ميان سرفراز
ڪلهوڙو، مرزا تقي، حافظ عالي ۽ ميان ڇتن جهڙا بلند
پايه شاعر ملن ٿا.
شاهه عبداللطيف هن دور جو اهو عظيم شاعر
آهي. جنهن سنڌي شاعري کي فڪر جي گھرائي ۽ فني
پختگي عطا ڪئي، مخدوم ابوالحسن، عربي سنڌي رسم
الخط جو بنياد وڌو[45].
نقطه نگاهه کان به هن دور ۾ نوان تجربا ڪيا ويا.
جلال کٽي “سينگار” جي صنف تي شاعري ڪئي[46].
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، ڪلمات جي صنف جي ابتدا
ڪئي[47].
ميين شاهه عنات مولود جي صنف جو پايو وڌو[48].
غلام محمد بگائي معجزا لکيا[49].
جمن چارڻ ۽ سرفراز مداحن ۽ مناجاتن جو رواج وڌو[50]
۽ عروضي شاعر جا اُهڃاڻ به هن ئي دور ۾ ملن ٿا.
اسان کي نور محمد خسته، مرزا تقي، حافظ عالي، ۽
ميان ڇتن جي غزل جا مثال به ساڳي دور ۾ ملن ٿا[51].
1782ع ۾ هالاڻي جي جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست
ٿي ۽ ٽالپور اقتدار ۾ آيا[52].
ٽالپور 1843ع تائين حڪومت جون واڳون سنڀاليندا
آيا. مجموعي طور تي هن اڌ صدي جي عرصي ۾ سنڌي ٻولي
۽ علم ادب ڪافي ترقي ڪئي.
سچل سرمست هن دور جو هڪ عظيم شاعر آهي،
جيڪو پنهنجي همعصر شاعرن ۾ وڏو مقام رکي ٿو ۽ هن
دور جي باقي ٻين مشهور شاعرن ۾ خواجه صاحبڏنو
فاروقي، روحل فقير، مراد فقير، دريا خان زنگيجو،
فتح فقير، پير محمد اشرف، صوفي دلپت، خليفو نبي
بخش لغاري، پير محمد راشد، عبدالله فقير ڪاتيار،
سامي، محمد بچل انور، ملا صاحبڏنو، صدرالدين چارڻ،
مولوي احمد، سيد خير شاهه، سيد صادق شاهه، نانڪ
يوسف، مرزا ٻڍل بيگ، حفيظ تيوڻو ۽ حاجي عبدالله جا
نالا قابل ذڪر آهن.
هن دور ۾ سنڌي نثر نويسي جو نمونو ملي ٿو.
پهريون نثر نويس آخوند عزيز الله، مٽيارين وارو
آهي، جنهن قرآن شريف جو سنڌي ترجمو 1746ع ۾ ڪيو[53].
رچرڊ برٽن جي چوڻ موجب اسان کي هن دور ۾ سنڌي لغت
جي موجودگي جو ثبوت ملي ٿو.
هن دور ۾ پهريون دفعو منظوم قصي گوئي جو
رواج پيو. انهيءَ سلسلي ۾ حفيظ تيوڻي ۽ خليفي
عبدالله جانالا قابل ذڪر آهن، جن جا قصا مومل راڻو
۽ ليليٰ مجنون اڄ به سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت
رکن ٿا. سيد خير شاهه هجوگوئي جو بنياد وڌو
[54] ۽ سيد ثابت علي شاهه وري
مرثيه نگاري کي عروج تي رسايو[55].
مطلب ته عربن جي آمد کان وٺي ٽالپورن جي اختتام
تائين سنڌي علم ادب حد کان وڌيڪ ترقي ڪري چڪو هو ۽
ان جي هر هڪ صنف تي ضخيم ڪتاب لکيا ويا.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جو دور سنڌ جي آزادي ۽
خودمختياري جو دور هو. هن دور جي خاتمي سان گڏ سنڌ
کي وري غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو. هن دور جو
آغاز 1843ع کان ٿئي ٿو. “سنڌ مدرسة الاسلام” به هن
ئي دور 1885ع ۾ قائم ٿيو. مدرسي جي قيام تائين
سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي تاريخ مان نوان موڙ اچي
چڪا هئا. سنڌ جي فتح کان ٻه سال پوءِ بمبئي جي
“بورڊ آف ايجوڪيشن” سنڌ ۾ “ايجوڪيشنل ايجنسي” جي
ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. ساڳي وقت اها تحريڪ به
هلي ته سنڌي کي صوبي جي سرڪاري زبان بڻائجي.
انهيءَ تحريڪ نيٺ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال
پيدا ڪيو[56].
1848ع ۾ بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ
(Sir George Clark)
هڪ حڪم نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو، ته سنڌي
ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي[57].
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر
(Sir Bartel Farear)
هڪ اطلاع نامو جاري ڪيو. جنهن ۾ سرڪاري عملدارن
کي هدايت ڪيل هئي ته، سنڌي ۾ امتحان پاس ڪن[58].
پر جيئن ته سنڌي ٻولي جي گھڻن “خطن” هئڻ باوجود به
ڪو هڪ معياري ۽ متفق طور تي مقبول خط نه هو.
انهيءَ ڪري مسٽر ايلس جي صدارت هيٺ اٺن مقامي ۽ ٻن
يورپي ميمبرن[59]
جي هڪ ڪميٽي ٺاهي ويئي[60].
جن جي ڪوشش سان 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده رسم
الخط تشڪيل ڏني ويئي[61].
سنڌي الف-ب جي سڌاري ۽ تشڪيل لاءِ وقت جي
سرڪار “ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي” ٺاهي، جنهن طرفان
ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. “سنڌ مدرسة الاسلام” جي
قائم ٿيڻ تائين هن ڪميٽي طرفان ڪافي تعداد ۾ ڪتاب
شايع ڪيا ويا.
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي قيام يعني 1885ع
کان اڳ سنڌي علم ادب جي جيڪا مختصر اوسر ٿي،
انهيءَ ۾ ناول نويسي، ڊراما نگاري، مضمون نگاري،
شاعري، تنقيد ۽ صحافت جون صنفون قابل ذڪر آهن.
1870ع ۾ اڌارام شوقيرام، جانسن جي ناول
“راسيلاس” جو ترجمو ڪيو[62].
جنهن سان گڏ سنڌي ادب ۾ ناول نويسي جي ابتدا ٿي.
سنڌي زبان ۾ غلام حسين قريشي جي لکيل ڪهاڻي “ڀمڀي
زميندار جي ڳالهه” پهرين ڪهاڻي جي حيثيت رکي ٿي.
هي ڪهاڻي 1854ع ۾ شايع ٿي. ان کان پوءِ سيد ميران
محمد شاهه “سڌا توري ڪڌا توري” جي ڳالهه (1855ع) ۽
مفيد الصيبان (1861ع) ڪتاب لکيا[63].
ڊراما نگاري جي ابتدا هن ئي دور ۾ ٿي. هير
رانجھو سنڌي ادب جو پهريون ڊرامو آهي، جيڪو 1879ع
۾ حاجي امام بخش “خادم” لکيو[64].
1877ع ۾ مرزا قليچ بيگ، لارڊ بيڪن جي ڪتاب جو
“مقالات الحڪمت” جي نالي سان ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾
مضمون نگاري جي شروعات ڪئي. “معين الاسلام” سنڌ جي
پهرين سنڌي اخبار هئي[65].
جنهن سان صحافت جي ابتدا ٿي. انهيءَ کان پوءِ
مدرسي جي قائم ٿيڻ کان اڳ 1882ع ۾ “سنڌ سڌار”
اخبار جاري ٿي. شعروشاعري جي ابتدا ته صديون اڳ
ٿي، پر انهيءَ کي اوج ۽ عروج هن ئي دور ۾ مليو.
نظم جي ڪتابن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
(Dr.Erenest Trummpp)
جرمن جي ليپزگ
(Leipzig)
شهر مان شاهه جو رسالو ڇپرايو[66].
انهيءَ کان پوءِ 1858ع ۾ “ديوان گل” ۽ 1876ع ۾
“بيان العارفين” شايع ٿيا. تنقيدي ادب جي ابتدا به
هن دور ۾ عبدالرحيم “وفا” ڪئي. جنهن جو 1871ع ۾
“عمر مارئي” جي قصي نالي ڪتاب ڇپيو. هن ڪتاب جي
مهاڳ ۾ مرتب سنڌي شاعرن تي مختصرتنقيد ڪئي[67].
هن ادبي ترقي ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” 1885ع
کان وٺي ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. جنهن جو تفصيلي ذڪر
ايندڙ باب ۾ ڪيو ويندو.
حوالا ۽ حاشيا
1 هن دڙي مان نڪتل شين ۾ هڪ لکڻ جي سليٽ
به آهي، البت اها سليٽ اڄ ڪلهه جهڙين
سليٽن جهڙي يعني پٿر جي نه آهي. مگر اها
سليٽ ٺڪر جي آهي. جنهن تي اکر لکي وري
ڊاهي سگھجن ٿا. جنهن مان شڪ پئدا ٿئي ٿو
ته اها سليٽ يا ته هٽ واڻيا حساب ڪتاب ڪرڻ
لاءِ استعمال ڪندا هئا يا وري شاگرد.
2 دوراڪا پرساد روچيرام شرما: پراچين سنڌو
سڀيتا جو نظارو، حيدرآباد، تاج محل
اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، سال؟ ، ص-58.
3 هن جھوني ۾ جھوني سنڌي ڪتاب جي پهرين
ڀاڱي ۾ مهاڀارت جي لڙائيءَ جو اختصار ڏنل
هو ۽ ٻئي حصي ۾ راجا جئدرٿ جي پوين سنڌ ۽
ڏکڻ پنجاب جي راجائن جون ڪهاڻيون ڏنل هيون
. ابو صالح ان ڪتاب جو عربي ترجمو 8 ۽ 9
صدي ڌاري ڪيو ۽ 1026ع ۾ ابوالحسن عليءَ ان
جو پارسي ترجمو ڪيو.
4 پروفيسر منگھارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي
تاريخ، بمبئي، ڪونج پبليڪشن، 1968ع، ص-51.
5 خواجه غلام علي الانا: اسلام جي آمد کان
اڳ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت، (مقالو)، ڪراچي،
نئين زندگي، سيپٽمبر، 1968ع، ص-23.
7 منو تولا رام گدواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي
لپيءَ جو اتهاس، جئپور، نامديو پبليڪيشن،
1968ع، ص-35.
[8]
H.T. Lambric: Sind before the muslim
conquest, Hyderabad, Sindhi adabi Board,
1973, P-x.
9 سيد حسام الدين راشدي :“منصوره جي تاريخ
جو هڪ باب، (مقالو)، ٽماهي ماهي مهراڻ ،
جلد-10، نمبر-1، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ، 1960ع، ص-103.
10 هن ڪتاب ۾ شدي ڪرڻ لاءِ نِيَمَ ۽ قائدا
ڏنل آهن.
11 منو تولا رام گدواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي
لپيءَ جو اتهاس، جئپور، نامديو پبليڪيشن،
1968ع، ص-32.
12 هي شاعر 17ع صدي ڌاري اتر سنڌ ۾ ٻه ٽي
سال رهيو. سندس ڪتاب شاعري ۾ آهي ۽ سندس
سنڌي جي صورت سرائيڪي آهي.
13 پروفيسر منگھارام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي
تاريخ، بمبئي، ڪونج پبليڪيشن، 1968ع، ص-3.
14 محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ،
(ڀاڱو پهريون)، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد،
1963ع،ص-3.
15 جيئن:
اسم: بصر (بصل) ٿوم (ثوم،
فوم) ڪلف (قفل) ، ڪتاب، مدرسو، عامل،
حڪيم، طبيب، قافي، ولي ۽ وظيفو.
اسم ذات: ادب، ظلم ۽ طاقت.
صفت: حلال، حرام، غافل ۽ ظالم.
عدد: واحد.
حرف ندا: الا (الله)
پهاڪا: التعجل فعل الشيطان (تڪڙ ڪم شيطان
جو).
سنون الڪلا باالحم الحمارا (ڪتي جاڏند،
گڏهه جو ماس).
16 سيد سليمان ندوي: عرب وهند کي تعلقات،
الهه آباد، هندستاني اڪيڊمي، 1930ع،
ص-375.
17 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر
جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن،
1966ع، ص 3 کان 4.
18
ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ، حيدرآباد، پايونيئر پريس، 1962ع،
ص-25.
19 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي صورت
خطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن،
1969ع، ص-25.
20 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي
دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، نئين زندگي،
ڪراچي، فيبروري، 1972ع، ص-27.
21 ڊاڪٽر محمد حسن: هندي ادب کي تاريخ،
علي ڳڙهه، انجمن ترقي ادارو، 1955ع، ص-17.
22 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي
دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، ڪراچي، نئين
زندگي، مارچ، 1972ع، ص
44 کان 46.
23 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي
دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، ڪراچي، نئين
زندگي، مارچ، 1972ع، ص-30.
24 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي
دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، ڪراچي، نئين
زندگي، مارچ، 1972ع، ص-32.
25 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سومرن جي
دور ۾ سنڌي ادب، (مقالو)، ڪراچي، نئين
زندگي، مارچ، 1972ع، ص-33.
26 رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص-314.
27 رحيمداد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن
سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص-363.
28 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر، عجائب اسٽور، 1972ع،
ص-33.
29 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر، عجائب اسٽور، 1972ع،
ص-33.
30 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر، عجائب اسٽور، 1972ع،
ص-48.
31 جي- ايم- سيد: پيغام لطيف، حيدرآباد،
اداره انسانيت، 1954ع، ص-19.
32 محمد صديق مسافر: سنڌ جي تاريخ، (ڀاڱو
چوٿون)، حيدرآباد، سنڌي مسلم ادبي
سوسائٽي، 1941ع، ص-28.
33 جيئن:
اسم: آب، آبادي، پراڻو،
پهراڻ، رستو، زيور ۽ جام،
صفت: آباد، برباد، بيزار، پاڪ
۽ تازو.
ظرف: هردم ۽ هرگز.
حرف جملو: اگرچ، پَر، بلڪ.
حرف جر: روبرو.
حرف ندا: افسوس ۽ ياخدا.
پهاڪا: آه غريبان قهر خدائي، يڪ تندرستي
هزار نعمت، دو برادر سوم حساب (ٻه ڀائر
ٽيون ليکو) خود کرددرا علاجي نيست (پنهنجي
وڍي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب)، آمد براءِ آخگر
چون مطبخهه نشت (آئي ٽانڊي ڪاڻ بڻجي ويئي
بورچاڻي).
34 تان جو عوامي رد عمل ڪيترن ئي پهاڪن ۽
چوڻين کي جنم ڏنو جيئن: “سنڌي وائي ڪم نه
آئي” پارسي گھوڙي چاڙهسي”، “پڙهيو پارسي
وڪڻي تيل، ڏسو يارو قسمت جو کيل”.
35 سيد حسام الدين راشدي: شاهه ڀٽائي ڪافي
جو موجد نه آهي، (مقالو)، مهراڻ جون
موجون، ڪراچي پاڪستان پبليڪيشن، 1964ع،
ص-231.
36 سيد حسام الدين راشدي: شاهه ڀٽائي ڪافي
جو موجد نه آهي، (مقالو)، مهراڻ جون
موجون، ڪراچي پاڪستان پبليڪيشن، 1964ع، ص-222.
37 سيد حسام الدين راشدي: سندهي ادب،
ڪراچي، ادارا مطبوعات، پاڪستان، سال ؟،
ص-27.
38 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي: شاهه
ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، بمبئي، قائم
پريس، 1937ع، ص-28 ۽ 29.
[39]
ميمڻ عبدالحميد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو، سکر، عجائب اسٽور ، 1972ع، ص-59.
[40]
رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-461.
41 غلام رسول مهر: تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور
- جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1963ع، ص-257.
42 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: واقعاتي بيت،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1961،ص-4.
43 غلام رسول مهر: تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور
- جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1963ع، ص-393.
44 غلام رسول مهر: تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور
- جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1963ع، ص-452.
45 محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ
(ڀاڱو پهريون)، حيدرآباد، آر-ايڇ احمد
برادرس، 1963ع، ص-62.
46 عبدالڪريم سنديلو: سنڌ جو سينگار،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-19.
47 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر عجائب اسٽور 1972ع،
ص-101.
48 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مولود،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، ص-6
(مقدمو).
49 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: معجزا،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع، ص-4
(مقدمو).
50 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مداحون ۽
مناجاتون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1959ع، ص-2 (مقدمو).
51 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر عجائب اسٽور 1972ع،
ص-102.
52 لطف الله بدوي: تذڪره لطفي، حيدرآباد،
آر-ايڇ احمد برادرس، 1967ع، ص-17.
53 منگھا رام ملڪاڻي: سنڌي نثر جي تاريخ،
بمبئي، ڪونج پبليڪيشن، 1968ع، ص-15.
54 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر، عجائب اسٽور،
1972ع،ص-123.
55 عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ، حيدرآباد، سرهه ڪتاب، 1973ع، ص-97.
56 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي صورت
خطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن،
1969ع، ص-35.
57 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي صورت
خطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن،
1969ع، ص-36.
[58]
Aitken E.H: Gazetter of the Province of
Sind, Karachi, Marcantile Steam Prees,
Chapter, XII, 1907, P-474.
59 (الف) ڏيهي عالم: خانبهادر مرزا صادق
علي بيگ، ميان محمد، ميان غلام حسين ٺٽوي،
راءِ بهادر نارائڻ جڳتناٿ، ديوان ننديرام،
ديوان پرڀداس رامچنداڻي ۽ ديوان اڌارام
ٿانورداس.
(ب) يورپي عالم: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ڪئپٽن
برٽن.
[60]
Aitken E.H: Gazetter of the Province of
Sind, Karachi, Marcantile Steam Prees,
Chapter, XII, 1907, P-474.
[61]
Aitken E.H: Gazetter of the Province of
Sind, Karachi, Marcantile Steam Prees,
Chapter, XII, 1907, P-474.
[62]
Aitken E.H: Gazetter of the Province of
Sind, Karachi, Marcantile Steam Prees,
Chapter, XII, 1907, P-474.
63 در محمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي
ٻوليءَ ۾ علم ادب جي ترقي ۾ حصو
(پي-ايڇ-ڊي لاءِ مقالو) 1978ع، ص-69.
64 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي
نثر جي
تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن،
1966ع، ص-81.
65 ڏسو: ڪئٽلاگ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-ث.
66 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: شاهه جي رسالي جا
سر چشما، ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، 1972ع، ص-117.
67 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو، سکر عجائب اسٽور، 1972ع،
ص-150.
|