باب ٻيو
سنڌ مدرسة الاسلام جو سياسي پارٽين ۽ تحريڪن ۾ حصو
تعارف:
سنڌ مدرسة الاسلام جو قيام ئي سنڌ توڙي هند جي
سياست جو سنگِ ميل ۽ پيش خيمه جي حيثيت رکي ٿو.
سنڌ جي مسلمانن جي پهرين سياسي جماعت “محمدن
ائسوسيئيشن” مدرسه جي پيداوار ۽ خود مدرسو به
انهيءَ جو پيداوار آهي. هي جماعت 1884ع کان وٺي
1936ع تائين سنڌ جي مسلمانن جي علمي، ادبي ۽ سياسي
خدمتون ڪندي رهي آهي.
سنڌ مدرسة الاسلام جا ڪيترائي پيدا ڪيل
سياستدان هن جماعت جا عهديدار ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي
رهيا. جن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، عبدالقادر عمر
خان، غلام علي غلام حسين، سيٺ حاجي عبدالله
هارون، محمد احسان اميد علي، خانصاحب حاجي امام
بخش، خانصاحب حاجي غلام حسين، خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، عبدالرحمان، عبدالجبار، مير ايوب خان، حاتم
علي علوي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد
شاهه ۽ علي بخش جا نالا قابل ذڪر آهن.
1885ع ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو قيام
عمل ۾ آيو. اها هندو توڙي مسلمانن جي گڏيل برصغير
جي واحد پهرين سياسي جماعت هئي، جنهن هر مذهب، رنگ
۽ نسل جي ماڻهن کي پنهنجي پليٽ فارم تي متحد ڪري
انگريز راڄ خلاف جنگ جوٽي. هيءَ سياسي جماعت
مطالعي هيٺ آيل پوري دور ۾ فعال رهي ۽ سنڌ مدرسة
الاسلام جا پيدا ڪيل ڪيترائي سياستدان هن ۾ شريڪ
رهيا. جن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد
علي جناح، غلام علي غلام حسين، حاجي عبدالله
هارون، سر غلام حسين هدايت الله، مير ايوب خان،
قاضي فضل الله، عبدالرحمان، عبدالجبار، حاتم علي
علوي، غلام حسين قاسم، محمد هاشم گذدر ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌي جا نالا قابل ذڪر آهن.
1906ع ۾ انگريزن جي سياسي چال ۽ استحصالي
ذهنيت کان مجبور ٿي برصغير جي مسلمانن “آل انڊيا
مسلم ليگ” قائم ڪئي. هن جماعت جي اڳواڻي به “سنڌ
مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل نامور سياستدان قائد
اعظم محمد علي جناح ڪئي. هن صاحب کان سواءِ “سنڌ
مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل جن ٻين سياستدانن هن
جماعت ۾ رهي ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪئي تن ۾ رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، سيد
ميران محمد شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جي -
الانا، حاتم علي علوي، قاضي فضل الله، محمد هاشم
گذدر، آغا غلام نبي ۽ مير الهه بخش جا نالا قابل
ذڪر آهن.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ڪيترن ئي تحريڪن جنم
ورتو، جن ۾ “سنڌ جي بمبئي کان آزادي” اهم آهي، هن
تحريڪ کي سنڌ جي جن مسلمانن ڪامياب بنائڻ ۾ بي
مثال خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن مان آغا خان،
قائد اعظم محمد علي جناح، رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي، سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو،
سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران
محمد شاهه، خانبهادر ايوب کهڙو ۽ جي - ايم سيد جا
نالا قابل ذڪر آهن، انهن مسلمان سياستدانن جي
اڪثريت “سنڌ مدرسي” جي تعليم يافتن مان هئي.
جڏهن “خلافت تحريڪ” هلي ته “ترڪ موالات”
کان وٺي “هجرت” تائين “سنڌ مدرسي” جي تعليم يافته
سياستدانن انهيءَ ۾ بهرو ورتو، ۽ پاڻ “سنڌ مدرسة
الاسلام” به انهيءَ کان متاثر ٿيو. هن اداري هڪ
طرف استاد ۽ شاگردن وسيلي ۽ ٻئي طرف پيدا ڪيل
سياستدانن وسيلي هن تحريڪ کي زور وٺايو. تحريڪ
دوران ڪيترائي شاگرد مدرسو ڇڏي وڃي هلچل ۾ شامل
ٿيا، جن سياستدانن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهن ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سر حاجي
عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قائد اعظم
محمد علي جناح، قاضي خدا بخش، قاضي فضل الله، قاضي
عبدالرحمان ۽ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جا
نالا قابل ذڪر آهن، جناب جان محمد جوڻيجي هجرت
تحريڪ کي عملي جامو پهرايو. جنهن ڪري اڄ به کيس
رئيس المهاجرين جي لقب سان ياد ڪيو پيو وڃي.
“آل انڊيا نيشنل ڪانگريس” ۽ “مسلم ليگ”
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ برصغير جون ٻه وڏيون سياسي
پارٽيون هيون. انهن کان سواءِ سنڌ ۾ صوبائي نوعيت
جون ٻيون جماعتون قائم ٿيون. جن ۾ “سنڌ مدرسة
الاسلام” جي پيدا ڪيل سياستدانن مرڪزي ڪردار ادا
ڪيا.
سنڌ جڏهن بمبئي کان جدا ٿي ته هن خطي جي
سياست کي نئون روپ مليو. مطالعي هيٺ آيل دور تائين
ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون قائم ٿيون. جيئن 1934ع ۾
پيپلز پارٽي ٺهي[i]،
22 جولائي 1936ع تي “اتحاد پارٽي” وجود ۾ آئي[ii]
۽ ساڳي ڏينهن تي “مسلم پوليٽيڪل پارٽي” قائم ڪئي
ويئي. “پيپلز پارٽي”، “سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيدا
ڪيل هڪ نامور سياستدان سر شاهنواز ڀٽي جي ڪوششن جو
نتيجو هئي. “اتحاد پارٽي” ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام”
جي پيدا ڪيل جن سياستدانن شرڪت ڪئي تن ۾ شاهنواز
ڀٽو، سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر
غلام حسين هدايت الله ۽ سيد ميران محمد شاهه جا
نالا قابل ذڪر آهن. “مسلم پوليٽيڪل پارٽي” جو باني
سر غلام حسين هدايت الله هو[iii]
جيڪو پڻ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيداوار هو.
آزادي جي تحريڪ ۾ “مسلم ليگ” جي
ڪارڪردگيءَ جي به ڪهاڻي آهي. قائد اعظم جي قيادت ۾
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل ڪيترن ئي
سياستدانن هن تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ قربانيون
ڏنيون. سر عبدالله هارون، خانبهادر محمد ايوب
کهڙي، قائد اعظم جي فرمان تي پنهنجا خطاب انگريز
سرڪار کي واپس ڪيا. مطلب ته پاڪستان جو حصول،
“مسلم ليگ” جي ڪهاڻي قائد اعظم جي سياسي بصيرت جو
ٻيو نالو آهي ۽ قائد اعظم جي سياسي بصيرت “سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچي” جو ڪرشمو آهي. انهيءَ مختصر
تعارف کان پوءِ انهن اهم پارٽين ۽ تحريڪن جو ذڪر
تفصيل سان ڏجي ٿو؛ جيڪي هڪ طرف “سنڌ مدرسة
الاسلام” تي اثر انداز ٿيون، ۽ ٻئي طرف هن اداري
کان متاثر به ٿيون.
الف: سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۾
حصو:
جيئن ته هن مقالي جي پهرين باب ۾ ذڪر ڪري چڪا
آهيون ته مارچ 1884ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي ۽
مولانا الهه بخش اٻوجھي جي ڪوشش سان “مجمع محمدي”
قائم ٿي هئي[iv]،
پر جيئن ته اهو انگريزن جو زمانو هو ۽ “مجمع
محمدي” کي “محمدن ائسوسيئيشن” لکيو ويندو هو. اهو
ئي سبب آهي جو هي جماعت “مجمع محمدي”بدران “سنڌ
محمد ائسوسيئيشن” سڏجڻ لڳي.
1884ع کان خانبهادر حسن علي آفندي هن
جماعت جو مرڻ گھڙي تائين صدر رهيو. هن جي وفات کان
پوءِ 1936ع تائين سنڌ جا هيٺيان سياستدان هن جماعت
جا صدر ٿي رهيا:
خانبهادر قادر داد خان وزير آف خيرپور
1903ع تائين ۽ ان کان پوءِ سردار محمد يعقوب 1907ع
تائين[v]،
خانبهادر شيخ صادق علي خان 1907ع کان 1912ع تائين[vi]،
خانبهادر محمد ابراهيم 1912ع کان 1919ع تائين[vii]،
سيد الهندو شاهه 1919ع کان 1925ع تائين[viii]،
سر شاهنواز ڀٽو 1925ع کان 1933ع تائين[ix]،
خانبهادر محمد ايوب کهڙو 1933ع کان 1936ع تائين[x].
جماعت جي پهرين سيڪريٽري مولانا الهه بخش
اٻوجھي جي وفات کان پوءِ خانبهادر ولي محمد حسن
علي آخر تائين “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جو سيڪريٽري
ٿي رهيو[xi].
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ۽ “سنڌ مدرسة
الاسلام” جي پاڻ ۾ چولي دامن جهڙو ساٿ رهيو آهي.
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي پهرين روپ “مجمع
محمدي”، “سنڌ مدرسي” کي جنم ڏنو ۽ “سنڌ مدرسي” مان
پڙهي نڪتل سياستدان هن جماعت جي ٻئي روپ “سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن” کي هڪ منظم ۽ فعال سياسي جماعت
جي حيثيت ڏني. هونئن ته پوري جماعت جي ڪارڪردگي
“سنڌ مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل سياستدانن جي هٿن
۾ رهي، جماعت جو هر ميمبر، اڪثر ڪري مدرسي جو ئي
پيداوار هو، پر هتي ڪن مکيه عهديدارن ۽ ميمبرن جا
نالا ڏجن ٿا:
خانصاحب علي احمد حسن علي، سيٺ يوسف علي علي ڀائي،
سيٺ عبدالرحيم صالح محمد، قاضي حاجي شفيع محمد،
غلام علي غلام حسين چاڳلا، عبدالقادر عمر خان،
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، خانصاحب سيف الدين خان، سيٺ
حاجي عبدالله هارون، محمد احسان اميد علي، خانصاحب
ڌڻي بخش جتوئي، جناب علي بخش محمد حسين، خانصاحب
حاجي امام بخش، خانصاحب حاجي محمد غلام حسين، سيد
ميران محمد شاهه، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين قاسم،
ڊاڪٽر حاجي، مير ايوب خان، مير الهه بخش خان، پير
رسول بخش شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مسٽر
عبدالرحيم، مسٽر عبدالرحمان، مسٽر عبدالجبار محمد
يعقوب، مسٽر عبدالوهاب، طيب علي علي ڀائي، مسٽر
حاتم علي علوي، غلام قادر محمد شعبان، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مسٽر الهه بخش انصاري، مسٽر علي
بخش چنه، حاجي عبدالشڪور، قاضي عبدالعزيز، جناب
حسين بخش ٽالپور.
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي تنظيم هن ريت هئي ته هر
هڪ ضلعي ۾ هن جماعت جي شاخ هوندي هئي ۽ ان جي
مرڪزي آفيس جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ هوندو هو. پر
1917ع ۾ جڏهن شيخ محمد ابراهيم وزير آف خيرپور هن
جماعت جو ٻيهر صدر چونڊيو ويو ته هن جماعت جو هيڊ
ڪوارٽر مٽائي ڪراچيءَ مان بدلائي سکر منتقل ڪيو[xii].
جن مقصدن خاطر هي جماعت قائم ڪئي ويئي هئي
اهي هئا:
1.
سنڌي مسلمانن جي تعليمي، سماجي ۽ عام طرح مفادن جي
نگهباني ڪرڻ.
2.
حڪومت اڳيان مسلمانن جي فائدي لاءِ آواز کڙو ڪرڻ.
3.
حڪومت سان وفاداري.
4.
هندستان ۾ ٻين اهڙين ئي جماعتن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ[xiii].
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” سنڌ جي زميندار طبقي جي
جماعت هئي. هن جماعت سنڌ جي زميندارن جي جيڪا خدمت
ڪئي آهي، تنهن کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو
سگھجي. مطالعي هيٺ آيل دور ۾ وقت جي سياسي حالتن ۽
فرنگي راڄ جي اثر سنڌ جي زميندارن جي حالت ابتر
بڻائي ڇڏي هئي. جڏهن “سول پروسيجر ڪوڊ” نافذ ٿيو
ته وياج خورن جو مڪو مچي ويو، ڇو ته انهيءَ ڪوڊ
موجب قرض جي وصولي آسانيءَ سان ڪري سگھبي هئي. هن
ڪوڊ جي ڪري مسلمان زميندارن کي وڏو نقصان پهتو،
1896ع ڌاري مسلمان زميندان جو 95 سيڪڙو قرضن ۾ ٻڏل
هو، 42 سيڪڙو لائق زمين گروي رکيل هئي[xiv].
“سول پروسيجر ڪوڊ” لڳڻ کان 30 سال پوءِ
مسلمانن زميندارن جان انگ اکر ئي بدلجي ويا.
انهيءَ عرصي دوران 1771 هندو زميندار هئا، جن کي
سراسري طور تي 200 ايڪڙ زمين هئي ۽ انهيءَ جي
مقابلي ۾ 7620 مسلمان زميندار هئا، جن جي 32 سيڪڙو
زمين وڪري يا گروي جي صورت ۾ هندن جي هٿ هيٺ
هئي.“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو
زور لڳائي سرڪار کي هن حالت کان آگاهه ڪيو. جنهن
جي ڪري “سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽ ائڪٽ” 1896ع ۾ پاس ٿيو.
پر انهيءَ ائڪٽ جي لاڳو ٿيڻ جي باوجود به جڏهن
مسلمان زميندارن جي حالت نه سڌري ته “محمدن
ائسوسيئيشن” جي جنرل سيڪريٽري مولانا اٻوجھي
ڪيترائي انگ اکر گڏ ڪري “پوني” ۾ سرڪاري ڪميشن
اڳيان پيش ڪيا ۽ سرڪار تي زور آندو ته دکن جو
“ايگريڪلچر رليف ائڪٽ” سنڌ سان لاڳو ڪيو وڃي. اهو
ائڪٽ آخرڪار 1901ع ۾ سنڌ سان لاڳو ڪيو ويو[xv].
ائسوسيئيشن مسلمانن جي تعليم يافته طبقي کي ملازمت
وٺي ڏيارڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. جڏهن مسٽر
وائنس
(Vines)
“سنڌ مدرسة الاسلام” جو پرنسپال ٿيو ته هن جماعت
انهيءَ سان ڀرپور تعاون ڪري “مدرسه اولڊ بوائز
ائسوسيئيشن” ٺهرائي ۽ پوءِ گڏيل ڪوششن سان مسلمانن
کي نوڪريون وٺي ڏيڻ لاءِ هڪ “بيورو” قائم ڪيو ويو.
جنهن جي وسيلي ڪيترن ئي سنڌي مسلمان شاگردن کي
نوڪريون ڏياريون ويون.
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” سنڌي ٻوليءَ ۽ علم
ادب جي به جوڳي خدمت ڪئي، هن جماعت جي پهرين روپ
يعني “مجمع محمدي” سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي، سماجي،
مذهبي ۽ تعليمي بيداري آڻڻ لاءِ 1889ع ۾ “معاون
اخبار” هفتيوار جاري ڪئي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر
مولانا الهه بخش اٻوجھو ۽ ٻيو سنڌ جو مايه ناز
شاعر شمس الدين بلبل هو[xvi]،
هن پرچي جي ذريعي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” پنهنجو
آواز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ ۾ ڪامياب ويئي.
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” پنهنجي ابتدائي دور ۾
سرڪار کي پنهنجيون گذارشون پيش ڪرڻ، گورنر کي
سپاسناما ڏيڻ ۽ معزز سياسي ليڊرن کي پنهنجي خطي جي
مسئلن کان واقف رکڻ کي ئي پنهنجي خدمت تصور ڪندي
رهي ۽ انهيءَ پاليسيءَ تي عمل ڪندي رهي. پر وقت
گذرڻ کان پوءِ هن جماعت جي سياسي حڪمت عمليءَ ۾
تبديلي اچڻ لڳي. “منٽو مارلي سڌارن” کان پوءِ جڏهن
ڪائونسلون ٺهيون ته هن جماعت انهيءَ طرف توجھه ڏنو
۽ ڪائونسلن لاءِ پنهنجا ميمبر بيهاريا.
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان گھڻائي ۾ هئا، پر ان
هوندي به “لوڪلبورڊ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل” ۽ “بمبئي
ليجيسليٽو ڪائونسل” ۾ گھڻائي وري هندو ميمبرن جي
هوندي هئي. “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” مسلمانن لاءِ
جداگانه انتخاب تي حد کان وڌيڪ زور ڏنو ۽ انهيءَ
لاءِ پاڻ پتوڙيو. جنهن ڪري کيس مخالف پريس جو
نشانو به بڻجڻو پوندو هو[xvii].
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” هميشه سنڌي
مسلمان سرڪاري ملازمن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ جي هر
ممڪن ڪوشش ڪندي هئي، 1916ع ۾ سرڪاري عاشوره ۽ عيد
جون موڪلون گھٽائي ڇڏيون. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي
مسلمانن کي ڪي قدر دشواري ٿيندي هئي. خاص ڪري
ملازم طبقي کي اهڙن ڏينهن تي وڌيڪ پريشاني کي منهن
ڏيڻو پوندو هو. “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” هن دشواري
کي به مسلمانن جو هڪ مسئلو ڪري کنيو[xviii]
۽ انهيءَ ۾ پڻ ڪامياب ويئي، ان کان سواءِ 1917ع ۾
جڏهن “سنڌ پليڊرس ايگزامينيشن” ختم ڪيو ته سنڌي
مسلمانن کي حد کان وڌيڪ متاثر ٿيڻو پيو.
ائسوسيئيشن انهيءَ جي خلاف به ڀرپور احتجاج ڪيو[xix].
ائين محسوس ڪرڻ ته “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”
پاڻ کي رڳو سنڌ جي مسئلن تائين محدود رکيو ۽
برصغير جي سياست ۾ ڪوبه اهم ڪردار ادا نه ڪيو،
ائين چوڻ غلط ٿيندو، ڇو ته هن جماعت جي تاريخ ۽
ڪارڪردگي اهو ثابت ٿي ڪري ته جماعت تاريخ جي هرهڪ
نازڪ موڙ تي برصغير جي سياستدانن ۽ سياست جو ڀرپور
ساٿ ڏنو. هندستان ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ شوڪت
علي سياسي اڳواڻ ٿي اڀريا ۽ سرڪار خلاف عملي نجات
جو جھنڊو بلند ڪيائون ته کين گرفتار ڪيو ويو. “سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن” اهڙي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ۽
پنهنجي 6 سيپٽمبر 1917ع واري گڏجاڻي ۾ وائسراءِ
هند کان مطالبو ڪيو ته کين هڪ دم آزاد ڪيو وڃي[xx].
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي اڌ صدي جي
ڪارڪردگي جو جائزو هن مقالي جي موضوع کان ٻاهر
آهي. هن جماعت سنڌ ۽ سنڌي مسلمانن جي ڀلائي ۽
بهتري لاءِ جيڪو ڪجھه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجھو نه
آهي هن جماعت سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ
۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي تنهن کي ڪڏهن به نظر
انداز ڪري نٿو سگھجي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن
تحريڪ اڳتي هلي ايترو ته زور ورتو جو “سنڌ آزاد
ڪانفرنس” نالي جماعت قائم ڪئي ويئي[xxi]
پر “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” به انهيءَ مقصد جي حصول
جي ڪوشش کي وڏي هٿي ڏني. ساڳي وقت “سنڌ آزاد
ڪانفرنس” جا مکيه ميمبر به “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن”
جا سرگرم عهديدار هئا، جن ۾ جماعت جي صدر شاهنواز
ڀٽي ۽ نائب صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙي جا نالا
قابل ذڪر آهن. حقيقت ۾ “سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي
ڪهاڻي ئي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي ڪهاڻي آهي.
1928ع ۾ انگلنڊ جي پارليامينٽ سر جان
سائمن
(Sir John Simon)
جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪئي هئي. ته جيئن
هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ تبديلين جي سفارش
پيش ڪئي. اها ڪميشن 1929ع ۾ هندستان آئي جنهن
موقعي تي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” سنڌ کي علحده
صوبي بنائڻ جو مطالبو ڪميشن آڏو هنن لفظن ۾ پيش
ڪيو:
“سنڌ جي بمبئي سان شموليت ڪنهن
به طرح ٺهي نٿي. اهو ميلاپ نسلي، جاگرافيائي،
لساني، زراعتي يا ٻئي ڪنهن به هڪ جهڙائي تي نٿو
ٺهڪي اچي، اهو اتفاقي حادثو هو ته بمبئي جي لشڪر
سنڌ کي فتح ڪيو، جنهن ڪري اُن کي ان موزون جوڙ ۾
ڳنڍيو ويو. بمبئي علائقي سان رهڻ ڪري سنڌي کي
تعليمي، مالي، سماجي طرح گھڻو نقصان پهتو آهي. ان
ڪري اها بمبئي جي رهاڪن کان سڀ ڪنهن معاملي ۾
پوئتي رهجي ويئي آهي. انهن ۽ ٻين ڪيترن سببن ڪري
هيءَ ائسوسيئيشن ڪميشن کي پُرزور سفارش ٿي ڪري ته
سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪري، کيس جدا اسيمبلي ڏني
وڃي. اها گھر سنڌ جي اڪثر رهاڪن جي آهي، جنهن ۾
مسلمان، پارسي، ڪرستان ۽ قوم پرست هندو به شريڪ
آهن. هندستان جا سڀ مسلمان به ان گھر جي تائيد ۾
آهن. انڊين نئشنل ڪانگريس به ان تجويز جي اصول کي
قبول ڪيو آهي”[xxii].
اهو “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” جي ڪوشش جو
نتيجو هو، جو پهرين گول ميز ڪانفرنس جي فيصلي
مطابق سنڌ جي مالي معاملي ۾ تحقيقات ڪرڻ لاءِ
1931ع ۾ “مائيلس ارونگ ڪاميٽي” ٺاهي ويئي[xxiii].
“سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” هن ڪاميٽي اڳيان به پنهنجا
دليل پيش ڪيا. انهيءَ کان پوءِ جي گول ميز ڪانفرنس
جي فيصلي موجب 1933 ۾ جڏهن مسٽر برين
(Brain)
جي صدارت هيٺ سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جي ڪانفرنس
ٿي ته جيئن “مائيلس اورنگ ڪاميٽي” جي اخذ ٿيل
نتيجن تي تجويزون ڏنيون وڃن ته انهيءَ وقت “سنڌ
محمدن ائسوسيئيشن” جي نائب صدر هن ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪئي[xxiv].
مختصر لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي
بمبئي کان علحدگي جي آخرين مرحلي تائين “سنڌ محمدن
ائسوسيئيشن” هن تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جڏهن سنڌ
کي صوبائي حيثيت ملي ته نئين سياسي تقاضائن مطابق
هي جماعت عملي طور تي ختم ٿي ويئي.
ب: سنڌ مدرسة الاسلام جو ڪانگريس ۾ حصو:
1857ع جي جنگ آزادي برصغير ۾ ٻه وڏيون تبديليون
آنديون، هڪ طرف مغل سلطنت جو هميشه هميشه لاءِ
خاتمو ٿي ويو ۽ ٻئي طرف ڪمپني راڄ جي جاءِ برطانيه
سرڪار ورتي[xxv].
هن آزادي جي ڪوشش ۾ جيتوڻيڪ ڪا تنظيم نه هئي، پر
ان هوندي به هندو توڙي مسلمان هڪ مقصد سان ڌارين
دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لڳا.
هن جدوجهد کان پوءِ انگريزن جي راڄ نيتي
پاليسي ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ انهن “ويڙهايو ۽ حڪومت
ڪريو” جهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي. لارڊ ڊفرن
(Lord Dufferin)
پنهنجي وقت ۾ هڪ رٽائرڊ سول آفيسر مسٽر هيوم
(Mr: Hume)
کي هندستان ۾ نفاق جي ٻج ڇٽڻ تي آماده ڪيو، جنهن
جي ڪوشش سان “آل انڊيا انڊين نيشنل ڪانگريس” جو
قيام عمل ۾ آيو[xxvi].
“سنڌ مدرسة الاسلام” ۽ “آل انڊيا ڪانگريس”
جو قيام هڪ ئي سال ٿئي ٿو. جيڪڏهن مدرسو سنڌ جي
مسلمانن جي تعليمي ڪوششن جو نتيجو آهي، ته ڪانگريس
پارٽيءَ جي تشڪيل ۾ به سنڌي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ديوان ڏيارام جيٺمل ۽ ديوان اڌارام مولچند پهريان
ٻه سنڌي هئا، جن ڪانگريس جي انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪئي جنهن ۾ هن جماعت جي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو[xxvii].
سنڌ مدرسو هڪ عملي ۽ علمي حيثيت رکي ٿو،
ته ڪانگريس وري هڪ مکيه پارٽي جي اهميت رکي ٿي. هڪ
طرف سنڌ مدرسي ڪانگريس جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر پئي
ڪيو آهي، ته ٻئي طرف ڪانگريس وري سنڌ مدرسي تي اثر
انداز پئي ٿي آهي، انهيءَ حقيقت تان پردي لاهڻ
لاءِ اسان کي سنڌ ۾ ڪانگريس جي ڪارڪردگيءَ ۽ تاريخ
کي نظر ۾ رکڻو پوندو.
سنڌ ۾ ڪانگريس جي ڪارڪردگي ۽ تاريخ کي ٽن
دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: ابتدائي دور، وچون دور ۽
آخري دور. سنڌ ۾ ڪانگريسي سياست جي ابتدا 1885ع
کان ٿئي ٿي. جڏهن ديوان ڏيارام جيٺمل ۽ ديوان
اُڌارام مولچند هن جماعت کي سنڌ سان مانوس ڪرائين
ٿا. هن آڳاٽي زماني ۾ ساڌو هيرانند، هرچندراءِ
وشنداس، ديوان ڏيارام، مسٽر فتح علي طيبجي ۽
هيرانند، سنڌ ڪانگريس جا سرگرم ڪارڪن ۽ ليڊر ٿي
رهيا.
سنڌ ۾ ڪانگريس جي تاريخ جو ٻيو باب سنڌ
مدرسي جي حصي سان سنوارجي ۽ سينگارجي اسان اڳيان
اچي ٿو، جنهن جي ابتدا 1909ع ۾ ٿئي ٿي، جڏهن “سنڌ
مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل نامور سياستدان رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي هن جماعت ۾ شموليت اختيار ڪئي[xxviii].
پاڻ “سنڌ مدرسه” جو پهريون شاگرد هو، جنهن ڪانگريس
۾ شرڪت ڪئي. هن وقت تائين مدرسي جا ڪيترائي شاگرد
تعليم حاصل ڪرڻ بعد زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾
ڪارناما سر انجام ڏيئي رهيا آهن، جن ۾ سياسي شعبو
به اچي وڃي ٿو. رئيس ڀرڳڙي کان پوءِ سنڌ جي بمبئي
کان علحدگيءَ واري دور تائين سنڌ مدرسي ڪانگريس
پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان
جا پيدا ٿيل ڪيترائي سياستدان هن جماعت جا سرگرم
ڪارڪن ٿي رهيا، مثال طور مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌ ۾ ڪانگريس جو ٻيو دور يعني 1909 کان
وٺي 1936ع تائين اسان جي تاريخ ۾ هڪ وڏي اهميت
وارو دور آهي. هن عرصي کي جيڪڏهن سنڌ توڙي هند ۾
“اتحاد” جو دور چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ملڪ
جي ورهاڱي کان سواءِ برصغير جي سياسي تاريخ جا
مکيه واقعا جهڙوڪ: “روولٽ ائڪٽ”، “جليانوالاباغ” ۾
قتل عام، “پرنس آف ويلس” جي آمد، “خلافت تحريڪ” ۽
“عدم تعاون جي تحريڪ” هن ئي عرصي دوران رونما ٿيا
۽ هندو توڙي مسلمانن متحد ۽ منظم ٿي تاريخ جي انهن
موڙن جو مقابلو ڪيو. “سنڌ مدرسة الاسلام” سنڌ،
توڙي هند جي سياست ۾ وقت ۽ حالتن جي نزاڪتن مطابق
ڪردار ادا ڪيو، سندس پيدا ڪيل سياستدانن متحد ۽
منظم ٿي انگريز سرڪار جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. 1936ع
تائين سڀ تاريخي واقعا انهيءَ جي شاهدي ڏين ٿا.
جيڪڏهن 1913ع ۾ ڪراچيءَ جي “آل انڊيا
نيشنل ڪانگريس” جي اجلاس سڏائڻ ۾ سيٺ هرچندراءِ
وشنداس سان گڏ سنڌ مدرسي جي پيدا ڪيل سياستدان
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو نالو به اوس ئي ورتو
ويندو، نه صرف ايترو پر انهيءَ اجلاس کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ جن سياسي رهبرن وڏي جدوجهد ڪئي، انهن ۾
به مدرسي جي پيدا ڪيل شاگردن جا نالا ملن ٿا، جن ۾
غلام علي چاڳلا، غلام حسين قاسم، مير ايوب خان،
محمد علي علوي جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا[xxix].
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪانگريس هندن
جي جماعت هئي، ۽ سنڌ جو سياسي سوچ رکندڙ هر هندو
انهيءَ جو ميمبر هو ۽ اهي دولت جا ڌڻي هئا، ته
حيثيت جا مالڪ به. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ جا
هندو ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاص ٽرين
ڀاڙي تي ڪري سگھندا هئا[xxx].
پر سنڌ مدرسي جا پيدا ڪيل سياستدان به هن جماعت ۾
وڏي حيثيت رکندا هئا. قائد اعظم محمد علي جناح
“امن جو سفير”[xxxi]
بڻجي “لکنو پئڪٽ” ڪرائي ٿو ته رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪانگريس جي انهيءَ
اجلاس ۾ شرڪت ڪن ٿا، جنهن ۾ هي پئڪٽ ڪيو وڃي ٿو[xxxii].
“سنڌ مدرسة الاسلام” نه رڳو پنهنجي پيدا
ڪيل سياستدانن جي معرفت ڪانگريس تي اثر انداز
ٿيندو رهيو، پر اهو سڌي طرح ڪانگريس کان متاثر به
ٿيندو رهيو. روولٽ ائڪٽ خلاف احتجاج ڪندي جڏهن
مُکي جيٺانند، جيٺمل پرسرام ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام جي
گھرن ۽ آفيسن جي تلاشي ورتي وڃي ٿي ته رئيس غلام
محمد ڀرڳڙي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي به معاف نه ٿو
ڪيو وڃي[xxxiii].
جليانوالا باغ ۾ ٿيل قتل عام خلاف جتي سنڌ جا هندو
توڙي مسلمان مٿي اگهاڙو جلوس ڪڍيو[xxxiv].
ته “سنڌ مدرسة الاسلام جي شاگردن به ڪلاسن جو
بائيڪاٽ ڪيو[xxxv]،
28 مارچ 1922ع تي جڏهن پرنس آف ويلس
(Prince of Wales)
جي آمد تي پوريءَ ڪراچيءَ ۾ هڙتال ٿي ته “سنڌ
مدرسة السلام” جا شاگرد ۽ استاد پنهنجي پرنسپال
مسٽر وائنس
(Mr: Vines)
جي هدايتن ۽ حڪم مڃڻ کان نابري واري ڇڏي. هنن نه
رڳو پرنس آف ويلس
(Prince of Wales)
جي استقبال ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر شاگردن جي جٿن
سياستدانن سان ملي ڪاريون جھنڊيون لهرايون[xxxvi].
خلافت جي تحريڪ هلي ته هڪ طرف مسلمان توڙي هندو
سنڌ جي گلين ۽ گھٽين ۾ نڪري پيا ته ٻئي طرف سنڌ
مدرسي جي شاگردن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق هن
تحريڪ ۾ حصو ورتو[xxxvii]،
مطلب ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري وقت تائين
سنڌ مدرسو، سنڌ ۽ ڪانگريس هڪ ٻئي تي اثر انداز
ٿيندا رهيا.
سنڌ ۾ ڪانگريس جو ٽيون دور 1936ع کان پوءِ
شروع ٿئي ٿو هن عرصي دوران برصغير جي سياست ۾
وڏيون تبديليون رونما ٿيون. مسلم ليگ، برصغير جي
مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت جو روپ وٺي پاڪستان
جو مطالبو ڪيو، ته ڪانگريس “اکنڊ ڀارت” جي پاليسي
اختيار ڪئي. تان جو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اختلاف
وڌي وڻ ٿي ويا ۽ انهن جون منزلون مختلف ٿي ويون.
انهن حالتن سنڌ جي سياست کي به متاثر ڪيو. “سنڌ
مدرسة الاسلام” جي پيدا ڪيل سياستدانن هن نازڪ موڙ
تي، وقت ۽ حالتن جي نزاڪت محسوس ڪندي اهم تاريخي
ڪردار ادا ڪيو. هنن جي اڪثريت ڪانگريس کي الوداع
چئي سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ لڳي ويئي ۽
انهيءَ وقت تائين محبت سان محنت ڪندي رهي،
جيستائين کين پنهنجي منزل يعني “پاڪستان” نه مليو.
مطلب ته “سنڌ مدرسة الاسلام” پنهنجي قيام
کان وٺي هندستان جي ورهاڱي تائين ڪانگريس جي
ڪارڪردگي کي متاثر به ڪندو رهيو، ته ان تي اثر
انداز به ٿيندو رهيو. هتي صرف انهيءَ اثر جو مختصر
خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. سنڌ مدرسي ڪانگريس جي
ڪارڪردگيءَ ۾ جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انهيءَ جو
اندازو ان وقت تائين لڳائي نه ٿو سگھجي، جيستائين
هن عظيم ۽ اعليٰ اداري جي پيدا ڪيل سياستدانن جي
سوانح حيات جو مطالعو نه ڪجي، انهيءَ ڪري اهڙن
سياستدانن جو تفصيلي احوال اڳتي ڪيو ويو آهي.
ج: سنڌ مدرسة الاسلام جو مسلم ليگ ۾ حصو:
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته “ آل انڊيا نيشنل
ڪانگريس” هندو واسين جي پهرين سياسي پارٽي هئي. پر
ڪانگريس جي تاريخ انهيءَ حقيقت جو ثبوت آهي ته هن
جماعت جو بنياد وقت جي سرڪار رکيو ۽ مسٽر هيوم
(Mr: Hume)
توڙي سر ويڊر برن
(Sir Wedder Burn)
جهڙن انگريز پرڏيهي ماڻهن انهيءَ کي ڪنهن وقت
تائين پنهنجي اشارن تي هلايو[xxxviii].
مسلمان شروع کان وٺي هن جماعت ۾ تمام گھٽ دلچسپي
وٺڻ لڳا ڇو ته انهيءَ جماعت جي سرپرستي وقت جي
سرڪار ڪندي هئي.
آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ مسلمان، سرڪار وٽ
پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا هئا، هڪ طرف سرڪار،
مسلمانن کي نظر انداز ڪرڻ لڳي ته ٻئي طرف هندن جي
به مسلمانن سان اڻبڻت ٿي پئي. ڪانگريس جي قيام کان
ٽي سال اڳ 1882ع ۾ هندو مسلم نفاق جي ابتدا ٿي چڪي
هئي. انهيءَ سال “تلڪ ڳئون” جي بچاءُ لاءِ جماعت
ٺاهي هئي۽ شيواجيءَ کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي[xxxix]،
اهڙي ڪوشش کي مسلمانن پسند نه ڪيو.
“آل انڊيا نيشنل ڪانگريس” جي ابتدائي
ڪارگذاري ۽ ڪارڪردگي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو
ته هن جماعت قومي مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ
برطانيه سرڪار جي پٺ ڀرائي ڪرڻ لڳي. نه صرف ايترو
پر “منجھس مسلم قوم جي ضرورتن ۽ خواهشن مطابق،
درست ۽ منصفانه فيصلي ڪرڻ جي نااهليت جون نشانيون
دراصل اڳي ئي ظاهر ٿي رهيون هيون. تنگ هندو نظريي
جو بلڪل گھڻو دٻاءُ هو. برطانوي حڪومت جو زبردست
مڙهيل نقلي هندو مسلم اتحاد، هاڻي ٽٽي رهيو هو،
جڏهن سياسي تحريڪون پنهنجي ابتدائي درجي کان اڳڀرو
وڌي چڪيون هيون. هندن جي زيادتي ۽ سندن مسلمانن جي
بنيادي مقصدن ۽ اميدن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ
جي روش متڀيد جو ڪارڻ هيون”[xl].
وقت ۽حالتن جي تقاضا هئي ته مسلمانن جي
واجبي نمائندگي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ سندن مناسب
تعداد قائم ڪرڻ لاءِ مسلمانن سان گڏ هندو به
قانوني ۽ اخلاقي جدوجهد ڪن ٿا، پر انهن نه صرف
ائين نه ڪيو، پر اهي مسلمانن لاءِ رستي روڪ ثابت
ٿيا.
مسلمانن رهبرن خاص ڪري سر آغا خان، هندو
مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر
ڪانگريس طرفان ڪا به خاطر خواهه موٽ نه ملي.
مسلمانن جون اميدون بار بار برباد ٿينديون رهيون ۽
آخرڪار حالتون اهڙيون وڃي بڻيون، جو برصغير جا
مسلمان رهبر پنهنجي الڳ تنظيم قائم ڪرڻ تي مجبور
ٿيا.
هنن حالتن هيٺ 1893ع ۾ “ڊفينس ائسوسيئيشن”
قائم ڪئي ويئي[xli].
جيتوڻيڪ هيءَ ائسوسيئيشن مٿي ڄاڻايل مقصدن کي حاصل
ڪرڻ لاءِ جوڙي ويئي هئي، پر جيئن ته اها رڳو علي
ڳڙهه تائين محدود هئي، انڪري هن جماعت کي پوري
برصغير جي مسلمانن جي حمايت حاصل نه ٿي. 1905ع ۾
بنگال جو ورهاڱو ٿيو. جيئن ته هي ورهاڱو مسلمانن
جي مفاد ۾ هو، ان ڪري ڪانگريس انهيءَ تي سخت رويو
اختيار ڪيو ۽ ورهاڱي کي رد ڪرڻ جي تقاضا ڪئي.
ڪانگريس جي اهڙي غير واجبي ردِ عمل مسلمانن جون
اکيون کولي ڇڏيون[xlii]
۽ کين يقين ٿي ويو ته هندن ۽ انگريزن مان دشمني
کان سواءِ ڪجھه به هڙ حاصل نه ٿيندو. انهيءَ کان
پوءِ مسلمان سياسي طور تي منظم ٿيڻ لڳا ۽ “سڀ کان
اڳ سر آغا خان ۽ محسن الملڪ انهيءَ نتيجي تي پهتا
ته هاڻ انهن لاءِ فقط اهو ئي هڪڙو رستو باقي رهيو
آهي ته برصغير جا مسلمان پنهنجي جداگانه سياسي
حيثيت اهڙي الڳ قوم جي صورت تسليم ڪرائين، جيڪا ٻي
قوم ۾ سمايل هجي”[xliii].
آخرڪار انهيءَ ڪوشش جي نتيجي ۾ ڊسمبر
1906ع ۾ نواب سليم خان، نواب آف ڍاڪا جي دعوت تي
ڍاڪا ۾ هندستان جي مسلمان ليڊرن جو اجتماع ٿيو ۽
مسلمانن جي سياسي حفاظت ۽ ترقي لاءِ “مسلم ليگ” جي
نالي سان جماعت جو بنياد رکيو ويو. هيءَ جماعت
انهيءَ ڪري وجود ۾ آئي ته جيئن:
(الف) هندستان جي مسلمانن ۾ انگريز سرڪار لاءِ
وفاداري جو جذبو پيدا ڪيو وڃي.
(ب) مسلمانن جي سياسي حقن جو بچاءُ ڪيو وڃي.
(ٻ) مسلمانن ۾ ڌارين قومن لاءِ اتحاد پيدا ڪيو وڃي[xliv].
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته “مسلم ليگ”جو وجود ۾
اچڻ سرآغا خان جي ڪوشش جو نتيجو هو ۽ انهيءَ جو
پهريون صدر به پاڻ ٿيو. نواب وقارالملڪ “مسلم ليگ”
جو پهريون سيڪريٽري ۽ محسن الملڪ ان جو پهريون
جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو[xlv].
هن جماعت جو پهريون اجلاس 1907ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيو،
جنهن جي صدارت آدم ڀائي پير ڀائي ڪئي[xlvi].
انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته “مسلم ليگ”
جي ڪاميابيءَ جو سَهرو “سنڌ مدرسة الاسلام” جي سِر
آهي.
“مسلم ليگ” ۽ “سنڌ مدرسة الاسلام” جو پاڻ
۾ ايترو تعلق آهي جيترو سنڌ ۽ سنڌ مدرسي جو. حقيقت
۾ “مسلم ليگ” سنڌ ۽ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي تخليق
آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته “آل انڊيا مسلم ليگ”
جو قيام 1906ع ۾ بنگال ۾ عمل آيو. پر انهيءَ جماعت
جو جسم ۽ روح سنڌ ئي ڏنو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ
ڪونهي ته “مسلم ليگ” سنڌ جي نامور فرزند هِز رائل
هائينس سَر سلطان محمد شاهه پرنس آغا خان جي سياسي
بصيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي، جو پاڻ پهرين ستن
ورهين تائين هن جماعت جو صدر ٿي رهيو[xlvii].
جيڪڏهن هن جماعت جي تشڪيل ۾ هڪ سنڌي سپوت جي هٿان
ٿي ته انهيءَ کي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ تي وري
قائد اعظم محمد علي جناح پهچايو. جيڪو نه صرف سنڌي
هو، پر “سنڌ مدرسة الاسلام” جو شاگرد به هو. “مسلم
ليگ ۽ مدرسي جو لاڳاپو انهيءَ حد تي پورو نه ٿو
ٿئي، پر جماعت جي آغاز کان وٺي مطالعي هيٺ آيل
پوري دور تائين هڪ طرف سنڌ مدرسو “مسلم ليگ” کي
متاثر ڪندو رهيو، ته ٻئي طرف وري “مسلم ليگ” کان
متاثر ٿيندو رهيو.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سنڌ اندر “مسلم ليگ”
جي ڪارڪردگي کي ٻين لفظن ۾ ائين بيان ڪري سگھجي ٿو
ته “آل انڊيا مسلم ليگ” جو پهريون اجلاس (1907ع ۾
پويون 1943ع) سنڌ ۾ ئي ٿيا. جنهن کان اڳ ڪي
ساليانه اجلاس ٿيا ۽ نه وري پوءِ. ان ۾ هن عرصي ۾
جماعت جي ڪارڪردگي کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:
يعني ابتدائي دور، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو دور
۽ صوبائي خود مختياري کان وٺي ويندي آزاديءَ جو
دور.
سنڌ ۾ هن جماعت جي شاخ 1917ع ۾ رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي جي ڪوشش سان قائم ٿي، شروعات ۾
ڀرڳڙي صاحب کان سواءِ جن سياستدانن هن جماعت ۾ حصو
ورتو، تن ۾ مير ايوب خان، جناب غلام علي چاڳلا،
جناب يوسف علي علي ڀائي، جناب عبدالله هارون، جناب
عبدالرحمان محمد يعقوب، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جناب
عبدالعزيز ۽ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو جا
نالا قابلِ ذڪر آهن[xlviii].
اهو سنڌ مدرسي جو ئي ڪارنامو آهي جو سندس پيدا ڪيل
شاگرد نه رڳو سنڌ ۾ “مسلم ليگ” جي شاخ قائم ڪن ٿا،
پر انهيءَ کي ڪامياب به بنائن ٿا.
هيءَ جماعت پوري صوبي ۾ اڃا مس ناموس ٿي
ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هيءُ جهان ڇڏي ويو. سندس
وفات جي وقت تائين سنڌ جا مسلمان سياسي طور تي
بيدار ٿي چڪا هئا ۽ انهن آڏو ڪيترائي سياسي،
سماجي، اقتصادي مسئلا موجود هئا جهڙوڪ:
1.
سنڌ ۾ جداگانه انتخاب جي اصول تي عمل ڪرائڻ.
2.
سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌي مسلمانن جي حصي جي حفاظت
ڪرڻ.
3.
سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
4.
سنڌي مسلمانن کي وقت به وقت سياسي ۽ آئيني تبديلين
کان باخبر رکڻ[xlix].
انهيءَ ڪري اها وقت جي تقاضا هئي ته “سنڌ مسلم
ليگ” کي نئين سر منظم ڪيو وڃي. ان ڪري 1925ع ۾
جماعت جي نئين سر تنظيم ڪئي ويئي ۽ هيٺين ريت
عهديدار مقرر ڪيا ويا. حاجي عبدالله هارون - صدر،
سيد محمد ڪامل شاهه - نائب صدر، ڊاڪٽر شيخ نور
محمد - سيڪريٽري، حڪيم فتح محمد سيوستاني - خزانچي
۽ ان کان سواءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي
عبدالرحمان، شيخ عبدالسلام، محمد ايوب کهڙو، سر
شاهنواز ڀٽو، عبدالمجيد خداداد خان، سيٺ طيب علي
علوي، جناب حاتم علي علوي، مير الهه بخش خان
ٽالپر، حڪيم شمس الدين، مير ايوب خان، پير تراب
علي، پير علي انور شاهه، عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر
حاجي غلام حسين قاسم، قاضي عبدالقيوم، حاجي مير
محمد بلوچ، آغا غلام مجدد سرهندي، سيد ميران محمد
شاهه، محمد خان ۽ پير الاهي بخش کي ورڪنگ ڪميٽي تي
کنيو ويو[l].
“سنڌ مسلم ليگ” جا سرگرم ڪارڪن سنڌي مسلمانن جي
مسئلن کي مقامي طور تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ وقت به
وقت ننڍي کنڊ جي مرڪزي سياسي جماعتن جي اجلاس ۾ به
پيش ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو 1925ع ۾ جڏهن
عليڳڙهه ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جو اجلاس سر
عبدالرحيم جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو ته شيخ عبدالمجيد
سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون جي تائيد سان انهيءَ
اجلاس ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جي تجويز پيش
ڪئي ۽ اهو پهريون موقعو هو جو پوري هندستان جي
مسلمانن جي سنڌ جي آزادي لاءِ حمايت حاصل ٿي[li].
1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار صوبي جي حيثيت
ورتي ته “مسلم ليگ” جي تنظيم ۽ سرگرميءَ ۾ انقلابي
تبديليون رونما ٿيون. هن عرصي دوران حاجي عبدالله
هارون (پنهنجي وفات تائين)، جي - ايم سيد (1943ع
کان) ۽ جناب محمد هاشم گزدر (1945ع کان) “مسلم
ليگ” جا صدر منتخب ٿين ٿا.
1938ع “سنڌ مسلم ليگ” جي تاريخ جو اهم
تاريخي سال آهي، جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح جي
صدارت هيٺ ڪراچي ۾ سنڌ صوبي، “سنڌ مسلم ليگ” جي
ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن ۾ برصغير جا ڪيترائي
سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيا. جن ۾ سر سڪندر حيات خان
وزير اعظم پنجاب، مولوي فضل حق وزير اعظم بنگال،
خانبهادر الهه بخش سومرو وزير اعظم سنڌ ۽ سر سعد
الله خان وزير اعظم آسام جا نالا قابل ذڪر آهن[lii]،
انهيءَ ڪانفرنس کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ “مسلم ليگ” کي
منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. “سنڌ مسلم ليگ”
ٿوري وقت اندر ايتري ته مقبول ٿي ويئي جو منظم
نموني سان سنڌي مسلمانن حقن جي حفاظت ڪرڻ لڳي.
1939ع ۾ جڏهن سکر جي “مسجد منزل گاه” جي مسئلي
نازڪ صورت اختيار ڪئي ته سنڌ صوبي جي “مسلم ليگ”،
“مسجد منزل گاه ريسٽوريس ڪاميٽي” تشڪيل ڏيئي سکر ۾
هلچل جو آغاز ڪيو[liii]،
جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو خانبهادر الهه بخش سومري
جي حڪومت جو خاتمو ٿيو بلڪ “مسلم ليگ” کي اقتدار ۾
اچڻ جو موقعو مليو. سنڌ ۽ “سنڌ مسلم ليگ” جي تاريخ
۾ 1943ع جو سال اهم جاءِ والاري ٿو، ڇو ته هن ئي
سال ۾ 3 مارچ تي “سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي” محترم جي
- ايم سيد جي تحريڪ تي اهو تاريخي ٺهراءُ بحال ڪيو
جنهن ۾ سنڌ جو پاڪستان سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
ويو[liv].
جڏهن اسان برصغير جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾
سنڌ صوبي جي “مسلم ليگ” جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو
وٺون ٿا ته اها اسان کي ابتدا کان وٺي انتها تائين
باعمل منظم ۽ سرگرم جماعت نظر اچي ٿي. جنهن جي
ڪاميابي ۽ ڪامراني جو سَهرو سنڌ مدرسي ۽ ان جي
پيدا ڪيل شاگردن جي سِر تي سونهين ٿو. حقيقت ۾ سنڌ
مدرسه “مسلم ليگ” ۾ حصو انهيءَ وقت نمايان ٿي سگھي
ٿو، جڏهن مدرسي جي پيدا ڪيل مسلم ليگي سياستدانن
جو ذڪر ڪجي انهن سڀني سياستدانن جو تفصيلي ذڪر
اڳتي ڪيو ويو آهي.
د: سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي بمبئي کان علحدگي
جي تحريڪ ۾ حصو:
سنڌ جي سرزمين ڪي ئي تبديليون سنڀري. آرين کان وٺي
انگريزن جي حڪومت تائين سنڌ جي ڌرتيءَ تي مغربي
ماڻهن قدم پئي ڌريا آهن. 1843ع ۾ چارلس نيپيئر
(Charles Napier)
افغانستان مان شڪست کائي موٽندي ٺڳيءَ ۽ فريب سان
ميرن کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو[lv].جنهن
تي پاڻ ندامت محسوس ڪندي ان وقت جي گورنر جنرل
لارڊ النبرو
(Lord Ellonborough)
کي لکيائين ته: “سنڌ فتح ڪري بي شڪ مون عظيم گناهه
ڪيو”[lvi].
1847ع تائين نيپيئر سنڌ ۾ رهيو، ان وقت تائين سنڌ
جي صوبائي حيثيت قائم رهي.
چارلس نيپيئر
(Charles Napier)
جي سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي صوبي
سان ملايو ويو[lvii]،
جنهن کان پوءِ سنڌ واسين کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
کين پنهنجي اقتصادي، سياسي، سماجي، تجارتي ۽
تعليمي مقصدن لاءِ دور دراز سفر جون تڪليفون
برداشت ڪرڻيون پيون. 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر سنڌ
ائڪٽ موجب اختيار سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيا[lviii].
کيس ايترا ته اختيار ڏنا ويا جو هو سنڌ جو مطلق
العنان حاڪم بڻجي ويو. وڏا عملدار سال ۾ هڪ دفعو
سنڌ جو دورو ڪرڻ ايندا هئا[lix]،
جن جي رسائي تي بي انت پئسو خرچ ٿيندو هو. انهن
ڳالهين سبب سنڌ ۾ لاپي ۽ رسائي جي وبا ڦهلجي ويئي[lx].
هن عرصي دوران سنڌ جي ترقيءَ کي جڻ ٻنجو اچي ويو.
انگريزن سنڌ ته 1843ع ۾ فتح ڪئي، پر جيئن مٿي لکيو
ويو آهي ته سنڌ جي ترقي رڪجي ويئي. ايتري قدر جو
بمبئي صوبي سان گڏجڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ
دروازا بند ٿي ويا، انهيءَ جو ثبوت هي آهي جو
پهريون ڪاليج 44 سالن کان پوءِ يعني 1887ع ۾ قائم
ڪيو ويو[lxi]،
اهو به غير سرڪاري ڪوششن جو نتيجو هو.
“نسل، ٻولي، مذهب ۽ زمين جي طبعي بناوت جي لحاظ
کان سنڌ بمبئي علائقي جي ٻين ڀاڱن کان مختلف هئي،
سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ بلڪل نرالي نڪته نظر، ذهنيت
۽ تربيت جي ضرورت هئي. آمد رفت جي وسيلن، رستن
جوڙائڻ ۽ اندروني ترقي جهڙن معاملن ۾ سنڌ کي
انهيءَ انتظامي مرڪز نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، جنهن
کان هوءَ بلڪل پري هئي ۽ جنهن ڏانهن فقط سامونڊي
رستي وڃي سگھبو هو يا ڏيهي رياستون پار ڪري اتي
پهچبو هو”[lxii].
اهڙين حالتن سنڌ واسين کي سنڌ کي بمبئي
کان علحده ڪرائڻ جي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ڪيو.
“سنڌ گزيٽ” پهرين اخبار هئي، جنهن سنڌ کي بمبئي
کان ڌار ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي[lxiii].
در اصل سنڌ جي بمبئي صوبي کان علحدگيءَ جو احساس
1908ع کان شروع ٿيو. انهيءَ سال کان وٺي سنڌ ۾
“پراونشل ڪانفرنس” ڪوٺائڻ جو رواج پيو. اهي
ڪانفرنسون ڪانگريس پارٽيءَ جي سياسي حڪمت عمليءَ
جو نتيجو هيون. سنڌ 1920ع تائين اهي ڪانفرنسون
ٿينديون رهيون. 1908ع ۾ جڏهن سکر ۾ سيٺ هرچند راءِ
وشنداس جي صدارت هيٺ “سنڌ پراونشل ڪانفرنس” ٿي هئي
ته ان ڪانفرنس ۾ سياسي مسئلن سان گڏ سنڌ جي خاص
مسئلن تي به غور ڪيو ويو[lxiv].
هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي هندو توڙي مسلمان
سياستدانن شرڪت ڪئي، جن ۾ رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي، سيٺ غلام علي چاڳلا، يوسف علي علوي، سيٺ
غلام حسين قاسم، مير ايوب خان، حاجي عبدالله
هارون، ديوان ٽهلرام کيمچند، ديوان شيوارام
ڏيارام، جمشيد نسروانجي، نارائڻ داس بيچر، جيٺمل
پرسرام، آچاريه ڪرپلاڻي، جيرامداس دولت رام، مسٽر
عبدالرحمان بئريسٽر، مسٽر عبدالجبار ۽ ويرومل
بيگراج جا نالا ذڪر لائق آهن. مسلمان سياستدانن ۾
اڪثريت “سنڌ مدرسة الاسلام” مان پڙهي نڪتل
سياستدانن جي هئي.
1913ع ۾ “انڊين نيشنل ڪانگريس” جو ساليانو
اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو[lxv]،
هن اجلاس جي صدارت نواب سيد محمد ڪئي هئي، جنهن ۾
هرچند وشنداس، راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ، لوڪومل
چيلارام، ڪلومل پهلومل، درگداس آڏواڻيءَ کان سواءِ
جن مسلمان سياستدانن شرڪت ڪئي، تن ۾ رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي، غلام علي چاڳلا، مير ايوب ۽ مسٽر
عبدالرحمان بئريسٽر جا نالا قابل ذڪر آهن.
اجلاس جي اهميت ان مان ظاهر ٿئي ٿي جو هن
۾ برصغير جي وڏن سياستدانن به شرڪت ڪئي، جن ۾ سر
آغا خان، قائد اعظم محمد علي جناح، لالا لڄپتراءِ،
گنگا پرساد ورما ۽ گوڪلداس پڻ شرڪت ڪئي. هن اجلاس
۾ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، سنڌ ۽ بمبئي جي غير فطري
ڳانڍاپي تي روشني وڌي ۽ ڪمشنر جي اختيارن تي ڪڙي
تنقيد ڪئي[lxvi]،
“هرچندراءِ سنڌ صوبي جي مکيه مسئلن جو اعليٰ
قابليت ۽ صفائي سان ذڪر ڪيو، ٻاهران آيل ڊيليگيشن
سنڌ جي مسئلن کي نهايت ڌيان ۽ غور سان ٻڌو ۽ اهڙي
ريت مسٽر هرچندراءِ، سنڌ جي مکيه مسئلن طرف سڄي
ديس جي مکيه اڳواڻن ۽ اخبارن جو ڌيان ڪاميابيءَ
سان ڇڪائي سگھيو”[lxvii].
3 نومبر 1917ع تي “سنڌ پراونشل ڪانفرنس”
جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان
سياستدانن شرڪت ڪئي. مسلمان سياستدانن ۾ حاجي
عبدالله هارون، مير ايوب، مسٽر عبدالرحمان
بئريسٽر، حافظ محمد يعقوب ۽ رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙي هئا. هن اجلاس ۾ سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي
غور ڪرڻ لاءِ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، مسٽر جئرام
داس، دولت رام، درڳداس آڏواڻي، مسٽر نارائڻ داس
آنند جي ۽ مسٽر رستم خورشيد سڌوا تي مشتمل هڪ
ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جا انهي سال وزير هند مسٽر
مانٽيگو سان ملي. هن ڪميٽيءَ سنڌ کي بمبئي صوبي
کان مڪمل طور آزاد ڪرائڻ جو مسئلو پيش ڪيو[lxviii].
هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ڪوشش “سنڌ پراونشل
ڪانفرنس” جي موقعن ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارم کي هن
تحريڪ جي مفاد ۾ استعمال ڪيو، ان کان سواءِ سنڌي
مسلمانن جي خاص سياسي جماعت “سنڌ محمدن
ائسوسيئيشن” به پنهنجي طرفان هن مسئلي کي هٿ ۾
کنيو. 1917ع ۾ هن جماعت جي سرگرم ڪارڪنن جهڙوڪ:
محمد احسان اميد علي، خانصاحب ڌڻي بخش جتوئي، علي
بخش محمد حسين ۽ خانصاحب حاجي امام بخش، سر غلام
حسين هدايت الله جي سرگرمي ۾ هڪ وفد جي صورت ۾
وزير هندستان مسٽر مانٽيگو
(Mr: Montague)
سان مليا ۽ سنڌ جي علحدگيءَ جو مطالبو ڪيو[lxix]،
جلد ئي پوءِ “مانٽيگو چئلمسفورڊ سڌارا”
(Montague Chelmsford Reforms)
ملڪ سان لاڳو ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ جي مسئلي کي سرد
مهري سان نظر انداز ڪيو ويو.
سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ لاءِ سنڌي
مسلمانن جو “ٽيون محاذ” هو، “بمبئي ليجيسليٽو
ڪائونسل”. سنڌ جا ميمبر وقت به وقت انهيءَ ڪائونسل
۾ هن مسئلي کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. 1921ع ۾
خانصاحب حاجي محمد بئريسٽر سنڌ جي جدائي لاءِ
بمبئي ڪائونسل ۾ هڪ ريزوليوشن
(Resolution)
آندو، جيڪو واري نه ملڻ سبب بحث هيٺ اچي نه سگھيو[lxx].
سنڌي صحافت هن تحريڪ جو ڀرپور اثر قبول
ڪيو، خاص ڪري مسلمانن جون اخبارن هن تحريڪ کي سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. انهن اخبارن ۾ سنڌ جي
نامياري اخبار الوحيد سڀني کان اڳري هئي. 1924ع ۾
شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي علحدگيءَ متعلق هڪ
تنظيمي پروگرام رٿي، سنڌ جي اخبارن ۾ شايع ڪرايو ۽
الوحيد اخبار خاص طور تي هن پروگرام کي نمايان طور
پيش ڪيو[lxxi].
انهيءَ پروگرام عام راءِ کي هموار ڪرڻ ۾ وڏي مدد
ڪئي، ساڳي وقت شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالله هارون
جي ڪوششن سان ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ذاتي
دلچسپيءَ سان هن مسئلي کي “مسلم ليگ” جي تائيد به
حاصل ٿي.
1925ع ۾ “آل انڊيا مسلم ليگ” جي عليڳڙهه
واري سالياني اجلاس ۾ سنڌ جي بمبئي صوبي کان جدائي
جو پهريون دفعو مطالبو ڪيو ويو[lxxii]،
1927ع ۾ مسلمانن جي هڪ اهم ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ بنگال
۽ پنجاب ۾ مسلم اڪثريت قائم ڪرڻ جي شرط کان سواءِ
سنڌ جي جدائي جو سوال به هٿ ۾ کنيو ويو. ساڳئي سال
“آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ” به سنڌ کي بمبئي کان
جدا ڪرڻ جو ريزوليوشن
(Resolution)
پاس ڪيو. هي ٺهراءُ “سنڌ مدرسة الاسلام” جي تعليم
يافته سياستدان جهڙوڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيٺ
حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن جو نتيجو هو. جولاءِ
1927ع ۾ “سنڌ نيشنل ليگ” ٺاهي ويئي، جنهن جو مقصد
به ساڳيو ئي هو. سنڌ جي جدائي جي مسئلي جي اهميت
پوري برصغير ۾ تسليم ٿيڻ لڳي ته ڪيترن ليڊرن
انفرادي طور تي به هن تحريڪ جو ساٿ ڏنو. 1927ع ۾
مسٽر نارائڻ داس بيچر، بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ کي
بمبئي کان جدا ڪرڻ جو ريزوليوشن
(Resolution)
پيش ڪيو، جيڪو نه کڄي سگھيو[lxxiii]،
مسٽر نارائڻ داس جي ٺهراءُ سيٺ حاجي عبدالله هارون
جي چوڻ تي پيش ڪيو هو.
1928ع ۾ سنڌ جي هندو، مسلمانن ۽ پارسي
ليڊرن جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ٿيو. جنهن ۾ سڀني متفق
راءِ سان سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرڻ جي مسئلي کي
قبول ڪيو. هي عهدنامو، سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن
جي ڪوششن جو نتيجو هو. جن ۾ “سنڌ مدرسة الاسلام ”
جي تعليم يافته سياستدان به اچي وڃن ٿا. هيٺين
سياستدانن انهيءَ عهدنامي تي صحيحون ڪيون:
1.
مسٽر سنتداس منگھارام، وڪيل، حيدرآباد.
2.
مسٽر جمشيد نسروانجي ميهتا، پريزيڊنٽ، ڪراچي
ميونسپالٽي.
3.
مسٽر نارائڻداس آنند جي، ايم - ايل - سي، ڪراچي.
4.
مولوي محمد صديق صاحب، کڏو مدرسو، ڪراچي.
5.
مسٽر ڪي - پنيا، ايڊيٽر، “سنڌ آبزرور”، ڪراچي.
6.
قاضي عبدالرحمان، وائيس چيئرمين، اسڪول بورڊ،
ڪراچي.
7.
سيٺ حاجي عبدالله هارون، ايم - ايل - اي، ڪراچي.
8.
شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪراچي.
9.
مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڪراچي.
10.
ڇتو مل ڪي - ٿڌاڻي، ڪراچي.
11.
قاضي عبدالقيوم، حيدرآباد.
12.
وشنو شرما، ايڊيٽر، “هندو جاتي”، ڪراچي.
13.
مير الهه بخش ٽالپر، ايڊيٽر، “الوحيد”، ڪراچي.
14.
سوامي گووند آنند، ايڊيٽر، “اخبار ڪيسيره”، ڪراچي.
15.
مسٽر پرسرام ٽهلراماڻي، ڪراچي.
16.
لوڪومل پريتمداس، مئنيجر، “هندو جاتي” اخبار،
ڪراچي.
17.
لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ڪراچي.
18.
مسٽر رستم خورشيد سڌوا، ڪراچي.
19.
مسٽر ڪيولرام موٽواڻي، ڪراچي.
20.
سيد جمال الدين حسن بخاري، ڪراچي.
21.
غلام حسين غفور ڀائي، ڪراچي.
22.
ٽيڪمداس واڌو مل، ڪراچي.
23.
دين محمد عليگ، مئنيجر، “الوحيد”، ڪراچي.
24.
مسٽر ايم - ايم ڪرپلاڻي، ڪراچي.
25.
مولانا دين محمد وفائي، ڪراچي.
مکي هرڪشنداس، حيدرآباد سنڌ[lxxiv].
1 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص
- 169.
2 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد اينڊ سنس، 1950ع، ص - 9.
3 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد اينڊ سنس، 1950ع، ص -
10.
4 مولوي الهه بخش: مسدس اٻوجھو، حيدرآباد،
مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص - 56.
[v]
See: The Karachi Hand Book & Directory,
Karachi, Daily Gazette, 1928 -29, P –
93.
[vi]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
24.4.1912, P
-
5.
[vii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
9.10.1917, P
-
5.
[viii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
6.1.1919, P
-
5.
9 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين،
(جلد ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1967ع، ص - 168.
10 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص
- 195.
11 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1967ع، ص -214.
[xii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
10.10.1917,
P
-
5.
[xiii]
See: The Karachi Hand Book & Directory,
Karachi, Daily Gazette, 1915
-16,
P
-
106.
[xiv]
See: Letter No: 297, from Capt.
Merewether, Political Superintendent to
Comission in Sind, Karachi, Alphabetical
Catalogue of the Contents of the
pre-mutiny Records of the Commision in
Sind, 1932, P – 263 - 64.
[xv]
Aitken E.H: Gazetter of the Province of
Sind, Karachi, Marcantile Steam Prees,
1907, P-338-39.
16 مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ”: ياد
رفتگان، هالا، الزمان دار الاشاعت، 1953ع،
ص 11 ۽ 15.
[xvii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
11.10.1916,
P –
4.
[xviii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
11.10.1916,
P –
4.
[xix]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
1.5.1917,
P –
5.
[xx]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
9.10.1917,
P –
5.
21 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص -
92.
22 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1968ع، ص -
75.
23 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تواريخ، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، مورخه
15 جون 1936ع، ص - 117.
24 عبدالله عباسي: محمد ايوب کهڙو، ڪراچي،
مڪتبه عباسيه، 1951ع، ص - 9.
[xxv]
Allana, G: Quaid-e-Azam, The Story of
Nation, Lahore, Feroz sons, 1967, P-48.
26 ايم - آر - مائيداساڻي: قومي اڳواڻ،
ڪراچي، ايم - آر - مائيداساڻي، 1935ع، ص
-1.
27 موتي رام رامواڻي: رتن جوت، (ڀاڱو
ٻيو)، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1958ع،
ص - 609.
28 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1967ع، ص - 146.
29 موتي رام رامواڻي: رتن جوت، (ڀاڱو
ٻيو)، ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1958ع،
ص - 619.
30 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص
- 82.
31 مطلوب الحسن سيد: هماري قائد اعظم،
ڪراچي، نيشنل بڪ فائونڊيشن، 1975، ص - 18.
32 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص
- 77.
33 معلومات انٽرويو وسيلي 27 جون 1957 تي
شيخ عبدالمجيد سنڌي کان ورتي ويئي.
34 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص
- 122.
35 معلومات انٽرويو وسيلي 27 جون 1975ع تي
شيخ عبدالمجيد سنڌي کان ورتي ويئي.
[xxxvi]
See: Daily Gazette, Karachi, dated
29.3.1922,
P –
3.
37 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، جلد
پهريون، نمبر 75، مورخه 4 آگسٽ 1920ع ص-
3.
[xxxviii]
Rajput A.B: Muslim League Yesterday and
today, Lahore, Muhammad Ashraf, 1948, P
– 15.
[xxxix]
Edward Thompson and G.T Garrat: Rise and
fulfillment of British Rule in India,
London, Macmillan and co. Ltd, 1935, P –
545.
40 محبوب: هزرائل هائنس سر سلطان محمد
شاهه پرنس آغا خان، ڪراچي، اسماعيليه
ائسوسيئيشن پاڪستان، 1959ع، ص - 147.
41 قائد اعظم محمد علي جناح: تصورات
پاڪستان، دکن، نفيس اڪيڊمي، 1946ع، ص -
13.
[xlii]
Richard V.Weeks: Pakistan Birth and
growth of a Muslim Nation, London,
D.Van, Nostrand Company, INC, 1964, P –
74.
43 محبوب: هزرائل هائنس سر سلطان محمد
شاهه پرنس آغا خان، ڪراچي، اسماعيليه
ائسوسيئيشن پاڪستان، 1959ع، ص - 149.
[xliv]
Aziz A.K: Discovery of Pakistan, London,
Shaikh Ghulam Ali & Sons, 1957, P- 288.
[xlv]
Richard V.Weeks: Pakistan Birth and
growth of a Muslim Nation, London,
D.Van, Nostrand Company, INC, 1964, P –
74.
46
پروفيسر محمد ايوب قادري: سنڌ جي ديني،
علمي ۽ سياسي حالت تي هڪ نظر، (مقالو)،
ڪراچي، نئين زندگي، آگسٽ، 1971ع، ص - 19.
47 محبوب: هِزرائل هائنس سَر سلطان محمد
شاهه پرنس آغا خان، ڪراچي، اسماعيليه
ائسوسيئيشن پاڪستان، 1959ع، ص – 6.
[xlviii]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 2nd
Novemeber, 1917, P-2.
[xlix]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 18th
Februray, 1925, P-6.
[l]
See: Daily Gazette, Karachi, dated 18th
Februray, 1925, P-6.
[li]
Mualana M.Irfan: A Brief History of the
Movement of the Sepration of Sind;
Karachi, Alvahid Special Edition, 15th
june, 1936, P-r54.
52 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
ٻيو)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1947ع، ص
- 182.
53 ڏسو: روزانه الوحيد، ڪراچي، مورخه
2-10-1939ع، ص-1.
54 جي - ايم سيد: نئين سنڌ لاءِ جدوجهد،
ڪراچي، بشير احمد ائنڊ سنز، 1950، ص -
160.
[lv]
Edward Thompson: Rise & Fulfilment of
Birtish Rule in India, London, Macmillan
& Co. Ltd. 1935, P-357.
[lvi]
Edward Thompson: Rise & Fulfilment of
Birtish Rule in India, London, Macmillan
& Co. Ltd. 1935, P-359.
[lvii]
Hughes, A.W: Gazetteer of Province of
Sind, London, George Bell & Sons, 1874,
P-51.
[lviii]
Chablani H.L: Seperation of Sind from
the Bombay Presidency, Karachi, Chablani,
1931, P-7.
59 پير علي محمد راشدي: اهي ڏينهن اهي
شينهن، جلد پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ، 1947ع، ص-5.
60 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص - 6.
[lxi]
H.F.L.T. Harrision: A Hand Book of
Karachi, Karachi Educational Printing
press, 1933, P-40.
62 محبوب: هزرائل هائينس سر سلطان محمد
شاهه آغا خان، ڪراچي، اسماعيليه
ائسوسيئيشن پاڪستان، 1959ع، ص- 347.
[lxiii]
See: Who’s who & Why, Karachi, Daily
Gazette, Printing press, 1932, P- 67.
64 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص -
17.
65 موتي رام رامواڻي: رتن جوت، ڀاڱو ٻيو،
ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1959ع، ص
-612.
66 موتي رام رامواڻي: رتن جوت، ڀاڱو ٻيو،
ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1959ع، ص
-614.
67 موتي رام رامواڻي: رتن جوت، ڀاڱو ٻيو،
ڪراچي، پاڪستان هيرالڊ پريس، 1959ع، ص
-621.
68 خانبهادر محمد ايوب کهڙو: سنڌ کي آزاد
۽ مستقل صوبو بنائڻ جي تحريڪ، (مقالو)،
ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر، 15 جون 1936ع، ص
- 122.
69 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تاريخ، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر،
15 جون 1936ع، ص - 115.
70 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تاريخ، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر،
15 جون 1936ع، ص - 115.
71 جي - ايم سيد: جنب گذاريم جن سين، (جلد
پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1947ع، ص - ؟.
72 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تاريخ، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر،
15 جون 1936ع، ص - 115.
73 سيد ميران محمد شاهه: سنڌ جي علحدگي جي
تاريخ، (مقالو)، ڪراچي، الوحيد آزاد نمبر،
15 جون 1936ع، ص - 116.
74 جي - ايم سيد: سنڌ جي بمبئي کان آزادي،
ٻنو، ارباب نور محمد پليجو، 1948ع، ص -
56-57.
|