سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:16 

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي:

الف: تعارف:  

رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جا وڏا اصل ديري غازي خان جي ڀرڳڙه ڳوٺ جا بلوچ هئا، جيڪي ميرن جي صاحبي ۾ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا[i].

        رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ولادت15 جولائي 1887ع تي ڳوٺ ڊينگان ۾ ٿي. سندس والد رئيس ولي محمد خان، پنهنجي تعلقي ۽ تر جو هڪ مکيه ۽ با اثر زميندار ٿي گذريو آهي. ڀرڳڙي صاحب قرآن شريف ۽ فارسي جي تعليم پگھاردار مولوي کان ورتي ۽ پوءِ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪري اچي حيدرآباد جي “مشن اسڪول” ۾ داخل ٿيو، اتي چار درجا پڙهي “اين - ايڇ - اڪيڊمي” ۾ اچي پڙهيو[ii]، ان کان پوءِ 23 سيپٽمبر 1898ع تي اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو[iii]، ٿوري عرصي کان پوءِ ڀرڳڙي صاحب پرنسپال سان اڻبڻت سبب 8 آڪٽوبر 1898ع تي مدرسو ڇڏي ويو[iv]، ان کان پوءِ علي ڳڙهه جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[v].

        مئٽرڪ جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڀرڳڙي صاحب وڃي زمينداري جي ڌنڌي سان لڳو، 1905ع ۾ هڪ ڏينهن انگريز اسسٽنٽ ڪليڪٽر سان اختلاف ٿي پيو. جنهن کيس سڌي توڙي اڻ سڌي طرح تنگ ڪرڻ گھريو. جنهن ڪري هن صاحب ولايت وڃڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ سال پاڻ ولايت هليو ويو، جتي بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري 1908ع ۾ وطن واپس وريو[vi] ۽ حيدرآباد ۾ اچي وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين.

ب: مدرسي جو اثر:

       الله جي پاڪ ذات، غلام محمد ڀرڳڙي کي ننڍپڻ کان وٺي خودداري ۽ آزاد خيالي جون نعمتون عطا ڪيون هيون. هن پنهنجي اکين سان سنڌ جي سماج ۽ قوم کي بدلبو ڏٺو ان ڪري ڌارين لاءِ ڌڪار هن کي ماحول ۽ مشاهدي مان نصيب ٿي. پاڻ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ پڙهندو هو تن ڏينهن ۾ مدرسي جو پرنسپال پرسي هائيڊ (Percy Hide) هو. ڀلا حق ۽ ناحق جي ڪيئن ٿي پاڻ ۾ لڳي: پرنسپال هو انگريز ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هو هڪ سنڌي سپوت. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو واقعو ٿيو، جنهن ڀرڳڙي صاحب جي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هڪ دفعي مدرسي جي پرنسپال سندس قوم پرستي ۽ آزاد خيالي ڏسي کيس ٽوڪيندي چيو ته: “تون لائق آدمي نٿو ڏسجين”، تنهن تي رئيس وراڻيس ته: “اوهان ڀليل آهيو، مان نه رڳو لائق آهيان پر لائقن جي اولاد پڻ آهيان”[vii]. ڪونڌر لاءِ اهو ڪلمون ئي ڪارڻ بڻيو ۽ مدرسي مان موڪلائي وڃي عليڳڙهه نڪتو.

        انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سنڌ مدرسي ۾ مختصر عرصي لاءِ رهيو، پر جيئن هي مدرسي جي ماحول ۽ پرنسپال کان متاثر ٿيو، ان جو مثال ورلي ملندو. سندس سڄي عمر جي سياسي ڪارڪردگي جو بنياد انهيءَ نفرت ۽ انگريز دشمني تي رکيل آهي جيڪا کيس مدرسي مان پرسي هائيڊ وٽان مليس. اهو مدرسي جو ئي ڪارنامو چئبو جو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي انگريزن خلاف نفرت جو درس ڏنو ۽ رئيس پنهنجي ساري زندگي انگريزن خلاف جدوجهد ڪندي گذاري[viii].

سياست ۾ حصو:

       ڀرڳڙي صاحب اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي جيڪڏهن هو چاهي ها ته بئريسٽري ڪرڻ کان پوءِ گھڻي ڌن ۽ دولت ڪمائي ٿي سگھيو. پر هن جي طبيعت صرف وڪالت ۾ نه لڳي. وطن جي خدمت کي هن ٻين ڳالهين کان مٿي رکيو، ان ڪري سياسي ميدان ۾ ڪُڏي پيو. هن صاحب پنهنجي سياسي سرگرمين جو آغاز حيدرآباد کان ڪيو ۽ 1914ع ۾ “الامين” جاري ڪيائين[ix]، جنهن جو دفتر سنڌ جي سياست جو مرڪز بڻجي ويئي.

        1909ع ۾ ملڪ سان “منٽو مارلي” سڌارا لاڳو ڪيا ويا ته سنڌ کي بمبئي ڪائونسل لاءِ چئن ميمبرن چونڊڻ جو موقعو مليو، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي انهن پهرين چئن ميمبرن مان هڪ هو جيڪي بمبئي ڪائونسل جا ميمبر منتخب ٿيا[x]، ساڳي سال رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو.ان کان پوءِ هو ڪانگريس جي ساليانن اجلاسن جهڙوڪ: الهه آباد وارو 1910ع جو اجلاس، ڪلڪتي ۾ سڏايل 1911ع وارو اجلاس، بانڪپور جي 1912ع واري اجلاس، مدراس جي 1914ع واري اجلاس، بمبئي جي 1915ع واري اجلاس ۽ 1916ع توڙي 1917ع، 1918ع وارن اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي.

        رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچندراءِ وشنداس سياسي رفيق ۽ دوست هوندا هئا. 1912ع ۾ جڏهن بانڪپور ۾ ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ٿيو ته اتي هن رٿ ڏني ته ايندڙ اجلاس سنڌ ۾ ٿيڻ گھرجي ان ڪري سندس ئي ڪوششن سان 1913ع ۾ ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو[xi]. هن اجلاس جي صدارت نواب محمد بهادر ڪئي هئي. جنهن ۾ ٻين ليڊرن سان گڏ قائد اعظم محمد علي جناح به شريڪ ٿيو هو. پاڻ 1910ع کان وٺي عملي طور تي ڪانگريس جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو ۽ ان جي ساليانه اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو، پر ان سان گڏ هن مسلم ليگ کي به نظر انداز نه ڪيو. جڏهن ڪنهن هڪ وقت ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس ٿيندا هئا ته هو صاحب ٻنهي جلسن ۾ شرڪت ڪندو هو. 1915ع ۾ جڏهن بمبئي ۾ مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو ته ڀرڳڙي صاحب ان ۾ شرڪت ڪئي. 1916ع ۾ ٽين “سنڌ پراوينشل ڪانفرنس” لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي[xii].

        رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1920ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿي رهيو، هن صاحب ترڪي جي عهدنامي تي رنجيدگي ظاهر ڪندي استعيفا ڏيئي ڇڏي[xiii]. 1917ع ۾ ڀرڳڙي صاحب جي ڪوششن سان سنڌ ۾ “سنڌ مسلم ليگ” قائم ٿي[xiv] ۽ سندس ئي ڪوشش سان “سنڌ زميندار ائسوسيئيشن” جو بنياد پيو.

        اڻويهين صدي جي آخر کان وٺي برصغير جو عوام سياست جي جديد بنيادن تي منظم ٿي چڪو هو ۽ آهستي آهستي انگريزن خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪڻ لڳي هئي. ويهين صدي ۾ ته وري ڪيتريون ئي انڊر گرائونڊ تحريڪون شروع ٿيون ته جيئن فرنگين کي ملڪ مان تڙي ڪڍجي، سنڌي سپوت مولانا عبيدالله سنڌي افعانستان وڃي انگريزن خلاف ڪم ڪيو، جنهن “ريشمي رومال جي تحريڪ” کي جنم ڏنو. انهيءَ سلسلي ۾ 1916ع ۾ رئيس ڀرڳڙي جي سياسي سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويئي ۽ “الامين” اخبار جي دفتر جي تلاشي ورتي ويئي. سرڪار جو خيال هو ته ڀرڳڙي صاحب به “ريشمي رومال تحريڪ” سان وابسته آهي. پورا ٻه سال کيس سڌي يا اڻ سڌي طرح ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر سرڪار کي ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي. ڀرڳڙي صاحب سياسي مصلحت کان ڪم وٺندي انگريز دشمن جي وار ۽ انتقام کان بچڻ خاطر 1918ع ۾ انگلنڊ هليو ويو ۽ اتي وڃي خلافت تحريڪ توڙي هندستان جي آزادي لاءِ ڪم ڪيائين[xv].

        ڀرڳڙي صاحب جي انگلينڊ ۾ رهڻ دوران اتان جي پارليامينٽ ۾ “انڊيا بل” پيش ٿي چڪو هو. انهيءَ بل کي هڪ سليڪٽ ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو، جنهن هندستان مان ليڊر گھرائي کانئن پنهنجي راءِ ورتي. ڀرڳڙي صاحب به انهيءَ ڪاميٽي اڳيان دليل ڏنا[xvi]. پاڻ هڪ ئي وقت ڪانگريس توڙي “هوم رول ليگ” سان وابسته رهيو. 1919ع ۾ “هوم رول ليگ” ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ته سرڪار آزاد خيال ماڻهن تي سختي شروع ڪئي ۽ مرحوم ڀرڳڙي به انهيءَ لهس کان بچي نه سگھيو. سندس حيدرآباد واري آفيس جي تلاشي ورتي ويئي ان کان پوءِ انگلنڊ هليو ويو[xvii]، جتان 1920ع ۾ وري وطن واپس وريو.

        پهرين عالمگير جنگ کان پوءِ “ترڪي” جي خلافت کي خطرو پيدا ٿي پيو، ٻين وانگر سنڌ جي مسلمانن به خلافت جي بچاءَ لاءِ سخت ڪوشش ڪئي. 1920ع ۾ بمبئي ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” ٿي ته ان جو صدر ڀرڳڙي صاحب کي چونڊيو ويو[xviii]، هن ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي ناميارن سياسي رهبرن شرڪت ڪئي، جن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جا نالا ذڪر لائق آهن. ساڳي سال هندستان سان نوان سڌارا لاڳو ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڀرڳڙي صاحب حصو نه ورتو. پر سرڪار کيس “ڪائونسل آف اسٽيٽ تي هڪ ميمبر طور نامزد ڪيو[xix]، پر هن جلد پوءِ انهيءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. پاڻ 1923ع ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ کيس انهيءَ اجلاس جو صدر چونڊيو ويو. انهيءَ سال ڀرڳڙي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي “انڊپينڊنٽ پارٽي” ۾ شريڪ ٿيو[xx].

        رئيس غلام محمد ڀرڳڙي پنهنجي پوري زندگي انگريزن کي سنڌ جي سرزمين تان تڙي ڪڍڻ لاءَ گذاري ڇڏي، پاڻ هڪ سچو پنهنجي ڌرتي جو هڏ ڏوکي انسان هو. سندس جدوجهد کي تاريخ ڪڏهن به نظر انداز نه ڪري سگھندي. سندس وفات 9 مارچ 1924ع تي حيدرآباد ۾ ٿي[xxi].

رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو:

الف: تعارف:  

جان محمد جوڻيجو3 جنوري 1888ع تي ڳوٺ ڌامرا ۾ ڄائو[xxii]، سندس والد ڪريم بخش جوڻيجو پنهنجي ڳوٺ جو معزز ۽ ناميارو زميندار هو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ خيري ديري جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. فارسي ۽ عربي جي تعليم خانگي طرح گھر ۾ ورتائين. ان کان پوءِ چار درجا انگريزي لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ پڙهي اچي، 13 آگست 1907ع تي سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتائين[xxiii]، جتان 1909ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[xxiv]. ۽ ان کان پوءِ 1910ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتي ٽن سالن ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ ٻه سال اتي ئي پريڪٽس ڪيائين[xxv]. 1915ع ۾ وطن واپس آيو، ان کان جلد پوءِ سندس والد وفات ڪئي جنهن ڪري زمينداري ڪرڻ لڳو[xxvi].

ب: مدرسي جو اثر:

       رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو انهي وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ داخل ٿيو، جڏهن پرنسپال وائينس (Vines) ۽ هن جو عملو سنڌ مدرسي کي انسان سازي جو گھوارو بڻائي چڪو هو، مولانا نورنگزادو، مريد علي خواجه، ڊي - پي ڪوٽوال ۽ لعلچند امر ڏنو مل نه رڳو استاد هئا، پر قوم جا هڏ ڏوکي ۽ سياسي سوچ رکندڙ انسان به هئا، انهن مان لعلچند امر ڏنو مل ۽ مولانا نورنگزاندو ته قلم جا ڌڻي به ٿي گذريا آهن. جوڻيجو صاحب مدرسي ۾ آخري “ڊبيٽنگ سوسائٽي” جو سيڪريٽري رهيو[xxvii].

ج: سياست ۾ حصو:

       جوڻيجو صاحب اُن وقت سنڌ موٽي آيو، جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ملڪ ۾ هڪ سياسي تحريڪ ٿي اڀري رهيو هو. جان محمد جوڻيجي ۽ ڀرڳڙي صاحب جا پاڻ ۾ گھاٽا لاڳاپا هئا[xxviii]، ان ڪري ڪيتروئي وقت پاڻ ۾ سياسي همسفر به ٿي رهيا. 1917ع ۾ جڏهن ڀرڳڙي، سنڌ مسلم ليگ قائم ڪئي ته هي صاحب انهيءَ جو ميمبر ٿيو[xxix]. آڪٽوبر 1919ع ۾ پوري هندستان ۾ “ترڪي” جي فائدي لاءِ “خلافت” جو ڏينهن ملهايو ويو. وقت جي سرڪار ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهو ڏينهن نه ملهايو وڃي، پر ملڪ جي غيور عوام انگريز سرڪار جي منصوبن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. مسٽر جان محمد جوڻيجو انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ هيو ۽ هن شاندار نموني سان “خلافت” جو ڏينهن ملهايو[xxx].

        ساڳي ئي سال جي نومبر مهيني ۾ انگريز حڪومت “جشن صلح” ملهائڻ گهريو. ان کان اڳ دهلي ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ جوڻيجي صاحب به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي قراداد مطابق خلافتين “جشن صلح” جو بائيڪاٽ ڪيو. جنهن ۾ جوڻيجي صاحب به ڀرپور حصو ورتو[xxxi]. جنوري 1920ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ جوڻيجي صاحب شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ اپريل جي ويهين تاريخ سيوهڻ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ به جوڻيجي صاحب شرڪت ڪئي ۽ پهريون دفعو ترڪ موالات جو سوال اٿاريو[xxxii]. ساڳي سال فيبروري ۾ بمبئي ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” ٿي جنهن جي صدارت ڀرڳڙي صاحب ڪئي، جان محمد جوڻيجي ان ۾ شرڪت ڪئي[xxxiii].

        24 مئي 1920ع تي حيدرآباد ۾ خلافت تحريڪ جو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت پير تراب علي شاهه ڪئي. هن جلسي ۾ جان محمد جوڻيجي اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس صحيح سان بمبئي جي گورنر ڏانهن تار موڪلي جنهن ۾ کيس هجرت جي آغاز جو اطلاع ڏنو ويو[xxxiv]، ان کان پوءِ هن پاڻ جون مهيني ۾ لاڙڪاڻي اندر خلافت ڪانفرنس سڏائي، جا ٽي ڏينهن هلي، هي ڪانفرنس 6، 7 ۽ 8 جون تي جھنڊي واري پير رشدالله شاهه جي صدارت ۾ ٿي[xxxv]، 24 جون 1920ع تي مولانا تاج محمد جي صدارت هيٺ ڳوٺ “حيات رند” تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ خلافت ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جوڻيجي صاحب شرڪت ڪئي[xxxvi]، هن کان اڳ کيس ڪمشنر جي درٻار ۾ ٻئي نمبر جي ڪرسي جو اعزاز مليل هو، ان کان سواءِ پاڻ ميونسپل ۽ لوڪلبورڊ جو ميمبر به هو. انهيءَ جلسي ۾ هن نه رڳو پنهنجا عهدا ۽ اعزاز واپس ڪيا، پر بئريسٽري جي ڊگري به واپس ڪئي.

        16 جولائي 1920ع تي جناب جان محمد جوڻيجي جي ڪوشش سان هجرت لاءِ پهريون سنڌي مهاجرن جو جٿو تيار ٿيو. جيڪو ساڍا ست سؤ فردن تي مشتمل هو[xxxvii]، انهن سمورن جو خرچ جان محمد صاحب پاڻ برداشت ڪيو. لاڙڪاڻي کان هڪ اسپيشل ٽرين انهي ڏينهن تي رواني ٿي. مهاجرن جو هي قافلو 29 جولائي تي جلال آباد پهتو[xxxviii]. پاڻ آڪٽوبر 1920ع ۾ هڪ وفد وٺي هندستان واپس ٿيو ۽ مولانا محمد علي “جوهر” سان گڏجي هندستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ترڪ موالات جي تبليغ ڪئي.

        نومبر 1920ع ۾ الهه آباد ۾ ڪانگريس جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ پاڻ لاڙڪاڻي آيو. ان موقعي تي سنڌ جي ڪمشنر کيس پاڻ وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي کيس لکي موڪليائين ته آئون افغانستان جو رهواسي آهيان ۽ ان حڪومت جي اجازت کان سواءِ اوهان وٽ نٿو اچي سگھان[xxxix]، تنهن کان پوءِ پاڻ بمبئي هليو ويو، ڪجھه ڏينهن ترسڻ کان پوءِ ڪابل روانو ٿيو. جڏهن سرحد تي پهتو ته کيس روڪيو ويو، جنهن ڪري کيس 20 ڏينهن انتظار ڪرڻو پيو. ان کان جلدي پوءِ اجمير ۾ “خلافت ڪانفرنس” ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اتي ويو، اتي کيس بخار ٿي پيو ۽ جلسي ۾ پاڻ وڃي نه سگهيو، پر پنهنجي لکيل تقرير موڪلي ڏنائين.

        جوڻيجي صاحب کي اهڙو بخار ٿيو جو سندس حالت تمام گھڻي خراب ٿي پئي، آخرڪار 16 اپريل 1921ع تي هي جهان ڇڏي ويو[xl].

شيخ عبدالمجيد سنڌي:

الف: تعارف:

شيخ عبدالمجيد سنڌي جا وڏا اصل سيوهڻ جا هئا. جتان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا. انهن جو تعلق قانون گو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي سان هو. شيخ صاحب جي والد جو نالو ديوان ليلارام هو.

        شيخ صاحب 7 جولائي 1889ع مطابق 8 ذوالقعد 1306 هجري، آچر ڏينهن تولد ٿيو[xli]. سندس ڇٺيءَ جو نالو “جيٺانند” رکيو ويو. پاڻ ابتدائي تعليم ۽ ثانوي تعليم پهرين ٺٽي ۾ ورتي. ان کان پوءِ ڪراچي جي “سيتل هاءِ اسڪول” ۾ 1908ع تائين تعليم حاصل ڪئي، پر جيئن ته 1908ع ۾ اسلام قبول ڪيائين تنهن ڪري کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتان1911ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين[xlii].

ب: مدرسي جو اثر:

       شيخ عبدالمجيد سنڌي جي شخصيت هڪ عظيم انقلاب جو ٻيو نالو هو. قدرت کيس حق جي سڃاڻڻ واريون اکيون ۽ سچ چوڻ واري زبان عطا ڪئي هئي، اهو ئي سبب هو جو هو صاحب پنهنجو اباڻو دين ۽ ڌرم ڇڏي حق جي تلاش ڪندي اچي مسلمان ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڳ ئي سون هو، وري سنڌ مدرسي مٿس سهاڳي جو ڪم ڪيو. شيخ صاحب جنهن زماني ۾ اچي مدرسي ۾ داخل ٿيو. تنهن وقت “طرابلس” جا مسلمان “اٽليءَ” جي جابر حڪومت جي ظلم جو نشانو بڻجي رهيا هئا. سنڌ مدرسو سنڌ جي مسلمانن جي بيداري جو وڏو ڪارڻ هيو. “طرابلس” واري مسئلي تي مدرسي جي شاگردن ۽ استادن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙين حالتن کان شيخ عبدالمجيد سنڌي به متاثر ٿيو.

        شيخ صاحب جي شاگردي واري زماني ۾ وائنس صاحب (Vines) پرنسپال هو. هن صاحب “مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن” قائم ڪرائي هئي. جنهن جي سهاري هيٺ سال ۾ هڪ دفعو نون ۽ پراڻن شاگردن کي پاڻ ۾ ملڻ جو موقعوملندو هو. اهي گڏجاڻيون شاگردن جي شخصيت ۽ ڪردار تي اثر ڪنديون هيون. جيئن ته شيخ صاحب تن ڏينهن ۾ مذهب اسلام قبول ڪرڻ سبب ڪافي مقبول ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري هر هڪ استاد ۽ شاگرد کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. جنهن ڪري شيخ صاحب ۾ خود اعتمادي ۽ معامله فهمي جي قوت پيدا ٿي.

        شيخ صاحب، سنڌ مدرسي جي “ڊبيٽنگ سوسائٽي” ۾ به باقائدگي سان شرڪت ڪندو هو. انهيءَ جو اثر اهو نڪتو جو پاڻ شعله بيان مقرر بڻجي ويو ۽ هندستان جي وڏن وڏن سياسي ليڊرن کي سندس تقريرن تي داد ڏيڻا پيا. تنهن زماني ۾ مدرسي جي استادن مان مولوي محمد عثمان نورنگزاده، ڊي - پي ڪوٽوال ۽ لعلچند امر ڏنو مل جا نالا قابل ذڪر آهن. خود پرنسپال جي شخصيت به شاگردن لاءِ آدرش جيتري اهميت رکندي هئي. استادن جي اثر کان شيخ عبدالمجيد سنڌي جي شخصيت ۽ ڪردار تي گھرو اثر ڪيو. سندس زندگي هڪ کليو ڪتاب آهي، خاص ڪري سياسي زندگيءَ جي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ٻين سان گڏ “سنڌ مدرسة الاسلام جو به وڏو هٿ آهي[xliii]، شيخ صاحب عملي زندگي جي ڪٺن مرحلن ۾ به مدرسي سان وابستگي رکي. پاڻ 1932ع ۾ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان مدرسه بورڊ لاءِ ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ انهيءَ عهدي تي 1936ع تائين فائز رهيو ۽ مدرسي جي ڀلائي، بهتري ۽ ترقي لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيندو رهيو[xliv].

ج: سياست ۾ حصو:

       شيخ صاحب سنڌ جي ڌرتيءَ جي اِها عظيم شخصيت هئي، جنهن اڌ صدي کان به مٿي برصغير جي سياست کي نوان موڙ ڏنا. هن صاحب انهيءَ اڌ صديءَ ۾ جيڪي تحريڪون هلايون يا تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ جن سياسي پارٽين جو ساٿ ڏنو يا پارٽيون ٺاهيون، تن جو هتي تفصيل سان ذڪر ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ڇو ته چند صفحن ۾ هن عظيم انسان جي بي مثال خدمتن جو محض خاڪو به چٽي نٿو سگهجي. ان هوندي به مختصر طور تي اهم واقعن جو ذڪر ڪجي ٿو.

        1912ع ۾ شيخ صاحب، عبدالله هارون سان گڏجي تحريڪ “ٽرپولي” هلائي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف سنڌ جا مسلمان اٽليءَ خلاف ٿي بيٺا ۽ ٻئي طرف انهن اٽليءَ جي مسلمانن لاءِ چندا ڪٺا ڪيا[xlv]. 1914ع ۾ شيخ صاحب، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو سياسي سيڪريٽري مقرر ٿيو. جلد ئي پوءِ ساڳي سال ۾ ڀرڳڙي صاحب سان گڏجي بمبئي ويو، جتي سندس ملاقات پهريون دفعو مولانا شوڪت علي سان ٿي[xlvi]. انهيءَ عرصي دوران پاڻ “الامين” اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو. 1915ع ۾ هن صاحب پهريون دفعو سياسي ميڙن ۾ شرڪت ڪرڻ جي شروعات ڪئي. تنهن سال هن صاحب، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي سياسي مشير جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيو[xlvii].

        برصغير جي تاريخ ۾ ريشمي رومال جي تحريڪ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. هي تحريڪ انگريزن خلاف هڪ کُلي بغاوت هئي جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڀرپور حصو ورتو ته کيس 1916ع ۾ انهيءَ سلسلي ۾ گرفتار ڪري ٽن سالن لاءِ کيس جيل موڪليو ويو. جيڪا پاڻ “رتنا گري” جيل ۾ ڪاٽيائين، جڏهن 1919ع ۾ آزاد ٿيو[xlviii]، ته وري جلدي سيتاگره جي ڏينهن ملهائڻ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو.

        خلافت تحريڪ، برصغير جي مسلمانن جو ذاتي مسئلو نه هو، پر هن تحريڪ هلائڻ مان ان وقت مسلمان سياستدانن کي انيڪ فائدا رسي رهيا هئا، هن تحريڪ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اِها هئي جو عام مسلمان به برصغير جي سياست جي ميدان ۾ ٽپي پيو. سنڌ ۾ هن تحريڪ گھڻو زور ورتو، جيڪڏهن مولانا امروٽي هن تحريڪ جي جان هئي ته شيخ صاحب تحريڪ جو باعمل روح هو. هو صاحب وقت به وقت خلافت تحريڪ جي ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ايتري قدر جو جڏهن اجمير ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” ٿي ته ان جي صدارت خود شيخ صاحب ڪئي. 23 جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪاميٽي طرفان هندستان جي وائسراءِ لاءِ چئلمسفورڊ (Chelmsford) کي ساري هندستان جي نمائنده مسلمانن درخواست ڪئي ته ترڪن سان صلح جا شرط نرم ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ مسلمان سرڪار سان قطع تعلقات ڪندا[xlix]. هن درخواست تي سنڌ مان جن مسلمانن صحيحون ڪيون تن ۾ شيخ صاحب به هڪ هو. شيخ صاحب هن تحريڪ ۾ ايترو ته ڪم ڪيو جو تحريڪ جا رهبر  به سندس عزت ۽ احترام ڪندي پنهنجو فخر محسوس ڪندا هئا.

        1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ سَن ۾ خلافت ڪانفرنسون ٿيون، تن ۾ شيخ صاحب شرڪت ڪئي[l]. 1921ع ۾ شيخ صاحب کي خلافت هلچل ۾ بهري وٺڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٻه سال سزا ڏني ويئي. پاڻ جيل ڪاٽي ٻاهر نڪتو ۽ اچي خلافت تحريڪ جي هلچل ۾ شامل ٿيو. انهيءَ تي کيس وري سرڪار گرفتار ڪري هڪ سال لاءِ جيل موڪليو. جتان ڊسمبر 1924ع تي آزاد ٿيو[li]. 1923ع تي لکنؤ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي علحدگي متعلق هڪ پُر اثر پمفليٽ لکيو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ڪرايائين[lii].

        انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ۾ سر آغا خان، سيٺ هرچند راءِ، حاجي سر عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله، سيد ميران محمد شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سر شاهنواز ڀٽو، جي - ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وارن جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو هئي، پر هن تحريڪ جو سهرو شيخ صاحب جي سر سونهين ٿو. هن صاحب علحدگي جي جدوجهد لاءِ پنهنجي تن من ۽ ڌن جي بازي لڳائي ڇڏي هئي. 1925ع ۾ “ڪانگريس”، “مسلم ليگ” ۽ “خلافت تحريڪ” جي ساليانه اجلاس ۾ شريڪ ٿي، سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪرڻ واري رٿ کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيائين[liii].

        شيخ عبدالمجيد سنڌي نه رڳو سياسي رهبر هو، پر هڪ پڪو مسلمان به هو هن صاحب 1926ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ شاندار “نيو مسلم ڪانفرنس” سڏائي جنهن ۾ ساري سنڌ مان آيل نون مسلمانن شرڪت ڪئي.

        1927ع ۾ “آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ” جو اجلاس بمبئي ۾ ٿيو. جنهن ۾ شيخ صاحب پريزيڊنٽ جي خاص منظوري سان شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري رٿ ڪثرت راءِ سان منظور ڪرائي[liv]. 1928ع ۾ “آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ سنڌ جي مسئلي تي ويچار ڪرڻ لاءِ پرشوتم داس جي چيئرميني هيٺ هڪ “سب ڪاميٽي” جوڙي جنهن تي سر عبدالله هارون سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي به ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو[lv]. جڏهن 1929ع ۾ “آل انڊيا خلافت ڪانفرنس” جو اجلاس ٿيو ته شيخ صاحب اتي سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ انهيءَ کي وڏي اڪثريت سان پاس به ڪرايو. هن سال “آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس” ٿي جنهن ۾ پاڻ مسلم پارٽيز جي نمائندگي ڪيائين[lvi].

        اپريل 1930ع ۾ ڪراچي ۾ آزاد سنڌ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شيخ صاحب شرڪت ڪئي[lvii]. انهيءَ سال پاڻ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ مقررٿيو. ساڳي سال جي - ايم سيد، ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ صاحب جي ڪوشش سان “سنڌ هاري ڪاميٽي” قائم ڪئي ويئي، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي هاري طبقي ۾ سياسي بيداري آندي. 1932ع ۾ “آل انڊيا يونٽي ڪانفرنس” ٿي جنهن جي صدارت شيخ صاحب ڪئي. ان موقعي تي “سنڌ جي جدا ٿيڻ” واري سوال سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي، خاص طرح سان جڏهن ماهر اقتصاديات پروفيسر ڇٻلاڻي ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ، بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويندي. انهيءَ تي مسلمان نهايت مايوس ٿي ويا. پر ٻئي طرف جڏهن شيخ صاحب پنهنجي مدلل تقرير ڪئي ته ڇٻلاڻي جا سمورا دليل رد ٿي ويا ۽ جيڪي به هندو مسلم حاضر هئا، تن شيخ صاحب جي سنڌ جي علحدگي جي حمايت ۾ ڏنل دليلن سان اتفاق ڪيو[lviii].

        1933ع ۾ جڏهن ڪراچي اندر غازي عبدالقيوم جي شهادت تي سرڪار طرفان مسلمانن سان زيادتي ڪئي ويئي ته شيخ صاحب انهيءَ تي احتجاج ڪندي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. وري 1934ع ۾ ٻيو دفعو “بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل” تي ميمبر چونڊجي ويو ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي تائين ميمبر رهندو آيو[lix]. 1936ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي “سنڌ مسلم ليگ” جو پايو وڌو ۽ پاڻ ان جو پهريون صدر ٿيو[lx] ۽ جي الانا صاحب انهيءَ جماعت جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. وري جڏهن سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪيو ويو ۽ کيس صوبائي حيثيت ڏني ويئي ته سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جو پهريون چونڊون 1937ع ۾ ٿيون ته شيخ صاحب “سنڌ آزاد پارٽيءَ” جي ٽڪيٽ تي لاڙڪاڻي تڪ مان اميدوار بيٺو، جتي پنهنجي حريف سر شاهنواز ڀٽي کي شڪست ڏنائين[lxi].

        شيخ صاحب برصغير جي مسلمانن جو هڏ ڏوکي ۽ خيرخواهه هو انهيءَ ڪري هميشه اهڙا رستا ڳوليائين، جن وسيلي مسلمانن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگھجي. 1938ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو ۽ ٻين ليڊرن کان سواءِ قائد اعظم محمد علي جناح به شرڪت ڪئي ته شيخ صاحب انهيءَ موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو. نه صرف مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪيائين، پر پهريون دفعو هندو مسلم قوميتن جو نظريو پنهنجي قرارداد وسيلي گڏجاڻين وارن کان بحال ڪرايائين[lxii]. 1939ع ۾ شيخ صاحب “آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ” جو ميمبر منتخب ٿيو[lxiii]. جيئن ته پاڻ 1937ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي چڪو هيو، تنهن ڪري شيخ صاحب کي 1940ع ۾ مير بنده علي خان جي وزارت ۾ وزير ڪري کنيو ويو ۽ کيس خزانه، ميڊيڪل، پبلڪ هيلٿ ۽ آبڪاري جا کاتا ڏنا ويا، پر جڏهن 23 نومبر 1940ع تي جي - ايم سيد استعيفا ڏني ته شيخ صاحب کي تعليم جو کاتو ڏنو ويو[lxiv]، اپريل 1943ع ۾ جڏهن “آل انڊيا مسلم ليگ” جو ساليانو اجلاس ٿيو ته شيخ صاحب انهيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ساڳي سال جي آخر ۾ هن مسلم ليگ تان استعيفا ڏئي ڇڏي، پر 1945ع ۾ وري ان ۾ شامل ٿيو[lxv]، سندس مسلم ليگ ۾ شموليت هن جون اميدون پوريون ڪري نه سگھي. انگريزن مان ته ڇوٽڪارو حاصل ٿيو پر مقامي حالتون ساڳيون ئي رهيون. عوام جا مسئلا ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به ساڳيا ئي رهيا. انهن حالتن ۾ 1949ع ۾ خان عبدالغفار خان پاڪستان عوامي پارٽي ٺاهي ۽ شيخ صاحب کي جماعت جي سنڌ واري شاخ جو صدر مقرر ڪيو ويو[lxvi].

        1953ع ۾ سنڌ اسميبليءَ جي چونڊن وقت “عوامي محاذ جماعت” ٺهي ته شيخ صاحب ان جو صدر ٿيو[lxvii]، اڳتي هلي جڏهن سنڌ کي پنجاب سان گڏي ون يونٽ قائم ڪيو ويو ته شيخ صاحب عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيندي “ائنٽي ون يونٽ ڪانفرنس” گھرائي، جنهن جي سنڌ برانچ جو صدر پاڻ ٿيو[lxviii]. پاڻ ايوبي دور ۾ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ ساٿ ڏنائين، جنهن کان پوءِ سياست تان رٽائر ٿي ويو.

        شيخ صاحب قسم پرسي ۽ بيماري جي طويل دور کان پوءِ 24 مئي 1978ع تي هن فاني دنيا کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو[lxix].

سر شاهنواز ڀٽو:

الف: تعارف:  

سر شاهنواز ڀُٽي جا وڏا جيسلمير جي راجپوت گھراڻي جي ڀُٽي قوم مان هئا[lxx]، جن مان سندس خاندان جي هڪ بزرگ وڃي پنجاب ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي مٽي مائٽي پڻ ڪيائين. سنڌ ۾ پهريون سندن پڙ ڏاڏو ميان محمد خان آيو[lxxi].

        سر شاهنواز خان ولد غلام مرتضيٰ خان 2 مارچ 1892ع تي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ۾ پيدا ٿيو[lxxii]، ابتدائي تعليم پنهنجي تر ۾ ورتائين ۽ پوءِ اچي “سينٽ پئٽرڪ هاءِ اسڪول” ڪراچي ۾ داخل ٿيو، اتان پنج درجا انگريزي جا پاس ڪري 11 نومبر 1906ع تي اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو. 8 ڊسمبر 1908ع تي مئٽرڪ ڪلاس ۾ هو ته والد جي وفات سبب مدرسي کي خيرباد چئي ويو[lxxiii] ۽ وڃي پنهنجي زمينداري جي ڌنڌي کي سنڀالڻ لڳو.


 

182 معلومات رئيس غلام مصطفيٰ ولد رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کان تاريخ 25 جون 1976ع تي ورتي ويئي.

183 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 143.

[iii] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi No: G.R.No:  142, P - 8.

[iv] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi No: G.R.No:  142, P - 8.

186 ڏسو: روزانه الوحيد، آزاد نمبر ڪراچي، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص 165.

187 ڏسو: روزانه الوحيد، آزاد نمبر ڪراچي، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص 165.

188 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 143.

189 معلومات رئيس غلام مصطفيٰ ولد رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کان تاريخ 25 جون 1978ع تي ورتي ويئي.

190 ڏسو: روزانه الوحيد، آزاد نمبر ڪراچي، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص 166.

191 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص - 15.

192 جئرامداس دولترام: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ڪراچي، هندو ڪانگريس، گولڊن جوبلي پرچو، 28 ڊسمبر 1935ع، ص - 48.

193 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص - 18.

194 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد - 1، نمبر 26، 26 مئي 1920ع، ص - 4.

195 محمد موسيٰ سومرو: آزادي جا اڳواڻ، ڪراچي، نئين زندگي، آگسٽ، 1969ع، ص - 48.

196 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -155.

197 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -155.

198 الهه بخش عقيلي: مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1950ع، ص - 21.

199 نثار بزمي، مرزاپوري: مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، ڪراچي، نئين زندگي، آڪٽوبر 1962ع، ص - 25.

200 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -157.

201 مظهر يوسف: رئيس غلام محمد خان بهرگري، کراچي، روزنامه جنگ، مورخه 14 نومبر 1976ع، ص - 3.

[xxi] See: Daily Gazette, Karachi, dated 10th March, 1924, P - 1.

203 ڏسو: مهراڻ، سوانح نمبر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 283.

[xxiii] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 1257.

[xxiv] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 1257.

206 تاج محمد سمون: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص - 1.

207 تاج محمد سمون: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص - 9.

[xxvii] See: Sind Madressahtul Islam Chronicle, April 1909, P - 17.

209 تاج محمد سمون: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص - 9.

210 ڏسو: مهراڻ، سوانح نمبر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 284.

211 محمد موسيٰ سومرو: جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، آگسٽ، 1969ع، ص - 48.

212 ڏسو: روزانه الوحيد، آزاد نمبر ڪراچي، اسپيشل ايڊيشن، مورخه 15 جون 1936ع، ص - 167.

213 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد - 1، نمبر 7، مورخه21 اپريل 1920، ص - 3.

214 ڏسو: مهراڻ، سوانح نمبر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 285.

215 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد - 1، نمبر 35، مورخه8 جون 1920، ص - 3.

216 تاج محمد سمون: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص - 10.

217 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي،جلد - 1، نمبر 53، مورخه2 جولائي 1920، ص - 3.

218 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي،جلد - 1، نمبر 64، مورخه16 جولائي 1920، ص - 3.

219 مولانا دين محمد وفائي: ياد جانان، حڪيم محمد عبدالحق ڪتب فروش سکر، 1340 هه / 1921ع، ص - 20.

220 تاج محمد سمون: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، (مضمون)، ڪراچي، نئين زندگي، اپريل 1968ع، ص - 12.

[xl] See: Daily Gazette, Karachi, dated 18th April, 1921, P - 1.

[xli]  جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -165.

[xlii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1911 - 12, P - 27.

224 معلومات جناب شيخ عبدالمجيد سنڌي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 27 جون 1975ع تي ورتي ويئي.

[xliv] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1932 - 33, P - 1 & report 1935-36, P-15.

226 قاضي عبدالمجيد عابد: جيڪڏهن هو سنڌ ۾ پيدا نه ٿئي ها؟، ڄامشورو، سنڌي پبليڪيشن، سنڌ يونيورسٽي، 1973ع، ص - 29.

[xlvi] Maulana Shaukat Ali: A Soldier of Islam , Karachi , Alwahid Special Edition 15th June, 1936, P - 78.

228 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -152.

229 عبدالڪريم سعدي: آه شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 25 مئي 1978ع، ص - 4.

230 معلومات جناب شيخ عبدالمجيد سنڌي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 27 جون 1975ع تي ورتي ويئي.

[l] See: Daily Dawn, Karachi, dated 25.5.1978, P - 12.

[li] See: Daily Dawn, Karachi, dated 25.5.1978, P - 12.

[lii] Moulana Mohammad Irfan: A Brief History of the movement of the Seperation of Sind, Alwahid Special Edition, 15th June 1937, P - 53.

234 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص - 32 ۽ 33.

[liv] Moulana Mohammad Irfan: A Brief History of the movement of the Seperation of Sind, Alwahid Special Edition, 15th June 1937, P - 54.

236 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص - 49.

237 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -169.

238 غلام رباني: شيخ عبدالمجيد سنڌي کان انٽرويو، ڄامشورو، سنڌي پبليڪيشن، سنڌ يونيورسٽي، 1973ع، ص - 38.

239 اختر رضوي: جناب شيخ عبدالمجيد سنڌي ، مهراڻ سوانح نمبر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص - 287.

240 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -170 ۽ 171.

241 جي - الانا: شيخ صاحب صحافت جو مرد مجاهد ۽ سياست جو شهسوار هو، (تقرير) ڪراچي، روزانه هلال پاڪستان، مورخه 12 جولائي 1978ع، ص - 5.

242 معلومات جناب شيخ عبدالمجيد سنڌي کان انٽرويو وسيلي تاريخ 27 جون 1975ع تي ورتي ويئي.

[lxii] See: Daily Dawn, Karachi, dated 25.5.1978, P - 12.

244 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -172.

245 ڏسو: عوامي دور - 4، ڪراچي، سنڌ تعلقات عامه کاتو، 1972ع، ص - 32.

246 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، ڀاڱو پهريون، ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنز، 1950ع، ص - 226.

[lxvi] See: Daily Dawn, Karachi, dated 25.5.1978, P - 12.

248 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -172.

249 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -172.

250 ڏسو: روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، مورخه 25 مئي 1978ع ، ص-1.

251 ڪوثر نيازي: ديده ور، ڪراچي، شيخ غلام علي ائنڊ سنز، 1977ع، ص - 14.

252 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -166.

253 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص -166.

[lxxiii] See: General register of Sind Madressahtul Islam, Karachi, No: 2, G.R.No: 1165, P - 61.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org