سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ مدرسة الاسالم جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو

 

صفحو:15 

برصغير جي عوام اڳيان هڪ ئي مسئلو هو ته ڪيئن به ڪري ملڪ مان انگريزن کي نيڪالي ڏني وڃي. ان ڪري ابتدائي ڏينهن ۾ مذهبي مت ڀيد ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو ۽ برصغير جا سياستدان هڪ ئي وقت تي مختلف سياسي پارٽين جا ميمبر يا ليڊر به هوندا هئا. قائد اعظم محمد علي جناح “ڪانگريس ۽ مسلم ليگ” کان سواءِ 1917ع کان “هوم رول ليگ” سان به وابسته رهيو[i]. ساڳي سال پاڻ “هوم رول ليگ” جي صدر جي حيثيت سان برصغير جي تاريخ ۾ اهم رول ادا ڪيو. “جنگي ڪائونسل دهلي” ۾ وائسراءِ جي اڳيان اعلان ڪيو ته جيستائين هندستانين کي سندس آزادي جو نقشو نه سمجھايو ويندو، تيستائين هو جنگي ڪوششن ۾ مدد نه ڪندا. سندن اهو اظهار وقت جي عظيم ۽ جرئت مند جذبن، امنگن ۽ سياسي بصيرت جو اظهار هو. 1918ع ۾ بمبئي جي گورنر لارڊ ولنگڊن (Lord Willingdon) جي صدارت هيٺ ٽائون هال ۾ جلسو ٿيو، قائد اعظم محمد علي جناح انهيءَ جلسي ۾ انگريز سرڪار جي پرڏيهي پاليسي تي شديد تنقيد ڪئي[ii]. انهيءَ کان پوءِ لارڊ ولنگڊن (Lord Willingdon) خلاف بمبئي ۾ مظاهرو ٿيو، محمد علي جناح هن مظاهري ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي پر ان جي رهبري به ڪئي.

        پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ برطانيه به هڪ فريق هو. ان جي نتيجي ۾ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ پوري هندستان ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون. ملڪ جو ڪچو مال جنگ جي نذر ٿي ويو هو. قيمتون چوٽ چڙهي ويون ۽ چؤطرف فسادن منهن ڪڍيو. حڪومت عوامي امنگن ۽ جذبن کي دٻائڻ خاطر 1919ع ۾ “روولٽ ايڪٽ” لاڳو ڪيو[iii]. محمد علي جناح انهيءَ خلاف احتجاج ڪندي “امپيرئل ڪائونسل” تان استعيفا ڏئي ڇڏي[iv].

        بنگال جي ورهاڱي جي رد ٿيڻ کان وٺي مسلمانن لاءِ مصيبتن جو هڪ دور شروع ٿئي ٿو. “مسلمان دشمني” ڪانگريس پاليسيءَ جو بنياد بڻجي ويئي هئي، جڏهن محمد علي جناح ڏٺو ته هاڻي ڪانگريس جا پروگرام سندس سياسي رجحانات جي مطابق نه آهن ۽ ترڪ موالات جي سلسلي ۾ قائد اعظم کي ڪانگريس سان اصولي اختلاف ٿي پيو، ان ڪري انهيءَ سال يعني 1920ع ۾ “ڪانگريس پارٽي” ڇڏي ڏنائين[v].

        قائد اعظم محمد علي جناح هميشه پئي ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي، “خلافت تحريڪ” جي ابتدا کان پوءِ حالتون اهڙيون پيدا ٿينديون ويون، جو مسلمانن پنهنجي قيادت پنهنجي ئي هٿن سان هندن کي ڏئي رهيا هئا. ان وقت مسٽر گانڌي خلافتي مسلمانن جو به رهبر بڻجي چڪو هو ۽ “عدم تعاون تحريڪ” هلائڻ جو اعلان ڪري چڪو هو. سندس اها پاليسي گھٽ ۾ گھٽ مسلمانن جي مفاد جي خلاف هئي. انهيءَ ڪري 1921ع ۾ جناح، بمبئي جي هڪ جلسي ۾ انهيءَ تحريڪ جي اڳرن نتيجن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو[vi]. 14 نومبر 1923ع تي پاڻ وري مرڪزي اسيمبليءَ تي بنا مقابلي چونڊجي ويو[vii]، “آل انڊيا مسلم ليگ” جو اجلاس 25 مئي 1924ع تي لاهور ۾ سندس صدارت هيٺ ٿيو[viii] ۽ هن صاحب هندو مسلم سمجھوتي تي زور ڏنو. 1926ع ۾ جناح صاحب مرڪزي اسيمبليءَ تي بنا مقابلي چونڊجي ويو[ix].

        1927ع ۾ برطانيه حڪومت 1919ع وارن سڌارن جي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ ۽ نئين آئيني سفارش پيش ڪرڻ لاءِ “سائمن ڪميشن” قائم ڪئي، جنهن تي ڪو به ڏيهي ميمبر نه کنيو ويو[x]. محمد علي جناح انهيءَ ڪميشن جي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ سرگرمي سان ڪم ڪيو[xi]. جن سياسي ڌڙن ۽ پارٽين “سائمن ڪميشن” جو بائيڪاٽ ڪيو، تن مختلف سياسي جماعتن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ته جيئن ملڪ لاءِ اهڙو آئيني خاڪو تيار ڪجي، جنهن کي سڀئي قبول ڪن. ان ڪري 1928ع ۾ “آل پارٽيز ڪانفرنس” سڏائي ويئي[xii]. هن ڪانفرنس ۾ نهرو جي صدارت هيٺ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ مسلمانن جي الڳ قوميت ۽ انهن لاءِ چونڊن جي الڳ سرشتي جي نفي ڪئي. انهيءَ جي سد باب ڪرڻ لاءِ 1929ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد علي جناح اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجا چوڏهن نڪتا پيش ڪيا[xiii].

        انهيءَ کان پوءِ 1930ع ۽ 1932ع جي وچ ۾ “گول ميز ڪانفرنس” جا ٽي اجلاس لنڊن ۾ سڏايا ويا، جن ۾ قائد اعظم شرڪت ڪري مسلمانن جي جذبات جي ڀرپور ترجماني ڪئي[xiv]. جنهن کان  ٻه سال پوءِ هندستان جي سياست کان عارضي ڪناره ڪشي اختيار ڪري لنڊن هليو ويو[xv]، جتان پاڻ 1934ع ۾ وطن واپس وريو ۽ مسلم ليگ جي نئين سِر تنظيم سازي ڪيائين[xvi].

        هندن جي مخالفت ۽ انگريزن جي غلط پاليسين برصغير ۾ اقليتن جي حقن کي خطرو لاحق ٿي پيو هو. مسٽر جناح انهيءَ سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. 1935ع ۾ سندس “راجندر پرشاد” سان انهي مسئلي تي گفتگو ٿي، پر ٻنهي ڌرين جي اڻبڻت سبب ڪو حل نڪري نه سگھيو[xvii]. 1935ع جي ائڪٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ “مسلم ليگ” کي هڪ مضبوط قيادت جي ضرورت هئي، قائد اعظم اها کوٽ پوري ڪئي[xviii]. پاڻ “مسلم ليگ” پارليامينٽري بورڊ تشڪيل ڏنائين ۽ چونڊن جي مهم جو آغاز ڪيائين. جناح صاحب جي زير صدارت 1937ع ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جو اجلاس ٿيو[xix]، جنهن ۾ “مسلم ليگ” جي نئين سِر تنظيم سازي ڪرڻ جو آغاز ڪيائين.

        1938ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر عبدالله هارون ۽ سنڌ جي ٻين مسلم ليگي ڪارڪنن جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جلسو ٿيو، جنهن ۾ چوٽيءَ جي مسلم ليگي ليڊرن کان سواءِ محمد علي جناح به شرڪت ڪئي[xx]. هن جلسي ۾ جناح صاحب هندن جي رام راڄ واري تصور تي روشني وڌي. شيخ عبدالمجيد سنڌي هن ئي جلسي ۾ ٻن قومن جي نظرين تي ٻڌل قرارداد پيش ڪئي. 1939ع ۾ وائسراءِ جي خواهش تي ان سان جناح صاحب ملاقات ڪئي[xxi]، 1940ع ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ جو تاريخي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي. هن ئي جلسي ۾ “قراداد پاڪستان” بحال ڪئي ويئي[xxii]. 1941ع ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” بمبئي واري جلسي ۾ مسٽر جناح، هندو ۽ مسلمانن جي لاءِ الڳ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو[xxiii]. 1942ع ۾ جڏهن “ڪرپس مشن” هندستان آيو ته محمد علي جناح، مسلم ليگ جو مطالبو يعني پاڪستان جي حصول کي ڳالهين وسيلي “مشن” کان تسليم ڪرايو[xxiv].

        1940ع ۾ لاهور مسلم ليگ جو اجلاس ٿيڻ وارو هو ته ڪجھه وقت اڳ پوليس لاهور ۾ خاڪسارن تي گولي هلائي. تشويشناڪ حالتن جي باوجود لاهور ۾ مسلم ليگ جو تاريخي اجلاس ٿيو. مخالفن جي ڪنن ڀرڻ تي خاڪسار مسلم ليگ جي رهبرن تي ڏمرجي پيا. جلسي کان اڳ خود قائد اعظم ڏانهن ڌمڪي آميز خط لکيا ته نه پاڪستان جو مطالبو ڪيو وڃي، نه وري گانڌي سان ڦٽائي وڃي. قائد اعظم ڪنهن جي به ڌمڪي ۾ اچڻ وارو نه هو، انهيءَ ڪري 26 جولائي 1943ع تي رفيق صابر نالي هڪ خاڪسار مٿس خوني حملو ڪيو[xxv].

        1944ع ۾ راجگوپال آچاريه هندستان جي ورهاڱي بابت هڪ رٿ قائد اعظم کي موڪلي[xxvi] جا هن صاحب رد ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان جي بنياد تي مسلم ليگ سان تعاون ڪرڻ جي اپيل ڪيائين. 1945ع ۾ لارڊ ويول (Lord Wavell) جي ڪوشش سان شملا ۾ ڪانفرنس ٿي[xxvii]،  ته جيئن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اختلاف دور ڪري سگھجن. محمد علي جناح انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، پر هندن سان اختلافن سبب کيس “شملا ڪانفرنس” جي تجويزن کي مسترد ڪرڻو پيو[xxviii]. 1946ع ۾ هندستان ۾ مرڪزي ۽ صوبائي چونڊون ٿيون. جناح صاحب بمبئي تڪ مان اميدوار بيٺو ۽ حسين ڀائي لالجي سندس مخالفت ۾ بيٺو. پر محمد علي جناح کيس سخت شڪست ڏني[xxix]. قائد اعظم جي قيادت سبب انهيءَ سال “ليگ” کي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ٿي. جنهن تي “يوم فتح” ملهائڻ جو اعلان ڪيو[xxx]. ساڳي سال هندستان ۾ “وزارتي مشن” آيو. قائد اعظم مسلمانن جي سياسي رهبر جي صورت ۾ انهيءَ “مشن” سان گفتگو ڪئي ۽ اسڪيم قبول ڪئي. پر انهيءَ مشن جي هندو نواز پاليسي ڏسي پاڻ احتجاج طور پنهنجي منظوري واپس ورتي، سمورن مسلمان توڙي مسلم ليگي خطاب يافته ماڻهن کي خطاب واپس ڪرڻ لاءِ چيائين. انهيءَ کان پوءِ لارڊ ويول (Lord Wavell) ڪانگريس کي عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو. جنهن کان هندو مسلم فسادن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو. قائد اعظم اهڙي ڏکئي وقت ۾ مسلمانن جي رهبري ڪندو رهيو. آخرڪار 21 مارچ 1947 تي لارڊ مائونٽ بيٽن (Lord Mount Batten) کي هندستان جو وائسراءِ ۽ گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو[xxxi]، جنهن پاڪستان جي مطالبي کي قبول ڪيو.

        قائد اعظم محمد علي جناح سر جون سٽون ڏيندي به هر ڏکئي موڙ تي مسلمانن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو رهيو. آخرڪار سندس ڪوشش رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي گولي تي هڪ نئين اسلامي مملڪت قائم ٿي[xxxii].

        قائد اعظم محمد علي جناح انهيءَ نئين وطن جو پهريون گورنر جنرل ٿيو[xxxiii]، اهڙي عظيم رهبر، قانوندان، سياستدان ۽ پاڪستان جي باني جو لاڏاڻو 11 سيپٽمبر 1948ع تي ٿيو[xxxiv].

سر غلام حسين هدايت الله:

الف: تعارف:

سر غلام حسين جو والد شيخ هدايت الله اصل ڪشمير جو رهواسي هو، جتان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو ۽ اتي ئي اسلام قبول ڪيائين[xxxv].

        شيخ غلام حسين هدايت الله جو جنم  جنوري 1879ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٿيو[xxxvi]. هن صاحب ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي ۽ پوءِ اتي ئي انگريزي پڙهڻ لاءِ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي پنج درجا انگريزي جا پڙهي اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخلا ورتائين. جتان 1894ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين[xxxvii]. ان کان پوءِ ڊي - جي سنڌ ڪاليج ۾داخل ٿيو، جتان 1899ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين[xxxviii]. جنهن کان پوءِ وڪالت پڙهڻ لاءِ گورنمينٽ لا اسڪول بمبئي ۾ داخلا ورتائين ۽ 1904ع ۾ وڪالت جي سند وٺي اچي حيدرآباد ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو[xxxix].

ب: مدرسي جو اثر:

       سر غلام حسين هدايت الله ٻن سالن جي عرصي تائين مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي. اهو دور پرنسپال ولي محمد حسن علي جو هو. هن صاحب کي مولوي الهه بخش اٻوجھي جهڙو قومي شاعر استاد مليو. مولانا مدرسي جي برپا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي خوابن جو تعبير ڏٺو. مولانا پنهنجن شاگردن ۾ هميشه قومي روح ڦوڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو.

        مدرسي ۾ انهن ڏينهن ۾ “ڊبيٽنگ ڪلب” به قائم ڪئي ويئي هئي. جنهن جي سهاري هيٺ هفتي ۾ هڪ دفعو شاگردن کان تقريرون ڪرايون وينديون هيون. هن ڪلب جو اهو مقصد هو ته جيئن شاگرد پنهنجي اندر جي اڌمن کي نروار ڪري سگھن ۽ پنهنجي راءِ کي ٻين جي آڏو پيش ڪرڻ جي قوت پيدا ڪن، خود اعتمادي جو جذبو پيدا ڪري سگھن. شيخ غلام حسين هدايت الله “ڊبيٽنگ ڪلب” ۾ تمام گھڻي دلچسپي وٺندو هو، جنهن مان گھڻو ڪجھ حاصل ڪيائين، جو اڳتي هلي ليڊر ۽ مقرر ٿيو.

        سر غلام حسين هدايت الله سنڌ مدرسي جي اثر جو پاڻ اقرار ڪندي چئي ٿو ته: “سنڌ جي سنڌي مسلمانن جي نئين ٽهي اڪثر ڪري هن ئي مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ اڄ به سنڌي مسلمانن جي گھڻائي هن ئي اداري ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي. اهي ماڻهو جن هن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. اهي چڱي طرح محسوس ڪري سگھن ٿا ته سنڌ مدرسي سندن زندگيءَ ۾ ڪهڙو انقلاب آندو. اڄ جا شاگرد جڏهن سڀاڻي مدرسو ڇڏيندا ته انهن کي وري اڳتي وڌڻ وارا ساڳيا ئي لفظ دهرائڻا پوندا”[xl].

        سر غلام حسين هدايت الله نه صرف مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو، پر عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به مدرسي جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ 1906ع کان وٺي 1920ع تائين حيدرآباد ميونسپالٽيءَ طرفان “سنڌ مدرسه بورڊ” جو نامزد ميمبر ٿي رهيو[xli]. ان کان سواءِ وقت به وقت مدرسي جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندو رهندو هو. غريب شاگردن جي مالي مدد پڻ ڪندو رهندو هو[xlii]. جڏهن 1943ع ۾ “سنڌ مدرسه آرٽس ڪاليج” قائم ڪيو ويو ته پنج هزار روپين جو عطيو ڏنائين[xliii].

ج: سياست ۾ حصو:

       سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي سياسي زندگي جي ابتدا حيدرآباد ميونسپالٽي جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. جنهن جو پاڻ وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ به ٿي رهيو[xliv]. سندس سياسي زندگي کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، پهرين حصي ۾ هن صاحب ضلع جي سطح تي حيدرآباد ۾ عوام جي خدمت ڪئي. انهيءَ عرصي دوران کيس ضلع لوڪلبورڊ جي پهرين غير سرڪاري پريزيڊنٽ هئڻ جو شرف حاصل ٿيو. شيخ صاحب جي سياسي زندگي جو ٻيو دور 1912ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ 1935ع تائين ختم ٿئي ٿو. هن عرصي دوران هن صاحب “بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل” توڙي مرڪزي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان سنڌ جي چڱي خدمت ڪئي.

        پاڻ 1913ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد طرفان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو[xlv]. کيس 1921ع ۾ پهريون دفعو بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو[xlvi]، هن انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ آدمشماري جي لحاظ سان مسلمانن کي لوڪل بورڊ ۾ نمائندگي وٺي ڏني[xlvii]. 1923ع ۾ جڏهن ٻيهر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي چونڊجي ويو ته لاڳيتو وزير رهندو آيو. 1927ع ۾ کيس پي - ڊبليو - ڊي جو وزير مقرر ڪيو ويو[xlviii]. 1928ع ۾ بمبئي سرڪار هن جي لياقتن ۽ صلاحيتن جي قدرداني ڪندي کيس ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو[xlix]. 1920ع ۾ جڏهن لنڊن ۾ “گول ميز ڪانفرنس” ٿي ته هن صاحب کي بمبئي سرڪار پنهنجو عيوضي ڪري موڪليو، اتي هن سنڌ جي علحدگي واري ڪميٽي ۾ بيمار هئڻ جي باوجود به پاڻ کڻائي، سنڌ جي علحدگي جي فائدي ۾ پرزور تقرير ڪئي[l]. 1932ع ۾ وري کيس بمبئي سرڪار جي مشهور مالي ميمبر سرگووند پرڌان جي جاءِ تي مالي ميمبر جي چارج ڏني ويئي[li]. 1933ع ڌاري بمبئي جي گورنر موڪل تي هليو ويو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي ايگزيڪيوٽو ميمبرن مان ڪنهن سينئر ميمبر کي عارضي گورنر مقرر ڪرڻو هو. ان وقت شيخ غلام حسين ئي سڀني ميمبرن کان سينئر هو، مگر هن کي گورنر نه بڻايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي هوم ميمبر “سر ارنيسٽ هٽس” (Ernest Hutts) کي گورنر مقرر ڪيو ويو. شيخ صاحب  1934ع تائين ايگزيڪيوٽو ميمبر ٿي ڪم ڪيو[lii].

        جڏهن سنڌ، بمبئي کان ڌار ٿي. تڏهن بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌي ميمبرن کي سنڌ جي نئين گورنر جو صلاح ڪار مقرر ڪيو ويو، سر غلام حسين هدايت الله انهيءَ ڪائونسل جو چيئرمين ٿي رهيو[liii].

        شيخ صاحب جي سياسي زندگيءَ جو ٽيون دور 1936ع کان شروع ٿئي ٿو. جيڪو سندس وفات جي ڏينهن تائين اچي پورو ٿئي ٿو. هن عرصي دوران هو صاحب سنڌ جي سياسي افق تي پوري طرح نمايان رهيو. کيس هن دور دوران وڏي وزير، وزير ۽ گورنر ٿيڻ جو پڻ موقعو مليو. 1936ع ۾ شيخ صاحب سنڌ صوبي ۾ “مسلم پوليٽيڪل پارٽي” جي اهم ليڊر جي حيثيت سان سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيو[liv] ۽ آخر ۾ وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. کيس ڪيترو وقت اڳ “خانبهادر”، “سر” ۽ “نائيٽ ڪمانڊر اسٽاف آف انڊيا” جا لقب ۽ خطاب سرڪار طرفان ڏنا ويا هئا. جيڪي هن صاحب قائد اعظم محمد علي جناح جي فرمان موجب واپس ڪري ڇڏيا[lv]. اهو قدم سندس پڪي مسلم ليگي ۽ قائد اعظم جي عقيدت مند هئڻ جو ٺوس ثبوت آهي. هن ئي عرصي دوران کيس ورهاڱي واري ڳالهين ۾ عملي حصي وٺڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ هن پاڪستان جي حصول لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن 1946ع ۾ وائسراءِ شملا ڪانفرنس سڏائي ته شيخ صاحب انهيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو[lvi].

        شيخ صاحب پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ٽئين ۽ آخري دور ۾ به وزير، وڏي وزير ۽ گورنر جي حيثيت سان اقتدار ۾ رهيو. جنهن جو وچور هن ريت آهي:

الف: سنڌ صوبي جو وڏو وزير

1.     1937ع کان مارچ 1938ع تائين.

2.    آڪٽوبر 1942ع کان آگسٽ 1947ع تائين[lvii].

ب: وزير

1.      جناب الهه بخش سومري جي وزارت ۾ فيبروري 1939ع کان 18 مارچ 1940ع تائين داخلا، قانون ۽ انتظامي امور جا کاتا[lviii].

2.     جناب الهه بخش سومري جي وزارت ۾ مارچ 1941ع کان آڪٽوبر 1942ع تائين. داخلا، سياسي امور، قانون ۽ عام انتظامي امور جا کاتا[lix].

 ج: گورنر

1.      16 آگسٽ 1947ع کان چوٿين آڪٽوبر 1948ع تائين[lx].

سنڌ جو هي جھونو بزرگ ۽ برک سياستدان چوٿين آڪٽوبر 1948ع تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو[lxi].

مير ايوب خان

الف: تعارف:

مير صاحب راجپوت قوم جي سمه خاندان جي شاخ ڄامن مان هو. سندس والد مير ڄام خان عالياڻي ٻيو ۽ سندس ڀاءُ ڄام مير عالي ڪيترو وقت لسٻيلي جا حاڪم ٿي رهيا[lxii]، مير ايوب خان 7 جون 1879ع ۾ لسٻيلي شهر ۾ ڄائو[lxiii]. 15 ڏينهن جو هو ته سندس والده وفات ڪري ويئي ۽ ستن سالن کان پوءِ هن صاحب جو والد به هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کان پوءِ سندس پرورش هن جي ماسي ڪئي.

        رياستي سازشن کان محفوظ رهڻ لاءِ هو صاحب پنهنجي ماسي سان گڏجي اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي پيو. ابتدائي تعليم ڪراچي مان ورتائين ۽ ان کان پوءِ انگريزي جا ڇهه درجا اين - جي - وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. 1901ع ۾ اچي “سنڌ مدرسة الاسلام” ڪراچي ۾ داخل ٿيو[lxiv]. جتان 1902ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين[lxv]، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ “ايٽڪنس ڪاليج” لاهور ۾ داخلا ورتائين. جتي هن هوشيارپ سبب پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو ۽ اتي “لارڊ ڪرزن” (Lord Curzon) جي هٿان “مئڪورٿ ينگ بڪرم” ميڊل حاصل ڪيو[lxvi]. 1903ع جي آخر ۾ هي صاحب انگلنڊ هليو ويو ۽ “لنڪولنس ان” مان 1906ع ۾ بار - ايٽ - لا جو امتحان پاس ڪري واپس آيو[lxvii].

ب: مدرسي جو اثر:

       سنڌ مدرسي، مير ايوب جي شخصيت ۽ ڪردار تي گھرو اثر ڇڏيو. سڀ کان اول انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته مدرسو اهو پهريون ادارو آهي، جنهن سنڌ توڙي بلوچستان جي وڏ گھراڻي خاص ڪري ٽالپورن جي ٻارن کي سندن تاريخ ۾ پهريون دفعو انگريزي تعليم سان متعارف ڪرايو[lxviii]. مير صاحب صرف هڪ سال مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي، ان عرصي دوران جيڪو ڪجھه مير صاحب سکيو يا پرايو ان متعلق پاڻ لکي ٿو ته: “مون جيتوڻيڪ ٿورو وقت مدرسي مان فيض حاصل ڪيو، پر اهو منهنجي زندگيءَ لاءِ هڪ انقلاب کان گھٽ نه هو. قوم ۽ وطن لاءِ محبت جو درس مدرسي جي شفيق استادن کان ئي مليو. ساڳي وقت ادب سان شوق به “مدرسه ڊبيٽنگ سوسائٽي” جو ئي نتيجو آهي.. آئون ڪڏهن به مدرسي جا اهي ڏينهن نه وساري سگھندس جن منهنجي زندگي سنواري ڇڏي”[lxix].

        مير صاحب جي مدرسي سان محبت انهيءَ مان ظاهر آهي ته زندگيءَ جا 30 سال مدرسي جي خدمت ڪندي گذاري. پاڻ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” طرفان 1928ع کان 1929ع تائين صرف هڪ سال لاءِ مدرسي جي بورڊ جو ميمبر رهيو[lxx]،  ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ٿرپارڪر طرفان 1917ع ۾  مدرسه بورڊ تي ميمبر جي حيثيت سان نامزد ڪيو ويو[lxxi]، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچي طرفان 1927ع ۾ “مدرسه بورڊ” تي نامزد ٿيو[lxxii] جھونا ڳڙهه اسٽيٽ طرفان 1923ع کان 1942ع تائين “مدرسه بورڊ” تي ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو[lxxiii].

        مير ايوب خان ان کان سواءِ “مدرسه بورڊ” جي ڪاميٽين ۽ سب ڪاميٽين تي به وقت به وقت نامزد ٿيندو رهيو.

الف: سنڌ مدرسه محمدن ڪاميٽي:

1.      ميمبر - 1915ع کان 1918ع تائين[lxxiv].

2.     چيئرمين - 1919ع کان 1938ع تائين[lxxv].

ب: اسٽينڊنگ ڪاميٽي:

1.     ميمبر - 1915ع کان 1942ع تائين[lxxvi].

2.    چيئرمين - 1939ع کان 1940ع تائين[lxxvii].

3.    خزانچي - 1939ع کان 1940ع تائين[lxxviii].

ج: سنڌ مدرسه بورڊ:

1.      پريزيڊنٽ - 1938ع کان 1939ع تائين[lxxix].

2.     وائس پريزيڊنٽ – 1939ع کان 1941ع تائين[lxxx].

جڏهن سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي ته “سنڌ مدرسه بورڊ” جي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي انهيءَ سلسلي ۾ بورڊ طرفان هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي. مير ايوب انهيءَ ڪاميٽي ۾ ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو[lxxxi]، مطلب ته مير صاحب زندگيءَ جو گھڻو عرصو مدرسي جي خدمت ۾ صرف ڪري ڇڏيو.

سياست ۾ حصو:

        مير ايوب خان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪانگريسي ورڪر جي حيثيت ۾ ڪيو، 1912ع ۾ جڏهن آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس نواب سعيد محمد جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿيو. ته هن صاحب انهيءَ ۾ مرحبائي ڪاميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ اجلاس ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتو[lxxxii]، پاڻ پنجن سالن جي عرصي تائين “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو آنرري سيڪريٽري به ٿي رهيو[lxxxiii]،  کيس 1910ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر جي حيثيت سان نامزد ڪيو ويو جتي هو 28 ورهين تائين پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. انهيءَ کان سواءِ پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو نامزد ميمبر ٿي رهيو ۽ اتي هن صاحب 1921ع ۾ وائس پريزيڊنٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيو[lxxxiv].

        مير ايوب بنيادي طور تي هڪ مقامي سياستدان هو. جنهن صرف ضلعي جي سطح تي ئي رهي ملڪ ۽ ملت جي خدمت سر انجام ڏني. هو صاحب سياستدان گھٽ مگر سماجي ڪارڪن وڌيڪ هو. سرڪار سندس صلاحيتن ۽ لياقتن جو پورو پورو قدر ٿي ڪيو. پهريون کيس ملازمتون آڇيون ويون ته هن صاحب انهن کي ٺڪرائي ڇڏيو. پر ان هوندي به کيس 1915ع ۾ بمبئي سرڪار، لوڪلبورڊ ائڪٽ ۾ درستيون ڪرڻ لاءِ ماهرن جي ڪاميٽي تي مقرر ڪيو.

        پاڻ جڏهن ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو ته ٻه دفعه ڪراچي “ميونسپل اسڪول بورڊ” جو چيئرمين به ٿي رهيو. ان کان سواءِ جڏهن آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل” جو اجلاس 1919ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ٿيو تڏهن هن صاحب آنرري سيڪريٽري جي حيثيت سان انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي[lxxxv].

        مير صاحب جي سماجي خدمتن جي تاريخ انهيءَ وقت تائين اڌوري ٿيندي، جيستائين سندس ٻين ڪارگذارين جو وچور نه ڏنو ويندو. مير ايوب ڪيتري ئي وقت تائين ڌار ڌار عهدن تي نامزد ٿي ڪم ڪندو رهيو:

1.      “ڪراچي پورٽ ٽرسٽ” جو ٽرسٽي ۽ وائس چيئرمين ٿي رهيو.

2.     “ليڊي ڊفرن هاسپيٽل” جو صلاحڪار ميمبر رهيو.

3.     “روٽري ڪلب” جو پريزيڊنٽ رهيو.

4.     “ڪراچي ڪلب” جو ميمبر رهيو.

5.     “فري ميسنري” جو ميمبر رهيو.

6.     “ينگ سينس مسلم ايسوسيئيشن” جو ميمبر ٿي رهيو.

7.     “مسلم جيم خانه” جو ميمبر ۽ پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

8.     “سنڌ هلال احمر سوسائٽي” جو چيئرمين ٿي رهيو ۽ ترڪن کي “بلقا” ۽ “اٽليءَ” جي جنگين وقت چندو گڏ ڪري مدد لاءِ موڪليو.

9.     “ڪراچي وار ليگ” جو وائس پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

10. “فري ميسنري“ جي “لاج هارموني” جو پاسٽ ماسٽر ۽ “لاج ٽيم پرنس” ۽ “بيسوونس” جو پايو وجھندڙ هو[lxxxvi].

مير ايوب خان 25 مارچ 1945ع تي وفات ڪئي. سندس ڀاءُ مير مقبول خان انهيءَ حادثي تي قطعه تاريخ وفات لکيو:

سوءِ عقبى از جهان به ثبات
با تبسم  رفت مير ايوب خان

خوش ڪلام و صاحب علم و ادب
بود گوهر در نگاهه لکنه دان

مصرعه تاريخ اين مقبول گفت
شمع محفل رفت از بزم جهان[lxxxvii]
                                               1364 هه

عبدالرحمان حافظ محمد يعقوب:

الف: تعارف:

جناب عبدالرحمان جا وڏا عربستان جي زبيري قبيلي مان هئا، جيڪي لڏي اچي “هالا” سنڌ ۾ ويٺا[lxxxviii]، سندس والد حافظ محمد يعقوب لڏي اچي ڪراچي ۾ ويٺو، مسٽر عبدالرحمان 23 سيپٽمبر 1880ع تي ڄائو[lxxxix]، هن تعليم جي ابتدا سنڌ مدرسي مان ڪئي، جڏهن مئٽرڪ ۾ هو ته کيس “سنڌ مدرسة الاسلام” مان خارج ڪيو ويو[xc]. هي صاحب 1906ع ۾ “سنڌ پليڊرس امتحان” پاس ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ وڃي وڪالت ڪرڻ لڳو. 1909ع ۾ لنڊن وڃي “لنڪولن ان” ۾ داخلا ورتائين ۽ 1912ع ۾ بئريسٽري جي سند وٺي واپس وطن وريو.

ب: مدرسي جو اثر:

       عبدالرحمان محمد يعقوب ٻاراڻي درجي کان وٺي مئٽرڪ ڪلاس تائين “سنڌ مدرسة الاسلام” ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ انهيءَ طويل عرصي دوران “سنڌ مدرسة الاسلام” ۽ ان جي ماحول جو ڀرپور اثر قبول ڪيو.

        ڊي - پي ڪوٽوال، محمد عثمان نورنگزادو ۽ خواجه علي محمد هن دور جا نامور استاد هئا، جن پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ محبت سان پنهنجي شاگردن ۾ قومي، علمي ۽ ادبي روح ڦوڪيو. بئريسٽر عبدالرحمان نه رڳو انهن عظيم استادن جو اثر قبول ڪيو، پر کيس مدرسي جي باني حسن علي آفندي کي به ڏسڻ ۽ پرکڻ جو موقعو به مليو.

        انهيءَ دور جي مدرسي جي ماحول وقت جي شاگردن کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. حق سان محبت ۽ ناحق سان نفرت جو درس کين مدرسي جي ماحول مان ئي مليو ۽ تنهن وقت جي شاگردن به اهڙن جذبن جو اظهار به ڪيو. پرسي هائيڊ (Percy Hide) ان وقت “سنڌ مدرسة الاسلام” جو پرنسپال هوندو هو. هو صاحب نه رڳو انگريز هو پر فوجي خاندان سان به واسطو رکندو هو. انهيءَ ڪري سندس انتظام تي حاڪماڻو رنگ چڙهيل هوندو هو ۽ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي ماحول کان متاثر ٿيل وطن دوست شاگرد هن پهرين انگريز پرنسپال کي سندس سخت انتظام ۽ حاڪماڻي رويي جي سبب پسند نه ڪندا هئا. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي پهريون شاگرد هو، جيڪو مدرسي جي پهرين انگريز پرنسپال جي زيادتين جو نشانو بڻيو، کيس مدرسي مان خارج ڪيو ويو، ڀرڳڙي صاحب جي مدرسي نيڪالي قومي غيرت رکندڙ شاگردن لاءِ عبرت جو  باعث بڻي ۽ ساڳئي وقت انهن جي جذبي ۽ جوش ۾ به اضافو آڻي ڇڏيو. بئريسٽر عبدالرحمان ۽ سندس ڀاءُ مسٽر عبدالجبار، سنڌ مدرسة الاسلام جي پرنسپال خلاف درخواستون ڪيون، جنهن جي پاداش ۾ کين 10 نومبر 1898ع تي مدرسي مان خارج ڪيو ويو[xci].

        حقيقت ۾ اهو واقعو ۽ اهو حادثو ٻنهي ڀائرن جي زندگيءَ ۾ عظيم انقلاب آڻڻ جو باعث ٿيو ۽ اڳتي هلي قومي ڪارڪن ۽ سياسي رهبر ٿيا. مسٽر عبدالرحمان جيتوڻيڪ هن مدرسي جي پرنسپال کان سور سٺا پر ان هوندي به هن مدرسي جي محبت کي دل مان نه ڪڍيو، اهو سنڌ مدرسة الاسلام جو ئي اثر هو جو هو 1912ع کان وٺي 1929ع تائين “مدرسه بورڊ” سان وابسته رهيو[xcii].

ج: سياست ۾ حصو:

       مسٽر عبدالرحمان پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ڪيو. 1912ع ۾ جڏهن ولايت کان واپس آيو ته ان کان پوءِ انهي جماعت ۾ شرڪت ڪيائين، هڪ سال پوءِ يعني 1913ع ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو[xciii] ۽ هڪ مخلص ورڪر جي حيثيت سان هن جماعت جي خدمت ڪيائين، اهو ئي سبب هو جو ڊسمبر 1913ع ۾ جڏهن “آل انڊيا نيشنل ڪانگريس” جو اٺاويهون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو ته ان ۾ هن صاحب مکيه حصو ورتو[xciv]. پاڻ هڪ سال لاءِ “سنڌي ڪانگريس ڪاميٽيءَ” جو ميمبر ٿي رهيو.

        1920ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ڪراچي طرفان اميدوار بيٺو پر چونڊجي نه سگھيو. 1925ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچي جو ميمبر چونڊيو ويو، جتي 1928ع تائين ڪراچي ضلعي جي خدمت ڪندو رهيو[xcv]. جلد ئي پوءِ مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن ڪري 1929ع کان وٺي 1935ع تائين “مُباسا” ۽ “نيروبي” ۾ وڪالت ڪندو رهيو[xcvi]. 1935ع ۾ جڏهن وطن واپس وريو ته سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ وڏي زور شور سان هلي رهي هئي. جنهن ۾ هن ڀرپور حصو ورتو، انهيءَ کان پوءِ ڪراچي لوڪلبورڊ ۽ ميونسپالٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪندو رهيو.

        1937ع کان پوءِ سنڌ ۽ هند جي سياسي حالتن ۾ وڏيون تبديليون اچي چڪيون هيون، خاص ڪري سنڌ ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پارٽي ترڪ آزادي لاءِ ڌار ڌار راهون اختيار ڪيون. انهيءَ ڪري هن صاحب سياسي معاملي ۾ گھٽ دلچسپي وٺڻ لڳو. هن صاحب 26 فيبروري 1943ع تي دل جي آرزي سبب وفات ڪئي[xcvii].


 

85 رئيس احمد جعفري: حيات محمد علي جناح، ڪراچي ڪتب خانه تاج آفيس، 1947ع، ص -82.

86 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 124.

[iii] Rafique Akhtar: The Quaid-e- Azam, Karachi, East & West Publishing Co:, 1976, P - 197.

88 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 142.

89 چودهري سردار محمد خان عزيز: حيات قائد اعظم، لاهور، احسن برادرز، 1962ع، ص - 183.

90 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 170.

91 جي - ايم سيد: جديد سياست جا نورتن ، ارباب نور محمد پليجو، سنڌ 1976ع، ص - 193.

92 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 196.

[ix] Muhammad Anwar: Quaid-e- Azam Jinnah, Karachi, A selected Bibliography, Part - I, National Publishing House, Ltd, 1970, P - 11.

94 جي - الانا: قائد اعظم هڪ عظيم آئيني ذهن، ڪراچي، نئين زندگي، قائد اعظم نمبر، ڊسمبر، 1976ع، ص -49.

95 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -170.

[xii] Prof: Ziauddin Ahmed: Mohammad Ali Jinnah Founder of Pakistan, Ministry of Information and Publication, Pakistan, Karachi, 1976, P -158.

[xiii] Shamsul Hassan: Plain Mr. Jinnah, Karachi, Royal Book Co, 1976, P - 48.

[xiv] Ram Gopal: Indian Muslim, Bombay, Asia Publishing House, 1964, P - 233 - 235.

[xv] Hector Bolitho: Jinnah creater of Pakistan, London, Allier Book Corporation , 1964, P - 99.

100 رضي حيدر خواجه: قائد اعظم، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 278.

101 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم کي 72 سال، کراچي، پاکستان ہيرالڊ پريس، 1976ع، ص-290۔

[xviii] Misbah-ul- Haque Siddique: Essays on Quaid-e- Azam, Lahore, A Biographical Sketch, Shahzad Publisher, 1976, P - 11.

[xix] Prof: Ziauddin Ahmed: Mohammad Ali Jinnah Founder of Pakistan, Ministry of Information and Publication, Pakistan, Karachi, 1976, P -159.

[xx] Hatim A.Alavi: Haji Abdullah Haroon, Karachi, Daily Dawn 27 April, 1974, P - 3.

105 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -171.

106 عبدالرسول: تاريخ پاڪ و هند، لاهور، ايم - آر - برادرز ، 1970ع، ص - 458.

[xxiii] Muhammad Anwar: Quaid-e- Azam Jinnah, Karachi, A selected Bibliography, Part - I, National Publishing House, Ltd, 1970, P - 12.

108 جي - الانا: قائد اعظم هڪ عظيم آئيني ذهن، ڪراچي، نئين زندگي، قائد اعظم نمبر، ڊسمبر، 1976ع، ص -50.

[xxv] Hector Bolitho: Jinnah creater of Pakistan, London, Allier Book Corporation , 1964, P - 144 - 45.

110 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -171.

[xxvii] Aziz Beg, Pakistan Faces India, Lahore, Babur and Amer Publications, 1967, P - 38.

112 مقبول انور دادوي: قائد اعظم، لاهور، فيروز سنز، 1955ع، ص -173.

113 ڏسو: نئين زندگي، ڪراچي، خاص پرچو، ڊسمبر 1969ع، ص - 8.

114 خواجه رضي حيدر: قائد اعظم ڪي 72 سال، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1976ع، ص - 402.

[xxxi] A.B.Rajput: Muslim League, Yesterday and Today, Mohammad Ashraf, 1948, P - 178.

[xxxii] Ram Gopal: Indian Muslim, Bombay, Asia Publishing house, 1964, P -327.

117 شفيق بريلوي: محمد بن قاسم سي محمد علي جناح تک، کراچي، نفيس اڪيڊمي، 1976ع، ص - 56.

118 کليم نشتر: قائد اعظم، لاهور، مکتبه عاليه، 1976ع، ص - ص 251.

119 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 154.

[xxxvi]  See: Indian & Pakistan year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

[xxxvii] See: Annual Exmination File (Typed Copy) for the year 188 to 1900, Karachi, Sind Madressahtul Islam.

[xxxviii] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S Sind College, Karachi, 1887 - 1937, Part - II, Printed at the Educational Printing Press, 1939, P - 6.

[xxxix] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

[xl] Sir Ghulam Hussain Hidayatullah: Message, Chronicle of Sind Madressah, Golden Jubilee 1935, Published by Sind Madressah Karachi 1935, P - XIV.

[xli] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1906-07, P - 23, to 1920 - 21, P - 16.

[xlii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1913-14, P - 10, to 1914 - 15, P - 10.

[xliii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1943 - 44, P - 7.

128 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 155.

[xlv] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S Sind College, Karachi, 1887 - 1937, Printed at the Educational Printing Press, 1937, P - 6.

[xlvi] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

131 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 155.

[xlviii] Prof: L.H.Ajwani: The Golden Jubilee Book of the D.J.S Sind College, Karachi, 1887 - 1937, Printed at the Educational Printing Press, 1937, P - 107.

[xlix] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948.

134 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي تواريخ، الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سنڌ آزاد نمبر، مورخه 15 جون 1935ع، ص 116.

135 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 116.

[lii] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

137 خانبهادر محمد ايوب کهڙو: سنڌ کي آزاد ۽ مستقبل صوبو بنائڻ جي تحريڪ، الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سنڌ آزاد نمبر، مورخه 15 جون 1935ع، ص - 124.

138 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، (ڀاڱو پهريون)، ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنز. 1950ع، ص -10، مورخه 15 جون 1935ع، ص - 124.

[lv] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

[lvi] See: Indian and Pakistan Year Book, Bombay, Times of India Press, 1948, P - 1197.

141 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، (ڀاڱو پهريون)، ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنز. 1950ع، ص - 143.

142 ڏسو: عوامي دور - 4، تعلقات عامه ڪراچي، 1972ع، ص - 32.

143 ڏسو: عوامي دور - 4، تعلقات عامه ڪراچي، 1972ع، ص - 33.

144 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 162.

145 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 162.

146 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 180.

147 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 180.

[lxiv] See: General Register No of Sind Madarssehtul Islam, No: 2 Karachi, G.R. No: 413, P - 22.

[lxv] See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the year 1906 - 09, P - 32.

[lxvi] Abdul Hameed Aliani: Mir Ayoub Khan, Karachi, The Platinum Jubilee Book, Section III, Sind Madresshtul Islam, 1960, P - 38.

[lxvii] Abdul Hameed Aliani: Mir Ayoub Khan, Karachi, The Platinum Jubilee Book, Section III, Sind Madresshtul Islam, 1960, P - 39.

152 پروفيسر احسان احمد بدوي: سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جا پرسنپال، ڪراچي، نئين زندگي، سيپٽمبر، 1960ع، ص - 9.

[lxix] See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, March 1927, P - 3.

[lxx] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1928 - 29, P - 2.

[lxxi] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1917 - 18, P - 15.

[lxxii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1927 - 28, P - 2 & 3.

[lxxiii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1933-34, P-3, report 1942 - 43, P - 1.

[lxxiv] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1915-16, P-13, report 1918-19, P-10.

[lxxv] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1919-20, P-15, report 1938-39, P-12.

[lxxvi] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1915-16, P - 14, report 1942-43, P- 1.

[lxxvii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1939 - 40, P - 4.

[lxxviii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1939 - 40, P - 4.

[lxxix] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1938 - 39, P - 22.

[lxxx] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1939 - 40, P-2, report 1941-42, P-1.

[lxxxi] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1935 - 36, P - 2.

166 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 181.

[lxxxiii] See: Who’s who, Karachi, Daily Gazette Press, 1932, P - 44.

168 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 182.

[lxxxv] Abdul Hamid A ani: Mir Ayub Khan, Karachi, The Platinum Jubilee Book, Sind Madressahtul Islam, Section III, 1960, P - 40.

170 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 182.

[lxxxvii] Abdul Hamid A ani: Mir Ayub Khan, Karachi, The Platinum Jubilee Book, Sind Madressahtul Islam, Section III, 1960, P - 42.

172 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 182.

[lxxxix] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, G.R.No: 2, P - 1.

[xc] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, G.R.No: 2, P - 1.

[xci] See: General Register of Sind Madressahtul Islam, Karachi No: 2, P - 1.

[xcii] See: Annual report of Sind Madressahtul Islam, Karachi, for the Year 1912 - 13, P - ? & 1929 - 30, P - ?.

177 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 193.

178 موتي رام واڻي: رتن جوت، (ڀاڱو ٻيو)، ڪراچي پاڪستان هيرالڊ پريس، 1958ع، ص 640.

179 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص - 193.

180 معلومات جناب حسن علي عبدالرحمان کان انٽرويو ، 25 آگسٽ 1976ع تي ورتي ويئي.

181 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، مورخه 27 فيبروري 1943ع، ص - 1.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org