باب ڇهون
سنڌو
لکت جي تحقيق جي مخصوص ڪيفيت
تعارف:
ڪنهن به لکت جي ڀڃڻي هڪ فن آهي. پر اتفاق جي ڳالهه
آهي جو سنڌو- سڀيتا جي لکت جي ڀڃڻيءَ جو فن اڃا
تائين ڪنهن کي سمجهه ۾ ئي ڪو نه آيو آهي. هن لکت
جي ڀڃڻيءَ ۾ عمل جي پابندي ۽ همت جي ضرورت آهي.
هتي لکت جي ڀڃڻيءَ جو معاملو ان جي آڏو آهي. ناروي
جي هڪ عالم، ڪنڊزون
(Knundzon)
کي سنه 1902 ۾ محسوس ٿيو ته هيءَ لکت انڊو يورپين
ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، پر هو چيڙاڪ طبيعت وارو ماڻهو
هو ۽ پنهنجي ان قائم ڪيل نقطه نظر بابت ڪنهن جي
تنقيد صحيح ڪو نه سگهيو، تنهن ڪري هو پنهنجي تحقيق
۾ اڳتي وڌي نه سگهيو ۽ هار کائي ويو. هروزني
(Hrozny)
به ساڳئي مفروضي جو حامي هو. هن پنهنجي اهڙي تصور
کي اڳتي وڌايو، تنقيدن جو همت سان جواب ڏنو ۽
پنهنجي قائم ڪيل نظريي تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو. اُن
ڪري کيس شهرت به نصيب ٿي ۽ هتي لکت جي ڀڃڻي جي
هوشيار عالم طور کيس مڃتا به ملي وئي.
اهڙيون ڳالهيون سوڀ لاءِ ضروري ته آهن، پر پوءِ به
اهڙي سوڀ جي پوري پڪ ڪا نه هوندي آهي. هروزني جو
هتي نقطه نظر ته صحيح هو، پر سنڌو- لکت بابت سندس
قائم ڪيل مفروضو غلط هو. زويلبل جي خيال مطابق
هروزني پنهنجي مرڻ جي آخري گهڙيءَ تائين ’هِتي
لکت‘ جيان سنڌو- لکت بابت قائم ڪيل نظريي کي صحيح
سمجهندو رهيو هو. جيڪڏهن ڏسجي ته والٽر اي. فيئر
سروس، ايس. آر. راء، آسڪو پرپولا ۽ ساڻس گڏ محنتي
گروهه ۽ يو. وي. ڪوروزوف ۽ ساڻس گڏ روسي محنتي
گروهه جي عالمن ۾ ساڳي قسم جي خود اعتمادي موجود
هئي. کين دانشورن جي ڏکيءَ ۽ خطرناڪ تنقيد سمجهڻ
جو حوصلو هو ۽ قائم ڪيل پنهنجن مفروضن تي ڪامل
يقين هو. اهڙي ڪردار ڪري اهي اڻ مئي تعريف جا
مستحق آهن.
سنڌو- لکت تي ڪيل هر قسم جي تحقيقي ڪم جي تنقيدي
جائزي پيش ڪرڻ کان پوءِ اهو مناسب لڳي ٿو ته هن
ڊگهي کوجنا وسيلي معلوم ڪيل مشترڪ بنيادن ۽ مشترڪ
نوعيت جي ڪڍيل نتيجن کي نظر ۾ رکي مستقبل ۾ ٿيندڙ
تحقيق لاءِ ڪي مفيد رستا ڳوليا وڃن. اهڙيءَ ريت
گئڊ ۽ سمٿ (1924) کان وٺي والٽر اي. فيئر سروس
(1992) تائين پنجٽيهن محققن جي تحقيقي ڪم جو
تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جن سنڌو- لکت کي
ڀڃڻ لاءِ دل جي گهراين سان ننهن چوٽيءَ جو زور
لڳايو آهي.
سنڌو- لکت جي ڀڃڻي ۾ موجود عدم اتفاق:
انهن عالمن ۾ سنڌو-سڀيتا، ان جي لکت ۽ تاريخ بابت
اتفاق راءِ موجود نه آهي. ٻوليءَ لاءِ به سندن
ڌار ڌار ويچار آهن. ڪن محققن جو خيال آهي ته اها
دراوڙي ٻولي آهي، ٻيا چون ٿا ته انڊو- يورپين ٻولي
آهي. ڪن جو نقطه نظر آهي ته اها سميري ٻولي آهي.
ڪي وري مصري ٻولي ٿا سمجهن، جڏهن ته آلن ايس. راس
جو خيال آهي ته اها ٻولي، ملايو- پولينيشين
(Malayo-Poly nesian)
آهي. جيتري قدر ڀڃڻيءَ جي طريقه ڪار جو تعلق آهي
ته ڪن عالمن، معمي وارو طريقو ڪتب آندو آهي ۽ ڪنهن
پري واري پڙهيل لکت سان تقابلي اڀياس ڏنو آهي ۽ ڪي
باطني فرقي جا
(arcane)
ماڻهو هن لکت کي تانتر مسلڪ جون علامتون سمجهن ٿا.
مثال طور قديم شو جي عرصي واري لکت جي ڀڃڻي
هن ريت مقرر ڪئي وئي آهي.
هروزني:
هي ڪيويا
(Kueya)
ديوتا جو نذر آهي (a1943-215).
سوامي شنڪر آنند:
پکين (پاڻي جي) ۽ پاڻيءَ جي سڀني وهڪرن کي ڍڪي
ڇڏيو آهي. (1943- جلد 2 ص 99).
بي.ايم.بروئا:
هن سنسڪرت ۾ ترجمو هن ريت ڪيو آهي: ’اجل-اُپاس‘
(ajala-upasa)
يعني ”اهو جبل جنهن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي.“
فنلئنڊ جا ماهر:
ستاري جو ماڻهو (شوَ) جيڪو مالڪ آهي....(پرپولا،
ڪوسڪينيمي، پرپولا، الٽو 1970: 12).
بي. چڪرورتي:
ست ڪوسيڪ
(Satta kosika)
پالي ڊڪشنري مطابق نالا آهن (چڪروورتي 1975: 30).
ايم. وي. اينن. ڪرشن راءِ:
(1) مهيش مينهن (Buffalo)
يا پهريون ’پد کدگ‘
(Khadga)
معنيٰ ’گينڊو‘ (Rhinocrorns)،
کَ-(Kha)
جيڪو مٿينءَ، ٻيءَ نشانيءَ سان لاڳاپيل آهي (3)
’نر‘
(nara)
معنيٰ ماڻهو
(man)
هن مان ’ن‘
(na)
پد سمجهيو ويو آهي، جنهن جي شڪل صورت ڊگهي آهي،
ڇاڪاڻ ته نشاني نمبر ٽي کي به نشان ڏيئي منجهس
ڪجهه تبديلي آندي وئي آهي. (4) ’سدري‘
(Sadri)
يا ’ستري‘
(Satri)
’هاٿي‘ آهي جنهن جو پد، ’سَ‘
ڪڍيو ويو آهي، جنهن ۾ ’هه‘ نشاني نمبر چار سان
تعلق آهي. آخري نشاني ’ننر‘
(Nanr)
آهي، جنهن مان ’نَ‘
(Na)
جو پد ورتو ويو آهي ۽ سندس تعلق صفا آخري نشانيءَ
سان آهي. انهن سڀني کي صوتي مُلهن کي گڏيو ويو آهي
ته اچار مَ-کَ-نَ-سَ-نَ
(Ma-Kha-na-sa-na)
(ڪرشن راء 1982: 12).
بي. پريانڪ
(B. Priyank):
هن مهر جي ساڄي کان کاٻي پڙهڻي آهي ته- س- هي-
مَ-مَ-تر
(ha-sa-hi-ma-ma-tra)
(پريانڪ 1988: 6)، هو ٻڌائي ٿو سنڌو ماٿريءَ جي
لفظن جو اُچار ڪجهه هن ريت آهي ’ترم مهيش ههَ‘
(tamara mahishaha)
(کاٻي کان ساڄي) هن جي هم معنيٰ سنسڪرت لفظ ’تري
ماهيا مهيش‘
(trimahia mahisha)
’مهيش‘ جو لفظ آهي، ڪرشن راء
(1982: 12) جي به اها پڙهڻي آهي. هن لفظ جي سنسڪرت
۾ معنيٰ ’مينهن‘ آهي، جيڪا هن مهر جي وچ تي نظر
ايندڙ تصوير مان به معلوم ٿئي ٿي. جنهن جي مٿي تي
مينهن جي شڪل جهڙو اوڇڻ رکيل آهي. تر
(Tra)
جي معنيٰ ٽي آهي، جنهن جو اشارو مفروضي مطابق ٽن
منهن واري قديم شو
(Proto-Siva)
ڏانهن آهي. جڏهن ته اها مها جي معنيٰ آهي وڏو
(پريانڪ 1988: 6-7).
والٽر اي. فيئر سروس:
هن مهر جي لکت جي هيءَ پڙهڻي مقرر ڪئي آهي: ان-
اِل
(AN)-il
راجا جيڪو گڏ ٿيل
(assembled)
جاتين
(clans)
کي ڪَٺو ڪري ٿو
(gathers)
(1992: 129).
هن ڀڃڻيءَ ۾ هڪ قسم جو اندروني اتفاق موجود آهي،
جيڪو اسان کي ڪرشن راء ۽ پريانائڪ جي قائم ڪيل
پڙهڻين ۾ نظر اچي رهيو آهي. هڪ اهم مثال اهو آهي
ته هن مهر جون پڙهڻيون هڪ ٻئي کان مختلف آهن.
اظهار راءِ جي هن وسيع دائري ۾ سوامي شنڪر آنند جي
پڙهڻي به موجود آهي. پڙهڻين ۾ اتفاق انهيءَ ڪري نه
آهي جو ٻين لکتن جي پڙهڻين ۾ پڻ اتفاق راءِ موجود
نه آهي. اهڙو اختلاف هن لکت جي بنيادي نشانين جي
پڙهڻين ۾ پڻ موجود ڏسجي ٿو.
ٿانو جهڙي هي نشاني آهي،
جنهن کي ميريگي (1934: 217) هنٽر (1934: 27) هيراس
(1953: 67) ۽ فنلئنڊ جا ماهر (پرپولا، ڪوسڪينيمي،
پرپولا، الٽو
a1969:
21) حالت اضافت
(Genitive case)
سمجهن ٿا. گوروف ۽ ڪوروزوف به هن نشانيءَ جو ڪارج
ساڳيو سمجهن ٿا (1969. ڏسو پڻ ايڇ. سي. پانڊي
1970: 3). جڏهن ته فيئر سروس (1992: 173) هن
نشانيءَ کي ضمير واحد غائب جو اعزازي لقب سمجهي
ٿو.
(2) تير جهڙي هن نشانيءَ کي
ميريگي، حالت فاعلي تصور
ڪري ٿو. هنٽر
هن نشانيءَ جي پڙهڻي پپر جو وڻ مقرر ڪئي آهي، جيڪا
حالت اضافت جي نشاني آهي. (1934: 105). سويت ماهرن
به ذري گهٽ اها ئي پڙهڻي ڏني آهي. گوروف ۽ ڪوروزوف
هن نشانيءَ کي ’حالت عام‘ (Oblique
Case)
جي پڇاڙي
(suffix)
سمجهن ٿا (1969. ڏسو پڻ ايڇ. سي پاندي (1970: 3)،
فنلئنڊ جي ماهرن جو خيال آهي ته اها نشاني حالت
جري
(Dative Case)
جي آهي. (پرپولا، ڪوسڪينيمي،
پرپولا، الٽو
a1969:
22)، جڏهن ته فيئر سروس جي راءِ ۾ هن نشانيءَ جي
معنيٰ
آهي ’طاقتور ٿيءُ‘
Be-(powerful)
جنهن جو اچار ’ضمير واحد غائب‘ جهڙو آهي.
(3) ’ماڻهوءَ‘ جهڙي نشانيءَ کي ميريگي ’بي لچڪ
ماڻهو‘
(stock man)
سمجهي ٿو (1934: 266). هنٽر (1934: 105) لاءِ هي
نشاني فقط ’ماڻهو‘
(man)
آهي. گوروف ۽ ڪوروزوف هن نشانيءَ کي ’ماڻهو‘ لفظ
جي پڇاڙي
(determinative)
سمجهن ٿا. ساڳئي وقت اهو به تصور ڪن ٿا ته اهو
لفظ، جنس مذڪر جي پڇاڙي
(suffix)
جي لاءِ لفظي جوڙ جڪ ڪري ٿو (1969- ڏسو پڻ ايڇ.
سي. پانڊي 1970: 4)، فنلئنڊ جا ماهر (پرپولا،
ڪوسڪينيمي، پرپولا، الٽو
a1969:
22) هن نشانيءَ کي مذڪر جنس جي حد کي متعين ڪرڻ جي
علامت
(marker)
تصور ڪن ٿا، جڏهن ته فيئر سروس هن نشانيءَ کي راڄ
يا راجا)
(ruler
سمجهي ٿو (1992: 153).
(4) ڦڻيءَ جهڙي هيءَ نشاني هنٽر
لاءِ ’حرف جر‘
(Pre-position)
آهي ۽ اُن جي پڙهڻي ’کان‘ آهي (هنٽر 1934: 113).
پرپولا ۽ ڪوسڪينيمي پرپولا ۽ الٽو، هن نشاني کي
جنس مونث جي علامت سمجهن ٿا (a1969:
23). گوروف ۽ ڪورو زوف لاءِ مفعولي حالت جي متعين
ڪندڙ علامت
(maker)
آهي. (1969- ڏسو ايڇ. سي. پانڊي 1970: 4). فيئر
سروس (1992: 177) هن نشانيءَ جي پڙهڻي ’جي ملڪيت
آهي‘
(belongs to)
يا ’هن جو نشان‘
)
(his mark
مقرر ڪري ٿو.
(5) مزدور جهڙي هن نشاني کي
پرپولا، ڪوسڪنيمي، پرپولا، ۽ الٽو، ’جمع صيغي‘ جي
حد جي تعين ڪندڙ علامت
(Marker)
سمجهن ٿا (a1969:
22). گوروف ۽ ڪورو زوف هن کي هڪ جدا لفظ تصور ٿا
ڪن ۽ ’بچائيندڙ ديوتا‘ يا ’بچاءُ‘ پڙهڻي مقرر ڪن
ٿا (1969- ڏسو ايڇ. سي. پانڊي 1970: 4)، جڏهن ته
فيئر سروس هن نشانيءَ کي ’پهريدار‘
(watch man)
سمجهي ٿو (1992: 153).
جيڪڏهن هر هڪ ماهر جي پڙهڻيءَ کي هن ڪتاب ۾ شامل
ڪبو ته پڙهڻين جو هڪ ڊگهي لانڍ ٿي ويندي. پر هن
نڪتي کي نروار ڪرڻ لاءِ مختصر نشانين جي چونڊ ڪئي
وئي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هڪ جهڙين
نشانين لاءِ به محققن جي اتفاق راءِ نه آهي، تنهن
ڪري اها پڪ ڪانهي ته انهن جي تحقيقي ڪم جي گڏيل
مطالعي وسيلي ڪنهن ڀڃڻي معلوم ٿيڻ جو امڪان آهي؟
هن مقصد کي حاصل ڪرڻ واسطي آخر ڪهڙيون تبديليون
ڪرڻ گهرجن؟
مستقبل ۾ ٿيندڙ تحقيق لاءِ سوچ ويچار ۽ ڀڃڻيءَ جي
پرکڻ جي ضرورت:
سنڌو-
لکت تي تحقيق ڪرڻ واسطي مشترڪ بنيادن جو هڪ سٺو
موقعو موجود آهي. هن تحقيق جي ڪجهه ٻين موضوعن کان
واقف ٿيڻ جو پڻ مناسب وقت آهي، جيڪي پڻ دلچسپي
رکندڙ لائق محققن جو سنڌو-لکت جي بنيادي تحقيق
لاءِ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا.
مشترڪ بنياد
(Common Ground):
ڪئمل زويلبل (a1970:
159) ڪي اهڙا خيال پيش ڪيا آهن، جن جي پوئواري ڪرڻ
نهايت لازمي آهي. هن جي پيش ڪيل خيالن سان گڏ مان
به پنهنجي طرفان ڪي مشترڪ بنياد ڏيئي رهيو آهيان.
(1) سنڌو-لکت کي ساڄي کان کاٻي طرف پڙهڻ گهرجي
(مهرن واري لکت کي کاٻي کان ساڄي پاسي ۽ انهن جي
پٺيل نشانن کي ساڄي کان کاٻي طرف پڙهڻو پوندو).
(2) لکت جي هن نظام ۾ ڪي سلسلا کاٻي کان ساڄي طرف
به ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪي سلسلا هر- اوڙ
(boustrophedon)
طرز تي به آهن.
(3) هن لکت کي پڇاڙيون
(suffixes)
آهن، پر اڳياڙين
(prefixes)
۽ وچياڙين واري خاصيت ڪانهي.
(4) هيءَ لکت ’هڪ نشاني هڪ پد‘
(Logosyllalic)
جو نادر نمونو آهي. زويلبل پنهنجي پوئين دور واري
تصنيف ۾ ڀڃڻيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ متفق بنياد
واسطي انهن ئي نڪتن تي زور ڏنو آهي. ان سان گڏ هن
ڪن ٻين ڳالهين جو به اضافو ڪيو آهي، جيڪي لکت جي
هن نظام سان ٺهڪي نٿيون بيهن، جن کي مختصر ڪري هيٺ
ڏجي ٿو (1990: 96-97).
(1) سنڌو-لکت جي نشانين جي مڪمل تعداد مان پتو پوي
ٿو ته هيءَ الف - ب يا نيم الف - ب واري لکت نه
آهي.
(2) سنڌو-لکت،
ٻيءَ يا ٽين سهس ق. م جي ڪنهن ٻيءَ قديم لکت سان
ويجهڙائپ نه ٿي رکي، پر هن جهڙيون ساڳيون ڳالهيون
قديم ايلمي
(Proto-Elamuite)
لکت ۾ موجود ڏسجن ٿيون.
(4) هن خانن
(grids)
اندر جيڪي حقيقتون بيان ڪيون آهن، سي ڀڃڻيءَ وسيلي
ايڏيون سگهاريون نه آهن.
(5) سنڌو-لکت کي انڊو-يورپين ٻولي جي شڪل صورت ۾
ان ڪري لکي نه ٿو سگهجي جو هن ۾ اڳياڙيون
(prefixes)
۽ پڇاڙي
(suffixes)گرداني
پڇاڙيون
(Euflecteanal endings)
نه آهن.
(6) سنڌو-لکت اولهه ايشيا جي تحرير جهڙي صورت ان
ڪري ٿي نه ٿي سگهي- جو نذر
(Attribute)
سان لاڳاپيل عبارت، فاعلي صفت پڇاڙيءَ ۾ موجود
آهي، پر پروٽو-ايلمائيٽ لکت جو هن سان ڪجهه تعلق
نظر اچي ٿو.
(7) هن ڳالهه جي پڻ تصديق ڪا نه ٿي آهي ته
سنڌو-لکت جون پڇاڙين واريون عام نشانيون جهڙوڪ:
ٿانو ۽ تير جهڙيون نشانيون) حالت اختتامي
(case ending)
آهن ۽ صرفي نحوي پڇاڙين
(grammatical suffixes)
جي نمائندگي ڪن ٿيون.
(8) سنڌو- لکت جي ڪنهن تجويز ڪيل ڀڃڻيءَ کي صحيح
ثابت ڪري نه ٿو سگهجي (زويلبل 1990: 7-96).
ڌيان ڏيڻ جوڳا اهم مسئلا: تحقيق لاءِ قائم ڪيل
مفروضا:
ڪي محقق، سنڌو-لکت جي کوجنا بابت هن پنجن نڪتن تي
متفق آهن.
(1) سنڌو-
لکت جي ٻولي، قديم ايلم واري دراوڙي ٻولي آهي،
جنهن جو واسطو اُتر واري قديم دراوڙي ٻوليءَ سان
به هو. دراوڙي ٻولين جا ماهر اهڙن لاڳاپن جي هجڻ ۽
نه هجڻ جي تصديق ڪري سگهن ٿا (زويلبل 1990: 97).
(2) سنڌو-لکت جي ڪن محققن، معمي واري اصول کي پڻ
آزمائي ڏٺو آهي. زويلبل جي نقطه نظر موجب ڀڃڻيءَ
لاءِ ڪتب آندل هي طريقو به طاقتور آهي (a1970:
195).
(3) ڪن اضافن
(additions)
کي بي معنيٰ سمجهيو ويو آهي. بدليل صورت وارين
نشانين
(allographs)
کي به پنهنجو مخصوص ڪارج آهي، جيڪي ڪنهن صوتي
تبديلي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. ڪن خاص نوعيت جي
پڇاڙين جي استعمال جو پڻ رواج ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڪنهن
منظوم طبقي سان پاڻ ۾ ڪي جڙيل نشانيون به موجود
آهن.
(4) دراوڙي ٻوليءَ جي ’مادن‘
(roots)
۽ اشتقاقي صرفين
(morphemes)
کي هڪ پدائين صوتئي
(monosyllabic phonemes)
۾ بدلائي سگهجي ٿو. ڪڏهن وري صوتيه کي روڪڻ جي
مقصد سان ان جي پٺيان ’اُ‘
U
جو اُچار به هوندو آهي، جيڪو اڻ پدائون
(non-syllalsic)
به ٿيندو آهي (زويلبل 1970: 195).
(5) اراواٿام مهاديوان جي سنڌو-لکت جي گهاڙيئي جي
تجزبي
structural analysis))
بابت ڪيل ابتدائي ڪم ۾ طريقه ڪار جي هڪ بنيادي
خوبي موجود آهي جنهن ۾ معمي وارو اصول ڪتب آندل
آهي ۽ ڀڃڻيءَ واري مقصد کان آزاد آهي. سنڌو-لکت جي
ڀڃڻيءَ جي مقصد سان هنن ٻنهي قسمن جي پيش رفت کي
هڪ ئي وقت آزمائڻ کپي ۽ اهڙيءَ ڳالهه جي انتظار ۾
رهجي ته انهن ٻنهي طريقن سان حاصل ڪيل نتيجا ڪهڙي
جاءِ تي اچي پاڻ ۾ ملن ٿا (زويلبل 1990: 97
مهاديوان جي اختيار ڪيل طريقه ڪار تي ڪيل تبصرو).
اهو تحقيق جي لاءِ قائم مفروضن جو سلسلو آهي، جن
جي اڻ ڌري کوجنا وسيلي تصديق ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن
سنڌو لکت جي تحقيق واسطي پروگرام سان لاڳاپيل
مناسب ماحول
(
(programmatic environment
ملي وڃي ته پوءِ تصديق ٿيل سلسلي کي سائنس جي روز
مره واري اصول جيان هن لکت جي تحقيق واسطي ڪم
آڻجي.
سائين-لسٽ تي گڏيل اتفاق هئڻ جي صورت آهي:
محققن جو سنڌو-لکت جي نشانين جي تعداد تي به اتفاق
نه آهي. حقيقت اها آهي ته جن عالمن هن لکت تي ڪم
ڪيو آهي تن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته هن لکت
جون نشانيون ۽ خوبيون اهڙيون آهن، جن مان پڪ ٿي
وڃي ٿي هن لکت جي هڪ نشاني هڪ پد جي نمائندگي ڪندي
هئي، يعني اها
(Logosyllable)
نوعيت جي هئي. هن لکت جون گهڻيون نشانيون الف- ب
جي خاصيت واريون آهن ۽ ڪجهه ٿوريون آهن، جيڪي چيني
نشانين جيان پرايون
(Logo syllalic)
آهن، پر هنن عالمن ۾ هن لکت جي ڪن اهم بدليل صورت
وارين نشانين
(variables)
لاءِ گڏيل اتفاق موجود نه آهي. هتي هي سوال ٿو
پيدا ٿئي ته ڪهڙيون نشانيون اصلي ۽ بنيادي آهن ۽
ڪهڙيون نشانيون جڙيل ۽ مرڪب آهن؟ ڪهڙي نشاني فقط
ڪتابن جي انوکي ۽ نرالي طرز آهي، جيڪا بدليل صورت
واريءَ نشانيءَ جهڙي پيئي لڳي؟ ڇا انهن تبديل ٿيل
صورت وارين نشانين ۾ تبديلي ايندي رهي آهي؟ ڇا
موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي هڪ جهڙين نشانين ۾ ڪو فرق
موجود هو يا نه؟
هن قسم جي سوالن تي ترتيب وار بحث، ڪيترن ئي سببن
جي ڪري نهايت ئي اهم آهي. جيڪڏهن هنن سوالن جا
اطمينان جوڳا جواب ملي وڃن ٿا ته پوءِ هڪ اڻ ڌري ۽
صحيح ڀڃڻيءَ واسطي مستند حقيقتون ملي وينديون ۽
نشانين جي سڃاڻپ سندن شڪلين جي آڌار تي ٿي ويندي،
يعني سندن اهڙي سڃاڻپ تصويري خوبين پٽاندر هوندي.
جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر بنيادي نشانين جو پتو پئجي
ويو ته پوءِ اضافا ڏيئي بنايل صورتن وسيلي، نشانين
جي خبر ڏاڍي سولائيءَ سان پئجي ويندي، ۽ انهن جو
تعين ۽ معنيٰ ڪڍڻ به سهنجو ڪم ٿي ويندو. ان سان گڏ
هن ڳالهه جو به پتو پئجي ويندو ته نشانين ۾ ڪيل
اضافن کي ڪا معنيٰ يا ڪو مفهوم آهي يا نشانيءَ جي
فقط ’ڪتابتي‘ ڦير گهير آهي، يا ساڳيءَ نشانيءَ جي
هڪ انوکي طرز آهي. هاڻي ته وايو منڊل ڏاڍو چڱيرو
ٿي ويو آهي، جو هر هڪ محقق بنيادي نشانين لاءِ
پنهنجا اندازا قائم ڪري رهيو آهي، ۽ تبديل ٿيل
صورت وارين نشانين کي سڃاڻڻ جي به دعويٰ ڪري رهيو
آهي. پتو نه آهي ته سندن دعوائون غلط آهن يا صحيح،
پر علم جي اصلي ماهيت جي نقطه نظر کان اهڙيون
دعوائو فقط اعلان ئي هونديون آهن، جن جو 99.9
اجاين اندازن تي مبني هوندو آهي.
پر هن تنقيدي جائزي ۾ هڪ ڳالهه کي مستنثيٰ قرار
ڏيڻ گهرجي. جڏهن اراواٿام مهاديوان سنڌو-لکت
جي ڪنڪارڊنس (a1977)
تيار ڪرڻ وقت ڪن مسئلن تي ڪم ڪري رهيو هو ته هن
نشانين جي تعداد
(statistical)
۽ لکت جي سلسلي ۾ بيهڪ واري مقرر جاءِ
(positional)
جي آڌار تي، تبديلي صورت نشانين کي تعين ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي. هن جي نقطه نظر موجب جيڪي نشانيون
ڏسڻ ۾ هڪ جهڙيون اچي رهيون هيون ۽ لکت جي سلسلي ۾
انهن نشانين جي ڪارڪردگي به ساڳي هئي، سي تبديل
ٿيل صورت واريون نشانيون هيون، پر جيڪي نشانيون
ڏسڻ ۾ ته هڪ جهڙيون هيون، پر لکت جي سلسلن ۾ سندن
ڪارڪردگي مختلف هئي ته اهي نشانيون هڪ ٻئي کان
مختلف هيون. هي هڪ اهڙي ڪم جو ابتدائي مرحلو آهي،
پر پوءِ به هڪ بهترين پيش رفت ٿي آهي. ڪنهن
اطمينان جوڳي نتيجي تائين پهچڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ
تحقيق جي ضرورت آهي. سندس پيش ڪيل حقيقتن مان
معلوم ٿو ٿئي ته هو ڪيترين ڳالهين ۾ فيئر سروس
(1992: 82) جي قائم ڪيل اصول سان اختلاف راءِ رکي
ٿو.
هن صورتحال مان هيءَ حقيقت معلوم ٿي ويندي ته
جيتوڻيڪ سنڌو-لکت
جو نظام، ’تصويري‘
(Picto graphic)
آهي، پر پوءِ هن لکت جون نشانيون هتي جي شين جي
نمائندگي نٿيون ڪن. مثال طور مڇيءَ جهڙي نشاني
(fish sign)
آهي جيڪا فيئر سروس جي خيال موجب مڇي جهڙي نشاني
نه آهي، پر اها ’ڳنڍ‘
(knot)
جي نمائندگي ڪري ٿي. فيئر سروس
پنهنجي نقطه نظر ۾ صحيح آهي يا غلط تنهن جو پتو نه
آهي، ڪير ڇا چوندو؟ ڪير جاچي پرکي سگهندو؟
ٻين
نشانين جي سڃاڻپ بابت به آخر ڇا چئجي؟ ڇا تير
جهڙيءَ هي نشاني واقعي تير جي نمائندگي ڪري
رهي آهي؟، يا ’ڏڦو‘
(Spear)
آهي يا لٺ جي چوٽيءَ تي ٽڪنڊو رکيل آهي؟ يام تير
جهڙين مختلف نشانين جو
پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ اهڙا يا ڪي ٻيا سوال اسان
جي سامهون ان وقت ايندا آهن، جڏهن اسان سنڌو-لکت
جي ڀڃڻيءَ لاءِ هن جي نشانين کي سڃاڻڻ واسطي
پهريون قدم کڻڻو پوندو. هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ
اهڙيءَ هر نشانيءَ جو انفرادي طور گهرو اڀياس ڪرڻ
لازمي آهي، جيڪا شايع ٿي چڪي هجي، تنقيدي جائزي
مان به گذري چڪي هجي ۽ ترميم ۽ تبديليءَ لاءِ به
کليل هجي. توڙي جو هيءُ ساڳيءَ ڳالهه جو ورجاءَ
آهي، پر پوءِ به مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڪڍيل
نتيجا اهڙا هئڻ کپن، جن جي محقق پنهنجي علم ۽ عقل
سان تصديق ڪن، ۽ کليءَ دل سان مڃين، ۽ کين جڳائي
ته اهڙي ڀڃڻيءَ کي پيشه ورانه طور تسليم ڪن.
هن لکت جو، منجهس موجود مختلف نقطه نظر موجب اڀياس
ڪرڻ لازمي آهي:
فيئر سروس اُهو اڪيلو محقق آهي جنهن سنڌو-لکت جو
فقط سنڌو- سڀيتا جي پس منظر ۾ اڀياس ڪيو آهي (b1983،
1984، 1992). منهنجو هي بيان ڪنهن دليل کان سواءِ
آهي ته جڏهن مان قديم آثارن سان اڻ لاڳاپيل ماڻهن
سان مخاطب ٿيندو آهيان ته مٿي بيان ڪيل حقيقت کي
غير اهم سمجهندو آهيان، پر اها پنهنجي جاءِ تي
نهايت ئي اهم حقيقت آهي. اسان لاءِ ضروري آهي ته
سنڌو-لکت کي سنڌو-سڀيتا جي وسيع حوالن مطابق سمجهڻ
جي ڪوشش ڪريون. هي معاملو، اصول
(theory)
۽ عمل
(practice)
سان هڪ جهڙو واسطو رکي ٿو. فيئر سروس هن ڳالهه تي
زور ڏئي ٿو ته دراوڙي ٻولين جا عالم، پنهنجي طرفان
لغت جوڙي هن ٻوليءَ جي نئين تشڪيل
(reconstructions)
ڏين، جيڪا قديم آثارن جي ماهرن جي ضرورت مطابق
هجي، جنهن ۾ اهڙا دراوڙي لفظ هجن جيڪي سنڌو- سڀيتا
جي ثقافتي شين جي نمائندگي ڪندا هجن، (هن اهڙن
لفظن جي هڪ فهرست پيش به ڪئي آهي). هي سندس ٻيو
منفرد خيال آهي جيڪو ڌيان ڏيڻ جوڳو آهي (زويلبل
1990: 93). حقيقت اها آهي ته زويلبل ۽ آءٌ انهي
خيال جا پرجوش حامي آهيون ته فيئر سروس جي تحقيق
اندر موجود مختلف جزن سان ٺهيل هن لکت وارو نظريو
طاقتور آهي (زويلبل 1990: 93، 97). بي.بي.لال ۽
بي.ايم.پانڊي کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي محققن اهڙيون
ڏاهپ واريون ڳالهيون ڪو نه ڪيون آهن.
سنڌو-لکت، مختلف ثقافتي شين جهڙوڪ همچورس مهرن ۽
ٺڪر-ٿانون تي لکيل ڏسجي ٿي. هيءَ لکت نه رڳو وسيع
سنڌو-ماٿريءَ جي وڏن شهرن کان وٺي ننڍڙن ڳوٺن
تائين موجود آهي، پر سنڌو- سڀيتا جي حدن کان ٻاهر
شطالعرب ۽ ميسوپوٽئميا ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن لکت
جي رنگارنگي ۽ گوناگونيت کي مکيه ٻه خاصيتون آهن:
(1) لکيل شين جو قسم، (2) اهڙين شين جو حاصل ٿيڻ
جاگرافيائي حوالا. هن ڳالهه جو به امڪان آهي ته
سنڌو ماٿريءَ جي ٺپي جي مقصد لاءِ ٺاهيل هڪ سڱئي
ڍڳي واري مهر تي لکيل پيغام ۽ ٻيون شيون، ٽامي جي
ٽڪين، هڙپا جي ننڍين مهرن ۽ ٽامي جي ٻين شين تي
لکيل پيغامن ۾ فرق هجي. جيڪڏهن اها حقيقت ائين آهي
ته پوءِ اهڙي فرق کي نشانين جي تعداد جي اَڀياس ۾
ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ڀڃڻيءَ واريءَ ڪوشش ۾ هن لکت
کي غير متفرق تحرير سمجهڻ نه کپي. ڇاڪاڻ ته هن
لکت، پنهنجي پيغامن پهچائڻ لاءِ مختلف وسيلن
(media)
کي ڪتب آندو آهي. هيءَ لکت نار ۽ ميسوپوٽئميا مان
به هٿ لڳي آهي. جتي جي لکت پڙهجي چڪي آهي. هن
حقيقت مان اها شاهدي ملي ٿي ته سنڌو لکت پنهنجي
جاگرافيائي پس منظر اندر پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي.
هيءَ دعويٰ ڪئي وئي آهي، پر ان کي ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪا نه ڪئي وئي آهي ته سنڌو- لکت هن ترقي
يافته حيثيت تي ارتقائي مرحلا طئي ڪري ڪا نه پهتي
آهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي مهرن ۽ قيمتي پٿر واري لکت
جا ابتدائي مرحلا نظر نه ٿا اچن ۽ اها حقيقت به
آهي. معلوم ٿو ٿئي ته اهڙا نتيجا غير پخته ۽ تڪڙ ۾
ڪيل آهن. جرمنيءَ جي هڪ محقق گروهه کي موهن جي دڙي
جي کوٽائيءَ مان قديم آثارن سان لاڳاپيل ڪي
حقيقتون پڻ هٿ لڳيون جيڪي سنڌو- لکت جي تحقيق لاءِ
اهم معلوماتي مواد فراهم ڪري سگهن ٿيون، ۽ اهي
انهن حقيقتن جهڙيون ئي اهم آهن، جيڪي پٿر تي ٿيل
لکت جي تصويري نشانين کي انهن ثقافتي شين سميت الڳ
ڪري سگهن ٿيون، جن جي اهي نمائندگي ڪري رهيون آهن.
مٿي بيان ڪيل ڪم کي ڪيترائي مثال ڏيئي سمجهائي
سگهجي ٿو. پهريون مثال بي. ايم پانڊي جي ٻن مثالن
تي مشتمل آهي. هن جو ٽامي جي ٽڪين ۽ پٿر واري مقرر
مواد تي ڪيل تجزيو (1983، 1989) ۽ انفرادي نشانيءَ
جي ارتقا تي سندس لکيل اندازن ۽ تخمينن تي ٻڌل
مقالا (پانڊي 1974).
ٻيو مثال، فرئنڪي وو (1983-1989) جو آهي، جنهن
موهن جي دڙي مان هٿ آيل پٿر جي چوڙين تي ٻه بهترين
مقالا پڙهيا هئا. ان کان سواءِ هن پنهنجي ڊاڪٽريٽ
لاءِ لکيل مقالي (فرئنڪي وو 1990) ۾ هن موضوع تي
تمام گهڻي روشني وڌي آهي. فرئنڪي وو جو 1989 وارو
ڪجهه احوال تفصيلي آهي ۽ ان جو مطالعو ڪرڻ نهايت
ضروري آهي. ان جو اختصار هن ريت آهي ته جرمن
پروجيڪٽ ۽ اٽليءَ جي اسميو
(Ismeo)
تنظيم موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا جو ڪم گڏجي
شروع ڪيو هو. انهيءَ کوٽائيءَ دوران پٿر جون
چوڙيون هٿ آيون هيون، جيڪي جرمن ماهرن جي توجه جو
مرڪز بڻجي ويون هيون، جن جي ٺاهڻ جي مرڪز جا نشان
مٿاڇري جي ويجهوئي کين ملي ويا هئا. مذڪوره
چوڙيون، ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان تيار ڪيون ويون
هيون، جن مان ڪن جو رنگ ڪارو ۽ ڪن جو ناسي هو. ڪن
کي ته لسائي چڪمايو ويو هو. سندن استعمال جدا جدا
ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڪي چوڙيون ته سونهن ۽ سينگار جي
مقصد سان جوڙيل ٿي نظر آيون، پر ڪي اهڙيون به
هيون، جن کي چوڙين ٺاهڻ لاءِ مدد طور ڪتب آندو ٿي
ويو (حليم
(Halium)
۽ وڊيل
(Vidale)
1983). فرئنڪي-ووٽ
(Franke-Vogt)
لکيو آهي ته سترهن چوڙين تي سنڌو-لکت جي هڪ نشاني
نظر اچي ٿي، يارهن تي ٻه نشانيون، چئن تي ٽي
نشانيون، ٻن تي چار نشانيون ۽ ڊگهيءَ لکت ۾ پنج
نشانيون آهن. اها ساڳي لکت ٻين ٻن چوڙين تي پڻ
موجود آهي (1989: 237). اڪيلي نشانيءَ کان سواءِ
چوڙين تي نظر ايندڙ ٻيون لکتون تمام گهٽ تعداد ۾
ڏنيون ويون آهن. سندس تيار ڪيل ٽيبل نمبر 3 (1989:
241) ۾ هڪ لکت موجود
آهي، جيڪا ٽي ڀيرا نظر اچي ٿي، جڏهن ته پنجن
نشانين واريون لکتون هن ريت آهن ۽ (هن قسم
جي حقيقتن کي ميڙي چونڊي منظم نموني سان گڏ ڪرڻ
جون ڪوشش ساراهڻ جوڳيون آهن. انهن چوڙين تي آخر
لکيل ڇا هوندو؟ امڪان آهي ته نالو لکيل هجي؟)
صفائيءَ دوران،
HR
ايراضيءَ جي هڪ ڪسيءَ مان مهر جو هڪ ٺپيل نشان هٿ
لڳو، جيڪو بلاڪ نمبر 8 گهر نمبر
X،
124 (فرئنڪي ووٽ 1989: 237) مان مليو هو ۽ اهو به
هن کوٽائيءَ جي پروجيڪٽ ۾ دريافت ٿيو هو. (ڏسو
Figure 24
نمبر 1). ڪنجهي جي ڇرين تي به اها ساڳي لکت موجود
آهي (7535-DK
۽ 7814-DK)
۽ ڀڳل مهر (DK10551-
مئڪي 38-1937-پليٽ
Lxxxv-
نمبر119). اهي سڀ لکتون موهن جي دڙي مان مليون
آهن.
فرئنڪي – ووٽ، پنهنجي مختصر مقالي ۾ ڪي ڇرڪائيندڙ
نتيجا نه ڪڍيا آهن، پر هن ڪي محدود حقيقتون بيان
ڪيون آهن، جن جو واسطو پٿر سان لاڳاپيل مختلف قسم
جي مواد ۾ موجود هڪ جهڙائي آهي. ان سان گڏ هن ساري
مواد کي هڪ منظم نموني سان سهيڙيو ۽ مرتب ڪيو آهي
سندس ڪيل اهڙي جاکوڙ تعريف لائق آهي.
تجويز ڪيل ڀڃڻيءَ لاءِ اڻ ڌري پرک جي ضرورت آهي:
هي سوال نهايت اهم آهي ته ڀڃڻيءَ جي دعويٰ جي صحت
کي ڪهڙي طريقي سان جاچي پرکي ڏسجي. ان مقصد لاءِ
لکت جو اهڙو ڪو نمونو هجي، جنهن جو واسطو ٻه-
ٻوليائي لکت
(bilingual)
سان هئڻ کپي. ان جي هڪ پاسي سنڌو-لکت جو متن هجي ۽
ٻئي طرف تي اهڙي قديم لکت هجي، جيڪا پڙهي وئي هجي
(پروٽو، ايلمائيٽ اڃاتائين پڙهجي ڪا نه سگهي آهي).
جيڪڏهن اهڙي پرک ممڪن نه آهي ته پوءِ اهو ڏسڻو
پوندو ته تجويز ڪيل ڀڃڻي ۽ لکت جي متن ۾ موجود
شمارياتي حقيقتون، نشانين جي ڳڻپ
(counts)،
نشانيءَ جو متن ۾ بيهڪ واري جڳهه جو نمونو ۽
نشانين جو ميلاپ، جهڙوڪ: جوڙيون
(Pairings)
وغيره پاڻ ۾ ٺهڪي بيهن ٿيون يا نه؟ ٻه- ٻوليائي
پرک جي عدم موجودگيءَ ۾ فقط هن ڳالهه تي ڀاڙڻو
پوندو ته ڀڃڻي بامعنيٰ آهي يا نه؟، يا اُن جو
نمونو ڀڃڻيءَ جي هم آهنگ، بااصول ۽ موافق هجي، پر
بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته قائم ڪيل مفروضا ۽
نظريا، صحيح ۽ بليغ مفهوم کي ڌوڪي سان ڍڪي ڇڏيندا
آهن.
نتيجن بابت اظهار خيال:
اهو سولائي سان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو-لکت
جي ڀڃڻيءَ سان لاڳاپيل کوجنا ۾ هر محقق اٻهرائي
سان ڪم وٺي رهيو آهي، تنهن ڪري جن به عالمن هن لکت
جي ڀڃڻيءَ واري کيتر ۾ پير پاتو آهي، اهي پنهنجي
ئي ڪيل تحقيق جي سرڪڻ ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيا آهن.
ڇاڪاڻ ته هنن هڪ ابتدائي مفروضو قائم ڪري تڙ تڪڙ ۾
نتيجن ۽ اهڙين ڀڃڻين تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن
۾ بحث جي وڏي گنجائش موجود هوندي آهي. اهڙين
ڳالهين مان هيءَ حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته ڌيرج ۽
نهٺائي سان ڪيل سنڌو- لکت جي اندروني ڪارڪردگيءَ
بابت تحقيق، جيڪا سنڌو- سڀيتا جي وايو منڊل کي
چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ مدد ڪري، ان کي ته محققن اصل هٿ
ئي ڪونه لاتو آهي. سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي پروگرام
واسطي خاص قسم جي طريقه ڪار ۽ توريل تڪيل نقطه نظر
۾ محققن جي گروهه ۾ گڏيل ڪم جو جوش جذبو موجود
هوندو ته هن اهم موضوع تي صحيح نموني سان اڳتي وڌڻ
جا ڪافي موقعا موجود آهن. موجوده دور جو هر محقق،
پنهنجي سر نهايت تيز رفتاريءَ سان هن قسم جي
تحقيقن ۾ رڌل آهي ۽ پنهنجن دوستن جي ڪيل کوجنا
ڏانهن اک کڻي به نه ٿو ڏسي. تحقيق هڪ گڏيل جو
معاملو هوندو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي
عالم، ٻين محققن جي نتيجن تي ڪيل تنقيدي جائزي
پڙهڻ کان به پري پيا ڀڄندا آهن، پر اهڙن محققن جو
تعداد تمام ٿورو آهي، سندن ڪتابن ۾ اهڙيون ڳالهيون
نظر ڪو نه اينديون ته ٻيا محقق هن موضوع تي ڪيترو
اڳتي وڌي چڪا آهن.
هيءَ هڪ تلخ حقيقت آهي جيڪا هن تبصري ۾ به موجود
نظر ايندي ته جيئن ته سنڌو-لکت تي اصلي ۽ حقيقي
تحقيق تمام ٿورڙي ٿي آهي. تنهن ڪري صحيح پروگرام
وارو نقطه نظر موجود ئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تعجب جي
ڳالهه اها آهي ته سنڌو-لکت کي اڃا تائين ڪنهن
سمجهيو ئي نه آهي. هر هڪ محقق جي ڪوشش اها هوندي
آهي ته هو نهايت تيز رفتاريءَ سان وڃي جام مفرس
(The Grail)
وٽ پهچي. اهو ناممڪن هوندو آهي جو اهڙيءَ
اٻهرائيءَ ۾ ڪيل ڪم يا ڪنهن تحقيق کي، اڳتي وڌڻ
لاءِ هڪ آڌار طور استعمال ڪجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ
قسم جو تحقيقي ڪم عجيب ۽ غريب نوعيت جو هوندو آهي.
فيئر سروس جي هن بيان سان اتفاق ڪري نٿو سگهجي ته
مون کي پڪ آهي ته هنن ڪوششن ڪري سنڌو-لکت جي مڪمل
ڀڃڻيءَ جي صحيح رستي سان لڳي پيا آهيون. (فيئر
سروس 1992ع مهاڳ) سندس هي خيال اصل حقيقت جي خلاف
آهي. هي تبصرو ڪندي ڏاڍو ڏک به ٿئي ٿو ته هن لکت
جي نشانين جي ڪنڪارڊنس ٺاهڻ واري هنٽر جي کوجنا
(1929ع) کان اڳتي هڪ وک به اڳتي وڌائي ڪو نه سگهيا
آهيون. |