سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:9 

باب پنجون

سنڌو- لکت جي ڀاڃ لاءِ ڪيل کوجنائن ۽ ٻيءَ تحقيق جو وچور

 

سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جون دعوائون ته گهڻن ئي عالمن ڪيون آهن، پر ثابت ڪري سگهجي ٿو ته انهن مان ڪو به سوڀارو ڪونه ٿيو آهي. هتي پنجٽيهن کوجنائن جو مختصر ذڪر ڪيو ويندو ۽ معلوم ائين ٿيندو ته انهن مان ڪابه کوجنا، سنڌو- لکت کي ’ڀڃڻ‘ جي مقصد موجب اهڙيون سڀئي کوجنائون تحقيق جي تاريخ جي حيثيت رکن ٿيون. فيصلو ڪيو ويو هو ته اهڙيءَ ساري جاکوڙ کي تاريخي صورتحال مطابق رکيو وڃي ۽ شروعات به پهرينءَ ۽ ابتدائي کوجنا کان ڪئي وڃي، ۽ ان کوجنا جي ڳالهه به ان ئي طريقي سان هجڻ کپي، جهڙيءَ ريت اُن جي شروعات، ڊگهي ۽ هڪ طرفي (Linear morrahive) طريقي سان ڪئي وڃي. ان جو نتيجو اهو نڪري ها جو ان کي قصي يا ڪهاڻيءَ جيان پڙهيو وڃي ها. اهو پڻ معلوم ٿو ٿئي ته ان جي تاريخوار مرحلن بابت ڪي فيصلا پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيا ويا آهن.

تصنيفن جي صورت ۾ سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جون ڪوششون، اُن وقت شروع ڪيون ويون هيون، جڏهن موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي کوٽائي اڃا جاري هئي. هن جي پهرئين مرحلي ۾ سنڌو- سڀيتا جي دريافت جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪو سنه 1924ع ۾ ’اِلسٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ ۾ ڇپيو هو. ٻي ڪوشش، هن لکت جي ڪن ٿورين لکتن کي شايع ڪرڻ تي مشتمل آهي. اهڙي اشاعت، 1925ع ۾ ٿي هئي ۽ اهو، موهن جي دڙي جي پهرئين ڊگهي موسمي کوٽائي وارو سال هو. ان ماڳ جي لڀڻ جي لنڊن ۾ ڌم متل هئي. قديم آثارن جي ڪن ماهرن کي اها اڻ تڻ لڳل هئي ته هن معاملي کي ٿڌي ٿيڻ کان اڳ، سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي مدد سان ڪو خطاب جيتي وٺجي.

سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي پهرين ڪوشش:

(السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ شايع ٿيل تبصرا)

سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي پهرين ڪوشش جي ابتدا (سي. جي. گئڊ ۽ سڊني سمٿ)، السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾، پنهنجي نالي سان ڪئي هئي. گئڊ ائنڊ سمٿ (1924ع) عام طور ائين سمجهيو ويندو آهي ته هن لکت جي ڀڃڻ جي ابتدا، ڪرنل ايل، اي واڊيل (L.A. Waddel) ڪئي هئي، جيڪا ڳالهه غلط آهي (هيراس Heras 1953a: 29). ان کان جلد ئي پوءِ سرجان مارشل، موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل شين جي مطالعي کان پوءِ اهڙو اعلان ڪيو (مارشل 1924ع). ان سان گڏ اي. ايڇ. سائس (A.H.Sayce) هن حقيقت جو اظهار ڪيو ته مشرق قريب ۾، موهن جي دڙي ۽ ٻين ماڳن مان هٿ آيل مهرن ۾، هڪ جهڙائي موجود آهي (سيس 1924ع). گئڊ ۽ سمٿ تبصرو ڪندي ٻڌايو هو ته سنڌو- سڀيتا جي هڪ مهر تي انگن جو هڪ مرڪب  آهي، جيڪو سمير جي مهر تي نظر ايندڙ انگن جي مرڪب  سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جيڪو 192- 2 + 10 + 60 x 3 جي برابر بيهي ٿو. اُن کان سواءِ هنن اهو به چيو ته سنڌو- لکت ۽ سميري- لکت جون 16 اهڙيون نشانيون آهن، جن جي پاڻ ۾ گهري هڪ جهڙائي آهي (Figure 43). ان سان گڏ گئڊ ۽ سمٿ، سنڌو- ماٿريءَ ۽ ميسوپوٽئميا ۾ موجود مهرن، تور جي نظام ۽ جڳهن جي تعميراتي فن ۾ هڪ جهڙاين جو پڻ ذڪر ڪيو هو.

ميسوپوٽئميا تهذيب جي هنن ٻنهي ماهرن کي، سنڌو- سڀيتا جي دريافت جي اعلان ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو هو، ۽ هي ٻئي هن منصوبي سان سهمت هئا. سنڌو- لکت تي کوجنا ڪندڙ هنن ٻنهي ماهرن، سرجان مارشل جي مرتب ڪيل رپورٽ ’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ (1931a) لاءِ مقالا پڻ لکيا هئا.

’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ نالي مرتب ڪيل رپورٽ ۾ گئڊ ۽ سمٿ جو ڪردار:

سرجان مارشل جي مرتب ڪيل ڪتاب ’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ جي تياريءَ ۾، گئڊ ۽ سمٿ اهم ڪردار ادا ڪيو هو (گئڊ 1931، سمٿ 1931). ان سان گڏ (اسٽيفن لئنگڊن) به سندس گهڻي سهائتا ڪئي هئي (لئنگڊن 1931a). هن قسم جي عملي طور مدد ڪرڻ کان سواءِ، انهن ٽنهي عالمن، موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل مهرن جي اضافي مجموعي ۽ ٻئي لکيل مواد جو تنقيدي جائزو پڻ ورتو هو. اهڙيءَ ريت ڪيل تحقيق تي نظرثاني ڪرڻ ۽ پنهنجي نقطه نظر کي وسيع ڪرڻ جو هڪ نادر موقعو ملي ويو هو، تنهنڪري سندن قائم ڪيل نئين مفروضي کي هن قسم جي اهم ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويوهو.

گئڊ جو علمي بحث، تڪيل توريل اندازن ۽ عقلي دليلن تي مشتمل هو. موجوده دور ۾ جيڪڏهن ڪي محقق هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ چاهيندا، تن کي پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ گئڊ جي قائم ڪيل اصولن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. هن عالم، شروعات ئي هن ڳالهه سان ڪئي آهي ته سنڌو- لکت کي اڃا تائين ڪو به پڙهي ڪونه سگهيو آهي. اها به حقيقت آهي ته ميسوپوٽئميا مان سنڌو- سڀيتا جون اهڙيون مهرون هٿ آيون آهن، جن تي نظر ايندڙ لکت جون نشانيون، تصويري (Cuneiform) نوعيت جون آهن، تنهن ڪري کيس ويچار ٿيو ته سنڌو- لکت ۽ ميسوپوٽئميا جي قديم تحرير ۾ ڪو لڳ لاڳاپو ضرور آهي.

گئڊ، نشانين جو تنقيدي جائزو ورتو هو. ان کان پوءِ هن اهڙي اهم نڪتي جو اظهار ڪيو هو، جيڪو سمجهه جوڳو ۽ سولو آهي، ۽ اڄ به ايترو ئي اهم آهي جيترو 1931ع ۾ هو ته ”نشانين جي درجه بندي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي،“ پر هن سان، ٻين سان گڏ هڪ مسئلو اهو به هو ته هو اصلي مواد بدران، مهرن ۽ انهن جي ٺپن جي تصويرن تي تحقيق ڪري رهيو هو، ان مسئلي بابت سندس بيان هن ريت آهي ته هتي اسان کي خطرناڪ قسم جون اوڻايون ڏسڻ ۾ اينديون، جو ڪن تصويرن ۾ نظر ايندڙ نشانيون هڪ ٻئي کان مختلف ڏسبيون آهن، پر اصل ۾ هڪ جهڙيون هونديون آهن، جڏهن ته وري ڪن تصويرن ۾ ڪي نشانيون هڪ جهڙو نظر اينديون آهن، پر حقيقت ۾ اهي هڪ ٻئي کان مختلف آهن (گئڊ 1931: 406). اڄ جي محققن لاءِ به ساڳيو مسئلو آهي، توڙي جو سنڌو- لکت جي نشانين سان واسطو رکندڙ ٻه ڪنڪار ڊنس (Concordenes) موجود آهن (ڪوسڪينيمي پرپولا ۽ آسڪو پرپولا 1973، ڪوسڪينيمي ۽ پرپولا 1979 ۾ 1979، 1980 ۽ 1982 مهاديوان 977a). جڏهن ڪو محقق سنڌو- لکت جي مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته کيس هن حقيقت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو آهي ته ڪنهن روايتي نشانيءَ جي تبديل ٿيل شڪل ڪهڙي نه بامعنيٰ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهڙيون به ٻه نشانيون گهڻيون هڪ جهڙيون ڪونه ڏسبيون آهن، نشانين جي تبديل ٿيل شڪليون، غير اهم به هونديون آهن، پر هتي سوال هي آهي ته هڪ نشانيءَ جي شڪل ۾ ڪهڙي تبديلي آندي ويندي آهي ۽ ٻن مختلف نشانين ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟ مثال طور ڦڻيءَ جهڙي هڪ نشاني آهي، جنهن کي چار، پنج ۽ ڪڏهن اٺ ڏندا ،  ،  هوندا آهن. ڇا نشانين جي مطالعي جي نقطه نگاهه کان مَنجهن ڪو فرق هوندو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته فرق هجي، ٿي سگهي ٿو ته نه به هجي. گهڻيون نشانيون ته اهڙيون ئي آهن. ڪن نشانين ۾ ڏنل اڙين جو تعداد مختلف هوندو آهي، جن مان ڪي اهم ۽ ڪي غير اهم هونديون آهن، جڳهه (Place) لاءِ ڪم ايندڙ هڪ نشاني آهي جيڪا چوڪڙيءَ جيان آهي يا بيضوي شڪل ۾ ٿورو گول آهي، جهڙوڪ  ۽ . هنن ٻنهي نشانين کي مٿئين پاسي هي نشان ” ٿي سگهي ٿو     (مارشل 1931a، پليٽ VI نمبر 91، 94، 97 ۽ 98 جن ۾ جاميٽريءَ جي (geometric) شڪل آهي ۽ نمبر 86، 96 ۽ 103 ۾ جاميٽريءَ جي شڪل نٿي لڳي)، هي ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف نشانيون آهن، پر عام طور تي هڪ گروهه ۾ شامل سمجهيون وينديون آهن.

جيڪو محقق سنڌو لکت جي ڀڃڻ واري تحقيقي مرحلي مان گذرندو، تنهن کي هن لکت کي خاص نقطه نظر سان ڏسڻو پوندو ۽ ان بابت ڪي فيصلا به ڪرڻا پوندا، جنهن کي عقل ڀريا اندازا يا علمي قسم جا انومان سڏي سگهجي ٿو. ان سان گڏ کيس سوليون ۽ سهنجيون قياس آرايون (Simple assumptions) به ڪرڻيون پونديون. اروا ٿام مهاديوان (۽ جي. آر. هنٽر به) پنهنجي ڪنڪارڊنس ۾ نشانين جي تبديل ٿيل شڪلين تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي (1977a: 785- 792) سندس خيال آهي ته جيڪڏهن شڪل ۾ تبديل نشاني لکت جي سلسلي ۾ ساڳيءَ جاءِ تي آهي ته اها تبديل شڪل واري نشانيءَ کي ڪابه اهميت ڪانه آهي. منهنجي خيال ۾ سندس هي تبصرو بهتر آهي، پر مشڪل نه آهي. يقين سان چئي سگهجي ٿو اهو علمي اندازي (educated guess) کان گهڻو بهتر، پر پوءِ به هڪ اندازو آهي، پڪ نه آهي (58، Figure). ڪن اهم نشانين لاءِ به ساڻس اتفاق ڪري نه ٿو سگهجي، مثال طور مهاديوان (1977a: 789 نمبر 267) جو خيال آهي ته  ۽  هڪ نشانيءَ جون تبديل ٿيل شڪليون آهن، پر والٽر فيئر سروس ۽ ٻين ماهرن جو خيال آهي ته اهي ٻئي مختلف نشانيون آهن (1992 : 82). هيءَ نشاني يا اهي نشانيون ڪيترين ئي لکتن جي منڍ ۾ ڏسبيون آهن، تنهن ڪري ڀاڃ کي ڪو معمولي مسئلو سمجهڻ نه کپي.

 

Figure 58. Some variants of signs taken from I. Mahadevan’s concordance [Mahadevan, 1977a: 785]

 

گئڊ جو پڻ خيال هو ته سنڌو- لکت جون نشانيون تصويري نوعيت جون آهن، پر انهن مان ڪجهه اهڙيون به آهن جيڪي هن زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪن شين جي شڪلين جي نمائندگي ڪن ٿيون. هن ٽن سون کان وڌيڪ نشانين مان فقط پنجويهه نشانيون ٻڌايون آهن، جن جو اصل نشانين جي تبديل ٿيل شڪلين سان تعلق آهي.

These, and the other signs, are often associated with symbols that seem to be modifiers called “enclosures” and “additions.”

’موهن جو دڙو ائنڊ انڊس سولائيزيشن‘ ۽ اسٽيفن لئنگڊن:

موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سو لائيزيشن جي تحقيقي رپورٽ (1931a) ۾ هٿ ونڊائيندڙ ٽيون ماڻهو اسٽيفن لئنگڊن هو. هي آمريڪي عالم هو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندو هو. هو ميسوپوٽئميا، خاص طور تي ’ڪِش‘ (Kish) جي باري ۾ تحقيق جي ڪري گهڻو مشهور هو. تن ڏينهن ۾ هو، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾، فيلڊ ميوزم ايگزيڪيوشن جو ڊائريڪٽر هو. ڊاڪٽر ارنيسٽ جي. ايڇ. مئڪي به اتي ئي ڪم ڪري رهيو هو، جنهن کي ’ڪش‘ ماڳ مان ڪي اهڙيون شيون لڌيون هيون جن جو لڳ ڀڳ لاڳاپو، سنڌو- سڀيتا سان هو. تنهن ڪري لئنگڊن کي، سنڌو- لکت جي تحقيقي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پئجي ويو هو (پليٽ II). لئنگڊن جو مقالو (1931a) اهم ۽ ’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ رپورٽ ۾ هڪ ننڍڙو باب آهي، جيڪو هن، جولاءِ 1928ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن پنهنجي تبصري جي شروعات هن طرح ڪئي آهي: هيءَ لکت اڳتي هلي برهمي لکت جو بنياد بڻبي. انهيءَ زماني ۾، سندس هي تبصرو اختلافي بڻجي ويو هو. پوئين دور ۾ سندس هن نظريي کي گهڻائي عالم رد ڪري چڪا آهن. لئنگڊن، انهيءَ زماني ۾ ايلم (Elam) ۽ ميسوپوٽئميا مان لڌل، سنڌو Post script ۾، سنه 1926ع ۾، ’جمدت نصر‘ مان لڌل لکت جي نشانين کي پيش ڪيو . هن انهن ۽ سنڌو- لکت جي طرف بابت پڻ بحث ڪيو آهي، جيڪو سندس راءِ موجب، ساڄي کان کاٻي طرف آهي، ۽ سنڌو- لکت تي تحقيق ڪرڻ وارو هر محقق اڄ به سندس هن نظريي جي پوئواري ڪري رهيو آهي.

لئنگڊن سان لاڳاپيل باب جو پڇاڙيءَ وارو حصو سنڌو- لکت جي ڀاڃ سان تعلق رکي ٿو. سندس بيان آهي ته نشاني نمبر 194 ... آخر ۾ رکيل صفتي پڇاڙي (Post fixed determinative) آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن ڌنڌي ڪندڙ جو نالو آهي، جهڙوڪ: پورهيت (ڪولي)، رازو (Mason) ۽ مستري (builder) (1931a: 425)، ليڪن ماڻهوءَ جهڙي نشانيءَ مان لڳي ٿو ته ڪو ماڻهو پوئتي هٽي رهيو آهي، ۽ پنهنجو بچاءُ ڪري رهيو آهي ۽ دشمن جي حملي جو جواب ڏيئي رهيو آهي (1931a: 427). مهر نمبر 296 جي پڙهڻي هن ريت آهي اِ- تَ- اِ- لَ i-ta-i-la (1931a: 429). لئنگڊن سنڌو لکت جي امڪاني صفتي پڇاڙين (Determinative) جي هڪ فهرست ڏني آهي. (1931a: 430). سنڌو لکت جي هن قسم جي ڀاڃ جو ڪو طريقه ڪار (Methodology) موجود نه آهي. سندس کوجنا جو نمونو سڌو سادو آهي. کيس جا نشاني جنهن شڪل ۽ صورت ۾ نظر آئي آهي، ان کي ائين سمجهي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس؛ (مثال طور سندس هي بيان ته ڪي نشانيون اهڙيون آهن جيڪي ظاهر ظهور صفتي پڇاڙيون معلوم ٿي رهيون آهن (1931a: 430).

لئنگڊن، تقابلي اڀياس لاءِ سنڌو- لکت ۽ برهمي لکت جي هڪ جهڙين نشانين جو هڪ چارٽ به ڏنو آهي (1931a: 433)، جنهن کي پڙهي ماڻهو متاثر نه ٿو ٿئي، پر کيس پورو ويساهه هو ته انهن ۾ ڪو لاڳاپو ضرور آهي، تنهن ڪري سنڌو- لکت جي ڀاڃ لاءِ هيٺيون مشورو ڏنو اٿس ته: ”مان سنسڪرت جي عالمن کي مشورو ڏيندس ته هو ڪن ڏند ڪٿائي ماهرن ۽ ديوتائن جي نالن جي چونڊ ڪن ۽ سڃاتل نشانين جي آڌار تي ڪن نشانين جي سلسلن کي جدا ڪري، انهن کي ماهرن يا ديوتائن جي نالن سان ڀيٽي ڏسن.“ (1931: 431)

لئنگڊن جي ڏنل باب جا پويان 17 صفحا، سنڌو- لکت جي نشانين تي مشتمل آهن (1931a: 434 کان 452). هن کان هڪ سال پوءِ، جي. آر هنٽر به نشانين جي فهرست ڏني آهي، جن جو تعداد 1932 آهي.

’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ ۾ شامل لئنگڊن وارو باب ڪو خاص اهم نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ميسوپوٽئميا جي قديم آثارن ۽ تاريخ جي نقطه نظر کان هي هڪ سٺو عالم هجي، جنهن، سنڌو- سڀيتا جو ڳٽ هرڀرو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو.

سنڌو- لکت کي ڀڃڻ لاءِ ٻيون ڪاوشون:

ڪيترن ئي عالمن سان گڏ، عام ڏسندڙن به سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙا ڪيترائي ماڻهو، ڀڃڻيءَ جي اصلي هدف تائين پهچي ڪونه سگهيا آهن، پر پوءِ به سندن اهڙيون ڪاوشون سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۽ سنڌو سڀيتا جي سلسلي ۾ ٿيل تحقيق جو تاريخي حصو آهن. هن وقت تائين، سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جون دعوائون بي سوڀيون رهيون آهن، پر اُنهن ڪوششن، هن لکت جي ڪن خاص پهلوئن تي گهڻي روشني وڌي آهي. هن موضوع تي کوجنا جي نقطه نظر کان ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن، پر ايتري تحقيقي ڪم جي ڀيٽ ۾، اهڙي متوقع ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن ناڪامين جي اونداهي سرنگهه کي کوجنا جي ڏيئن سان روشن ڪيو ويو ته به اسان ڄڻ ته هن لکت جي ڀڃڻيءَ جي واٽ سان ٻه ٻرانگهون اڳتي وڌيا آهيون؛ پر جيئن ته لکتون مختصر آهن، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪو خطاب يا مري ويل ماڻهوءَ جي تعريف ۾ لکيل ڪا عبارت هجي. هن قسم جي لکتن ۾، هڪ ساريڪي متن وارو جوڙجڪ موجود نه آهي، جنهن ۾ لفظ هجن ۽ لفظن مان جملا جڙن ۽ پوءِ ڪي فقرا ٺهي پون. اهڙيءَ ريت اهو فقرو ٻوليءَ جي گرامر جي اصول مطابق ٺهيل هوندو آهي. اهڙين اصولي ڳالهين جي عدم موجودگيءَ ڪري، ڀاڃ کان پري هٽي، گمراهه ٿي وينداسين، ۽ مايوس ٿي هن مسئلي تي ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏينداسين، ۽ اهڙي شڪست، بي عقليءَ جي ڳالهه سمجهي ويندي . اڳ ۾ ٿيل کوجنائن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي، جنهن مان واضح ٿي ويو آهي ته انهن کوجنائن جي نتيجن مان نئين تحقيق لاءِ ڪي رهنما اصول گهڙي سگهجن ٿا. وڌيڪ تحقيق طلب ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ لکت (گرامر جي لحاظ کان) ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن لکت ۾ موجود جوڙين، هڪ جهڙين ٽن نشانين جو ڪهڙو ڪم آهي ۽ لکت جي سلسلي ۾ ڪهڙيءَ جاءِ تي بيهڻ جي نشاني آهي، يا هڪ جهڙيون اڙيون يا انگ (numbers) ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪيا ويا آهن؟ هر هڪ محقق جي ڪوشش اها آهي ته هو اڪيلي سر تحقيق ڪري سنڌو- لکت کي ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي، پر اهڙين کوجنائن ۾، محقق جي شخصي انا جو گهڻو عمل دخل هوندو آهي، ليڪن اهڙيءَ تحقيق بدران، ننڍيءَ نوعيت جون تحقيقون ٿيڻ گهرجن، جن جو مقصد ذاتي مشهوري نه پر لکت جي ڀاڃ هجي. تحقيق جي شروعات، مڃيل اصولن مطابق هئڻ کپي. وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو به هڪ خاص طريقه ڪار هئڻ کپي، جنهن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ته ڪڍيل نتيجا عقل ۽ دليل سان واسطو رکن ٿا. مذهبي عقيدي، انڪشاف، قياس يا اهڙي طريقه ڪار واري ڀڃڻي، جنهن لاءِ ڪا سمجهاڻي نه ڏبي سا ڪنهن به ڪم جي ڪانه هوندي آهي.

سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾، ڪيترن ئي ماهرن، دانشورانه بي عقليون ڪيون آهن. هن موضوع تي ٿيل ابتدائي دور واري تحقيق، ايتري ته خراب آهي جنهن اڳتي ٿيندڙ کوجنا کي ڄڻ ته ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ ظاهر ظهور ائين پيو سمجهبو ته اها سنڌو- لکت جي حقيقي ۽ ويساهه جوڳي ڀاڃ نٿي ٿي سگهي، پر هاڻي تحقيق جو اڳيون طريقو تبديل ٿي چڪو آهي. ڪيترا ئي عالم، انفرادي طور يا هڪ گروهه جي شڪل ۾ هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ ۾ لڳل آهن. سنڌو- لکت جي تحقيق تي تنقيدي جائزي جي شروعات، ڀاڃ جي ابتدائي ڪوشش کان وٺي، ڪئي وئي آهي، ۽ موجوده دور جي سهيوڳي کوجنائن تائين پهچي، ڪم ختم ڪيو آهي. هن تحقيقي جائزي کي عهد وار ۽ تاريخي مرحلن مطابق مرتب ڪيو ويو آهي، جنهن جو خاص تعلق ڀاڃ وارين دعوائن يا نتيجن سان آهي. گئڊ سمٿ ۽ ’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ اندر موجود مواد تي تنقيدي جائزو اڳيئي پيش ڪري چڪا آهيون. اُن کان پوءِ ٻيءَ ڪوشش جو تعلق هڪ مڪمل ڪتاب سان آهي، جنهن کي سنڌو- لکت جي مجموعي مان ڪن ٿورين لکتن کي آڏو رکي تصنيف ڪيو ويو آهي.

ڪرنل. ايل. اي. واڊيل: سنڌو- ماٿريءَ ۽ سمير جا ماڻهو آريا هئا:

سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب ايل. اي، واڊيل، سنه 1925ع ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو نالو وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو ڪنهن زماني ۾ لنڊن يونيورسٽي ۾، ٻيٽ جي ٻوليءَ جو استاد هو. ان کان سواءِ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ اعزاري مددگار طور ڪم ڪري چڪو هو. هن عالم اهو ڪتاب، وقت کان اڳ جلديءَ ۾ لکي تيار ڪري ورتو هو، ڇاڪاڻ ته ان جو مهاڳ، 1925ع ۾ لکيو ويو هو، جيڪو سرجان مارشل جي وڏي پيماني تي شروع ٿيندڙ، موهن جي دڙي جي پهرين موسميءَ کوٽائي کان اڳ تصنيف ڪيو ويو هو. هن موضوع تي تصنيف لاءِ واڊيل آڏو، اهي مختصر مهرون هيون، جيڪي مارشل ’السٽريٽيڊ لنڊن نيوز‘ جي 20 سيپٽمبر، 1924ع واري شماري ۾ شايع ڪيون هيون (مارشل 1924ع). ان کان سواءِ پنجن کان وڌيڪ مهرن جو تعلق هڙپا ماڳ سان هو (فليٽ 1912- مارشل 1922، پليٽ XI- نمبر 22- 23)، پر واڊيل، تحقيق ۾ فقط اوڻويهن مهرن کي ڪم آندو هو، جيڪي مارشل جي لڀڻ سان تعلق رکن ٿيون (مارشل 1922 ۽ 1924ع)؛ پر هن فليٽ جي ٽن مهرن کي آڏو ڪونه رکيو هو، جيڪي هن هڙپا مان هٿ ڪيون هيون (فليٽ 1912ع). هن قسم جي چونڊ لاءِ واڊيل ڪو ڪارڻ ڪونه ٻڌايو آهي. هن جي استعمال واريون اوڻيهه مهرون، ڪڍيل خاڪي جي صورت ۾ هيون، جن کي هن پنهنجي ڪتاب ۾ (Sketches) ڪري سڏيو آهي (1925: 5، 18- 19). هن عالم، سنڌو- لکت جي ڀاڃ واسطي مهرن جو فقط ايترو مختصر تعداد ڪم آندو هو، سندس بيان هن ريت آهي:

”مون کي هتي، هندستان جو نيم تاريخي راجا، پنهنجي ’شامي فنيقي‘ (Syria-Phoenicians) درٻارين سان گڏ ڏسڻ ۾ آيو جنهن جي راجڌاني، گنگا ماٿريءَ ۾، دهليءَ جي ويجهو ڪنهن ماڳ ۾ قائم هئي. هن راجا جي زماني ۾، ويدن واري دور کان پوءِ، مهاڀارت واري جنگ دوران 650 ق، م ۾ پهريون ڀيرو هندستان ٻه اڌ ٿيو هو. اهو راجا ڀرت کاٽيو (Bharat Khattiyo)، راجا ڌرتشراٽر هو. هي آخري راجا آهي، جنهن جو ويد ۾ ذڪر موجود آهي. هندستان جي جنگجو راجائن جي فهرست مطابق، هي انهن قديم آرين جي اولاد مان آهي، جن جا اهڃاڻ هاڻي سمير ۾ مليا آهن. هن راجا جي پيءُ جو نالو ’کاٽيو‘ (Khattiyo) هو جنهن جي معنيٰ آهي فاتح. ماهر، وچترا (Wichtra)، وچترا وير  (Vicitra Verya). هن جي (ٻئي ڏاڏي جو نالو ’کٽي‘ (Khatti)، (هتي Hittiti) هو، جنهن کي وي، سي، ڊي، ري Wi- si-di (ri) راجا ڪري ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو اتر ميسوپوٽئميا جي ڪارچيمش (Carchemish) علائقي جو آخري حڪمران هو، جنهن کي ’سامي- آشوري‘ حڪمران سارگان ٻئي II (Sargan) قتل ڪيو هو. هن حقيقت مان اهڃاڻ ملن ٿا ته قديم آريا، سمير وارن جو اولاد هئا، جن هندستان يا گنگا ماٿريءَ تي پڻ حملو ڪيو هو. اهو واقعو 700 ق. م کان اڳ جو ڪونه آهي، ۽ ويدڪ دور کان پوءِ واري زماني سان تعلق رکي ٿو (واڊيل 1925: 3).

هيءُ ماهر، سُمير جي نازڪ مسئلي کي حل ڪندي اهو به پڻ ٻڌائي ويو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تڏهوڪن وڏن شهرن ۾، آريا نسل جا ماڻهو آباد هئا. واڊيل نشانين جي ڀيٽ واري اڀياس ۾ ٻه-ٻوليائي (bilingual) وارو اصول ڪم آڻي، سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سميري لکت اڳيئي پڙهجي چڪي هئي. پوءِ هن، ٻوليءَ جي سڃاتل نشانين کي سنڌو- لکت جي انهن نشانين سان ڀيٽي ڏٺو، جن جي شڪل ۽ صورت، سمير لکت جي نشانين جهڙي هئي. سندس اهڙو نقطه نظر هن ريت آهي:

”جڏهن مهرن تي نظر ايندڙ نالن کي سمجهڻ لاءِ سمير جي نشانين کي پدائتي آواز جي قدر مطابق، رومي الف- ب وارو اُچار ڏنو ويو هو ته گهڻو ڪري غلطي ٿي وَئي هئي. ان جو ڪارڻ هيءُ هو ته سمير جي نشانين کي هڪ کان وڌيڪ قدر هئا، يعني اهي گهڻ- صوتي- مُلهن (Poly phony) وارا هئا. اهڙن معاملن ۾ صحيح نالي معلوم ڪرڻ لاءِ خاص پدائتي ملهه (Syllabie value) جي چونڊ ڪرڻ جي ضرورت هئي. جڏهن مون نشانيءَ کي هڪ کان وڌيڪ ملهه ڏنا ۽ انهن کي هڪدم قلمبند ڪيم، ۽ اهڙي خاص ملهه جي چونڊ ڪئي، جيڪو ويد ۽ هندستان جي جنگي صورتحال مطابق نالي جو اچار هو. ڇاڪاڻ ته سمير جي ماڻهن جي نالن جي معلومات لاءِ ويدن ۽ هندستان جي جنگجو ماهرن جا نالا، ڪُنجيءَ جي حيثيت رکن ٿا، ۽ اهڙيءَ معلومات لاءِ اها ئي اعتبار جوڳي ڪُنجي آهي. مان پنهنجن خيالن جو اهڙو ويچار مٿي به ڪري آيو آهيان“ (واڊيل 1925: 9- 28).

واڊيل کي، سميري ٻوليءَ ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ ڪن لاڳاپن قائم ڪرڻ لاءِ ڪن فيصلن ڏيڻ جي آزادي حاصل هئي، جيڪا هن جي تحقيق جي طريقه ڪار سان سهمت به هئي. ٻيو ته ٺهيو پر هن ڏکڻ ايشيا ۽ ميسوپوٽئميا جي وچ ۾ موجود، تعلقاتن ڏانهن به ڪو ڌيان ڪونه ڏنو آهي، جيڪي هن مذڪوره تهذيبن ڏانهن غير مناسب نموني منسوب ڪيا آهن.

هن، پنهنجيءَ تحقيق لاءِ پهرين ڳالهه اها چونڊي آهي، جنهن جو تعلق هڙپا سان آهي ۽ سندس تحقيق، Figure 3a جي a نمبر تي کاٻي پاسي موجود آهي، جيڪا خاص قسم جي هڪ سڱئي جانور جي تصوير آهي، ۽ ان جي آڏو هڪ نشان رکيل آهي. سندس ڏنل ان جي ڀاڃ ايتري ڊگهي آهي جو هتي بيان ڪري نٿي سگهجي (واڊيل 1925: 29 کان 39). هن جي دعويٰ آهي ته اها ڪنهن سرڪاري ڪاموري جي ’وينڊي‘ (Signet) ۾ جڙيل مهر آهي، جنهن جو نالو آسسياس ’(Assias)‘ هو، يعني ’بارگو‘(Barugo)،
’عدن‘
(Edin) جي اگني ديوتا جو پنڊت (Fire- preast). ويدن جو اڳني پنڊت (Fire- preast)، اوسيج ڪَڪشيوَن (Ausija kakshivan) يعني ’ڀرڳيو‘ (Bharigu) جو تعلق 3000 ق. م سان آهي (واڊيل 1925: 29). واڊيل جي Figure 4 (1925: 31) ۾ پڻ هڪ مهر آهي، جنهن جي ڀڃڻي معلوم ڪرڻ واسطي هو ڪوشش ڪري رهيو هو. سمير لکت جي نشانين ۽ علامتن جي صوتي ملهن کي نظر ۾ رکي هڪ سڱئي جانور يا ڍڳي ۽ سندس آڏو رکيل نشان کي معنيٰ ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيو هو.

واڊيل جي ڀڃڻيءَ کي، ڪيترن ئي ڪارڻن جي ڪري ڪا مڃتا ملي ڪانه سگهي آهي. سندس اهو نقطه نظر ته، سمير جا ماڻهو آريا نسل سان تعلق رکندا هئا ۽ انڊو- يورپين ٻولي ڳالهائيندا هئا، بلڪل غلط آهي. هنن آرين جو نسل، موجوده مسئلي سان تعلق نٿو رکي، نه ئي وري هتي جي ٻولي انڊو- يورپين ٻولين جي خاندان سان لاڳاپيل آهي، ۽ نه ئي وري اڪر نسل جي ٻولين جيان، سامي زبانن سان تعلق رکي ٿي. موجوده دور جي تحقيق مان پتو پوي ٿو ته اها باسڪ (Basque)، ’ايٽرو سڪان‘ (Etruscan) ۽ ’برو شسڪي‘، اولهه پاسي جا ڏکڻ ايشيا جا پنجاهه هزار ماڻهو ڳالهائيندا آهن ۽ اها ڪنهن ٻيءَ سڃاتل ٻوليءَ سان تعلق نٿي رکي (روهلن Ruhlen 1987: 377).

سنڌو- لکت ۽ سمير لکت ۾ ڪي اهڙيون نشانيون آهن، جيڪي ٻنهي ۾ هڪ جهڙيءَ شڪل جون آهن   واڊيل طرفان ڏنل ڪي هڪ جهڙيون نشانيون آهن جن جو پاڻ ۾ ڪو واسطو ئي نظر ڪونه ايندو. سندس پيش ڪيل اچرج جهڙي هڪ جهڙائي هيءَ آهي جو هن گول دائري ۾ نظر ايندڙ بدڪ  ۽  MUD کي ساڳئي نشاني ڪري سمجهيو آهي (واڊيل 1925، 71 يا 65).

واڊيل سنڌو- لکت جي نشانن ڏانهن ملهه منسوب ڪرڻ ۾ صحيح نه آهي.

ڪڏهن هن هڪ سڱئي ڍڳي ۽ ڪونهن واري ڏاند (Zebu)، ڪُلَ يا منگل (brazier) کي، سنڌو- لکت جو حصو سمجهي پڻ صوتي ملهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن لاءِ مناسب قياس اهو آهي ته اهي علامتون، مهر تي نظر ايندڙ ڪنهن اهڙي پيغام جو حصو هيون، جيڪي ڪنهن صوتي نظام جو حصو بڻجي نٿيون سگهن. جانور جي جسم جي ڪنهن حصي کي يا ڪنهن خاص نوعيت جي جانور جي چونڊ ڪري ڀڃڻيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ تاريخي طريقه ڪار سان بي انصافي آهي.

مارشل، سنڌو- سمير لکت جي اهڙن مفروضن قائم ڪرڻ واري عمل کي ننديو هو، پر ان هوندي به اهڙن مفروضن تي ڪم ٿيندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙن مفروضن ۾ ڪشش به هئي جنهن جو ڪارڻ اهو هو ته ٻنهي لکتن ۾ ڪي هم شڪل نشانيون موجود هيون.

سنڌو- لکت جي ٻي ڀڃڻي، اهڙي ماڻهوءَ پيش ڪئي هئي جنهن موهن جي دڙي جي لکت جي اصليت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي (بارٽن Barton 1913ع). کيس واڊيل جي ڪتاب جي پڻ ڄاڻ هئي، جنهن سان کيس تمام گهڻو اختلاف هو.

جارج اي. بارٽن (George A. Borton) سمير جون وڌيڪ نشانيون:

واڊيل جي ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ، پينسلوانيا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، بي. اي بارٽن به، سنڌو- لکت تي ٻه رپورٽون لکيون هيون، جنهن ۾ هن سنڌو لکت جي تصويري نشانين ۽ ٻين لکت جي تصويري نشانين جي ڀيٽوار اڀياس ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو، (بارٽن (1928a، 1929، 1930). هي، آشور جي قديم آثارن جو ماهر هو، جنهن اُتي جي قديم آثارن بابت گهڻو ڪجهه لکيو هو (بارٽن 1913، 1914)، جنهن ۾ آشوري لکت واري سندس ابتدائي تصنيف به شامل آهي. هن کي مارشل جي اُن سالياني رپورٽ جي به ڄاڻ هئي، جيڪا آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۽ السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ شايع ٿي هئي.

بارٽن (1928: 82) وٽ ڪل ٻاهتر لکتون موجود هيون، جن جي مدد سان هن 124، علامتي نشانيون ڏنيون هيون جن ۾ ممڪن تبديل شڪل نشانيون به هونديون.

هن پنهنجيءَ کوجنا جي شروعات ئي هن راءِ سان ڪئي ته سنڌو- لکت جو، سمير جي لکت سان ضرور ڪو تعلق آهي. اُن کان پوءِ جلد ئي هن پنهنجي تحقيق جو دائرو، ’ايلم‘ (Proto Elamite) جي ابتدائي لکت، هتي تصويري (Pictographic Hittite)، مصري، ڪريٽ ((Linear A and linear B) ۽ قبرضي لکتن تائين وڌايو. هڪ ڏينهن چيني شاگرد کيس ٻڌايو ته هن لکت جون ڪي نشانيون، قديم چيني لکتي نشانين سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون (بارٽن 1928: 82). ان کان پوءِ هن، نشانين جي هڪ تقابلي فهرست جوڙي، جيڪا سندس 1930ع واريءَ تصنيف ۾ شامل آهي. انهيءَ فهرست ۾، سنڌو- لکت جون نشانيون ۽ ان جي سامهون ڏنل خانن (Columns)، سمير، ايلم، مصري، ڪريٽ، قبرص ۽ ٻين جي لکت جون نشانيون ڏنيون ويون هيون.

انگن (Numbers) جي نشانين لاءِ بارٽن جو نقطه نظر:

سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو، ’ڏهائي‘ (Decimal) سرشتو به استعمال ڪندا هئا، ۽ هڪ ڊگهي اَڙي ڏيئي، ڏهاڪي جي انگ جو اظهار ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت، لکت نمبر XVI Figure 46 ۾ اسان کي 37 جو، انگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سميرين وٽ، پنهنجو ڳڻڻ جو طريقو، سٺ (desimal) تي بيٺل هوندو هو. هن ڏهائيءَ (Decimel) وارو انگن جو سرشتو، ٻين وٽان، ممڪن آهي ته: ”اَڪدي سامي لوڪن“ کان سکيو هجي. سنڌ ۾ به ڏهائيءَ جي سرشتي جي موجودگيءَ تي بحث ڪري سگهجي ٿو. اهڙو بحث سمير کان مختلف هوندو (1928: 85).

بارٽن هڪ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته هڪ مهر تي سمير جي ماڻهوءَ جو نالو، ’لليلائن‘ (Lillilaen) يا لليلا نواب (Lillila lord) آهي، جنهن جو مطلب وڏو نواب به ٿي سگهي ٿو (1928a: 85)، پر هو  نرمائيءَ سان چوي ٿو ته هن ڳالهه تي زور ڏيئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها لکت اڃا پڙهي ڪانه وئي آهي. موجوده محقق ائين ڪري ڪنهن تصنع کان ڪم ڪونه ورتو آهي (1928a: 87). ان کان پوءِ سندس بيان هن ريت آهي:

اسان جو مشورو آهي ته Figure -46 لکت نمبر XIX جي پڙهڻي ’مڇيون‘ (Fishes)، 7 ’ٿانو بنا خمير‘ (unefer mented)، ’سوم‘ (Soma) جا آهي، ۽ لکت نمبر XVI جي امڪاني پڙهڻي ”22 سايون ڀاڄيون ۽ 37 ٿانو خمير واري سوم جا“ آهي. اهي پڙهڻيون، امڪاني ۽ عبوري آهن، ۽ ڪنهن حد تائين اندازن تي بيٺل آهن. ڇاڪاڻ ته نشانيون  ۽  بنا خمير ۽ خمير جي مفهوم جي نمائندگي ڪن ٿيون. اهوبه ڏسڻ ۾ ايندو ته پوئين نموني واريءَ نشانيءَ ۾ ڪي ليڪون جوڙ ڏنل آهن، جنهن مان خمير جي تاثر جو پتو پوي ٿو. هتي هن خيال جو پڻ اظهار ڪري سگهجي ٿو ته هتي پڙهڻين جي صحت جي دعويٰ نه ٿي ڪري سگهجي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اهي پڙهڻيون واڊيل جي مقرر ڪيل پڙهڻين کان وڌيڪ اعتبار جوڳيون آهن، (بارٽن 1928a: 88)

ڪنهن به محقق بارٽن جي قائم ڪيل پڙهڻيءَ وارن اصولن جي پوئواري ڪانه ڪئي آهي. هن ’آل انڊيا اورينٽل ڪانفرنس‘ ۾ هڪ نالو پڙهيو هو. ان کان پوءِ سندس سارو تحقيقي ڪم، هلڪيءَ هڏڪيءَ کان سواءِ پاڻمرادو مري ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ هن لکت جي ڀاڃ لاءِ هڪ حقيقي نوعيت جو ڪم ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ڪم Ph.D جي سلسلي ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾، ۽ پروفيسر اسٽيفن لئنگڊن جي نگرانيءَ ۾ ٿي رهيو هو. پروفيسر لئنگڊن جو مقالو، سنه 1931aع ۾ سرجان مارشل شايع ڪرايو هو، جيڪو هن 1928ع ۾ لکي پوروڪيو هو. هن ۽ سندس شاگرد جي. آر هنٽر جا لکيل مقالا هڪ ٻئي جي راءِ تي ڇانيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

جي. آر. هنٽر، 1929: سنڌو-لکت جو پهريون محقق:

جي. آر. هنٽر، پنهنجي پي ايڇ.ڊي جو مقالو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾، 1929ع ۾ پيش ڪيوهو. اها سنڌو- لکت بابت ڪتابي شڪل ۾ پهرين تفصيلي تحقيق هئي، جنهن ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان هٿ آيل، 750 لکت ٿيل شين جو بيان ۽ تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. هي اهو مواد هو جيڪو فبروري سنه 1929ع تائين لڀجي چڪو هو. 1932ع ۾ هنٽر ۽ ايف. ڊبليو ٿامس (F.W. Thomos) ’موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن‘ تي پنهنجي طرفان هڪ تنقيدي جائزو به لکيو هو. هنٽر ان زماني ۾، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ماڳن تان، 1931ع تائين هٿ آيل لکيل مواد کان چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪو هو، جنهن ۾ مارشل ۽ مئڪي جون موهن جي دڙي مان هٿ آيل گهربل شيون ته شامل هيون، پر هڙپا جون رهجي ويون هيون، ڇاڪاڻ ته وئٽس (Vats) ان ماڳ جي کوٽائي، 1934ع جي بهار واري موسم تائين جاري رکي هئي. هنٽر واري تنقيدي جائزي ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ واري مقالي کان وڌيڪ مواد شامل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه اهم آهي، ڇاڪاڻ ته پي ايڇ. ڊي وارو مقالو، فوٽو آفسيٽ وسيلي اڻ ڇپيل مواد تي مشتمل ڪتاب هو، جيڪو فقط ڊاڪٽوريٽ جي ڊگريءَ لاءِ هو، تنهن ڪري هنٽر جي 1932ع واري سنڌو- لکت جي نشانين واري فهرست، 1934ع واري فهرست کان اڳ آهي، ۽ اُها نهايت ئي اهم آهي جنهن الفريد ميٽراڪس (Alfred Metraux) کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org