ڀاڱو ٽيون
سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي سياست ۾ حصو
باب
پهريون
سنڌ جي
سياست جو مختصر تاريخي پس منظر
سنڌ جي قديم تهذيب ۽ سياسي تاريخ جا اهڃاڻ قديم
آثارن جي کوٽائي مان ملن ٿا. “موهن جو دڙو” انهيءَ
ڳالهه تي روشني ٿو وجھي ته ملڪ جو سياسي نظام
جيترو هو ملڪي سلامتي لاءِ مستحڪم، اوترو هو عوام
لاءِ مفيد. اهو سنڌ جو اڳوڻو سياسي نظام ئي هو،
جنهن جي سهاري تي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي ترقي ڪرڻ
جو موقعو ميسر ٿيو.
سنڌ جي سياسي تاريخ جي ٻي ڪڙي آرين جي دور
سان اچي ملي ٿي. هن دور ۾ واضع طور تي سنڌ جي
سياسي نظام جي تصوير نظر اچي ٿي ۽ هن دور ۾ عوام
سياسي طور تي با شعور ۽ با اختيار هو. راجائون خود
مختيار نه هوندا هئا. پر انهن جي مدد لاءِ “سمتي”
۽ “سڀا” قائم ڪئي ويندي هئي. سمتي عوام پاران
ميمبرن جي جماعت هئي ۽ سڀا ۾ مگھارون عوام مان
چونڊيل ميمبر هوندا هئا، جن سان راجائون مشورا
ڪندا هئا[1].
آرين جي اختتام کان پوءِ برهمڻ دور شروع
ٿئي ٿو، جيڪو 1200 ورهيه ق - م کان شروع ٿي 400 ق
- م پورو ٿئي ٿو. هن ئي دور ۾ مهاڀارت ۽ رامائڻ جا
واقعا رونما ٿين ٿا. هن دور ۾ “سنڌو راشٽر” جي
اندر ڏهه راشٽر ٻيا به هئا. مهاڀارت يُڌ، وقت سنڌو
راجا ورڌڪشتو سنڌ تي راڄ ڪري رهيو هو[2].
هن جنگ ۾ سنڌ به حصو ورتو. هن دور جا حڪمران سياسي
نقطه نگاهه کان وڏي طاقت رکندڙ هئا. “راجائن جي
اختيارن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ اهي پاڻ کي “چڪرورتي”
جي لقب سان ڪوٺائڻ لڳا”[3].
پر هن دور ۾ راجائن جي چونڊ ڪئي ويندي هئي ۽ ڪوبه
ماڻهو پنهنجي مرضي مطابق ملڪ جو حاڪم ٿي نه سگھندو
هو. راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ جدا جدا نياتن جي ماڻهن
رشين، برهمڻ ۽ راجا جي عزيزن جو هٿ هوندو هو. اهي
سڀئي راجڪرتهه سڏيا ويندا هئا. راجا جي چونڊ ٿيڻ
مهل جدا جدا ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي عيوضي کي
موڪليندا هئا ۽ اهو عام خلق جي پاران رايو ظاهر
ڪندو هو[4].
19 - 518 ق - م ۾ دارا اعظم سنڌ تي قبضو
ڪيو[5].
سندس حڪومت دوران سنڌ ۾ بغاوتون ٿينديون رهيون،
جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ دارا سنڌ کي ڇهن صوبن ۾
ورهائي مٿن حاڪم مقرر ڪيا. دارا اعظم جي زماني ۾
سنڌ ۾ انقلابي نوعيت واريون سماجي، مذهبي، اقتصادي
۽ سياسي تبديليون آيون. سنڌ واسين کي سندن تاريخ ۾
پهريون دفعو هڪ عالمي شهنشاهيت هيٺ رهڻ ڪري، مختلف
قومن جي تهذيب ۽ تمدن جو اثر قبول ڪرڻو پيو ۽ پاڻ
انهيءَ کان ٻين کي متاثر ٿيڻو پيو.
هن شهنشاهه، اسڪائليڪس
(Skylax)
کي سنڌ ۾ موڪلي، سنڌو ندي جي سروي ڪرائي[6]،
جنهن عمل اڳتي هلي يونانين کي ننڍي کنڊ تائين
پهچايو. هن دور جي پڄاڻي 326 ق - م ۾ اسڪندر اعظم
جي آمد سان ٿئي ٿي[7].
يونانين جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ وقت هي ملڪ
ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو. ڌارين جي جنگ پسندي
ڏسي، سنڌ واسين وڏن شهرن کي مضبوط قلعا ڏيئي ڇڏيا
هئا، ڳوٺاڻا آزاد هئا. دشمن جي مقابلي ڪرڻ وقت
ڌرتي جي حفاظت لاءِ هڪ ٿي ويندا هئا[8].
323 ق - م ۾ اسڪندر مقدونيءَ جي وفات کان
پوءِ هن طرف سنڌ تي مقرر ڪيل نائب فلپ
(Philip)
بغاوت ۾ مارجي ويو، جنهن ڪري سيلسيڪوس نڪٽر
(Selcukos Nikator)
سنڌ تي ڪاهه ڪئي، جنهن کي چندر گپتا کان شڪست ملي
۽ ائين سنڌ ۾ موريا خاندان جي حڪومت قائم ٿي[9].
چندرگپتا جي پوٽي “آسوڪا” تائين ملڪ ۾
سياسي استحڪام رهيو، جنهن کان پوءِ هڪ طرف ملڪ جا
فوجي سياسي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ ٻئي طرف
پاڙيسري يوناني حڪمران ملڪ ۾ نظرون وجھن لڳا،
آخرڪار 190 ق - م ۾ “بلخ” جي يوناني حاڪم ڊيم
ايڪوس
(Deim Achos)
هي ملڪ فتح ڪيو، ۽ 185 ق - م ۾ موريا حڪومت جي
سپهه سالار پيشي مترا پنهنجي حاڪم کي ماري سنگا
خاندان جو راڄ قائم ڪيو[10].
انهيءَ کان پوءِ 120 ق - م کان 50 کن پارٿين جي
حڪومت قائم رهي[11].
هن عرصي دوران سنڌ ۾ نمايان طور تي سماجي، مذهبي،
تعليمي ۽ سياسي تبديليون آيون، پارٿين جي وجود ڪري
سنڌ جي لاڙ ڀاڱي تي “سڪا ديپا” نالو پيو[12].
28 ق - م ۾ يوپي راجا ڪنشڪا ڪشمير کان وٺي
سنڌ تائين ملڪ فتح ڪيا. 320ع کان هن ملڪ تي گپتا
خاندان جي حڪومت رهي. 465ع ۾ سڪنده انهيءَ خاندان
جي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ ائين سٿين جو راڄ قائم
ٿيو[13].
540ع ڌاري “مالوه” جي راجا يشو ڌرمن ۽
“مگره” جي گپتا راجا گڏجي سٿين جي راڄ جو خاتمو
آندو[14].
گپتا وارن جي زوال کان پوءِ سنڌ کي “هرش” ۽
“راجپوتن” جي حڪومت هيٺ رهڻو پيو، جنهن کان پوءِ
ساساني حڪومت جو پايو پيو[15].
سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي حاڪم سهيرس جي زماني
۾ سنڌ جون سياسي حالتون ايترون ته بهتر هيون، جو
ملڪ امن ۽ امان، خوشحالي ۽ آسودگيءَ جو آماجگاهه
ٿي پيو. هن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي، هرهڪ حصو
هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي “الور” جي شهر کي
پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو. سندس ملڪ ۾ ڪنهن به امير
خواهه رعيتيءَ سرڪشي نه ڪئي، سڀئي نهايت
فرمانبرداري ڪندا رهيا.[16]
نيروز جي بادشاهه ڪيچ ۽ مڪران تي چڙهائي
ڪئي[17]،
ته هن سر ڏيئي به ملڪ ۽ ملڪ واسين جي حفاظت ڪئي.
سهيرس کان پوءِ جڏهن راءِ سهاسي تخت تي
ويٺو ته عدل، انصاف، بردباري، نهٺائي، سياست ۽
زيردستي (قانون جي) دستور العمل بنائي، انهن مان
هرهڪ وصف کي پنهنجي جاءِ تي عمل ۾ آڻيندو رهيو،
جنهن ڪري ماڻهن ۽ شهرين ۾ امن ۽ آرام پيدا ٿيو.
اهو ملڪ جو سياسي استحڪام جو نتيجو ئي هو جو راءِ
سهاسي ملڪ ۾ فوجي، مالي، تجارتي ۽ مزدور ڪارڪنن جي
لاءِ سڌارا آندا[18].
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ وزيرن جي حيثيت
ڪامورن جهڙي هئي، اهي وقت جي بادشاهه يا حاڪم جي
مرضي مطابق حڪومت جو ڪاروهنوار هلائيندا هئا ۽
انهن جي خواهش تائين عهدي تي رهي سگھندا هئا.
وطن جي ذهين ۽ قابل رهواسين جو هميشه قدر
ڪيو ويندو هو ۽ کين ملڪ جي سياسي توڙي انتظامي ڪمن
۾ لياقتن ۽ صلاحيتن ڏيکارڻ جو آساني سان موقعو ملي
ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو “راءِ سهاسي چچ کي
سڏي وزارت جو ڪم کيس سپرد ڪيو”[19].
راءِ سهاسي ثانيءِ جي وفات کان پوءِ چچ
حڪومت تي ويٺو ۽ اهڙي ريت راءِ خاندان جي حڪومت جو
خاتمو ٿيو ۽ برهمڻ گھراڻو اقتدار ۾ آيو.
چچ ۽ سندس پٽ راجا ڏهر جو زمانو سنڌ جي
سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. چچ دغابازي ۽
چالاڪيءَ سان 644ع ۾ اقتدار هٿ ڪيو[20]
۽ ملڪ جي داخلي پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون
آنديون. هن چاليهه سال حڪومت ڪئي ۽ ملڪ کي سياسي
استحڪام ڏنو.
هن دور ۾ سنڌ جي حڪومت شخصي ۽ موروثي
نوعيت جي هئي، “سنڌ جا راجائون وزيرن ۽ درٻاري
مشيرن جي صلاح ۽ مشوري سان حڪومت هلائيندا هئا”[21].
اهي برهمڻ آباد، الور ۽ راوڙ ۾ چار چار مهينا رهي
ملڪي ڪاروبار هلائيندا هئا. ملڪ جون حدون بلڪل
وسيع هيون[22].
20هه / 640ع ڌاري جڏهن عربن ايران فتح ڪيو[23]
۽ سنڌ جون حدون اسلام سلطنت سان لاڳو ٿيون ته
انهيءَ تبديلي جو اثر سنڌ جي داخلي ۽ خارجي سياست
تي به پيو، هڪ طرف ايران جا شڪست خورده قبيلن اچي
سنڌ ۾ پناهه ورتي ته ٻئي طرف راجا چندر جي زماني ۾
سنڌ اندر ٻُڌ ۽ برهمڻ مذهبن جي ڇڪتاڻ جو آغاز ٿيو[24].
مسلمان حڪمران ڪيتري وقت کان وٺي پنهنجي
واپار ۽ تجارت جي ترقيءَ لاءِ ننڍي کنڊ جي ساحلي
علائقن ۽ بندرن ۾ دلچسپي رکندا ايندا هئا. ويتر
مٿي ذڪر ڪيل تبديلين سبب انهن جي دلچسپي ۾ اضافو
اچي ويو. جڏهن عبدالملڪ بن مروان پاران حجاج بن
يوسف ثقفي جهڙو جابر ۽ ظالم حاڪم عراق جو گورنر
مقرر ٿيو، ته سندس ظلمن کان تنگ ٿي ڪيترن عربن سنڌ
۾ پناهه ورتي[25].
انهيءَ ڪري حجاج بن يوسف سنڌ جي طرف متوجھه ٿيو.
تان جو 712ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي[26].
جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ دور ختم
ٿيو ۽ نئين دور جي ابتدا ٿي. محمد بن قاسم صرف
ساڍا ٽي سال سنڌ ۾ رهيو[27]،
جنهن کان پوءِ سليمان عبدالملڪ کيس عراق ڏانهن
واپس گھرائي ورتو جتي هن جيل ۾ وفات ڪئي[28]،
محمد بن قاسم کان پوءِ يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪي کي
سنڌ جو حڪمران بنايو ويو[29]،
سنڌ جو اهو پهريون حڪمران به جلد وفات ڪري ويو،
جنهن کان پوءِ عمر بن مسلم سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو.
انهيءَ جي ڏينهن ۾ آل ملهب بغاوت ڪئي ۽ آخرڪار ابن
ملهب اچي سنڌ تي قبضو ڪيو.
مطالعي هيٺ آيل دور جي سياست ۾ ٻه طرفي
تبديليءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. هڪ طرف عرب حڪمران
باهمي اختلافن سبب سنڌ جي حڪمراني لاءِ بغاوتون
ڪندا رهيا، ته ٻئي طرف سنڌ واسي به موقعي ۽ مهل
مطابق عربن کان آزاد ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا.
باغي عربن توڙي باغي ڏيهي ماڻهن ۾ سياسي قيادت جو
فقدان هو، ان ڪري اهو دائمي نوعيت واري ڪاميابي
حاصل ڪري نه ٿي سگھيا.
نه رڳو سنڌ جي داخلي سياست ۾ اهڙا لاها
چاڙها نظر اچن ٿا، بلڪ مرڪز ۾ به وڏيون سياسي
تبديليون اينديون رهيون، جنهن ڪري سنڌ کي هڪ کان
وڌيڪ خاندانن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهڻو پيو. 749ع ۾
بني اميه وارن جو خاتمو ٿيو[30]،
ته سنڌ کي بني عباس خاندان جي حڪومت هيٺ رهڻو پيو[31].
854ع ۾ وري هباري خاندان جي عمر بن عبدالعزيز
منصوره تي قبضو ڪري حڪومت هلائڻ شروع ڪئي[32]،
اهڙي ريت عربن جي دور ۾ ڪل 40 عرب حڪمرانن سنڌ تي
حڪومت هلائي. عربن جي دور ۾ سنڌ جي گادي جا هنڌ به
بدلبا رهيا. سندن گاديءَ جو هنڌ پهرين “اروڙ” پوءِ
“منصوره” ۽ تنهن کان پوءِ “ٺٽو” ٿيو.
عربن کان پوءِ سنڌ تي محمود غزنوي جي
حڪمرانيءَ جي ابتدا ٿئي ٿي. سلطان محمود غزنوي
1026ع ۾ ملتان ۽ سنڌ کي فتح ڪري اتي پنهنجا گورنر
مقرر ڪيا[33]،
پر سلطان محمود جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس اولاد
حڪومت ورهائي ته سلطان عبدالرشيد بن مسعود (440هه
/ 1048ع - 444هه / 1052ع) بادشاهه ٿيو، هن جي
حڪومت عياشي ۽ آرام طلبي سبب ڪمزور ٿي ويئي. اهو
ئي سبب هو جو سرحدي علائقن جي ماڻهن بغاوت ڪري خود
مختياري حاصل ڪري ورتي، انهيءَ زماني ۾ سومرا
قبيلي جي ماڻهن “ٿري” جي شهر ۾ گڏ ٿي ڪري پنهنجي
قبيلي جي هڪ شخص سومره نالي کي تخت تي ويهاري
پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪيو[34]،
انهيءَ ريت سومرن جي حڪومت جو پايو پيو.
سومرن جو دور (1050ع کان 1351ع) تائين سنڌ
جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو[35].
سومرا مذهبي نقطه نگاهه کان اسماعيلي فرقي جا
پوئلڳ هئا[36].
اهي پهريان ڏيهي حاڪم هئا جن سنڌ ۾ حڪومت جون
واڳون سنڀاليون[37].
هي اٽڪل ٽي سو سال سنڌ جي سياست تي ڇانيل رهيا.
جيتوڻيڪ غورين ۽ غلام گھراڻي جي حاڪمن سنڌ جي ڪن
حصن تي وقت به وقت راڄ ڪيو، پر ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر جي
وسيع علائقي تي سومرا سردارن جو قبضو رهيو ۽ ملڪي
وحدت جي پيڙهه مضبوط ڪئي.
دودي چنيسر جو اختلاف هن دور جي سياسي سوچ
۽ فڪر جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. هن واقعي مان چڱي
طرح اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته رت جي رشتي جي بنياد
تي ڪنهن کي حاڪم جي حيثيت سان ڪڏهن به قبول نه ڪيو
ويندو هو، پر انهيءَ لياقت، قابليت ۽ ذهانت کان
سواءِ سياسي بصيرت ۽ وطن دوستيءَ جي جذبن کي نظر ۾
رکيو ويندو هو. دودو انهيءَ ڪري راڄ ڌڻي ٿيو ۽
چنيسر انهيءَ ڪري تخت وڃايو.
سومرن کان پوءِ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم
ٿي. سمن جي دور جو آغاز 1351ع کان ٿئي ٿو ۽ خاتمو
1521ع ۾ ٿئي ٿو[38].
سمن کي شروع کان وٺي خارجي مداخلت کي منهن ڏيڻو
پيو. سلطان علاو الدين خلجي هن حڪومت سان چڱا پير
ڪونه کنيا، هن پنهنجي شاهي فوج موڪلي بکر تي قبضو
ڪيو. نه صرف ايترو پر ڄام تماچي کي قيد ڪرائي
دهليءَ گھرايو[39].
خلجيءَ کان پوءِ تغلق گھراڻو دهليءَ جي سلطنت جو
مالڪ ٿيو، ته انهيءَ گھراڻي به اڳين حاڪمن جيان
سنڌ تي حملا ڪيا.
انهيءَ خارجي مداخلت سنڌ جي اندروني سياست
کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو. خاص ڪري جڏهن سڪندر بن
فتح سنڌ جو حاڪم ٿيو ته ملڪ ۾ بغاوت منهن ڪڍيو[40].
دهلي جي حڪمرانن جي توسيع پسنديءَ ٻين کي به متاثر
ڪيو، ڄام نندي جي زماني ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ ۾
ڦرلٽ ڪئي، پر دولهه دريا خان کيس چڱي سيکت ڏني[41].
ڄام نندي کان پوءِ جڏهن ڄام فيروز تخت تي ويٺو[42]،
تڏهن سندس سياسي عاقبت انديشيءَ کانئس ملڪ جا هڏ
ڏوکي سياستدان ۽ فوجي جرنيل پير ڪڍي ڇڏيا، خاص ڪري
هن دريا خان سان به ڦٽائي وڏي سياسي غلطي ڪئي،
جنهن جي نتيجي ۾ سمن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو[43].
سمن جي حڪومت جو زوال ڄام نندي جي وفات
سان گڏ ٿئي ٿو. پر انهيءَ جو خاتمو شاهه بيگ ارغون
جي حملي سان ٿيو[44].
هن نئين سياسي تبديليءَ سنڌ جي ٻن نامور پر مختلف
سياسي فڪر رکندڙ سنڌي سياستدانن کي جنم ڏنو ۽ انهن
مان پهريون هو قاضي قادن، جنهن ارغون حڪومت جو ساٿ
ڏنو ۽ ٻيو هو ملڪ جو هڪڙو عالم ۽ مشائخ مخدوم
بلاول، جيڪو ماڻهن کي هن ڌارئي حڪومت خلاف لڙڻ جي
ترغيب ۽ جوش ڏياريندو رهيو[45].
“نائين صدي عيسوي جي اڌ کان وٺي سورهين
صدي جي شروع تائين ذري گھٽ ست سو ورهيه لاڳيتا،
سنڌ جي رياست سنڌ جي ماڻهن جي قبضي ۾ رهي. ٽي سو
ورهين کان ڪجھه وڌيڪ سومرن جي ۽ ذري گھٽ200 ورهيه
سمن جي. سنڌ جي تاريخ جو هيءُ دور سنڌي سماج جي
بنيادي اوسر جو دور هو. سنڌ جا تقريباً سمورا
تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ فخريه ڳالهيون، ڏند
ڪٿائون، لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ سورما انهيءَ
پنهنجي آزاد رياست جي لاڳيتي ڊگھي عرصي سان تعلق
رکن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو اهو ئي دور هو جنهن لاءِ
صحيح طور چئي سگھجي ٿو ته اڳوڻو سنڌي سماج جي
تهذيب جو بهترين دور هو. ان سڄي دور ۾ سنڌي سماج
جي مذهب ۽ رياست ٻنهي سنڌي سماج جي تهذيبي اوسر ۽
اڏاوت جو ڪم ڏنو. ملڪي سرحدن جي بچاءَ جا جتن ۽
سماجي خوشحالي جون ڪوششون، سنڌي ڪردار جي ذهني
پرورش ۽ اخلاقي تعمير، سنڌي سماج تاريخ جي صورت ۽
ساخت جيڪا هن دور ۾ عمل ۾ آئي، ان جو ٻيو مثال سنڌ
جي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي، سنڌ جي تاريخ جو هيءُ غير
معمولي قوميت جو دور 1521ع ۾ ختم ٿيو”[46].
سنڌ جي فاتح شاهه بيگ ارغون ٻن سالن کان
پوءِ سنڌ ۾ وفات ڪئي، ان کان پوءِ سندس پٽ شاهه
حسين ارغون ڪجھه وقت حڪومت ڪرڻ کان پوءِ لا ولد
مري ويو. جنهن ڪري سنڌ جي سلطنت انهيءَ جي ٻن
اميرن پاڻ ۾ ورهائي کنئي، ٺٽي جو علائقو مرزا
عيسيٰ ترخان جي حوالي ٿيو ۽ بکر جو صوبو شاهه
محمود جي حصي ۾ آيو. مرزا عيسيٰ کان وٺي مرزا جاني
بيگ تائين سنڌ ترخاني قبضي ۾ رهي، تان جو اڪبر جي
سپهه سالار خان خانان عبدالرحيم اچي سنڌ فتح ڪئي ۽
سنڌ جي حيثيت هڪ صوبي جي رهجي ويئي[47].
اڪبر جي زماني ۾ سنڌ مغلن جي حڪومت هيٺ
آئي. مغلن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ترتيب وار ٺٽي ۾
38 ۽ بکر ۾ 47 نواب مقرر ڪيا[48].
مغل سلطنت جي سياسي حالتن ۽ انتظام سنڌ کي به حد
کان وڌيڪ متاثر ڪيو. اورنگزيب پنهنجي والد شاهجهان
کي نظر بند ڪري ڀائرن کي مارائي تخت تي ويٺو[49].
اورنگزيب جيڪا انوکي روايت قائم ڪئي، تنهن
کان پوءِ اِها سندس پويان نڀائيندا آيا. بهادر
شاهه پنهنجي ٻن ڀائرن کي مات ڪري تخت نشين ٿيو، ان
کان پوءِ جهاندرا شاهه پنهنجن ٽن ڀائرن کي پورو
ڪري پاڻ شاهه بڻيو، پر فرخ سير وري هن جو انت آڻي
تخت تي قبضو ڪري ويو، فرخ سير کي به پنهنجي موت
مرڻ نه ڏنو[50].
اورنگزيب جي حڪمراني برصغير جي سياسي
حالتن تي وڏو اثر وڌو، هن جي مذهبي پاليسي حريفن
لاءِ تمام ڏکي ثابت ٿي. هو پاڻ سني هو، ان ڪري
شيعا هن جي ڏاڍائين جو شڪار ٿيا. سکن سان جنگيون
هن ئي جوٽيون ۽ هندن جا مندر هن ڊاهي ڇڏيا[51]،
هن جي حياتي ۾ ميان نصيرالدين سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي
حڪومت جي پايي وجھڻ جي ابتدا ڪئي، تان جو 1701ع ۾
ميان يار محمد مغليه درٻار کان پروانو وٺي سنڌ تي
حڪومت ڪرڻ لڳو[52].
ڪلهوڙن ملڪ ۾ پهريون دفعو پيري مريدي جي
زور تي سياسي اقتدار حاصل ڪيو. شاهه عنايت، نادر
شاهه جي ڪاهه ۽ مدد خان جي ڦرلٽ هن دور جي سياسي
حڪمت عملي جا نتيجا هئا. ميان عبدالغني جي تخت
نشيني کان پوءِ سنڌ جي سياسي حالتن اهڙو رخ اختيار
ڪيو، جو 1782ع ۾ هالاڻي ۾ جنگ ٿي ۽ ڪلهوڙن جي راڄ
جو خاتمو ٿيو[53].
ٽالپرن جو زمانو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهم
مقام والاري ٿو. ملڪ جي نئين حاڪم مير فتح علي خان
سڄي سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ۽ نئين نظام هيٺ اتر
سنڌ سهراياڻي خاندان کي ملي، جن خيرپور کي پنهنجي
گادي جو هنڌ بڻايو. مرڪزي سنڌ شهداداڻي خاندان جي
حوالي ٿي، جن حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽
ڌکڻ اوڀر سنڌ ماڻڪاڻي خاندان کي ملي، جيڪي
ميرپورخاص کي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻائي حڪومت ڪرڻ
لڳا[54].
مير فتح علي خان پوري برصغير ۾ نئون سياسي
تجربو ڪيو ۽ پنهنجي ٽن ڀائرن مير غلام علي خان،
مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سان گڏجي
حڪومت ڪرڻ لڳو[55].
هيءُ سنڌ جي سياست ۾ اجتماعي حڪومت ڪرڻ جو پهريون
۽ ڪامياب تجربو هو.
مير فتح علي جهڙي مدبر سياستدان کان پوءِ
هن دور ۾ هوشو شيديءَ جي سياسي بصيرت ۽ قومي غيرت
کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. هو مطالعي هيٺ آيل
دور جو عظيم سياستدان ۽ پهلوان جرنيل آهي. جنهن
سنڌ کي اهڙو نعرو ڏنو جو صدين تائين سندس قومي
غيرت جو پڙاڏو پيو گونجندو.
هن دور جو ٽيون عظيم سياستدان محب وطن
حاڪم هو، مير شير محمد خان “شيرِ سنڌ” جنهن جي
للڪار سنڌ جي هر بيدار ۽ بيباڪ شخص ۽ آزادي جي
ڪوڏين جي ڪنن ۾ گونجي رهي هئي[56].
1843ع ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي باهمي اختلافن
۽ انگريزن جي توسيع سبب ٽالپرن جي حڪومت جي پڄاڻي
ٿي، جنهن کان پوءِ سنڌ جي سياست کي نئون موڙ مليو.
سنڌ جي فتح کان پوءِ چارلس نيپير
(Charles Napier)
سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو[57]،
1847ع ۾ انهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ صوبي کي سنڌ
جي حڪمراني لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيا ويا[58].
سنڌ جا 1843ع کان اڳ هڪ ملڪ هو سو نه صرف
پنهنجي ملڪي حيثيت ۽ آزادي وڃائي ويٺو، پر 1847ع
کان پوءِ انگريز سرڪار کيس صوبائي حيثيت کان محروم
ڪري ڇڏيو. سنڌ جي تاريخ جا اهي واقعا ان جي مستقبل
واري سياست تي ڏاڍو اثر انداز ٿيا. سنڌ ۽ هند ۾ هڪ
ئي قسم جون ۽ هڪ جهڙيون سياسي تبديليون رونما ٿيڻ
لڳيون. انهيءَ کان پورا ڏهه سال پوءِ يعني 1857ع ۾
پوري برصغير ۾ انگريزن خلاف آواز اٿاريو[59].
برصغير پاڪ و هند جي سياسي تاريخ ۾ 1857ع جو سال
مکيه جاءِ والاري ٿو. اهو ئي سال هو جنهن ۾ برصغير
جي عوام کي هميشه هميشه لاءِ انگريزن خلاف محاذ
آرائي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوري خطي کي آزادي جي
لهر پنهنجي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو.
هن آزادي جي جنگ کي انگريز “بلوو” يا فساد
چون ٿا، پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هيءَ عوامي جنگ
هئي جا سندن اقتدار ۽ تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهي
ويئي. انگريزن جنگ آزادي جي اهميت ۽ تاريخي حيثيت
کي گھٽائڻ لاءِ ان کي “فوجي بغاوت” ڪري پيش ڪيو،
پر جنگ آزادي جو پس منظر انهيءَ حقيقت جو ٺوس ثبوت
آهي ته اهو آزاديءَ جو جوش ۽ جذبو ئي هو، جنهن
عوام کي انگريزن خلاف هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو.
آزادي جي جنگ جو پس منظر ۽ اُن جا سبب:
انگريز راڄ، برصغير جي سياسي سماجي، مذهبي ۽
اقتصادي ميدانن ۾ اُٿل پُٿل پيدا ڪري ڇڏي، ڏيهي
ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ انگريز اقتدار جو مقابلو
ڪندا رهيا. پر 1857ع ۾ سندن سموريون قوتون هڪ
ڀرپور مگر ناڪامياب ڪوشش جو روپ وٺي ظاهر ٿيون.
انهيءَ ڀرپور ڪوشش جا ڪيترائي سبب هئا، جن جو
مختصر ذڪر هن ريت آهي:
1.
اُوڌ ۽ ٻيون رياستون سلطنت سان ملايون ويون ۽ سنڌ
تي ٺڳيءَ سان قبضو ڪيو ويو[60].
2.
ستارا ناگپور ۽ جانسيءَ جي رياستن سان دست برداري
جو نظريو
(Doctrine Lapse)
سان لاڳو ڪيو ويو، جنهن ڪري اتي جي متاثر ٿيندڙ
حاڪمن کي انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿي[61].
3.
هندستان جون حدون اُتر اولهه طرف وڃي جبلن سان
لڳيون هيون، باقي بچيل رياستن انهيءَ ۾ پنهنجو ڀلو
ڄاتو. آزادي جي جنگ ۾ ماڻهن جي مدد ڪري پنهنجي مٿي
تي لڏندڙ تلوار کي هميشه هميشه لاءِ ٽاري ڇڏيو.
4.
مغل خاندان تي بي گناهه ظلم ڪيا ويا، آخري تاجدار
کي ملڪ بدر ڪيو ويو، جنهن ڪري مسلمانن ۾ وڏو جوش ۽
نفرت جو عنصر پيدا ٿيو.
5.
انگريز هندستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ وڏا انتظامي
عهدا نه ڏنا، جنهن ڪري عوام سمجھيو ته هو هميشه
غلام ئي رهندا ۽ اڳتي ترقي ڪري نه سگھندا.
6.
1857ع کان پنج سال اڳ “انعام ڪميشن” مقرر ڪئي
ويئي، جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ ويهه هزار
جائيدادون ضبط ڪيون ويون[62].
7.
ڊلهائوسي جي نون سڌارن جھونن خيالن جي عوام کي
ناراض ڪيو. هنن پنهنجون پراڻيون رسمون ڇڏڻ نه ٿي
چاهيون[63].
8.
انگريزن هندستانين جي مذهبن سان هٿ چراند شروع ڪري
ڏني، هڪ طرف عيسائيت جي تبليغ زور شور سان ٿيڻ
لڳي، ٻئي طرف هندو بيوه عورتن کي ٻيهر شادي ڪرڻ جي
اجازت ڏني ويئي[64].
9.
هندستانين ۾ گھڻو حصو برهمڻ جو فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو،
جن سمنڊ جي مسافري يا سرحدن کان ٻاهر وڃڻ پنهنجي
مذهب جي خلاف ٿي سمجھيو. ڪمپنيءَ جي پوئين گورنر
جنرل لارڊ ڪئننگ
(Lord Canenning)
فوج ۾ ڀرتيءَ جا فائدا جاري ڪيا. جن مطابق هرهڪ
سپاهي ءَ لاءِ لازمي حڪم ڪيو ويو ته کيس جتي به
موڪليو ويندو اتي وڃڻ لاءِ هو انڪار نه ڪندو.
جيڪڏهن ڪوبه فوجي سمنڊ پار وڃڻ کان انڪار ڪندو ته
ان کي استعيفا ڏيڻي پوندي ۽ کيس ڪابه پينشن ڪانه
ملندي[65].
10.
ڪارتوسن تي اهڙي قسم جي چرٻي لڳائي ويئي هئي، جو
ڏيهي فوجين کي اهو وهم ٿي پيو ته اها چرٻي ڳئون يا
سوئر جي آهي. فوجين کي ڪارتوسن استعمال ڪرڻ کان اڳ
ڪارتوسن تي چرٻي لڳل ٽوٽيءَ کي وات سان لاهڻي
پوندي هئي، ان ڪري هندو توڙي مسلمان فوجي تمام
گھڻو ناراض ٿيا[66].
انهن سڀني سببن جي ڪري ڏيهي ماڻهن جي نفرت، باهه
جي ڀڙڪي وانگر انگريز حڪومت کي وڪوڙي ويئي. پهرين
ڪلڪتي جي ويجھو “ٻار ڪٻور” جي سپاهين پنهنجي
آفيسرن کي ماري، عمارتن کي باهه ڏيئي ڇڏي. ان کان
پوءِ 10 مئي 1857ع تي “ميرٺ” ۾ فوج بغاوت ڪئي، جنگ
جو سلسلو وڌندو ويو ۽ ان جو اثر سنڌ تي به ٿيو،
سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ منصوبا سٽيا ويا ۽ بغاوت
ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.
هن آزادي جي جنگ ۾ سنڌ به پٺتي نه رهي،
سرڪار وڏي ڪوشش ورتي ته جيئن باقي هندستان جون
خبرون سنڌ جي اخبارن ۾ نه ڇپجن. سنڌ جي اخبارن
انهن خبرن کي بندش جي باوجود شايع ڪيو[67].
نه صرف ايترو بلڪ سنڌ جي اخبارن سرڪار طرفان لڳايل
پابندين جي شديد مخالفت ۽ مذمت ڪئي[68].
سنڌ ۾ سڀ کان اڳ حيدرآباد جي فوجين جي
بغاوت جا افواهه پکڙجڻ لڳا، 8 سيپٽمبر 1857ع تي
بغاوت ڪرڻ جو منصوبو سٽيو[69].
سرڪار کي خبر پئجي ويئي ته ڪيترن سپاهين کي ڪورٽ
مارشل ڪري، کين باغي قرار ڏئي سزا ڏني، انهن مان 8
ڄڻن کي گولين سان اڏايو ويو ۽ باقي سپاهين کي
جلاوطن ڪيو ويو. ڇهن ڏينهن اندر ڇهن ٻين سپاهين کي
به شهيد ڪيو ويو[70].
ڪراچيءَ ۾ 13 سيپٽمبر 1857ع تي خبر پوڻ تي سنڌ جي
21 نمبر ريجمينٽ کي ڪنهن انقلابي قدم کڻڻ کان اڳ
بي هٿيار بڻايو ويو، هن ريجمينٽ مان 26 سپاهي ڀڄي
وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن کي انگريز سرڪار ڏيهي
ماڻهن جي مدد سان گرفتار ڪيو، جن مان ٽن کي گوليون
هنيون ويون، يارنهن ڄڻن کي ڦاسي ڏني ويئي[71].
شڪارپور ۾ مقرر ٿيل 16 نمبر ريجمينٽ به هن
ڏس ۾ پوئتي پير نه پاتو. هن ريجمينٽ آڪٽوبر جي
شروعاتي تاريخن ۾ هڪ رات جو هٿيارن تي قبضو ڪيو ۽
سکر کان ايندڙ وڌيڪ امداد پهچڻ جي انتظار ۾ هئي ته
سرڪار کي خبر پئجي ويئي، جنهن نه صرف شڪارپور ۾
مقيم فوجين کي، بلڪ سکر جي سرويچ سپاهين کي به
پنهنجي منصوبن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. سکر ۽ شڪارپور
جي چئن سپاهين کي ڪورٽ مارشل ڪرڻ کان پوءِ گوليون
هيون ويون[72].
جيڪب آباد به باقي وڏن شهرن وانگر هن
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پٺتي نه هئو، اتي بغاوت جي خبر
موصول ٿي ته جکراڻين جي سردار مير دريا خان ۽ کوسن
جي سردار مير دلمراد خان منصوبي سٽڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر ڏيهي جاسوسن کين گرفتار ڪرايو ۽ انهن ٻنهي
مجاهدن کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني ويئي[73].
سيٺ نائومل ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر
بارٽل فريئر
(Sir Bartle Frere)
جو ساٿ ڏنو، جيڪو پنهنجي پراڻن خانداني گماشتن
وسيلي جوڌپور، جيسلمير راجپوتانا ۽ پنجاب جي مختلف
شهرن مان سر بارٽل فريئر
(Sir Bartle Frere)
کي خبرون گھرائي پهچائيندو هو[74].
جيئن ته هن آزاديءَ ۾ سِک ۽ گورکا انگريز
جي طرف کان آخر تائين وفاداري سان وڙهيا ۽ دوست
محمد مصلحت مطابق آخر تائين به طرفدار رهيو، جنهن
ڪري سرحد تي ڪابه فوجي چرپر نه ٿي ۽ ان کان سواءِ
انقلابين ۾ مقصد جو اتفاق نه هو. مرهٽن هندستان تي
پنهنجي بالادستي ٿي چاهي، مسلمانن هڪ دفعو وري
قسمت ٿي آزمائي ۽ جھانسيءَ جي راڻي کي وري پنهنجا
پراڻا پلاند وٺڻا هئا، ان ڪري اهي ڪامياب ٿي نه
سگھيا ۽ فتح وري به انگريزن کي حاصل ٿي[75].
آزادي جي جنگ جو اثر:
1857ع وارو واقعو ڏيهي ماڻهن جي آزادي واري جدوجهد
جي پهرين ڪڙي ثابت ٿي. جنهن ۾ ڪنهن به ٻاهرينءَ
طاقت جو اثر ڪونه هو[76].
هن واقعي هندستان جي ڌرتيءَ تان ٻن طاقتن کي هميشه
هميشه لاءِ ميساري ڇڏيو، انهن مان پهرين طاقت هئي
ڪمپنيءَ جو راڄ ۽ ٻي طاقت هئي مغل سلطنت جا باقي
رهيل آثار[77].
آزاديءَ جي هن جنگ لنڊن توڙي ڪلڪتي جي
گورنمينٽ کي پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻ تي
مجبور ڪيو ۽ کين سوچڻو پيو ته ڪهڙي نموني پاليسي
بدلائي وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن ٻي بغاوت جو منهن
نه ڏسڻو پوي[78].
لنڊن جي سرڪار جلد ئي هن جنگ (آزادي) جو اثر قبول
ڪيو، 1858ع ۾ هڪ ائڪٽ پاس ڪري هندستان جو انتظام
“سيڪريٽري آف اسٽيٽ” جي حوالي ڪيو ويو ۽ پندرنهن
ميمبرن تي مشتمل “ڪائونسل آف انڊيا” تشڪيل ڏني
ويئي، اهڙي نموني هندستان مان ڪمپني راڄ جو خاتمو
ٿيو[79].
هندستان ۾ وري برطانيه جي پاليسيءَ ۾
ڊرامائي تبديليون رونما ٿيون جنهن جو واضع ثبوت ان
وقت جي سرڪاري لکپڙهه مان ملي سگھي ٿو. مرادآباد
جو فوجي عملدار “جان ڪڪ”
(John Coke)
جنگ آزادي کان جلد پوءِ هڪ خط ۾ لکي ٿو ته: “اسان
جي اها ڪوشش هئڻ گھرجي ته هندستان جي مختلف مذهبن
۽ نسلن ۾ موجود ويڇن کي اڃان به زور وٺايون ۽ انهن
کي متحد ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي، “ويڙهايو ۽
حڪومت ڪريو”، هندستاني سرڪار جو اصول هجڻ گھرجي”.
هن عقيدي کي نه صرف جان ڪڪ
(John Coke)
جهڙو فوجي عملدار برطانيه جي مفاد ۾ سمجھي ٿو، پر
بمبئي جي اُن وقت جي گورنر لارڊ ايلفنسٽن
(Lord Elphinstone)
کي به 1859ع ۾ لکڻو پيو ته: “ويڙهايو، ۽ حڪومت
ڪريو، رومين جو اصول هو هاڻي اسان جو اصول هئڻ
گھرجي”[80].
سياسي جاڳرتا:
آزاديءَ جي جنگ هڪ ئي وقت هندستان جي حاڪم ۽ محڪوم
طبقي جي سوچ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. انگريزن پنهنجي
نئين دور جي ابتدا “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي
پاليسي عمل ۾ آڻڻ سان ڪئي، انهيءَ ڪري هندستان جي
مخلتف قومن جي مفاد ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو ۽ اهي سياسي
طور تي بيدار ٿيڻ لڳا ۽ اڳتي هلي ڪيتريون ئي سياسي
پارٽيون ۽ تحريڪون وجود ۾ آيون.
حوالا ۽ حاشيا
[1]
Kaegi - A:
The Rigveda, Boston 1886,
P – 253, Vol, iii.
2 گنگا رام سمراٽ: آريه ورت، حيدرآباد،
امر پرنٽنگ ورڪس، 1946ع، ص -364.
3 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن
سنڌ، حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع،
ص - 65.
4 ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: قديم سنڌ،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص -
277.
[5]
H.T.
Lambric.:
Sind before the Muslim Conquest,
Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1963, P –
76.
[6]
Maneck Pithawala, B,
A:
Physical and Economic Geography of Sind,
Karachi, 1950, P- 358.
[7]
H.T.
Lambric:
Sind before the Muslim Conquest,
Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1963, P –
75.
8 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن
سنڌ، حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي پريس، 1959ع،
ص - 109.
[9]
Maneck Pithawala, B, A:
Physical and Economic Geography of Sind,
Karachi, 1950, P-
103.
[10]
M.H.
Panhwer:
Source Material on Sind, Jamshoro,
Institution of Sindhiology, 1977, P –
425.
[11]
M.H.
Panhwer:
Source Material on Sind, Jamshoro,
Institution of Sindhiology, 1977, P – X.
[12]
H.H Dods well:
Cambridge History of India, Cambridge
Universtiy Press, Vol.1, 1929, P- 563-
64.
[13]
A, Hughes:
Baluchistan, London, George Bell & Sons,
1877, P – 377.
14 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 120.
[15]
M.H.
Panhwer:
Source Material on Sind, Jamshoro,
Institution of Sindhiology, 1977, P – 428.
[16]
H.T.
Lambric:
Sind before the Muslim Conquest,
Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1963, P –
103.
17 مير معصوم: تاريخ معصومي، مترجم: مخدوم امير احمد، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1959ع، ص -45.
18 “پهريون قانون فوج لاءِ هو ته هر هڪ
لاءِ جيڪا پگھار مقرر ڪئي هئائين، سا کيس
بنا قصور ملندي رهي، ٻيو قانون رعيت لاءِ
هو ته ڍل يا عشر جو جيڪو مال مٿن رکيو
هئائين، سو هر هڪ رعيتي گھرڻ کان سواءِ ٽن
قسطن ۾ ادا ڪندو رهي. سندس ڪمال عدالت جي
هڪڙي نشاني هي هئي ته اَن ۽ روڪڙي جي
عيوض، رعيت کي حڪم ڪيائين، جن الور،
سيوستان، اوچ، ماٿيلي، مسور ۽ سورائي جا
ڇهه قلعا مٽيءَ سان ڀري تيار ڪيا، انهن
قلعن مان گھڻا اڃا تائين آباد آهن.
ٽيون قانون
واپاري ماڻهن سان لاڳو هو ته انهن ماڻهن
تي جيڪا ڍل مقرر ڪئي هئي سا تحصيلدار جي
گھرڻ کان سواءِ خزاني جي سنڀاليندڙن کي
پهچندي رهي.
چوٿون قانون
مزدورن ۽ ڪاريگرن سان لاڳو هو، ته هنرمندن
جي هرهڪ ٽولي تي مالي کاتي جي پاران جيڪا
خدمت مقرر هئي، ان جي هو پوئواري ڪندا
رهن”.
مير معصوم: تاريخ معصومي،
مترجم: مخدوم امير احمد، حيدرآباد،
سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص -46-47.
19 علي قوفي: فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو،
مترجم: امير احمد، حيدرآباد، سنڌي
ادبي بورڊ، 1966ع، ص
- 27.
[20]
H.T.
Lambric:
Sind before the Muslim Conquest,
Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1963, P –
X.
21 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 153.
22 “اولهندي ۾ مڪران واري حد وشت نديءَ
تائين، جتان ڪرمان جي حد شروع ٿيندي هئي،
اتر ۾ سجستان ۽ ڪشمير جي هيٺاهن جبلن ڪالا
باغ تائين، اوڀرندي ۾ بلندر ۽ چتور
تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ عربي سمنڊ تائين.
(حوالو نمبر پهريون، ص - 151.)
23 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 151.
24
سيد سليمان ندوي: عرب و هند ڪي تعلقات:
اله آباد، هندستاني اڪيڊمي، 1930ع، ص -21.
25 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 149.
[26]
Smith:
The Oxford History of India, Clarendon,
1961, P – 39.
27 اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، (حصه
اول)، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص -
124.
28 اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، (حصه
اول)، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص -
124.
29 سيد ابو ظفر ندوي: تاريخ سنڌ، اعظم
ڳڙهه، معارف پريس، 1947ع، ص - 124.
30 سيد ابو ظفر ندوي: تاريخ سنڌ، اعظم
ڳڙهه، معارف پريس، 1947ع، ص - 146.
31 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 150.
32 اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، (حصه
اول)، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص -
84 - 283.
[33]
H.T.
Sorley:
Gazetteer of West Pakistan The Farmer
Province of Sind, Lahore, Govt. of West
Pakistan, 1968, P-150.
34 اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ،
(حصه اول)، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص -
13 - 412.
35 اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ،
(حصه اول)، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1971ع، ص -
151.
36 سيد سليمان ندوي: عرب و هند ڪي تعلقات:
اله آباد، هندستاني اڪيڊمي، 1930ع، ص -21.
37 ڪريم بخش خالد: آزادي لاءِ جدوجهد ۽
سنڌ، ڪراچي، نئين زندگي، مارچ 1971ع، ص
-47.
[38]
H.T.
Sorley:
Gazetteer of West Pakistan The Farmer
Province of Sind, Lahore, Govt. of West
Pakistan, 1968, P – 153.
39
لطف الله بدوي: تذڪره لطفي، (حصو اول)،
حيدرآباد، آر - ايڇ احمد برادرس، 1923ع، ص
-106.
40 سيد ابو ظفر ندوي: تاريخ سنڌ، اعظم
ڳڙهه، معارف پريس، 1947ع، ص - 124.
41 لطف الله بدوي: تذڪره لطفي، (حصو اول)،
حيدرآباد، آر - ايڇ احمد برادرس، 1923ع، ص
-110.
42 مير معصوم: تاريخ معصومي، مترجم: مخدوم
امير احمد، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1959ع، ص -152.
43 محمد صديق مسافر: سنڌ جي تاريخ، (ڀاڱو
ٽيون)، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي پرنٽنگ
پريس، 1940، ص- 30.
44 محمد صديق مسافر: سنڌ جي تاريخ، (ڀاڱو
ٽيون)، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي پرنٽنگ
پريس، 1940، ص-154.
45 محمد صديق مسافر: سنڌ جي تاريخ، (ڀاڱو
ٽيون)، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي پرنٽنگ
پريس، 1940، ص-156.
46 محمد ابراهيم جويو: شاهه سچل ۽ سامي،
حيدرآباد، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو
سوسائٽي لميٽيڊ، 1978ع، ص - 30 -29.
47 پير حسام الدين شاهه: سنڌي ادب، ڪراچي،
پاڪستان پبليڪيشن، سال ؟، ص - 25.
48 رحيم داد خان مولائي شيدائي: تاريخ
تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس،
1959ع، ص - 437.
[49]
Edwares: Mughal Rule in India, Bombay,
S.Chand & Company, 1962, P-453.
50 در محمد پٺاڻ: شاهه جي زماني جو
لڙايون، (مقالو)، لطيف ڪانگريس، 1978،
مورخه 7 اپريل 1978ع.
[51]
M.A.
Hanfi: A Short History of
Muslim Rule in Indo – Pak, Dacca, Ideal
Library 1964m P -21.
52 رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنڌ السنڌ،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص -
461.
[53]
H.T.
Sorley:
Gazetteer of West Pakistan The Farmer
Province of Sind, Lahore, Govt. of West
Pakistan, 1968, P-170.
[54]
Azimussalam Haider: History of Karachi,
Karachi, Feroz Printers, 1974, P -3.
55 در محمد پٺاڻ: ڪراچي ضلعي جو سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب ۾ حصو، (پي - ايڇ - ڊي
لاءِ مقالو)، 1978ع، ص – 29.
56 ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا: لاڙ جي
ادبي تاريخ، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، 1977ع، ص -66.
[57]
William Napier: Life and opinion of Sir
Charles Napier, London, John Murray,
1857, Vol.2, P - 353.
[58]
Aitken, E.H: Gazetteer of Sind, Karachi,
Mercantile Press, 1907, P – 39.
[59]
Fazlur Rahman: A Short History of Hind –
Pakistan, Karachi, Pakistan Historical
Society 1955, P- 455.
[60]
Powell
-
Price J.G: AHistory of India, London,
Thomas Nelson & Sons Ltd, 1955, P – 546.
[61]
Powell
-
Price J.G: AHistory of India, London,
Thomas Nelson & Sons Ltd, 1955, P – 546.
[62]
Edward Thompson & G.T.Garrat: Rise and
fulfillment of British Rule in India,
London, Macmillan & co Ltd. 1935, P –
441.
[63]
Edward Thompson & G.T.Garrat: Rise and
fulfillment of British Rule in India,
London, Macmillan & co Ltd. 1935, P –
442.
[64]
Edward Thompson & G.T.Garrat: Rise and
fulfillment of British Rule in India,
London, Macmillan & co Ltd. 1935, P –
443.
[65]
Majumdar R.C: The Sepoy Mutiny & the
Revolt of 1857, Calcutta, Firma, L.L.
Mukhopadhyay, 1957, P – 453.
[66]
Grover. B.L & Seth R.R.: Studies in
Modren India History, Delhi, S. Chand &
co 1963, P – 182.
67 ضياءُ الدين: تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جو
حصو، ڪراچي، نئين زندگي، ڊسمبر 1966ع، ص –
20.
68 اخبار “سنڌ قاصد” پنهنجي جولائي 1757ع
جي اشاعت ۾ انهن پابندين خلاف هڪ
ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ هن عملدارن جي
سينسر واري فيصلي کي نهايت ناموزون، غير
سياسي ۽ غير منصفانه قرار ڏنو ۽ لکيو ته:
“حڪومت جو ڪوبه قانون اهڙو
ناموزون ۽ غير منصفانه نه آهي، جيترو هي
پابندي جو قانون، جنهن جي ذريعي هندستان
جي پريس تي هڪ ظالمانه بندش عائد ڪئي ويئي
آهي، اسين هن نتيجي تي پهچي چڪا آهيون ته
هي قانون هڪ ئي وقت غير منصفانه ۽ غير
سياسي آهي. هن قانون هندستاني پريس کي سخت
مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. غير سياسي هن
ڪري جو حڪومت هن آئين ذريعي سان متحد طور
تي تمام اخبارات جي معاونت حاصل ڪري سگھي
ٿي. هي قانون ظلم جي حد تائين غير منصفانه
هن ڪري آهي، جو پريس کي بنا ڪنهن به سبب
جي، غلطين جي سزا ڀوڳڻي پوي ٿي.”
[69]
Azimusshan Haider: History of Karachi,
Karachi, Feroz Printers, 1974, P-20.
[70]
Azimusshan Haider: History of Karachi,
Karachi, Feroz Printers, 1974, P-20.
[71]
Azimusshan Haider: History of Karachi,
Karachi, Feroz Printers, 1974, P-20.
72 عبدالڪريم گدائي: تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جو
حصو، ڪراچي، نئين زندگي، مارچ 1968ع، ص -
33.
73 عبدالڪريم گدائي: تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جو
حصو، ڪراچي، نئين زندگي، مارچ 1968ع، ص -
34.
[74]
Seth Naumal Hotchand: Memories of Seth
Naumal, London, Williams Pollard & co
Ltd, 1915, P-174.
[75]
Edward Thompson & G.T.Garrat: Rise and
fulfillment of British Rule in India,
London, Macmillan & co Ltd. 1935, P –
436.
[76]
Majumdar R.C: The Sepoy Mutiny & the
Revolt of 1857, Calcutta, Firma, L.L.
Mukhopadhyay, 1957, P
-
378.
[77]
Richard V.Weeks: Pakistan Birth and
Growth of a muslim Nation, London, D.Van
Nastrand, Company, 1964,
P-68.
[78]
Phillips C.H: India, London, Hutchisons,
University Libarary, 1948, P-40.
[79]
Powell
-
Price J.G: AHistory of India, London,
Thomas Nelson & Sons Ltd, 1955, P
-
48.
[80]
Allana, G: Quaid-e-Azam, The Story of
Nation, Karachi, Feroz sons, 1967, P-48.
|