ڇپائيندڙ
پاران
هيءُ ڪتاب ”سنڌ
مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ
۾ حصو“ ڊاڪٽر سيد ممتاز بخاري صاحب جي پي.ايڇ.ڊي
جي ٿيسز آهي. جيڪو سنڌ جي قديم تعليمي مدرسي ”سنڌ
مدرسة الاسلام“ جي بنيادي تاريخ جو هڪ اهم ۽
تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ مدرسي جو تاريخي پس
منظر ۽ اُن جي باني خانبهادر حسن علي آفندي ۽ سندس
مددگار ساٿين جي زندگيءَ جو مفصل احوال جامع انداز
۾ قلبند ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي مواد کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون
ڀاڱو سنڌ جي آڳاٽي تعليمي نظام ۽ انگريز دؤر جي
احوال تي مبني آهي، جنهن ۾ هن اهم اداري کي
ٺاهيندڙن ۽ اُتي پڙهندڙ شاگردن بابت معلومات ۽
انهن پاران ڪيل خدمتن جو وچور ڏنو ويو آهي. اهڙي
طرح ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جو علم و ادب جي
ترقيءَ ۾ حصو جي عنوان هيٺ هن اهم تعليمي مدرسي ۾
پڙهيل شاگردن جي احوال ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن
بابت معلومات ڏني وئي آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ هن تعليمي
اداري جو سنڌ جي سياست ۾ حصو جي حوالي سان اُن دؤر
جي سياست ۽ سياستدانن جي ڪارنامن جي معلومات سان
گڏوگڏ سنڌ جي سياسي حالتن ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي
پيدا ڪيل سياستدانن جي احوال تي مشتمل آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب سنڌ
جي هن قومي اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن
تاريخ جي مختلف دؤرن کي محفوظ ڪري سگھجي. اِن ڏَس
۾ مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت بورڊ طرفان وڌ کان وڌ
تاريخي ۽ معلوماتي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان
کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف
موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود
اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش هلندڙ
آهي.
سنڌ مدرسة الاسلام جي تاريخ تي مشمتل هِن ڪتاب
”سنڌ
مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ
۾ حصو“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري
رهيو آهيان.
توقع
آهي
ته،
سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽
اسڪالرن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
01- جمادي الثاني
1443هه سيد
سڪندر علي شاهه
05- جنوري
2022ع
سيڪريٽري
مهاڳ
سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب هڪ بي انت ساگر آهي. جنهن
جي سيني ۾ سوين نه پر هزارين ۽ لکين ماڻڪ موتي
سٿيا پيا آهن. بس رڳو ضرورت آهي غواص ٿيڻ جي.
ڌرتيءَ جي جھوليءَ ۽ ماءُ جي ٻوليءَ سان پيار جي
دعويٰ ته سڀ ڪو ڪري سگهي ٿو، پر انهيءَ پيار کي
نڀائڻ ڪنهن ڪنهن جي وس جي ڳالهه ٿئي ٿي. اسان سنڌ
وارن به پنهنجي پيار ۽ پريت واري ٻوليءَ سان نڀائڻ
جي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، ۽ اِها جاکوڙ جيءَ جان
سان ٿيندي رهندي ۽ ٿيندي رهي آهي. هن سٻاجھي ۽
سلوڻي، قديم ۽ عظيم ٻوليءَ جي قرض لاهڻ جي جستجو
دل ۾ آنڌ مانڌ سالن کان دامن گير هئي، ۽ انهيءَ
فڪر آڻي تحقيق جي ميدان ۾ رسايو.
سنڌ مدرسة الاسلام سنڌ جي علمي، ادبي ۽
سياسي تاريخ ۾ هڪ تحريڪ جي حيثيت رکي ٿو. هن
تاريخي نوعيت ۽ اهميت واري اداري کي جيڪڏهن سنڌي
مسلمانن جي نئين جاڳرتا چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه
ٿيندو. دل چاهيو ته ڇو نه هن ئي اداري تي کوجنا
ڪرڻ جو آغاز ڪجي.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر مطالعي ۽
دلچسپيءَ جي آڌار تي 1975ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا
کي تحقيق جو رهبر ۽ رهنما بنائي، سنڌ يونيورسٽي
کان ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽
سياسي تاريخ ۾ حصو“ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ
لاءِ اجازت حاصل ڪئي. جڏهن بسم الله ڪيم تڏهن ئي
ڪَل پيم ته تحقيق ۽ کوجنا ڪيڏو نه ڪٺن ۽ ڪشالي
وارو ڪم آهي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته
جيڪڏهن الانا صاحب جهڙي لائق، شفيق ۽ مهربان رهبر
جي رهبري ۽ رهنمائي حاصل نه ٿئي ها ته شايد مون کي
هن مقالي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿي پوي ها.
هن اداري جي تاريخي اهميت ۽ شاندار
ڪارنامن جي اها تقاضا هئي ته هن موضوع تي منظم
نموني سان تحقيق مڪمل ڪري اداري جي شاندار ماضيءَ
کي اجاگر ڪجي. سنڌ مدرسة الاسلام ۽ ان جي علمي،
ادبي ۽ سياسي ڪارنامن تي روشني وجھڻ لاءِ جن
ذريعن، وسيلن ۽ شخصيتن کان معلومات ملي سگهي، اُن
کي هن ريت ورهايو ويو آهي:
(الف) مدرسي جو رڪارڊ.
(ب) مدرسي مان پڙهي نڪتل شاگرد ۽ انهن جا سالوار
حاضري رجسٽر.
(ج) مدرسي جي تعليم يافته مرحوم شاگردن جا پونئير.
(د) مدرسي جا استاد يا انهن جا پونئير.
(هه) علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪون ۽ ڪتاب وغيره.
(ن) موجوده دور جا عالم، اديب ۽ شاعر، سياستدان ۽
مفڪر.
تحقيقي ڪم جي شروعات کان اڳ ضروري ڄاتو ويو ته
پهرئين پنهنجي دور جي اديبن، شاعرن، ۽ سياستدانن
سان گڏجاڻيون ڪري سندن رهبري ۽ رهنمائي حاصل ڪجي
ته جيئن ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي تاريخ جي مختلف
پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه رهجي وڃي. ابتدا
نامياري تاريخدان، محقق، ۽ دانشور پير حسام الدين
شاهه راشدي (مرحوم) جي رهبري ۽ رهنمائي سان ڪيم.
سنڌ جي نامور تعليمدان ۽ دانشور پروفيسر سيد غلام
مصطفيٰ شاهه به ڪنهن وڏي وٿ کان گھٽ نه هو، ۽ نه
وري مون ڪا سندن صلاحيتن، لياقتن ۽ مهربانين مان
فائدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي. جن ٻين مهربانن ۽
قدردانن جا قرب حاصل ٿيا تن ۾ جناب حسن علي
عبدالرحمان، (اڳوڻو سنڌ مدرسه بورڊ جو چيئرمين)،
مرحوم غلام علي ميمڻ، مولانا دين محمد وفائي جي
علمي، ادبي وارث علي نواز وفائي، ”سنڌ مدرسة
الاسلام“ جو پرنسپال سيد شاهه محمد شاهه، سنڌ
مدرسة الاسلام جي باني جي پونئير عبدالمالڪ آفندي،
نثار آفندي، بزرگ ايڊيٽر حافظ احسن چنه، عبدالواحد
سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر سيد محمد صالح
شاهه، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر عطا محمد
حامي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر اياز قادري،
ع-ق-شيخ، علي احمد بروهي ۽ عبدالحليم جوش جا نالا
قابلِ ذڪر آهن.
هن شهر ۾ ڪيترن ئي نامور سياسي مدبرن ۽ رهبرن سان
ملاقاتن جو شرف به حاصل ٿيو. آزاديءَ جي تحريڪ جي
مجاهد مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان جيڪي طويل
ڪچهريون ٿيون، تن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي.
جن ٻين سياستدانن سان ملاقاتون ٿيون، تن ۾ مشهور
عالم ۽ دانشور جي- الانا
(G-Allana)،
۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. انهن
ناليوارن عالمن ۽ اديبن سان ابتدائي ملاقاتن کان
پوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو رڪارڊ اُٿلايم ۽
اداري جي پرنسپال سيد شاهه محمد شاهه وڏا وڙ ڪيا.
رڪارڊ ڏسڻ ۾ سندن مدد ۽ نيڪ مشورن کي ڪڏهن به
وساري نه سگهندس. ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ۽ بورڊ جي
جھوني سپرنٽنڊنٽ محمد ياسين جون مهربانيون ياد
رهنديون. مدرسي جي جنهن رڪارڊ کي مون لڳ ڀڳ ٻن
سالن تائين ڦولهيو ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، انهيءَ جو
تفصيلي ذڪر ته ببلوگرافيءَ واري ڀاڱي ۾ موجود آهي.
پر هتي اختصار ڏيڻ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
1.
سنڌ مدرسة الاسلام طرفان شايع ٿيندڙ مخزن ۽
ڪرانيڪلس.
2.
سنڌ مدرسه بورڊ جا مختلف فائيل ۽ رجسٽر.
3.
سنڌ مدرسة الاسلام جا مختلف فائيل ۽ رجسٽر.
4.
سنڌ مدرسة الاسلام طرفان شايع ٿيل مختلف
پراسپيڪٽس.
5.
سنڌ مدرسة الاسلام جون مختلف رپورٽون.
6.
سنڌ مدرسه بورڊ جون مختلف رپورٽون.
7.
سنڌ مدرسه بورڊ جي ٻين ادارن سان ٿيل لکپڙهه.
8.
سنڌ مدرسة الاسلام جي ٻين ادارن سان ٿيل لکپڙهه.
9.
اهم واقعن تي ڏنل وقت جي مهمان سياستدانن کي
سپاسنامه.
پنهنجي مقالي سان واسطو رکندڙ بنيادي ذريعن ۽
وسيلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۽ معلومات وٺڻ کان پوءِ، مون
کي سنڌ جي ٻين لئبريرين ۾رکيل ڪتابن جا ورق ورائڻا
پيا. انهن لئبريرين ۾ هيٺيان نالا اهم آهن:
1.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لئبريري، ڄام شورو
2.
انسيٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جي تحقيقي لئبريري، ڄام
شورو
3.
سنڌي ادبي بورڊ جي لئبريري، ڄام شورو
4.
آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس لئبريري، ڪراچي
5.
پاڪستان آرڪائيوز، ڪراچي
6.
پاڪستان آرڪيالاجيڪل لئبريري، ڪراچي
7.
لياقت ميموريل لئبريري، ڪراچي
8.
انجمن ترقي اردو بورڊ لئبريري، ڪراچي
9.
چئمبرس آف ڪامرس لئبريري، ڪراچي
10.
ڪراچي يونيورسٽي لئبريري، ڪراچي
11.
ڊي - جي ڪاليج لئبريري، ڪراچي
12.
آدم جي سائنس ڪاليج لئبريري، ڪراچي
13.
ايس - ايم - لا ڪاليج لئبريري، ڪراچي
14.
اسلاميه ڪاليج لئبريري، ڪراچي
15.
اين - جي - وي هاءِ اسڪول لئبريري، ڪراچي
16.
سروري اسلاميه ڪاليج لئبريري، هالا
17.
پير جهنڊي وارن جي لئبريري
18.
پبلڪ لئبريري، خيرپور
19.
سينٽرل لئبريري، سکر
لئبريرين جو ذڪر ڪجي ٿو ته ڪيترن ئي قدردانن ۽
مهربانن جا نالا ذهن تي تري اچن ٿا. جن ۾ غلام
مصطفيٰ بريلوي (آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس
لئبريري ڪراچي)، ايم-ايم بيگ (آرڪيالاجيڪل
لئبريري) ۽ نياز حسين (ڪراچي يونيورسٽي لئبريري)
جي تعاون لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان.
انهيءَ ايڏي ساري جاکوڙ کان پوءِ به جڏهن پنهنجي
گڏ ڪيل مواد تي نظر ڦيرائي ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ
ڪنهن درياءَ مان رڳو ڪوزو ڀري سگھيو آهيان. هن وقت
تائين ”سنڌ مدرسة الاسلام“ بابت ته گھڻو ڪجھ حاصل
ٿي چڪو هو. باقي اهڙو مواد حاصل ڪرڻو هو، جنهن جي
آڌار تي هن تاريخي اداري جي ڪارنامن تي روشني وجھڻ
۾ آساني ٿئي. ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي ڪارنامن کي
ڪٿڻ لاءِ هن اداري مان پڙهي نڪتل عالمن، اديبن،
شاعرن، مفڪرن، مدبرن ۽ سياستدانن جو ذڪر ڪرڻو هو.
جيئن ته منهنجي مقالي جو واسطو ورهاڱي کان اڳ واري
دور سان هو ۽ اُن دور سان واسطو رکندڙ سنڌ مدرسي
جا ڪيترائي نامور شاگرد، الله کي پيارا ٿي چڪا
هئا. جيڪڏهن ڪي منهنجي ڪم لائق حيات هئا، ته اِهي
صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا.
انهيءَ ڪري هڪ طرف مدرسي جي زندهه
شاگردن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ٻئي طرف
مرحوم شاگردن ۽ استادن جي پونئيرن کان معلومات وٺڻ
لاءِ پتوڙيم، مدرسي جي اُن وقت جي زندهه شاگردن ۾
محمد ابراهيم جويو (حيدرآباد)، صوفي دوست محمد
ساجد (ڪراچي)، حبيب الله فڪري (ڪراچي)، عبدالمجيد
عابد (حيدرآباد)، مظفر حسين ”جوش“ (حيدرآباد)،
محمد اسماعيل عرساڻي (حيدرآباد)، غلام حسين جلباڻي
(حيدرآباد)، محمد ابراهيم ”خليل“ (حيدرآباد)، آغا
غلام نبي پٺاڻ (شڪارپور)، حڪيم احسن (ڪراچي)،
عبدالوحيد ڪٽپر (لاڙڪاڻو)، قاضي اڪبر (حيدرآباد)،
عبدالستار شيخ (ڪراچي)، امير علي شاهه ”جامي“
(سکر)، غلام رضا ڀٽو (حيدرآباد)، ڪريم بخش چنه
(حيدرآباد) ۽ مرزا اسد بيگ (حيدرآباد) وڏا وڙ ڪيا
۽ ملاقات جو موقعو ڏنو.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني مهربانن مان خاص طور تي آئون
سائين محمد ابراهيم جويو جو بيحد شڪرگذار آهيان.
ڪيترائي دفعا وڏا وڙ ڪري ملاقات جو موقعو ڏنو ۽
پنهنجي نيڪ مشورن سان نوازيو. هن مدبر ۽ دانشور جي
هرهڪ مشوري منهنجي لاءِ ڪٺن سفر کي آسان بنايو.
سنڌ مدرسي جي مرحوم شاگردن ۽ استادن جي
پونئيرن سان ملاقاتون ڪيون، تن ۾ جمال ابڙو ولد
مرحوم علي خان ابڙو، محمد اشرف ڀٽي ولد مرحوم
مخدوم صالح ڀٽي، قاضي غلام حسين ولد مرحوم قاضي
عبدالرزاق، بيدل مسرور ولد مرحوم غلام علي مسرور،
سيد امداد حسين شاهه ولد مرحوم عطا حسين شاهه
موسوي، عبدالحليم ”جوش“ ولد مرحوم عبدالله ”عبد“،
غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ولد مرحوم رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي، محمد يوسف ولد محمد هاشم گذدر، مرحوم غلام
حسين قاسم، مولانا اٻوجهي جي لائق پوٽِي شاهه بيبي
۽ انيتا غلام علي بنت ضياءُ الله غلام علي جا نالا
ذڪر لائق آهن.
اِهي هئا ذريعا ۽ وسيلا جن مان لاڀ پرائي
مون ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن
تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مقالي ۾ مدرسي جي
جن مکيه پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي، انهيءَ جو
جيڪڏهن خاڪو پيش ڪجي ته بي مهل نه ٿيندو:
ڀاڱي پهرين جو واسطو سنڌ مدرسة الاسلام جي قيام ۽
ڪارڪردگي سان آهي.
ڀاڱي ٻئي جو واسطو سنڌ مدرسة الاسلام جي علمي ۽
ادبي خدمتن سان آهي.
ڀاڱي ٽئي جو واسطو سنڌ مدرسة الاسلام جي سياسي
خدمتن سان آهي.
هر ڀاڱي کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڀاڱي پهرين کي جملي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
مقالي جو ٻيو ڀاڱو، جنهن جو واسطو مدرسي جي علمي ۽
ادبي خدمتن سان آهي، انهيءَ کي ٽن بابن ۾ ورهايو
ويو آهي. مقالي جي ٽئين ۽ آخري ڀاڱي جو واسطو سنڌ
مدرسة الاسلام جي سياسي خدمتن سان آهي. مدرسي جي
انهن ڪارنامن تي روشني وجھڻ لاءِ هن ڀاڱي کي ٽن
بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڀاڱي ٻئي ۽ ٽئي ۾ جن به اديبن، شاعرن ۽
سياستدانن جي ڪارنامن تي روشني وڌي وئي آهي، انهن
کي عمر جي لحاظ سان مقالي ۾ ترتيب وار رکيو ويو
آهي. آخر ۾ ڪل ڏهه ضميما ڏنا ويا آهن، جن ۾ مدرسي
جي عمارتن، پڙهي نڪتل شاگردن ۽ انهن جي آمدني جي
ذريعن، مدرسو گھُمڻ لاءِ ايندڙ اهم شخصيتن توڙي
شاگردن لاءِ ملندڙ اسڪالرشپس وغيره جا انگ اکر
مختلف ضميمن ۾ ڏنا ويا آهن.
اِها آهي منهنجي هڪ ننڍڙي ڪوشش، جنهن ۾
مون سنڌ جي تاريخي اداري جي معيار ۽ ان جي
ڪارڪردگيءَ کي نروار ڪيو آهي. ائين نه ٿو چئي
سگھجي ته هي مقالو انهيءَ موضوع تي آخري حرف جي
حيثيت رکي ٿو، پر انهيءَ کان ڪوبه انڪار ڪري نه
سگھندو ته مقالو منهنجي محنت ۽ جاکوڙ جو ڦل آهي ۽
موضوع جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ پهرين ڪوشش جي حيثيت
رکي ٿو. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ۽ اهم ڳالهه
اِها آهي ته منهنجي گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي
رهبري ۽ رهنمائي نه هجي ها ته آئون انهيءَ مقالي
سان شايد انصاف نه ڪري سگھان ها.
هن مقالي لکڻ دوران مٿي ذڪر ڪيل عالمن،
اديبن، شاعرن، مفڪرن، مدبرن ۽ سياستدانن جي عنايتن
کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين مهربانن جو قرب ۽ علمي
ادبي مدد به حاصل رهي جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو
سگھجي
. 1979ع
قلم تازو:
آخر ۾ هڪ وضاحت ڪندو هلان ته 1985ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام جو سؤ سالا جشن ملهايو ويو. ان
موقعي تي ٻين ڪيترن ئي مدرسي سان واسطو رکندڙ
ماڻهن سان گڏوگڏ راقم ۽ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي به
هن اداري جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نئين سر ترتيب ڏيڻ
لاءِ مقرر ڪيو ويو. مير فيض محمد ٽالپر طرفان
جوڙايل پرنسپال لاءِ رهائش واري جاءِ کي
لائبريريءَ ۾ تبديل ڪري سموري رڪارڊ کي ان جاءِ ۾
منتقل ڪيو ويو، ان پوري ڪم جي آفندي خاندان جي
معتبر شخصيت نثار آفندي اڳواڻي ڪري رهيو هو. نثار
آفندي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي متفقه راءِ سان
منهنجي ٿيسز جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي اُن لائبريري ۾
رکي وئي. ڇاڪاڻ ته هي ٿيسز مدرسي جي بنيادي تاريخ
جو اهم دستاويز آهي.
سنڌ مدرسي بابت مون هي تحقيق سال 1979ع ۾
مڪمل ڪئي هئي جنهن جي اهميت کي محسوس ڪندي مهربان
۽ شفيق دوستن ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر نواز علي
شوق کان سواءِ منهنجو گائيڊ ۽ رهبر سائين غلام
علي الانا مسلسل اُن کي شايع ڪرائڻ تي زور ڀريندا
رهيا. لڳ ڀڳ چاليهه سالن کان پوءِ منهنجي لائق
فرزند ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ ان سموري مسودي کي
ڪمپوز ڪرائي مون کان اُن ۾ ضروري درستگيون ڪرائڻ
بعد شايع ٿيڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو،
جنهن لاءِ آئون ادبي بورڊ جي لائق چيئرمين مخدوم
سعيدالزمان سائين جن جو شڪر گذار آهيان.
آخر ۾ آئون پنهنجي سمورن دوستن ۽ سڄڻن جي ساٿ کي
ياد ڪندي پنهنجي فرزندن ڊاڪٽر اسد الله شاهه بخاري
۽ پروفيسر ڊاڪٽر مخمور بخاري لاءِ ڌڻيءَ در دعاڳو
آهيان.
هن سموري ڪم کي عرفان احمد چانڊيو وڏي محنت ۽
دلجوئيءَ سان ڪمپوز ڪيو، سندس محنت به ساراهه لائق
آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري
10سيپٽمبر 2020ع
هالا نوان |