ڇپائيندڙ پاران
سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي قديم ترين ٻولين ۾
ٿئي ٿو. برصغير ۾ جتي سنڌي علم و ادب جي هاڪ آهي،
ته اُتي سنڌي ٻوليءَ کي قدامت جي حوالي سان پڻ
اهميت حاصل آهي. اِهوئي سبب آهي، جو پرڏيهي عالمن
مان واٿن
(Wathan)،
اسٽيڪ
(Stack)،
ايسٽوڪ
(Estvick)،
ليچ
(Leech)،
برٽن
(Burton)،
ٽرمپ
(Trumpp)،
گولڊ سمڊ
(Goldsmid)،
گريئرسن
(Grierson)
۽ ٻين لسانيات جي ماهرن پنهنجي مضمونن ۽ ڪتابن ۾
سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد متعلق مفيد معلومات مهيا
ڪئي آهي. انهن پرڏيهي اسڪالرن ۽ لسانيات جي ماهرن
مان گريگوري ايل. پوسيل به هڪ آهي، جنهن سنڌي
ٻوليءَ جي قدامت ۽ ان جي بُڻ بڻياد متعلق قابل قدر
مواد پنهنجي ڪتاب
"Indus
Civilization And Its Script"
۾ شامل ڪيو آهي.
هيءُ ڪتاب سنڌو- لکت بابت اهم ۽ تاريخي دستاويز جي
حيثيت رکي ٿو. هِن ڪتاب ۾ گريگوري ايل. پوسيل
پنهنجي استاد والٽر اي. فيئر سروس جي لکيل ڪتاب
"The
Harappan Civilization and its writing"
۾
سنڌو لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪن دعوائن خلاف
پنهنجي ڪيل اعتراضن جي وضاحت ڪئي آهي. پر ان کان
به اهم ڳالهه اِها آهي ته، هِن ڪتاب جا ڪي باب
پٿرن تي نظر ايندڙ سنڌو- لکت تي وڏي ڄاڻ فراهم ڪن
ٿا ۽ ان کانسواءِ سنڌو- لکت جي طريقيڪار بابت
اتفاق راءِ کي نظر ۾ رکي، موجوده دؤر تائين مليل
معلومات ۽ هن لکت کي مڪمل طور ڀڃڻ واري ڪم کي اڳتي
وڌائڻ لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ بنيادي ماخذ جي حيثيت پڻ
رکي ٿو.
هن ڪتاب
جي
اهميت ۽ افاديت کي مدنظر رکندي،
سنڌي ٻوليءَ جي سنڌيڪار محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب
وڏيءَ محنت سان هِن ڪتاب جو سولي سنڌيءَ ۾ ”سنڌو
سڀيتا ۽ اُن جي لکت“ جي نالي سان ترجمو ڪري بورڊ
جي حوالي ڪيو. جيئن ته هيءُ ڪتاب لسانيات تي مشتمل
آهي، تنهنڪري ان جي تصحيح ڪرڻ لاءِ لسانيات جي
ماهر محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن کي
موڪليو ويو. جنهن انتهائي باريڪ بينيءَ سان هن
ڪتاب تي نظرثاني ڪئي، جنهن لاءِ ادارو سندن احسان
مند آهي.
سنڌو- لکت بابت هيءُ ڪتاب آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾
اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو
آهيان. جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانائتي چيئرمن قبله
مخدوم جميل الزمان صاحب جن جو تهدل سان شڪر گذار
آهيان، جن هميشه منهنجي رهنمائي ڪري، مون کي بورڊ
طرفان اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ
اُتساهيو آهي.
اميد آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش
لسانيات سان دلچسپي رکندڙن ۽ ٻوليءَ جي استادن ۽
شاگردن وٽ مڃتا ماڻيندي.
2- ربيع الثاني 1439هه
21- ڊسمبر 2017ع |
الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري |
مهاڳ
هيءُ ڪتاب، سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي ايجاد ڪيل لکت
بابت منهنجي تازي اتساهه جو نتيجو آهي. سنڌو
تهذيب، هندو- پاڪ جي پهرين شهري معاشرتي ۽ ثقافتي
تهذيب سمجهي ويندي آهي. مون کي منهنجي اُتساهه ۾
ڪجهه آڀار، منهنجي سرڳواسي استاد ۽ دوست، والٽر اي
فيئر سروس (Walter
A Fair Service)
جي شخصيت وٽان به مليو آهي. مان سنڌو- لکت جي ماڊل
ٺاهڻ ۽ ان کي ڀَڃڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جا ٻه ٽي
ڏهاڪا، هن عالم جي اختيار ڪيل راهن تي هلي ختم ڪيا
آهن. مان سندس هن دعويٰ کان متاثر نه آهيان ته هن،
سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي ٺاهيل مهرن ۽ ٻئي لکيل
مواد کي پڙهڻ جي ڪُنجي حاصل ڪري ورتي آهي. سنڌو-
لکت جي ڀڃڻ واسطي سندس اختيار ڪيل طريقه ڪار جي
فائدي ۾ هن جا دليل ڏاڍا وزندار هوندا هئا. هن جي
انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪرڻ سان نت نوان جوش ۽ جذبا
جاڳي پوندا هئا.
مون فيئر سروس ۽ اُن جي پبلشرن کي سندس ڪتاب
’The
Harappan Civilization and its writing(1992)‘
کي ڇپائي پڌري ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي هئي، تنهن ڪري
موٽ ۾ هنن به منهنجي هن ڪتاب ڇاپڻ ۾ مدد ڪرڻ جو
مون سان واعدو ڪيو هو. مون جيڪي به رنڊا روڙيا آهن
سي سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪن دعوائن
خلاف منهنجن اعتراضن جي وضاحت آهي، پر منهنجي خيال
۾ وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته هن ڪتاب جا ڪي
اهم باب، پٿرن تي نظر ايندڙ سنڌو- لکت تي ڄڻ
نظرثانيءَ جي حيثيت رکن ٿا. ان کان علاوه هيءُ
ڪتاب، سنڌو- لکت جي طريقه ڪار بابت اتفاق راءِ کي
نظر ۾ رکندي موجوده دور تائين مليل معلومات جي
يقين ڪرڻ ۽ هن لکت کي مڪمل طور ڀڃڻ واري ڪم کي
اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جاکوڙ جي حيثيت رکي ٿو.
هن ڪتاب جي ببليوگرافي تيار ڪرڻ به محنت جو ڪم هو،
جنهن لاءِ سنڌو- لکت جي مختلف حوالن، سڀيتا جي
پٿرن تي اُڪريل سنڌو لکت سان لاڳاپيل واڌ، قديم
لکتن جي طريقه ڪار ۽ ڀاڃ جي سلسلي ۾ ٿيل ڪوشش جي
نتيجن کي هِتان هُتان ميڙي چونڊي مرتب ڪرڻو پيو.
ببليوگرافيءَ سان لاڳاپيل مواد، پينسلوانيا (Pennsylvania)
يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي شعبي جي پروفيسر،
هئرولڊ ڊبل
(Harold Dibble)
لکيو آهي، جيڪو منهنجي ڏنل ببليوگرافيءَ سان
لاڳاپيل کوجنا ۾ نهايت اهم حيثيت رکي ٿو. اُن قابل
شخص نه رڳو مون کي ببليوگرافي تيار ڪري ڏني هئي،
پر ان کي ڪتب آڻڻ لاءِ قيمتي مشوري سان پڻ نوازيو
آهي جنهن لاءِ آءٌ سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
سنڌو- سڀيتا جي هڪ ببليوگرافي، ڀنڊارڪر اوريئنٽل
ريسرچ انسٽيٽيوٽ، پوني جي ڊاڪٽر آر اي اين ڊنڊيڪر
(R.N.Dandekar)
به 1987ع ۾ تيار ڪئي هئي، جنهن پڻ ببليوگرافيءَ جي
مُنجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ منهنجي گهڻي مدد ڪئي.
هن قسم جي کوجنا ۾ اهڙيون ڏکيون ڳالهيون ضرور آڏو
اينديون آهن.
هن ڪتاب کي ڇپائي پڌري ڪرڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي
دوستن جهڙوڪ: پروفيسر ڪئمل زويلبل (Kamil
Zvelebil)،
بي بي لال (B.B.
Lal)،
برٽن اسٽرن (Burton
Stern)،
پئٽرڪ ڪرچ (Patrick
Circh)،
ارل ليچي (Earle
Leichty)،
جن مان ڪن منهنجي مسودي کي پوري، ڪن ٿوري پڙهڻ کان
پوءِ هن مسودي کي سڌاري لکڻ لاءِ مون کي ڪي اهم
صلاحون پڻ ڏنيون. سندن لک لائق. رچرڊ ميڊو (Richard
Meadow)
به هن ڪتاب تي تبصرو ڪري منهنجي وڏي سهائتا ڪئي
هئي، ان جا به ڪروڙين قرب. مسودي جي پهرين
ايڊيٽنگ، مارگريٽ ايم پف
(Margaret M. Phugh)
ڪئي هئي، جيڪو معمولي ڪم نه آهي. پروفيسر آسڪو
پرپولا پڻ پنهنجي گڏ ڪيل وسيع مواد مان، سنڌو-
سڀيتا سان لاڳاپيل پٿرن تي اُڪريل لکت جا ڪيترا ئي
نمونا منهنجي حوالي ڪيا. آرڪيالاجيڪل سروي آف
انڊيا، نئشنل جاگرافڪ سوسائٽي، پينسلوانيا
يونيورسٽيءَ جي ميوزم ۽ بوسٽن جي فائين آرٽس جي
ميوزم مهرباني، ڪري مون کي گهربل تصويرون ڏنيون؛
نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ جي فوٽوگرافر، جيمس بليئر
(James
Blair)
ته وڏا وڙ ڪيا. سوسائٽيءَ جي ڊاڪٽر جارج اسٽيوئرٽ
(George
Stewart)
انهن تصويرن جي ڪتاب تي مٽيءَ جي بچاءَ کان ڊسٽ
ڪور چاڙهي ڏنو، جنهن جو هن ڪو معاوضو به ڪونه
ورتو. ان ڪري آءٌ سندس گهڻو احسانمند آهيان. ورهين
کان وٺي فيئر سروس، ڊيوڊ مئڪ آلپن (David
Mc Alpin)،
آءِ مهاديوان (I.
Mahadevan)،
بي بي لال، بي ايم پانڊي (B.M.
Pande)،
آرلن زائيڊ (Arlene
Zide)،
فرئنڪلن سائوٿ ورٿ (Franklin
South worth)،
رچرڊ ڪوهين (Rechard
Kohen)،
ڊيوڊ گولڊ (David
Gold)،
ائني ائگي (Anne
Agee)
۽ شين ابراهام (Shinu
Abraham)
سان، سنڌو- لکت بابت خيالن جي گهڻي ڏي وٺ ٿيندي
هئي. هنن عالمن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي سُڄاڻ
ڌرين هن ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، مون
کي اُتساهه ڏنو ۽ پڪ ڪرائي ته مون پنهنجيءَ هن
کوجنا ۾ نهايت صحيح رستو اختيار ڪيو آهي. هنن عظيم
انسانن مون کي ۽ منهنجي هن تحقيقي ڪم کي سنئين دڳ
سان لائڻ لاءِ مون تي اڻ ڳڻيا احسان ڪيا آهن.
جيڪڏهن آءٌ سڌي واٽ ڇڏي وڃي ڪٿي اوجهڙ ۾ پيو آهيان
ته اها منهنجي پنهنجي غلطي ۽ اوڻائي چئبي.
پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مون کي ٻن سالن جي موڪل
ڏيڻ جي مهرباني ڪئي هئي. ان وقت تائين ’انڊس ايج‘
جا چار جلد مڪمل ٿي چڪا هئا. ٻئي سال مسٽر ۽ مسز
ايڇ پوسيل طرفان يونيورسٽيءَ کي هڪ املهه سوکڙي
ملي، جنهن جي مدد سان ’انڊس ايج‘ ڪتاب تحقيقي روپ
ڌاري ورتو. هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ اسڪول آف آرٽس ۽
سائنس اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
گريگوري ايل پوسيل
باب پهريون
سنڌو-
سڀيتا ۽ اُن جي لکت جي
طريقه ڪار جو تعارف
ڪيترن ئي عالمن سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي هام هنئي آهي،
پر سنڌو- سڀيتا جي هيءَ لکت اڃا به اڻ ڀڳل حالت ۾
موجود آهي. هيءَ لکت، سنڌو تهذيب جي پراچين شهرن
جي رهاڪن بابت ’اڻ سليل‘ پروليءَ جيان آهي، جيڪا
گوئٽي (Goethe)
جي شي
(She)
وانگي اڃا به هڪ راز آهي. اسان کي اهڙي معيار مقرر
ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي وسيلي جاچي ۽ پرکي
معلوم ڪري سگهجي ته مقرر ڪيل پڙهڻي صحيح آهي يا
نه؟ اها به هڪ حقيقت آهي ته سڀ ڀڃڻيون هڪ جهڙيون
ڪونه آهن. ائين به چئي سگهجي ٿو ته منجهن گهڻي
ڀاڱي هڪ جهڙائي به ڪانهي. هن تحقيق مان ڪنهن چڱيءَ
ڳالهه جي توقع ڪرڻ گهرجي. اُن سان گڏ اهو خيال به
ذهن ۾ موجود رهي ته سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي لکيل
پيغامن تي هن وقت تائين ڪا گهڻي روشني به ڪانه وڌي
وئي آهي. اڄ تائين ٿيل ڀڃڻين جي دعوائن بابت اهم
مسئلو هيءُ به آهي ته اهڙي اڻ ڌري ڪسوٽي به موجود
ڪانه آهي جو انهن دعوائن کي پڙهي، سچو ثابت ڪري
سگهجي. هڪ منطقي امڪان اهو به آهي ته انهن مان ڪا
نه ڪا ڀڃڻي ضرور صحيح هوندي، پر اسان ان کي صحيح
ثابت ڪرڻ کان قاصر آهيون ۽ اصل مسئلو به اهو ئي
آهي.
سنڌو- لکت جي اڻ ڌُرئي اڀياس جي ضرورت:
سنڌو- لکت، ڪَنجهي واري دور جي قديم سڀيتائن مان
هڪ جي لپي آهي، جنهن کي عالم اڃا تائين ڀڃي ڪونه
سگهيا آهن. هيءَ لکت به ايٽروسڪان (Etruscan)
جي تحرير جيان ڀڃڻيءَ لاءِ للڪاري رهي آهي. جيڪڏهن
ڪي عالم، سنڌو- لکت جي ’ڳجهيءَ علامتي شڪل‘ (Code)
کي ڀڃڻ ۾ سوڀارا ٿيا ته سندن هنڌين ماڳين هاڪَ ٿي
ويندي، پر شرط اهو آهي ته ان کي ڀڃڻ لاءِ واقعي ڪا
ڳجهي ’علامتي شڪل‘ (Code)
آهي به يا نه؟ سنڌو- سڀيتا جي ٻوليءَ يا ٻولين کي
پڙهڻ ۾ ڪاميابي ان ڪري به ڪانه ٿي سگهي آهي، جو
قديم آثارن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن هن ۾ ڪا مناسب
دلچسپي ڪانه ورتي آهي. هن موضوع تي تمام گهڻن
عالمن جاکوڙ ضرور ڪئي آهي، پر هن ڳجهارت جهڙي
علامتي لکت کي دنيا جا عالم اڃا تائين ڀڃي ڪونه
سگهيا آهن، سندن اها مايوسي، دلچسپ ۽ اهم به آهي.
ان ڪري مون محسوس ڪيو ته هن لکت جي ڪن منجهيل
مامرن کان عالمن ۽ عام ماڻهن کي واقف ڪريان. هي
ڪتاب، قديم آثارن جي انهن ماهرن لاءِ لکيو ويو
آهي، جيڪي دنيا جي ڪن پراچين سڀيتائن بابت کوجنا
ڪري رهيا آهن، پر خاص ڪري انهن ماهرن لاءِ جن جي
سوچ جو مرڪز سنڌو- سڀيتا آهي، ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ گهڻ
پاسائين دلچسپي وٺي رهيا آهن، ۽ مختلف ٻولين بابت
کوجنائن ۾ رڌل آهن. اُميد اٿم ته جنهن به ماڻهوءَ
۾ دانشوراڻي تحقيق جي ستي پيل هوندي ۽ هن موضوع ۾
دلچسپي وٺندو هوندو، تنهن لا هي ڪتاب وڏي وٿ ثابت
ٿيندو، پر جيڪي ماڻهو هن موضوع تي ڪچهرين ۾ فقط
ڳالهيون ڪندا آهن تن لاءِ هي ڪتاب ڪاڳرن جو ڍير
آهي.
سنڌو- لکت سان لاڳاپيل ببليوگرافيءَ ۾ اٽڪل هڪ
هزار داخلائون (entrees)
آهن. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته مذڪوره لکت
بابت ڪتابن جي وڏي مجموعي ۾ ڪٿي به هن لکت جي
طريقه ڪار تي ڪا عالمانه گهرائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي
اچي. گهڻو ڪري هن قسم جي ادب ۾ عالمن طرفان ڀڃڻيءَ
جي مقصد سان ڪيل جاکوڙ جو وچور ڏنل هوندو آهي،
ائين به نه آهي. هن لکت جي ڀڃڻيءَ جي موضوع سان
لاڳاپيل ڪي انفرادي تصنيفون به آهن، جن ۾ لکت جي
طريقه ڪار تي ڏاڍي گهرائيءَ سان اظهار خيال ڪيو
ويو آهي، آرلن زائيڊ ۽ ڪئمل زويلبل (1976 ص 2) جو
تصنيفون ان جو مثال آهن. هنن محققن جو تعلق سويت
روس سان آهي، جن لکت جي ڀڃڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه
جاکوڙيو هو، پر ان هوندي به منجهن مٿي بيان ڪيل
ڪجهه اوڻايون به ڏسجن ٿيون. سنڌو لکت جي موضوع تي
لکيل ڪتاب، شخصي جاکوڙ جو نتيجو آهن ۽ منجهن لاڙا
به جدا جدا آهن. ڪي عالم هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ
لاءِ خاص قسم جي ڀاڃ جا ڳولائو رهيا آهن، يا انهن
جو هن لکت بابت هڪ خاص نقطه نظر آهي ۽ ان جو بيان
به اهڙو ڪندا آهن، جنهن مان اختلافي راءِ پيدا
ٿئي.
لکت جي موضوع کان ذهني طور پري هئڻ ڪري، اُن جي هڪ
خارجي قسم جي شڪل پيدا ٿي پئي، جيڪا هن لکت تي
ٿيندڙ بحث ۾ موجود ڪانه آهي. اهو به مناسب ڪونه
ٿيندو ته جنهن به عالم هن لکت تي ڪجهه نه ڪجهه
لکيو آهي، تنهن کي هروڀور لوئجي، پر اها به حقيقت
آهي ته جنهن به عالم هن لکت کي ڀَڃڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، تنهن هن لکت جي طريقه ڪار تي ڀرپور تبصرو
ڪونه ڪيو آهي. هن موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب لکڻ جي
ضرورت هئي، تنهن ڪري هيءُ ڪتاب لکي، مون ان کوٽ کي
پورو ڪيو آهي. هن ڪتاب کي، ’انڊس ايج‘ سلسلي وارن
ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ مناسب سمجهيو ويو، ان ڪري هن
ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ به آساني ٿي پيئي.
سنڌو- لکت جي ڀاڃ ۾ منهنجي ڪا دلچسپي ڪانه هئي، ۽
مون اها ڳالهه ڌيان ۾ رکي، هيءُ ڪتاب ڪونه لکيو
آهي. پڙهندڙن کي به محسوس ٿيندو ته مون هن لکت
جون، دوستن واريون متبادل ’پڙهڻيون‘ به ڪونه ڏنيون
آهن. مون ڀاڃ جي مقصد سان، ڪنهن خاص قسم جي طريقه
ڪار لاءِ ڪا تجويز به پيش نه ڪئي آهي، البت ڪتاب
جي پڇاڙيءَ ۾ هن لکت جي تازي صورتحال تي بحث ڪيو
ويو آهي، ۽ ڀاڃ جي مقصد سان مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪوششن
لاءِ ڪي صلاحون ۽ مشورا ڏنا آهن، پر اهي مشورا،
ڀاڃ جي جامع طريقه ڪار جي، مبهم طور به ويجهو ڪونه
ٿا وڃن.
Figure 1. Sites of the Indus Civilization
Figure 2. The Domains of the Indus
Civilization
هن ڪتاب ۾ خاص ڳالهيون هي آهن: پهرين ته هن لکت جو
بيان جنهن ۾ پٿرن تي لکيل مواد ۽ ان جو سنڌو-
سڀيتا واري دور سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپو. اهي
هڪ ٻئي سان لاڳاپيل موضوع آهن، جن جو هن ڪتاب جي
پهرين چئن بابن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ هن
لکت جي ڀاڃ جو يا لکت تي ٿيل کوجنا جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. انهيءَ جي ترتيب ڏاڍي سهڻي نموني ۽ عهد وار
رکي، اهڙيءَ ريت ڪئي وئي آهي، جهڙيءَ ريت عالمانه
طور مرتب ٿيل ڪتابن ۾ موجود هوندي آهي، ۽ اها
ڪيترن ئي سببن جي ڪري اڻپوري به ڏسجي ٿي. مثال طور
منهنجي مرضي هئي ته سي جي گوئڊ (C.J.
Gadd)
۽ سڊني سمٿ (Sidney
Smith)
جي ڪيل ڪم تي گڏي تحقيق ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مطلب
اهو ٿيندو ته سندن 1924ع ۽ 1931ع وارين ڪوششن
ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، پر هنن جي 1931ع واري تصنيف
جو اسٽيفن لئگڊن (Stephen
Langdon)
جي مقالي سان ويجهو لاڳاپو آهي، جيڪو هن، سنڌو-
لکت تي لکيو هو، ۽ ساڳيءَ تصنيف ۾ پڻ موجود آهي.
لئنگڊن جي تحقيقي ڪم کي ايل اي واڊيل (L.A.
Waddell)
جي تحقيقي ڪم (1925ع) کان آڳاٽو تسليم ڪيو ويو
آهي. هن ڏس ۾ اهم ڳالهه اها سمجهي وئي آهي ته ڪهڙي
تصنيف، مصنف جي بهتر نمائندگي ڪري ٿي، ۽ واقعن جي
تاريخوار سلسلي (Chronology)
۾، مصنف جي تحقيقي مقام جو تعين ڪري ٿي. والٽر
فيئر سروس، 1976ع ۾ سنڌو- لکت جي ڀڃڻ جو سلسلو
’الهڏني ساند واري مقام‘ مان هٿ آيل مهرن تي،
مقالي لکڻ کان پوءِ شروع ڪيو، پر ڏسجي ٿو ته هن
1922ع ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو هو، جنهن جو واسطو سنڌو-
لکت جي ڀاڃ سان آهي. مان سمجهان ٿو ته واقعن جي
تاريخوار سلسلي ۾، فيئر سروس جو صحيح دور، 1922ع
کان هئڻ کپي،ڇاڪاڻ ته اسان پهريون ڀيرو هن دور ۾
کيس سنڌو لکت جو عالم ڏسون ٿا. سنڌو- لکت تي مختلف
تحقيقن جو تعين ڪرڻ معنيٰ سنڌو- سڀيتا جي مرڪزي
دور جي تعين ڪرڻ برابر آهي ۽ اهو ئي آهي ’سنڌو-
لکت جي طريقه ڪار‘ وارو اهم زمانو.
سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي هيءَ لکت، ڪنهن خلا ۾
ڪانه سرجي، وڌي ۽ ويجهي هئي، هن لکت کي سنڌو-
سڀيتا جي تاريخي سلسلي ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ هن تهذيب
جي تاريخي پس منظرکي بيان ڪرڻ لازمي آهي. هن ڏس ۾
مون پنهنجيءَ خواهش مطابق فيصلو ڪيو آهي ته سنڌو
ماٿريءَ جي سرزمين تي موجود، ’هاري سماج‘ جو بيان
ڪرڻ ضروري آهي.
سنڌو- سڀيتا
پس منظر:
اٽڪل ٻي هزاري (millennium)
جي وچ ڌاري، سنڌو ماٿري ۽ اُن جي ڀرپاسي وارن
جابلو علائقن ۾، هڪ وڏي سڀيتا اُسري ۽ نڪري نروار
ٿي هئي (Figures
1-2)،
جنهن کي سنڌو- سڀيتا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
هيءَ سڀيتا، هتي جي ٻن مکيه شهرن، جهڙوڪ: موهن جي
دڙي (مارشل 1931 مئڪي 38-1937ع) ۽ هڙپا (وئٽس
1940ع، ميڊو 1991ع) جي آثارن جي کوٽائين مان
دريافت ٿي آهي. ان کان سواءِ هن سڀيتا سان لاڳاپيل
هڪ هزار کن ٻيا ماڳ پڻ دريافت ٿيا آهن، جيڪي اٽڪل
ڏهه لک هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهن. ان سان گڏ
سنڌو- سڀيتا بابت ڪيترائي بهترين حوالا پڻ موجود
آهن (فيئر سروس 1975ع ، آلچن 1982ع ۽ اگروال
1982ع، ص 5).
سنڌو- سڀيتا جي اهميت بابت ڪيترا ئي منجهيل سوال
موجود آهن پر ڳالهه صاف ظاهر آهي ته هن سڀيتا جي
عروج تي پهچڻ واري سلسلي ۾، هڪ اوچتي ۽ تڪڙي
تبديلي نظر اچي ٿي، جنهن جو واسطو اٽڪل 2700 (ق.م)
سان آهي (پوسيل 1990ع، شيفر 1992ع). هيءَ ڳالهه به
پڪ سان چئي سگهجي تي ته سنڌو- سڀيتا، جيڪا 2500
کان 2000 ق.م تائين انتهائي عروج تي پهتل هئي،
تنهن جو بُڻ بڻياد، ڳوٺ ٻڌي وهڻ واري ’هاري سماج‘
۽ چوپائي مال سان گڏ ’لاڏائو سانگي سماج‘ آهي.
مختلف قسمن جا سماج، ڊگهي عرصي کان وٺي پاڪستان ۽
اتر اولهه هندستان جي علائقن ۾ موجود نظر اچن ٿا.
ان کان پوءِ اسري ايندڙ سڀيتا جا ٻه وڏا شهر
جهڙوڪ: موهن جو دڙو ۽ هڙپا ۽ ٽيون چولستان جي اڻ
کوٽيل ماڳ ’گانوري والا‘ (Ganweriwala)
اُڀري آيا، جتي قديم دور جي معاشرتي ثقافتي (Socio
cultural)
گڏيل تصوير ۾ هئا. سياسي نظام جي نقطه نظر کان هتي
رياست نظر ڪانه ٿي اچي تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته
هتي جو اندروني سياسي نظام، ’ميسوپوٽئميا‘ ۽
’خاندانن واري مصر‘ کان گهڻو مختلف هو (شيفر
1982ع، فيئر سروس 1986ع، پوسيل، مواد پريس ۾ آهي).
هن سڀيتا جي سرجڻ کان اڳ وارو ڊگهو دور:
سنڌو سڀيتا، ڳوٺن جي اڏجڻ ۽ مالوند ماڻهن جي وانڍن
ٺهڻ سان شروع ٿي هئي، جنهن کي ’کاڌي خوراڪ اُپائڻ‘
جو انقلاب سڏي سگهجي ٿو. ان جو واسطو پٿر جي
پهرئين دور (Neolithic
Period)
سان هو. سڀيتائي اوسر ۾ قائم ڪيل هي هڪ نڪتو آهي،
جيڪو مختلف دورن جي تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن
کي قديم آثارن جا ماهر چڱيءَ ريت سمجهائي سگهن ٿا.
ڏکڻ اولهه ايشيا جي هن ڳوٺاڻي هاري سماج جي اهڃاڻن
کي، فيئر سروس (1956)، ڪوئيٽا ماٿريءَ جي ڪِلي گل
محمد (Kili
Gul Muhammad)
وٽ ڪيترن ئي سالن تائين قلمبند ڪندو رهيو. لوئس
ڊپري (Louis
Dapree)
نالي سندس هڪ ساٿيءَ، افعانستان جي اَڪ ڪَپروڪ (Aq
kupruk)
جي ويجهو، قديم آثارن جي ڪيترن ئي اهم ماڳن جي پڻ
کوٽائي ڪئي (ڊپري 1972ع شئفر 1978)، جنهن مان
چڱيءَ ريت پتو پئجي سگهي ٿو ته هتي جي رهاڪن،
جهنگلي جانورن کي ڌاري، گهرو جانور بنائي ڇڏيو هو،
۽ جهنگلي ٻوٽن جا ٻج هٿ ڪري انهن جي پوک به شروع
ڪئي هئائون. کوجنا جو مٿيون ڪم اڻپورو رهجي ويو،
پر پوءِ به ايتري ڄاڻ ضرور ملي ٿي ته هنن علائقن ۾
جهنگلي جانورن کي ڌاري، گهرو بنائڻ ۽ جهنگلي ٻوٽن
جا ٻج هٿ ڪري انهن جي پوکي راهي ڪرڻ وارو ڌنڌو،
هولوسين(Holocene)دور
جي ابتدائي حصي ۾ ڪيو ٿو ڀانئجي. موجوده دور ۾،
مهر ڳڙهه هڪ نهايت ئي اهم ماڳ آهي، جيڪو بولان لڪ
Bolan Pass))جي
پٽن ۾ موجود آهي (جئرج
Jarriage
1981، 1984، 1986)، جئرج ۽ ميڊو (Meadow
1980، ميڊو 1993). سنڌو- سڀيتا جي ثقافتي روايتن
کي هڪ ڊگهو تاريخي پس منظر ڪونه آهي، توڙي جو هن
موضوع تي ڪي اهم تصنيفون پڻ شايع ٿي چڪيون آهن.
منزلن ۽ مرحلن جا اهڙا سلسلا، اُن تاريخي دور جي
نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي وڌي ويجهي آخر سنڌو- سڀيتا جي
دور(
Indus Age)
جو روپ ڌاريندا ويا.
سنڌو- سڀيتا جا مرحلا ۽ منزلون (Phases
and Stages):
سنڌو دور(Indus
Age)جي
معنيٰ آهي قديم آثارن سان لاڳاپيل سائنسي تعمير،
جنهن ۾ ثقافتي مرحلن کي ٺاهڻ جوڙڻ سان واسطو هجي،
اُن سان گڏ، حقيقي قسم جي حڪومت، وڻج واپار جي
طريقي، واسطن ۽ رابطن جو ذريعو، سماجي، ثقافتي
ادارن جي موجودگي ۽ جاگرافيائي ايراضي هجي. هيءُ
مرحلو قديم آثارن سان تعلق رکندڙ ’ثقافت‘ جو قديم
نظريو آهي. موجوده دور ۾ هن لفظ کي ’علم بشريات‘ (Anthropology)
سان لاڳاپيل قديم آثارن ۾ گهٽ ڪتب آندو ويندو آهي
ڇاڪاڻ ته اسان کي پوري ڄاڻ آهي ته موجوده صورتحال
جي نقطه نگاهه کان هڪ حقيقي ثقافت جي نمائندگي ڪري
ڪانه سگهندي آهي، تنهن ڪري اها حقيقي ثقافت ۾ قديم
آثارن واري ثقافتي نئين تعمير
(Archaeological Construction)
۾ وڏو فرق آهي. ڪن حالتن ۾
قديم آثارن واري ثقافتي نئين تعمير، حقيقي ثقافت
جي بدنما ۽ بگڙيل صورت پيئي لڳندي آهي. ان سبب جي
ڪري مٿئين لفظ جي استعال ڪرڻ جو ڪو جواز ئي نه
آهي. منهنجي خيال ۾ ثقافت، ماحول مطابق ’انساني
غير حياتياتي‘ (Non
Biological)
تبديلي آهي. ثقافت جي هن قسم جي وصف کي مارڪسي
فلسفي جي اثر ڪري ۽ انساني عملي ڪارڪردگي کي وزن
کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ سبب هاڃو به رسي سگهي ٿو. تنهن
ڪري هن لفظ ،’ثقافت‘ جي وڌيڪ اطمينان بخش وصف،
’انساني محنت وسيلي تعمير‘ (Working
Construct)
ٿي سگهي ٿي.
تنهن ڪري قديم آثارن جي دستاويزن مطابق اُهي مرحلا
هنرمنديءَ ۽ ان جي مختلف طريقن جا مجموعا آهن، جن
دوران انساني سماج، انهن ڌنڌن ۽ هنرن ۾ مشغول رهيو
هجي. مرحلي جي مختصر وصف، قديم آثارن سان لاڳاپيل
شين جي پيداوار يا قديم آثارن سان لاڳاپيل شين جو
اجتماع (Archaeological
Assemblage)
آهي، جنهن ۾ ٿانو ٿپا، اوزار، هٿيار، اڏاوتون ۽
پراڻي زماني سان لاڳاپيل انساني محنت سان ٺاهيل
ٻيون شيون به اچن وڃن ٿيون. اڪثر مثالن ۾، شين جي
اهڙي ’اجتماع‘
(Assemblage)
کي لڳ ڀڳ مرحلن جي معنيٰ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو
وڌيڪ مناسب به آهي. اهڙيءَ معنيٰ ڪري گهربل حوالي
لاءِ هڪ مقرر تصور، تخليق ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي..
حقيقت ۾ جڏهن اسين سنڌو دور جي حڪومت کي شامل
ڪنداسين ته مرحلي جو مفهوم اڃا به گهڻو وسيع ۽
پيچيده ٿي ويندو (ص 6).
اهڙيءَ ريت، مرحلي کي قديم آثارن جو تاريخوار دور
به سڏي نٿو سگهجي، پوءِ اهو ’اضافي‘ (relative)
هجي يا ’مطلق‘ (absolute)،
پر پوءِ به تاريخوار دور(chronology)
کي انهن ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو. هن ’مساوات‘ (equation)
۾، آزاد قسم جون ’تغير پذير‘ (Valuables)
مشينون، پراچين اوسٿا جي ماڻهن جي هنرن سان
لاڳاپيل آهن. جڏهن ته تابع
Dependent))
قسم جون تغير پذير مشينون، جن کي قديم آثارن جا
ماهر، تحقيق ڪرڻ جي ارادي سان هِتان هُتان ميڙي
چونڊي گڏ ڪري ڦرندا آهن. اهڙيءَ ريت مرحلي کي
ابتدا ۾ ئي مقرر ڪيو ويندو آهي، پر تاريخوار دور،
تجزئي، اضافي حقيقتن ۽ شاهدين وسيلي معلوم ڪري
وٺبو آهي، جهڙوڪ: ريڊيو ڪاربان وسيلي معلوم ڪيل
دور، مختلف نمونن جا هوندا آهن، جن کي صحيح نموني
سان ڪا وصف ڏيئي نه ٿي سگهجي. اهڙن مرحلن کي سنڌو-
سڀيتا جي وسيع ايراضيءَ جي قديم آثارن جي مختلف
تهن جي ترتيب ۾ ممتاز، پر سدائين صحيح ۽ مقرر
حيثيت ڪانه هوندي آهي. هن جو مطلب اهو ٿيندو ته
سنڌو- سڀيتا جي مرحلن کي ٻن دورن جهڙوڪ: جمود ۽
تبديلي يعني ترقيءَ سان لاڳاپيل سمجهي سگهجي ٿو.
مرحلي اندر تبديل لاءِ به اختلاف راءِ موجود آهي،
۽ اهو مرحلو 700 کان وٺي 800 سال آهي، جيڪو ڏاڍو
مشڪل آهي. علم بشريات
(anthropology)
جي اصول موجب ته ڪابه ثقافت ايتري ڊگهي عرصي تائين
مڪمل طور تي هڪ جاءِ تي ڄمي بيهي نٿي سگهي. موجوده
دور ۾ جڏهن اسان وٽ سنڌو تهذيب دور جي مرحلن کي
سمجهڻ لاءِ هر ذريعو موجود آهي، تنهن هوندي به
اسان کي اهو پتو پئجي نٿو سگهي ته ان جي اڪثر
مرحلن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون آيون آهن، مثال
طور ’ٽوگائو‘
(Togau)
۾، ’ڪيچي بيگ‘ جي قديم ماڳن جي مرحلن ۾، مقامي طور
فرق موجود آهي، پر ٽوگائو جي قديم ۽ پوئين مرحلي ۾
ڪابه نمايان تبديلي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. اهڙيءَ ريت
’ڪيچي بيگ‘
(Kechi Beg)
جي قديم ۽ پوئين دور جي مرحلن ۾ به ساڳي حالت نظر
ايندي.
حقيقت ۾ مرحلا، تصوراتي اڏاوت يا معياري نمونا
هوندا آهن. مرحلي ۾ موجود، تغير يا تبديلي، هاڻي
فنا ٿي، قديم آثارن جي پنڊ پاهڻ جي هڪ نموني(type
fossil)
جي شڪل اختيار ڪري وَئي آهي. هي هڪ مثالي يا سماج
جي اوسر جي سراسري نمونو آهي، جيڪو پنهنجي نموني
جو هڪ مثالي مظهر آهي. اهي ڳالهيون، قديم آثارن جي
تحقيق سان واسطو نٿيون رکن، پر ڏکڻ ايشيا جي قديم
آثارن جي ترقيءَ جي بي مثال عڪاسي ضرور ڪن ٿيون.
اهڙين ڳالهين مان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته ڪن غلطين
کي صحيح ڪرڻ واسطي وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن
هن تهذيب جو خاڪو مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪڍيو
ويو ته مون کي اميد آهي ته قديم آثارن جي شاگردن
۾، هن قسم جي نئين تحقيق جو روح ڦوڪي سگهجي ٿو ۽
اصلاح ۽ بهتريءَ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري به آهي.
مرحلي ۽ منزل جي لفظن مان پتو پوي ٿو ته اهي اسان
جو اضافي
(relative)
۽ مطلق
(absolute)
تاريخوار سلسلي ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿا، جنهن جو،
نظر ايندڙ شيء جي خيالي وجود
(construct)
سان تعلق آهي. هيءَ ڳالهه هڪ خاص نقطه نظر کان
بلڪل صحيح آهي. جيڪڏهن خاص مرحلي سان لاڳاپيل ۽
قديم آثارن سان واسطو رکندڙ مثالي نمونو
(norm)
يا پنڊ پاهڻ جهڙو نمونو
(type fossil)تيار
ڪبو ته نظر ايندڙ شيء جو خيالي وجود(construct)
’مرحلي‘ جي بلڪل مرڪز تي ڏسڻ
۾ ايندو، جنهن جي مُنڍ ۾، پڇاڙيءَ جو پتو لڳائڻ
ڏاڍو مشڪل آهي.
سنڌو- سڀيتا ۾ منزل:
مرحلي جي هيئت جي معلومات کان پوءِ، سنڌو- سڀيتا
جي وسيع علائقي ۾ موجود قديم آثارن جي مختلف تهن
جي سلسلي ڏانهن اچبو ۽ اهو اَڀياس ڪرڻ شروع ڪبو ته
ڪهڙو مرحلو، ڪهڙي مرحلي کان اڳ ۾، ۽ ڪهڙي مرحلي جي
پڇاڙيءَ ۾ اچي ٿو. ثقافتي مرحلن جي اُسرندڙ تصور ۽
تاريخوار عهدن جي سلسلي جي تعين ڪرڻ واسطي، مرحلي
جي نهايت گهڻي اهميت آهي. مرحلن ۽ منزلن جو هِتان
هُتان ذرو پرزو ميڙي چونڊي، هڪ جائتو ڪرڻ ڪو سنئون
سڌو ۽ آسان ڪم نه آهي، پر هتي تحقيق کي منظر عام
تي آڻڻ لاءِ ائين ڪرڻ جو هڪ رواج موجود آهي. اهڙن
معاملن ۾ بار بار ويچار ڪرڻ ۽ ويچاريل ڳالهين کي
بار بار ڇڏي ڏيڻ به ضروري ٿي پوندو آهي، ۽ نظر
ايندڙ شين جو تيار ڪيل تصوراتي ماڊل جيڪو پهريائين
با معنيٰ لڳندو آهي، پر غير روايتي تجزيي ۽ تنقيد
کان پوءِ اهو بلڪل غلط پيو محسوس ٿيندو آهي. محقق
کي گهرجي ته نئين تحقيق ۽ قديم آثارن جي مختلف تهن
جي نظر ثاني کان پوءِ، ’مرحلي‘ جي وصف بيان ڪرڻ ۾،
تبديلي ۽ تغير ڪرڻ لاءِ هميشه تيار رهي. قديم
آثارن سان لاڳاپيل ثقافتي شين جا ٻه مجموعا هروڀرو
هڪ جهڙا ڪونه ٿيندا آهن. انهن شين کي ڪنهن منصوبي
مطابق پاڻ ۾ ملائي رکي سگهجي ٿو، پر اهڙي ڳالهه،
سائنس نه، پر فن هوندي.
مرحلي جي حد بندي ۽ ان سان لاڳاپيل تهن جي حيثيت
جي تعين کان پوءِ ممڪن آهي ته انهن ثقافتي مرحلن
طور اعليٰ قسم جو تصوراتي وجود سمجهيو وڃي. منزلن
واري رٿابندي، ’سنڌو- سڀيتا‘ جي دور
(Indus age)
کي ظاهر ڪري بيهاريو آهي، سا هڪ ادراڪي شيءِ آهي
جنهن جون پاڙون، والٽر فيئر سروس جي 1967ع واري
مقالي ۾ موجود آهن. معلوم ٿيندو ته شروعات ۾ ئي
منهنجي تجزئي، هيءَ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏي هئي ته
ابتدائي سنڌو- سڀيتا يا عروج تي پهتل سنڌو- سڀيتا
ايڏي ته وسيع هئي، جنهن کي هڪ ثقافتي مرحلي تائين
محدود ڪري نه ٿو سگهجي، جنهن ۾ ڪيترائي مقامي
نوعيت جا مرحلا هئا. ان سان گڏ جين فرئنڪائس جئرج
۽ ان جي ساٿين، مهر ڳڙهه جي کوٽائي ڪري، اسان کي
اهڙيون حقيقتون ٻڌايون آهن، جن مان هتي جي قديم
ڳوٺاڻي هاري ۽ مالوند سماج جو تعين ٿي وڃي ٿو.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته شهرن جي استحڪام ۽ تحفظ لاءِ
ترقيءَ جي آغاز ۽ ابتدا واسطي هڪ نڪتي جي ضرورت
هئي. اهڙيون ثابتيون مهر ڳڙ
I،
ڪِلي گل محمد
I
۽ ٻين اهڙين قديم وسندين مان ملي سگهن ٿيون (ص 7).
هاڻي هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته عروج تي پهتل
سنڌو- سڀيتا ۽ ڪلي گل محمد جي وچ واري دور جو ڪهڙي
طريقي سان تعين ڪجي؟
محمد رفيق مغل (1970ع) به تمام گهڻي کوجنا ڪئي آهي
۽ هن دور کي سنڌو- سڀيتا جو قديم دور سڏيو اٿس.
سندس اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. هن ڪوٽ ڏيجيءَ جي
قديم ماڳ تان هٿ آيل ثقافتي شين تي تمام گهڻو بحث
ڪيو آهي، پر هندستان جي قديم ماڳن جي کوٽاين مان
هٿ آيل ثقافتي شين تي هن ڪجهه به ڪونه لکيو آهي،
جن جي انهيءَ دور ۾ اڃا شروعات ئي ٿي رهي هئي.
ثقافت جي هن ابتدائي دور کي قديم سنڌو- سڀيتا سڏڻ
مان شايد سندس مراد اها آهي ته هن سڀيتا جي ان
قديم دور واري منزل
(Stage)
چئن مرحلن تي مشتمل هئي.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ڳوٺاڻي هاري سماج
۽ قديم سنڌو- سڀيتا واري زماني جي وچ تي هڪ ڊگهو
دور آهي، جيڪو شايد چار هزار سال به ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن ثقافتي منزل جو اهو هڪ ڊگهو دور آهي. اهڙو
احوال اسان مٿي ڏيئي چڪا آهيون، جنهن مطابق هن
سڀيتا جو هر قديم دور، 600 کان 700 سال ۽ هن سڀيتا
جي عروج واري منزل اٽڪل 500 سال رهي آهي.
هن اڀياس مان معلوم ٿيندو ته هن کان پوءِ هڪ ٻيءَ
منزل جي به ضرورت هئي. هڪ منزل، قديم سنڌو- سڀيتا
جي دور شروع ٿيڻ تائين هلي، جيڪا قديم ڳوٺاڻي هاري
سماج ۽ مالوندن ڀاڳين جي وانڍن ۽ وسندين کان شروع
ٿي هئي. هن کي اسان سنڌو- سڀيتا جي ٻي منزل سڏيون
ٿا. جيڪڏهن هن کي سڌريل ڳوٺاڻي هاري ۽ مالوندن جو
سماج سڏجي ته غلط ڪونه ٿيندو. ٻيءَ منزل جي
شروعاتي مرحلن بابت اسان کي مهر ڳڙهه
III
مان وڏي مدد ملي ٿي، جنهن مان اسان کي تيزيءَ سان
ڦرندڙ ’چَڪَ‘ وسيلي ٺهيل، پڪل ٺڪر جا ڳاڙها ٿانوَ
مليا آهن. هنن مان هڪ کي ٽوگائو
(Togao)
وارو مرحلو سڏجي ٿو، جنهن ۾ چَڪَ وسيلي ٺڪر جا
ٺاهيل ٿانو، هنڌين ماڳين پکڙيل نظر اچن ٿا. مهر
ڳڙهه جي هن دور ۾ ڌاتوءَ ذريعي معاش جي طريقه ڪار
جو عروج نظر اچي ٿو.
مون، هن ٻيءَ منزل کي سمجهڻ بابت اطمينان جوڳي
رٿابندي ڪئي هئي. هارين ۽ مالوندن جي سماج جي
شروعاتي منزل کان پوءِ ئي سڌريل هاري ۽ سڌريل
مالوند ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بعد ۾ سنڌو- سڀيتا ۽ هڙپا
کان اڳ واري ٽين منزل آهي. معلوم ٿيندو ته هنن
ٽنهي منزلن جو نظام بهتر ۽ بنا ڪنهن گهاريءَ جي هڪ
لڳاتار سلسلو آهي، پر هڪ ڳالهه ڪري مون کي اطمينان
نٿو ٿئي ته قديم هڙپا ۽ عروج واري هڙپا ثقافت جي
وچ واري مدي جي پاڻ ۾ ڀيٽ نه آهي، جنهن ۾ مخصوص
طرز
(Style)
۽ وقوف ۾ وسعت
(content)
بلڪل مختلف ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته
قديم هڙپا ثقافت کان جلد ئي پوءِ شهري تمدن پيدا
ڪونه ٿيو هو.
قديم ۽ سڌريل هڙپا ثقافت جي وچ واري عبوري دور کي
اسين اڃا تائين سمجهي ڪونه سگهيا آهيون، پر هنن
ٻنهي منزلن کي پاڻ ۾ چڱيءَ ريت ڳنڍڻ لاءِ هاڻي
تازو قديم آثارن جي کوٽاين مان ڪيتريون ئي ثقافتي
شيون مليون آهن (پوسيل 1993). اهڙيون ڪي ثقافتي
شيون، نوشهري (جئراج 03-200-1988)، هڙپا، ڪونيئر
(50-44-1991) ۽ غازي شاهه (فليم
Flam
1993) جي ماڳن جي کوٽائيءَ مان هٿ لڳيون آهن.
پنهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ مطابق اسان هيءَ ڳالهه به چئي
سگهون ٿا ته جين ميري ڪاسل
(Jean Marie Casal)
به آخري دور
II
کي اهڙو عبوري دور سڏيو آهي (ڪاسل 42-39-1964).
هيءَ ثقافتي جوڙ جڪ، هڪ جدا منزل جي تقاضا ڪري ٿي،
تنهن ڪري ڪيل رٿا بنديءَ ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ڪئي
وئي آهي.
تاريخوار سلسلو:
هن نڪتي تائين پهچڻ وقت، واسطيدار
(relative)
تاريخوار دور کي ’مطلق دور‘
(absolute data)
طور ڪم آڻڻ لاءِ ڌيان گهٽ ڏنو ويو آهي. مختلف
مرحلن جي وصف کي قديم آثارن جي کوٽاين مان لڌل
مختلف ثقافتي شين کي نظر ۾ رکي بيان ڪيو ويو آهي،
جن جو تعلق ماضيءَ جي ماڻهن سان آهي، ۽ انهن جي وچ
۾ زمان ۽ مڪان متعلق اضافي تاريخوار دورن (relative
chronology)
جي حد بندي ٿيل آهي. تنهن ڪري ضروري ٿي پيو هو ته
تعين ڪيل مرحلن جي ايڪاين کي لاڳاپيل مختلف تهن
سان ڳنڍيو وڃي. انهيءَ طريقي وسيلي معلوم ٿي ويو
ته تهن جي نقطه نظر کان ڪي مرحلا ٻين کان آڳاٽا ۽
ڪي (تهن جي نقطه نظر کان) پوئين دور سان لاڳاپيل
آهن، ۽ ڪي مرحلا وري پاڻ ۾ سهيوڳي به آهن. پر اهو
ڀروسي جوڳو طريقو ڪونه هو ڇاڪاڻ ته تهن سان
لاڳاپيل معلومات لاءِ معلوم مفروضي مان نتيجو ڪڍڻ
لازمي هوندو آهي، پر عام طور ائين نه ڪيو ويو آهي.
ليڪن هيءُ هڪ اهڙو ماڳ آهي جتان هڪ سٺي شروعات ڪري
سگهجي ٿي. انهيءَ مان اهو ضرور ظاهر ٿيندو ته اڳتي
وڌڻ جو سلسلو ۽ رٿابنديءَ مطابق ڪم ڪرڻ، سڌو ۽
سولو نه آهي. اهڙي تحقيق، وک پٺيان وک وڌائي، ڌيرج
سان هلڻ جي هڪ مشق هئي. ڪٿي وري پراڻن خيالن کي
ڇڏڻو ۽ نون خيالن مطابق ڪم ڪرڻو ٿي پيو، ڪڏهن وري
ماضيءَ ۾ وڃي قديم خيالن جو سهارو وٺڻو ٿي پيو، جن
جي نئين معلومات، نئين ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾
نظرثاني ڪرڻي ٿي پيئي، پر مطابق تاريخوار دور بابت
کوجنا ڪرڻ کان اڳ، قديم آثارن جي کوٽاين مان هٿ
آيل ثقافتي شين ۽ انهن سان لاڳاپيل وقت جي حد بندي
ڪرڻ ۽ مختلف شين کي لاڳاپيل دور سان ملائي بيهارڻ،
وڏي فرض شناسي جو ڪم آهي (ص8) .
تاريخوار مطلق دور(absolute
chronology)ڏانهن
اچڻ هن سلسلي جو انتهائي آخري قدم آهي. قديم آثارن
جا ماهر پنهنجن تجربن مان اهو سکي چڪا آهن ته
تاريخوار دور لاءِ ريڊيو ڪاربان جو استعمال نه صرف
سولو پر صاف ۽ سچو آهي. هن طريقي ڪتب آڻڻ سان،
قديم آثارن جي ڪيترن ئي ماڳن تي ٿيل بي قاعدگيون
پڻ ڏسڻ ۾ آيون آهن، جن مان مهر ڳڙهه ۽ ڪاليبئنگن
(Kalinbangan)
۾ ته تمام گهڻيون غلطيون نظر آيون. ڪيترن ئي اهم
آثارن، جهڙوڪ: ’انجورا‘
(Anjura)
۽ ’چانهونءَ جي دڙي‘ ۾ ريڊيو ڪاربان کي ڪتب ئي
ڪونه آندو ويو آهي. هن جو مطلب اهو ٿيندو ته اتي
تقابلي طريقي سان تاريخوار دور جو اندازو لڳايو
ويو آهي. ڪنهن مرحلي ۽ تهه جي تاريخوار دور، جو
فقط ريڊيو ڪاربان وسيلي تعين ڪرڻ ڀروسي جوڳو ڪم
ڪونه ٿيندو. ان حالت ۾ آثارن جي ماهر کي گهرجي ته
ملندڙ شاهدين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ سڀني ڳالهين کي تڪي
توري ڏسي، ان کان پوءِ ئي کيس حقيقت جي اهميت جو
سارو پتو لڳائي. اهڙي احتياط هوندي به عالمن کان
غلطيون ٿي وينديون آهن، ۽ انهن کي سچ سمجهيو ويندو
آهي. ان سان گڏ عالم، پنهنجي ٺاهيل هنر ۽ فن ۾،
غلط استدلال ۽ غلط اندازن جي ڪوڙڪيءَ ۾ به ڦاسي
پوندا آهن. سنڌو سڀيتا جي تاريخوار دورن کي هيٺ
(Table I)۾
ڏسي سگهجي ٿو.
مهر ڳڙهه جو، ٺڪر کان اڳ وارو تاريخوار دور:
مهر ڳڙهه جو پراچين ماڳ، هڪ ئي ترائيءَ ۾، هڪ کان
ٻيءَ جاءِ ڏانهن ڦرندڙ گهرندڙ (ٿرڙ) آهي، جيڪو ٻه
سو هيڪٽرس
(Hectares)
جي پکيڙ کان به مٿي ٿيندو. هن
ماڳ جي کوٽائيءَ مان لڳي ٿو ته هن ماڳ جا مختلف
تَههَ هڪ ئي طرف ڊگهيءَ ليڪ جيان سوڙها هلندا ٿا
وڃن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته هتي جا رهواسي،
ساڳئي دور ۾ هن ساري پراچين ماڳ کي والاري ڪونه
ويٺا هئا. هن ماڳ جي پهرين وسندي اتر پاسي طرف
آهي. هتي جا رهاڪو عام طور تي ضرورت مطابق ڏکڻ
ڏانهن ۽ بولان نئي جي ڪناري سان پنهنجا اجها
اڏيندا ۽ اڳتي سرڪندا رهيا آهن. اهڙيون به شاهديون
مليون آهن ته مختلف تهن تي مشتمل ٻه وسنديون (مهر
ڳڙههIA
۽
IB)
آهن. پهريون دڙو ٻه ڀيرا ڇڏيو ويو آهي. جنهن جي
ٻنهي قديم تهن
(Palaeosoles)
مٿان پاڻيءَ جي وهڪري جو لَٽ پيل آهي. هنن قديم
تهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي گهڻي وقت تائين ائين
ئي پيا رهيا آهن. مهر ڳڙهه، ڪهڙي دور ۾ وسڻ شروع
ٿيو تنهن لاءِ هن وقت ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي، پر
هن جي دور
I
جا سورنهن ريڊيو ڪاربان موجود آهن، جن مطابق اهي
انگ اکر مليا آهن
b.p 120 + 9385
کان
b.p 180+5530.
هن حساب جي اندازي موجب، 5225 ق- م بيهي ٿو.
اهڙيءَ ريت هن وسنديءَ جي کاڌي خوراڪ واري
معاشيات، ستينءَ سهس
(Seventh millennium)
دوران شروع ٿي آهي. اسان کي دور
IA
تائين جيڪي قديم تهه ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن مان چڱيءَ
ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن وسنديءَ جي
شروعات، 7000ق- م کان 6500 ق- م جي وچ تائين ممڪن
آهي (1990
Possehl،
1984:22
Jarrige).
اسان جو اندازو آهي ته مهر ڳڙهه دور
IA،
ڪلي گل محمد واري مرحلي جو سهيوڳي آهي.
مهر ڳڙهه جو اَٺڪر(Accramic)
دور، گل (Flora)۽
ٻوٽا
(Fauna):
مهر ڳڙهه دور
I
(1993
Meadow،
1984
Constantini؛
1984:32
Jarrige)
۾، اسان کي ڪچا گهر ۽ انهن ۾ چُلهيون ٺهيل ڏسڻ ۾
اچن ٿيون. ان کان سواءِ هتي پوکيل ۽ جهنگلي جنس جا
جَوَ ۽ پوکيل ڪڻڪ به ملي آهي. کوجنا مان هي به ڏس
پتو مليو آهي ته هتي ٻير
(Indian jujube)
۽ کارڪون به کاڌي طور ڪتب آنديون وينديون هيون آر.
ميڊو
(R.
Meadow)
(1984:35) جو بيان آهي ته اُنهن ماڻهن جي کاڌي
خوراڪ واري معاشيات ۾ وڏو جانور، جهڙوڪ: ڦاڙهو،
روجهه، ڪارو هرڻ
(Black buck)،
چيتل هرڻ، گڏهه، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڍڳو، سوئر ۽
هاٿي شامل ٿي چڪو هو. سندس خيال آهي ته مهر ڳڙهه
I
جي اَٺڪر
(accramic)
دور جا رهواسي، ڪاڇي واريءَ جُوءِ ۽ ڀرپاسي واري
جابلو علاقي مان، مٿيان جانور شڪار ڪري پيٽ گذر
ڪندا هئا. هن ماڳ مان مڇيءَ جا ڪنڊا ۽ پکين جا
ٿورا هڏا پڻ هٿ آيا آهن، جن مان ڀانئجي ٿو ته نئي
بولان جي وهڪري ۽ ڍنڍن ۾ موجود مڇيءَ ۽ پکيءَ
ڏانهن ايڏو ڌيان ڪونه ڏنو ويندو هو.
هڪ ٻئي کان گهڻو پري موجود قديم آثارن جي ٻن ماڳن
جي وچ ۾ هڪ جهڙائي بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ۽ خطرناڪ
ڳالهه هوندي آهي، پر اُن هوندي به اسان کي مهر ڳڙ
I،
مشرق قريب جي پوئين پٿر واري دور
B
جي اَٺڪر دور جي ياد ڏياري ٿو. هنن ٻنهي ماڳن جي
کاڌي پيتي جي اوسر جي مجموعي هڪ جهڙائيءَ کي به
جيڪڏهن قبول ڪجي ته مهر ڳڙهه، هن کنڊ ۾ اهو پهريون
ماڳ آهي، جتي اسان کي نهايت قديم دور سان لاڳاپيل
کاڌي اُپائڻ جا ڏانءَ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مثال طور مهر
ڳڙهه
I،
ناتوفيان
(Natufian)
جي ماڳ جي ابتدائي شڪاري سماج کان وڌيڪ ترقي يافته
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر سنڌو- سڀيتا ۾، افغانستان جي
غارِ مار
(Ghar-i-Mar)۽
عق ڪوپرو ڪ
(Aq Kupruk II)
کان سواءِ ڪٿي به ناتو نيان جيان قديم شڪاري يا
ڍانڍي سماج نظر ڪونه ايندو. هن مان چڱيءَ ريت
ويساهه ڪري سگهجي ٿو ته ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ بابت
گهڻي معلومات افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان مان
ملي سگهي ٿي. |