سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:5 

سنڌو- سڀيتا جي ڪن ماڳن مان اهڙيون به ڪي مهرون لڌيون آهن، جن کي ايراني نار (Persian gulf) جي مهرن طور سڃاتو ويو آهي. هنن مهرن کي ’بٽن‘ (Button) نالو ڏنو ويو آهي. سندن پٺئين پاسي، سوراخدار بومبي آهي، جيڪو، سندس سارو پٺيون پاسو ڍڪيو بيٺي آهي، جنهن تي ’مسيراهيءَ‘ جي مدد سان، ’جهريون‘ (grooves) ۽ گول دائرا ٺاهيا ويا آهن (ببي Bibby 1958b، ويلو 1958). انهن سڀني مهرن تي نظر ايندڙ بومبيون مڪمل طور تي ايراني نار جي طرز سان واسطو نه ٿيون رکن. اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته هيءَ دعويٰ نه ٿي ڪري سگهجي ته اهي ايراني نار جون ئي ٺهيل آهن، ۽ اتان گهرايون ويون آهن. لوٿل مان هٿ آيل مهر، ان جو هڪ مثال آهي. اُن هوندي به هن قسم جي عام طرز جون ڇهه مهرون، سنڌو-سڀيتا جي ڪن ماڳن مان هٿ لڳيون آهن:

(1) موهن جو دڙو- ننڍن سڱن واري ڏاند جي تصوير سان هڪ مهر جنهن ۾ ڏاند، سامهون رکيل آهر ڏانهن ڪنڌ جهڪايو بيٺو آهي. مٿس سنڌو-لکت جون ڇهه نشانيون ڏسجن ٿيون.

(2) موهن جو دڙو- ڦرموٽيءَ جي شڪل ۾ نظر ايندڙ ڇهه جانورَ. مهر ڀڳل آهي جنهن تي سنڌو-لکت جي فقط هڪ نشاني بچي وئي آهي. هن مهر کي ’بحرين‘ مان لڌل ايراني نار جي هڪ ٻي مهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. (مور ٽينسين Mortensen 1970- 8 figure) پر هن مهر جي سوراخدار بومبي، مڪمل طور، ايراني نار جي طرز جهڙي نه آهي (جوشي ۽ پرپولا 1987: 417 M-L Figure 22b).

(3) موهن جو دڙو- هن طرز جي مهر ڀڳل آهي، پر مٿس سنڌو-لکت جون ڇهه نشانيون بچيل ڏسجن ٿيون.

Figure 22. Four “Persian Gulf” seals from Mohenjo-daro [Marshall 1931a: (a) Pl. CX, 309; (b) Pl. CXII, 383; (c) Pl. CXIV, 478; (d) Mackay 1937-38: Pl. XCVI, 500]

 

(4) موهن جو دڙو- ننڍن سڱن وارو ڏاند آهر ڏانهن، ڪنڌ جهڪايو بيٺل ڏسجي ٿو. سنڌو-لکت جون ٽي نشانيون ڏسجي رهيون آهن.

(Figure 22d)

(5) چانهونءَ جو دڙو- هڪ سڱي ڍڳي مٿان، سنڌو- لکت جون ڇهه نشانيون ڏسجي رهيون آهن (figure 23 plate 7)

(6) لوٿل (ايس- آر- راءُ 1963b ۽ 1985a پليٽ، CLXI,B,C)- هيءَ مهر، دڙي جي مٿاڇري تان ملي آهي. لوٿل مان لڌل هيءَ مهر، ابرق جي آهي، رنگ هلڪو چانهونءَ ۽ مٿاڇرو هلڪي ڀوري رنگ جو اٿس. گول دائري جي ماپ 5.25 س. م ۽ ٿولهه 1.2 س. م آهي. پٺئين پاسي سوراخدار بومبي اٿس، جيڪا سارو مٿاڇرو ڍڪيو بيٺي آهي ۽ چئن گول دائرن جي وچ تي ٽي سڌيون ليڪون اُڪريل ڏسجن ٿيون. مهر جي مهڙ واري پاسي تي ٻه ٻڪريون يا هرڻيون ڇال هڻنديون ڏسجن ٿيون، جيڪي پٺتي به نهاري رهيون آهن. پاسي سان ٻن منڊين واري ڪوراڙ (Dragon) نظر اچي ٿي. سڀيئي جانور، اُڪريل شڪل ۾ آهن. هيءَ سنڌو- سڀيتا جي همچورس ۽ سمير جي سلينڊر مهرن کان گهڻي نرالي آهي. مٿس لکت جي ڪابه نشاني موجود ڪانه آهي.

Plate 5. Proto-siva or “Buffalo Deity” seal [Mackay 1937-38, Pl. XCIV, No. 420, photograph courtesy of James Blair, National Geographic Society]

Plate 6. “Divine Adoration” seal [Mackay 1937-38, Pl. XCIV, No. 430, photograph courtesy of James Blair, National Geographic Society]

Plate 7. “Persian Gulf” seal from Chanhu-daro [Mackay 1943: Plate LI, No. 23, courtesy of The University of Pennsylvania Museum]

Plate 8. A seal impression on a potsherd from Mohenjo-daro recovered in the GFD Area, 1964 [courtesy of The University of Pennsylvania Museum]

Plate 9. Sealing from Mohenjo-daro that has been twisted [Mackay, 1937-38: Pl. XCI, No 23, courtesy of the Archaeological Survey of India]

Plate 10. Graffiti on potsherds from Mohenjo-daro recovered in the GFD Area, 1964 [courtesy of The University of Pennsylvania Museum]

II مهرن جا ٺپيل نشان:

مهرن سان ٺپيل اصلي نشانن جو بيان سنڌو- سڀيتا جي مهرن جي ڪارج واري ذڪر ۾ اچي چڪو آهي. اهڙن نشانن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا نشان ته مٽيءَ جي پنوڙن تي آهن جيڪي روانگي مال جي ڳٺڙين، ٿانون يا ٻين اهڙين شين تي هنيا ويندا هئا. مهرن جا اهڙا ٻيا ٺپا، ٺڪر جي ٿانون تي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي انهن تي آلي هجڻ مهل هنيا ويندا هئا.

Figure 23. Persian Gulf seal from Chanhu-daro [Mackay 1943: 48, Pl. LI, 23]

 

II الف. ٺڪر تي سنڌو- سڀيتا جي ڪنهن معياري مهر جا نشان، اڻ لڀ آهن. اهڙو ذڪر مٿي به ڪيو ويو آهي. اهڙا فقط نشان چار لڌا ويا آهن، جيڪي موهن جي دڙي مان مليا آهن (Figure 25). لوٿل جي هڪ جڳهه جي آئري مان ٺپيل نشان هٿ آيا آهن، جيڪي گهڻو تڻو بگڙي ويا آهن. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اها جڳهه سامان رکڻ جو ڪو ڀانڊو آهي (Figure 26). مهرن جا ٺپيل ڏهه نشان، هڪ پيپي (Container) تي هنيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪو ڪنهن شيءَ مان ٺهيل صندوق جيان آهي. ٺپيل نشانن مان ڀانئجي ٿو ته اهو پيپو ڏاڍو لسو آهي. سڀيئي ٺپيل نشان، هڪ مهر جا آهن، جنهن تي هاٿيءَ جو نشان اڪريل آهي، ٻيو به هڪڙو مهر جو ٺپيل حقيقي نشان آهي، جنهن تي هڪ سڱئي جانور جو نشان آهي ۽ ان تي ڳوڻ جهڙي طرز ڏسجي ٿي. مهر جو مذڪوره نشان ميسوپوٽئميا جي تيل اُمھ (Tell umma)  مان هٿ آيو آهي. (figure 27)

Figure 25. Seal impressions from Mohenjo-daro [(a) Mackay 1937-38: Pl. CII, A (b) Mackay 1937-38: Pl. CXVI, 17; (c) Franke Vogt 1989: 237; (d) Halim and Vidale 1983: 73]

 

Figure 26. Seal impressions from Lothal [Joshi and Parpola 1987: (a) L 211; (b) L 219; (c) L 164; (d) L 173; (e) L 174]

 

Figure 27. The Umma seal impression […….]

Figure 28. Seal impressions on pottery from Mohenjo-daro

[Franke Vogt 1983: 132]

II- ب- مهر جو ٺڪر جي ٿانو تي ٺپيل نشان:

سنڌو- سڀيتا جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ٺڪر جي ٿانون تي مهر جو ٺپو ڪتب آڻيندا هئا. مٽيءَ جي پنوڙي مهر جي آلي هجڻ مهل مهر هنئي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته مهر جا نشان گهرا ۽ چٽا آهن، ان کان پوءِ اهڙا ٺپيل نشان بٺيءَ ۾ پچايا ويندا هئا، جن ۾ اهم نوعيت جو رڪارڊ محفوظ ٿي ويندو هو. هن قسم جي رڪارڊ جي حفاظت فقط سنڌو- سڀيتا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ميسوپوٽئميا ۾ اهڙيون ڳالهيون موجود ڪونه آهن. (figure 28) (پليٽ 8)

Figure 29. Sealing or molded terracott bar with the longest Indus inscription [Mackay 1937-38: Pl. CI, 7]

Figure 30. Sealings and moldings with only script from Mohenjo-daro [Mackay 1937-38: (a) Pl. XCII, 5; (b) Pl. XCII, 6; (c) Pl. XCII, 7; (d) Pl. CII, 7; (e) Pl. CII, 13]

سنڌو لکت جي ڀاڃ اڃا معلوم ٿي ڪانه سگهي آهي، تنهن ڪري پتو نه آهي ته مهرن جي اهڙن ٺپيل نشانن جو مقصد ڇا آهي، پر اُن هوندي به ٻه ڳالهيون چٽيون آهن ته سنڌو- سڀيتا جي ڊگهي قسم جي مهر ڪنهن تصويري علامت کان سواءِ آهي. ٻيو ته هن قسم جي مهر ۾ لکيل پيغام پوءِ اهو ڪهڙيءَ به شڪل صورت ۾ آهي، پيپي (Container) جي ڪارج واري حياتيءَ سان واسطو رکندو هوندو.

ٺڪر جي ٿانوَ تي اهڙيون بيشمار نشانيون آهن، جن جو واسطو کوٽيل لکت ۽ مهر سان ٺپيل سنڌو-لکت سان آهي. اهڙين لکتن جو مقصد جدا جدا آهي، تنهن ڪري ٻنهي قسمن جي ڌار ڌار لکت کي هڪ ٻئي سان گڏي مُنجهائڻ نه گهرجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کرچ قسم واري سنڌو-لکت تي ڌار بحث ڪيو ويو آهي.

III ٺپا (Sealing) ۽ قالب وسيلي ڍاليل شيون (Moldings):

سنڌو- سڀيتا جون اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن. جن تي سنڌو-لکت جا ٺپيل نشان ۽ منظر آهن. اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌو- ماٿريءَ جي ڌرمي متي يا نظريي کي سڌو سنئون مهرن تي اُڪيريو نه ويو آهي، پر اُن کي مهرن وسيلي ٺپيو ويو آهي، يا قالبن وسيلي ڍاليو ويو آهي. اهڙو حوالو ٺڪر يا چيني مٽيءَ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو باهه ۾ چڱيءَ ريت پچايو ويو آهي. اهڙين ٺپيل ۽ قالبن وسيلي ڍاليل شين جي تياريءَ ۾ ڪنهن خاص ذهني ۽ طبعي پورهئي جي ضرورت ڪانه پوندي هئي. سندن واسطو ماڻهوءَ جي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان هو، پر اُنهن جي تخليق جو خاص مقصد هڪ هوندو هو. اهڙين شين جو تعداد به تمام گهڻو آهي، جيڪو 190 شين تي مشتمل آهي جن مان 69 هڙپا مان، 98 موهن جي دڙي مان، نَو ڪاليبئنگن مان، اٺ لوٿل مان ۽ پنج چانهونءَ جي دڙي مان هٿ آيون آهن. مهرن وسيلي ٺپيل ۽ قالبن وسيلي ڍاليل شيون، مختلف شڪلين ۽ صورتن جون آهن، جيڪي ٺڪر يا چينيءَ جي سادن گول ڳوڙهن ۽ پٺين کان وٺي اعليٰ قسم جي معياري شين تي مشتمل آهن. جيڪڏهن اصلي شين جي جاچ ڪبي ته ٺپيل شين ۽ قالب وسيلي ڍاليل شين کي سولائيءَ سان ڌار ڪري سگهجي ٿو. بهتر ائين ٿيندو ته اهڙيون شيون ڇپيل مواد ۽ صحيح نموني سان قلمبند ٿيل دستاويزن تان ورتيون وڃن، پر اهو ڪم مشڪل ضرور آهي. هتي ڏنل سندن تعداد جو  هڪ اندازو آهي، هي موضوع سنڌو- سڀيتا جي هڪ اهم پهلوءَ سان واسطو رکي ٿو، جنهن بابت کوجنا جاري آهي ۽ هنن شين جو ٻڌايل تعداد به آخري نه آهي.

Figure 31. Narrative sealings and moldings from Mohenjo-daro and Harappa [(a) Mackay 1937-38: Pl. XC, 28; (b) Mackay 1937-38: Pl. XCI, 24; (c) Marshall 1931a: Pl. CXIV, 14; (d) Vats 1940: Pl. XCIII, 306; (e) Mackay 1937-38: Pl. CI, 1; (f) Vats 1940: XCIII, 304]

III. الف ٺپيل ۽ ڍاليل شيون جن تي ڪنهن تصوير کان سواءِ فقط سنڌو- لکت نظر ايندي آهي:

هڪ ڍاليل اهڙي شيءِ به لڌي آهي، جنهن تي سنڌو لکت جون 26 نشانيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، جن سان گڏ ڪا علامتي تصوير وغيره ڪانه آهي (مارشل 1931a پليٽ CXVI نمبر 23. مئڪي 38- 1937 پليٽ CI نمبر 7). هتي نظر ائين ايندو ته ٺپيل ۽ قالب ۾ ڍاليل نشانيون هڪ مهر يا قالب تان ورتل آهن (figure 29). ڪيتريون ئي تحريرون هن لکت کان گهڻيون ننڍيون آهن(Figure 30).

Figure 32. Miniature seals from Harappa. [Vats 1940: (a) Pl. XCVII, 525; (b) Pl. XCVII, 536; (c) Pl. XCVII, 543; (d) Pl. XCVII, 550; (e) Pl. XCVII, 551; (f) Pl. XCVII, 563; (g) Pl. XCVII, 575; (h) Pl. XCV, 404; (i) Pl. XCV, 406; (j) Pl. XCV, 407; (k) Pl. XCV, 411; (l) Pl. XCV, 412; (m) Pl. XCV, 417’

III ب- ٺپيل ۽ ڍاليل بياني طرزن واريون مهرون ۽ قالب وسيلي ڍاليل طرزون، ڏاڍيون دلچسپ آهن، جيڪي سنڌو- سڀيتا سان لاڳاپيل اهم دستاويز آهن. هنن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي زندگيءَ جو ادراڪي پهلو نمايان آهي. ان کان سواءِ هنن وسيلي هتي جي ماڻهن جي مذهبي روين بابت به اهم معلومات ملي وڃي ٿي، توڙي جو اُنهن کي پڙهڻ ممڪن نه آهي، تنهن هوندي به اُنهن جي اَڀياس کان پوءِ دل ۾ ڪيئي سوال پيدا ٿي وڃن ٿا. تنهن ڪري انسان جي دل ۾ سندن اَڀياس ۽ کوجنا لاءِ اهم قسم جو اتساهه جاڳي پوي ٿو. (Figure 31)

ٺپيل شين کي سڪڻ ۽ پچائڻ کان پهرين، ٿورو مروٽو ڏيئي، هلڪو موڙ ڏنو ويو آهي، جنهن کي پليٽ 9 ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اهو پتو پئجي نٿو سگهي ته اهڙيءَ ٺپيل شيء کي اهو مروٽو، ڪهڙي مقصد سان ڏنو ويو آهي، پر هن قسم جون ٺپيل شيون هتان جام لڌيون آهن. اهڙين مهرن وسيلي وري ٺپيل شين جي تياري ڏکي معلوم ٿئي ٿي، پر موڙ واري هن ٺپيل مهر سان اهڙيءَ  شيء جي تياري سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي.

III لکت ٿيل اُهي شيون جيڪي مهرون ٺپا ۽ ڍاليل نه آهن:

III الف- ننڍڙيون ٽڪيون يا مهرون:

هڙپا مان هٿ آيل مختصر لکيل ننڍڙين شين کي، ننڍڙيون مهرون سڏيو ويندو آهي (وئٽس 1940 پليٽ XCV ۽ پليٽ XCVIII)، پر حقيقت ۾ اهي مهرون نه آهن (figure 32). اهڙو اندازو اُن جي مختصر ماپ، شڪل ۽ مختصر لکت جي ڪري لڳائي سگهجي ٿو. اهڙيون ڪيتريون ئي شيون هڙپا جي ايراضي f ۽ j جي گهريءَ کوٽائيءَ مان به هٿ لڳيون آهن.  سنڌو- سڀيتا جي لکت جو هيءُ ابتدائي دور وارو مواد آهي. جي. آر. هنٽر (G.R.Hunter) (1934: 13-112)، انهن ننڍڙين مهرن کي رسيدون سڏيو آهي پر اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سندن استعمال ڇا هو. مهاديوان (1977a:7) هڙپا مان لڌل انهن 272 مهرن کي قلمبند ڪيو آهي (ڏسو ٽيبل 3) جنهن ۾ ٻين ماڳن جو به ذڪر آهي، مٿان اهڙيون ننڍڙيون مهرون هٿ لڳيون آهن. ايلزبيٿ سي. ايل. ڊرنگ ڪاسپرس (Elisabeth C.L. During Caspers) هنن مهرن بابت دلچسپ بحث ڪيو آهي (1991).

II ب - ٽامي جون ٽڪيون (Copper tablets):

مهاديوان پنهنجي ڪنڪارڊنس (1977a) ۾، ٽامي جون 135 مهرون ڄاڻايون آهن، پر هاڻي انهن جو تعداد 249 آهي، جن جي ماپ 3x2 س. م ٿيندي (Figure 33). معلوم ائين ٿو ٿئي ته انهن مهرن تي ڪنهن تيز آر (awl) يا ڪنهن ٻئي اوزار جي مدد سان هڪ پاسي کان لکت ۽ ٻئي پاسي کان علامتي نشاني اُڪيري وئي آهي. اُڪيريل علامتي نشانين مان ڪي ته اهم آهن ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪن تي تصوراتي جانورن جون تصويرون اُڪريل آهن، جن مان هڪ شڪاريءَ جي تصوير به آهي، جنهن جي مٿي تي سڱ آهن، ۽ سندس هڪ هٿ ۾ ڪمان ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪانُ آهي. بي، ايم پانڊي B.M.Pande) (1973) پڻ ٽامي جي انهن مهرن جو اڀياس ڪيو آهي، جن جو گهڻو تعداد موهن جي دڙي مان هٿ آيو آهي. مان انهن مهرن جي استعمال بابت اُن کان سواءِ ڪو صحيح اندازو لڳائي نٿو سگهان ته انهن شين کي تائٿ طور ڪتب آندو ويندو هوندو، ۽ ماڻهو انهن کي پائڻ وارن ڪپڙن سان ٽانڪي ڪتب آڻيندا هئا.

III- لکت واريون ٽامي جون ٺهيل شيون:

ٽامي ۽ ڪَنجهي جا ڪي اوزار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن تي پڻ لکت جون نشانيون موجود آهن. اهڙي لکت، ڪهاڙين، چاقن ۽ ڏڦن جي ڦرن تي به ٿيل ڏسجي ٿي. هن قسم جي پيغامن ۾ انگ لکيل آهن، جيڪي تور جي وٽن ڏانهن اشارو ڪن ٿا (Figure 34)

III ڀ- لکت واريون عاج ۽ هڏن جون ٺهيل شيون:

عاج ۽ هڏن تي ٿيل لکت واريون شيون تمام ٿوريون آهن. فيئر سروس (1992: 232) جو خيال آهي ته اهڙين شين تي ڪي علامتي نشانيون اُڪريل آهن ۽ سنڌو-سڀيتا ۾ مروج جنتري (Calendar) جو اهڃاڻ ڏين ٿيون. اهي شڪل ۽ صورت ۾ چورس يا گول آهن، جن کي وري خانن ۾ ورهايو ويو آهي. مٿن سيراهيءَ سان ڪڍيل گول نشانين کان سواءِ ٻي ڪابه تصويري علامت ڪانه آهي (Figure 35).

III ت- ٺڪر جي ٿانو تي ٿيل لکت (Graffiti):

سنڌو ماٿريءَ ۾، ٺڪر جي ٿانون تي کُرچ ۽ رنگ سان لکت ججهي تعداد ۾ نظر اچي ٿي. هن قسم جي لکت جو ڪنهن منظم نموني سان اڀياس نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن نوعيت جي لکت جو صحيح تعداد به معلوم نه آهي. ٺڪر تي لکڻ جو گهڻو رواج، سنڌو- سڀيتا جي سوراشٽريه واري علائقي ۾ موجود ٿو ڏسجي، پر هي فن، سنڌو ماٿريءَ جي ٻين اهم علائقن ۾ به ٿورو گهڻو نظر آيو آهي (Figure 36). ٺڪر جي ٿانوَن تي ٿيل لکت، گهڻو ڪري هڪ نشانيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا عام طور ٿانون جي ٻاهرئين پاسي نظر اچي ٿي، پر ڪي مختصر لکتون اهڙيون به آهن، جن ۾ نشانين جو هڪ سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن لکت جو هي مقصد نقش نگاري نه پر حقيقي لکت آهي. هتي لکت جو ڪجهه تعداد بي مقصد به ڏسڻ ۾ اچي ٿو (پليٽ 10)

لکت جون ڪي نشانيون، ٿانون  ۽ چوڙين تي به رنگ سان ڏسڻ ۾ آيون آهن، جيڪي تعداد ۾ بلڪل ٿوريون آهن، ۽ ٺڪر واريءَ لکت (Graffiti) ۾ شامل سمجهيون وينديون آهن (جوشي ۽ پرپولا (1991: 420). موهن جو دڙو 1658A ۽ بالا ڪوٽ 6A)، رحمان ڍيري مان مليل اهڙي لکت، سنڌو- سڀيتا جي ترقي يافته دور سان تعلق نٿي رکي (شاهه ۽ پرپولا 1991: 78- 373).

امڪان آهي ته ٺڪر جي ٿانون واري لکت ۽ مهرن واري لکت جو پيغام ڌار ڌار هجي، تنهن ڪري انهن جو اڀياس به جدا جدا هئڻ کپي. انهن جي کوجنا ڪرڻ، ڪئٽالاگ ٺاهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ باقاعدگي اختيار ڪئي وڃي. سنڌو-لکت جي هن قسم مان به گهڻو ئي ڪجهه معلوم ڪري سگهجي ٿو. سنڌو- لکت جي هيءَ هڪ اهڙي شاخ آهي، جيڪا سنڌو- سڀيتا کان پوءِ به گهڻي وقت تائين زنده رهندي آئي آهي.

V. متفرق لکيل شيون:

سنڌو- لکت جي مجموعي ۽ قيمتي پٿرن تي به لکت ٿيل آهي، جنهن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي ۽ لکت جي هن نوعيت سان هڪجهڙائي نٿي رکي. اهڙي لکت گهڻو ڪري هڪ نشانيءَ تائين محدود آهي، جيڪا سنکن مان ٺهيل ڏوئين ۽ ٺڪر جي ڪن شين تي نظر اچي ٿي، پر انهن مان ٻه شيون ڏاڍيون اهم آهن، جن جو واسطو متفرق شين جي طبقي سان آهي. هن قسم جي اڻ لڀ لکت، ڪڇ جي ’ڪاڍير‘ (Kadir) نالي هڪ ٻيٽ تي واقع، سنڌو- سڀيتا جي مشهور ماڳ ’ڍولاويرا‘ (Dholavira) مان هٿ لڳي آهي، جيڪا قلعي جي اتر واري ڦاٽڪ ڀرسان، هڪ ڪوٺيءَ ۾ اونڌي لڳي پيئي هئي (بيشٽ Bishat 1991: 81- پليٽ 9) نشانيون 37 س. م اُڀيون ۽ 25 کان 27 س. م ويڪريون آهن، جيڪي ڪنهن بلور جهڙي شيءَ مان ٺهيل ۽ ڪاٺ ۾ جڙيل آهن. لکت جي پڙهڻي هن ريت آهي:

 

Figure 35. Inscribed ivory and bone objects [Mackay 1937-38: (a) Pl. CX, 44; (b) Pl. CX, 45; (c) Pl. CX, 53; (d) Pl. CX, 51]

Figure 36. Graffiti on Harappan pottery [Mackay 1937-38: (a) Pl. LXIII, 1; (b) Pl. LXIII, 3; (c) Pl. XIII, 6; (d) Franke 1983: 183]

that are part of the miscellaneous category. The first is the unique inscription found at Dholavira on Kadir Island in Kutch lying face down on the floor of one of the western chambers of the north gate to the “Castle” high mound (Bisht 1991: 81, Pl. IX). The letters are ca. 37cm high and 25 to 27cm wide and were made of a white, crystalline material, apparently set into a wooden plank. The inscription reads:

Figure 33. Cooper tablets from Mohenjo-daro [Mackay 1937-38: Pl. XCIII]

 

           

(a)                                    (b)

(c)

Figure 34. Insribed copper tools [Mackay 1937-38: (a) Pl. CXXVI, 2; (b) CXXVI, 3; (c) Pl. CXXVI.

ٻئي طبقي وارين شين ۾ همچورس مهرون شامل آهن، جن ۾ جانورن جي علامتي نشاني موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر اهي ٻنهي پاسن کان اڪريل آهن ۽ سوراخدار بومبي ڪانه اٿن. مئڪي، موهن جي دڙي مان لڌل اهڙين ٻارهن مهرن کي “type C” جي عنوان سان قلمبند ڪيو آهي (38- 1937: 325). انهن ۾ سرجان مارشل جي دور وارين ڇهن مهرن جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي (مئڪي 1931: 373- مارشل 1931a پليٽ CLX نمبر 227، 230- پليٽ CXI نمبر 326) (Figure 37). ٻن پاسن واري ٻي مهر اها آهي جنهن جي هڪ پاسي ننڍن سڱن واري ڏاند جي تصوير ۽ ٻئي پاسي سواستيڪا جو نشان آهي (Figure 38). اسان کي ٻنهي پاسي اُڪريل مهرن جي استعمال جو پتو نه آهي، پر ايترو سو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ٺپي هڻڻ جي مقصد سان ڪتب ڪونه آنديون وينديون هيون.

Figure 37. Double-side seal with “devil” motif on each of two sides [Marshall 1931a: Pl. CIX 227, 230; Pl. CXI, 356]

Figure 38. Double-side seal with the short-horned bull on one side and the swastika on the other [Marshall 1931a: Pl. CX, 311; Pl. CXIV, 508]

 

Figure 39. Seal impression cast in copper/bronze [Marshall 1931a:

Pl. CXVII, 13]

هن کان سواءِ مئڪي ٻين به متفرق شين جي فهرست ڏني هئي (مئڪي 1937: 397، 398) جن تي ٽامي ۽ ڪنجهي مان ٺهيل مهرن جا ٺپيل نشان آهن. مئڪي هنن کي ڪي جڏا سڏا ٺپيل نشان سمجهي ٿو، سندس خيال آهي ته اهي آزمائش جي نقطه نظر سان ٺپيا ويا آهن.

سنڌو-لکت سان لاڳاپيل مختلف قيمتي پٿرن بابت ڪڍيل نتيجا:

هن قسم جي هنر سان لاڳاپيل لکت واريون مختلف شيون، سنڌو- لکت جي مجموعي ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون، جن جو تعلق مختلف قيمتي پٿرن تي ٿيل تحريرن سان آهي. هن قسم جي هر هڪ هنري شيءَ جي، سنڌو- سڀيتا ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي. هن لکت وسيلي ظاهر ڪيل پيغام ئي هن قسم جي شيء جو رڪارڊ آهي. جڏهن ڪنهن به قسم جي لکت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ته قيمتي پٿرن تي ٿيل لکت تي جدا تحقيق ڪئي وڃي ۽ اُن جي کوجنا کي ٻيءَ قسم جي لکت سان ملايو نه وڃي، ڇاڪاڻ ته هر قسم جي لکت کي پنهنجو هڪ الڳ پيغام آهي، جيڪڏهن سنڌو-لکت جي ساري نظام کي گڏي کوجنا ڪبي ته مختلف قسم جي لکتن ۾ موجود جدا جدا پيغامن کي هڪ ٻئي سان وچڙائي منجهائي ڇڏبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org