سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:10 

 

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

·         شاعري:

        ڊاڪٽر “خليل” ننڍي هوندي کان ئي شعر چيو. پاڻ سنڌ جي مشهور سياستدان، صحافي، عالم ۽ شاعر حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو شاگرد ٿي رهيو ، کيس حضرت داغ دهلوي جي شاگرد ٿيڻ جو به موقعو مليو. “خليل” پاڻ به اديب، نقاد، اهلِ قلم، مقرر، انشا پرداز، عروضدان، پخته گو ۽ ڪهنه مشق شاعر آهي. هو سالن کان سنڌ جي عروضي شاعريءَ جي سُونهن ۽ سوڀيا ٿي رهيو آهي.

        ڊاڪٽر صاحب شاعري جي هر صنف تي لکيو آهي، هن غزل، رباعي، نظم، قطع، مثنوي، گيت ۽ ڪافي کان سواءِ مغربي صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. جيئن ته پاڻ عروضي شاعر آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ جي نج سنڌي صنفن تي به اُهو ئي اثر نظر اچي ٿو.

        مذهب، عشق ۽ حُسن سندس شاعري جا مکيه موضوع آهن، مذهبي شاعريءَ ۾ هو ڌڻي جي دَرَ کان سواءِ نبي ڪريم ﷺ جا در به ڀيٽي ٿو ۽ هو سچي رسول جي سچي تعليم کي زندگيءَ جو ورثو بڻائي ان تي عمل ڪري ٿو.

        ڊاڪٽر “خليل”، عشق ۽ حسن، سُونهن ۽ سوڀيا، پيار ۽ پريت، سِڪ ۽ ڇِڪ، سوز ۽ گُداز جو تصور اهوئي رکي ٿو. جيڪو عام عروضي شاعر وٽ ٿئي ٿو. نشيلي نگاهن کان درديلي ياد تائين، انتظاري کان آهه زاري تائين، تعريف کان وٺي شڪوه شڪايت تائين، مطلب ته پيار ۽ پريت جي هرهڪ راز ۽ نياز، لاهين ۽ چاڙهين، تجربن ۽ آزمودن جو “خليل” پنهنجي عشقيه شاعريءَ ۾ ڀرپور ذڪر ڪيو آهي.

        “خليل” عشقيه ۽ مذهبي شاعر کان سواءِ قومي شاعري به ڪئي آهي. هن جي قومي شاعري تي ناصحانه رنگ چڙهيل آهي. هن جي ڪلام ۾ پڙهندڙ لاءِ سنيهو آهي، پيغام آهي ۽ اثر آهي. هن وٽ ڌرتي آهي ۽ نظام آهي، باقي ان تي محنت ۽ خلوص سان ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ان ڪري هو قومي شاعري ۾ اڪثر ڪري نوجوانن سان مخاطب ٿئي ٿو:

اي جوان پهرين مذاقِ گلستان پيدا ڪريو، پوءِ چمن ۾ شاخ آ شان پيدا ڪريو.

        “خليل” جي ڪلام تي اردو ۽ فارسي جو گھرو اثر پڻ نظر اچي ٿو، ان هوندي به هو موجودهه عروضي شاعريءَ ۾ منفرد مقام رکي ٿو، سلاست ۽ رواني هن جي ڪلام جي پهرين ۽ خاص خوبي آهي. بلند خيالي ۽ نازڪ خيالي سان سندس ڪلام ڀريو پيو آهي. هن مختصر توڙي طويل بحرن تي عروضي شاعري ڪئي آهي ۽ ان سان استادانه انداز سان انصاف به ڪيو اٿس. ائين چئي سگھجي ٿو ته فن هن جي شاعريءَ ۾ معراج تي پهچي ويو آهي.

        خليل صاحب جي ڪيترن ئي اوڻاين جي به نشاندهي ڪري سگھجي ٿي، فڪري نقطه نگاهه سان ڪٿي ڪٿي هو پڙهندڙ کي مونجھاري ۾وجھي ٿو. مثال طور جنهن دنيا ۾ پاڻ به رهي ٿو، ان لاءِ خاص چئي ٿو ته:

مڪر ۽ ريا آهي دنيا ۾ ، شيطانن جي بستي آهي.

اهڙن فڪري جھولن کان سواءِ هن فن ۽ فڪر کي روايتي انداز ۾ اهميت ۽ اوليت ڏني آهي، زِير اِضافت، گل و بلبل، مئي ۽ مئيخانه جو ذڪر هن ڪثرت سان ڪيو آهي.

        ان هوندي به آخر ۾ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته “خليل” صاحب جو ڪلام زبان جي لحاظ سان درست، فني لحاظ سان پخته ۽ شسته آهي. سندس ڪلام ۾ اثر به آهي ته نمائي به، سلاست به آهي ته رواني به، هن عروض جي نازڪ ترين اصول جي سختيءَ سان پابندي ڪئي آهي. هو اڄ به عروضي شاعرن جي صف اول جي شاعر هئڻ جي حيثيت رکي ٿو.

سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

هٿن ۾ ڪن جي پيمانه ٿين ٿا، اکين ۾ ڪن جي ميخانه ٿين ٿا
نظر جا ڍنگ مستانه ٿين ٿا، ڏسي سڀ ان کي ديوانه ٿين ٿا

رقابت کان ئي ديوانه ٿين ٿا، سڙي دشمن به پروانه ٿين ٿا
نه ڇو شبنم کي ساقي مئي پنائڻ، گلن جا ڀي پيمانه ٿين ٿا

سندءِ نظرن جو آهي فيض ساقي، جو پيمانه به ميخانه ٿين ٿا
سبق حاصل ڪري دنيا مان انسان، هي عبرت جا افسانه ٿين ٿا

ڪري دنيا سان نفرت ڇو نه انسان، جڏهن پنهنجا به بيگانا ٿين ٿا
کلن ٿا زندگي جا راز تن تي، خود کان جيڪي بيگانه ٿين ٿا

انهي کي ئي نه دنيا ٿا چون سڀ، جتي هٿيار ديوانه ٿين ٿا
زماني جي گذارن واقعا ٿا، “خليل” اڳتي سي افسانا ٿيا[156]

 

ڪتاب “بلبل سنڌ” جو جائزو:

تعارف:

        ملڪ جا مدبر تجربن ۽ مشاهدن جي کاڻ ٿين ٿا ۽ سوانح حيات وري سندن انهن تجربن ۽ مشاهدن جي کاڻ جو نچوڙ ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن علم ادب مان سوانح نگاريءَ جو موضوع ڪڍي ڇڏجي ته هوند علم ادب ۾ هڪ قسم جي ڏٺي وائٺي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳندي. سنڌي عالمن ۽ اديبن هن موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکي هميشه پئي پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. “بلبل سنڌ” اهڙي جوهر جو مظهر آهي. هي ڪتاب پخته شاعر ۽ اديب شيخ محمد ابراهيم “خليل” جو لکيل آهي. ڪتاب جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

مواد:

        تنقيد هيٺ آيل ڪتاب، سنڌ جي نامور صحافي ۽ مشهور شاعر مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” جي شخصيت ۽ ڪردار، فن ۽ فڪر کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي.

        باريڪ بينيءَ سان مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪتاب ۾ مرحوم “بلبل” جي شخصيت ۽ ڪارنامن جو مڪمل خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مواد کي هيٺين ريت ورهائي سگھجي ٿو.

·          “بلبل” جي زندگي جو احوال:

سنڌ جي سر سيد حسن علي آفنديءَ جو سچو ساٿي سنڌي گلزار صحافت جو عندليب، سنڌي جي سياسي گلستان جو خوشنما گل ۽ سنڌ جي ادبي بوستان جو هزار داستان رئيس شمس الدين “بلبل”، سنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. انهيءَ ڪري قابل مصنف سندس زندگيءَ جي پيرائتي ڳالهه ڪرڻ کي ضروري ڪونه ڄاتو آهي. تاهم ضروري پهلوئن کي به نظر انداز ڪونه ڪيو اٿس. ڪتاب جا ڪجھه پهلو وري هن مقصد لاءِ وقف ڪيا ويا آهن.

·          “بلبل” صحافيءَ جي حيثيت ۾:

مرحوم “بلبل” سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو. شروعات ۾ “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ان کان پوءِ “ڪراچي گزيٽ”، “خيرخواهه”، “مسافر” ۽ “آفتاب سنڌ” جو به ايڊيٽر ٿي رهيو سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ هي مرحوم وڏو مقام رکي ٿو.

فاضل ليکڪ سندس صحافتي خوبين تي روشني وجھندي لکي ٿو ته:

“بلبل جي اخباري زندگي جيتري ڪامياب رهي آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به اخبار نويس جي نه گذري هوندي. تنهن جو وڏو سبب هي آهي ته هو هميشه فڪر معاش کان آجو هوندو هو. تنهن ڪري هن کي پنهنجي ضمير وڪڻڻ جي ضرورت ئي نه پوندي هئي. ٻيو ته هن ڪڏهن به اخبار کي پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. بلڪ پنهنجي زندگي کي قومي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. تنهن ڪري جڏهن به هن ڪنهن اخبار لاءِ قلم کنيو ته ان ۾ هميشه ڪامياب رهيو[157].

·          “بلبل” اديب جي حيثيت ۾:

        بلبل مرحوم نه رڳو هڪ ايڊيٽر هو، بلڪ قابل اديب به هو. پاڻ جيڪي ڪتاب لکيائين، اهي آهن: قلندري ميلو، تيرهن ڄار مڪرن مان، بهار عشق، آئينه تجارت، چٽ سوال پٽ سوال، حل تجربات يعني شمس اللغات، ظريفه الدوله، گلزار لطائف، بخت بازي، ڪارو نيشن ڪپ، عقل ۽ تهذيب، قرض جا مرض ۽ ان جا علاج،  صد پند سود مند، مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، انگريز ۽ مسلمان، مسلمان تعليم، حرزالبنياد، جام جم، ديوان بلبل، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما، رحيما سنڌي، بهارستان بلبل، ديوان بلبل، احسن التواريخ، مداح سرور، گنج معرفت ۽ شمس المڪتوب.

        زير مطالعه ڪتاب جي مصنف انهن سمورن ڪتابن جو پنهنجي ڄاڻ ۽ لياقت آهر تعارف ڪرايو آهي، جيئن “جام جم” ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو:

“سياسي ڪتاب آهي جنهن ۾ سياسي مسئلن تي روشني وڌل آهي. هوم رول ۾ مسلمانن جي خيالات تي عمدا بحث، ڪانگريس ۽ ليگ جي رٿن تي دلچسپ رايا ۽ مشهور مقررن جو تقريرن جا مدلل رد وغيرهه ڏنل آهن. منجھس هيٺيان مضمون آهن؛ سنڌ جي عام مسلمانن جي نڌڻڪي حالت جن ۾ نه تعليم آهي نه تربيت نه آواز آهي نه اثر، ڪانگريس ۽ ليگ جي رٿ ۽ حڪومتي سڌارن جو رد جواب هندو واسي جي چوپڙين تان، مسلمان ڇو هوم رول جي مخالف آهن، ڪي مسلمان ڇو هوم رول جي موافق آهن، آنريبل، مسبر آل نبي جي تقرير جو رد، مسلمانن سان هندن جي افسوسناڪ هلت جا ڪي مثال، مسٽر گرڪلي جي اسڪيم، اصلاح ۽ ان تي ريمارڪ، اسان جو مطلب ڇا آهي؟ اسين موجودهه انتظام ۾ خوش آهيون، هند واسي جي چوپڙين جو جواب آنريبل پنڊت گوگرن ۽ مسز ايني بيسنت ۽ مسز سروجني جي ڪن فڪرن جو جواب، هائوس ٽيڪس ۽ مسلمان آفيسرن تي اجايو بهتان، مسٽر مرليڌر جي ملاقات ۽ مسٽر محمد خان جي قرآن دانيءَ ٻئي هڪ مسلمان جي گمراهي هڪ آيت جي فهم معنيٰ ۾ ۽ حاصل ڪلام ، آنريبل مسٽر ڀرڳڙي کي آخرين التماس سنڌ جي مسلمانن جو عام آواز وزير هند ۽ ڪمشنر سنڌ جي ڌيان طلب انگريزي ۾، هڪ تمام ضروري اپيل مسلمانن جي ڌيان طلب. هي ڪتاب به سکر جي البرٽ پريس ۾ ڇپيو”[158].

·          “بلبل” شاعر جي حيثيت ۾:

        شمس الدين بلبل جي شاعري تي فاضل ليکڪ دل کولي لکيو آهي ۽ چڱي طرح سندس فن توڙي فڪر تي روشني وڌي آهي. ڪتاب ۾ “بلبل” جي شاعري جي هيٺين پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي:

(الف) بلبل جو عاشقانه ڪلام.       (ب) بلبل جي شاعري جا قسم.

(پ) بلبل جي ڪلام ۾ ترميم.      (ت) بلبل قصيده گر

(ج) بلبل جي شاعري جو سنيهو: انگريزي ڏي رغبت ڏيارڻ ۽ مسلمانن جو انگريزي تهذيب کي چهٽڻ.

(د) بلبل جي شاعرانه خصوصيت. قابل ليکڪ “بلبل” جي شاعرانه خصوصيت تي هن ريت روشني وجھي ٿو:

“بلبل ئي سنڌي زبان جو اهو پهريون شاعر آهي جنهن فرضي تخيلات جي دائري کان پاڻ کي ڪڍي حقيقت نگاري جو ميدان ۾ پير پاتو ۽ سنڌي زبان ۾ هڪ نئين قسم جي شاعري جو بنياد وڌو. جنهن کان اسان جي سنڌي ٻولي اڃا تائين ناآشنا هئي سنڌي شاعرن ۾ بلبل ئي هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جھوني نموني جي غزل گوئي ته اختيار ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي لاءِ هڪ نئين واٽ به تجويز ڪئي، جا طنزيه ۽ ظريفانه شاعري هئي، جنهن جو مقصد رڳو قومي اصلاح هو”[159].

ٻولي:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب نهايت سليس ۽ آسان زبان ۾ لکيو ويو آهي. جيئن ته فاضل ليکڪ پاڻ عروضي شاعر آهي، انهيءَ ڪري غير سنڌي ۽ غير مروج لفظن جو استعمال ڪثرت سان ڪيو آهي. پر ان جي باوجود به ٻولي ۾ رس ۽ چس پيدا ڪرڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ويو آهي. هن هيٺ ٻولي جي اسلوب جو مثال ڏجي ٿو:

“بلبل جي ايجادات جي ڊگھي فهرست ۾ پهريون نمبر سندس ظرافت آهي، جا نه رڳو نظم تائين محدود آهي بلڪ نثر کي به ظرافت جي رنگ سان رنگين ڪيو اٿس. سنڌ جي اديبن مان ڪوبه بزرگ ظريفانه طرز ۾ بلبل جي همدوش ٿي نٿو سگھي. بلبل جي ظرافت مذهبي توڙي معاشرتي توڙي تمدني مضمونن ۾ اصلاحي رنگ رکي ٿي. ظرافت جو اهو رنگ بلبل جي خاص ايجاد ۽ خاص حصو ۽ سندس خاص طبعزاد آهي ۽ مٿس ئي ختم ٿي الاماشاءالله، بلبل جي ظرافت جا اِهي خوش رنگ ادبي جواهر سندس دور جا يادگار آهن”[160].

مقصديت:

        انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ مردم خيز خطو آهي ۽ هتي هميشه ۽ هر دور ۾ عظيم مدبر، نامور عالم، چوٽيءَ جا اديب ۽ دانشور پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي تن، من ۽ ڌن سان سنڌي سماج، تهذيب ۽ تمدن جي وڏي خدمت ڪئي آهي. پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هتان جي هستين کي ڏٺو وائيٺو نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

        سنڌي عالمن، اديبن ۽ دانشورن جيتوڻيڪ پنهنجي وڏڙن تي قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليڪن اِها به گھڻي ڳالهين ۾ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي. ٿيڻ ائين گھرجي ته سنڌ جي مشاهير تي الڳ الڳ مستند، معياري ۽ ضخيم ڪتاب لکيا وڃن. هن ڪتاب ۾ به اهڙي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب مرحوم “بلبل” جي شخصيت تي پهريون ڪتاب آهي، ان ڪري ڪتاب جي علمي ادبي اهميت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه ٿو سگھجي.

مراد علي “ڪاظم”

الف: تعارف:

شيخ مراد علي 1901ع ۾ روهڙي ۾ ڄائو[161]. سندس والد خدا بخش خان صنعتي اداري ۾ انسپيڪٽر هو. هن ابتدائي تعليم روهڙي ۾ ورتي ۽ ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو[162]. پر جلد ئي سيپٽمبر 1913ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ پڙهڻ ويٺو. جتان 1919ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[163].

        مراد علي ڪاظم، سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جھونا ڳڙهه ويو، پر وقت ۽ حالتن کيس تعليم کي اڌورو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو[164] ۽ واپس اچي سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. سندس ساري حياتي نوڪري ڪندي گذري. هن دردِ دل رکندڙ شاعر جي وفات 28 سيپٽمبر 1954ع تي ٿي[165].

ب: مدرسي جو اثر:

        مراد علي “ڪاظم” “سنڌ مدرسة الاسلام” جي انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو. جنهن دوران سنڌي ادب جا ناميارا عالم اديب ۽ شاعر هن اداري ۾ تعليم پرائي رهيا هئا. علامه دائود پوٽو، سيد ميران محمد شاهه “مير” ۽ عطا حسين شاهه موسوي جهڙا سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا هڏ ڏوکي هن کان هڪ درجو مٿي پڙهندا هئا. ان کان سواءِ تنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي جا استاد پاڻ وقت جا مشهور قلم ڌڻي هئا. مرحوم “ڪاظم” اهڙن استادن توڙي شاگردن جي وچ ۾ ويهي علم ادب جي ماحول کان متاثر ٿيو. هو “ڊبيٽنگ سوسائٽي” جي هر هڪ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو هو[166]. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هن باڪمال شاعر جي ڏات کي سنڌ مدرسي جي ماحول ۽ تربيت لافاني بڻائي ڇڏيو.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

       ڪاظم هڪ بي بدل شاعر ۽ اعليٰ پايه جو اديب هو. هن پنهنجي زندگي جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب لاءِ جيڪي بيش بها خدمتون سر انجام ڏنيون، سي ڪڏهن فراموش ڪري نٿيون سگھجن. هي جيتوڻيڪ تصنيف يا تاليف ڇڏي ويو آهي، پر ان جي باوجود به مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل ڪلام سندس معيار ۽ اعليٰ مقام جي ساک ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي. 1923ع ۾ سنڌي ديوان شايع ڪرڻ لاءِ مرتب ڪيائين پر افسوس جو مرحوم جي اِها آرزو پوري نه ٿي سگھي ۽ اهو ديوان گم ٿي ويو[167].

        محترم مراد علي ڪاظم ابتدا ۾ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ادبي حلقن سان وابسته رهيو. سندس زندگي جا پويان ڏينهن ڪراچي جي ادبي ۽ علمي محفلن کي رنگينيون بخشيندو رهيو[168].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        مرحوم “ڪاظم” پنهنجي دور جو هڪ لاثاني عروضي شاعر ٿي گذريو آهي. غزل جي صنف هن شاعر جي درٻار ۾ اچي گھڻو ئي پرايو. شاعري سندس شعوري ڪوشش جي پيداوار نه هئي، پر جذبي ۽ جنون جو نتيجو هئي. جيئن پاڻ چوي ٿو ته:

 

خود خبر مونکي نه آهي، ته لکان مان ڇا ٿو
ڪوئي در پردهه ٿو چوندو رهي، لک هي لک[169]

 

        هن جي غزل گوئي رنگينيءَ ۽ روانيءَ جو حسين سنگم آهي، سندس ڪلام جدت، جوش ۽ جذبي جو مظهر آهي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سندس شاعري هن جي جذبات جي ترجماني ۽ قلبي واردات جي ڀرپور تصوير چِٽي ٿي، اهڙي تصوير جنهن ۾ “ڪاظم” تخيل جي نزاڪت، اندازِ بيان جي ندرت ۽ فن جي دولت سان مالا مال ٿيل نظر اچي ٿو. سندس غزل مان ڪجھه اشعار هيٺين ريت آهن:

برق آهه باهه منهنجي دامان آسمان ۾،
بادل فلڪ جا منهنجي دل جا بخار آهن
حسين نصيب انجو، ستم تي جنهنجي،
قربان هزارين آهن، صدها نثار آهن
جرم وفا تي آهن، گو مستحق سزا جا،
گندا تڏهن بندهه تنهن جا ئي يار آهن[170]

 

        حُسن ۽ عشق هن جي شاعري جا مکيه موضوع آهن. ڄڻ ته اُهي موضوع هن جي شاعري کي نيبهه ٿيا ۽ هن وري انهن موضوعن کي فنڪارانه انداز سان نڀايو. هجر ۽ وصال جا مسئلا هجن  يا شراب ۽ ساقي جو ڳالهيون. دلربا جي بي وفائي هجي يا راڻي جي رقيب نوازي، عاشق جو عجز ۽ نياز هجي يا نرمل جو نخرو ۽ ماڻو، مرحوم “ڪاظم” انهن موضوعن کي سُئي کان وٺي سڳي تائين پُر اَثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. جيئن پاڻ هڪ هنڌ چوي ٿو ته:

ڇا ڇلڪندڙ  ڇلندڙ جامِ شراب آهي
ساقي جي هٿ ۾ ساغر گو آفتاب آهي
صبح وصال پل ۾ ياد آهه ويو گذر ٿي
شامِ فراق جو پل يوم الحساب آهي
هو ماهه آهه زمين تي يا آفتاب آهي
والله هن جي منهن ۾ ڇا آب و تاب آهي
هن پاڪ باز الفت، اک مان ڳوڙهو ڪرندو
۽ سيلاب ڏيندو پهرين “ڪاظم” ڪباب آهي

 

        “ڪاظم” جو فن قديم ۽ جديد تقاضائن جو ميلاپ آهي. هن وٽ خيالن جي کوٽ نه آهي ۽ نه وري شاعراڻي ڏات جي ڪمي نظر اچي ٿي. هن جو ڪلام جدت ۽ انفراديت سبب پنهنجي دور ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شعر و سخن  جي ميدان ۾ هن جو مقام هميشه مٿاهون رهندو. زندگي جيتوڻيڪ هن سان وفا نه ڪئي، پر هن زندگي سان وفا ضرور ڪئي. هو پنهنجي ڪلام کي معنيٰ خيزي ۽ مقصديت جي جيڪا زندگي بخشي ويو آهي، اها سدائين دائم ۽ قائم رهڻ واري آهي. سندس هڪ غزل مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:

دل بيتاب ناڪام جي بي فيض جوڀن تي ڪري
برقِ نااميدي تمنائن جي خرمن تي ڪري

واءِ منهنجي سادهه بخشي، جو نگاهه انتخاب
هڪ بت ڪافر ادا، چالاڪ و پُر فن تي ڪري

ٿي به جي ورکا گلن جي، ٿي سڄڻ صياد تي
جي ڪري بجلي ته بلبل جي نشيمن تي ڪري

عشق بت کان عقل منهنجي کي ملي جنهن دم شڪست
چوٽ کائي ڪاميابي منهنجي قدمن تي ڪري

عارض گلگون تي مرواريد ٿي چمڪيو عرق
ما ڪ جي يا بوند وقت صبح سو سن تي ڪري

 

بلبل محروم جي شايد قفس ۾ ٿي وفات
ٿي رُئي بادِ صبا هر شاخ گلشن تي ڪري

ڪجھه حجاب ڪمسني، ڪجھه فخر حسنِ بي پناهه
ڪُنج رُو بند آهه تنهن لئه رُوي روشن تي ڪري

آخرين “ڪاظم” وفا  جي امتحان لئه بعد مرگ
خاڪ اُڏايائون سندءِ، ته به هن جي دامن تي ڪري[171]

 

احمد غلام علي چاڳلا:

الف: تعارف:

احمد غلام علي چاڳلا جي ولادت 31 مئي 1902ع تي ڪراچي ۾ ٿي[172]. ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ نومبر 1911ع ۾ انگريزي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ “سنڌ مدرسي” ۾ پهرين درجي ۾ اچي داخل ٿيو[173]. اکين جي خراب ٿيڻ سبب مدرسو نومبر 1916ع تي ڇڏي ويو[174]. ان کان پوءِ ڊرائنگ ۽ موسيقي ڏانهن توجھه ڏنائين. موسيقي ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. ايتريقدر جو مشرق وسطيٰ ۾ به چڱو نالو ڪڍيائين[175]. سندس لاڏاڻو 1953ع ۾ ٿيو[176].

ب: مدرسي جو اثر:

        اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته احمد علي چاڳلا اکين جي خراب ٿي پوڻ سبب سنڌ مدرسي کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيو، پر هن حقيقت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگھجي ته هن اداري سندس شخصيت ۽ ڪردار تي گھرو اثر ڇڏيو. ڊرائينگ ۽ علم ادب ڏانهن لاڙو هن ئي مدرسي ۾ تعليم پرائيندي ٿيس. سندس زماني ۾ هڪ طرف سنڌ مدرسي جا استاد پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا، ته ٻئي طرف وري شاگرد به اهڙائي پڙهندڙ هئا، جن اڳتي هلي زندگي جي مختلف شعبن ۾ قابل تعريف ڪارناما سر انجام ڏنا. اهڙي ماحول چاڳلا جي صلاحيتن ۽ لياقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لعل چند امر ڏنو مل جيڪو ان وقت مدرسي ۾ استاد هو کيس گھڻو ڀائيندو هو، انهيءَ جي شخصيت ۽ سرپرستي ۾ چاڳلا کي ڊرامه نگاري جو شوق ٿيو، سندس انهيءَ مُحسن استاد اڳتي هلي ٽئگور ڊراماٽڪ ڪلب ۾ هن جي فني لياقتن ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو[177].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

احمد غلام علي چاڳلا هڪ بهترين موسيقار ۽ قابل قدر ڊراما نويس هو. پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن سندس ئي ترتيب ڏنل آهي[178]. نثر نويسي ڏانهن چڱو لاڙو هوندو هيس. سندس انگريزي مضمون “السٽرڊ ويڪلي آف انڊيا” (Illustred Weekly of India)، “پاڪستان ڪوارٽرلي” (Pakistan Quarterly) ۽ “پاڪستان مسيلني” (Pakistan Miseellany)  ۾ شايع ٿيل آهن.

        سندس سنڌي مضمون؛ “سنڌو” ۽ “مهراڻ” رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. پاڻ فلمي ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيائين، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1. خوني (ناٽڪ) 2. ڀوت (ناٽڪ) 3. جيڪا تقدير (ناٽڪ) 4. ديس جو دشمن (ناٽڪ) 5. گڏيءَ جو گھر (ناٽڪ)[179].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

 ڪتاب “خوني” جو جائزو:

تعارف:

        جديد ڊرامو، سنڌي ادب جي باغ ۾ لڳايل نئون ٻوٽو آهي، هن صنف کي سنڌي ادب ۾ آئي صديون نه پر سال ٿيندا، انهن سالن ۾ سنڌي اديبن اصلي ڊراما به لکيا ته ديس ديس جي ناٽڪ نگارن جي شهپارن جو ترجمو به ڪيو. مطالعي هيٺ آيل ڊرامو  به جرمنيءَ جي رچرڊ ووس جو لکيل آهي. ان جو ترڪي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو هو. جنهن کي سنڌي ويس احمد غلام علي چاڳلا  ڏنو آهي. هن صاحب ناٽڪ ۾ گھڻي ڦيرڦار ڪري سنڌي ماحول مطابق بڻائي ترجمو ڪيو آهي.

        ناٽڪ 1931ع ۾ شايع ٿيو، ان جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

آکاڻي:

        خوني هڪ ٽريجڊي ناٽڪ آهي. ناٽڪ جو مضمون نهايت ئي درد انگيز آهي. ان ناٽڪ جي آکاڻي جو تت هن ريت آهي ته رفيق پنهنجي سيٺ جي قتل جي الزام ۾ عمر قيد کائي ٿو. پندرهن ورهين جي سزا کان پوءِ اصلي خوني پنهنجو پاڻ ئي ڏوهه باسي ٿو ۽ هن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو.

        رفيق جي جيل وڃڻ ۽ سزا ڪاٽڻ جي دوران، سندس اولاد ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ پئجي وڃي ٿو. سندس زال بتول پنهنجي اولاد کي زندهه رکڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ياروءَ نالي هڪ عاشق نامراد جي حوالي ڪري ٿي ۽ ان سان گڏجي رهي ٿي.

        هي جڏهن آزاد ٿي اچي ٿو ته پنهنجي پوري آڪهه کي يارو جي مڪاري واري زنجير ۾ جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. آخر ۾ يارو هن جي حسين ڌيءُ شمسي کي “رمزو” نالي هڪ دولتمند کي وڪڻي ڏي ٿو. بتول مخالفت ڪري ٿي. يارو بتول کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته رفيق غيرت ۾ اچي يارو کي پٺيان ڪهاڙي جا وار ڪري ٿو ۽ نقلي خونيءَ مان اصلي خوني بڻجي پوي ٿو.

        آکاڻي پنهنجي جاءِ تي اثرائتي ۽ بهترين آهي. فاضل ناٽڪ نويس آکاڻي کي چڱي طرح نڀايو آهي. هو آکاڻي کي ڪلائيميڪس تي آڻي ختم ڪري ٿو. ان ۾ مڪمل ۽ ڀرپور تسلسل آهي، ڪهاڻي ۾ واقعا موتين جي لڙهي وانگر پوئيا آهن. ڪهاڻي ۾ ڪٿي به تسلسل ٽٽل نظر نٿو اچي. ڪهاڻي فن توڙي فڪر جي لحاظ کان معياري آهي.

ڪردارنگاري:

        ڊرامي ۾ هونئن ته ڪيترائي ڪردار آهن، پر رفيق، بتول ۽ ڀاڳچند مرڪزي حيثيت رکن ٿا. يارو، لطيف، شمسي، مئجسٽريٽ ۽ ڊيلر جي ڪردار کي به وساري نه ٿو سگھجي. مکيه ڪردارن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

رفيق: رفيق هن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار آهي. رفيق شام لعل جوهري جو ملازم هو. هڪ غريب ۽ تنگدستي جي باوجود به ديانتداري ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندو هو، هن جي سيٺ کي خبر پئي ته سندس ڪاروبار جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي، انهيءَ ڪري هڪ شام پنهنجي آفيس ۾ اچي باقي بچيل موڙي کڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان ڏينهن آفيس ۾ اڃا رفيق ۽ ڀاڳچند ڪم ڪري رهيا هئا، رفيق اڃا ويٺو ئي هو ته ڀاڳچند گھر وڃڻ لاءِ هيٺ لٿو ته سيٺ جي هن تي نظر پئجي ويئي. حاصل مقصد ته ڀاڳچند سيٺ کي ماري سندس دولت لٽي وڃي پوليس ۾ اطلاع ڏنائين ته سيٺ کي ڪير ماري ويو آهي. پوليس جڏهن آفيس ۾ پهتي ته ان وقت ڇري رفيق جي هٿ ۾ هئي. ان ڪري کيس شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڪورٽ ۾ ڀاڳچند مٿس شاهدي ڏني ۽ ويچاري کي جنب ٽيپ ملي ويئي.

        پندرهن سالن جي گذري وڃڻ بعد ڀاڳچند جو ضمير جاڳي پوي ٿو ۽ هو پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ٿو. ان ڪري رفيق بي گناهه کي ڇڏيو وڃي ٿو. رفيق جڏهن قيد مان آزاد ٿئي ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته سندس پورو ڪٽنب معاشري جي قيد ۾ آهي. يارو پنهنجي مڪاري ۽ چالاڪي سان سموري ڪٽنب کي پنهنجي اشارن تي هلائڻ لاءِ ڪامياب ٿي چڪو آهي. آخر اهو وقت به آيو جو يارو، رفيق جي ڌيءُ کي وڪڻڻ جو ارادو ڪري ٿو. بتول جڏهن هن جي رستي روڪ بڻجي ٿي ته يارو کيس مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، رفيق ان وقت يارو کي ڪهاڙي جا ڌڪ هڻي ماري وجھي ٿو.

        رفيق جو ڪردار هڪ عام رواجي ۽ روزانه زندگي ۾ نظر ايندڙ انسان جهڙو آهي. هو جيڪو ڪجھه به ڪري ٿو، اهو عين ممڪن آهي. هو شريف ۽ غريب هو. ان ڪري سيٺ کي خون ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. ڇو ته هن کان وڌيڪ هن جو طاقت وارو خمير هميشه هن تي ڪڙي نظر رکندو ايندو هو. پر جڏهن جيل مان ڇٽي گھر اچي ٿو ته ايڏيون سختيون سهڻ جي باوجود به هو وري جيل وڃڻ کان نٿو نٽائي ۽ غيرت ۾ اچي يارو کي ماري ڇڏي ٿو. رفيق جو ڪردار هر موڙ تي اسان کان همدرديون حاصل ڪري وڃي ٿو. اسان جي دل ۾ هن لاءِ پيار ۽ همدردي آهي.

بتول:

رفيق کي جيڪڏهن ڏک ۽ ڏاکڙا ڏسڻا پون ٿا ته بتول سان به دنيا وران گھڻائي قهر ڪيا هئا. حقيقت جي نگاهه سان ٿورو پرکيو وڃي ته رفيق ته وڃي جيل ۾ سوگھو ٿيو، پر مصيبتون ويچاري بتول تي اچي ويون. ساري گھر جو بار هن بي واهي مظلوم عورت تي اچي پيو. رفيق کي ته جيل ۾ سرڪاري ماني ملندي هئي، پر بتول کي ٻاهر ڪوبه ڏيڻ وارو ڪونه هو. هوءَ اڪيلي نه هئي پر سندس اولاد به هو. هو زندهه رهڻ لاءِ يارو نالي شخص سان سمجھوتو ڪري ٿي، پنهنجي جان ۽ جسم سندس حوالي ڪري به ٻارن کي بچائي ٿي ۽ دنيا جو هر ستم برداشت ڪري به پنهنجي اولاد کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

ڀاڳچند:

ڀاڳچند هن ڊرامي جو بدمعاش ڪردار آهي. هن جي ڪُڌن ڪرتوتن ۽ ڌَن جي لالچ سبب هڪ خاندان مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويو. ڀاڳچند، رفيق سان گڏ سيٺ شام لعل جي ملازمت ڪندو هو. هن ئي پنهنجي سيٺ جو قتل ڪيو ۽ ڌن ۽ دولت جو مالڪ بڻجي ويو. رفيق تي هن ئي ڪورٽ ۾ ڪوڙي شاهدي ڏني. جنهن ڪري هڪ غريب انسان کي عمر قيد جي سزا لڳي ويئي. آخر قدرت پنهنجو ڪرشمون ڏيکاري ٿي. سندس جوان پٽ مري وڃي ٿو ۽ هن جي حرام جي دولت جو ڪوبه وارث نه ٿو بچي. هن جو ضمير کيس ملامت ڪري ٿو ۽ سندس اندر وارو انسان سجاڳ ٿئي ٿو. ڀاڳچند جو سڪون کانئس موڪلائي وڃي ٿو. هن سوچيو ته مون رفيق سان ظلم ڪيو آهي، ان ڪري هن سرڪاري عملدارن کي اطلاع ڏنو  ۽ پندرهن سالن جي عرصي کان پوءِ رفيق کي آزاد ڪرائڻ جو بهانو بڻيو. ڀاڳچند انساني قانون کان ته جند ڇڏائي ويو، پر قدرت جي اٽل قانون هن کي معاف نه ڪيو.

        ڀاڳچند جو ڪردار به فاضل ناٽڪ نويس اهڙي ته انداز ۾ چٽيو آهي، جو ڪتاب جو پڙهندڙ يا ڊرامي جو ڏسندڙ اهڙي ڏوهه ڪرڻ کان توبهه تائب ٿيڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ڀاڳچند جي شخصيت يا ڪردار ۾ ڪنهن هنڌ به بناوتي ڍنگ يا انداز نظر نه ٿو اچي. هو جو ڪجھه ڪري ٿو اهڙا مثال دنيا ۾ ڪافي ملن ٿا. ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ڀاڳچند جو ڪردار اسان جي معاشري ۽ ماحول جي عين مطابق آهي.

 

گفتگو:

        چاڳلا صاحب ڊرامي جي مڪالمن ۽ گفتگو تي خاص توجھه ڏنو آهي. مڪالما ايترا ته سليس ۽ ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ رتل آهن جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي مطلب ۽ مفهوم سمجھڻ ۾ ڪابه دقت نٿي ٿئي.

        گفتگو نه رڳو سليس آهي، مگر اثرائتي به آهي. ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ هڪدم پنهنجي اندر جيئري جاڳندي تڙپ محسوس ڪري ٿو. اهڙي دلسوز ۽ اثرائتي گفتگو جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“رفيق: ڪيڏانهن وڃان؟ آزاد....جڏهن آزاديءَ جو آئون مطلب ئي ڀلجي ويو آهيان. آزاد، جڏهن آزادي منهنجي لاءِ نڪمي.

ماجسٽريٽ: رفيق:

رفيق: سائين، اوهين پاڻ چئو. آزادي مون کي هاڻ ڪهڙي ڪم ايندي؟ نالو ويو، (ڇاتي تي زور سان هٿ هڻي) نمبر مليو، نالو ويو. آزادي، جن جي خاطر آزاديءَ جي خواهش هئي، آجائيءَ جي مطلب هئي، تن سان الاهجي ڇا ٿيو. خدا ڄاڻي اهي ڪٿي رهيا. نه سندن نالو نه نشان. آزادي ، جئري جن جي ڪاڻ هئي، جن جي خدمت، جن جي پالنا، منهنجو مَرڪ هو، انهن کان... انهن کان... بي وفا قسمت ڇني ڌار ڪيو. انڌي انساني انصاف مون  بي خطا ۽ بي جرم سندو گھر برباد ڪيو. (خيال ڪري روئي ٿو) جيڪا تقدير (کن ماٺ) هاڻ اوهين خود چئو، منهنجا مشفق، پاڻ چئو منهنجا سٻاجھا سائين ته جنهن جي سر تي وحشي الزام ته تون خوني، جنهن کي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ پڪاري چون، خوني، خوني، انهيءَ کي هن سکڻي آزادي مان ڇا حاصل؟ مون کي اهڙي آزادي مان ڪهڙو سک؟ (انهيءَ سوال سان ٻانهون ڊگھيڙي ٿو بيهي)”[180].

ٻولي:

        ڊرامو بنيادي طور تي ترجمو ٿيل آهي. چاڳلا صاحب ترجمي جو حق چڱي طرح حق ادا ڪيو آهي. هن صاحب ٻولي ۾ رس ۽ چس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن کي استعمال ڪيو آهي. جيڪي ڊرامي جي ٻوليءَ ۽ عبارت کي چاهه ۽ چس واري بنائڻ ٿا. “هن ڊرامي ۾ چاڳلا صاحب جي لکڻي جي رواني دلڪش آهي. اصليت کي اهڙي ته ڍنگ سان نمايان ڪيو اٿس، جو پڙهندڙ پاڻ کي حقيقي ماحول ۾ گم ڪريو ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي تصور جي اک سان اصلي درد، ڏک ۽ تڪليفون محسوس ڪري ٿو، جن کي سندس دل سهي نه ٿي سگھي”[181].

        ٻولي جو اسلوب هيٺ ڏجي ٿو:

“رفيق: (دلسوزيءَ سان) سائين، دنيا ۾ عدل نه آهي؟ بلڪ الله وٽ انصاف آهي؟ مون تي جيڪا ٻري آهي، مون سان جيڪو انڌير ٿيو، آئون ڏسو ٿا، مٺو ڪوڙو، سهان ويٺو، پر جڏهن خيال ٿو ڪريان ته ويچارن ٻارڙن ۽ سندن ماءُ جو مون کان پوءِ ڪهڙو حال ٿيو هوندو، تڏهن دل چاڪ چاڪ ٿيو پوي، اهو درد آئون سهي نٿو سگھان، جوان ويچارا نازن جا نپايل ڪهڙن واڳن جي وات پيا هوندا”[182].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ڊرامو فن توڙي فڪر، مواد توڙي متن، ترتيب توڙي پيشڪش، اثر توڙي مقصديت جي بي مثال آميزش آهي. ڊرامو تاثر توڙي فن جي لحاظ کان وڏي اهميت ۽ مقصديت رکي ٿو. فن جي لحاظ کان انهيءَ ڪري جو هي ڊرامو سليس ۽ پنهنجي ماحول مطابق ترجمي جو نادر نمونو آهي.

        ڊرامي جي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي معاشري جون ڏکوئيندڙ حالتون اکين آڏو اڀري اچن ٿيون. اسان کي ڊرامي مان اهو تاثر ملي ٿو، ته انسان فطرتاً شريف آهي. پر وقت جون ارهه زورايون ۽ حالتن جو ڏاڍ ۽ ڏمر کيس وحشي ۽ درندو بنائي ڇڏين ٿيون.

محمد اسماعيل عرساڻي “فدا”:

الف: تعارف:

محمد اسماعيل محمد هاشم عرساڻي 17 سيپٽمبر 1904ع تي سنڌ جي مردم خيز شهر هالا ۾ ڄائو. ابتدائي چار درجا هالا نوان جي پرائمري اسڪول مان پڙهيو. جنهن مان سرڪاري اسڪالر شپ وٺي حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ 1914ع ۾داخل ٿيو پهرين انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اسڪالرشپ ٽرانسفر ڪرائي 1916ع ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتي چار درجا انگريزي جا پڙهيو[183].

        صحت جي خرابي سبب 1921ع ۾ سنڌ مدرسو ڇڏي اچي حيدرآباد “اين - ايڇ اڪيڊمي” جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين[184].

        عرساڻي صاحب 1930ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ فارسي جي سبجيڪٽ ۾ پوري يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو. بي - اي ڪرڻ کان پوءِ عرساڻي صاحب تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ کيس ٿرپارڪر ضلعي ۾ ايجوڪيشن سپروائزر ڪري رکيو ويو[185]. ان کان پوءِ کيس مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهڻ جو موقعو مليو.

        1945ع ۾ عرساڻي صاحب تعليم کاتي ۾ ڪلاس ٽو آفيسر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف ٽريننگ اسڪولن جو پرنسپال ٿيو، 1951ع ۾ کيس حيدرآباد ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو، 1953ع ۾ سندس بدلي ٺٽي ضلع ڏانهن ٿي. جنهن کان پوءِ کيس 1956ع ۾ سڪرنڊ ٽريننگ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ 1960ع تائين رهيو، 1961ع  ۾ کيس ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ ڊپارٽمينٽل امتحانن جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو، 1965ع ۾ کيس ساڳيءَ آفيس ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتان 1966ع ۾ رٽائر ڪيائين[186]. 01 نومبر 1986ع تي وفات ڪيائين.

ب: مدرسي جو اثر:

        محمد اسماعيل عرساڻي سنڌ مدرسي ۾ انهيءَ وقت داخل ٿيو، جڏهن مولوي قاضي عبدالرزاق ۽ مولانا عبدالرحيم جهڙا مذهبي ڄاڻ رکندڙ استاد ڳچ عرصي کان مدرسي جي شاگردن کي اسلامي تعليم ۽ اصولن تي پابند رهڻ جو درس ڏيندا هئا. هن صاحب انهن جو ڀرپور اثر قبول ڪيو ۽ سڄي ڄمار لاءِ صوم صلوات جو پابند ٿي پيو. مسٽر علاوالدين سمو، مسٽر تاج ٻگھئي ۽ ديوان نهال چند جهڙن استادن وٽان هن محنت ۽ لگن جو سبق پرايو. ان کان سواءِ تنهن وقت جو پرنسپال وائينس (Vines) به نظم ۽ نسق رکڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس انتظامي صلاحيتن ڀريا 20 سال مدرسي جي شاگرن کي متاثر ڪيو. جناب عرساڻي به چار سال انهيءَ انتظام جو اثر قبول ڪيو. اهو ئي سبب آهي. جو هو اڳتي هلي تعليم کاتي جو هڪ بهترين منظم ۽ لائق آفيسر بڻيو.

        عرساڻي صاحب انهيءَ وقت مدرسي ۾ داخل ٿيو، جڏهن علامه دائود پوٽو، سيد ميران محمد شاهه، سيد عطا حسين شاهه موسوي ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد مدرسي ۾ ادبي ماحول پيدا ڪري چڪا هئا ۽ جن کي مولانا عبدالرحيم، قاضي عبدالرزاق توڙي ٻين استادن جي سرپرستي حاصل هئي. عرساڻي صاحب “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۽ “وائنس ڪلب” ۾ گھري دلچسپي وٺندو هيو[187] انهن سمورين ڳالهين اڳتي هلي کيس قلم ڌڻي بڻائي ڇڏيو.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        محمد اسماعيل عرساڻي سنڌي ادب جي دنيا ۾ چڱي طرح ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. شاعري ۾ سندس تخلص “فدا” آهي. سندس ڪلام ۾ استادانه پختگي ۽ تغزل جا اُهڃاڻ آساني سان ڪڍي سگھجن ٿا.

        سنڌي نثر ۾ پاڻ ڊرامي ۽ مضمونن جي صنف جو يگانو ليکڪ آهي. “بدنصيب ٿري” سندس بهترين ڊرامو آهي. جنهن تي کيس مرڪزي سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ طرفان انعام مليو، مضمون نگار جو بي مثال شاهڪار وري سندس “سير ريگستان” آهي، هن جو علمي ۽ ادبي ڪاوشون رڳو رسالن ۽ محفلن تائين محدود نه آهن، پر سندس ڪيترائي درسي ڪتاب به تصنيف ۽ تاليف ٿيل آهن. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1. بد نصيب ٿري (ناٽڪ)

2. نقش عمل (اخلاقيات)

3. خيال نظر (مضمون)

4. ڊزن ڊائلاگ (ناٽڪ)

5. سير ريگستان (ثقافت)

6. سنڌي سٻاجھڙا (ثقافت)

7. انگي حساب (درجو ٽيو)

8. سورٺ راءِ ڏياچ (ناٽڪ)

9. وتايو فقير (شخصيات)

10. سنڌي ڊراما ۽ ناول (تحقيق تنقيد)

11. تاريخ سنڌ، شهريت سميت

12. شهريت (درجو پنجون)

13. رهبر خيال خاطر (سنڌي ٻولي)

14. حسن پروين (ناٽڪ)

15. تاريخ اسلام

16. تاريخ هندو پاڪستان

17. پڙهائي بابت اشارا (تعليم)

18. سنڌي سونهون (ٻئي درجي لاءِ)

19. دلڪشا (ناٽڪ)

20. عملي حساب

21. سنڌي نصاب (ڪلاس نائون ڏهون)

22. جاگرافي ضلع ٿرپارڪر

23. جاگرافي دنيا

24. جاگرافي ضلع سانگھڙ

25. نئين جاگرافي ضلع لاڙڪاڻو

26. مضمون نويس (ٻه ڀاڱا)

27. چار مقالا (مضمون)

28. تعليم جي تاريخ (تعليم)

29. تعليمي فلسفو (تعليم)

30. گائيڊنس (تعليم)

31. ميئرمينٽ (تعليم)

32. نفسيات (تعليم)

33. سنڌي ٻولي ۽ ان جي تاريخ

34. اسڪول ۽ تعليم جو نظام

35. تاريخ پڙهائڻ جا اصول

36. تعليم جا اصول ۽ طريقا

37. مذهبي تعليم

38. حساب درجو ٻيو

39. پنج داستان (قصو)

40. انگي حساب درجو ٽيو

41. محنت جو ڦل (ناٽڪ)

42. گرامر درجو چوٿون[188]

43. سکر سي ئي ڏينهن

 

 

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        محترم فدا جيتوڻيڪ روايتي شاعر نه آهي، ان هوندي به هن جي شاعراڻي ڏات ڀلن کان ڀلي آهي. پاڻ جيتوڻيڪ شاعريءَ سان دفتر نه ڀريا آهن، پر ان هوندي به “ ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا” جي مصداق جيڪو ڪجهه چيو اٿس اهو معياري شاعري جو انوکو مثال آهي.

        “فدا” صاحب بهترين نثر نويسن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڪري هن جي ڪلام جي ٻولي پياري ۽ نياري لڳي ٿي. محاورا ۽ اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون ائين شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٿو جيئن اِهي آهن ئي ڄڻ شاعريءَ لاءِ. پاڻ هڪ پختو عروضي شاعر آهي. حُسن ۽ عشق، پيار ۽ پريت هن جي ڪلام جا مکيه موضوع آهن. پر حب الوطني ۽ فطرت نگاري سندس دلچسپ موضوع آهن، جن جي پڙهڻ سان اندر جا اڌما ۽ دل جا جذبا جاڳي پون ٿا. هن صاحب عروضي شاعري جي هر هڪ صنف تي طبع آزمائي آهي. ان کان سواءِ عوامي ۽ ڪلاسيڪل صنفن کي به نه وساريو اٿس. هن هيٺ سندس هڪ مقبول ڪافي مثال طور پيش ڪجي ٿي:

 

 

ڪافي

تنهنجي برهه ڪئي آهي دلڙي ڀسم
مون کي تنهنجو قسم تنهنجي سر جو قسم

تنهنجي نينهن نقارو دل ۾ وڄي
اوکو ساهه سڄڻ ٿو دل ۾ کڄي
هنيون هاڃي انهيءَ ۾ روز هڄي
هليو ساهه وڃي جي ڪريو حڪم

هڪ رات مٺل کي مهمان ڪريان
صدقي ساهه سڄڻ هي سامان ڪريان
پنهنجو پاڻ ڪهي قربان ڪريان
گھوري جيرو جگر ڏيان جان جسم

نيڻين ننڊ نه اچي ٿي رات و ڏينهان
جڳ ۾ جانب ريءَ پئي جاڙ جيان
سختيون سور سهان ڪريان روز ريهان
واهايان آب اکين مان سخت گرم

لکيو روز ازل کان لوح قلم
هڪڙو درد و ستم ٻيو رنج و الم
دل ۾ ماتم غم “فدا” جان زخم
اچي ڪر ته ڪوهيارل پنهنجو ڪرم[189]

 

ڪتاب “بد نصيب ٿري” جو جائزو:

تعارف:

ملڪ جون تحريڪون پوءِ اهي تعليمي هجن يا سماجي، سياسي هجن يا مذهبي، مڙيئي علم ادب ۽ ٻوليءَ تي اثر ڇڏين ٿيون ۽ انهيءَ کان متاثر ٿين ٿيون. سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ۽ سنڌي وزير صوبي جي اقتدار جا مالڪ ٿيا، ته سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن ڏانهن توجھه ڏنائون، 1939ع ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو بالغن جي تعليم جو سلسلو جاري ٿيو. عوام کي انهيءَ تحريڪ جي مقصد ۽ مطلب ٻڌائڻ جو وقت آيو ۽ اديبن قلم هٿ ۾ کنيا ته ڪيترائي ادبي شهپارا لکجي ويا. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “بدنصيب ٿري” به انهن منجھان هڪ آهي. هي ڪتاب ڊرامي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ محمد اسماعيل عرساڻي جي قلمي ڪاوشن جو ڦل آهي. ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

آکاڻي:

        مطالعي هيٺ آيل ڊرامو، هڪ بدنصيب ٿري چنيسر جي آکاڻي آهي. ٿريءَ جو ڏوهه اهو آهي ته هو اڻ پڙهيل آهي. انهيءَ ڪري معاشري جو هر هڪ “چور صفت انسان” کيس ٺڳي ٿو. سندس جهالت چالاڪ ماڻهن جو سهارو ثابت ٿئي ٿي.

        ٿر ۾ ڏڪر پوي ٿو ته هو ميرپور خاص جو رخ ڪري ٿو. پهريائين سيٺ سڄڻ مل وٽ اچي ملازم ٿئي ٿو. جيڪو کيس اٺن روپين جي بدران پنجين روپين تي مقرر ڪري ٿو. چنيسر ڪڏهن ڪڏهن سيڌي سلف وٺن لاءِ دوڪان تي ويندو هو، ته هٽ واڻيو نه رڳو تور ۽ اگھه ۾ هن سان بي ايماني ڪندو هو،  بلڪ پئسا به گھٽ موٽائي ڏيندو هو. نيٺ انهيءَ سبب هڪ ڏينهن کيس سيٺ سڄڻ مل جي نوڪري ڇڏڻي پئي. چنيسر پوءِ پاڻي ڀرڻ جو ڌنڌو شروع ڪري ٿو، پر جيئن ته اڻ پڙهيل هو ان ڪري هن ڌنڌي ۾ به مار کائي ٿو. ان کان پوءِ عبدالله منشي جي ور چڙهي ٿو جو نه رڳو سندس ويهه روپيا ڦٻائي وڃي ٿو، بلڪ کيس جيل به ڏيکاري ٿو. سندس ڀاڳ ڀلا هئا جو ڪورٽ مان انصاف پلئه پيس. ان کان پوءِ جواري، پنجابي طبيب ۽ پير جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو ۽ آخرڪار وڃي “تعليم بالغان” جي سينٽر ۾ داخل ٿئي ٿو.

        ڊرامي جي آکاڻي مظبوط پلاٽ تي ٻڌل آهي ۽ ان جو بنياد پنهنجي معاشري جي روزمرهه وارن واقعن تي ٻڌل آهي. فني نقطه نگاهه کان آکاڻي ۾ مڪمل تسلسل آهي ۽ ڪٿي به جھول نظر نٿو اچي. ان هوندي به هڪ اڌ هنڌ تي فاضل ڊرامه نگار مغالطي جو شڪار ٿي لاشعوري غلطيون ڪري ويو آهي. ڊرامه نگار ظاهري طور تي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته “چنيسر” اڻ پڙهيل هئڻ ڪري ڏک ڏسي رهيو آهي، پر ڊرامي ۾ انهيءَ ڳالهه کي چٽي طرح نڀايو نه ويو آهي. ڊرامي ۾ “چنيسر” جاهل کان وڌيڪ بيوقوف نظر اچي ٿو ۽ ڊرامي پڙهڻ کان پوءِ ائين معلوم ٿئي ٿو ته چنيسر کي جيڪي به تڪليفون ڏسڻيون پيون، انهن ۾ سندس ڪم عقليءَ جو وڏو هٿ هو. ڪو کڻي ڪيڏو به جاهل هجي پر ڊرامي جي چنيسر جهڙو بيوقوف ٿي نٿو سگھي. مثال طور چنيسر جڏهن سيٺ سڄڻ مل وٽ اچي ٿو ته هو کيس اٺن روپين تي ملازم رکڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، پر هي ضد ڪري بيهي ٿو ته کيس پنج روپيا پگھار ڏني وڃي. اٺن ۽ پنجن روپين جو فرق جاهل ته سمجھي سگھي ٿو پر بيوقوف نه، اتي چنيسر جاهل گھٽ پر ڪم عقل وڌيڪ نظر اچي ٿو.

        آکاڻي ۾ ٻي وڏي خامي اها آهي جو هن ڊرامي جا ڪجھه ڪردار پنهنجي متعلق اهڙي راءِ ڏين ٿا، جيڪا روزمرهه جي زندگي ۾ ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نٿي اچي ڪوبه لٽيرو پاڻ کي ڦورو تسليم نٿو ڪري ۽ ڪو به ڪاڻو پاڻ کي ڪاڻو نٿو سڏي، پر هن ڊرامي ۾ اهڙا مثال ملن ٿا.

ڏسو هٽ واڻيو ڇا ٿو چئي:

“ورند: سائين اسان کي ڦرڻ لاءِ جاهل کٽا آهن، جو اوهان هفيسرن (آفيسرن) کي ڦرينداسين؟ اوهين پڙهيل ماڻهو اسان کي پهرين ڦرڻ ڏيو ڇو ٿا؟ اگھه تي اگھه، ...چٻي چيٺي، ٻيجڪ ڏسي، پوءِ ڏيو. تور ماپ ۾ به پاءُ اڌ سنوالو وٺي ڇڏيو. پوءِ به ڦريون اسان واڻيا ٿا؟ اوهان مان سائين، اسان کي ڪهڙي هوند، ڪهڙو شُخر؟ (شُڪر) صاحب سگھه وجھي اڻ پڙهيلن ۾. شل ويران وير هجن وڌ. جيئن وڻيئون تيئن پيا؛ اگھه ۾، تور ۾، قرجن (قرضن) ۾، وياجن ۾، اسان کان هڪ دفعو فقط پنجاهه روپيا قرج سو کڻن، پوءِ ستن پيڙهين سوڌو به ڇو ٿا ڇٽن؟ وياجن تي وياج چاڙهي، آڱوٺا هڻائي، اهڙو ٻڌي ڇڏيون، جو وتن ڊيڪندا”[190].

        بهرحال ان هوندي به آکاڻي ۾ نواڻ آهي ۽ اها موضوع سان ڪي قدر ٺهڪي به اچي ٿي.

ڪردار نگاري:

        مطالعي هيٺ آيل ڊرامي ۾ ڪيترائي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن. جن ۾ چنيسر، سڄڻ مل، ڍالو، ورند، دودو، عبدالله، منٺار، خالقڏنو، پير صاحب، مالڻ، فقير ۽ پنجابي قابل ذڪر آهن.

        چنيسر ڊرامي جو مرڪزي ڪردار آهي ۽ باقي ساڻس واسطو رکندڙ ڪردار آهن. ورند هڪ هٽ واڻيو آهي، جو عوام جو رت چوسي ٿو. سڄڻ مل هڪ سيٺ آهي جو قوم کي مقروض بنائڻ جي فڪر ۾ مبتلا آهي، عبدالله اهو لکيو پڙهيو مسلمان آهي جيڪو لاهي پاهي ٺڳي ۽ فريب کي سهارو ڪري وٺي ٿو. منٺار ۽ مالڻ، پير صاحب جا خليفا آهن ۽ پير کي عرش وارو سڏي فرش وارن جا تختا ڪڍڻ ۾ پورا آهن. پنجابي اهو لٽيرو آهي، جيڪو سکڻيون شيون ۽ ڪوڙا ڪک کڻي غريبن کي ڦري ٿو. دودو، چنيسر جو مائٽ ۽ وفادار دوست آهي.

        هن ڊرامي جا ڪردار اسان جي معاشري جا جيئرا جاڳندا انسان آهن ۽ قابل ڊرامه نگار اهي ڪردار ڪنهن آسماني سماج مان اڌارا ته نه وٺي آيو آهي. هن جي ڪردارن ۾ خاميون به آهن ته خوبيون به، هڪ سماج جي ڍانچي ۾ ختم ٿيل انسان آهن. ڊرامي جو هرهڪ ڪردار پنهنجي فطرت، تربيت ۽ سوچ آهر ڪم ڪري ٿو. هنن جا عمل هنن جي شخصيت تي ڄڻڪ ٺهڪي اچن ٿا. مطلب ته ڊرامي ۾ ڪردار نگاري جي جزي تي مناسب توجھه ڏنو ويو آهي.

هن هيٺ ٻن مکيه ڪردارن جو ذڪر ڪجي ٿو:

·         چنيسر:

        چنيسر هن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار آهي. ٿر ۾ ڏڪار پوي ٿو سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪهي اچي ٿو. هو بلڪل اڻ پڙهيل ۽ زماني جي لاهين چاڙهين کان غير واقف آهي. ان ڪري کيس ڪيترائي ڏک سور ڏسڻا پون ٿا. شروعات ۾ سيٺ سڄڻ مل وٽ اچي ملازم ٿئي ٿو ۽ هتان ئي سندس ٺڳجڻ جي ابتدا ٿئي ٿي. جيئن ته پاڻ پڙهيل ڪونه آهي، ان ڪري کيس انگي حساب ڪتاب سمجھه ۾ نٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سيٺ کيس اٺ روپيا درماهه جي پگھار تي نوڪري ڏيڻ لاءِ چوي ٿو، ته هي پنجن روپين وٺڻ تي زور ٿو ڀري ۽ اهڙي نموني سان پاڻ کي نقصان ڏئي ٿو. جهالت ڪري سيڌي سلف وٺڻ وقت به هٽ واڻيو کيس ڦري ٿو. سڄڻ مل جي نوڪري ڇڏي پاڻي ڀرڻ شروع ڪري ٿو. پاڻي جي ڀيرن جو حساب ککڙين سان ڪري ٿو  ۽ نيٺ هڪ ڏينهن سندس ڪيتريون ئي ککڙيون گم ٿي وڃن ٿيون ۽ ائين لهڻل پئسن تان هٿ ڌوئڻا پونس ٿا.

        چنيسر جڏهن ويهارو کن روپيا جمع ڪري ٿو ته عبدالله نالي منشي کان ٺڳجي ٿو. عبدالله سندس پئسا مني آرڊر هن جي گھر ڪرڻ بدران پاڻ ڏانهن موڪلي ٿو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن کيس پنهنجو ڪوٽ خيرات ڏيئي، پرپٺ پوليس کي دانهي ٿو ته چنيسر سندس ڪوٽ چورائي ويو آهي. ڳالهه ڪورٽ تائين پهچي ٿي. اتي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون ٿا ۽ هن ويچاري اٻوجھه جي جند آزاد ٿئي ٿي. ان کان پوءِ چنيسر “تعليم بالغان” جي هڪ مرڪز سان واسطو رکي ٿو ۽ آهسته آهسته پڙهڻ شروع ڪري ٿو. پر انهيءَ دوران هن کي اڃان به معاشري جي ٻين ٺوڳين کان ٺڳجڻو پوي ٿو. هڪڙي دفعي جوا جي اڏي تي وڃي پئسا هارائي اچي ٿو. ان کان پوءِ نقلي پنجابي طبيب سندس کيسن صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آخر ۾ وري هڪ پير صاحب جي ور چڙهي ٿو. جيڪو سندس باقي بچيل کل لاهڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو.

        چنيسر، سنڌ جو انهيءَ عام ڪردار جي ترجماني ڪري ٿو، جنهن ويچاري کي وک وک تي ڏک ڏسڻا پون ٿا. هيءُ جهان هن اڻ پڙهيل سان جيڪي جٺيون ڪري ٿو. انهيءَ سڄي جو نچوڙ هن ڪردار جي روپ ۾ ڏنو ويو آهي.

·         عبدالله:

        عبدالله، ميرپورخاص جو عريضي نويس آهي. سندس آفيس هڪ ميز ۽ چار ڪرسين تي مشتمل آهي. جنهن ۾ مس، قلم، ڪاغذ، ٽائيپ رائيٽر وغيرهه موجود آهن. سندس پاڻ جهڙن تائين پهچ آهي. هڪ دفعي چنيسر وٽس اچي ٿو. ان وقت ويمي ڪمپني جا ٻه ايجنٽ وٽس ويٺل هئا جيڪي چنيسر جي اچڻ کان پوءِ اٿي هليا ٿا وڃن. عبدالله منشي سڃاڻي ٿو وٺي ته چنيسر هڪ اڻ پڙهيل ڄٽ آهي. ان ڪري کيس رعب ۾ آڻڻ لاءِ چوي ٿو ته انهن مان هڪ ڪماني صاحب هو ۽ ٻيو ڊپٽي. چنيسر پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌائي ٿو ۽ عبدالله هن غريب جا پئسا سندس گھر موڪلڻ بدران پنهنجي نالي مني آرڊر ڪري ٿو. ڪيتري ئي وقت کان پوءِ جڏهن چنيسر هن وٽ اچي شڪايت ڪري ٿو ته موڪليل پئسا سندس گھر نه پهتا آهن ته عبدالله هڪ طرف مني آرڊر جي رسيد کانئس وٺي ٿو ۽ ٻئي طرف دستاويز تي لکرائي وٺي ٿو ته چنيسر کانئس پنجاهه روپيا قرض ورتو آهي. هي ايتري ٺڳي تي اڪتفا نٿو ڪري، پر پنهنجو ڪوٽ هن کي خيرات ڏيئي کيس ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ پرپٺ پوليس ۾ رپورٽ ڪري ٿو ته سندس ڪوٽ ۽ پئسا چورائجي ويا آهن. ان تي پوليس چنيسر کي پڪڙي وڃي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ٿي. عبدالله اهو منصوبو انهيءَ ڪري سٽيو هو ته جيئن چنيسر جيل هليو ويندو ته هو مني آرڊر وارا پئسا آسانيءَ سان کائي ويندو. پر ڪورٽ ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون ٿا ۽ کيس سزا ملي ٿي.

گفتگو:

        مڪالمه، ڊرامي جو بنيادي ۽ مرڪزي فني جزو ٿئي ٿو ۽ ڊرامي جي ڪاميابي يا ناڪامي جو دارومدار انهيءَ تي ئي ٿئي ٿو. ڊرامي ۾ مڪالمه نه رڳو آکاڻي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ڪردارن تي به ڀرپور روشني وجهي ٿو. مطالعي هيٺ آيل ڊرامي جا مڪالمه انهيءَ ڪسوٽيءَ تي بلڪل پورا پون ٿا. ڊرامي جي مڪالمه جون خاص خوبيون هن ريت آهن:

·         ڪردارن مطابق گفتگو:

        ڊرامي ۾ مختلف قسمن جا ڪردار ڏنا ويا آهن، جن ۾ ڪجهه هندو به آهن ته ڪجھه مسلمان به، پڙهيل به آهن ته اڻ پڙهيل به، شريف به آهن ته اڻ سڌريل به، فاضل ڊرامه نگار سمورن ڪردارن جي اٿڻي ويهڻي، سوچ معيار ۽ لياقت آهر مڪالمه ڏنا آهن. هو جڏهن هندو ڪردارن کان ڳالهرائي ٿوته: “روجگار” (روزگار)، “حاجر” (حاضر)، “موز” (موج)، “عرج” (عرض)، جهڙا لفظ ڪم آڻائي ٿو ۽ جڏهن ٿري ڪردار کان ڳالهرائي ٿو ته: “اکتيار” (اختيار)، “ماجو” (منهنجو)، “کيال” (خيال)، “کت” (خط)، جهڙا لفظ چورائي ٿو.

·         مختصر گفتگو:

        ڊرامي جا مڪالمه مختصر پر جامع آهن. انهن جا ٻڌڻ يا پڙهڻ کان پوءِ سمجھڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيڻو نٿو پوي. مختصر  گفتگو جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“سيٺ: اڙي ڍالا، اڃا چنيسر ڪونه آيو؟

ڍالو: سيٺ وڏا نه،

سيٺ: ڪا مهل ٿي اٿس، وڃي گرق ٿيو ڇا؟ (اتي چنيسر اچي سهڙي ٿو)

چنيسر: آنهه آنهه.

سيٺ: (گندي ڏي اشارو ڪري) تڏهن گنديءَ ۾ ڇا اٿئي؟ ڪڪڙا آهن نه؟

چنيسر: آنهه آنهه.

سيٺ: (چنيسر جي هٿن مان گندي کسي ۽ کولي) اڙي ڪڪڙا نه آهن ته ٻيو ڇا آهي؟ بيوقوف پوءِ به آنهه آنهه پيو ڪرين”[191].

ٻولي:

        مطالعي هيٺ آيل ڊرامو سنڌ جي ٻن مکيه لهجن “ٿري” ۽ “معياري سنڌي” ۾ لکيل آهي. ٻولي نهايت وڻندڙ ۽ سليس ڪم آندي وئي آهي. پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين جو ڀرپور استعمال ڪيو ويو آهي، جيئن:

·         پهاڪا ۽ چوڻيون:

ويٺي ڪنان وڳندي ڀلي، آئون به رئيس ته تون به رئيس، گڏهه ڪير هڪلي، پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ، زر بسيار عشق ٺهه پهه، پير ڀلو ڪِن ويساهه ڀلو، جهڙي نيت تهڙي مراد.

ٻوليءَ جو اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

        “هي ڄٽ به خوش ته پئسا ٿا موٽي ملنم. احمق. نادان. رسيد مني آرڊر جي به وٺي ڪئي مانس سوگھي. ٻي رسيد به درخواست جي بهاني لکائي ورتي مانس ته پنجاهه روپيا اُڌارا طور ورتم. هاڻي جي ڪا پڪار ٿي ته چونداسين ته اُڌارا ورتا هئائين، جنهن مان ويهه روپيا مني آرڊر رستي موڪليا اٿس، باقي اڃا ٽيهه روپيا رهيل آهن[192]. ٿورڙو ترسي، پر ٻيلي ڀُل ته ٿي ويئي، مني آرڊر ته منهنجو هٿ اکر لکيل آهي، متان ڳالهه کلي پوي ۽ چون ته قرض ڏيندڙ به پاڻ، مني آرڊر لکندڙ به پاڻ، وصول ڪندڙ به پاڻ، تنهن کان چڱي ڳالهه آهي جو هڻائجيس ٽيپ ۾ ته نڪو ڪتو هجي، نڪو بَهي، واهه ٻيلي، ڪوٽ ڏنو اٿمانس خيرات، پر پوليس ۾ ٿو ڪريان رپورٽ ته ڪوٽ ۽ سوا سؤ روپيا ٻٽونءَ سوڌا گم ٿي ويا آهن، جمعدار کي ڏبا پنج، ست روپيا ته في الحال ته کوٻلي کي هٿ ڪري رکندو لاڪپ ۾، پوءِ ڏٺو ويندو.

مقصديت:

        ادب، زندگي جو ترجمان آهي ۽ ادب زندگيءَ لاءِ آهي. اهو ادب جو سماجي مسئلن ۽ انساني امنگن جي ترجماني نه ٿو ڪري، تنهن کي ادب نه زبان درازي چوڻ مناسب ٿيندو. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “ادب برائي زندگي” جي اصول تحت لکيل آهي. جيتوڻيڪ هي ڊرامو تبليغي ادب جو هڪ حصو آهي، ان هوندي به منجھس ادبي خوبيون ۽ مقصديت جو پهلو نمايان طور تي نظر اچي ٿو. قابل ڊرامه نگار “تعليم بالغان” جي مسئلي کي وقت ۽ حالتن جي روشني ۾ اهڙي ته نموني سان پيش ڪيو آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ دل ائين ٿي چوي ته دنيا جا باقي ڪم ڪار ڇڏي وڃي ٻهراڙين ۾ علم جو نور پکيڙجي. مختصر ته ڪتاب علمي، ادبي ۽ تعليمي اهميت رکندڙ آهي.

الهه بخش “سرشار” عقيلي:

الف: تعارف:

الهه بخش عقيلي ولد حافظ حاجي محمد صديق جي ولادت 21 جنوري 1907ع تي ٺٽي ۾ ٿي[193]. ابتدائي تعليم ٺٽي ۾ حاصل ڪري اچي اپريل 1916ع ۾ “سنڌ مدرسي” ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهڻ ويٺو[194]. جتان 1922ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[195].مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتان 1927ع ۾ بي - اي  (آنرس) پاس ڪيائين[196]. 1928ع کان روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين جتي کيس شروع ۾ سيڪنڊ هيڊ منشي ڪري مقرر ڪيو ويو، اتي ئي 1933ع ۾ مختيارڪار ٿيو[197]، 1942ع کان 1945ع تائين ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر ٿي رهيو[198]، 1946ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو[199]. ان کان پوءِ ڊائريڪٽر آف “سيٽلمينٽ سروي ۽ لئنڊ ڪارڊ” جي عهدي تي فائز ٿيو. 1957ع ۾ حيدرآباد جو ۽ نومبر 1958ع ۾ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ 1964ع تي انهيءَ عهدي تان رٽائر ڪيائين[200]. سندس وفات 1970ع ۾ ٿي[201].

ب: مدرسي جو اثر:

        مرحوم الهه بخش عقيلي مطالعي هيٺ آيل دور جي انهن چند شاعرن مان هڪ هو، جن پنهنجي عملي لياقت ۽ ادبي صلاحيتن سبب ڪيترن ئي شاگردن کي فيض رسايو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته هو هڪ مڪتب فڪر جي حيثيت جو مالڪ هيو. اڄ به ڪيترائي شاگرد سندس تخلص پويان پاڻ کي “سرشاري” سڏائن ٿا. عقيلي مرحوم  جي انهيءَ لياقت، حيثيت ۽ اهليت ۾ “سنڌ مدرسي” کي وڏو دخل حاصل آهي. اهو مدرسي جو ماحول ئي هيو جنهن کيس اعليٰ شاعر بڻايو. عقيلي مرحوم پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ ئي ادبي ذوق ۽ شوق رکندو هو، 1920ع ۾ جڏهن پاڻ مدرسي ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندو هو ته سنڌي آکاڻين جو هڪ ڪتاب “رموز النساء” نالي لکي شايع ڪرايائين[202]. شعر و شاعري به انهيءَ زماني ۾ شروع ڪيائين. جيئن ته مدرسي مان، مدرسه ڪرانيڪل شايع ٿيندي هئي، ته “سرشار” پنهنجو ڪچو پڪو شعر انهيءَ ۾ ڏيندو هو[203]. ان وقت سندس تخلص “فراقي” هو. پاڻ جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ هو ته هڪ ٻيو ڪتاب “دعوتِ اسلام” شايع ڪرايائين. جيڪو هڪ اردو ڪتاب جو پڻ ترجمو هو. “سرشار” مدرسي جي ڊبيٽنگ سوسائٽي ۾ پڻ وڏي دلچسپي وٺندو هو. مدرسي جي علمي توڙي ادبي گڏجاڻين ۾ عقيلي صاحب پيش پيش هوندو هو[204].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        مرحوم عقيلي شاگردي واري زماني کان وٺي علم ۽ ادب سان شوق رکندو هو. پاڻ هڪ طرف ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندو هو ته ٻئي طرف اخبار “الوحيد” ۾ سب ايڊيٽر جا فرائض بجا آڻيندو هو[205]، جتي لاڳيتو چئن سالن تائين ڪم ڪيائين. 1947ع کان پوءِ جيئن ئي ڪراچي ۾ ريڊيو اسٽيشن  کلي ته “سرشار” ريڊيو تي سنڌ بابت ادبي ۽ تاريخي تقريرون ڪندو هو.

        1950ع ۾ هڪ ادبي جماعت “محفل احباب ڪراچي” جو بنياد رکيو ويو. جنهن ۾ سنڌي شاعرن سان گڏوگڏ راڳ جون محفلون  به ٿينديون هيون، جنهن جو “سرشار” شروع کان ئي پنجن سالن تائين صدر ٿي رهيو، انهيءَ سان گڏوگڏ هي صاحب 1951ع کان “جميعت الشعراءِ سنڌ” جو وائيس پريزيڊنٽ جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض بجا آڻيندو رهيو[206]. 1954ع ۾ جناب طالب الموليٰ هالا ۾ “اداره روح ادب سنڌ” جو بنياد رکيو، جنهن جو جنرل سيڪريٽري عقيلي صاحب کي چونڊيو ويو[207]. 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ “بزم طالب الموليٰ” جو پايو وڌو ويو، انهيءَ جو پڻ “سرشار” کي صدر مقرر ڪيو ويو[208].

        1955ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو[209]. ساڳي سال کيس “شاهه لطيف يادگار ڪميٽي” تي ميمبر چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ انهيءَ اداري جو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو[210]. پاڻ ڪيتروئي وقت رهيو ۽ هن ڪراچي ۾ اهڙي وقت سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي جڏهن اتي سنڌي زبان جي حالت اطمينان جوڳي نه هئي. “سرشار” ڪراچي ۾ ڪيترن ئي شاعرن کي علم عروض جي تعليم ڏني سندس لکيل، ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

1. خالد بن وليد

(ناول)

2. سنڌي ادب ۽ مهدوي تحريڪ

(تنقيد)

3. بزم طالب الموليٰ

(معلومات)

4. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

(علم ادب)

5. سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ

(علم موسيقي)

6. تصوف جي مختصر تاريخ

(فلسفو)

7. قاضي قادن

(شخصيات)

8. مناسڪ الحج

(مذهبيات)

9. سنڌي صورتخطي جو بنياد

(لسانيات)

10. سنڌ جا درويش

(شخصيات)

11. علم هئيت يا ائسٽرنامي

(سائنس)

12. دعوت الاسلام

(مذهبيات)

13. سنڌ جو ترانو

(شاعري)

14. رموز النساء

(آکاڻيون)[211]

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        مرحوم الهه بخش عقيلي انهن ڪهنه مشق شاعرن مان هڪ هو، جن کي شاعريءَ جي سنگ لاخ زمين ۾ اتي ڪيترائي پوئلڳ پانڌيئڙا نصيب ٿيا. پاڻ استاد شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اڄ به ڪيترائي عروضي شاعر سندس شاگرد هئڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجي تخلص پويان “سرشار” لفظ کي انهيءَ نسبت طور لڳائي رکن ٿا. مرحوم عقيلي کي شعر و شاعري سان شغف شروع کان وٺي هو. پاڻ شعور جي دنيا ۾ قدم رکندي ئي شاعري تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي زندگي جي آخري گھڙي تائين هن ذوق ۽ شوق کي هٿان نه ڇڏيائين. هو صاحب پنهنجي حياتي ۾ شاعراڻي محفلن جو مور ۽ مشاعرن جو ڪوڏيو ڄاتو ويندو هو.

        سرشار عقيلي بنيادي طور تي عروضي شاعر هو ۽ پاڻ انهيءَ شاعريءَ جي ذري گھٽ هرهڪ صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پر ان سان گڏ هن ٻين شاعرن جيان پنهنجي ڪلاسيڪل يا نج سنڌي شاعري به ڪئي آهي.  پر انهن ٻنهي قسمن جي شاعري مان غزل ۽ ڪافي، مرحوم سرشار عقيلي جي شاعري جون مکيه صنفون آهن. حُسن ۽ عشق، پيار ۽ پريت، سندس شاعري جو بنيادي موضوع آهن، جيڪڏهن ائين چئجي ته حُسن هن جي شاعري جو بنياد آهي. پيار هن جي ڏات جو روح آهي ۽ سُونهن هن جي فن جو سينگار آهي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، پر هن جو اهو موضوع روايتي انداز جو آهي؛ جنهن ۾ آهُن ۽ دانهُن جا اُهڃاڻ ملن ٿا. داد فرياد جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. شڪوهه ۽ شڪايت جا دفتر ڀريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. کيس جڏهن دلبر جو ديدار نصيب ٿئي ٿو ته کانئس هر شيءِ وسري وڃي ٿي:

ڪمان ابروءُ بر خم اڳيان گردن جھڪي ويئي
ته بس گم سِمت قبله ٿي ويئي، محراب وسري ويو
­­­­­­­

        حسرتون ۽ اميدون عروضي سنڌي شاعري جي حُسن جي موضوع جو اهم مامرو آهي. عقيلي مرحوم هيئن تمنا ڪري ٿو:

ٻڌان ٿو حُسن جي خيرات ڏئي ٿو خوبرو خوش ٿي
الاهي، منهنجي حق ۾ ڀي ته هو حاتم ٿئي ڪنهن دم

 

        قوم ۽ قوميت سندس شاعري جو مکيه موضوع رهيو آهي. انهيءَ ۾ هن نئين ڍنگ ۽ رنگ سان نت نوان تجربا ڪيا، جنهن لاءِ پاڻ ئي چوي ٿو:

ڪريان ٿو قومي شاعري رنگ جديد ۾
اسلوب قوم پرور اظهار نوجوان
گذري ويو شباب مگر ڀانئجي پيو اڄ
حبِ وطني جي بادهه سان “سرشار” نوجوان

 

        هن صاحب قوم جي مسئلن کان وٺي ان جي مستقبل تائين، سياستدانن کان وٺي ويندي ان جي اڳواڻن تائين. مطلب ته هرهڪ ذيلي موضوع تي اظهار خيال ڪيو آهي.

سرشار عقيلي فن ۽ فڪر جي ميدان ۾ اڳين استادن شاعرن کان گھڻي قدر استفاده ڪيو آهي. مثال طور جام و ساغر، شراب ۽ شبابن جو ڳالهيون اسان جي عروضي شاعر جي جند و جان جيتري اهميت رکن ٿيون. سرشار عقيلي سڄڻ جي ثنا  کان سواءِ صراحي جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ شباب سان گڏ شراب جي ڳالهه به چوري اٿس.

ڏٺم جو سروقه ساقي ۽ ان جي چشم ڪيف آور
صراحي جام هٿ آيا، شرابِ ناب وسري ويو

 

        لفظن، استعارن ۽ تشبيهن کان سواءِ عقيلي مرحوم معنيٰ ۽ مطلب به پنهنجي قديم شاعرن کان اڌارا ورتا آهن ۽ انهيءَ جا اڪيچار مثال سندس ڪلام ۾ به نظر اچن ٿا. مثال طور شاهه عبداللطيف ٿو فرمائي:

“هو جا پائن پير ۾، آئون تنهن جتيءَ نا جيهي”

        سرشار عقيلي ٿو چوي:

“هوت جا پائن، پير ۾ پنهنجي، آئون تنهن جتيءَ کان گھٽ ڙي اديون”

        سرشار عقيلي جي فن ۾ ڪي جھول به ضرور نظر اچن ٿا، ائين ٿو محسوس ٿئي ته غزل جي سنگلاخ سرزمين تي سندس فن جي قدمن کي زخم ضرور رسيا آهن ۽ ان جا واضح نشان به ملن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن صاحب طويل توڙي مختصر بحرن تي غزل لکيا آهن. انهن کي گھڻي قدر نڀايو به آهي، پر هن قديم ۽ روايتي رنگ ۽ انداز کي حد کان وڌيڪ اپنايو آهي.

        مثال طور اڄوڪي ماحول ۾ زير اضافت جي استعمال کي جيڪڏهن معيوب نٿو ڄاتو وڃي، پر ان هوندي اهو گھڻو ڪري ترڪ ٿيندي پئي وڃي. عقيلي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ حد کان وڌيڪ زير اضافت جو استعمال ڪيو آهي:

طوافِ چهرهه و چاههِ ذقن ڪريان ٿو، حاجين جئن
گذر منهنجي لبن جو ڀي لبِ زمزم، ٿئي ڪنهن دم

 

        مرحوم عقيلي ڪڏهن ڪڏهن عجيب غلطيون به ڪيون آهي، سندس هڪ غزل جون ٻه مصرعون آهن:

دوربين ۾ ذرا بغور جي نظر ڪرين
ته هفت رنگ نروار ڏسين تخليات ۾

 

        دوربين چئبو ئي ڏور ڏسڻي کي ۽ نه رنگ ڏسڻي کي. دوربين پري وارين شين کي چٽو ڪري ڏيکاريندي آهي ۽ ان ۾ هفت رنگ ترورن جي ڏسڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. سندس ڪلام جي ٻي مصرع آهي:

“اکين ۾ لڙڪ جو قطرو ڪڏهن آهي ڪڏهن ڪونهي”

        ذرا غور ڪيو. لڙڪ پاڻ آب جو قطرو ٿيندو آهي، نه ڄاڻجي ته هتي شاعر “لڙڪ جو قطرو” ڪهڙي خيال کان ڪم آندو آهي.

        انهن خامين هوندي به ائين چئي سگھجي ٿو ته عقيلي هڪ پخته شاعر هو ۽ هن بحر توڙي وزن جي نه صرف سختيءَ سان پابندي ڪئي آهي، بلڪ انهيءَ کي نڀائي به ڏيکاريو اٿس . جيڪڏهن هن جي ٻولي دقيق ۽ فارسي آلود آهي، پر ان هوندي به بلند خيالي توڙي نازڪ خيالي جي، هن جي ڪلام ۾ ڪا ڪمي نظر نٿي اچي، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

ٿي بي نقاب ايندو ڪو روبرو الاجي
ڪنهن پر نصيب ٿيندي گلشن جي بُو الاجي

محفل ۾ جي هلي ٿو اذڪار عاشقن جو
منهنجي به آهي ڪنهن پر ڪا گفتگو الاجي

قربان هي تجاهل! ڄاڻي ٻجھي پڇو ٿا
ڪهڙي اوهان جي آهي سا آرزو الاجي

لوڌي ڪڍين اسان کي سو بار جي ڌڪارين
تنهنجي رهي هميشه جو جستجو الاجي

حيلن هزار هوندي جادو ويو نه دل جو
ڪهڙو پڙهي هنيو ٿئو منتر جو ڇو الاجي

ٿا وير پڻ وجھائن هي درميان وارا
آڻي ڪندا اسان کي سي دوبدو الاجي

ڪهڙو اوهين وجھو ٿا هي شرط ظالمانه
ايندو يا ڪين ايندو مون وٽ عدو الاجي

رنڱيل هٿين اچو ٿا تنهن ۾ به خير ڪونهي
وهيو آهه خون ڪنهن جو، ڪنهن جو لهو الاجي

ساقي اڳيان سڀن جي هي ساک ڪنهن وڃائي
ميخانه ويو هو ڪو بي وضو الاجي

هڪ ماهه وش جو پوجا بت خاني ۾ هلي ٿي
صورت اوهان جي سا هو بهو الاجي

صلوات عشق آهه “سرشار” بيخودي ۾
ميخانه ڏي الاجي، يا قبله رو الاجي[212]

 

ڪتاب “خالد بن وليد” جو جائزو:

تعارف:

مرحوم الهه بخش عقيلي نظم سان گڏ نثر جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي. سچ ته اهو آهي ته سندس ادب زندگيءَ جو پهريون حصو نظم کان وڌيڪ نثر لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب پاڻ 1929ع ۾ لکيو اٿس. ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب سوانح جي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾ اسلام جي نامور سپهه سالار  ۽ دنيا جي مشهور بهادر حضرت خالد رضه جي زندگي جو احوال سندس سچائي، خداپرستي، ايثار، همدردي، شريعت جي پابندي ۽ صبر ۽ رضا جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.

پوري ڪتاب جي مواد جي تقسيم هن ريت ڪئي ويئي آهي.

حسب نسب، ولادت ۽ تربيت، جنگ احد ۾ شرڪت، اسلام جو اثر، مسلمان ٿيڻ، سپهه سالاري ۽ فتوحات، سيف الله جو لقب، مڪه جي فتح، مخالفن سان جنگيون، تبليغ اسلام، مرتدن جا فساد، اسلام جو پهريون خارجي فرقو، زڪوات کان انڪار مرتدن سان جنگيون، طلحه جي شڪست، هڪ وقت اسلام جا دشمن ٻئي وقت اسلام جي خدمتگار، مالڪ بن نويرهه جو قتل، مسلم ڪذاب جو قتل، فارس ۾ فتوحات، فارس ۾ پهريون قدم ، اسلام  ۾ سڀ کان پهرين دفعه خراج يا جزيه، عراقِ عرب مسلمانن جي هٿ هيٺ، حضرت خالد جو ڳجھي طرح حج، شام ۽ روم ۾ فتوحات فتح بصريٰ، جنگ اجنادين، فتح دمشق، فتح حمص، جنگ يرموڪ، فوجن کي جوش ڏيارڻ لاءِ عرب جا چالاڪ فصيح، فوج ويڙهائڻ جو طريقو، لڙاين ۾ زالن جو شامل ٿيڻ، جنگ تڪبيرن جي نعرن سان شروع ٿيندي هئي، حضرت خالد جو ڪارو جھنڊو، شام مسلمانن جي هٿ هيٺ، حضرت خالد جي عهدي تان معزولي، حضرت خالد جو عجيب استقلال، حضرت خالد جا اخلاق حميدهه، فاتح اسپين جو آقا حضرت خالد جو تربيت يافته هو، مفتوح ملڪن سان معاهده، جزيه جا شرائط، حضرت خالد جي وفات، حضرت خالد جو اولاد.

        مٿي ذڪر ڪيل مختصر موضوعن هيٺ لائق مصنف اسلام جي بهادر غازي حضرت خالد بن وليد “سيف الله” جي شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي آهي. جنهن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

·         حضرت خالد بن وليد جو حسب نسب ۽ خاندان:

حضرت خالدؓ قريش جي هڪ قبيلي بني مخزوم مان هو. سندس ڏاڏو مغيرهه پنهنجي وقت جو مشهور ۽ بهادر شهسوار هو ۽ ماڻهو کيس “صاحب الاغنه ” جي لقب سان سڏيندا هئا. سندس والد بن مغيرهه قريش جي وڏن رڪنن مان هو ۽ پنهنجي فصاحت، بلاغت، دولت ۽ حشمت جي ڪري “وحيد القوم” سڏبو هو[213].

·         حيرت خالد بن وليد غازي سپهه سالار جي حيثيت ۾:

        حضرت خالد بن وليد پهريون ڀيرو “جنگ احد” ۾ شريڪ ٿيو ۽ مڪي جي ڪافرن جو مقابلو ڪيائين ۽ آخر ۾ سندس ڪوششن سان شام ملڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ آيو. هو پنهنجي ڄمار ۾ سو کان زيادهه جنگين ۾ شريڪ ٿيو. سندس بدن ۾ وار جيتري به اهڙي جاءِ نه رهي هئي  جنهن تي تلوار، نيزي يا تير جو زخم نه رسيو هجي[214]. ڪنهن به دشمن جي تلوار کيس ختم نه ڪري سگھي ۽ سندس پڄاڻي طبعي موت سان ٿي.

·         حضرت خالد بن وليد فرمانبردار شهري جي حيثيت ۾:

        حضرت عمرؓ جڏهن خلافت جي واڳ هٿ ۾ ورتي تڏهن دفتر جي بندوبست ڏانهن به توجھه ڪيائون. حضرت خالد جي عادت هوندي هئي جو حساب ڪتاب جا ڪاغذ دربار خلافت ۾ نه موڪليندو هو. جڏهن حضرت عمرؓ ڏانهن اهڙو حڪم موڪليو ويو ته هن جواب ڏياري موڪليو ته: “نه آئون حضرت ابوبڪرؓ جي زماني ۾ ائين ڪندو هوس ۽ نه آئندهه ائين ڪري سگھندس”[215]. انهيءَ تي حضرت عمرؓ کيس سپهه سالاري جي عهدي تان معزول ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به ضرورت وقت سپهه سالاري جي واڳ سندس هٿن ۾ ڏني ويندي هئي. سنه 17 هجري ۾ هڪ شاعر حضرت خالدؓ جي شان ۾ قصيدو لکيو، جنهن کي پاڻ ڏهه هزار روپيا انعام ڏنائون. حضرت عمرؓ کي جڏهن اها خبر پئي ته پوءِ کيس باقائدهه معزول ڪيو ويو[216].

ٻولي:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ٻولي بلڪل آسان ۽ تصنع کان پاڪ آهي. ڪوشش ڪري دقيق ۽ اوپرا لفظ استعمال نه ڪيا ويا آهن. ٻولي نه رڳو سليس آهي پر وڻندڙ به، ڪتاب هڪ دفعو هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪڏهن به دل گوارا نه ٿي ڪري ته مطالعي دوران ڳالهه کي اڌ ۾ ڇڏي ڏجي.

ٻولي جي اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

        “عراق ڏانهن حضرت خالدؓ جي رواني ڪرڻ کا اڳ جو خط حضرت ابوبڪرؓ مثنيٰ بن حارث کي لکيو تنهن ۾ لکيائون ته: “اسين حضرت خالدؓ کي توهان ڏي موڪليون ٿا ۽ هو اهڙو شخص آهي جنهن کي رسول الله ﷺ “سيف الله” جو لقب عطا ڪيو آهي ۽ فنونِ جنگ ۾ هن کان بهتر شخص ملڻ بلڪل مشڪل آهي، فارس جي فتحن کان پوءِ حضرت ابوبڪرؓ گھڻي خوشي سان فرمائيندا هئا ته: “ڇا مديني ۾ ڪا اهڙي ٻي به ماءُ آهي جا خالدؓ جهڙو پٽ ڄڻيندي؟”، فارس جي لڙاين وقت هڪ دفعي حضرت خالدؓ کي اهڙي هنڌ پنهنجي ڇاوڻي بنائڻي پئي جتي پاڻي جو هڪ قطرو به نه هيو. انهيءَ ڪري فوج بلڪل ناراض ٿي. حضرت خالدؓ فرمايو ته: “گھٻرايو نه، خدا تعاليٰ هت به جيڪڏهن گھري ته پاڻي موڪلي سگھي ٿو. حضرت خالدؓ جو ائين چوڻ هو جو يڪدم هڪ ڪارو ڪڪر آيو ۽ ايترو ته مينهن وسيو جو هر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچڻ لڳو”[217].

مقصديت:

        فاضل مصنف ڪتاب جي ديپاچي ۾ لکي ٿو ته: “دنيا ۾ هر ڪنهن قوم کي پنهنجن پنهنجن هنرن، علم ۽ فن ۽ بهادرن تي فخر رهيو آهي. درحقيقت پنهنجي زمانهِ عروج کي ياد ڪرڻ ۽ مشاهير جي حالت جو پڙهڻ ئي انسان ۾ هڪ اهڙي قسم جو روح ڦوڪي ٿو جنهن جو جذبو ترقي جي پهرين منزل آهي. اهڙي ريت خيالن، عادتن ۽ اخلاقن تي اهڙو گھرو اثر پوي ٿو، جو انسان جلد پنهنجي پستي محسوس ڪري ترقي ڏي قدم کڻڻ لڳي ٿو”[218].

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب پڙهندڙ تي ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. هن ڪتاب مان اسان کي بهادري، جرئت ۽ فرمانبرداري جو سبق ملي ٿو.

حبيب الله “فڪري”:

الف: تعارف:

حبيب الله “فڪري” پٽ محمد سليمان “سوالي” قاضي 15 مارچ 1907ع تي ڪراچي جي شڪارپور محلي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي مان حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين. جتي هو 1922ع تائين تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ پوءِ تعليم اڌوري ڇڏي “عدم تعاون” تحريڪ ۾ حصو ورتائين. تحريڪ جي خاتمي کان پوءِ تلڪيانه هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهيو. پاڻ 1926ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[219].

        حبيب الله “فڪري” مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ “مرڪنٽائيل ميرائن ڊپارٽمينٽ” ۾ ملازمت ڪيائين، جتان 1947ع ۾ استعيفا ڏنائين. انگريزي اخبار روزانه Daily Dawn ۾ هيڊ ٽائپسٽ ٿي رهيو. سال 1974ع ۾ وفات ڪيائين.

ب: مدرسي جو اثر:

        حبيب الله “فڪري” پندرنهن سالن جي ڦوهه جواني ۾ هو جو پوري برصغير ۾ “عدم تعاون” جي تحريڪ شروع ٿي. سنڌ مدرسي جي محب وطن استادن ۽ وطن دوست ماحول کيس مجبور ڪيو ته هو پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃي تحريڪ ۾ شامل ٿئي. اهو سنڌ مدرسي جو اثر هيو جو اڳتي هلي فڪري صاحب تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيتروئي وقت “مسلم نيشنل گارڊ اڇي قبر” جو سالار به ٿي رهيو.

        حبيب الله “فڪري” سنڌ مدرسي جي علمي ۽ ادبي گڏجاڻين خاص ڪري “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۾ حصو وٺندو هيو ۽ مدرسه ڪرانيڪل جي پرچن کي وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهندو هيو. انهن دلچسپين کيس علم ۽ ادب جي ميدان ڏانهن راغب ڪيو[220].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        حبيب الله “فڪري” ڪراچي جي جھوني شاعر سليمان “سوالي” جو فرزند آهي. کيس علم دوستي ۽ ادب پروي جا گُڻ ورثي ۾ مليا آهن. پاڻ نه رڳو هڪ بلند پايه جو شاعر آهي، پر ناٽڪ نويس ۽ افسانه نگار به آهي. ان کان سواءِ هن زندگيءَ جو ڳچ حصو هڪ فعال ادبي ڪارڪن جي حيثيت سان گذاريو آهي. پاڻ ڪيتروئي وقت “سنڌي بزم ادب” جو جنرل سيڪريٽري، “محفل ادب” جو سيڪريٽري، “جميعت الشعراءِ سنڌ” جو جوائنٽ سيڪريٽري، “بزم نظامي” جو سيڪريٽري ۽ “قليچ لٽرري سوسائٽي” جو ميمبر ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ هي صاحب هفتيوار “وحدت” ۽ ماهوار “سخنور” جو ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو. سندس تصانيف مان “پاڪستان” (ناٽڪ)، “زود پشيمان” (ناولٽ) ۽ “ماجرا” (ناولٽ) قابل ذڪر آهن[221].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        وقت ۽ حالتون انسان کي گھڻو ڪجھه ڏين ٿيون. انسان ڪنهن دڪان تان نه خوشيون خريد ڪري ٿو ۽ نه ڪنهن ٻنيءَ جي ٻاري مان فصل جيان غم ۽ درد لڻي ٿو. اهو ماحول ئي آهي، جيڪو سندس دامن ۾ گُل ۽ ڪنڊا وجھي ٿو. وقت ۽ حالتون انسان کي پنهنجي رنگ ۾ ريٽو ڪري ڇڏن ٿا. هڪ شاعر ته ٻين ماڻهن کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. وقت ۽ حالتن جو هن تي ٻين کان وڌيڪ اثر ٿئي ٿو. حبيب الله “فڪري” جي شاعري جو مطالعو ٿو ڪجي ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي ويجھي ماحول جو ڏاڍو اثر قبول ڪيو آهي. هن کي ماحول جيڪو ڪجھه ڏنو آهي، ان جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو اٿس:

چيو يار بي ڪيف آهي زمانو،
 نه آهي مروت جو جڳ ۾ ترانو
چيم يار ڪٽجي ويا قلب سڀ جا،
 زماني جو آهي فقط بهانو
محبت ۾ “فڪري” قرينه هي ڪهڙو،
 ٿيان مان جي ويجھو پڇي ٿو زمانو

 

        فڪري جي شاعري جو مجموعي تاثر اهو ٿو ملي ته  هو ياس و حسرت جو شاعر آهي. هن لفظ لفظ ۾ پنهنجي معاشري ۽ ماحول لاءِ لڪي ڇپي شڪايت ڪئي آهي.

ڇا ٻڌايان همنوا بزم جهان کي ڇا ٿيو
اهل دل، اهل قلم، اهل زبان کي ڇا ٿيو
بي زبان جي زبان ۾ ٿو ٻڌايان رازِ دل
هي نه پڇ اي همنشين منهنجي زبان کي ڇا ٿيو

 

        انهيءَ داخلي جذبن ۽ امنگن جي اظهار کان سواءِ فڪري صاحب ٻين موضوعن کي به هٿ ۾ کنيو آهي. هن جي ڪلام ۾ حُسن ۽ عشق جو حڪايتون به آهن ته ڏاڍ ۽ ڏمر جون شڪايتون به. هن مذهب جي موضوع کي به هٿ ۾ کنيو آهي ته ملت کي به ڪين وساريو اٿس.

        فڪري صاحب پنهنجي اکين سان سنڌ ۽ برصغير جي عوام جون تقديرون بدلبيون ڏٺيون آهن. هن جي اکين آڏو اڻ ڳڻين حالتن پاسا بدلايا هئا. سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ کان وٺي ويندي پاڪستان لاءِ جدوجهد واري منزل تائين “فڪري” هرهڪ ڏينهن ۽ هرهڪ رات ڏسي سگھيو. “فڪري” هڪ غريب مسلمان آهي. پاڪستان هن لاءِ وڏي وٿ جي حيثيت رکي پيو. هن به حسين خواب ڏٺا هئا. هن به انهيءَ لاءِ ڏک ڏٺا هئا جڏهن کيس منزل ۽ ماڳ ملي ويو، ته هن جي فن ۽ فڪر، شعر و شاعريءَ ۾ هن ريت روپ ورتو.

رهان محفوظ ٿو هاڻ مان دشمن جي شرارت کان
نه خائف مان رهان ٿو هاڻ بزدل جي بغاوت کان
هلالي سبز پرچم ڏس بلند نشان آهه منهنجو
نئين تخليق آهيان ۽ نام پاڪستان آهه منهنجو

 

“فڪري” برصغير جي مسلمانن جي سياسي جاڳرتا  جي زماني جي پيداوار آهي. انهيءَ ڪري هن جو ناصحانه انداز ۾ به هڪ نئون رنگ آهي:

هوس جا اي جوان دل ۾ نه انڪار پيدا ڪر
يقين محڪم، عمل صالح، چڱو ڪردار پيدا ڪر

 

“فڪري” صاحب جو ناصحانه ڪلام اڃا به انهيءَ کان مٿڀرو آهي:

حياتي کي مون خواب سمجھي وڃايو
پرولي مقدر جي مونکي منجھايو

 

مذهبي جذبا کيس ورثي  ۾ مليا، مگر ماحول جو به انهيءَ خزاني جي واڌاري ۾ وڏو هٿ آهي. فڪري صاحب انهيءَ ماحول  ۽ ورثي جي اثر قبول ڪندي به مذهبي شاعري ۾ انفراديت جو مقام حاصل ڪيو آهي:

زمين هن جو مڪان ناهي، نه مسڪن آسمان آهي
پهتو هن جو آهي دل ۾، جتي هن جو نشان آهي
خبر ڪا لڪڻ وارا رکين ٿو، پنهنجي پردي ۾
ته توکي به ڏني، توتي به مائل هڪ جهان آهي

 

        “فڪري” جو عاشقانه ڪلام احساس محرومي، ياس و حسرت جو هڪ اڻ کٽ داستان آهي. هن کي چاهڻ ۽ پيار ڪرڻ واري هڪ شاعر انسان جي دل آهي. مگر سندس دل جي ڌڙڪن پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. هو قاصد کان پڇي ٿو:

مان ياد ڪريان ٿو هن کي، ڏينهن رات دعائون دل سان گھران
پر منهنجي وفا جي بدلي ۾ الزام تو ڪهڙو آندو آ

 

        حبيب الله “فڪري” کي شعر و شاعري ورثي ۾ ملي. ان هوندي به هن جي اها آرزو هئي ته:

الاهي ذوق فڪري کي ادب جو آهه زماني کان
ڏسي استاد ڪامل تنهنجو ڪو غمخوار پيدا ڪر

 

        “فڪري” پنهنجي شعر و شاعري جي فن کي ورثي، ماحول ۽ ذوق جي مدد سان گھڻو ئي سينگاريو آهي. “فڪري” عروضي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو ڪلام عروضي صنفن تي مشتمل آهي. سندس شاعريءَ ۾ فڪر سان گڏ فن جون خوبيون به نظر اچن ٿيون. سلاست ۽ رواني فڪري جي ڪلام جو خوبيون آهن. سلاست جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:

ڪنهن ڪنهن تي ڀلا ٿيندو ويساهه اٻوجھن جو
انسان جي شڪلين ۾ شيطان گھڻا آهن
موقوف جنون منهنجو هن حُسن تي ناهي
دنيا ۾ ته وحشت جا سامان گھڻا آهن

 

            

“فڪري” رڳو لفظن جي مٽاسٽا نه ڪئي آهي، پر سندس بلند خيالي به انوکي آهي:

سڪون مون کي زلفن جي سايه ۾ مليو
فقط هي شرف تنهنجي وارن کان مليو

                                       

فڪري جي ڪلام ۾ رواني ڏسو:

فنا جو حڪم چنڊ تارن کي مليو،
بقا جو صلو عشق وارن کي مليو
ستائڻ ۾ مون کي ڇڏيو ڪنهن نه فڪري،

اگر وجھه عزيزن ۽ يارن کي مليل

 

        آخر ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته فڪري جي ڪلام ۾ سلاست به آهي، ته رواني به. بلند خيالي به آهي ته ميٺاج به. هن جو اندازِ بيان سادو، ٻولي آسان ۽ فن اعليٰ قسم جو آهي، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ڇا ٻڌايان همنوا، بزمِ جهان کي ڇا ٿيو
اهلِ دل، اهلِ قلم، اهلِ زبان کي ڇا ٿيو

بي زبان جي زبان ۾ ٿو ٻڌايان رازِ دل
هي نه پڇ اي همنشين منهنجي زبان کي ڇا ٿيو

زندگي معصوم ڪنهن جي موت جي آغوش ۾
موت کان پڇندي رهي عمر روان کي ڇا ٿيو

بي خوديءَ ۾ دل چوايو راز فڪري بزم ۾
هاءِ جنهن سان راز هو تنهن رازدان کي ڇا ٿيو

 

عبدالله “عبد”:

الف: تعارف:

شيخ عبدالله “عبد” ولد عبدالواسع جو جنم 5 مارچ 1910ع  تي ڪراچي ۾ ٿيو[222]. سندس والد هڪ قابل عالم ۽ ديندار شخص هو، جنهن کان هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي، پرائمري تعليم پنهنجي والد جي مڪتب ۾ پڙهڻ کان پوءِ 1919ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو[223]. پر جڏهن 1925ع ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ هو، ته سندس والد خدا کي پيارو ٿي ويو. ان ڪري تعليم اڌوري ڇڏي وڃي والد جي مڪتب کي سنڀالڻ لڳو[224].

        شيخ صاحب پنجاب يونيورسٽي مان فارسيءَ ۾ فاضل اديب ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ 1939ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان بي - اي ڪيائين[225].

        مرحوم عبدالله شروع ۾ “اسلاميه اسڪول” ڪراچي ۾ استاد مقرر ٿيو. وري کيس 1941ع ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد مقرر ڪيو ويو[226]. جتي هو صاحب 1950ع کان 1955ع تائين ڪاليج جو نائب پرنسپال ٿيو[227]،  ان کان پوءِ شيخ صاحب کي ضلعي ٺٽي ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، پاڻ 1966ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تان پينشن ورتائين[228]، سندس لاڏاڻو 26 نومبر 1973ع تي ڪراچي ۾ ٿيو[229].

ب: مدرسي جو اثر:

        عبدالله “عبد” پنهنجي والد عبدالواسع جي تربيت ۽ نظرداري جو اثر قبولي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو، ته هتان جي ماحول ۽ انتظام انهيءَ اثر تي سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ مولوي عبدالرحيم مگسي ۽ مولوي عبدالرزاق ان وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” جا استاد هئا، جن جي صحبت، تربيت ۽ فڪر هن کي به متاثر ڪيو، هو ٻئي صاحب مذهبي فڪر جا پوئلڳ ۽ علم دوست توڙي ادب پرور انسان هئا. مولوي عبدالرحيم سنڌي ٻوليءَ کي “مذهبي ادب” ڏنو ۽ مولوي عبدالرزاق “صحافت” جي دنيا وسائي. اهي ٻئي خوبيون اڳتي هلي عبدالله “عبد” ۾ ظاهر ٿيون ۽ هو هڪ ئي وقت بهترين اديب ۽ بي باڪ صحافي ثابت ٿيو.

        مدرسي ۾ نه رڳو شاگردن جي تعليمي تربيت ذهني پرورش ۽ طبعي سڌاري طرف ڌيان ڏنو ويندو هو. پر انهيءَ سان گڏ شاگردن لاءِ علمي ۽ ادبي ماحول به پيدا ڪيو ويو هو. هڪ طرف “مدرسه ڪرانيڪل” ذريعي شاگردن کي تحريري جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو، ته ٻئي طرف “ڊبيٽنگ سوسائٽي” وسيلي سندن تقريري صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي.

        شيخ صاحب انهن ٻنهي سهوليتن مان ڀرپور فائدو ورتو[230]، ۽ اهڙي ريت مدرسي جي اثر ۾ رنگجي، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نمودار ٿيو.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        شيخ عبدالله “عبد” سنڌي صحافت ۽ علم ادب جي جوڳي خدمت ڪئي آهي. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل تحريڪ يا ادارو هو. جيڪڏهن ائين چئجي ته هن مڪتبه فڪريا گروهه کي جنم ڏنو، ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين شاعر، نقاد، مضمون نگار، افسانه نگار ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو. هو پاڻ علامه دائود پوٽي جي زماني کان وٺي مرڻ گھڙيءَ تائين ڪيترن ئي تعليمي ڪميشن ۽ ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو. هن صاحب پنهنجي پهرين اسڪول “اسلاميه اسڪول” ۾ مشاعرن جو بنياد وڌو، “انجمن روح ادب” قائم ڪرائي[231] ۽ “سنڌ سڌار سوسائٽي” جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ڪيترو وقت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي اخبار “اصلاح” ۾ نائب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين[232]. هن گھڻ صفتي انسان جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن.

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        مرحوم “عبد”، ڪراچي جي انهن باڪمال عروضي شاعرن مان هڪ هو جن جي استادانه فيوضات مان ڪيترائي نوآموز شاعر مستفيض ٿيا. هي انهن شاعرن مان هڪ هو، جن جي اڪيلي ذات به شعر و سخن جي هڪ پوري دنيا ٿيندي آهي. حقيقت ۾ هو ڪراچي جي شعر وسخن جي زندگي هو ۽ شعر و شاعري وري هن جي زندگيءَ جو لازوال ورثو هئي.

        هن جي تخليقي قوتن ۽ شاعرانه طبع شاعريءَ جي هر صنف کي فنڪاريءَ جو ويس ڍڪايو. هو هر صنف تي في البديع ۽ ارتجالا لکڻ تي قادر هو. ان ڪري مثنوي هجي يا مسدس، غزل هجي يا قصيدو، نظم هجي يا رباعي، مطلب ته سندس شاعرانه قلم جي گھوڙي عروضي شاعريءَ جي هر صنف جي هر ميدان تي ڊوڙون پاتيون.

        عبدالله صاحب جي دل ۾ درد ۽ ذهن ۾ فن جا اڻ ميا خزانا لڪل هئا، جن شاعريءَ ۾ وري عشق ۽ الفت، پيار ۽ پريت جو روپ ورتو. هن جي عاشقانه شاعري ڪڏهن به بازاري عاشق جا جذبا ۽ امنگ ٿي نٿا سگھن. هو عشق کي پنهنجين اکين سان ڏسي ٿو:

عشق مزو وريءَ خسرو کان بلند آهي بلند
عاشقن وٽ ڪا ثنا خواني فرهاد نه ڪر

 

        هن جا عاشقانه جذبا ايترائي نازڪ ۽ نفيس نظر اچن ٿا. جيترو خود حسن نفيس ٿئي ٿو:

ڏس متان اي دل نادان هو ناراض نه ٿئي
هن جي اڳيان تون ڪو ذڪرءِ شمشاد نه ڪر

 

        مرحوم “عبد” عشق کي ذاتي ۽ داخلي جذبو ٿو سمجھي. هو هن سنگ و خار جي پُر خطر راهه ۾ ڪنهن کان ڪا تقاضا نه ٿو ڪري. هن جو پيار بي لوث آهي:

يار جي جورو جفا جي هي شڪايت ڇو عبد
ظلم سهه ظلم، مگر شڪوهه ۽ بيداد نه ڪر

 

        مرحوم “عبد” جي عاشقانه ڪلام ۾ حُسن ۽ عشق جو هر رنگ ملي ٿو. سُونهن ۽ سوڀيا جي ثنا به ته عشق ۽ الفت جون ارڏايون به. سوز و گداز جا داستان ته هجر و وصال جون منزلون به.

        “عبد” رڳو عاشقانه شاعري تي ئي قنايت نه ڪئي آهي، پر هن جي ڏات موضوعن جا گھڻا ڏيهه لتاڙيا آهن. “عبد” جن حالتن جي پيداوار هو، سي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. ملڪ تي ڌارين جو راڄ هو. عوام جي بيداريءَ جو سهرو اديبن، عالمن ۽ دانشورن جي سر تي هو. مرحوم عبد جو به پنهنجي ماحول جو باريڪ بيني سان مطالعو ڪيل ٿو ڏسجي. وقت جي تقاضا موجب هن به قومي شاعري تي توجھه ڏنو ۽ هن به پنهنجي ڏات کي تلوار جو روپ ڏئي قوم کي قربانيءَ جو سبق ڏنو:

قطرو قربان ٿئي، فنا ٿئي جڏهن
سِپَ ۾ ٿئي تڏهن گھر پيدا
داڻو ٿئي ٿو جڏهن زمين ۾ فنا
ٿئي ٿو سون جو تڏهن ثمر پيدا

 

        تنهن زماني ۾ سياسي لهر مسلمان رهنمائن کي انهيءَ نتيجي تي اچي بيهاريو ته مسلمان نه رڳو فرنگين جا غلام آهن، پر انهيءَ سان گڏ هو اقتصادي طور تي غير مسلم قوم جي استحصال جو به نشانو بڻيل آهن، ان ڪري کين ٻٽي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻي پوندي. وقت جي علم ادب به انهيءَ حقيقت جو ساٿ ڏنو. ڏسو مرحوم عبد ڇا پيو چوي:

مسلمان جيڪي تون چاهين سو برابر ٿي پوي
چيز بدتر به چوڻ تنهنجي سان بهتر ٿي پوي

خاڪ کي مُٺ ۾ رکين جي ته اها زر ٿي پوي
سنگ ريزو جي کڻين هٿ ۾ ته گوهر ٿي پوي

لوهه اڻ گھڙيءَ تي ڦيرائين جي هٿ تون پنهنجا
بااليقين لوهه جو ٽڪرو به زيور ٿي پوي

 

        مرحوم عبدالله “عبد” هڪ مسلمان شاعر هو. ان ڪري مذهب هن جي شاعري جي اهم موضوعن مان هڪ آهي، سندس مذهبي شاعري جو نمونو هن ريت آهي:

ڪنهن جي هر هڪ زبان تي آهي بات
ڪير پيدا ڪري ٿو ڏينهن ۽ رات

ڪنهن ڏني سنڌ و ڪنهن ڏني ڪينجھر
ڪير ڏي ٿو ٻنيون ۽ هي باغات

سو ڌڻي آهي جڳ سندو والي
تَنهن جو ڪو ساڻِ ۽ نه ڪو ساٿي

 

        مرحوم عبدالله جي شاعري نه رڳو موضوع جي لحاظ کان اتم آهي، پر فن جي لحاظ کان گھٽ ڪانهي. هن جي شاعريءَ ۾ فن جي پختگي ۽ برجستگي ۾ فڪر جي بلنديءَ جا چٽا پٽا اُهڃاڻ نظر اچن ٿا. جيئن ته هو هڪ عروضي شاعر هو. ان ڪري سندس متقدمين کان متاثر ٿيڻ هڪ لازمي امر هو. اهو اثر هن جي فن ۾ گھڻي قدر نظر اچي ٿو. مثال طور سندس شاعريءَ جو اسلوب بيان ئي ڏسو:

فراقِ يار، فراقِ وطن، جدائي دل
رکان ٿو سيني ۾ آباد هڪ جهانِ فراق
غمِ فراق جو انجام ابتداءِ وصال
بيان زبانِ قلم سان ٿئي نه شانِ فراق

 

        ان هوندي به هن روايتي ۽ قديم اسلوب جي پيروي سان گڏ جديد اسلوب به اختيار ڪيو آهي. حقيقت ۾ هن قديم ۽ جديد فن جو حسين سنگم ڪري پنهنجي شاعري ءَ ۾ جدت ۽ نواڻ پيدا ڪئي آهي:

ميءِ ديدار جو ڪو ڪاسو ڏي
آخري وقت ڪو دلاسو ڏي

 

        سندس ٻولي ۾ سلاست به آهي ته بلاغت به، جڏهن ويهي سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو ته آخر ۾ هن جي زبان جي دلاويزي ۽ ان جي لغوي صحت توڙي درست استعمال جو اقرار ڪرڻو ئي پوي ٿو ۽ سندس علمي و فني مقام کي قابل تحسين چوڻ تي مجبور ٿجي ٿو. مثال طور هي ٻه مصراعون ڏسو:

ياد ڪر ياد، پنهنجا قول قرار
پنهنجي ٻولن ٻڌل کي ڪيم وسار

 

        “عبد” جي شاعري رڳو لفظن جي هيرن جي ڪڻين جيان جڙاوت ڪانهي. انهيءَ ۾ فن به آهي ته فڪر. وري فڪر به اهڙو جيڪو زندگيءَ جي تلخ، تيز ۽ ڪيف آور وارداتن کي وڃي ٿو ڇهي:

سنڌ منهنجو وطن آهي،
 هي سٻاجھن جي انجمن آهي

سيڻ ڌاريا ڪڏهن به ڪين ڪجن،
 هي سياڻن سندو سخن آهي

ڪير سک سان رهي ٿو دنيا ۾،
 باغ ۾ گل به بي وطن آهي

 

        جذبي جي صداقت، شاعري جو روح ٿئي ٿو. اهو شاعر جو پنهنجي خيالن کي فن جي لغڙ ۾ ٻڌي اجايو پيو آسمان جون بلنديون تڪي، تنهن کي فنڪار چوڻ شاعري جي ڏات جي توهين آهي. مرحوم عبد، انهيءَ ڏوهه کان آجو آهي. هن جي شاعري ۾ انساني جذبات جي ترجماني ۽ جذبات جي صداقت جا ٺوس ثبوت ملن ٿا.

        مثال طور جڏهن جانب جي جدائي جي گھڙي گھڙي هزار گھاءَ ڏئي ٿي، جڏهن انتظار موت کان وڌيڪ ڀيانڪ صورت وٺي اچي ٿو. تڏهن اهڙين اکين ڏٺين حالتن ۾ ڪٿي ٿيون ڪن ٻڌيون تڪليفون ڳريون لڳن.

مطلب ته مرحوم عبد جي شاعري ۾ فن به آهي ته فڪر به آهي. سونهن به آهي ته سنيهو به، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

چمن اداس فضا سوڳوار آ ساٿي
عجيب رنگ ۾ آيو بهار آ ساٿي

گلن تي قطره ۽ شبنم، پنن تي ماڪ ڦڙا
هي ڪنهن جي لاءِ چمن اشڪبار آ ساٿي

ڪڏهن کنوڻ جو ڪڏهن باغبان جو ڌڙڪو
عجب و بال دل بيقرار آ ساٿي

وفا جو بدلو سدا جفا سان ڏنو
زماني جو ته اهو ئي شعار آ ساٿي

ٽٽي هي شاخ، جليو آشيانو، گل به پٽيا
چمن ۾ اڄ ته اها روبڪار آ ساٿي

ڪڏهن ته منهنجي چمن ۾ اچي بهار به ڏس
هي جسم زخمي هي دل  داغدار آ ساٿي

نه بلبلين کي پتو ۽ نه قُمرين کي خبر
اسان جو ڪير هتي رازدار آ ساٿي.
 

غلام حسين جلباڻي:

الف: تعارف:

غلام حسين نظر محمد خان جلباڻي 2 فيبروري 1914ع تي ڳوٺ جلباڻي تعلقي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ وٺي ڀريا هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي چار درجا پاس ڪيائين، 1929ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ پنجون درجو انگريزي پڙهڻ ويٺو. پر جلد ئي پوءِ مدرسو ڇڏي وڃي حيدرآباد جي “نووديالا” هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1933ع ۾ اتان مئٽرڪ پاس ڪيائون.

        1936ع ۾ يوسف اسماعيل ڪاليج جوگيشوري بمبئي  مان بي - اي (آنرس) ڪيائين ۽ 1939ع ۾ ايم - اي عربيءَ ۾ پاس ڪيائين. انهيءَ سال ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ عربيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. اٺ سال انهيءَ ڪاليج ۾ ملازمت ڪيائين ان کان پوءِ نو سال سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو، 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ساڳي شعبي جو صدر مقرر ڪيو ويو جتان 1970ع ۾ رٽائر ڪيائين[233]. سال 1963ع ۾ حيدرآباد ۾ شاهه ولي الله اڪيڊمي جو قيام عمل ۾ آيو ته پاڻ ان جي ڊائريڪٽرن ۾ شامل ٿيو ۽ آخري وقت تائين رهيو. جون 1989ع ۾ وفات ڪيائين[234].

ب: مدرسي جو اثر:

        جلباڻي صاحب، علامه دائود پوٽي جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾  سنڌ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو. علامه صاحب جو زمانو محنت، لگن ۽ ديني تعليم جو دور هو. هن زماني ۾ جنهن به شاگرد مدرسي ۾ تعليم پرائي سو اڳتي هلي سڌي يا اڻ سڌي طرح مذهب يا مذهبي ادب جي خدمت ڪندو رهيو آهي. جلباڻي صاحب به انهن شاگردن مان هڪ آهي، جن سڌي طرح علامه دائود پوٽي جو اثر قبول ڪري دين ۽ ديني ادب ڏانهن راغب ٿيو. جلباڻي صاحب کي محمد حسين ۽ آغا تاج محمد جهڙا لائق ۽ محنتي استاد نصيب ٿيا، جن جي پڙهائي ۽ تربيت کيس حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. خاص ڪري آغا تاج محمد جي اثر جلباڻي صاحب کي ادبي ذوق ڏانهن مائل ڪيو[235].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        جلباڻي صاحب انهيءَ خاندان جو چشم چراغ هو، جيڪو ورهين تائين عربي ۽ فارسي جو شيدائي رهيو آهي. هن صاحب کي ننڍپڻ کان ئي مطالعي ڪرڻ جو شوق ۽ ذوق هوندو هو. “سنڌ مدرسة الاسلام” جي شاگرديءَ واري زماني ۾ علامه دائود پوٽي ۽ آغا تاج محمد جهڙن استادن سندس انهيءَ شوق کي وڌيڪ اُڀاريو .

        جلباڻي صاحب، شاهه ولي الله جي شخصيت، فلسفي ۽ تعليم تي تفصيلي ڪم ڪيو. پاڻ جيڪي ڪتاب ترجمو، تصنيف يا تاليف ڪيائون تن جو وچور هيٺين ريت آهي:

1. ڪاميابي - ترجمو

(فلسفو)

2. خواب نامو

(علم نجوم)

3. ڇوٽڪارو - ترجمو

(فلسفو)

4. ڪيميائي سعادت - ترجمو

(فلسفو)

5. شاهه ولي الله جي تعليم

(فلسفو)

6. پکين جي پارليامينٽ

(فلسفو)

7. سلامان وابسال - ترجمو

(فلسفو)

8. حسن العقيده - ترجمو

(فلسفو)

9. تاويل الاحاديث - ترجمو

(فلسفو)

10. عقد الجيد - ترجمو

(فلسفو)

11. النهج الجديد

(لسانيات)

12. شاهه ولي الله جي زندگي

(شخصيات)

13. الطاف القدس

(ترجمو)

14. لحمات

(ترجمو)[236]

15. عربي سنڌي لغت

(ٻه جلد)

16. سيرت سيد الانبياء

(اڻڇپيل)

17. سطعات

 

18. خوابنامو

 

19.  الطاف القدوس

 

20. Life of the Holy Prophet

 

21. Teaching of Shah Waliullah [237]

 

 

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

ڪتاب “ڪاميابي” جو جائزو:

تعارف:

“انساني پيدائش”، صدين کان وٺي عالمن ۽ اديبن جو موضوع پي رهي آهي. مختلف عالمن مختلف نظريا پئي گھڙيا ۽ اخذ ڪيا آهن. مسلمان عالمن به انهيءَ موضوع تي قلم کنيو آهي، جن مان ابوبڪر محمد “ابن طفيل” به هڪ هو، “حي بن يقظان”[238]، سندس اهڙي موضوع تي لکيل هڪ ڪتاب آهي. هي فلسفي جو هڪ بي بها ڪتاب آهي، جيڪو ڪيترن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ وقتاً فوقتاً ڪن يونيورسٽين جي نصاب ۾ رکيو پئي ويو آهي. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب انهيءَ تصنيف جو سنڌي ترجمو آهي. جو محترم غلام حسين جلباڻي ڪيو آهي. ڪتاب جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

مواد:

ڪتاب جي مواد کي ٿلهي ليکي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، “مقدمو”، “تمهيد” ۽ “حي بن يقظان” جو قصو. ڪتاب جو مقدمو اصل ۾ ڊاڪٽر جميل صليبا ۽ ڊاڪٽر ڪامل عباد جو لکيل آهي. هن مقدمي ۾ فاضل ليکڪ جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي روشني وڌي ويئي آهي. مقدمي کي هيٺين ريت مضمونن ۾ ورهايو ويو آهي:

1.    ابن طفيل - سندس ڄم، نيپاج ۽ زندگي.

2.   ابن طفيل جا آثار - شعر، طب، علم فلڪ، فلسفو.

3.   ڪتاب حي بن يقظان تي تفصيلي نظر.

        انهيءَ کان پوءِ اصلي ڪتاب جي تمهيد ڏني وئي آهي، هن تمهيد ۽ فاضل مصنف ابوبڪر محمد ابن طفيل پاڻ کان اڳين فلاسفرن جي فلسفن جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. هن صاحب جن فلاسفرن تي تنقيد ڪئي آهي، اهي آهن: 1. ابوبڪر ابن الصائح، 2. فارابي، 3. ابن سينا، 4. غزالي.

                انهيءَ مختصر مگر جامع تنقيدي جائزي کان پوءِ مقدمو ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ “حي بن يقظان” جو قصو ڏنو ويو آهي.

                ابن طفيل جو هي ڪتاب انهيءَ نظريئي جي پٺڀرائي لاءِ لکيو ويو آهي، ته “اهل النظر” هن “عالم طبعيات” کان ٻاهر واريءَ دنيا جو ادراڪ پهريائين سوچ ويچار ۽ قياس سان ڪن ٿا. تان جو اڳتي هلي مشاهدي ماڻڻ سان ان کي ذوق جي منزل تي رسائين ٿا. ڪتاب قصي جي صورت ۾ آهي، جنهن جي ابتدا هڪ سوالئي جي جواب ۾ ٿئي ٿي. هي قصو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ قصي جو مرڪزي ڪردار - حي بن يقظان جي طبعي ترقي جو حال ڏنو ويو آهي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته انساني فطرت، نازل ڪيل وحيءَ جي مدد کان سواءِ به پايه تڪميل تي پهچڻ جو امڪان رکي ٿو.

                ٻئي حصي ۾ حي بن يقظان جي پاسي واري ٻيٽ ڏانهن وڃڻ ۽ اتي ٿورو ترسڻ جو احوال آهي. هن احوال کي قابل ليکڪ اجتماعي تنقيد جو مکيه ذريعو بڻايو آهي.

                پورو قصو جن مختلف مضمونن ۾ ڏنو ويو آهي، اِهي آهن:

حي جي پيدائش ۽ پرورش، دل جي ڳولا، ٻيٽ جو گوشت، روح ۽ جسم، وحده العالم، جسم ۽ مادو، حيواني روح، بناتي روح ۽ طبيعت، اربع عناصر ۽ مادو، جهان جو پيدا ڪندڙ، علم هيئت، دنيا حادث آهي، نفسن جو مطالعو، حق جي تلاش، سلامان ۽ ابسال.

        ڪتاب ۾ ڏنل مختصر قصي جي آکاڻي هن ريت آهي:

        حي بن يقظان ڀارت ۾ خط استوا جي هيٺ هڪ جزيري ۾ پيدا ٿيو، هو شروع کان وٺي هڪ هرڻيءَ جي هنج ۾ پليو، وڏو ٿيو ۽ سڌ ٻڌ حاصل ٿيس ته فڪر وسيلي هڪ فلسفيانه مذهب دريافت ڪري طبيعت جي حقيقت کان آگاهه ٿيو. حقيقت مطلقه ڏانهن پهچڻ لاءِ حي بن يقظان جي معرفت حدسي ۽ معرفت نظرئي جي رستن تي هليو. هن جي سوچ جي ابتدا هرڻي جي مرڻ سان گڏ ٿئي ٿي. هرڻي جي مرڻ تي ويهي سوچڻ لڳو ته ان جي مرڻ جو ڪهڙو ڪارڻ هو. تان جو جسماني عضون جهڙوڪ دل، دماغ ۽ ان کان پوءِ روح جي حقيقت معلوم ڪيائين. اڳتي هلي اوزارن جي استعمال جي توفيق نصيب ٿيس. هن طرف سندس روحاني سوچ وڃي انهيءَ منزل تي پهتي ته سڀني شين جو روح هڪڙو ئي آهي. نباتات ۽ حيوانات جو اصل هڪ آهي، هو آخر وڃي هن نتيجي تي پهتو ته سڀ ڪائنات هڪ شيءِ آهي. جسماني صورتن کيس اهو روحاني عالم جو علم ڏنو ۽ علت معلول ۽ سبب جو اصول مٿس واضح ٿيو. هاڻي هو کليءَ طرح ڄاڻي ويو ته هر حادث لاءِ محدث ۽ هر صورت جو مصور ضرور هوندو.

        اڳتي هلي انهيءَ صورتگر جي وصفن کان واقف ٿيو ۽ سندس احساس يقين ۾ تبديل ٿي ويو ته دائمي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ صورت گر کي راضي رکجي، پوءِ غير ضروري ڳالهين کان منهن موڙي فڪر ۽ ذڪر ۾ مستغرق ٿيو، تان جو وڃي مشاهدي جي منزل ماڻيائين ۽ اڳتي هلي وڃي استغراق جي حالت کي پهتو.

        انهيءَ منزل تي پهچڻ کان پوءِ ابسال سان ڏيٺ ٿيس، جنهن جي معرفت ماڻهن جيان ڳالهائڻ سکيائين، پاڻ ۽ ابسال کي نظرياتي طور ڀيٽي ڏسڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته مذهبي عقيدا فلسفي حقيقتن جي محسوس صورت آهن. فيلسوف الاهي حقيقتن کي عقل ۽ حدس سان ادراڪ ڪندو آهي، پر عوام جي اها حالت نه آهي عوام اهڙي شخص جو محتاج آهي، جو کين اعليٰ علمن ڏانهن حس ۽ خيال جي رستي پهچائي.

        حي بن يقظان، پنهنجي دوست ابسال سان گڏجي هڪ ٻيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر عوام هن جي ڳالهه نه ٿو سمجھي. سندس سڀ حيلا هوا ٿي وڃن ٿا. ان ڪري ٻئي دوست وري ساڳيءَ جاءِ تي موٽي اچن ٿا ۽ اتي ئي داعي اجل کي لبيڪ چيائون.

ٻولي:

        جيئن اڳ ۾ لکيو ويو آهي ته مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “حي بن يقظان” جو سنڌي ترجمو آهي. اصلوڪي ڪتاب جي به جيتري تعريف ڪجي اوتري گھٽ آهي. ڪتاب جي عبارت نهايت سليس ۽ سولي آهي. اوکا مسئلا ۽ رمزون اهڙي ته دلڪش ۽ اثرائتي نموني ۾ عقل جي سلسلي تي بيان ٿيل آهن، جو پڙهندڙ جي دل هڪ نئين رنگ ۾ اچيو وڃي ٿي.

        ڪتاب جو ترجمو به دلڪش ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڪيو ويو آهي، جهڙي نموني اصلوڪو ڪتاب پنهنجي سُهڻي اسلوب، سهل عبارت ۽ موچاري ترتيب سببان بَشري فڪر جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو، تهڙي طرح هي ترجمو به معياري اسلوب ۽ دلڪش عبارت سبب اهم مقام رکي ٿو. فاضل مترجم ٻوليءَ ۾ رَس ۽ چس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا ڪم آندا آهن، جيئن:

        حيلا هوا ٿيڻ، پڪو پهه ڪرڻ، ڪپڙن ۾ نه ماپڻ ۽ پير ٿڙڪڻ وغيرهه.

        ترجمو تعليم يافته ماڻهو لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ٿي سگھي ٿو پر عام پڙهيل هن ڪتاب مان ايترو استفادو حاصل ڪري نٿو سگھي ڇو ته ٻولي دقيق استعمال ڪئي ويئي آهي، ٻولي جي اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

        “تحقيق تنهنجي سوال منهنجي دل ۾ اهڙو خيال اٿاريو آهي، جنهن مون کي آڻي ان حال جي مشاهدي تي رسايو آهي، جو مون اڳ نه ماڻيو هو ۽ هڪ اهڙي عجيب غريب هنڌ آڻي پهچايو آهي، جنهن کي نه ته ڪا زبان ئي بيان ڪري سگھي ٿي ۽ جو نه وري ڪنهن سمجھاڻيءَ سان سمجھائي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو نمونو ئي ڪجھه ٻيو آهي ۽ ان جي دنيا ئي نرالي آهي. هاڻ ان “حال” ۾ جا خوشي، راحت ۽ لذت سمايل آهي، تنهن کي اهو انسان لڪائي ڇپائي نٿو سگھي، جنهن کي اهو سارو يا ان جو ڪجھه حصو نصيب ٿيو آهي، پاڻ هيءَ خوشي ۽ آنند، هن کي ڪنهن وقت انهيءَ حال جي ڪن رازن کي سرسري طور کولڻ تي آمادهه ڪن ٿا”[239].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب فلسفي جهڙي خشڪ موضوع تي لکيل آهي. پر قصي جو انداز هن خشڪ موضوع کي به نهايت دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي. ڪتاب ۾ انساني سوچ جو ارتقائي عمل ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي مثبت نتيجن تي پهچائي ٿو. ڪتاب ۾ ڌڻي جي وجود کي منطق ۽ مثالي طور تي ثابت ڪيو ويو آهي. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ذهن پنهنجي رب جي عظمت جو اقراري بڻجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڀلائي انهيءَ ۾ ڄاڻي ٿو ته پنهنجي زندگي ڌڻي جي راضپي ۽ خوشنودي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

محمد ابراهيم جويو:

الف: تعارف:

محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو جي ولادت 03 آگسٽ 1915ع تي ڳوٺ آباد اڳوڻي ضلعي دادو (هاڻوڪي ڄام شوري) ۾ ٿي[240]. ابتدائي چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيائين، جنهن کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو[241]،  اتان چوٿون درجو سنڌي پاس ڪري انگريزي تعليم جي ابتدا سن شهر جي اي - وي اسڪول ۾ ڪيائين[242]. جويو صاحب 1930ع ۾ انگريزي ٽيون درجو پاس ڪري اچي “سنڌ مدرسي” ۾ داخل ٿيو[243].  جتان 1934 ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[244]. جنهن کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جنهن کان پوءِ 1938ع ۾ بي - اي جو امتحان پاس ڪيائين[245].

        محمد ابراهيم جويي کي مئي 1938ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ماستري ملي[246]، 1940ع ۾ بي - ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي روانو ٿي ويو[247]. بي - ٽي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ وري اچي سنڌ مدرسي ۾ استاد ٿي رهيو. هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ کان ٿورو اڳ (Save Sind Save the Continent) ڪتاب لکيائين، جنهن جي سزا ۾ کيس 22 آڪٽوبر 1947ع تي مدرسي جي ملازمت مان خارج ڪيو ويو[248]. جنوري 1948ع ۾ جويو صاحب ٺٽي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي حيثيت سان ٻيهر ملازمت جو آغاز ڪيو[249]. جڏهن وقت جي سرڪار اهو اسڪول مئي 1949ع ۾ پنهنجي تحويل ۾ ورتو ته کيس حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ڏانهن بدلي ڪيو ويو[250]. جويو صاحب جولائي 1951ع تائين اتي ئي استاد جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو، جنهن کان پوءِ فيبروري 1954ع  تائين “هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر” جو سيڪريٽري ٿي رهيو، کيس ساڳي سال جي مارچ مهيني کان وٺي فيبروري 1961ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

        پهرين مارچ 1961ع تي جويي صاحب کي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن جي آفيس ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ 5 نومبر 1962ع تي ويسٽ پاڪستان بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ريجن جو انچارج مقرر ڪيو ويو. اهو ساڳيو عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي رهيو. هن کان پوءِ کيس جيڪب آباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. پاڻ مارچ 1968ع کان 12 نومبر 1969ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ٿيو. ان کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1970ع تائين ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن ۾ ڊپارٽمينٽل امتحانن جو رجسٽرار ٿي رهيو، 9 سيپٽمبر 1970ع کان وٺي 21 جنوري 1971ع تائين حيدرآباد ڊويزن ۾ اسڪولن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو، جنهن کان پوءِ 31 آگسٽ 1971ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. جويي صاحب کي پهرين سيپٽمبر 1971ع کان جولائي 1972ع تائين خيرپور ذويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽينشن” ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو، آخر ۾ جويي صاحب 21 آگسٽ 1972ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيو[251]. سال 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين به رهيو. 09 نومبر 2017ع تي 102 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ علامه آءِ آءِ قاضي  جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

ب: مدرسي جو اثر:

        محمد ابراهيم جويو، انهن چند دانشورن مان هڪ آهي، جنهن نه رڳو سنڌ مدرسي ۾ تعليم پرائي، پر تدريس جو اعزاز به حاصل ڪيو. هن صاحب چار سال سنڌ مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي. انهيءَ عرصي دوران کيس ڊاڪٽر دائود پوٽي، مولوي عبدالرحيم مگسي، مولوي عبدالرزاق، مسٽر لعلچند، مسٽر ٽالڪر، مسٽر ڀڳت سنگھه، آغا تاج محمد، آغا سليم صفوي، خانصاحب مريد علي ۽ عبدالقيوم شيرواني جهڙن مثالي استادن جي محبت ۽ تربيت ملي.

        جويو صاحب جڏهن انگريزي ڇهين درجي ۾ هيو ته کيس “وائنس ڪلب” جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سندس استاد پنهنجي دور جا ناميارا عالم ۽ اديب هئا. انهن جي برپا ڪيل علمي ۽ ادبي ماحول کيس حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. انهيءَ وايو منڊل ۾ هن عالمي ادب جو مطالعو ڪيو. مطالعي ۽ مشاهدي کان سواءِ هن اتي ئي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس پهريون مضمون مدرسي جي ڪرانيڪل ۾ ئي شايع ٿيو. ان ڪري جيڪڏهن چئجي ته جويي صاحب جي ادبي زندگي جي ابتدا هن ئي مدرسي مان ٿي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

        سنڌ مدرسي جي شاگردي واري زماني ۾ کيس مختلف مذهبن جي پوئلڳ استادن جي شخصيت ۽ ڪردار جي مطالعي ۽ مشاهدي جو موقعو مليو. اهو ٻج اڳتي هلي جڏهن ٻوٽو ٿيو، ته پاڻ جويو صاحب ذات پات جو دشمن، ننڍ وڏائي جو مخالف ۽ انسانيت جو خيرخواهه ٿي پيو.

        سنڌ مدرسي نه رڳو شاگرد واري زماني ۾ جويي صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار تي اثر وڌو، پر سندس استاد ٿيڻ واري زماني ۾ کيس متاثر ڪيو. اهو سنڌ مدرسو ئي هو جيڪو کيس (Save Sind Save the Continent) ڪتاب لکڻ سبب ڇڏڻو پيو[252].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        جويو صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي انهن عاشقن مان هڪ هو، جن ڪوسيءَ توڙي ٿڌي ۾ حب الوطني ۽ قومي خدمت جي جذبن کي هٿان نه ڇڏيو. هن جنهن مشنري جذبي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب جي خدمت ڪئي، اها هميشه لاءِ ٻين آڏو مثال ٿي رهندي. پاڻ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ استاد هو ته 1945ع ۾ اتي“بزمِ ادب” تشڪيل ڏئي نئين نسل جي علمي ۽ ادبي تربيت ڪندو رهيو[253].  تنهن زماني ۾ پاڻ (Save Sind Save the Continent) ڪتاب لکي مدرسي جي نوڪري ته وڃايائين، پر ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن جي سياسي ۽ سماجي حقن جي بچائڻ لاءِ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيائين.

        روزگار جي وسيلي وڃائڻ باوجود به نراس ۽ مايوس نه ٿيو. ويتر سندس علم دوستي ۽ ادب پروري جي جذبن کي وڌيڪ سگھه ملي، پاڪستاني دور جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر سندس تربيت ۽ محبت جي پيداوار آهن. هن صاحب “سنڌي ادبي بورڊ” جي سيڪريٽري جي حيثيت سان جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي، انهيءَ کي ادب جي تاريخ ۾سونهري حرفن ۾ لکيو ويندو. جويو صاحب جملي پندرنهن سال هن اداري سان وابسته رهيو. هن صاحب پنهنجين اعليٰ صلاحيتن سان توڙي ادبي ۽ علمي تجربن سان بورڊ کي هڪ منظم علمي ۽ فڪري ادارو بڻائي ڇڏيو. پريس جو قيام، ڪتابن جي اشاعت، رسالي گل ڦل جي اشاعت، سڀئي سندس لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڦل آهن[254]. جويو صاحب 1955ع کان 1956ع تائين سه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر ٿي رهيو[255]. سندس ايڊيٽري واري زماني جو رسالو سنڌي صحافت ۽ ادب جو “صحيفو” سڏي سگھجي ٿو.

        1973ع ڌاري هُن ڪجھ سڄاڻ اديبن سان گڏجي “سنڌي ادبين جي سهڪاري سنگت” نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين، 1973ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهيو. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ “سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ” جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 1998ع کان مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۾ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به 2000ع کان ميمبر رهيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو[256].

        جويي صاحب جي ڪوشش سان 1964ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سندس نگھباني ۽ نظرداري هيٺ ڪيترائي معياري ڪتاب شايع ٿيا آهن.

        جويو صاحب سنڌي ادب ۾ “اداري ساز” جي حيثيت رکندڙ هو پر ان سان گڏوگڏ پاڻ قلم ڌڻي به هو. سندس طبعزاد ۽ ترجمن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

 (1) “اسلام جو تاريخي ڪارنامو”: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب Historical Role of Islam جو سنڌي ترجمو، 1945ع.

(2) “Save Sindh Save the continent” 1st Edition, June, 1947, Sindh Renaissance Association, Karachi. 2nd Edition, Creative Communications, Sindh Democratic Party, Hyderabad, August 2002, 3rd Edition Roshni Publication Kandiaro, 2014.

(3) “ايميلي عرف تعليم”: جي. جي. روسو جي ڪتاب: ‘Emile on Education’ (جي انگريزي ترجمي جو اختصار پهريون ڇاپو، ايجوڪيشنل بڪ ڊپو، حيدرآباد، 1954ع، چوٿون ڇاپو، مهراڻ پبلشرز، ڪراچي، 1995ع.

 (4) “The Sindhi Instructor”: Munshi Anandram (1905), Revised by: Muhammad Ibrahim Joyo, Sindhi Adabi Board, Jamshoro, 2nd Edition 1971, 3rd edition 1983, 4th Edition 2007.

(5) ٻارن جي تعليم”: پليو ٽارچ جي ڪتاب Education of Child” جي انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو، مهراڻ پبلشرز، ڪراچي، پهريون ڇاپو، 1972ع، ٻيو ڇاپو، 1995ع.

(6) “وحشي جيوت جا نشان”: هاوَرڊ موئر جي ڪاتب Savage Survivals” جو ترجمو، سنڌي ادبي بورد، پهريون ڇاپو، 1976ع، ٻيو ڇاپو، 1994ع.

(7) سنڌي زبان جي بنيادي لغت”: (بنيادي لغت، وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت: ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع.

(8) “فڪر جي آزادي”: اسٽيفن زويگ جي ڪتابThe right to heresy” جو ترجمو، پهريون ڇاپو، جون 1977ع، روشني پبليڪيسن، ڪنڊيارو، ٻيو ڇاپو، 1997ع، ٽيون ڇاپو 2008ع.

(9) “National Unity”: G.M. Syed, (Translation and Foreword by: Muhammad Ibrahim Joyo, Introduction by: G.M. Mehkri): Syed and Syed, Karachi, 1978.

(10)گليلو”: بر ٽالٽ بريخت جي ڊرامي جي ڪتاب life of Gallileo” جو ترجمو، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد، سنڌ، سيپٽمبر 1977ع، ٻيو ڇاپو: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 1997ع.

(11) “ڪئنڊيڊ”: والٽيئر (ترجمو: الهرکيو پريو، شمشير الحيدري ۽ سومار علي سومرو)، تصحيح، تعارف ۽ نوٽ: محمد ابراهيم جويو: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، پهريون ڇاپو، جون 1977ع، ٻيو ڇاپو، اپريل 1995ع.

(12) “شاهه، سچل، سامي”: (1689ع- 1850ع هڪ مطالعو): پهريون ڇاپو، 1978ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد؛ ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون ڇاپو، روشني پبليڪيسن، ڪنڊيارو، 1990ع.

(13) “ٻارن جو مسيح”: اينڊ بلائٽن جي ڪتاب Children’s Life of Christ” جو ترجمو، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد، 1980ع، ٻيو ڇاپو: روشني پبليڪيشن، 2007ع.

(14) “ماڻهوءَ جو ڀاڳ”: (ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره)، سسئي پبليڪيشن، سلطان آباد، سيپٽمبر 1980ع، ٻيو ڇاپو مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ، 2004ع.

(15) “عورتازاد” (عورتن جي تحريڪ آزادي): ترتيب ۽ ترجمو، سنڌ فرينشس سرڪل، حيدرآباد، 1983ع.

(16) “فلسفي جو ابتدائي ڪورس”: مصنف: جارج پوليزر جي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جي انگريزي ترجمي: An Elementary Course in Philosophy” جو سنڌي ترجمو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، ڇاپو پهريون 1984ع، ڇاپو ٻيو 1990ع، ڇاپو ٽيون 2006ع، ڇاپو چوٿون: 2014ع.

(17) “علم تدريس مظلومن لاءِ”: پائلو فراري جي ڪتاب Pedagogy of the Oppressed” جو ترجمو، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ، پهريون ڇاپو، نومبر 1984ع. ٻيو، ٽيون، چوٿون ڇاپو، روشني پبليڪيشن، 2013ع.

(18) “محڪريءَ جا مضمون”: جي.ايم.محڪري (ترجمو، ترتيب ۽ پيش لفظ: محمد ابراهيم جويو)؛ عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ، پهريون ڇاپو 1983ع، ٻيو ڇاپو، 1985ع.

(19) “اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم”: (ترتيب: محمد ابراهيم جويو)، سنڌ فرينڊس، سرڪل، حيدرآباد، سنڌ، 1985ع.

(20) “Sorrows of Sindh”: Dr. G. M. Mehkri (Compilation and Introduction by: Muhammad Ibrahim Joyo), Sindh Friends Circle, Hyderabad, Sindh, 1987.

(21) “فرينچ انقلاب”: ايميل ايرڪمن ۽ اليگزانڊر چيتريان، (ترجمو)، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ 1990ع، ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2010ع.

(22) “مُٺ مُٺ موتين جي”: (هفتيوار “هدايت”، حيدرآباد ۾ آيل مواد مان چونڊ)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، 1992ع.

(25) “هوءَ جا ٽمڪي باهڙي” (پهريون جلد: مضمون ۽ ترجما): نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچي، آگسٽ 1995ع.

(23) "سندھ کے صوفی شاعر" (شاهه، سچل ساميءَ جو اردو ترجمو): محمد ابراهيم جويو، فڪشن هائوس، لاهور 1997ع.

(24) “ادب، ٻولي، تعليم”: “هوءَ جا ٽمڪي باهڙي”، (جلد ٻيو)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ سيپٽمبر 1998ع.

(25) “خط ٻن اديبن جا”: (عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابراهيم جويو)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1999ع.

(26) “ڳالهيون ڪتابن جون”، (ڀاڱو پهريون “هوءَ جا ٽمڪي باهڙي”)، جلد ٽيون: 1992ع- 1947ع) پيش لفظن جي صورت ۾، ڪتاب شيخ اياز ۽ ابراهيم جويي جا)؛ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، جنوري، 2002ع.

(27) “ڳالهيون ڪتابن جون” (ڀاڱو ٻيو “هوءَ جا ٽمڪي باهڙي”، جلد چوٿون، 34 ڪتابن جا پيش لفظ)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، 2003ع.

(28) “خط ٻن اُستادن جا”: (محمد ابراهيم جويو، غلام علي چنا)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، مارچ، 2003ع.

(29) “Sindhu Desh”: The Nation in Chains: G. M. Syed (Translation & Foreword), 2003.      

(30) “A Manual of Sindhi”: by Dulamal Bulchand (1901), revised by M. I. Joyo, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2003.

(31) سڏ پڙاڏو”، سائين جي.ايم.سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)، مرتب: آزاد قاضي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، 2004ع.

(32) “سنڌ جو املهه هيرو”: تاج محمد ابڙو، سهيڙيندڙ: محمد ابراهيم جويو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ، 2004ع.

(33) “The betrayal Sindh Bides Day for Freedom”, Vol: 1, Sindhi Adeeban Ji Sehkari Sangat, Hyderabad, Sindh, 2005.

(34) “The betrayal Sindh Bides Day for Freedom”, Vol: II, Sindhi Adeeban Ji Sahkari Sangat, Hyderabad, Sindh, 2005.

(35) بقول زرتشت” (ڀاڱو 1 ۽ 2): فريڊرڪ نٽشي، مترجم: عبدالعزيز قنڌاري، نظرثاني، محمد ابراهيم جويو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع.

(36) “سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي”: سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي، حيدرآباد، مارچ 2007ع.

(37) “سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري” (آڳاٽو دوَر): پروفيسر محرم خان وگهامل، مرتب ۽ تعارف: محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2007ع.

(38) “پيار، نبار ۽ اٿاهه”، (خط استاد ۽ شاگرد عرف ٻن دوستن: ع. ق. شيخ ۽ م. ا. جويي جا)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2008ع.

(39) “سنڌ منهنجي خوابن جي”، CPCS حيدرآباد، مئي 2008ع.

(40) “آپ بيتي، جڳ بيتي”: ايم. ايڇ. پنهور، مترجم: سيد حاڪم علي شاهه بخاري، نظرثاني: محمد ابراهيم جويو، فينڪس بوڪس ۽ ايم. ايڇ. پنهور ٽرسٽ، حيدرآباد، 2008ع.

(41) “Shah, Sachal, Sami”, Muhammad Ibrahim Joyo, English Translation by: Saleem Noorhusain, Department of Culture and Tourism, Govt of Sindh, Karachi, 2009.

(42) Sindhu Desh, The Case Yet to Settle, by: G. M. Syed, Translated by: Muhammad Ibrahim Joyo, Indus Academy Karachi, 2010.

(43) مارئي، مارو ۽ مليرَ”، ڪهاڻي سنڌ ڄائيءَ سنڌ راڻيءَ جي، سنڌيڪار: محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2010ع.

(44) “ڇا ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟”، حيدربخش جتوئيءَ جي ڪتابچي Shall Sindhi Language stay in Karachi or not” (1957ع) جو سنڌي ترجمو، سنڌ هاري ڪميٽي، حيدرآباد سنڌ، 2011ع.

(45) سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي”، (م.ا.جويو)، سهيڙ: محسن جويو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2012ع.

(46) On Sindh (Articles): Dr. G. M. Mehkri, Edited & compiled by: Muhammad Ibrahim Joyo, culture Department, Govt of Sindh, June 2012.

(47) My Dear Joyo Ji (Correspondence between G M Mehkri & Mohammad Ibrahim Joyo), CPCS, Hyderabad, Sindh, July 2012.

(48) “مون ڏات انوکي آندي آ”، (محمد ابراهيم جويي جا شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ مضمون)، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، آگسٽ 2012ع.

(49) “سنڌ بچايو، کنڊ بچايو” Save Sindh, Save Continent...” جو ترجمو، محمد ابراهيم جويو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2014ع.

-   “سنڌ بچايو، برصغير بچايو” Save Sindh, Save Continent...” جو ترجمو، امان الله شيخ، سنڌيڪا اڪيدمي، ڪراچي، سنڌ، 2014ع.

(50) “گل” ترتيب (سنڌي ٻولي)

اڻ ڇپيل ڪتاب:

(1) “ننڊ نه هيريو نيڻ” (2009ع کان 2014ع تائين جا مهاڳ، انٽرويو ۽ ترجما)

(2) ڪلچر: “قومي ٻڌيءَ جو بنياد”

(3) “منهنجا بزرگ، دوست ۽ ساٿي”

(4) “سنڌي ٻوليءَ جو سياسي ڪيس”

ابراهيم جويو ان کان سواءِ ڪيترن ئي درسي ڪتابن جو ليکڪ يا ايڊيٽر به رهيو، گڏوگڏ درسي تعليم لاءِ ڪي بنيادي ڪتاب پڻ لکائين يا ترتيب ڏنائين، جيڪي هن ريت آهن:

(1) سنڌي ريڊر، ڪلاس پهريون

(2) سنڌي ريڊر، ڪلاس ٻيو

(3) سنڌي ڪتاب، ڪلاس چوٿون

(4) سنڌي (مددي) ڪتاب، ڪلاس ڇهون

(5) سماجي اڀياس (تاريخ)، ترجمو- ڪلاس نائون ۽ ڏهون

(6) سنڌ جي تواريخ (ترجمو)، ڪلاس نائون ۽ ڏهون

(7) اچو ته پڙهون-  بالغن لاءِ پهريون ڪتاب

(8) اچو ته وڌيڪ پڙهون- بالغن لاءِ ٻيو ڪتاب

(9) “اچو ته لکون” بالغن لاءِ لکڻ جو پهريون ڪتاب (محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ عبدالله عبد)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، مارچ 1973ع

(10) آسان سنڌي قاعدو: 1973ع

(11) استادن لاءِ رهبر

ايڊٽ ڪيل ڪتاب:

(1) ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس، ڪلاس ٻيو ۽ ٽيون

(2) ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس، ڪلاس چوٿون ۽ پنجون[257]

­­­د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

ڪتاب “گليلو” جو جائزو:

تعارف:

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڊرامو مشرق جي پيداوار آهي، پر انهيءَ صنف جيڪا ترقي مغرب ۾ ڪئي آهي، انهيءَ جو مثال گھٽ ۾ گھٽ ويهين صدي جي عرصي ۾ مشرق ۾ نه ٿو ملي. انگريزي دور جي زماني ۾ سنڌ واسين مغرب ۾ ڊرامي جي ترقي جو ڀرپور اثر قبول ڪيو. جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊراما ترجمو ٿيڻ لڳا ۽ اهو سلسلو اڄوڪي دور تائين قائم رهندو آيو آهي. مطالعي هيٺ آيل ڊرامو “گليلو” به مغربي ادب جي سوکڙي آهي.

        هي ڊرامو جڳ مشهور جرمن ڊراما نويس، ڊراما پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر، شاعر ۽ افسانه نگار “برٽالٽ بريخت (Bertolt Brecht) جي وڏن ۽ اهم ڊرامن مان هڪ آهي. جيڪو هن ٻه ڀيرا لکيو آهي. پهريون دفعو 1937ع ۾ ۽ 1939ع واري عرصي ۾، ٻي عالمي جنگ کان اڳ ۽ ٻيو ڀيرو اُن جنگ کان پوءِ ٿوري ڦير ڦار ڪرڻ سان 1945ع کان 1947ع ۾. انهيءَ آخرين متن انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو جناب محمد ابراهيم جويي ڪيو آهي، جو 1977ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ، حيدرآباد” طرفان شايع ٿيو. ڊرامي جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

آکاڻي:

        “گليلو” هڪ تاريخي ڊرامو آهي. ان ۾ سترهين صديءَ جي جڳ مشهور سائنسدان “گليلو” جي شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي مذهبي چريائپ ۽ علم دشمني، وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻهن جو خود پسندي، علم ناشناسي، بيقدري، هوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آهي. ساڳي وقت ان دور جي اٽلي جي عوامي زندگي تي به ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي.

        حقيقت ۾ برٽالٽ بريخت، “گليلو” جي شخصيت ۽ دور کي تمثيلي طور وٺي پنهنجي دور جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. ڊرامي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ ذهن ۾ آکاڻي جو خاڪو هن ريت ٺهي بيهي ٿو.

        “گليلو” پيڊوٽا يونيورسٽي ۾ رياضي جو استاد آهي پنهنجي نوڪري جي ارڙهن سالن ۾ ڪيتريون ئي سائنسي کوجنائون ڪري ٿو. هو تجربا ڪري چُرپُر ۽ تيز رفتاري جا اوائلي اصول معلوم ڪري ٿو. ان کان پوءِ هو قطب نما، ٿرماميٽر ۽ سڌاريل دوربيني ايجاد ڪري ٿو. گليلو انهيءَ دوربيني جي وسيلي شمسي نظام جو مطالعو ڪري ٿو ۽ مطالعي جي آڌار تي “ڪاپرنيڪس” جي سائنسي کوجنائن جي تصديق ڪري ٿو. جنهن روشني ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڌرتي نه ته پوري ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ نه وري هڪ هنڌ بيٺي آهي.

        انهيءَ تي “روم” جي پوپ کيس پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏيئي ٿو ته زمين جي چُرپُر ۽ ڦيري جي تعليم ڏيڻ بند ڪري ۽ اهڙي ڳالهه کي نه مڃي جيڪا ديني تعليم جي خلاف هجي ان کان پوءِ گليلو “روم” ڇڏي، “فلاريس” شهر ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجو تحقيقي ڪم جاري رکي ٿو. ان تي “روم” جي مذهبي عدالت مٿس ڏمرجي ٿي ۽ کيس لاچار ڪري توبهه تائب ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.

        “گليلو” پنهنجي حياتيءَ جا آخرين ڏينهن پنهنجي گھر ۾ گذاري ٿو، جتي مٿس چوڪسي رکڻ لاءِ “ڪليسا” جا پادري نگهبان ڪري بيهاريا وڃن ٿا. هو انهن کان چوري رات جو چنڊ جي روشني ۾ سائنس جو ڪتاب لکي ٿو. جنهن ڪري سندس اکين جو نور به ختم ٿي وڃي ٿو. آخرڪار اهو ڪتاب چوري “روم” کان ٻاهر ڏياري موڪلي ٿو.

        آکاڻي کي پندرهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. آکاڻي ۾ شروع کان وٺي آخر تائين سلسلي ۾ ربط نظر اچي ٿو. ڪٿي به سلسلي جو ڪڙيون ٽٽل محسوس نه ٿيون ٿين. واقعا موتيءَ جي داڻن وانگر پويا ويا آهن، جي آکاڻي کي اڳتي وڌائيندا رهن ٿا.

        ان هوندي به هن چوڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي ته ڊرامي جي هرهڪ سين جي وضاحت چڱي طرح نه ڪئي ويئي آهي، ان ڪري ماحول جي ڀرپور عڪاسي نه ٿي ٿئي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ آکاڻي تي حد کان وڌيڪ توجھه ڏنو ويو آهي. جنهن ڪري ڊرامي جي اها خامي نظر اچي ئي نٿي.

ڪردار نگاري:

        ڊرامو عمل ۽ گفتگو جو سنگم ٿئي ٿو ۽ انهن ٻنهي جزن جو تعلق وري ڪردارن سان ٿئي ٿو. جيڪڏهن ائين چئجي ته ڪردار نگاري ڊرامي جو مکيه فني جزو ٿئي ٿو، ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ڊرامن ۾ انهن جي نوعيت ۽ اهميت کي ڌيان ۾ رکي ڪردار ڏنا ويندا آهن، جيئن ته هن ڊرامي جو تعلق هڪ مڪمل تاريخي دور سان آهي. ان ڪري انهيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪردار ڏنا ويا آهن. جن ۾ “گليلو” جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ هن ڊرامي جا ٻيا ڪردار آهن سينورا سارتي، ائنڊريو ۽ ورجينا. اهي ٽئي ڪردار “گليلو” جي گھر سان واسطو رکن ٿا. مکيه ڪردارن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

·         سينوراسارتي:

        گليلو جي گھر نوڪرياڻي آهي. جيئن ته هوءَ اڻ پڙهيل آهي، ان ڪري پنهنجي مالڪ جي تحقيقي ڪم ۾ ڪابه دلچسپي نٿي رکي. هن کي هميشه گھر جي سار سنڀال ۽ قرضين جو خيال رهي ٿو. سارتي سادي آهي، مگر سچي آهي. هو هميشه پنهنجي مالڪ گليلو سان وفادار رهي ٿي ۽ ڏک سُک ۾ سندس ساٿ ڏي ٿي. پر ان جي باوجود به هو پنهنجي جهالت سبب گليلو جي تحقيقي ڪم ۾ دلچسپي نه ٿي وٺي، پر ان هوندي به هو سندس رستي جي روڪ نه ٿي بڻجي.

·         ورجينا:

        گليلو جي ڌيءُ، جيڪا بنيادي طور تي مذهبي خيالن جي آهي. پر اهي مذهبي عقيدا به خود هنن جي مدد نٿا ڪن. هن کي سندس مڱيندو انهيءَ ڪري ڇڏي وڃي ٿو ته سندس پيءُ ملحدانه خيال رکي ٿو ۽ مذهبي عقيدن جي مٽي پليد ڪري ٿو. ورجينا کي هميشه پنهنجي پيءُ جي سائنسي خيالن جو اونو رهي ٿو ۽ هو هر دم کيس مذهبي ماڻهو جي حيثيت سان ڏسڻ جي خواهان رهي ٿي. ورجينا شروع کان آخر تائين پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي ٿي ۽ جڏهن سندس والد کي ساري دنيا وساري ويهي ٿي ته هو سندس خدمت چاڪري ڪري ٿي. هو پيءُ جي ڪري پنهنجو جوڀن جواني به قربان ڪري ڇڏي ٿي ۽ سندس شادي نه ٿي ٿئي، ان جي باوجود به پيءُ سان مذهبي اختلاف ضرور رکي ٿي.

·         ائنڊريو:

        سارتيءَ جو پٽ آهي، هي شروع کان وٺي گليلو سان گڏ رهي ٿو ۽ گليلو وري کيس پنهنجو رازدان بڻائي ٿو. گليلو جيڪو به نئون تجربو ڪندو هو، ان جي نتيجن کان کيس واقف ڪندو هو. ائنڊريو به هن سان ڀرپور بحث ڪندو رهندو هو ۽ اهڙي ريت هو سندس پڪو شاگرد ٿي ويو هو. ائنڊريو پنهنجي استاد کي نه رڳو عظيم محقق سمجھندو هو، پر هڪ آدرشي انسان به سڏيندو هو. پر ان وقت سندس اعتماد ٽٽي پيو، جڏهن گليلو ديني عدالت جي سزا کان ڊڄي پنهنجي تحقيق تان هٿ کڻي ويو. ائنڊريو کي پڪ هئي ته سندس استاد سر ڏيئي ايندو پر سچ کان منهن نه موڙيندو. مگر ائين نه ٿيو. ان ڪري ائنڊريو کيس ڇڏي هليو وڃي ٿو ۽ گليلو پنهنجي ڌيءُ سان مذهبي عدالت جي چوڪسي هيٺ گھر ۾ رهڻ لڳي ٿو. جڏهن گليلو اچي مرڻ جي ويجھو پهتو ته ائنڊريو هن وٽ اچي ٿو ۽ ان وقت سندس اکيون کلن ٿيون. گليلو کيس ٻڌائي ٿو ته هن هڪ اهڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جي بنياد تي سائنس اڳتي هلي ترقي ڪندي، ان وقت ائنڊريو پشيمان ٿئي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ته جيڪڏهن گليلو سچ چئي مري وڃي ها ته فتح رجعت پسندن جي ٿئي ها ۽ هي عظيم ڪتاب لکي نه سگھي ها. ائنڊريو پوءِ پنهنجي سابق استاد گليلو جو ڪتاب کڻي ملڪ جي حاڪمن کان لڪائي اٽليءَ کان ٻاهر کڻي وڃي ٿو.

        ڊرامي ۾ ڪردارنگاري انساني فطرت کي آڏو رکي ڪئي ويئي آهي. هن ۾ ڪوبه اهڙو ڪردار نه ڏنو ويو آهي، جو مافوق الفطرت لڳندو هجي. ڊرامي جا ڪردار جيئرا لڳندا انسان آهن. جن ۾ خاميون به آهن ته خوبيون به، هو غلطيون به ڪن ٿا ته عظيم ڪارنامه به سرانجام ڏين ٿا. گليلو جو مذهبي عدالت اڳيان پنهنجي تحقيق تان هٿ کڻڻ يا ائنڊريو جو گليلو سان ڪاوڙجي وڃڻ، عين انساني فطرت جي مطابق آهي. اهڙين حالتن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڊرامي ۾ “ڪليسا” جي عملدارن، حاڪمن ۽ پوپ جي بهترين نموني سان ڪردارنگاري ڪئي وئي آهي. مطلب ته ڪردارنگاري فنڪارانه انداز سان ڪئي ويئي آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن ڪردار جي عمل ۾ جھول نظر نه ٿو اچي.

گفتگو:

        ڊرامو جڏهن اسٽيج تي ڪري ڏيکاريو ٿو وڃي ته ان ۾ ڪردارن جا عمل ۽ مڪالمه هڪ جهڙي اهميت رکن ٿا، ڇو ته ان ۾ عملن جي گنجائش ئي ڪا نه ٿي ٿئي. مطالعي هيٺ آيل ڊرامي ڪتابي صورت ۾ آهي، ان ڪري اسان اڳيان اسٽيج تي ٿيندڙ عملن بدران مڪالمن جي تاثر تي ئي ڀاڙڻو پوي ٿو. ڪتابي صورت ۾ آيل ڊرامي جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها ٿيڻ گھرجي ها ته ان جا مڪالمه صاف، واضع ۽ ڀرپور تاثر قائم ڪندڙ هجن ها.

        جڏهن هن ڊرامي جي گفتگو يا مڪالمه جو تنقيدي جائزو وٺجي ٿو، ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته قابل مترجم ڊرامي جي هن فني جزي تي تمام گھڻو توجھه ڏنو آهي. ڊرامي جو تعلق شخصيت، تاريخ ۽ سائنس سان آهي. جن ۾ سائنس ته هڪ بلڪل خشڪ موضوع آهي. مترجم اهڙي سهڻي انداز سان انهن جو ترجمو ڪيو آهي، جو ڳالهه سمجھڻ ۾ تمام آساني پيدا ٿئي ٿي. گفتگو ۾ ڪٿي به اهڙا دقيق جملا يا لفظ استعمال نه ڪيا ويا آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ مشڪل پيدا ڪن. ڪردارن جو گفتگو وقت ۽ حالتن جي عين مطابق آهي ۽ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو، ڊرامي جي گفتگو نه رڳو سڌيءَ طرح ڪردار نگاري کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، بلڪ آکاڻي ۾ به تسلسل ۽ ربط قائم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. ان کان سواءِ هي گفتگو ڪردارن سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. پوپ جي گفتگو ۽ سندس مذهبي گھمنڊ، گھر نوڪرياڻي “سارتي” جي گفتگو ۾ خدمت جو جذبو، رڌ پچاءُ ۽ قرضين جي ڳڻتي ۽ گليلو جي گفتگو ۾ علم ۽ حڪمت جا اُهڃاڻ، اهو ثابت ڪن ٿا ته ڊرامي جي هن فني جزي سان ڀرپور انصاف ڪيو ويو آهي.

ٻولي:

        جيئن هن کان اڳ لکيو ويو آهي ته هي ڊرامو انگريزي متن جو سنڌي ترجمو آهي ۽ انهيءَ جو مترجم سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. جناب محمد ابراهيم جويو سنڌي زبان تي چڱي دسترس رکي ٿو. هن صاحب هي ڊرامو ترجمو ڪري نه رڳو پنهنجي مادري زبان جي فرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهيءَ جي ترجمي جو به حق ادا ڪيو آهي. هن اهڙي ته انداز سان ترجمو ڪيو آهي جو ائين پيو لڳي ڄڻ ڊرامو اصل سنڌي ۾ لکيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪردارن جا نالا بدلائي سنڌي ڪيا وڃن ته ڪو به پڙهندڙ ان کي ترجمو تسليم نه ڪندو.

        جناب محمد ابراهيم جويي ٻولي تمام وڻندڙ، پياري ۽ نياري ڪم آندي آهي. اها سليس به آهي ته عالمانه به، سادي به آهي ته قابل فهم به. هن ڪيترائي اصطلاح، محاورا ۽ پهاڪا توڙي چوڻيون استعمال ڪيون آهن، جيڪي ٻولي جو سينگار بڻجي ويون آهن. ترجمي ۾ ايڏي ته رواني ۽ ڪشش آهي ۽ ان سان گڏ ٻولي اهڙي سادي ۽ سلوڻي استعمال ڪئي ويئي آهي جو فاضل مترجم کيرون لهڻين.

        ٻولي جي اسلوب جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

“منهنجا هي سادا سٻاجھا ماڻهو جڏهن مون کان ٻڌندا ته هو سچ پچ هڪڙي ننڍڙي ڀتر يا پٿر تي ويٺا آهن، جيڪو سدائين خالي پولار ۾ هڪڙي ٻئي تاري جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي پٿر آهن جي ائين پولار ۾ ڦرندا ٿا رهن ۽ سندس هي پٿر جنهن تي هو ويٺا آهن، سو انهن ٻين پٿرن جي ڀيٽ ۾ هڪڙو خسيس ۽ بي وزنو پٿر آهي. ته پوءِ هيءُ سندس جبل جيڏو صبر ۽ سندن سڄي دک ۽ پيڙا جي هيءَ خاموش تسليمي، اڄ ڇو ضروري آهن يا ٺيڪ آهن؟ پوءِ مقدس ڪتاب ۾ ڪهڙي صداقت رهي، جيڪو هر شئي جي سمجھاڻي ڏئي ٿو ۽ جنهن پورهئي جو ڏک سهڻ جي، بک ڪڍڻ جي ۽ توڪل تي رهڻ جي ۽ قناعت سان گذارڻ جي ضرورت ۽ وڏائي بيان ڪئي آهي ۽ جيڪو هاڻي جھٽ ۾ پنهنجي ڳالهه ۾ ايترو اوڻو ثابت ٿي پيو آهي”[258].

مقصديت:

        هن ڊرامي ۾ مقصديت جو پهلو ايترو ته نمايان آهي، جو هڪ دفعو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ائين ٿو معلوم ٿئي ته گليلو آدرش جي صورت وٺي اسان کي صلاح ڏئي رهيو آهي ته انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود واري ڪم ۾ مرڻ گھڙي تائين سچو رهڻ گھرجي پوءِ چاهي ان لاءِ ڇو نه کڻي ڪا قرباني ڏيڻي پوي يا حالتن سان مصلحت خاطر وقتي سمجھوتو ڪرڻو پوي. هن ڊرامي سان اهو تاثر ملي ٿو ته گليلو هڪ عظيم انسان هو، جنهن انسان ذات جي ڀلائي خاطر پنهنجي اباڻي دين ۽ وڏن جي اصولن ۽ نظرين کي ٺڪرائي ڇڏيو. سندس زندگي ٻڌائي ٿي ته سچ جي ٻيڙي لُڏي ته سگھي ٿي، پر ٻڏي نه ٿي سگھي.

الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه:

الف: تعارف:

سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد حاجي ابراهيم شاهه جي ولادت پهرين اپريل 1918ع تي ڳوٺ حاجي قادر ڏنو شاهه ضلعي ٺٽي ۾ ٿي[259]. ابتدائي تعليم راهوٽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، جتان 1929ع ۾ سنڌي چار درجا پاس ڪري “اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سجاول” ۾ داخل ٿيو جتي ٽي درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ 20 مئي 1933ع تي اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخلا ورتائين[260]. جتان 1937ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[261]. جيئن ته پاڻ حسابن (Maths) ۾ پهريون نمبر آيو، ان ڪري کيس چاڳلا پرائيز، ڏيارام جيٺمل پرائيز، اُڌارام مولچند پرائيز ۽ گبسن پرائيز (Gibson Prize) ڏنيون ويون[262].

        شاهه صاحب 1937ع ۾ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتان ٻن سالن کان پوءِ انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو، 1941ع ۾ انهيءَ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس بي - اي ۽ 1943ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ايم - اي، سياست ۽ ايل - ايل - بي پاس ڪيائين[263].

        1943ع ۾ سيد صاحب ملازمت جو آغاز ڪيو ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو[264]. 1945ع ۾ کيس ترقي ڏيئي اسسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو ويو[265]. ساڳي سال هند سرڪار کيس ايم – ايڊ (M.ED) ڪرڻ لاءِ چونڊيو، جنهن ڪري 1946ع ۾ انگلينڊ وڃي “ڪنگس ڪاليج يونيورسٽي آف درهام (King’s College of University of  Durham) ۾ داخلا ورتائين[266]. 1948ع ۾ پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري وطن واپس وريو ۽ کيس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1949ع ۾ کيس سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور جو پڪو پرنسپال مقرر ٿيو. آگسٽ 1950ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ لڳاتار ڏهه سال انهيءَ ڪاليج جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. ڊسمبر 1961ع ۾ کيس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن لاهور مقرر ڪيو، جتان اپريل 1961ع ۾ کيس ترقي ڏيئي حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو. جون 1961ع ۾ کيس ڪراچي ريجن جي به چارج ڏني ويئي. جيڪا هڪ سال لاءِ سندس هٿ هيٺ رهي. جون 1962ع ۾ ڪوئيٽا ريجن جو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ٿيو، جتان مارچ 1963ع ۾ بدلي ٿي اچي ڪراچي ريجن ۾ ساڳي چارج سنڀاليائين. ان کان پوءِ مارچ 1966ع کان سيپٽمبر 1967ع تائين حيدرآباد ريجن جو، سيپٽمبر 1969ع تائين ڪراچي ريجن جو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ٿي رهيو.

        سيپٽمبر 1969ع ۾ سيد صاحب سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ سيپٽمبر 1971ع تائين سنڌ جي هن عظيم تعليمي اداري جي خدمت ڪندو رهيو. سيپٽمبر 1971ع ۾ کيس سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، پر هڪ سال کان پوءِ وري کيس سنڌ يونيورسٽي جو ٻيهر وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتان ڊسمبر 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين[267].

        ان دور ۾ پاڻ يونيورسٽي لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيائين، ائين کڻي چئجي ته سنڌ يونيورسٽي جي موجوده تعميرات ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. مثال طور (A.C2) اي سي ٽو، سينٽرل لائبريري جون بلڊنگون، علامه آءِ آءِ قاضي جو مقبرو توڙي جامع مسجد کان سواءِ روڊ رستا، راندين جو ميدان ۽ وڻن جي پوکي تائين جا اهم ڪم سندس يادگار آهن. ان کان سواءِ سندس ئي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي 1971ع ۾ Ph.D جو پروگرام شروع ڪرايو. سال 1988ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ کين تعليم جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو.

        سيد غلام مصطفيٰ شاهه 81 سالن جي ڄمار ۾ 9 آڪٽوبر 1999ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

ب: مدرسي جو اثر:

        سيد غلام مصطفيٰ شاهه 1933ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو ۽ سڄا سارا چار سال هن تاريخ ساز اداري جو شاگرد ٿي رهيو. شاهه صاحب بنيادي طور تي ٻهراڙيءَ جو شاگرد هو. سنڌ مدرسي هن لاءِ نه صرف شهري ماحول مهيا ڪيو، پر سندس صلاحيتن ۽ لياقتن کي به اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. شاهه صاحب هن علمي ۽ تعليمي ماحول جو ڀرپور اثر قبول ڪيو ۽ مختصر وقت ۾ مدرسي جي فعال ۽ محنتي استادن جي پيارن شاگردن مان هڪ ٿي پيو. مولوي عبدالرزاق، خانصاحب مريد علي، مسٽر ناصر حسين، مسٽر نهالچند، ايس - ڊي -ڪانٽريڪٽر ۽ ٽالڪر صاحب جهڙن استادن کان سواءِ پرنسپال هيريسن (Harrison) جي شخصيت، شفقت، اصول پرستي ۽ انتظام سندس ذهن تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا. هيريسن (Harrison) جي اثر کيس انتظام فهمي ۽ انگريز ادب جي مطالعي طرف راغب ڪيو ۽ اهي ٻئي خوبيون ۽ خاصيتون شاهه صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ چٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون.

        شاهه صاحب پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ سردار هائوس، خيرپور هائوس ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ مانيٽر، سينئر مانيٽر ۽ چيف پرفيڪٽ (Chief Perfect) ٿي رهيو. پاڻ 1936ع کان هڪ سال لاءِ “وائنس ڪلب” (Vines Club) جو سيڪريٽري به ٿي رهيو. اهڙن موقعن اڳتي هلي کيس بهترين منتظم جو روپ ڏنو.

        مولوي عبدالرزاق جي اثر وري کيس علم ادب ڏانهن راغب ڪيو. مدرسي جي شاگرديءَ واري زماني دوران شاهه صاحب “ڊبيٽنگ سوسائٽي” جو ڀرپور فائدو حاصل ڪيو؛ ۽ “مدرسي ڪرانيڪل” ۾ پنهنجي قلم جي جوهرن ڏيکارڻ جي ابتدا ڪئي. مختصر لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته شاهه صاحب “سنڌ مدرسة الاسلام” جو ڀرپور اثر قبول ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ اداري ۽ هن شاگرد جو پاڻ ۾ جيون ڀر جو ساٿ طئه ٿيل رهيو، 1933ع ۾ شاهه صاحب اداري جو شاگرد ٿيو ۽ آخري وقت تائين “سنڌ مدرسه بورڊ” جو تاحيات ميمبر رهيو[268].

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        شاهه صاحب کي لکڻ پڙهڻ جو شوق “سنڌ مدرسة الاسلام” جي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي هوندو هو. پاڻ 1942ع ۾ ٻن مهينن لاءِ اخبار ڊان (Dawn) جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو، 1944ع ۾ مسلم وائيس (Muslim Voice) جو ايڊيٽر ٿي رهيو[269]. شاهه صاحب رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ “شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي” وجود ۾ آندي. جنهن پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن تي بحث مباحثا توڙي سيمينار ڪرائيندا رهيا. اُن ئي سوسائٽي طرفان سال 1975ع ۾ سنڌ ڪوارٽرلي (Sind Quarterly) رسالو انگريزي زبان ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائون جيڪو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ٻرندڙ مسئلن تي اهم ۽ تُز مواد پيش ڪندو هو جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا اقتدار ڌڻين سچ کي برداشت نه ڪندي مٿس بندش وڌي، تنهن هوندي به هن جرنل جا نوي (90) کن پرچا شايع ٿيا جيڪي سنڌ شناسي جي حوالي سان اهم، وقتائتو ۽ تاريخي مواد فراهم ڪري ٿو.

        سيد غلام مصطفيٰ شاهه سال 1985ع ۾ “سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي” به قائم ڪئي جيڪا هڪ نيم سياسي تنظيم آهي. پاڻ آخري وقت تائين ان جا سربراهه رهيا، کانئن پوءِ سراج ميمڻ ان جو سربراهه مقرر ٿيو. هن وقت پروفيسر اعجاز قريشي، قاضي سليمان ۽ ڪجھ ٻيا سنڌ جا ڏاها هن اداري کي سرگرم رکندا اچن.

هي تنظيم پڻ سنڌ جي حوالي سان عالمي ۽ شعور سطح تي ڪم ڪندي رهي ٿي. شاهه صاحب موهن ۽ هڙاپا جي دڙي تان لڌل مهرن ۽ لکڻين کي پڙهڻ لاءِ ڪم جي ابتدا ڪئي. ان ڏس ۾ فن لينڊ جي اسڪالر آسڪو پارپولا جي رٿ تي، يونيسڪو جي تعاون سان هڪ علمي رٿا تيار ڪئي وئي. پراجيڪٽ جي لاءِ ڏوڪڙ پئسي جو بندوبست يونيسڪو کي ڪرڻو هو ۽ باقي گھربل تعاون هندستان ۽ پاڪستان جي سرڪارن کي ڪرڻو هو، مقصد هي هو ته سڄيءَ دنيا مان سنڌو تهذيب جون مهرون هٿ ڪري اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش، فن لئنڊ جي اداري Academy of Sciences & Letters کي پارپولاجي جي سرپرستيءَ ۾ ڪرڻي هئي، جيڪو ادارو اڌ صديءَ کان اُن ڪم ۽ تحقيق ۾ مصروف هو The Corpus of Indus seals and Inscriptions (ICSI) نالي هن ڪتاب جو پهريون جلد، حڪومت هند جي سهڪار سان 1987ع ۾ شايع ٿيو، هن جلد ۾ جيڪو مواد آهي، ان جو تعلق هندستان مان مليل مذڪوره لکتن ۽ مهرن سان آهي. جلد ٻئي جو تعلق پاڪستان ۾ مليل آثارن سان هو، هي جلد شايع ڪرڻ ۾ تڏهن آساني پيدا ٿي، جڏهن سيد غلام مصطفيٰ شاهه وفاقي وزير تعليم هو، هن صاحب پنهنجي وزارت ۽ حڪومتِ پاڪستان جي ٻين ادارن کان آسڪوپارپولا کي تڪڙي مدد فراهم ڪرائي. ان پس منظر ۾ ٻيو جلد 1991ع ۾ ڇپجي نروار ٿيو. هن جلد تي آسڪوپارپولا ۽ غلام مصطفيٰ شاهه جو مفصل مهاڳ پڙهڻ لائق آهي. رٿا جو ٽيون جلد (متفرقه) جون 2010ع ۾ جاري ٿيو، انڊس مهرن ۽ ڪتبن تي پارپولا سان گڏ ٻين محققن به ٽنهي جلدن تي ساٿي ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، انگريزي تصنيف ۽ تاليف ۾ شاهه صاحب جو هي ڪم وڏي اهميت رکي ٿو[270].   

صحافت کان سواءِ پاڻ سنڌي توڙي انگريزي ڪتابن جو مصنف به آهي. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

1. گڏهه

2. جاگرافي ضلع لاڙڪاڻو

3. سير و سفر (آمريڪا جو سفر)

4. جاگرافي ضلع خيرپور

5. سنڌ جو مستقبل ۽ سنڌ جا تعليمي مسئلا (تعليم)

6. سنڌي قائدو

7. ڪتاب (مضمون)

8. عروج و زوال ۽ اميدون ڀريا بادل (اخلاقيات)

9. انگريزي سنڌي ڊڪشنري (لسانيات)

10. سنڌي زبان جي بنيادي لغت (ساٿي ايڊيٽر)

11. استاد (اخلاقيات)

12. الحاج سيد عبدالرحيم شاهه (شخصيات)

13. شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر (لطيفيات)

14. معاشرو ۽ تعليم (اخلاقيات)

15. سنڌي معاشرو ۽ ان جو مستقبل

16. بدنصيب ٿري ۽ سنڌي سٻاجھڙا (اسماعيل عرساڻي جي اڳ ڇپيل ٻن ڪتابن کي مرتب ڪري پيش لفظ سان گڏ شايع ڪرايائون.)

17. تاريخ جا سبق (ترجمو- پنهنجي گهر واري عزيزه غلام مصطفيٰ سان گڏ

18. A Principal’s Paper

19. Towards understanding to Muslim of Sind

20. “Legacy of Britian”

21. Cross in the Sub- continent[271].

22. Education of Pakistan: An appeal and a prayer.

23. Bhutto: The Man and the Martyer

24. General Zia: His Winged Death and the Aftermath

25. Indus Basin: Tragic Sale of Pakistan Waters and Kalabagh Dam

26. Aboriginal tribes of India (Edit)

27.Corpus of Indus seals and Inscriptions (Co-editor) Vol-02, Helsinki

 

 

ڪتاب “سير ۽ سفر” جو جائزو:

تعارف:

عام چوڻي آهي ته زمانو استاد آهي، ۽ اهو انسان کي گھڻو ڪجھه سيکاري ٿو. پر جيڪڏهن ماڻهو هڪ هنڌ ويهي رهي ٿو ته پوءِ گم ناميءَ جي ڪُنَ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ هن دورنگي دنيا مان ڪجھه به حاصل ڪري نه سگھندو. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته پنهنجي در سان گڏ دنيا جا در کڙڪائڻ گھرجن ۽ اها ضرورت وري سير سفر پوري ڪري سگھي ٿو. انسان سفر جي ذريعي ڪائنات جو ڪارخانو هلندو ڏسي ويچار ڪري ٿو.

        هر قوم جو هر فرد سير سفر ڪري نه ٿو سگھي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته پنهنجي ادب ۾ اهڙا شاهڪار ڇپجڻ گھرجن، جن جي وسيلي هن کوٽ کي پورو ڪري سگھجي ۽ گھر ويٺي دنيا کي باخبر رکي سگھجي.

        ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙيون تخليقن جو تعداد گھٽ آهي. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب به انهن مان هڪ آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ پهريون دفعو 1963ع ۾ ٻيو ڀيرو يارهن سالن جي عرصي کان پوءِ 1973ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو خالق سنڌ جو مايه ناز تعليم دان پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه آهي. هن ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

مواد:

هي ڪتاب اصل ۾ انهن خطن جو مجموعو آهي. جيڪي شاهه صاحب آمريڪا جي سفر دوران مشهور سنڌي اخبار “الوحيد” ڏانهن لکيا هئا. سيد صاحب آمريڪا ۾ ساڍا چار مهينا رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن ڪيتريون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏٺا ۽ ڪيترن ئي علمي ۽ تعليمي مجلسن ۾ شريڪ ٿيو. اتان جي تعليمي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليس ۽ ڪيترن ئي تفريح ۽ وندر جي جاين کي ڏٺائين. پنهنجي خطن ۾ هن انهن سمورين شين جو ذڪر ويهي تفصيل سان ڪيو آهي. هنن خطن جي مواد کي جيڪڏهن ڏٺو ويندو ته اهو هن طرح تقسيم ٿيل آهي:

·         معلوماتي مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ دنيا جي ڪيترن ئي حقيقتن تان پردو کنيو ويو آهي. ڪتاب جي پڙهڻ سان اسان کي عام معلومات کان سواءِ اتان جي رياستن، شهرن ۽ ادارن جو احوال ملي ٿو، اهڙي معلومات جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 (1) ادارن جو احوال:

فاضل مصنف کي آمريڪا وڃڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن کان گذرڻو پيو، جن ۾ شام، لبنان، هالينڊ، انگلينڊ ۽ ڪئناڊا قابل ذڪر آهن. هن صاحب انهن ملڪن جو جزوي سير سفر ڪيو، هن اتي ڪيترائي ادارا ۽ تعليمي درسگاهه ڏٺا. شاهه صاحب ملڪ “شام” جي “عرب اڪيڊمي” جو احوال هن ريت لکي ٿو:

        “عرب اڪيڊمي” وياسون. هي ادارو عربي ادب جي ترقي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان ۾ فقط اديبن، فاضلن ۽ مصنفن کي پڙهڻ يا ڪتاب استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي. لئبريري کي عام استعمال لاءِ نه رکيو ويو آهي. بي بها ڪتابن جا نسخا موجود هئا. اڪيڊمي ۾ اٽڪل 50 هزار ڪتاب آهن. ان کان پوءِ قومي لئبريري کي ڏٺوسين، جا اڱاري هئڻ ڪري بند هئي، مگر اسان کي ڏيکارڻ لاءَ کولي ويئي هئي، ان ۾ اٽڪل هڪ لک ڪتاب آهن”[272].

 (2) شهرن جا احوال:

        مٿي ذڪر ڪيل ملڪن کان گذرندي فاضل ليکڪ کي ڪيترن ئي شهرن کي ڏسڻ جو موقعو مليو، جن جو هو مختصر ذڪر به ڪندو هليو آهي. “هالينڊ” ملڪ جي “هيگ” شهر جو احوال ان وقت هن ريت لکي ٿو:

        “هيگ”، هالينڊ جو ننڍو پر مشهور شهر آهي، 19 صديءَ جي آخر کان وٺي هن ۾ ڪيتريون ئي بين الاقوامي ڪانفرنسون ٿيون آهن. سچ ته بين الاقوامي تاريخ ۾ “هيگ” کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن وقت به بين الاقوامي ڪورٽ جو مرڪز آهي. تازو هن ڪورٽ ۾ ايران ۽ انگلينڊ جي مسئلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي هن ڪورٽ جي جاءِ، جنهن کي “امن جو محلات” سڏيو ويندو آهي. هي عاليشان عمارت آهي، جنهن جي تيار ڪرڻ ۽ سينگارڻ ۾ دنيا جي هر هڪ ملڪ حصو ورتو آهي. گانڌيءَ جو بت ڏٺوسون. ڪي ڳالهيون قومي احساس کان دل ۾ اڀري آيون ۽ افسوس ٿيو، خاموشي بهتر نظر آئي”[273].

·         ثقافتي جھلڪيون:

        سيد غلام مصطفيٰ شاهه مغربي معاشري جي انفرادي توڙي اجتماعي نوعيت واري تهذيب ۽ ثقافت تي به روشني وڌي آهي، جنهن جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

        “ماڻهن جي تهذيبي ۽ تمدني زندگيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگھجي ٿو ته اتي نه فقط وڏيون ڪلبون آهن، بلڪ اتي ڪجھه ننڍا گروهه ڪن خاص چيزن ۾ دلچسپي رکندڙن جا به موجود آهن، انهن ۾ مباحثه، تفريحي دلچسپيون، تقريرون، تعليمي فلمون، سياسي نڪتچينيون، ساز سرور سان دلچسپي، مذهب مان واقفيت، قومي ۽ بين الاقوامي معاملات کان باخبري وغيرهه شامل آهن. جنهن ۾ سڀ ڪو حصو وٺي سگھي، جي ڌار ڌار ڪمن ۾ مصروف آهن. پر انفرادي طرح دلچسپين جا دلدادهه آهن. اهي به هڪ هنڌ سوسائٽي ٺاهي گڏ ٿيندا رهن ٿا. اهڙي طرح هر طبقي ۽ هر پيشي جا انسان پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ کي وڌائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ملن ٿا ۽ انهن ۾ رغبت پيدا ٿئي ٿي”[274].

·         تفريحي مواد:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ ڪيترن ئي تفريحي جاين ۽ سير سفر جي مرڪزن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، هن هيٺ “آزادي جي پتلي” جو احوال سيد صاحب هن ريت ڏنو آهي:

        “اچو ته توهان کي “آزادي جي پتلي” ڏانهن وٺي هلان. اسين ڏکڻ فيري، تان ٽڪيٽ وٺي، جهاز ۾ چڙهياسون. وياسون هڪ ٻيٽ تي، تقريباً 25 منٽن جو سفر هو. هن ننڍڙي ٻيٽ کي نهايت ئي خوبصورت رکيو ويو آهي. “فريئر هال” جي ڇا مجال.هلياسون اڳتي، ڏينهن سٺو هو، ۽ ماڻهن جا هجوم هئا، بس رڍن واري واڙ پري کان ڏٺيسون. آزادي هڪ عورت جي شڪل ۾ ٺهيل پتلو آهي. ويجھو ويندا وياسون، عمارت حيرت انگيز آهي. پاڙ وٽ پهچي لفٽ ۾ چڙهياسون. هي پتلو اٽڪل 186 فٽ مٿي آهي. سندس هڪ هٿ ۾ مشعل آهي. جڏهن پتلي جي پيٽ ۾ پهتاسون ته لفٽ ڇڏيوسين ۽ اسان جي 186 ڏاڪن تي وري ٽنگن کي استعمال ڪيو ۽ بلڪل انهيءَ مشعل جي چوڌاري ڪناري تي پهتاسون. هڪ ڳالهه جو خيال رکو. هي پتلو خالي ڊڍر اٿو ڊڍر، آزاديءَ جو پتلو آهي ڇا ٿا سمجھو”[275].

ٻولي:

خطن جي هن مجموعي جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته فاضل ليکڪ عام فهم ۽ سليس ٻولي استعمال ڪئي آهي، ليکڪ پاڻ استاد آهي، ان ڪري سندس اسلوب ۾ به ناصحانه رنگ ۽ ڍنگ نظر اچي ٿو. شاهه صاحب عوامي ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان ڪري سندس تحرير منفرد مقام رکي ٿي. هن دقيق ٻوليءَ کان پاسو ڪيو آهي. سادي ۽ سلوڻي، پياري ۽ نياري ٻولي ڪم آڻڻ لاءِ ڪيترن ئي پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي استعمال ڪيو آهي، جيئن:

“مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ”، “قهر درويش برجان درويش”، “ٽڪو ڏنو ٻرو ڇنو”، “ڪٿي چور سڃان ته ڪٿي ڍور سڃان”، “مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو” ۽ “مِروان موت ملوڪان شڪار”.

سندس ٻولي جو اسلوب هيٺ ڏجي ٿو:

“لوگاتو” ۾ منهنجا انگريز ۽ سئز همسفر لهي ويا ۽ ٻه اٽالين عورتون اچي چڙهيون، انگريزي ٻولي ٻنهي مان ڪنهن کي به نه ٿي آئي ۽ مون خاموشي سان سندن گفتگو ويٺي ٻڌي. سائين ٻه عورتون گڏجن ۽ خاص طرح ان فضا ۾ جنهن ۾ مرد بي زبان ۽ بيڪار، ته پوءِ سندن زبان کي ڪير روڪي. بس اچي جو ڳالهائڻ ۾ ڇٽيون ته خدا جي پناهه. واري واري سان ڳالهائين ۽ وري ٻئي گڏ ڳالهائين. بس اُپساهي ۾ پئجيو وڃن. منهنجي ڪا پرواهه نه هين. فقط وقت تي ٻنهيءَ مان هڪ يا ٻنهي ڏانهن رحم جي نظر سان نهاري ٿورو مشڪي، وري ڳالهائڻ شروع ٿي ڪيو. مون غريب سان هي ظلم ستين بجي کان وٺي ساڍي نوين بجي تائين رهيو. جيسين آئون “اٽلي” جي مشهور شهر “ملان” تي پهتس. گاڏي سڌي روم وڃي رهي هئي. مگر رات جو سفر لاءِ منهنجو گاڏو ٻيو هو. سو هي گاڏو ڇڏي هن جي زبان کان آزادي حاصل ڪيم. کين مهربانيءَ جا لفظ چيم جنهن تي ڏاڍو خوش ٿيون”[276].

مقصديت:

        مطالعي هيٺ آيل ڪتاب فن توڙي فڪر جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. اسان جي سنڌي ٻولي ۾ سير سفر تي ڪتاب گھٽ لکيا ويا آهن. خطن جا مجموعا ته ڄڻ لکيا ۽ ڇپيا ئي نه آهن. ان ڪري هي ڪتاب انهن ٻنهي ڳالهين کان وڏي اهميت رکي ٿو. ڇو ته هن ڪتاب ۾ انهن ٻنهي ڳالهين ڏانهن توجھه ڏنو ويو آهي.

        فڪري نقطه نگاهه کان، ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو. فاضل ليکڪ ڪيترن هنڌن تي فلسفانه انداز سان ويهي گوهر افشاني ڪئي آهي ۽ عقل جون ڳالهيون ڪيون اٿس. هن ڪتاب جو سڀ کان اهم مقصدي پهلو هي آهي ته، فاضل ليکڪ جيئن جيئن سفر ۽ سير ڪيو، نوان شهر ۽ ملڪ ڏٺا ۽ اتان جي حالتن جو جائزو ورتو. تيئن تيئن هن انهن واقعن، ڳالهين ۽ حالتن کي سنڌ جي حالتن، واقعن ۽ ڳالهين سان ڀيٽي پنهنجي راءِ ڏني آهي. جيڪا پڙهندڙ لاءِ فڪر جو سامان مهيا ڪري ٿي. آخر ۾ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي علم ادب ۾ “سير ۽ سفر” ڪتاب پنهنجي انفرادي حيثيت سان شامل ٿيو آهي.

صوفي دوست محمد ساجد “سرشاري”:

الف: تعارف:

صوفي دوست محمد ولد ولي محمد سمون جي ولادت 15 اپريل 1922ع تي ڪراچي ۾ ٿي. درگاهه جهوڪ شريف جي طالب هئڻ ڪري “صوفي” ۽ مرحوم سرشار عقيلي جي شاگرديءَ سبب “سرشاري” سڏائيندو هو. شاعري ۾ سندس تخلص “ساجد” هو[277].

        صوفي دوست محمد ابتدائي تعليم ملان اسڪول ۾ ورتي ۽ ان کان پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو، جتان ڪجھه عرصي کان پوءِ ڇڏي اچي “سنڌ مدرسه” ۾ داخلا ورتائين. انگريزي چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪن مجبورين سبب مدرسي کي خيرباد چيائين ۽ پوءِ مختلف فرمن ۾ نوڪريون ڪيائين، سنڌ گورنمينٽ پريس ۾ فرسٽ گريڊ ريڊر رهيو[278]. صوفي مزاج رکندڙ هو. درگاهه جهوڪ جي گادي نشين عبدالستار (اول) جي وڏي خليفي نصير فقير جلالاڻي جو دستِ بيعت مريد به ٿيو. 16 آگسٽ 1996ع تي ڪراچي ۾ فوت ڪيائين، سندس وصيت موجب کيس درگاهه جهوڪ شريف جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.

ب: مدرسي جو اثر:

        صوفي دوست محمد “ساجد” سرشاري، سنڌ مدرسي جو انهيءَ وقت شاگرد هيو، جڏهن سنڌ جي پنهنجي نئين سر صوبائي آزادي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. اهڙين حالتن سنڌ مدرسي کي متاثر ڪيو، جنهن کان خود مدرسي جا شاگرد به پاڻ نه بچائي سگھيا. صوفي دوست محمد “ساجد” انهيءَ وقت ڦوهه جواني ۾ قدم رکي چڪو هيو ۽ سندس جذبا توڙي امنگ به جوان هئا، پاڻ مدرسي جي ڊبيٽنگ سوسائٽي جي گڏجاڻين ۾ باقائدگي سان شرڪت ڪندو هيو. جن سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏني. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي هڪ بهترين شاعر ٿي پيو ۽ ساڳي وقت ادبي مجلسن توڙي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ جو شائق ٿي پيو[279]. آزادي جي جذبي سان سرشار هجڻ سبب علامه عنايت الله شرقي جي خاڪسار تحريڪ کان متاثر رهيو ۽ ان جو سرگرم ڪارڪن به رهيو. ان ئي جذبي تحت ساڍا ڇهه مهينا ملتان ۾ جيل به ڪاٽيائين.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        صوفي دوست محمد “ساجد” سرشاري هڪ بلند پايه شاعر هو. سندس زندگي جو گھڻو حصو علم دوستي ۽ ادب پروري ۾ بسر ٿيو آهي. پاڻ 1937ع کان وٺي علمي ۽ ادبي جماعتن سان وابسته رهيو. کيس “بزمِ نظامي”، “محرابِ ادب”، “محفلِ احباب”، “روحِ ادب”، “سنڌي ادبي سنگت”، “جميعت الشعراءِ سنڌ”، “بزمِ سرشاري” ۽ “بزمِ طالب الموليٰ” ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليس[280].

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

شاعري:

        علم ادب جي ميدان ۾ ڪيترائي قلم ڌڻي شهرت جي بلندين تي پرواز ڪندا نظر ايندا آهن، ته ڪي وري اوچي اڏار جي همت رکندي به پاتال ۾ ويهي علم ادب جي جواهرن کي جرڪائڻ جي جدوجهد ۾ مگن رهن ٿا. صوفي ساجد به اهڙي گم نامي جي سمنڊ ۾ غرق رهيو.

        ساجد کي نج سنڌي گھراڻي جي ماحول ۾ “درگاهه عاليه جھوڪ شريف” جي فيض سندس طبيعت ۾ عجيب رنگ ڀري ڇڏيا آهن. جيڪو اثر سندس شاعري تي به نظر اچي ٿو. پاڻ پنهنجي ادبي ڄمار جي ابتدا کان وٺي مختلف علمي توڙي ادبي تنظيمن، جماعتن، ادارن ۽ گڏجاڻين سان وابسته رهيو آهي. هن ادب جي ميدان ۾ شعر و شاعري تي اڪتفا ڪئي آهي.

        ساجد “سرشاري” بنيادي طور تي هڪ صوفي منش هو. انهيءَ ڪري سندس عقيدا رنگ، نسل جي زنگ ۽ ذات پات جي مرض کان اعليٰ ۽ آجا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عالمي امن، انسانيت جو فلاح ۽ بهبود سندس شاعري جا مستقل موضوع آهن.

        تصوف نه رڳو روزي نماز، حج يا زڪوات جي پابندي جو نالو آهي، بلڪ اهو انسان دوستي، محبت ۽ ميٺ، پيار ۽ پريت جو ٻيو روپ به آهي. انهيءَ ڪري تصوف ۽ عشق کي علحدهه ڪري نٿو سگھجي. صوفي صاحب عشق ۽ پنهنجي ذات تي روشني هيئن وجھي ٿو:

عشق ڇا هي مبادلو آهي
دل سان دل جو معاملو آهي
منهنجو الفت ئي مشغلو آهي
ڪيئن ڪنهن سان مجادلو آهي

        صوفي ساجد پنهنجي اُمنگن، جذبن ۽ تحريرن ۽ مشاهدن جي روشني ۾ جيڪي عشق جون لاهيون ۽ چاڙهيون ڏٺيون آهن، تنهن ذري پرذي جو ذڪر پنهنجي عشقيه شاعريءَ ۾ ڪيو اٿس. هن جي اهڙي شاعريءَ ۾ تغزل جو رنگ ضرور نظر اچي ٿو. پر ڪيترن شاعرن جيان بازاري عشقيه شاعري نه ڪئي آهي. هن جي عشقيه شاعري ۾ سڄڻ جي سُونهن سان گڏ عاشق جي عزتِ نفس جا چٽا ثبوت ملن ٿا.

سڏي جي لوڪ سارو مون کي ديوانو ته ڇا ٿيندو
ڏنم جي مئڪدي لئه سر جو نذرانو ته ڇا ٿيندو

        هن پنهنجي عشقيه شاعري کي سنڌ جي رومانوي داستانن جي تمثيلن سان به بيان ڪيو آهي. ڏسو ته سسئي جي روپ ۾ ڇا پيو چوي:

ٻاجھه مان ٻانهين ڏنيون ٿي جنهن کي لک لک لوليون
سا ڇپر ۾ کائي پئي ڇوري ڇني ٿي ڇوليون
زوري زور آور کڻي ويا، مون پنهون پرڏيهه ڏي
ڪيچن هڏ ڪين مڃيون مون جھليون جھوليون

        صوفي صاحب جي قومي شاعري جو رنگ به عجيب آهي. هو پنهنجي ڌرتي جي تعريف سان گڏ ڌرتيءَ وارن دل گھرين جي تعريف به ڪري ٿو. مشاهير سنڌ کي معتبر ڄاڻي ٿو، عالمن ۽ اديبن جو احترام ڪري ٿو. صوفين ۽ بزرگن جا ڳڻ ڳائي ٿو:

جذبه حُب وطن جي ٿو ڪري ايثار شاهه
مارئي جي سر ۾ ان جو ڪيو اظهار شاهه
فرقه بندي، بغض ڪيني کان هو بيزار شاهه
امن عالم لئه رهيو ٿي برسر پيڪار شاهه
وقت، اي ساجد عروج آدميت لئه رهيو
آدميت جو حقيقي هو عَلم بردار شاهه

صوفي صاحب پنهنجي ساڻيهه جي ثنا هن ريت ڪري ٿو:

منهنجي ساڻيهه تي فضل حق جو ڇانيل ڇپر آهي
منهنجي ساڻيهه مان ڏاتر ٿڏي ڪڍيو ڏڪر کي
منهنجي ساڻيهه مان مهراڻ مٺڙي جو گذر آهي
منهنجي ساڻيهه ان لئه شان ۾ جنت کان ڪثر آهي
منهنجي ساڻيهه امن ۽ ڀائپي ۾ نامور آهي
منهنجي ساڻيهه پيار ۽ پرت جو پيغامبر آهي
منهنجي ساڻيهه جي زندهه رهڻ جو هي سبب آهي
منهنجي ساڻيهه رهيو سختين اڳيان سينه سپر آهي
منهنجي ساڻيهه جو هر هڪ گلستانِ صد رشڪِ جنت آهي
منهنجي ساڻيهه جو هر  هڪ سنگِ صد رشڪِ قمر آهي

        صوفي ساجد “سرشاري” جو ڪلام رڳو سُندر ۽ سُهڻن لفظن جي هيرا ڦيري نه آهي، پر اُهو جيئرن جاڳندڙن انسانن لاءِ هڪ عظيم پيغام آهي. هن جو ڪلام اندر جي اڌمن ۽ امنگن کي جاڳائي ٿو ۽ عمل جي دعوت ڏي ٿو:

ماڻبي ڪين منزل مقصود، جي ارادي ۾ آهي گھٽتائي
هن جهانِ عمل ۾ اي ساجد، ڪم نه ايندي خيال آرائي

        ساجد “سرشاري” تمثيلن ذريعي ڪيتري اندر جي آڳ اجھائي آهي، حالتن سان شڪوهه شڪايت ڪئي آهي ۽ ڏاڍي کي به ڏاڍيون ٻڌايون آهن:

سچن جو ساهه سختي سان سڪائيندي ته ڇا ٿيندو
ڀلارن ڀرجھلن تي ڀوءُ بڇائيندي ته ڇا ٿيندو

        فني نڪته نگاهه کان مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته صوفي ساجد بحر ۽ وزن جو ڀرپور خيال رکيو آهي. ترڪيبن ۽ استعارن جو موزون استعمال ڪيو آهي. دقيق ۽ ڏکين لفظن بدران آسان، سليس ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيا آهن، هن جي ڪلام ۾ سلاست، جدت، بلاغت ۽ جوش جون خوبيون گھڻي قدر نظر اچن ٿيون. سندس قطعا، غزل ۽ نظم موجودهه عروضي شاعري جو بهترين نمونو آهن. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

نظم

وهه وادي سنڌ آهي ٿي سبزهه زار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
۽ باغ علم و ادب ۾ ايندي بهار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
اسان جي عزت، اسان جي دولت، اسان جي ناموس جو سبب تون
جهان ۾ حاصل ٿيو اسان کي وقار، “مهراڻ” تنهنجي دم سان
بگھاڙ، نارو، پڃاري، جمڙائو، ميرواهه، کيرٿر، ڦليلي
وهن ٿا هت واهه اهڙا ڪي، بيشمار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
هو پاڪ چوٽيون هماليه جون ڳري رسن ٿيون جي سنڌ تائين
سو پاڪ پاڻي، اسين ٿا پيون، آبدار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
جهان مڃي ٿو ته سنڌ آهي جهان ۾ بيشڪ سکي ستابي
ٿيو آب وارو وطن سندم آبيار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
ڏسڻ جي چاهي، ڏسي وڃي ڪوبه منڍ جمڙائو جا نظارا
هي سنڌ ۾ ٿيو بهار اندر بهار “مهراڻ” تنهنجي دم سان
قدم قدم تي هزارين ٻيلا، هزارين پوکون هزارين غنچا
ٿيو گلشن سنڌ سارو ئي لاله زار، “مهراڻ” تنهنجي دم سان
هيءُ چوڻ ۾ وڌاءُ تِر جو ڪڏهن به “ساجد” ڪيو نه آهي
اسان جو سرسبز شاد آهي ديار “مهراڻ” تنهنجي دم سان[281]

 

علي نواز وفائي:

الف: تعارف:

محترم علي نواز وفائي، سنڌ جي مشهور ۽ معروف، علمي ۽ ادبي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو. ضلعي سکر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ڳوٺ نبي آباد (کٿين) جي ڀٽين جي خاندان وقت جا وڏا حڪيم، حافظ، عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا آهن، جيڪي درس تدريس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جا به ماهر ٿي گذريا آهن اهي عزت ۽ احترام ڪري “آخوند”، “ميان جي” ۽ “خليفه” جهڙي نالن سان سڏيا ويندا هئا[282].

        علي نواز وفائي جو جنم 24 مئي 1925ع تي نامور عالم، اديب ۽ صحافي مولانا دين محمد وفائي جي گھر سکر شهر ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم سکر ۾ ئي ورتائين، جنهن کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ نوشهري فيروز جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان پوءِ 1938ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ ٻئي درجي جي انگريزي پڙهڻ لاءِ ويٺو[283].

هڪ سال کان پوءِ پنهنجي والد بزرگوار جي مرضي مطابق “مدرسة الاسلام” کي ڇڏي[284] “انڊهڙپور” تعلقي پني عاقل جي اسڪول ۾ فائنل جي تياري ڪري اهو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ والد جي صُحبت ۾ رهڻ لڳو. سياست سان به وابسته رهيو 1991ع  ۾ وزيرِ اعليٰ سنڌ جو صلاحڪار به رهيو. 28 مئي 2000ع تي وفات ڪيائين.

ب: مدرسي جو اثر:

        علي نواز وفائي صاحب هڪ سال لاءِ “سنڌ مدرسة الاسلام” جو شاگرد ٿي رهيو، پر سنڌ جي هن علمي، ادبي تعليمي اداري مٿس گھرو اثر ڪيو پاڻ سنڌ جي نامور عالم، اديب، ايڊيٽر ۽ سياستدان جو فرزند هو، سندس تعليمي ۽ تدريسي رهبري ۽ رهنمائي سندس استاد به ڪندا هئا[285]. استادن کيس پنهنجي پيروڪار بنائڻ بدران پاڻ جهڙي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جناب اي - ڪي بروهي ۽ عبدالمجيد عابد سندس استاد هئا، پر اڄ انهن جي ئي صف ۾ کيس شمار ڪيو وڃي ٿو.

        ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته علم دوستي ۽ ادب پروري جا ڳڻ کيس پنهنجي والد مولانا دين محمد وفائي جي صحبت ۽ تربيت مان مليا، پر “سنڌ مدرسة الاسلام” کيس انهن ڳڻن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ مدد ڏني. پاڻ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي شاگردي واري زماني ۾ مدرسي جي هرهڪ نصابي ۽ غير نصابي عمل ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو ۽ اها ڪارڪردگي ئي اڳتي هلي سندس زندگي جو انمول ورثو بڻجي پئي.

ج: علمي ۽ ادبي خدمتون:

        مولانا دين محمد وفائي جيڪو علم ۽ ادب، مذهب ۽ صحافت ۾ ٻج ڇٽيو، سندس پُٽ انهيءَ ٻج کي ٻوٽي جي صورت ۾ ڏٺو ۽ انهيءَ جي سنڀال ڪندو رهيو. وفائي صاحب دونهي دکائي پنهنجي وڏن جي ورثي ۽ سنڌ مدرسي جي اثر کي پنهنجي سموري حياتي سيني ۾ سانڍيو ۽ سنڀاليندو رهيو. اهوئي سبب آهي جو 1950ع ۾ جڏهن سندس والد الله کي پيارو ٿيو ته پاڻ سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي، اصلاحي، اخلاقي ۽ تبليغي ماهوار رسالي “توحيد” جو ايڊيٽر ٿيو. پاڻ پورا ٽي سال “توحيد” کي هلائيندو رهيو. پر ڪن مجبورين سبب کيس رسالو بند ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ هفتيوار “آزاد” جاري ڪيائين، جيڪا ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ ۾ پنهنجي معيار ۽ پاليسيءَ سبب مشهور ٿي ويئي. پاڻ سنڌ مدرسة الاسلام جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جو به ميمبر رهيو[286].

        وفائي صاحب هڪ بي باڪ صحافي آهي ۽ ان سان گڏ سٺو مضمون نگار به آهي، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1.  سورهين ڏانهن سنيهو

2.  پلئه پايو سچ

3.  رتي جي رهاڻ

4.  يادگار مولانا دين محمد وفائي (سوانح حيات)

5.  وفائي جا خط

6.  ٻه ڪوڙ

د: علمي ۽ ادبي خدمتن جو تنقيدي جائزو:

ڪتاب “پلئه پايو سچ” جو جائزو:

تعارف:

اهو سورنهن آنا سچ آهي ته: “قلم، تلوار کان وڌيڪ تاثير رکي ٿو”. دنيا ۾ انسان لاءِ جا وڏي ۾ وڏي قوت ٿي سگھي ٿي، اها قوت آهي قلم. قلم ڌڻي انهيءَ قوت وسيلي قومن جون تقديرون پئي بدلايون آهن ۽ اها ريت ۽ روايت ڪائنات جي آخرين ڏهاڙي تائين قائم ۽ دائم رهندي. سنڌ به ڪيترائي اهڙا قلم ڌڻي پيدا ڪيا آهن، جن جا شاهڪار نه رڳو اسان جي ادبي تاريخ ۾ا هم مقام به والارين ٿا، پر معاشري جو صحيح ۽ چٽو پٽو عڪس به پيش ڪن ٿا. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “پلئه پايو سچ” به اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي. هي ڪتاب محترم علي نواز وفائي صاحب جو لکيل آهي. ڪتاب جو تفصيلي تنقيدي جائزو هن ريت آهي:

مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “پلئه پايو سچ” جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هفتيوار “آزاد” ڪراچي جي ايڊيٽوريل ۽ مضمونن جي صورت ۾ اچي چڪو آهي. فاضل ليکڪ ۽ مرتب انهن مضمونن کي گڏي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي. ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي جملي 106 مضمون ڏنا ويا آهن. اهي موضوع علم ادب تي به لکيل آهن ته سياست تي به، اخلاقيات به ڪيترن مضمونن جو موضوع آهي ته سماجي مسئلا ۽ مامرا به. مکيه موضوعن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

·         علم ادب سان واسطو رکندڙ مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ڪيترا مضمون جهڙوڪ “سنڌ جون هفتيوار اخبارون”، “اسان جي ٻاجھاري ٻولي”، “موجودهه حالتون ۽ صحافت”، “اسان جي ادب جي عجيب اوسر”، “ڪن پريسن، ڪجھه ڪتابن ۽ ڪيترن رسالن تي بندش”، “اخبارن جا احوال”، “علمي ۽ ادبي ادارا”، “سنڌي ادب ۽ تنقيد”، “سنڌ جا ڊپٽي ڪمشنر پڙهن”، “اديب ۽ وقت جي گھرج”، “موجودهه ادب” ۽ “سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسي” اهڙا مضمون آهن، جن جو واسطو سنئون سڌو اسان جي ادب سان آهي. انهن مضمونن ۾ وفائي صاحب گھڻو تڻو وقتي ادبي مسئلن کي هٿ ۾ کنيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي جيڪي هن وقت مسئلا درپيش آهن. انهن جو مثال اسان کي پنهنجي پوري تاريخ ۾ ملي نٿو سگھي. انگريزن جو راڄ هو ۽ هندن جو تسلط هو. ته به جيڪڏهن ٻوليءَ لاءِ ڪو سنگين مسئلو پيدا ٿيندو هو ته اهو “اعرابن جي مسئلي” کان مٿي نه ويندو هو. اڄ جڏهن اهي غير به ڪونهن تڏهن ڪو زبان جو دشمن بڻجي ٻوليءَ جي خاتمي آڻڻ لاءِ ناپاڪ ڪوششون ڪري ٿو، ته ڪو سنڌي ادب جي ترقيءَ جو ساڙ نه سهي “سنڌالاجي” کي باهه ڏئي ٿو. نه صرف ايترو پر سنڌي ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ پريسن تي بندش به هن ئي دور ۾ پوي ٿي ته ٻوليءَ جا بل به اسان جي ئي اکين اڳيان رد ٿين ٿا. اهڙين حالتن ۾ اسان جي اديب کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ اسان جي ادارن کي ڪيئن منظم ٿيڻ گھرجي. ان کان سواءِ ساڳي حالتن ۾ صحافت کي ڇا ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ سرڪار کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ انهن سمورين ڳالهين تي وفائي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

       هن موضوع تي لکيل سندس هڪ مضمون مان اقتباس ڏجي ٿو:

“صحيح ادب، پنهنجي معاشري ۾ وڏي عزت منزلت جو مقام رکي ٿو، هو پنهنجي سوچ سمجھه، دانشمندي ۽ دورانديشيءَ ڪري موجودهه ماحول ماضيءِ جي واقعات ۽ ايندڙ حالتن جو جائزو وٺي، پنهنجي قلم جي زبان سان سماج جي برائين ۽ بڇڙائين کي پنهنجي فنڪارانه انداز ۾ بي نقاب ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي دور ڪرڻ جا طريقا ۽ اپاءَ پڻ ڏسيندو رهندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو سچو اديب توڙي فنڪار معاشري جي حساس ترين طبقي جو فرد هوندو آهي ۽ سندس اها حساس طبع کيس ظلم ۽ زور، ڏاڍ ۽ زبردستي، معاشي غير برابري ۽ سماجي ناانصافيءَ جي خلاف قلمي جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. سندس دل جو دامن هميشه ئي ڪنهن دردمند ۽ دکي انسان جي لڙڪن اگھڻ لاءِ کليل هوندا آهن”[287].

·         سماجي موضوع سان واسطو رکندڙ مواد:

وفائي صاحب  به ڌار ڌار موضوعن تي ڪجھه مضمون لکيا آهن. جن ۾ “اسان جو معاشرو”، “سنڌ جا رشوتي ۽ رساڪار ڪامورا”، “زر زور، بي زر ۽ بي زور”، “پراين پرن تي پرواز ۽ ٽان ٽان فش”، “پورهيت طبقو ۽ تعليم”، “معاشري تي بد نما داغ”، “معاشرو ۽ سچو فنڪار” جهڙا مضمون قابل ذڪر آهن.

       وفائي صاحب اِهي مضمون لکي ڄڻ هن سڙيل سماج ۽ ان جي ڪوڙي ملمع سازي کي بيداري سان ويهي، قلم کي ڪاتي بڻائي، وڍيو ۽ ٽڪيو آهي، سندس هڪ مضمون مان اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:

“موجودهه دور ۾ جڏهن هڪ طرف سائنس ۽ تعليم جي ترقي ۽ واڌاري، سوين سهولتون پيدا ڪري دنيا کي انسان ذات لاءءِ جنت بنائي ڇڏيو آهي، تڏهن ٻئي طرف سرمائيداري جي وڌندڙ جنون انسانن جي هڪ وڏي حصي جون زندگيون غمن ۽ گوندرن ۾ گڏي ڇڏيون آهن ۽ انسانيت ايڏي ته تباهي ۽ تنزل ۾ اچي چڪي آهي، جنهن جو اڄ کان ٻه سو سال اڳ جو انسان شايد تصور به نٿو ڪري سگھي.

        بک، بيماري، بدحالي، بيروزگاري، افلاس ۽ ڪسمپرسي انسانن کي مختلف بڇڙاين ۽ ڏوهن ڏانهن مائل ڪندڙ عيب آهن ۽ بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اهي عيب پوري اوج ۽ عروج تي آهن.

        ڪارخانيدارن، صنعتڪارن، زميندارن، زردارن، واپارين ۽ وڻجارن، تنهن بعد سرڪاري رشوتخورن آفيسرن ۽ عملدارن جو هڪ ننڍڙو طبقو آهي جيڪو ڪروڙين انسانن کي مختلف حيلن سان پٽي پيڙهي پورو ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف پاڻ آهن جي وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن ڦوڪبا ۽ ڦنڊبا”[288].

·         سياسي موضوع سان واسطو رکندڙ مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب “سنڌ جا سوداگر”، “وقت ۽ قومون”، “سياسي مجاورن جي درگاهن جا دلال”، “سنڌ جي وزارت”، “سنڌ جا مسئلا ۽ اسيمبلي جا ميمبر”، “ڌرتي سان پيار”، نج سياسي مضمون آهن، جن ۾ فاضل مضمون نگار نه صرف موجودهه سياسي حالتن جو ويهي عڪس چٽيو آهي، بلڪ سياسي ناسور جي دوا به ٻڌائي آهي.

       وفائي صاحب جي هڪ مضمون مان اقتباس ڏجي ٿو:

“سنڌ جي سياهه بختيءَ تي جيترو به ماتم ڪجي اوترو گھٽ آهي. پنهنجن ۽ پراون جيترا به سنڌ ۽ سنڌين سان ڪلور ۽ ڪِيس ڪيا آهن، تن دردن جي داستان کي ڪهڙي زبان ۽ ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي، مون سنڌ جي وڏن سُورمن ۽ سياستدانن جي طبيعتن ۽ خلوص جو نهايت ئي قريب ويهي مطالعو ڪيو آهي ته ڏسڻا وائسڻا رهبر ۽ رهنما زندگي جي ڪاروان جي هر قدم ۽ هر منزل تي رهزن نظر آيا آهن. يعني پهريائين مطلب ۽ مقصد پنهنجو، ان بعد ملڪ ۽ قوم، سنڌي ويچارو نهايت ئي سادو سودو، سٻاجھڙو ۽ سنئون سڌو مگر سندس ليڊر الامان والحفيظ!

        هر ملڪ ۽ قوم جا ليڊر بهترين پر عوام اڙانگو، صرف سنڌ ئي آهي جتان جو عوام فرمانبردار ۽ ليڊر انڊلٺ”[289].

        اهي ته هئا مکيه موضوع جن تي وفائي صاحب ويهي تفصيل سان لکيو آهي. ڪتاب ۾ انهيءَ کان سواءِ باقي ٻين ننڍن توڙي وڏن موضوعن تي به لکيو ويو آهي.

ٻولي:

ورهاڱي کان پوءِ جي مضمون نگارن ۾ وفائي صاحب هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هو پنهنجي خاص طرز ۽ اسلوب جو مالڪ آهي. هم معنيٰ ۽ هم آواز لفظن جو استعمال، موقعي مهل تي پهاڪن ۽ اصطلاحن کي ڪم آڻڻ ۽ ٻولي کي مشڪل لفظن کان پاڪ رکڻ، سندس تحرير جون خاص خوبيون آهن. اهي خوبيون هن ڪتاب ۾ به نظر اچن ٿيون.

        ٻوليءَ جي اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

“زميندارن جا ظلم، وڏيرن جا ويل، پيرن جي پٽ کوهه، مرشدن جون ڪانيون ڪرامتون، ڪامورن جا قهر، پوليس جا پادر، وڪيلن جا وروڪڙ، ڪورٽن جو ڪاروايون، فيصلن جا ڦندا، ڏي وٺ جا ڏولاوا، آخر سنڌي مسلمان عوام ڪاڏي وڃي. سندس ڪوبه ڌڻي سائين، راکو رکپال ۽ والي وارث ڪونه رهيو آهي”[290].

مقصديت:

        “علي نواز وفائي جي تحرير ۽ عبارت آرائيءَ جي جمال سان گڏ، تنقيدي جلال، حسن آفرينيءَ سان گڏ نڪته طرازي، شگفتگي سان گڏ تلخي، سادگيءَ سان گڏ نشتر زني، حقيقت آميز ڪڙائي سان گڏ مزاحيه نمڪيني، پراڻن زخمن تي مرحم سان گڏ نمڪ پاشي. ديسي صاحب لوڪن جي رونمائي ۽ نقاب ڪشائي ۽ ان سان بي علم مُلن ۽ مولوي، بي شعوري پيرن ۽ فقيرن، وطن دشمن ليڊرن، سياسي گرگن، بي ضمير اميرن ۽ وزير، ذخيرهه اندوز ۽ سٽي باز منهن ڪارن واپارين جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي لاک لاهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي اٿس”[291].

حوالا ۽ حاشيا


1 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1966ع، ص-186.

[2] See: General Register no.2, of Sind Madressahtul Islam, Karachi G.R.No: 348.

[3] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1906-07, P-4.

4 معلومات جناب جمال ابڙو پٽ علي خان ابڙي کان 25 جنوري 1974ع تي ورتي وئي.

5 اياز قادري: مرحوم علي خان ابڙو، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، ڊسمبر 1954ع، ص-23.

6 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-28.

[7] See: Sind Madressah, Karachi, Sind Madressahtul Islam, December, 1907, P-20.

8 علي خان ابڙو: اسلام ۽ ترقي، لاڙڪاڻو، کٽڻ مل بڪ سيلر، 1935ع، ص-11.

9 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1966ع، ص-186.

10 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974، ص-141-142.

11 اياز قادري: مرحوم علي خان ابڙو، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، ڊسمبر 1954ع، ص-10.

12 علي خان ابڙو: پيسٽالازي، حيدرآباد، سنڌ پبلشنگ هائوس، 1925ع، ص-37-38.

13 علي خان ابڙو: پيسٽالازي، حيدرآباد، سنڌ پبلشنگ هائوس، 1925ع، ص-57-58.

[14] See: General Register No: 2 of Sind Madrissahtul Islam, Karachi G.R.No:427.

[15] See: General Register No: 2 of Sind Madrissahtul Islam, Karachi G.R.No:427.

[16] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1909-10, P-29.

[17] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1909-10, P-28.

[18] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1910-11, P-5

[19] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1910-11, P-6.

20 ڏسو: مهراڻ جا ماڻڪ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، سال ؟، ص-11.

21 مخدوم محمد امين ڀٽي: مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، (مقالو)، نئين زندگي، ڪراچي، مئي، 1954ع، ص-15.

22 مخدوم محمد امين ڀٽي: “مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي”، (مقالو)، نئين زندگي، ڪراچي، مئي، 1954ع، ص-15.

23 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا:  سنڌي نثر جي تاريخ، (حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن 1966ع، ص-170)

24 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-20.

25 مخدوم محمد امين ڀٽي: “مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي”، (مقالو)، نئين زندگي، ڪراچي، مئي، 1954ع، ص- 20.

26 معلومات مخدوم محمد اشرف پٽ مخدوم محمد صالح ڀٽي کان 25-7-1976ع تي ورتي وئي.

27 معلومات مخدوم محمد اشرف پٽ مخدوم محمد صالح ڀٽي کان 25-7-1976ع تي ورتي وئي.

28 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-214.

29 غلام محمد گرامي:وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-20

30 شاعري، جناب محمد اشرف پٽ محمد صالح ڀٽي کان انٽرويو وسيلي 10-7-1976ع تي ورتي وئي.

31 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروسِ ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-6.

32 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروسِ ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-148.

33 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروسِ ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص -38.

34 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروس ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-2.

35 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروس ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-12.

36 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروس ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-1-2.

37 محمد صالح مخدوم محمد ابراهيم هالائي: عروس ڪربلا، حيدرآباد، محمد يوسف ائنڊ برادرس، 1956ع، ص-18.

38 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءَ سکر، سکر سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965ع، ص-148.

[39] See: Annual Examination file of  Sind Madrssahtul Islam  Karachi  for  the  year 1889-1900, P-2.

40 احسان الله ڀٽو: آغا غلام نبي صوفي، (مونو گراف - قلمي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ رکيل 31 مئي، 1965ع، ص-6.

41 احسان الله ڀٽو: آغا غلام نبي صوفي، (مونو گراف - قلمي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ رکيل 31 مئي، 1965ع، ص-9.

42 احسان الله ڀٽو: آغا غلام نبي صوفي، (مونو گراف - قلمي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ رکيل 31 مئي، 1965ع، ص-52.

43 معلومات جناب علي نواز شوق کان 28 مارچ 1978ع تي ورتي وئي (آغا عبدالغني جي لکيل مضمون تان).

44 احسان الله ڀٽو: آغا غلام نبي صوفي، (مونو گراف - قلمي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ رکيل 31 مئي، 1965ع، ص-7.

45 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءَ سکر، ، اسلاميه ڪاليج، 1965، ص-186.

46 يار محمد مسلم ٽانوري: سي لاهوتي لڏي ويا، ڪراچي، مڪتبه فروغ ادب،، 1946ع، ص-23.

47 يار محمد مسلم ٽانوري: سي لاهوتي لڏي ويا، ڪراچي، مڪتبه فروغ ادب،، 1946ع، ص-8.

48 غلام نبي خان “آغا”: دنيا دورنگي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع، ص-172.

49 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974، ص-172.

[50] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, G.R.No:172.

51 مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي: قرآن مجيد جا سنڌي ترجما، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جون، 1960ع، ص-11.

[52] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1919-20, P-7.

[53] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1935-36, P-11.

[54] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1946-47, P-20.

[55] See: Muster Roll of N.J.High School, karachi, for the year 1956-57

56 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، نمبر، 3-4، جلد، 10، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، ص-656.

57 مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي: قرآن مجيد جا سنڌي ترجما، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جون، 1960ع، ص-11.

58 معلومات قاضي غلام حسين ولد قاضي عبدالرزاق کان تاريخ 25-5-1976ع تي ورتي ويئي.

59 در محمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ حصو (پي-ايڇ-ڊي لاءِ مقالو)، 1978ع، ص-؟.

60 قاضي عبدالرزاق: اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال، ڪراچي، اورينٽل پبلشنگ هائوس، سال؟، ص-170.

61 قاضي عبدالرزاق: اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال، ڪراچي، اورينٽل پبلشنگ هائوس، سال؟، ص-171.

62 قاضي عبدالرزاق: اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال، ڪراچي، اورينٽل پبلشنگ هائوس، سال؟، ص-37.

63 قاضي عبدالرزاق: محنت جو ڦل، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، سال؟، ص-9-10.

64 قاضي عبدالرزاق: محنت جو ڦل، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، سال؟، ص-6-7.

65 بيدل مسرور بدوي: بيدل نامو، ڪراچي، مسرور پبليڪيشن سنڌ، 2000ع، ص 13.

66 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءِ سکر، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، سال 1965ع، ص-216.

[67] See: General Register No:2  of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, G.R. No: 1516, P-144.

[68] See: General Register No:2  of Sind Madrissahtul Islam, Karachi, G.R. No: 1516, P-144.

69 پروفيسر لطف الله بدوي: غلام علي “مسرور”، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 7، نمبر 2، فيبروري 1954، ص-6.

70 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-17.

71 عبدالواحد ابڙو: فقير غلام علي “مسرور”، (مقالو)، شڪارپور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوينئر. 1973،
ص- 79.

72 پروفيسر لطف الله بدوي: غلام علي “مسرور”، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 7، نمبر 2، فيبروري 1954، ص-8.

73 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءَ سکر، سکر سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965، ص-229.

74 بيدل مسرور بدوي: بيدل نامو، ڪراچي، مسرور پبليڪيشن سنڌ، 2000ع، ص 17-16.

75 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءَ سکر، سکر سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965، ص-229.

76 غلام علي “مسرور”، ڪراچي، نئين زندگي، جلد 7، نمبر 3، مارچ 1954ع =ص.13.

[77] See: General Register No: 3 of Sind Madrissahtul Islam, Karachi G.R.No: 1508, P: 77.

78 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسا8ئٽي، 1959ع، ص-1

79 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع، ص-100

[80] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, G.R.No: 1508, P-77.

[81] See: Annual report of Sind Madrssahtul Islam Karachi for the year 1917-18, P-22).

[82] Prof. L.H. Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S.College 1887- 1937, Part- II, Karachi, Educational Printing Press, 1939, P-1.

[83] Prof. L.H. Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S.College 1887- 1937, Part- II, Karachi, Educational Printing Press, 1939, P-1.

84 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع، ص-101

[85] See: Annual Report of Sindh Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1927-28, P-7.

86 سرور علي “سرور”: “مرحوم علامه دائود پوٽو منهنجو قابل فخر استاد”، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، جنوري 1959ع ص-12.

[87] Dr. Arif Shah Gilani: The Sage of Sindh, Karachi, 1963, P-5.

[88] See: Annual Report of Sindh Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1930-31, P-8.

[89] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi Sindh Madaressahtul Islam , Sep: 1930, P- 3.

[90] See: Pakistan Year Book & Who’s Who, Karachi, Kitabistan, 1949, P- 836.

91 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع ص-103.

92 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-660.

93 ڏسو: روزانه عبرت، حيدرآباد، مورخه 23 نومبر 1958ع، ص-1.

[94] See: Sindh Maderssah Chronicle, Golden Jubilee Number, Karachi, Sind Madressahtul Islam, (Massage) 1935, P- IV.

95 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع
ص-50 کان 54.

96 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع ص-53

97 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع ص-54

98 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (ڏهه ساله نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع ، ص-؟

99 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع ص-104.

100 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع ص-

101 ڏسو: عالمن جو آفتاب، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال 1961ع، ص-306.

-                ڊآڪٽر دائود پوٽي جي اڻڇپيل ڪتابن جي لسٽ ۾ شامل ڪجھ ڪتاب سنڌ جي ڪجھ اديبن، عالمن پنهنجي پاران نئين سر ترتيب ڏئي يا ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا جن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ٿيل اڻپوري ڪم جو ڪوبه حوالو نظر نه ٿو اچي. شايد ڊاڪٽر صاحب انهن ڪتابن بابت ڪم ڪرڻ لاءِ بنيادي خاڪا جوڙي رکيا هئا پر سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ اهي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيا. اهڙن ڪتابن ۾ شامل آهن.

1. ينابيع الحياة الابدية - مقدمو ۽ ايڊٽ: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو.

2. رسالو غلام محمد خانزئي، ترتيب ۽ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

3. ميين عيسيٰ جو ڪلام، مرتب: ممتاز مرزا.

ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي رهيل شاهه جي رسالي جي ڪم کان پوءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن مڪمل ڪيو جيڪو شايع نه ٿيو آهي.

102 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص-3.

103 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص-25-26.

104 ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي: مقدمه لطيفي، ڪراچي، ايجوڪيشنل پبلشنگ ڪميٽي، 1930ع، ص-115.

105 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص-25-26.

106 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص-27.

107 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص -27.

108 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص -2.

109 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: “منهاج العاشقين”، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1964، ص-3.

110 ڊاڪٽر دائود پوٽي جي هن تحقيق کان لڳ ڀڳ 30 سال پوءِ سنڌ جي هڪ نامياري اديب ۽ ڏاهي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “بيان العارفين و تنبيهه الغالفلين” تي Phd ڪئي ان کان سواءِ ميمڻ صاحب “ڪريم جو ڪلام” جي عنوان سان پڻ ڪتاب تحرير ڪيو جنهن ۾ شاهه ڪريم جي سوانح حيات، شاعري، بيتن جي تشريح ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون  ويون آهن. هي ڪتاب 1963ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو. ان کان سواءِ “بيان العارفين و تنبيهه الغافلين” جو سنڌي ترجمو تشريحي حوالن سان ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڪيو جيڪو اصل فارسي متن سان گڏ سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت طرفان سال 2002ع ۾ پڌرو ٿيو. 

111 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه: شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، بمبئي، قائميه پريس، 1937ع، ص-29-30.

[112] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No: 1499.

113 اسد الله شاهه اسد: تذڪرهه شعراء ٽکڙ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-163.

114 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه، شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، بمبئي، قائميه پريس، 1937ع، ص-29-30.

[115] See: Annual Report of Sindh Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1917-18, P-22.

[116] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S.College, Karachi 1887 to 1937, Educational Printinig Press, 1939, P-15.

117 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس 1960ع، ص-ب.

118 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1967ع، ص-252.

119 ڏسو: عالمن جو آفتاب، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي سال ؟، ص-136-137 (سيد ميران محمد شاهه جو مضمون، مرحوم علامه دائود پوٽه ۽ آئون)

120 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، 1959ع، ص-64.

121 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص- 174.

122 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-663.

123 معلومات جناب مولانا عبدالواحد سنڌي کان 25 مئي 1976ع تي ورتي ويئي.

124 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، جلد 16، نمبر 3، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع ص-9.

125 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-664.

126 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، سنڌ يونيورسٽي، 1960ع، ص- هه.

127 اسد الله اسد: تذڪرهه شعراء ٽکڙ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-176.

128 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، سنڌ يونيورسٽي پريس، 1960ع، ص-07.

129 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، سنڌ يونيورسٽي، 1960ع، ص- 01.

130 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، سنڌ يونيورسٽي، 1960ع، ص- 02.

131 سيد غلام رسول شاهه: ڪليات ميران، سنڌ يونيورسٽي، 1960ع، ص-88.

[132] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, G.R.No:1500.

133 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين (جلد ٻيو) حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1967ع، ص-348.

[134] See: General Register No: 3 of Sind Madressahtul Islam, G.R.No:1500.

[135] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, (Karachi, for the year, 1917-1918, P-22).

[136] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of D.J.S.College, 1887-1937, Part-II.

[137] See: Biographical Encyclopedia of Pakistan, Lahore Biographical Research Institute Pakistan, Edition, 1965-66, P-119.

138 معلومات سيد امداد حسين شاهه ولد سيد عطا حسين شاهه موسوي کان 15 جولائي 1976ع تي ورتي ويئي.

139 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1967ع، ص-349.

[140] See: Biographical Encyclopedia of Pakistan, Lahore Biographical Research Institute Pakistan, Edition, 1965-66, P-119.

141 جي-ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،1967ع، ص-350.

142 علامه عمر بن محمد دائود پوٽه: منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال؟، ص-58.

143 شيخ عبدالرزاق راز: “سيد عطا حسين شاهه موسوي”، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي جلد 19، نمبر 9، سيپٽمبر 1966ع، ص-21.

144 غلام محمد گرامي: وياسين وينجهار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ، ص-215.

145 ڊاڪٽر غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-139.

146 سيد عطا حسين شاهه “موسوي”: ڪچ ڪوڏيون، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ پريس 1958، ص- 91-92.

147 سيد عطا حسين شاهه “موسوي”: ڪچ ڪوڏيون، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ پريس 1958، ص-105.

148 مسرور “ڪيفي”: جديد شعراءِ سنڌي، ڪراچي، ادارهه فروغ ادب، 1964ع، ص-20.

149 ڏسو: مهراڻ جا ماڻڪ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، سال؟، ص-56.

150 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (شاعر نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص-49.

151 ايوب انصاري: ماڻڪ موتي لال، حيدرآباد، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي، 1977ع، ص-1.

152 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (شاعر نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص-1.

153 معلومات جناب ابراهيم خليل کان 14 نومبر 1977ع تي ورتي ويئي.

154 ايوب انصاري: ماڻڪ موتي لال، حيدرآباد، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي، 1977ع، ص-2.

155 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا؛ سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-63.

-                فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون، الف - ٻ)، حيدرآباد، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، 2009، ص 100.

156 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، جلد 18، نمبر 1-2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص-59.

157 شيخ محمد ابراهيم “خليل”: بلبل سنڌ، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، صدر بازار، 1951ع، ص-46.

158 شيخ محمد ابراهيم “خليل”: بلبل سنڌ، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، صدر بازار، 1951ع، 58-59.

159 شيخ محمد ابراهيم “خليل”: بلبل سنڌ، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، صدر بازار، 1951ع، 151-152.

160 شيخ محمد ابراهيم “خليل”: بلبل سنڌ، حيدرآباد، آزاد بڪ ڊيپو، صدر بازار، 1951ع، 165.

161 عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، حيدرآباد، سرهه ڪتاب، 1973ع، ص-214.

162 اسد الله شاهه اسد: تذڪره شعراء ٽکڙ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص-224.

163 See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year, 1919-1920, P-23.

164 لعل محمد: “آهه مراد علي ڪاظم”، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جنوري 1955ع، ص-3.

165 ميمڻ عبدالمجيد: تذڪره شعراءِ سکر، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965ع، ص-224.

[166] See: Sindh Madressah Chronicle, Sindh Madressahtul Islam, April 1917, P-13.

167 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-32.

168 غلام محمد گرامي: وياسي وينجھار، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع، ص-32.

169 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعرا سکر، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965ع، ص- 225.

170 ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: تذڪره شعراءِ سکر، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، 1965ع، ص- 226.

171 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، جلد 12، نمبر 3-4، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص - 31.

172 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-6.

[173] See: General Register No.3 of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No: 790.  

[174] See: General Register No.3 of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No: 790.

175 ڏسو: ماهوار پيغام، جلد 2، شماره 9، ڪراچي، سنڌ اطلاعات کاتو، جنوري 1978ع، ص - 30.

176 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات پبليڪيشن، 1944ع، ص 154.

177 ڏسو: ماهوار پيغام، جلد 2، شماره 9، ڪراچي، سنڌ اطلاعات کاتو، جنوري 1978ع، ص - 30.

178 ڏسو: ماهوار پيغام، جلد 2، شماره 9، ڪراچي، سنڌ اطلاعات کاتو، جنوري 1978ع، ص - 30.

179 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا، سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص 6.

180 احمد غلام علي چاڳلا: خوني، حيدرآباد، ٽئگور ڊراماٽڪ ڪلب، 1931ع، ص. 39-38.

181 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي نثر جي تاريخ، حيدرآباد، ادبيات  پبليڪيشن، 1944ع، ص 161.

182 احمد غلام علي چاڳلا، خوني، حيدرآباد، ٽئگور ڊراماٽڪ ڪلب، 1931ع، ص. 25.

183 معلومات جناب اسماعيل عرساڻي کان 2 اپريل 1978ع ۾تي ورتي وئي.

184 معلومات جناب اسماعيل عرساڻي کان 2 اپريل 1978ع ۾تي ورتي وئي.

185 معلومات جناب اسماعيل عرساڻي کان 2 اپريل 1978ع ۾تي ورتي وئي.

186 پوري معلومات جناب محمد اسماعيل عرساڻي کان 17 اپريل 1978ع تي ورتي وئي.

187 پوري معلومات جناب محمد اسماعيل عرساڻي کان 17 اپريل 1978ع تي ورتي وئي.

188 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص - 165.

189 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (شاعر نمبر)، جلد 18، نمبر 2-1، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص- 130-129.

190 محمد اسماعيل عرساڻي: بد نصيب ٿري، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص- 54.

191 محمد اسماعيل عرساڻي: بدنصيب ٿري، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص-18.

192 محمد اسماعيل عرساڻي: بدنصيب ٿري، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، ص-؟.

193 محبوب سروري: يار خاطر، هوسڙي، محفل سروري، 1959ع، ص-25.

[194] See: General Registet No.3 of Sindh Madressahtul Islam, G.R. No: 1579.

[195] See: Annual Report of Sindh Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1923-24, P-29.

[196] Prof. L.H. Ajwani: Golden Juiblee Book of the D.J.S.College, Karachi, 1887 – 1937, Educational Printing Press, 1939, P-19.

197 ڏسو: مهراڻ جا ماڻڪ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، سال ؟، ص - 84.

198 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-676.

199 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص -677.

200 سروري ڪيفي: جديد شعراءِ سنڌي، ڪراچي، اداره، فروغ ادب، 1964ع، ص-18.

201 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا، سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص-90.

202 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-676.

[203] See: Sind Madressah Chronicle, No.3 & 4, Vol. 1, Karachi, Sindh Maderessahtul Islam, November 1920, P-12.

[204] See: Sind Madressah Chronicle, No.1, Vol. 2, Karachi, Sindh Maderessahtul Islam, April, 1922, P-52.

205 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-678.

206 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (سوانح نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص-676.

207 ڏسو: مخزن، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، 1971ع، ص-22.

208 ڏسو: مخزن، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، 1971ع، ص-23.

209 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (ڏهه ساله خاص نمبر)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع، ص- 4- 20.

210 ڏسو: مخزن، هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، 1971ع، ص-23.

211 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974، ص-91.

212 سرشار عقيلي: “غزل”، سنڌ مدرسه ڪرانيڪل، ڪراچي، سنڌ مدرسة الاسلام، جون، 1927ع، ص-14.

213 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص-4.

214 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص- 30

215 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص-23.

216 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص-35.

217 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص-26.

218 حاجي الله بخش عقيلي: خالد بن وليد، ڪراچي، عزت خان مدد خان پريس، 1929ع، ص-1.

219 معلومات جناب حبيب الله “فڪري” کان انٽرويو وسيلي 20 مئي 1976 ع تي ورتي وئي.

220 معلومات جناب حبيب الله “فڪري” کان انٽرويو وسيلي 20 مئي 1976 ع تي ورتي وئي.

221 معلومات جناب حبيب الله “فڪري” کان انٽرويو وسيلي 20 مئي 1976 ع تي ورتي وئي.

222 ڏسو، مهراڻ جا ماڻڪ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، سال ؟، ص -112.

[223] See: General Register No.2, of Sind Madressahtul Islam, Karachi, G.R.No: 1548.

224 شيخ محمد اقبال: شيخ عبدالله “عبد”، (مضمون)، ڪراچي، روزنامه جنگ، 18 نومبر 1974ع، ص-2

225 شيخ محمد اقبال: شيخ عبدالله “عبد”، (مضمون)، ڪراچي، روزنامه جنگ، 18 نومبر 1974ع، ص-2

[226] See: Muster Roll of Training College for Man, Hyderabad, for the year 1941 – 42, P – 7.

[227] See: Muster Roll of Training College for Man, Hyderabad, for the year 1950 – 51, P – 19.

228 معلومات جناب عبدالحليم جوش پٽ شيخ عبدالله“عبد” کان 29 نومبر 1977ع تي ورتي ويئي.

229 ڏسو: روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، 27 نومبر 1973ع، ص-1.

230 هي معلومات جناب عبدالحليم جوش پٽ شيخ عبدالله “عبد” کان 29 نومبر 1977ع تي ورتي ويئي.

231 پروفيسر اياز قادري: مٽي لڌو مان، ڪراچي، رشيد ائنڊ سنس، 1974ع، ص-41.

232 در محمد پٺاڻ : ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو، (پي - ايڇ - ڊي لاءِ مقالو)، 1978ع، ص-415.

233 معلومات خط وسيلي حاصل ڪئي ويئي. (سندس ٻه خط مورخه 28 جون ۽ 11 جولائي 1978ع راقم الحروف وٽ محفوظ آهن.)

234 ڏسو: ماهوار الولي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، جون 1989ع، ص 4-3.

235 ڏسو: ماهوار الولي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، جون 1989ع، ص 4-3.

236 معلومات خط وسيلي حاصل ڪئي ويئي. (سندس ٻه خط مورخه 28 جون ۽ 11 جولائي 1978ع راقم الحروف وٽ محفوظ آهن.)

237 ڏسو: ماهوار الولي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، جون 1989ع، ص 4-3.

238 “حي” جي معنيٰ “جيئرو” ۽ “يقضان” جي معنيٰ “جاڳندڙ” يعني “جيئرو پٽ جاڳندي جو”.

239 غلام حسين جلباڻي: ڪاميابي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع، ص-46.

240 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1927ع، ص- 357.

[241] Prof. Amina Khamisani: Sindh’s Contribution English, Institute of Sindhology University of Sind, P - 51.

[242] Prof. Amina Khamisani: Sindh’s Contribution English, Institute of Sindhology University of Sind, P - 51.

243 معلومات جناب ابراهيم جويي کان تاريخ 8 مئي 1978ع تي روبرو ورتي ويئي.

[244] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1934 – 35, P – 21.  

245 معلومات جناب ابراهيم جويي کان خط وسيلي تاريخ 1-7-1978ع تي ورتي ويئي.

[246] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1938 - 39, P – 11.  

[247] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1939-40, P – 10.  

[248] See: Mint’s of Board of Sind Madressahtul Islam, Karachi, Book No. 5, P – 25.

[249] Prof. Ameena Khamisani: Sind’s Contribution English, Institute of Sindhology University of Sind, 1977, P - 52.

250 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1927ع، ص- 358.

251 معلومات جناب ابراهيم جويي کان خط وسيلي تاريخ 1-7-1978ع تي ورتي ويئي.

252 معلومات جناب ابراهيم جويي کان خط وسيلي تاريخ 8-5-1978ع تي ورتي ويئي.

[253] See: Chronicle of Sind Madressahtul Islam, Karachi, November, 1947, P-21.

254 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، جلد 16، نمبر 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص - 9.

255 ڏسو: سه ماهي مهراڻ، (ڏهه ساله نمبر)، جلد 14، نمبر 3-4، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع، ص 7-20.

256 فهميده حسين، ڊاڪٽر: سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد-1)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2009ع، ص 98.

257 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1974ع، ص- 44-50.

-                فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد اٺون، س 2)، حيدرآباد، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، 2013، ص 99.

-                تاج جويو: محمد ابراهيم جويو: تعارف، علمي، ادبي ۽ قومي خدمتون، ٽماهي مهراڻ، (محمد ابراهيم جويو نمبر)، جلد 3-4، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2014ع، ص 16-15-14.

258 محمد ابراهيم جويو: گليلو، حيدرآباد، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، 1977ع، ص- 93.

[259] See: Pakistan Year Book & Who’s who, Karachi, Kitabistan, 1949, P -839.

[260] See: General Register No. 4, Sind madressahtul Islam, Karachi, G.R.No: 23.

[261] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1937 – 38, P – 6.  

[262] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1937 – 38, P- 7.

263 اياز قادري: پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڪراچي، ٽيڪنيڪل پرنٽرس، 1972ع، ص - 15.

[264] Ismail. Y. Sidat: A Principal’s Papers, Karachi, Sind Muslim College, 1960, P- 7.

[265] See: Sind Madressah Board’s Office’s, Appointment Order, No: 135 – Dated 9th July, 1945.

266 احسان بدوي: پرنسپال سيد غلام مصطفيٰ شاهه، (مقالو)، ڪراچي، نئين زندگي، جنوري 1960ع، ص-7.

267 معلومات الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه کان 15 ڊسمبر 1978ع تي روبرو ورتي ويئي.

268 معلومات الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه کان 15 ڊسمبر 1978ع تي روبرو ورتي ويئي.

269 معلومات الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه کان 15 ڊسمبر 1978ع تي روبرو ورتي ويئي.

270 فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد-8 س 2)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2013ع، ص 329.

271 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، حيدرآباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ونيورسٽي، 1974ع، ص-97.

272 پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سير ۽ سفر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص-4-5.

273 پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سير ۽ سفر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص-9-10.

274 پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سير ۽ سفر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص- 31-32.

275 پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سير ۽ سفر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص-75.

276 پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سير ۽ سفر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع، ص-222-223.

277 معلومات انٽرويو وسيلي 4-6-1976ع تي صوفي دوست محمد “ساجد” کان ورتي ويئي.

278 معلومات انٽرويو وسيلي 4-6-1976ع تي صوفي دوست محمد “ساجد” کان ورتي ويئي.

279 معلومات انٽرويو وسيلي 4-6-1976ع تي صوفي دوست محمد “ساجد” کان ورتي ويئي.

280 سرور ڪيفي، جديد شعراءِ سنڌي، ڪراچي، اداره فروغ ادب، 1964ع، ص -56.

281 شاعر جناب صوفي ساجد کان انٽرويو وسيلي 4 جون 1976ع تي ورتي ويئي.

282 علي نواز وفائي: رتي جي رهاڻ، ڪراچي، وفائي اڪيڊمي، 1978ع، ص-216.

283 See: General Register No.4, Of Sind Madressahtul Islam Karachi, G.R.No 4548.

284 See: General Register No.4, Of Sind Madressahtul Islam Karachi, G.R.No 4548.

285 معلومات انٽرويو وسيلي تاريخ 26 - 5 - 1979 تي ورتي ويئي.

286 فهميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر): سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد-12)، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2009ع، ص 329.

287 علي نواز وفائي: پلئه پايو سچ، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، 1976ع، ص -90.

288 علي نواز وفائي: پلئه پايو سچ، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، 1976ع، ص -200.

289 علي نواز وفائي: پلئه پايو سچ، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، 1976ع ص -17.

290 علي نواز وفائي: پلئه پايو سچ، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، 1976ع ص -18.

291 علي نواز وفائي: پلئه پايو سچ، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، 1976ع، ص - 3.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org